غوث پيرزادو
تاج
خاتون:
دريائي ڪنڌيءَ جو هڪ املهه ڪردار
هن جو جنم،
درياءَ ڪناري هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو هو، تنھنڪري ئي شايد سندس ڳالھين مان ڪڪوريل ٻيرن،
سرنھن
جي ڦولار
۽ چيڪي مٽيءَ جي خوشبو ايندي هئي. هن جي ٻولي، لوڪ چوڻين، تشبيھن ۽ استعارن سان ٽمٽار هوندي هئي،
جيڪا ٻولي، شاعري، ڪھاڻين
۽ ناولن
۾ ميٺاج ڀريندي
آهي.
هن جي گهراين کي پروڙي،
هڪ نئين ڪائنات کي ڏسي سگهبو هو،
توڙي جو هوءَ بلڪل اڻپڙهيل سادي ۽ اٻوجهه ڳوٺاڻي
عورت هئي، پر هن جي تخليقي سوچ کي ڏسي،
اندازو ٿي ويندو هو ته شعور
تعليم جو
محتاج ناهي. تعليم يافته ماڻھو به شعور کان وانجهيل
ٿي سگهي ٿو ۽ غير تعليم يافته ماڻھو
به باشعور ٿي سگهي ٿو. هن جو نالو تاج خاتون هو، جنھن کي ڳوٺاڻين ريتن موجب تاجل ڪري سڏيو ويندو هو،
سا سنڌ جي خوبصورت شاعر، ڪميونسٽ ۽
ليکڪ
انور پيرزادي جي گهر واري هئي. انور پيرزادو، ڀٽائي جو جيئرو جاڳندو ڪردار
هو.
تاج خاتون توڙي جو هن انقلابيءَ جي پُکي
۾ نڪتي هئي ۽ هن سان پرڻجي آئي هئي يا وري هو ٻئي
هڪٻئي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي چڪا هئا،
پر تاج جو ورتاءُ،
غير روايتي بڻجي سامھون
آيو هو. هن جي شخصيت ۾ معصوميت جا انبار هئا، هن
جي مرڪ کي لامحدود سرحدون هيون تنھنڪري ئي هن جو
آواز،
پر سوز هوندو هو.
هوءَ جهونگاريندي هئي ته رئاري وجهندي هئي، لڳندو هو
ته ڄڻ
هن جو اندر روئي رهيو هجي،
ڄڻ ڪي واهڙ وهي هليا هجن، درد جي ڪا گاج نئن اٿلي
پئي هجي، هن دريائي ڪنڌيءَ جي گمنام ڪردار جون کوڙ ساريون صفتون آهن،
جيڪي هڪ ناول جي اندر ئي قيد ڪري سگهجن ٿيون.
جڏهن
ان دور جي
آمريتي
قوتن ڏٺو ته
انور پيرزادو،
مظلوم طبقي جو سورهيه ۽ سرواڻ آهي ته پوءِ هنن اهو
به فيصلو ڪري ورتو هو ته هن کي ڊوڙائي ڊوڙائي
ايترو ته ٿڪائجي جو،
هو نه رڳو ٿڪجي پئي،
پر مايوس ٿي گهر به ويھي
رهي ۽ گڏوگڏ،
سندس گهريلو وهنوار ۽ ٻارڙن جو مستقبل ۽ عام زندگي
به
تباهه ٿي وڃي، ڇو ته
انھن جلادن کي پوريءَ ريت خبر هئي ته انور جي مشن ۽
گرمجوشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿورو حصو هو ملائيندا
ته باقي ڪسر،
هن جي گهر واري پوري ڪري ڇڏيندي،
پر هتي صورتحال ڪا ٻي هئي.
انور جي زندگيءَ
۾ ڪا عام عورت نه،
پر تاج هئي، جنھن
جي پھرين
ترجيح انور هو، ايتري تائين جو ٻار ۽ گهر به سندس
ٻي نمبر واري ترجيح ۾ شامل هئا. انور جڏهن سندس پھرين
ترجيح بڻجي ويو هو ته پوءِ ٻار ۽ گهر به سندس ان
ترجيح سان سلھاڙجي ويا هئا. تنھنڪري ئي انور انقلابي ڪم ۽ تخليقي پورهيو،
خوبصورت انداز ۾ ڪري رهيو هو يا ڪري سگهيو هو. اتي ڏورِ تاج خاتون جي هٿ ۾ هئي ته هوءَ هڪ
جينيس
کي موقعو فراهم ڪري يا کيس راهه تان هٽائڻ وارا
سمورا گُر استعمال ڪري، پر هن مائيءَ رڳو دل جي آواز کي ٻڌو ۽ اهڙو ٻڌو جو هوءَ صدين
تائين هڪ تاريخ جو ڪردار بڻجي وئي.
هن جي حصي ۾ هجرتون به هڪ عام عورت جي مقابلي ۾
وڌيڪ آيون. دربدرين جا
نشان،
هن جي چنريءَ تي ڀرت جيان ڀرجي ويا هئا، تنھنڪري
ئي کين ڪڏهن لڏو کڻي سکر ته ڪڏهن لاڙڪاڻي ته وري ڪڏهن ٻلھڙيجي يا وري ڪراچيءَ سفر ڪرڻو پوندو هو ۽ تاجل کي ان دربدريءَ جي درد کي
جسماني، روحاني ۽ دلي طور تي قبول ڪرڻو پوندو هو.
انور پيرزادي جي بيروزگاريءَ سان دوستي هئي، جنھن جو اثر، هن جي گهرواريءَ تي ٿيڻ به ضروري هو. هو ٻه مھينا روزگار سان لڳندو هو ته چار مھينا بي روزگار هوندو هو. نااهل سماج کي جڏهن هن جي ڏاهپ ۽ علم جو ادراڪ ٿي
ويندو هو ته هو سندس جهوليءَ ۾ بيروزگاريءَ جو
چھڪ وجهي ڇڏيندو هو. هو هن سماج سان
هميشه تضاد ۾ رهي،
هڪ اکٽ بيروزگاريءَ کي ڳاهيندو رهيو ۽ ڪي اهڙا
مرحلا به اچي ويندا هئا، جڏهن سندس گهر ۾ نيم فاقا
ڪشيءَ جھڙو عالم پيدا ٿي ويندو هو. هي زندگيءَ جو اهو موڙ هوندو آهي، جڏهن عورتون پٽاٽن، بصرن، اٽي ۽ لوڻ کي جواز بڻائي، زندگي جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏينديون آهن، تلخيون جنم وٺنديون آهن، ٻه ذهن ٽڪراءَ ۾ اچي ويندا
آهن ۽ ڪيترائي ذهن ناڪاره ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ
ڀريا تريا گهر تباهه ٿي ويندا آهن، اهڙين ڏکين
گهڙين ۾ به تاج ٻاڙو نه ٻوليندي هئي، ڪٺن صورتحال
۾ به هن جي گهر مان ٽھڪن جا
سُرَ وکرندا هئا.
سندن گهر،
هر وقت ٻھڪندي نظر ايندو هو. زماني جي ترشيءَ سبب،
جتي معاشي تنگدستي ڪري ٻيون کوڙ ساريون ڏکيون
گهڙيون ڀوڳڻيون پونديون آهن، اتي ٻچن جي تعليم کي جاري رکڻ به مسئلو بڻجي ويندو
آهي. پر تاجل ٻارڙن جي تعليم کي به پھرين ترجيح ۾ رکيو هو. هن کي ادراڪ ٿي ويو هو ته جيڪڏهن
انور جا ٻارڙا تعليم کي جاري نه رکي سگهيا ته اها
هڪ اسوهندڙ ڳالھه هوندي،
تنھنڪري ئي هوءَ انتھائي سائنسي انداز ۾ رٿابندي ڪندي هئي ۽ ان ڳالھه کي نظر ۾ رکندي هئي ته جيڪڏهن انور ڇھه مهينا به بيروزگار ٿي وڃي،
تڏهن به سندس ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿئي.
مائي هئي
تمام ڏاهي! ايڏيون ڀوڳنائون پوءِ به ايڏي اڏول يقين
ئي نٿو اچي ته جيڪي سٽون هينئر لکجي رهيون آهن، اهي سچ ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ پر! تاريخ ته ماڻھن جي دلين ۾ دفن ٿيل هوندي
آهي،
ان کي سٽن جي ٽيڪ جي ڪا به ضرورت نه هوندي آهي،
سو تاجل جي اڏول ڪردار جون شاهديون ته ڪراچيءَ جون
ظالم هوائون به ڏئي رهيون آهن، هن جي جدوجهد کي
هتان جا روڊ ۽ رستا به نه وساري سگهيا آهن. ڪچي جي سانوري ۽ سٻاجهڙي عورت،
ڪراچيءَ ۾ ڪراچيءَ جي ماڻھن جيان رهي ڏيکاريو. هن هر قسم جي حالتن کي قبوليندي، وقت جو جبر سھندي به اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو هو، جيڪو انساني تاريخ ۾ ڪي ٻه چار دفعا ٿيو
هوندو ته ٿيو هوندو.
هن ان حوالي سان هڪ لازوال تاريخ لکي ڇڏي.
هوءَ پنھنجي
ذات ۾ هميشه اها ڳوٺاڻي ۽ زرخيز ناري رهي، جنھن کي
پنھنجي ماضي پنھنجي
تھذيب
۽ ثقافت سان زندگيءَ جھڙو
پيار هوندو آهي. هوءَ شھر
۾ رهندي به پنھنجي ڳوٺ جي وجود سان دل جي ڌڙڪن جيان سلھاڙيل
هئي.
۽ هوءَ شھر
۽ ڳوٺ وچ ۾ ڊگهي مفاصلي جي باوجود،
رابطي ۾ رهندي خوشي محسوس ڪندي هئي، ايتري تائين
جو هوءَ انھن ٻارڙن ڏانھن به تحفا ۽ مٺايون ڏياري موڪليندي هئي،
جيڪي اڃان مس جنم وٺي،
هن ڌرتيءَ تي ايندا هئا، جڏهن ڳوٺ ۾ ڪو ٻارڙو پيدا
ٿيندو هو ته ان ڏانھن هوءَ وڏي پاٻوهه سان کنڊ ۽ خرچيون موڪليندي هئي.
هيءَ توڙي جو هڪ ننڍڙي ڳالھه
آهي،
پر اهو ٿي ظاهر ڪري ته هوءَ پنھنجي ذات ۾ ثقافتي
طور تي ڪيڏي اونھي ۽ شاهوڪار هئي، جنھن پنھنجي مٽيءَ هاڻين ريتن سان نه رڳو پيار
ٿي ڪيو، پر انھن سان نڀايو به پئي.
هن جي گهر ۾ ننگر 24 ڪلاڪ هلندو هو، جنھن
۾
نه رڳو ڳوٺ کان آيل ماڻھن جو وڏو انگ سدائين موجود رهندو هو،
پر انور پيرزادي جا انقلابي دوست پڻ وڏي پئماني تي
اچي وٽن ترسندا هئا، جن ۾ ڄام ساقيءَ کان ويندي شھيد
نظير عباسي ۽ هدايت منگيءَ تائين،
ڳوٺ جا ڪيترائي بيروزگار،
جڏهن روزگار ڳولھيندي
ڪراچيءَ جي روڊن تي پير پٿون ڪندي ٿڪ محسوس ڪندا
هئا ته کين انور پيرزادي جي گهر ۾ ئي ٿڌي پاڻيءَ
جو گلاس ۽ ٻه گرهه مانيءَ جا نصيب ٿيندا هئا، پوءِ اهو لطف، ستار، ذلف هجي، غوث پيرزادو هجي يا فدا يا مدن
ئي ڇو نه هجن، تاجل ڪڏهن به ارهائي محسوس نه
ڪرائيندي هئي شايد انڪري به جو هوءَ ان عظيم عورت
مائي عزڻ جي ڌيءَ هئي،
جنھن لاءِ اهو مشھور
هوندو
هو
ته هوءَ رشتا تخليق ڪندي آهي، هوءَ سمورن ماڻھن سان سڱ يا تعلق کي نالو ڏئي مخاطب ٿيندي هئي، اهڙيءَ ريت ڪٿي ادو لائق
انصاري ته وري ڪٿي وڏيري امام سندس ڀاڄائي بڻجي
ويندي هئي.
ڪنھن
کي سوٽ ته ڪنھن
کي پڦاٽ ۽ ماروٽ ڪري سڏيندي هئي.
اهڙيءَ
ريت پھريون
ڀيرو جڏهن تاج خاتون کي انور جي دوست قربان
پيرزادي کي ماسات سڏيندي ۽ هن کي وري ادي تاجل
سڏيندي ٻڌم ته منھنجي
اکين ۾ لڙڪ تري آيا،
ڇو ته مون کي اندازو هو ته هو هن کي ڀاڄائي ڪري
سڏيندو هوندو، پر هن انڪري ائين نه ڪيو هو جو قربان جي ماءُ تاج خاتون جي
ماءُ
کي
ڀيڻ ڪري سڏيو هو. سو تاجل، عزڻ جي محبت ۽ خلوص جو جيئرو جاڳندو مثال هئي، جنھن ڪراچيءَ جي
صنعتي شھر ۾ به پنھنجائپ ۽ محبت جا مينار جوڙيا هئا ۽ هڪ مڪمل سنڌي عورت جي روپ ۾
پاڻ کي ظاهر ڪيو هئائين.
توڙي جو تاجل هڪ گمنام ڪردار آهي، هن جي ياد ۾
ڪابه تقريب نه ٿي ٿئي، هن جي ياد ۾ ڪا تقريب ٿيڻ،
ڪنھن
به اداري جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي، ڇو ته گمنام
ڪردارن کي اهڙي ڪنھن به تقريب جي ضرورت نه ٿي هجي، ڇو ته هو ماڻھن
جي دلين تي اڪريل هوندا آهن، تنھنڪري
تاج خاتون جو معصوم ڪردار،
تاريخ جي ورقن ۾ زندهه رهندو. هن کي تاريخ وساري
نٿي سگهي. ڪير وساريندو، هن جي ان سھڻي روپ کي، جڏهن هوءَ انور پيرزادي کي لکڻ لاءِ ماحول فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ
جاکوڙيندي نظر ايندي هئي، ايتري تائين جو هن جي
سگريٽن کان وٺي،
ڪپڙن جي سلائي، ڌوٻين وٽان ڌورائي، توڙي ٻين
ضرورتن کي هوءَ پنھنجي سر پاڻ ڪندي خوشي محسوس
ڪندي هئي.
هن زماني گيريءَ جا سمورا بار،
پنھنجي تخليقڪار مڙس تي وجهڻ بدران سمورو وزن
پنھنجي مٿان وجهي ڇڏيو هو، جڳهه جي مرمت هجي،
بجليءَ جو مسئلو هجي يا وري ڪنھن ٻي رپيئرنگ جا مسئلا هجن، انھن
کي نه رڳو سمجهندي هئي،
پر انھن
کي حل ڪرڻ لاءِ به پاڻ ئي مارڪيٽ سان رابطي ۾
ايندي هئي.
هن کاهوڙڪي ڪردار جي سمورن پاسن کي ڪو به هڪ ماڻھو بيان ڪري ئي نٿو سگهي. هيءَ هڪ خوشبودار وڻ جھڙي
هئي، جيڪو وڻ ان وقت هڪدم سڙي ۽ ڪري پيو، جڏهن سندس جوان پٽ زبير اوچتو هن جي هنج مان
هليو
ويو، جنھن جي وفات تي ڦٿڪي پئي هئي، کيس ڪنڌار پٽ
۽ گهوٽ پٽ ڪري سڏيو هئائين،
پر زبير نه موٽيو.
زبير جي وفات کان
پوءِ پاڻ به گهڻو وقت نه جي سگهي.
توڙي جو هن ٻين ڏکن جيان زبير جي صدمي کي به هضم
ڪرڻ چاهيو هو، پر هي ڌڪ ڪو ٻيو هو.
هيءَ
پيڙا
اڙانگي هئي، هن سور جي صفت ڪا نرالي قسم جي هئي،
جنھن هن کان جياپو کسي ورتو هو.
زبير ئي ته هيو،
جيڪو هن جو دوست پٽ هو،
جنھن سان هن جي لونءُ ڪجهه ٻي طرح جي لڳل هئي،
جڏهن ڄائو هو ته هن ڪجهه آروچايون ڪيون هيون،
ڪجهه انگل ڪيا هئا، ايتري تائين جو سندس ٿڃ وٺڻ
کان به انڪار ڪيو هئائين ۽
پوءِ
پاڙي ۾ رهندڙ سندس ساهيڙي سدوريءَ کي وڃي زبير هنج
۾ ڏنو هئائين ته هن کي ٿڃ ڏي ۽ پوءِ
رڳو
سدوريءَ
کان ان کي ٿَڃ
ئي نه ڏياري هئائين،
پر ان کي زبير جي ماءُ چئي مخاطب ٿيندي هئي. زبير جي پھرين
پگهار مان ان مائيءَ کي ڪپڙا ۽ آسيسون ڏنيون
هئائين. زبير جي شاديءَ تي به ان کي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون هئائين. هن ڊگهي نظر
رکندڙ سچي عورت جو هي وڏو پٽ زبير ته هن جو گهرو
دوست به هو. وڏو جو هيو،
جڏهن انور کي انتھائي
مصروف زندگيءَ
سبب آزاد ڪري ڇڏيو هئائين ته زبير سندس ڍال بڻجي
ويو هو.
پنھنجي امڙ جو باوقار ڀرجهلو بڻجي پيو هو، سو جڏهن کانئس جدا ٿيو ته هن به کڻي جيئڻ کان بس ڪئي ۽ هڪ درد ڪٿا،
پنھنجي پڄاڻي تي پھتي
۽ پوءِ ٿيو ائين هيو،
جو سندس گهر وارو انور پيرزادو به کانئس ڌار ٿي ڪي
ٻه سال ئي مس جي سگهيو.
”پنھل
کان پوءِ ڪجي بس ڀنڀور کان.“

گوهر سنڌي
نظم
وڇوڙو

سالن جو طويل وڇوڙو
جڏهن هنن جي ڀيڻ
ابي، امڙ، ڀائرن سان ملڻ آئي
تڏهن هن جا خونخوار ڀائر
بيگناهه ڪاري جو الزام هڻندي
طويل سالن جي وڇوڙي کي
ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾....
ڪجهه ئي منٽن ۾.....
ڪجهه ئي گهڙين ۾.....
ڪجهه ئي پلڪن ۾.....
خونخوار ڀائر
ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو کي
ڪُھاڙين جي ڌڪن سان
ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو
ڀيڻ ۽ ڀيڻيويي جي وات مان
مٺڙي امڙ هٿن سان پوريل گيھه واري ڪُٽيءَ جا
گرهن بدران رت جا واهه وهڻ لڳا....
ڪکائون گهر رت ۾ لت پت ٿي ويو
رڙين ۽ ڪُوڪن
جا آواز
اُڀ تائين ڦھلجندي
جهڪا ٿيندا ويا.....
اماس جھڙي ڪاري رات
سانت ۾ تبديل ٿي وئي
طويل عرصي کان پوءِ آيل
هنن جي ڀيڻ....!!
ڪراڙي امڙ سان
مٺڙي امڙ سان
نه حال اوريا
نه سور سليا
نه ڏک ونڊيا
نه درد سڻايا
نه وڇوڙي جون وايون سڻايون.....
هيڏي طويل عرصي وارو وڇوڙو
چند سيڪنڊ ۾....
چند منٽن ۾....
چند گهڙين ۾....
چند پلڪن ۾....
طويل ٿي ويو
۽ ٻه ساهه ڌرتيءَ تي
ائين ڪِريا
۽ اُڏامي ويا
ڄڻ جنميائي نه هئا.



 |