|
فوزيا سنديلو
The Raven
نظم
Edgar Allen Poe
آمريڪي ليکڪ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار،
جنھن جي مکيه سڃاڻپ، هن جون مختصر ڪھاڻيون آهن، ان جو هڪ نظم
The Raven پڙهندي،
درد ۽ تڪليف
۽ اذيت
جو
احساس ٿيو. اهڙو درد،
جيڪو ڪنھن جي اوچتو وڇڙي وڃڻ سبب،
روح کي رهڙي وجهندو آهي. هي هڪ ڪھاڻي تي ٻڌل نظم
آهي.ڊسمبر جو اداس مھينو آهي. رات ٿڌي آهي. نظم جو
narrator ڪو پراڻو ڪتاب پڙھي رهيو آهي. هو دکي آهي، غمگين آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ئي وقت پھريان
هن جي پياري محبوبه لينور
Lenore
جو موت ٿيو آهي. وڇوڙي جي اذيت ڀوڳيندڙ اهو ماڻھو، ڪتاب پڙهندي، پنھنجي
بستري تي سمھي پيو آهي. فرش تي ٽانڊن جي هلڪي تپش باقي هئي. ڊسمبر
جي ان دکدائڪ رات ۾ جڏهن هن کي ننڊ جو هلڪو جهوٽو
اچي وڃي ٿو، اچانڪ دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو. هو جاڳي پوي ٿو ۽ سوچي ٿو
ته
هن وقت دروازي تي ڪير ٿي.
سگهي ٿو؟ هڪ مئل اميد، هن جي اندر جاڳي پوي ٿي.
”شايد
Lenore
هجي.“ پشم جا واڱڻائي پردا لُڏڻ
لڳن ٿا. هن تي خوف طاري ٿئي ٿو، اهڙو خوف،
جيڪو هن اڳ ڪڏھن محسوس نه ڪيو آهي. ڌڙڪندڙ دل سان
هو دروازو کولي ٿو. اتي ته ڪير به ناهي، اوندهه ۽ صرف اوندهه آهي.
darkness there and nothing more… ايڏي خاموشي، تنھائي ۽ اوندهه
آهي! هن جي چپن تي هڪ نانءُ اچي ٿو، Lenore!!
واپس ڪمري ۾ اچي ٿو، هن جو روح تڙپي رهيو آهي. دروازو ٻيھر
کڙڪي ٿو. شايد هوا جي ڪري،
هو چئي ٿو:
This is the wind and nothing more!
هو دروازو کولي ٿو، پر ٺڪ ٺڪ جو آواز ته دريءَ وٽان اچي ٿو. هو دري کولي ٿو، تنھن
مھل هڪ ڪانءُ
Raven پر ڦڙڪائيندو ڏاهپ جي ديوي اٿينا جي مجسمي مٿان ويھي رهي ٿو. هو جڏهن ڪانءَ کان ڪجهه پڇي ٿو ته اهو صرف
هڪ جواب ڏي ٿو،
nevermore ڪڏھن به نه! هو سوچي ٿو،
صبح ٿيندي ئي هي پکي به مون کي ايئن ڇڏي هليو
ويندو،
جيئن سڀ ساٿي مون کي اڪيلو ڇڏي ويا آهن. تڏھن پکي
چئي ٿو
Nevermore! ڪڏھن به نه!
هو سوچي ٿو شايد هن پکيءَ پنهنجي مالڪ کان اهو لفظ سکيو آهي،
شايد هن جو مالڪ به ڪنھن درد منجهان گذريو هجي ۽
ان ئي هن ڪانءَ کي اهو لفظ سيکاريو هجي. هو پڇيس
ٿو،
تنھنجو نالو ڇا آهي؟
ڪانءَ جواب ڏي ٿو،
Nevermore!
اهو ڪانءَ به قديم دور جو ڪانءَ پيو لڳي. ان ڪانءَ
جون باهه وانگر ٻرندڙ اکيون،
هن جي سيني اندر چڀي وڃن ٿيون. هوا ۾ خوشبو ڦھلجي
وڃي ٿي،
ڄڻ ڪنھن پرفيوم هاري هجي! هو پڇيس ٿو،
”ڇا
تون ڪو نبي آهين؟ پکي آهين يا تون ڪو شيطان آهين؟
ڀلا منھنجي
دکي آتما کي اهو ٻڌاءِ
ته مان پنھنجي
پياري
Lenore
سان مرڻ بعد جنت ۾ ملي سگهندس؟ پکي جواب ڏي ٿو.
Nevermore!
ڪڏھن به نه! اهو ٻڌي هو غصي ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڪانءَ
کي اتان هليو وڃڻ جو چوي ٿو.
”جتان
آيو آهين.
اوڏانھن هليو وڃ.
مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي!“
ڪانءَ چئي ٿو.
Nevermore!
ڪڏھن به نه!! هن کي لڳي ٿو.
هن جي آتما پکيءَ
جي پاڇي ۾ لڪي وئي آهي ۽ ڪڏھن به آزاد نه ٿي
سگهندي!!

ريحانه چنڙ
نثري نظم
بخملي خواب
منھنجا
بخملي خواب
ذهن جي وڏي پيتيءَ ۾
پئي پئي
هاڻي ته
پنھنجو رنگ به وڃائڻ لڳا آهن.
****
پشم محبت
محبت جي ڪينئي
کي تون گدرف
جو ڦوهارو ڏيئي
ڇو ٿو ختم ڪرڻ چاهين
چريا!
ان مان ئي ته
پشم جھڙي
زندگي جنم وٺندي.
****
Invisibility
منھنجا ٽھڪ اغوا ٿي ويا آهن
۽
منھنجي ننڊ کي ڪنھن مٺو زهر
ڏيئي ڇڏيو آهي
هو آهستي آهستي مري رهي آهي
منھنجا لفظ پنھنجي گريوٽي
(Gravity)
وڃائي ويٺا آهن
هو ڪنھن جي سماعتن تائين
پھچڻ کان پھريان ئي
هوا ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا
منھنجي
Visibility
هوريان هوريان
Invisibility
۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي
Invisibility
جا موت جي احساس کان
به وڌيڪ تڪليفده آهي
****

خوشبو بلوچ
چشم تر
اڄ شام ڌاري
لھندڙ سج کي مون
جڏهن گهوري ڏٺو
سج پنھنجو تاب وڃائي چڪو هو
بيوسي سندس ڪِرڻن مان ظاهر هئي
لھندي وقت ته جھڙوڪ،
هو روئي پيو هو....
ڌرتي، جيڪا
ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ لڪي وئي هئي
کيس بغير لفظن جي
خاموشيءَ سان ميار ڏئي رهي هئي ته:
مان...!
جيڪا بغير ذات پات جي
بغير تفريق جي
مري ويل ماڻھن کي...!!
محبت سان
پنھنجي جهول ۾ ڀري ڇڏيندي آهيان!
مان جيڪا....
مرده جسمن جي امانتدار آهيان....!
اڄ زنده ماڻھن کي
پنھنجي ڌرتيءَ تي
ائين ويڳاڻو ٿيندي ڏسي به....!
ڪجهه نٿي ڪري سگهان.
مان سندن ماءُ هجڻ ناتي ڏک ۾ آهيان...!
منھنجو وجود
پاڻيءَ جي صورت ۾
چشم تر آهي....!
اهڙيءَ حالت ۾ دنياوي تعلقن کي ڇڏي
سج جي تپش نه هجڻ
ڌرتيءَ جا لُڙڪ اُگهي
کيس خشڪ نه بڻائڻ تي
منھنجن ماروئڙن جو
مياري آهي....!!!
*****

ڊاڪٽر نويده ڪٽپر
غزل
ڪڏهن ڀرپور ٿي اچجان،
اندر جو نُور ٿي اچجان.
منھنجي ڌرتيءَ جي دشمن لاءِ،
سراپا سُور ٿي اچجان.
خزان آلود جيون ۾،
وڻن تي ٻُور ٿي اچجان.
نه وسري تون سگهين ڪڏهين،
پرينءَ جو پور ٿي اچجان.
وائي
توکي چاهيان پسڻ،
پر نه جي تون اچين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
خواب چاهيان اُڻڻ،
ننڊ کان تون ڀڄين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
شمع ٻاريان کڻي،
چنڊ اُڀرئي وڃين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
گل وڇائي ڇڏيان،
جي نه رستي رَسين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
ڳالھيون رنگن رچيان،
پر نه جي تون ٻڌين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
ڌيان تو ۾ ڌريان،
تون نه جيڪر ڌرين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
لک ڪيان اعتبار،
پر نه جي تون ڪرين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
عُمر ڀر انتظار،
تون نه ڪڏهن ملين،
پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟
مھرالنساءِ جويو
دعـــــا
جنھن رات بڻائي
رات مان صبح
ساجهر سجائي
تارا لِڪيا
سج ڪئي سُھائي
پکين پر پکيڙيا
ڪئي بات پياري
گل ٽڙيا ٿي وئي گلزاري
الله توهار چئي هاري هر سنڀايا
کڻي کڻي آيا ان هنبار
ڪروڙين ڪرم ڀايان
ڳُڻ تنھن مالڪ جا ٿي ڀايان ۽ ڳايان
سنڌ ڌرتي سُھاڳڻ سائي
مالڪ سائينءَ
اسان لاءِ هيءَ
ممتا بڻائي هنج تنھنجي ۾
پرورش اسان آ پاتي
سنڌونديءَ جو آبِ حيات پي
زندگي آ پاتي
جيءُ جيءُ جيجل
تنھنجا ٿورا
ڪيئن مان لاهيان
منھنجي زندگي سڄي تولاءِ
مان ته سوَ سوَ ڀيرا سر تو
مٿان واريان
شال مالڪُ سائين
توکي سلامت رکي
قيامت تائين
”مھر“ بدنظري کان رکي توکي
الله سائين دَر اها آهي دعا
شل خوشحال رهين سدائين
مھراڻ موجن ۾ وهي تار تائين
اُڃايل نه ڏسان ڪوئي مان
ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي نگريءَ تي
اچي نه سگهندي ڪا اوڻائي.
عين سحر
غزل
سُرهي سُرهي سار کڻي اچ!
پيارا پنھنجا پيار کڻي اچ!
تنھنجي مرضيءَ تي ماٺ ڪئي مون،
پيار ڀريا اظھار کڻي اچ!
منھنجا خواب سڀئي گلڙن جھڙا،
تعبيرن جا هار کڻي اچ!
اجرا اجرا احساس رکان ٿي!
اهڙا تون ويچار کڻي اچ!
پيار ڪري ٿي راهه تڪي ٿي،
”عيني“ لءِ اقرار کڻي اچ!
چوسٽا
رني آهي اياڻي دل،
بڻي آهي ڪھاڻي دل،
رُٺل هن قربتون ساريون،
اڪيلي آ نماڻي دل.
***
زندگي
سور ۾ آ گذر ٿي وئي زندگي،
ڇا هئي پوءِ ڇا ٿي وئي زندگي.
ڪين ڪا سڌ پئي ڪنھن پھر جي”سحر“،
ٿا چون ناخدا، جِي وئي زندگي.
رياضت ٻرڙو
غزل
زندگي سان ملي، ڪٿي نه ڪٿي،
هوءَ ڪيڏو کِلي، ڪٿي نه ڪٿي!
راهه ۾ ڪيترا هئا پٿر!
پوءِ به اڳتي وڌي، ڪٿي نه ڪٿي!
ويٺي ويٺي خيال جي کٽ تي،
پار پھتي وڃي، ڪٿي نه ڪٿي!
آسرن جي عجيب دنيا ۾،
روشني آ لٿي، ڪٿي نه ڪٿي!
مُنھن ڏسڻ کان به ڏُور ٿيا ناتا،
ايتري پئي وِٿي، ڪٿي نه ڪٿي!
ڀروسي جي ٽُٽي پوڻ سان ئي،
هٿ ڇڏائي وئي، ڪٿي نه ڪٿي!
دوست ٻي راهه تي ويو هيڪل،
دوستي آ ٽُٽي، ڪٿي نه ڪٿي!
عشق جي آسمان ۾ ڌرتي،
چنڊ سان وئي، ڪٿي نه ڪٿي!
ڌڙڪنن ۾ سمائجي آ وئي،
درد جي دل لڳي، ڪٿي نه ڪٿي!
محبتن جي سفر تي هَلُ ”رياضت“!
نفرتن کي ڪڍي، ڪٿي نه ڪٿي!
وائي
ڪاوڙ کي ڪجهه مار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
مٺڙيون کٽڙيون لوليون،
ٻُڌندي ٻُڌندي گهار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
ٻارن جي ٻاري اڳيان،
تون به ته مشعل ٻار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
ٽھڪن ۾ هِن ٽھڪڙا،
هينئون تن سين ٺار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
اکڙين جي اکٻوٽ ۾،
ساروڻيون ڪي سار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
کيڏوڻي جي کيڏ ۾،
جيڪر اڄ تون هار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.
من من ۾ ڪو مير آ،
”رياضت“ پاڻ اجار!
ٻارن کي کيڏڻ ته ڏي.


 |