سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر-آڪٽوبر 2025ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

 

 

 

 

ابراهيم منشيءَ جي عوامي

شاعريءَ جو جائزو (1934- 2003ع)

 

ابراهيم مـُـنشي، سنڌ جي ناميارن عوامي شاعرن مان هڪ آهي. هو ذات جو سومرو هو. هن 15هين جنوري 1934ع تي ڳوٺ جــِـنھاڻ سومري ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد ڪـُـڙمت ڪندو هو. هو هڪ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو. غربت جي حالتن ۾ پنھنجي پٽ کي مدرسي ۾ پڙهايائين. والد جي سـُـتت وفات کان پوءِ ابراهيم منشيءَ کي پنھنجي تعليم اَڌ ۾ ڇڏي، ننڍڙيءَ وَهيءَ ۾ خاندان جو بار ڪـُـلهن تي کڻڻو پيو. شاعري، ابراهيم کي ورثي ۾ ملي. زندگيءَ جا سور سختيون، هن ذاتي مشاهدي ۾ ڏٺا. اهڙيءَ طرح عوام جو اهنج، پنھنجي سيني جي سور جيان محسوس ڪيائين ۽ شعور جي اظھار سان، سجاڳيءَ جي رستي تي هلڻ ۾ ان کان آجپي جي صورت محسوس ڪيائين. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا شاعر به آهن، جن انتھائي غربت وارين حالتن ۾ رهڻ جي باوجود، پنھنجي فن ۽ فڪر جي شاهوڪاريءَ سان ادب ۽ سماج کي سيراب ڪيو.

هندستان بلڪِه ايشيا جو مشھور شاعر ڪبير هڪ پيڃارو هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن طبقاتي فرق جي شڪار عوام لاءِ شاعري ڪئي. ڪبير جي ڀڳتي تحريڪ کي ڦھلائڻ واري جدوجھد ۾ ڪبير ۽ سندس ساٿي هيٺيين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ هئا. شاهه ڀٽائيءَ شھزادي هجڻ باوجود مظلوم ۽ محروم طبقي جي نمائندگي ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ابراهيم منشي به ان ساڳي فڪر جو تسلسل آهي، جنھن انھن ساڳين طبقاتي حالتن ۾ رهي شاعري ڪئي، پنھنجي لافاني فن کي دنيا تائين پھچايو.

 

ابراهيم منشي پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ ”پيغامِ مظلوم 1970ع“ ۾ ڇپيو، جيڪو سندس پھريون مجموعو هو. ”وَڳھه جا وَريام“ 1971ع، ”گوندر ويندا گذري“ 1985ع (ان جو مھاڳ محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو)، ”ڌرتي دين ڌرم“ 1992ع، ”ڌونري ڏينھن ڌاڙا“ ۽ ”اکر اکر اک“ 2006ع ۾ ڇپيو. ابراهيم منشيءَ جي سموري شاعري، تقريباً ڌرتيءَ، طبقاتي جدوجھد، مزاحمت، هاريءَ جي حقن، مظلوم جي حقن، عورتن سان ڏاڍائين ۽ عوامي معاملن تي ٿيل آهي. سندس ڪيترا ئي انقلابي گيت مختلف سياسي تنظيمن پاران جدجھد دوران تمام گهڻا مقبول ٿيا. ”جهنڊا کڻو، نعرا هڻو، وِڙهندا هلو، رِڙهندا هلو!“ ۽ ٻيا ڪافي انقلابي گيت، ڪيترن ئي گلوڪارن ڳايا آهن، جن ۾ جيجي زرينا بلوچ جو ڳايل گيت، جنگ جنگ جنگ آ! منھنجي تو سان جنگ آ!“، سرمد سنڌيءَ جا ڳايل ”تون ڪالهه به هئين ارغونن سان!“؛ ”اي سنڌ امان!“ ۽ ”ڪــَـتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين، سرنھن پيلا جهليندي گل، تڏهن کيتن ۾ ملنداسين!“ شامل آهن. اهڙيءَ طرح سندس ٻيا به ڌرتيءَ ۽ عوام متعلق ڪيترا ئي گيت ڳاتا ويا آهن. منشيءَ جي شاعري، ترقي پسنديءَ جي سمورن بنيادي نـُـڪتن کي پورو ڪندڙ آهي. هر هڪ نڪتي تي  ڪيترا ئي نظم، بيت ۽ وايون آهن. حقيقت ۾ ته هي انھن شاعرن منجهان آهي، جن جي فن، فڪر، زندگيءَ، جدوجھد ۽ ڪمن تي جدا پي ايڇ- ڊي ڪرڻ جي گهرج آهي. سندس شاعري جيتري مزاحمت سان ڀريل آهي ته ان تي هڪ جدا مقالو هجڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح جيئن ڌرتيءَ متعلق ڪلام پڻ هڪ جدا موضوع ۾ بيان ڪرڻ جھڙو آهي. مون ڪوشش ڪري سندس ڪلام مان هر هڪ فڪر/نڪتي کي ظاهر ڪندڙ نظمن جي چونڊ، صرف مثال بيان ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي .

اسان سنڌ تي صدين کان وٺي، ڌارين جي ٿيندڙ يلغار ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جو اظھار ڪندا رهيا آهيون، جيڪو ڌرتيءَ ڌڻين جو حق به آهي، پر ساڳيءَ جاءِ تي مير جعفر جھڙا به ڪيترا ئي ڪردار، سماج ۾ موجود هوندا. ديس جا اهي غدار ماڻھو، جيڪي هڪ ڌرتيءَ جا هوندي به عوام لاءِ ڌارين کان وڌ هوندا آهن، جن ۾ جاگيردار، وڏيرا، مير ۽ سماج جا اهي موقعي پرست ماڻھو، جيڪي ذاتي مفادن خاطر ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ ۽ وطن پرستيءَ جي جذبن جي لتاڙ ڪري، وقتي فائدا حاصل ڪندا آهن. هن نظم ۾ منشيءَ اهڙن ئي ڌرتيءَ جي منافقن جو ذڪر ڪيو آهي، جن لاءِ اُردوءَ ۾ چوڻي آهي، ”آستين ڪا سانپ!“ ان گيت جا ڪـُـل پنج بند آهن. مثال طور هت ٻه بند ڏجن ٿا:

مون پڪ سـُـڃاتا پنھنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏَسيائون ويرين کي، ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾.

سي ماروئڙن کي ماري ماري مال مـَـڏيون سڀ ميڙي ويا،

۽ کيت کــَـرا سڀ کاهڙ جا هـُـو کوٽا کوٽي کيڙي ويا.

سي وقت کان اڳ ۾ وانگيئڙن کي واچوڙي جيئن ويڙهي ويا،

سي رهزن راتو رات اچي ڪيئن راڄ وِجهي ويا راڙي ۾؟

اڄ ڌارين کي ڏس ڌار ڪرڻ لئه، ڌرتي ڌُوڻي ڌِڱ اُٿيا،

اڄ لال لکين لڄ پال کڻي، ڪي لوهن جھڙا لـِـڱ اُٿيا،

اڄ سورهيه ساري سنڌ منجهان، کڻي سانن جھڙا سڱ اُٿيا،

سي مـُـرڪي مرندا ماريندا، ايندو مھندا جو به مماڙي ۾.

(گوندر ويندا گذري- ص: 52)

مٿئين نظم ۾ ناقص ماڻھن جي ڪرتوتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ان ساڳي تصور کي مـُـنشيءَ هن ريت به بيان ڪيو آهي.

جي تو ڀائر ڀانئيا، سي ڌارين سان ڌوڙي،

وِهُه اُنھن جي وات ۾، نانگ نه ڀانءِ نوڙي،

اِن کـِـپر کاڌا ڪيترا گــَـرد گاروڙي،

ڪو کپي کاهوڙي، جو چيلا گـُـرُو چٽ ڪري.

(گوندر ويندا گذري- ص: 157)

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابراهيم مـُـنشي سچ جو ساٿاري شاعر هو. هن پنھنجي فڪر ۽ فن کي عوامي انداز ۾ پيش ڪري نه رڳو عوام جو آواز بڻايو بلڪِه هـُـن پنھنجي فن ذريعي مصلحت پسندي ڪري ڪڏهن به فائدا حاصل نه ڪيا. اها ئي پنھنجي فن ۽ فڪر سان سچائي آهي. جاگيردارن ۽ ميرن کي سنئون سڌو، روشنيءَ جو آئينو ڏيکاري ٿو. پنجن بندن جي ان نظم جو هڪ بند، نموني طور پيش ڪجي ٿو:

وَڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا، وزيرن جا،

هزارين ظلم هت آهن، ڪي ميرن جا، ڪي پيرن جا!

نئون نت روز هت نعرو، نئين نت روز غداري،

نئون دولاب، نئون دوکو، نئين نت مڪر مڪاري،

فريبي چال نت نئين ۽ اَٻوجهن ساڻ عياري،

صبوح ۽ شام سانگين تي، ستم سرمائيدارن جا.

چڙهي هن ملڪ جون وييون، وري واڳڻ جي وَرِ واڳون،

ملي هن قوم کي هڪ ڪوڙ جو لـُـقمو جڏهن جاڳون،

وري ساڳيا پراڻا سي، ٻڌي پاپي ويھن ٿا پاڳون،

رَچن ٿا سانگ نت نت ڏس، غريبن تي غدارن جا.

جي پنھنجي ٻولي هت ٻوليون، لڳن ٿا گـُـرز ۽ گوليون،

ڪريون جي ڳالھه حق جي هت، ڀريون جيلن سنديون کوليون،

اُٿو اي سنڌ جا سانگي! ٺاهي ٽانڊن جھڙيون ٽوليون،

ڪريون قـُـوت سان پنھنجي، منھن ڪارا هت مڪارن جا!

نه مٽ دنيا ۾ تنھن ثاني، ڏني جنھن قوم قرباني،

گهري ٿي گهوٽ آزادي، مٿن جي يار مھماني،

ڪفن سر سان ٻڌي لاهيو، جڪڙ جيجل مٿان جاني،

گذارين ٻار ڪين ڪڏهين، غلاميءَ ۾ غيورن جا.

وري اڄ قوم کي نئين جنگ لئه جاڳو ۽ جاڳايو،

اٽل رک عزم اندر ۾ پتنگ ٿي پير پڙ پايو،

جيئون آزاد ٿي جڳ ۾، يا ’منشي‘ موت سرمايو،

لڙي سڀ لوڪ تان لاهيون هيڏا هاڃا هچارن جا.

هي بيباڪ ۽ بـَـرجـُـستو شاعر، ڪنھن رَک رَکاڻ کان سواءِ نه رڳو پاڻ حق ۽ سچ جي ڳالهه چوي ٿو بلڪِ سندس اهو اُصول بڻايل آهي ته ڪنھن غلط انتظام يا ڪنھن به زورآور جي زورآوري ناهي هلڻي. خاص طور تي جمھوري حقن جي پاسداريءَ جي جڏهن ڳالهه اچي ٿي ته پوءِ ڪنھن به سمجهوتي يا سوديبازيءَ جي صورت قبول ناهي. خراب سماج کان ۽ اَڌُوري زندگي گذارڻ کان قطعي انڪار آهي. سامراجي قوتن جي تبديل ٿيڻ ۽ عوامي طاقت جي اُڀرڻ جو وقت آهي.

اسان انقلابي، اسان انقلابي،

ٿي مجبور حملا ڪنداسون جوابي.

 

سـَـٺاسون سوين سـِـر تي قانون ڪارا،

اچي تنگ، ڪرڻ جنگ، سکي ويا هي سارا،

ٿيا جڏهن ظالم جا مظلوم مارا،

رهي ڪٿ نه سگهيا پوءِ رهزن ربابي.

 

ٻڌي ڇڏ ڪروڙن ٻاٻاڻن جي ٻولي،

ڀلي چاڙهه سوري، ڀلي مار گولي،

نه رهندي هتي سامراجين جي ٽولي،

آهي ختم ڪرڻي هي ساري خرابي.

 

نه سھندا هي سانگي ستم سامراجي،

پراڻا فريب ۽ هي رسمون رواجي،

گهرون ٿا گهرون ٿا صحيح حق سماجي،

نه گهرجن مھاجر، پٺاڻ ۽ پنجابي.

 

وڏيرو هي ظالم وڏيرو نه گهرجي،

ڪامورو هي ظالم ڪامورو نه گهرجي،

غلط انتظام هي سمورو نه گهرجي،

نه هلندي ڪنھن زردار جي هت نوابي.

 

ڪنداسون نه برداشت بد انتظامي،

اُٿي آگ ڀڙڪي آ اڄ انتقامي،

حڪومت ڪبي هت حقيقي عوامي،

ڇڏينداسون ٽوڙي غلط حد حسابي.

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 19)

اها حقيقت آهي ته نوجوان طبقو، جتي گهڻو جذباتي، اَرڏو ۽ Potencial هوندو آهي، اُتي جيڪڏهن سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ آهي ته اهو ئي طبقو ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جي وڏي طاقت هوندو آهي. نوجوان جوشيلا به ٿين ٿا. ابراهيم منشيءَ پنھنجي ڦـُـوهه جوانيءَ واري دور ۾ ون يونٽ ڏٺو.

واڳون وات وفاق ڪيئن ڳھي پيو قوم کي،

ساري چـَـٽي سنڌ تي، خنزيرن خوراڪ،

ٿاڻو بنا ڏيئي ٿاڪ ڪڏهن لھندي قوم هي.

هي اُهي نوجوان هئا، جن پنھنجي فن ذريعي عوام کي قومي تشخص، حقِ خوداراديت ۽ آزاديءَ سان جيئڻ جھڙين نعمتن کان آگاهه ڪيو. ون يونٽ جي نقصانن ۽ ڏکيائين کان عوام کي شعور ڏنو:

رهواسين کي روڳ ڏهاڻي ڏُٻرو ڪري،

رس وفاقي وات ۾ ڦٽو ڪيائين ڦوڳ،

ڪيڏا ڪونڌر قوم جا ديڳين چڙهيا دوڳ،

ڀاڳيا ڀائن ڀوڳ، سوڙهي ٿئي پئي سنڌڙي،

ان ساڳي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مامرو اُٿيو. ابراهيم منشي، ترقي پسند لڏي سان گڏ هو. هيءُ اُهو دور هو، جڏهن سنڌي شاگردن جون سموريون پارٽيون قومي مفادن واري مامري تي هڪ هيون. ابراهيم مـُـنشيءَ جا گيت، ترانن وانگر شاگرد ڳائيندا هئا. شاگردن جي طاقت جمع ڪرڻي هجي، هارين جي قوت جو مظاهرو ڪرڻو هجي يا ڪو عوامي ميڙو هجي، هر موقعي لاءِ سندس گيت جوش ۽ وَلوَلي سان گڏ، شعور، ساڃھه ۽ هڪ نئون جذبو ۽ اُمنگ ڀريندڙ هوندا هئا.

ڪيسين سھندين سور او ساٿي! ڪيسين سھندين سور،

گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهاءُ نئون ۽ وِک وِک تي وهلور.

 

ڏيھه سڄي ۾ ڇيڙيل ڏينڀو ڏيھه ڌڻين کي ڏنگ هڻن،

وِک وِک تي ويڙهيچن کي واريو ڦيريو وَنگ وِجهن،

سورن ماريل سانگيئڙن جا چوڏس ٻڌ پيا چنگ چرن،

پنھنجي گهر ۾ مرضن ماريل ماروئڙا مجبور او ساٿي!!!

 

خون اسان جو پيئندي پيئندي پاپين ڪيڙا پيٽ وڏا،

ڳڙڪائي ويا ظالم ڪيئي مظلومن جا ماس هڏا،

زر زمين جا مالڪ بنجي ويٺا ٺاهي عيش اَڏا،

مـُـھر زبان تي ماروئڙن جي، ناهي ڪـُـڇڻ دستور او ساٿي!

 

هتي هلن پيا ڪئين هزارين ون يونٽ جا واپاري،

آڙ وٺي اسلام سندي، غدار ڪندا هي غداري،

وري ڪندا نيلام نئون، هي پيسي جا هن پوڄاري،

متان ڙي وانگي وڃين نه وِڪجي، دوکي کان رهه دور او ساٿي!

 

جاڳي پيا پٽ جيجل جا اڄ جاڳي پيا جانباز ڪئين،

پر مارن جا پير نه کپندا، شاهي وريا شھباز ڪئين،

سوري کي سي سيج ٿا سمجهن اچن ڪريو نت ناز ڪئين،

ڪھڙا چاڙهي چاڙهيندين تون ملڪ سڄو منصور او ساٿي!

 

اچو ته ’مـُـنشي‘ متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،

ظلم سندا زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنھنجي ٻاريون ڙي،

سر رکي سانڌاڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي،

وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دور او ساٿي!

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 21)

عوام کي ماضيءَ جي سورهين جا مثال ڏئي، سندس قومي جذبي ۽ وطن پرستيءَ واري احساس کي نئين سر جاڳائڻ جو سـَـندرو ٻڌي بيٺو آهي. ڪو ائين نه سمجهي ته منصور جي سوريءَ تي چڙهڻ کان پوءِ اهو باب ختم ٿي ويو. منصور ته سوريءَ کي سيج بڻائي، عزم، حوصلي، قربانيءَ، حق، سچ ۽ انسانيت جي عظمت جا ڪيترا ئي نوان باب کولي ويو. هاڻي ايندڙ نسلن مان نسرندڙ نون سـَـلن جي اُڀرڻ جو وقت آهي ۽ حق جي شمع جي پروانن / پتنگن جي جاڳڻ جو وقت آهي. سر گهوريندڙ جانباز ٿورا ۽ سر وڍيندڙ چالباز گهڻا آهن. انڪري هر دور ۾ جتي چالباز سوريون تيار ڪري بيٺا هوندا، اُتي جڏهن نوان نوان جانباز اُڀرندا، اُتي سندن ڪـُـوڙ، ڪـُـپت ۽ ڪوٽ به ڪنبي ويندا.

نوان مقتل نيون سوريون، نوان منصور ميدان ۾،

ڪنبن پيا ڪوٽ ڪانئر جا، ڏسي ڪي ميدان ۾.

 

مٽن جا کول منھن موکي، متارا موج ۾ آهن،

اَڏيءَ تي سر رکي آيا، مڙي ميخوار ميدا ميخان ۾.

 

قبولي ڪنڌ جي آيا، ڪندو ڇا تن ڪڙو قاتل،

ڊيڄارين موت جنھن کان سو، اسان جي ناهه امڪان ۾.

 

هنن جي هاڪ هر هنڌ آ، اهي سرواڻ سنڌوءَ جا،

هنن رُخ موڙيا ڪيئي، ته تقديرن جا طوفان ۾.

 

تنھنجا زنجير اي ظالم، ڀڄي سڀ ڀور ٿي ويندا،

نه ”منشي“ رات هي رهندي، ٿا ڏسجن گهوٽ گهمسان ۾.

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 36)

ابراهيم منشي، عوامي شاعر طور مشھور هو. ڇاڪاڻ ته سندس سمورو فن، ڌرتيءَ ۽ عوام جي اُن پيڙا جو داستان آهي، جيڪو هن اکئين ڏٺو، لڱين سـَـٺو ۽ دل تي کنيو. ان ساڳيءَ صورتحال متعلق سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو ”گوندر ويندا گذري“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”پنجاهه، سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن واري عرصي ۾ وطن دوست ۽ قوم شناس ادب جي جيڪا نئين لھر، اسان وٽ آئي، اُن ۾ اسان جي شاعرن ۽ اسان جي نثر نويسن ڇيھه ڪري ڇڏيا. سندن سڄو ڪم، هڪ ئي احساس سان واسيل هوندو آهي. پنھنجن ماڻھن جي محبت سان، انھيءَ سچائيءَ ۽ انصاف ۾ پختي يقين سان ته ظلم جو موجود چڪر ختم ٿيڻ تي آهي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسان، هڪ نئين انقلابي رهت چاهي ٿو. انھيءَ پڪي ۽ سرگرم ارادي سان ئي ته هو پنھنجي تخليق ڪاريءَ وسيلي، پنھنجي ڏُتڙيل ۽ محڪوم سماج جي ان مقصد جي تڪميل ڪندا.“ (ص: 17،18)

ابراهيم منشي هڪ اهڙو کاهوڙي آهي، جنھن لاءِ ڌرتي دين ڌرم آهي. هو جڏهن ان ڌرتيءَ جي حق لاءِ قلم کڻي ٿو ته ڄڻ پنھنجي دين ڌرم سان وفا نڀائي ٿو. ڌرتيءَ سان پيار کي عبادت جو درجو ڏئي ٿو. اسان جا ٻيا شاعر مثال طور، تنوير عباسي پڻ ساڳي خيال جو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن دل جي سچائيءَ سان سرجيل سٽون، عوام جي دلين تائين پھچن ٿيون. سندن اهڙي تبليغ عوام ۾ وطن پرستيءَ واري جذبي کي توانو ڪري ٿي ۽ نوجوان طبقي ۾ نئون ولولو، هڪ نئون وَچن وَرجائڻ لاءِ قومي جذبي جو روح ڦوڪي ٿي.

ڌرتي دين ڌرم، ڌرتي دين ڌرم،

ڌرتي ڪعبو، ڌرتي ڪاشي، ڌرتي ديرو حرم،

ڌرتي دين ڌرم.

دين ڌرم سڀ ڌرتيءَ ڄايا، ڌرتي آهي اُتم،

انسانن جي آجائيءَ جو، آهي ڀونءَ ڀرم،

ڌرتي دين ڌرم.

سنڌ ڌرتيءَ ڏانھن ميري من کي، ڀاڳيا ڪن ڀسم،

کاهڙ ساري کنھان کوندا، کن نه ڪن سي کم،

ڌرتي دين ڌرم.

ڀريا تريا درياهه هن ۾، بڻيل باغ اِرم،

ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون جنھن جون، شام وسي شبنم،

ڌرتي دين ڌرم.

شاهه، بلاول، دودا، هوشو، ڌرتيءَ ڄايا ڄم،

سوگنڌ ساٿ سچو سنڌوءَ سان ڪوڙو ڪن نه قسم،

ڌرتي دين ڌرم.

هن ڌرتيءَ جي هر بانڪي جا بازو آهن بم،

رُڪ پگهاري راڻن ڇڏيا گڙي ٿيا جي گرم،

ڌرتي دين ڌرم.

مٽيءَ سان آ محنت جائز، شرعاً ڪھڙو شرم،

سنڌ وطن لئه تيسين وڙهبو، جيسين دم ۾ دم،

ڌرتي دين ڌرم.

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 82)

پوڙهي جهور هي ورهن کان ڏس، ويٺي روئي لاڪب ۾،

رويو رڙيو لڙڪن سان ٿي، منھنڙو ڌوئي لاڪب ۾.

 

آدم سنڀري حوا به سنڀري، سنڀري نوح طوفان،

چڳن ۾ چيڙون لٽا به ليڙون، جھڙي ڪر بي جان،

مرضن ماريل ڏکڙن ڌاريل، هلڻ ڪنا حيران،

ايندن ويندن چوري چپڙا، ڪجهه پئي چوءِ لاڪب ۾....!!

 

پڇيم ڪنھن جي ڄائي آهين، ڪھڙي ڏوهه ۾ آئي آهين،

ڪين سڃاپي تون ته سگهين ٿي، دائي آهين، ٻائي آهين،

رت رُئين ٿي جڳ جئين ٿي، تون ڪا شاهه جي وائي آهين،

هوريان هوريان هڪڙي نڪتي، هوءِ هوءِ لاڪب ۾....!!

 

جهڄندي جهرندي جهٽ پٽ مون سان، جهونگر ڪئي هي جهانگياڻي،

ڪڏهن مان به هئس مٺڙا ملڪ سڄي جي مھا راڻي،

پنھنجن مون کي پاتو آهي، ڄيري هن ۾ ڄاڻي واڻي،

پڇتائيندا رهيا آخر، پاڻ به پوءِ لاڪب ۾....!!

 

مون ۾ سھڻي واري سچائي، مون ۾ نوريءَ وارو نياز،

سسئيءَ وارا سور به مون ۾، مون ۾ مومل جو ته مجاز،

منھنجو سچل سامي سانوڻ، منھنجو ڀٽ ڌڻي آواز،

مان خود مارئي، اڄ آ منھنجي لڄ ۽ لوءِ لاڪب ۾....!!

 

مون ته وراڻيو تنھنجا هاڻي جاڳيا ’منشي‘ پٽ جواڻ،

هوشو، حيدر، بلو، صادق جن جا سر مٿي سانداڻ،

دودا، ننگر، ڀونگر جاڳيا، هاڻ ڪڍين ڇو ڪنھن جي ڪاڻ،

سڻيو ڳالھيون سرهي ٿئي پئي، پرڙا سوءِ لاڪب ۾....!!

(ڌرتي دين ڌرم- ص: 45)

ٺوڙهي ڦاٽڪ تي 17هين آڪٽوبر 1984ع تي ٿيل واقعي ۾ ڪيترا ئي نوجوان رَت ۾ رَڱجي ويا. تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملندا، جتي سياسي مصلحت پرستيءَ جو شڪار ڪيترا ئي نوجوان ٿيا. مخدوم بلاول کان وٺي، جيڪڏهن تاريخ لکي وڃي ته ان جو انگ هزارن ۾ ٿيندو. جهوڪ شريف واري مامري ۾ 25 هزار ماڻھو شھيد ٿيا، پر انھن جو تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونھي. حر تحريڪ ۾ به ڪيترائي نوجوان، ٻار، ٻڍا ۽ عورتون اجل جو شڪار بڻايا ويا. ڪا تاريخ ناهي. اهڙيءَ طرح ڪيترا ئي واقعا آهن، جيڪي رڳو شاعرن ۽ اديبن جي لکڻين ۾ ته آهن، پر تاريخ ۾ انھن جو نانءُ نشان ناهي. ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن/اَسيرن تي اُن دور جي گهڻن ئي شاعرن پنھنجو قلم وَهايو ۽ يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيائون، اِن اُميد سان ته جيئن تاريخ ۾ ڪٿي اهو واقعو شامل ٿي وڃي. ان واقعي متعلق ڪافي شاعريءَ کي فنڪارن ڳائي مشھور به ڪيو. هڪ گيت سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ گهڻو مشھور ٿيو، جنھن جا ٻول هئا، ”17هين آڪٽوبر جو واقعو، پٿريلو، سنسان علائقو.“

ساڻيھه منجهان سڏ، اچن ٿا اُتاولا،

هيڪر هيڪاند ٿيو، جيڪي هڏهين هڏ،

سندا مارن هڏ، وري ويرين وات ۾....!!

 

ڪيڏي آهي ڪوڪ، ويڙهيچن ولھار ۾،

بيگانا بي ڪفنا، مرن روز ملوڪ،

ڏمر ڏاڍ ۽ ڏک جي، هنڌين ماڳين هوڪ،

سانگين ساڻ سلوڪ، ڦاسيون، ڦاهيون، ڦٽڪا....!!

 

ڏاهن ماڻھن ڏيھه کي، ڏني ڪيڏي ڏات،

پاڻ سدائين پنڌ ۾، رهيا ويريءَ وات،

اسين اک نه پوريئون، جيسين رهي رات،

ويھي وِهائي رات، جوت ڏنائون جڳ کي....!!

 

ٺوڙهيءَ منجهه ٺڪاءَ، منھنجو ڏِيل ڏهيون ٿيو،

جوڳي پھتا جوڳ کي، پيم ڪنِ پڙلاءُ،

موٽي پنھنجي ماءُ، سيني منجهه سينگاريا....!!

چڻنگ مان چمڪاٽ ٿيو، راڻا رتوڇاڻ،

گنجي ڏونگر دانھن ڪئي، روئي ڏنو مھراڻ،

ٺوڙهي ٿيئڙو ٺاڻ، موکي، متارن جو....!!

 

واهوندي آندي اڄ به خوشبوءِ خشڪ جي،

مادر دل ماندي، رُني پوئين رات ۾،

راڻا رتو ڇاڻ آيا آرڻ وچ ۾،

سچو سنڱ سنڌوءَ سان، آيا سر کڻي سرواڻ،

امڙ جي اماڻ، مرڪ منھن ميدان ۾....!!

(ڌرتي دين ڌرم- ص: 125)

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ عوام کي نئين ملڪ مان جيڪي اميدون هيون ۽ جيئن ماڻھن سمجهيو هو، ائين نه ٿيو. ملڪي نظام، ماڻھن کي گهڻو مايوس ڪيو. لاڳيتن مارشلائي دورن کان پوءِ جمھوري نظام لاڳو ٿيڻ سان عوام جا حوصلا وڌيا، پر اهو سانگ به وقتي هو. عوام جو جمھوريت سان لاڳاپو رڳو ووٽن ڏيڻ ۽ نمائندو چونڊڻ تائين آهي. جمھوري نظام ۾ عوام کي جيترو سک هئڻ کپي ها، اُهو اڃان تائين ميسر ناهي ٿي سگهيو. معاشي استحڪام هجي يا دهشتگرديءَ جا معاملا، ترقيءَ جا ڪم هجن يا عوامي ڏکن ڏوجهرن کي حل ڪرڻ، ٻوڏ هجي يا ڏُڪر، جمھوري حڪومتون عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. سرمائيداري نظام ۾ امير، امير تر ۽ غريب، غريب تر ٿيندو ويندو آهي. هتي جمھوري نظامن ۾ پارلياماني ڪرسي حاصل ڪندڙ شخص ۽ سندس ويجها عزيز، مائٽ اڳتي وڌي ٿا وڃن ۽ هڪ لحاظ کان امير ٿي وڃن ٿا ۽ غريب عوام، جنھن جي پارلياماني نمائندن تائين ڪا پھچ ناهي، اُهو محروم ئي رهجي وڃي ٿو. ائين نظر اچي ٿو، ڄڻ ته جمھوريت جي نالي ۾ سرمائيداري اُصولن جي پوئواري ٿي رهي آهي. ڇا هي ڪو نئون نظام آهي؟ سرمائيدار ته سنئون سڌو عوام جي محنت سان حاصل ڪيل دولت جو مالڪ هوندو آهي، پر هو مزدور ۽ پورهيت کي سندس گهرج کان ٿوري ئي سھي، پر اُجرت ڏيندو آهي. هيءُ ڪھڙو نظام آهي، جيڪو عوام جي گهر تي قبضو ڪري، پنھنجي حڪومت قائم ڪري ٿو. جيئن هڪ پھاڪو آهي ته ناني به ڪوٺڻ ۽ چـُـھنڊي به پائڻ. عوامي دولت، عوامي ادارن تي شخصي حڪمراني ڪرڻ وارو شايد هڪ نئون نظام متعارف ٿي چڪو آهي، جنھن کي جمھوري سرمائيداري نظام چئي سگهجي ٿو. ابراهيم مـُـنشي، اهڙي نظام جي هڪ تصوير پيش ڪئي آهي، جيڪا عوام جي نمائندن چونڊڻ کان وٺي، عوام سان ٿيل حشر تائينءَ جي صورتحال کي واضح ڪري ٿي.

چنڊال چوڪڙي هي، چونڊي چڪر ڏٺوسين،

پورهيت پٽڻ پٽين پيا، هارين حشر ڏٺوسين.

 

اخبار، ريڊيو، ٽي وي، ڌرتين ڌتار ڌرڻيون،

سانگين جا ساهه سوگها، ۽ ڏِيل ڏکن ۾ ڏرڻيون،

ڪھڙي خبر ته آهن، باهيون اسان تي ٻرڻيون،

جمھوريت جو جلوو، خنجر جگر ڏٺوسون....!!

 

ڪيڏو نه قوم سان ڪنھن، ڪيئڙو فريب دوکو،

دل ۾ دَغا دروهي، ٻولي چپن مان چوکو،

حيران آهي هر ڪو، پورهيت، مزور پوکو،

جڳ تي نه ڪو جڳن کان، اهڙو جبر ڏٺوسين....!!

 

قانون کي ڪـُـھن هـِـت، هڪ ڪورٽون ٻيا ٿاڻا،

انصاف جي اکر لئه، وانگي وتن ويڳاڻا،

هن حال جي حقيقت، مان ڄاڻندي نه ڄاڻان،

ڀاڳيو ٻڌل ۽ چور هت، آزاد ير ڏٺوسين...!!

بازيگرن جي ٽولي، ڇڏيا ڪئين راڄ رولي،

چورن جي وَر چڙهي ويا، ڀاڳيا وڏي ڪنھن ڀولي،

”منشي“ متان ڇڏين تون، کاهڙ ۾ ڳالھه کولي،

سوريءَ تي سچ کي چڙهندي، شام و سحر ڏٺوسين....!!

(ڌرتي دين ڌرم- ص: 47)

سنڌ کي سوگهو ڪيو، سرڪار ڊي پي آر ۾،

قوم جو ٻڍڙو جوان، هر ٻار ڊي پي آر ۾.

 

سوچ سانچي سيل ٿي ۽، سچ پيو سُوري چڙهي،

ڪو ڪٿي ڪونڌر ڪڙهي ۽، ڪو ڪٿي ڪلھو ڪڙهي،

ڪنھن ڇڏيو هي موت جو، منشور مارن تي مڙهي،

پر اسان جي لئه غلامي، گار ڊي پي آر ۾....!!

 

هي ته دريا خان دودي ۽ ڏاهر جو خمير،

جوڻ ٻيءَ ۾ جاڳيا، آهن زماني جا ضمير،

ڪيترا ڪـُـھندين تون قاتل، قوم آهي ڪثير،

آزماءِ تن کي ڀل سئو بار ڊي پي آر ۾....!!

 

سنڌ پئي جيئندي سدا سو، سور ۽ سختيون سھي،

لوح پڻ ويندا لھي ۽، ڊوهه تو پوندا ڊهي،

رهبريءَ جي روپ ۾ هت، ڪئين ويا رهزن رهي،

تون به تن وانگي ئي مارو، مار ڊي پي آر ۾....!!

 

رات کي رت جي ڏيڻ لئه، ڪيئي اڄ راڻا اُٿيا،

هر طرف کان هوڪ حق جي، هـَـل هاواڻا اُٿيا،

ڪاسبي، هاري، ڪمي، پورهيت پُري پاڻان اُٿيا،

ڪوڙ جو ڪيسين ڪندين، وهنوار ڊي پي آر ۾....!!

 

تون ته ڇا تو کان وڏا، غدار ويا غرقور ٿي،

ويا کپي کامي مري، مارن هٿان مجبور ٿي،

تون به ساعت سانگين لئه، سنڌ تي ڀل سور ٿي،

موج ڪر ’منشي‘ چوي، ڏينھن چار ڊي پي آر ۾....!!

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 46)

ڪنھن به ملڪ يا قوم جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ ٻين عنصرن سان گڏ ٻولي به اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي ذريعو هوندو آهي، تاريخ سھيڙڻ، علم ۽ شعور جاڳائڻ ۽ ماڻھن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ رابطي جو. سنڌ ۾ عربن جي دور ۾ آڳاٽي ٻوليءَ جي صورتخطي، تاريخ، علم ۽ ادب برقرار نه رهيو. جيڪڏهن موجود هئو ته به ان جو تعداد ايترو نه هيو ۽ نئين ٻولي پڙهڻ ۽ پوءِ اُن ۾ لکڻ ۾ ايترو ته گهڻو وقت لڳو جو ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون تاريخ ۾ رقم ٿي نه سگهيون. ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جو اهو هاڃيڪار وقت هوندو آهي، جڏهن ان خطي جي ٻوليءَ کي ٻيو درجو مليل هجي. رڳو علم ۽ ادب ٻيءَ ٻوليءَ ۾ هجڻ سان نه رڳو اها قوم ترقيءَ جي رفتار ۾ سست ٿي ويندي آهي، پر ان قوم ۽ ملڪ جي استحڪام کي به هاڃو رسندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر دور جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن پنھنجي ڌرتيءَ سان گڏ ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون. اهو معاملو ڪنھن به هڪ ملڪ يا قوم جو ناهي بلڪ انساني ارتقا ۽ سڄيءَ دنيا جي ملڪن ۽ قومن جو اصول آهي ته ڌرتيءَ سان گڏ، قومي تشخص ۽ ٻوليءَ جو بچاءُ ڌرتيءَ تي رهندڙ هر شخص جو اول فرض هئڻ گهرجي. ٻوليءَ جو تحفظ اوترو ضروري آهي، جيترو گهر جو تحفظ، گهر ۾ ڪنھن سامان چوري يا گم ٿي وڃڻ جيترو احساس ۽ ڏک هڪ عام توڙي خاص ماڻھوءَ کي ٿئي ٿو، اوترو ئي ٻوليءَ جي لفظن ميسارجي وڃڻ جو ڏک/ احساس هئڻ گهرجي. جيتري تڪليف گهر کسجڻ يا ڪنھن ملڪيت ڦرجي وڃڻ جي هوندي آهي، اوتري ئي ٻوليءَ جي دفن ٿي وڃڻ جي هـُـرَ دل ۾ اُڀرڻ کپي. ٻولي ئي ماڻھوءَ جي سڃاڻپ آهي. ٻوليءَ سان ئي تھذيب، ثقافت ۽ تاريخ جڙي ٿي. ٻولي هڪ اهڙي ملڪيت آهي، جيڪا ڪنھن جي غلام نٿي ٿي سگهي. حڪمران چاهي ڪيترو به غضبناڪ ڇو نه هجي، غلام قوم جي ڪنھن قيديءَ کان سوال ڪندو ته قيدي ڏنڊا ٻيڙين ۾ ٻڌل زخمن کان چور محڪوم هئڻ جي باوجود، جڏهن حاڪم جي سوال جو جواب ڏيندو ته پنھنجيءَ ئي ٻوليءَ ۾ ڇو ته جسم قيد ٿي سگهي ٿو ٻولي نه. ٻولي ڳالهائڻ جو حق اوترو ئي آزاد آهي، جيترو انسان جو روح. ابراهيم منشي سنڌي ٻوليءَ کي ان جي تاريخي ورثي، قدامت ۽ جوڌن جوانن جي نسبت سان بيان ڪري ٿو. اها ٻولي رولن جي راند ناهي بلڪ سچن سانگين، سرواڻن ۽ سنگهارن جي ديس جي سڃاڻپ آهي.

ڪن رولن سمجهي راند هتي آ ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،

هي ٻولي ڪنھن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.

 

اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳڻن ڀري ويھي ڳالهاءِ،

نه ته نڪري وڃ هن نگريءَ مان، هت پير پليت نه تون ڪو پاءِ،

هي سنڌ انھن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،

نه ته گهر به ويندءِ سر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مون کي سـُـنھن،

ڪر کڻي اڄ ڪونڌر اُٿيا، ڪندا تنھنجو ڪارو منھن،

ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هت ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!

 

مـُـنڍا کائي مورين جا هتي، متو آهين مانگر مڇ،

ٿورا ڏينھن اهي ٿــُـونا تنھنجا، راڻن ڦيريا توتي رڇ،

ڪـُـنڍيون تنھنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀـُـڄ ۽ ڪُڇ،

تو لوُسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،

هن دودن ديس دليرن ۽ جرنيلن جي جرئت کي،

هي لٺين جون تان لوليون تو کي لوليون ڏيندا لوليءَ سان!

 

هي دودي، دريا خان دلاور، ڌُوپارين جو ديس اٿئي،

هي مانجهين مردن، ٻاگهين ٻارن، جهونجهارن جو ديس اٿئي،

هي سچن سانگين سرواڻن ۽ سنگهارن جو ديس اٿئي.

شينھن ستل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،

تو رت تپايو راڻن جو هي، هڏ به تو هضمات ڪندا،

هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!

 

هي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاهه ڀٽائي گهوٽن جي،

هي ٻولي ڪل کان آهه قديمي، اَرڏن ۽ اَڻموٽن جي،

هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽ ماساتن جي، سوٽن جي،

آڱر هن ڏانھن جيڪو اُٿاري، تنھن جو ڌَڙ سـِـر ڌار ڪندا،

هي منشي سڀ مھمير اٿئي، تو چيري ٽڪرا چار ڪندا،

هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 37)

سنڌ جي ماڻھن جي مزاجن ۾ مھمان نوازيءَ، آئي جي آڌرڀاءُ ۽ ڪشادهه دليءَ واريون صفتون هجڻ جو هڪ سبب، سنڌو درياهه پڻ آهي. درياهه جي ڪري، هيءُ خطو زرعي آهي. زراعتي پرڳڻو هجڻ ڪري، ماڻھن ۾ ڌرتيءَ سان محبت، ڌرتيءَ کي اَن اُپائڻ ڪري ماءُ سمجهڻ، قدرتي وسيلن ۾ پاڻيءَ جھڙي نعمت، درياهه وسيلي حاصل ٿيڻ ۽ اناج پنھنجو/ذاتي هجڻ ڪري، انھن ۾ ونڊي ورهائي کائڻ واريون خوبيون موجود آهن. سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو سبب آهي. درياهه سـُـڪي وڃڻ، هـِـن ڌرتيءَ تان زندگي ختم ٿي وڃڻ جي برابر آهي. انڪري ئي ماڻھو درياهه بادشاهه سان گهڻي عقيدت رکندا آهن. خاص طور تي اهي ماڻھو، جيڪي درياءَ جي بلڪل ڀر وارن علائقن ۾ رهن ٿا، اُهي درياهه ۾ ٻوڏن اچڻ ڪري، متاثر ٿيڻ جي باوجود، ان سان محبت ڪن ٿا. ڌرتيءَ ۽ درياءَ سان جيڪي وهي واپري ٿو، اُن جي دانھن، هو ڪنھن کي ڏيندا؟ آخر ڌرتي به ڪڏهن ڳالهائيندي ۽ پنھنجي مٿان ٿيندڙ سڀني سورن، سختين جا داستان کوليندي، ڇو ته درياهه کي جڏهن ان جي موج ۽ مستيءَ جا طعنا ملن ٿا؛ مانجهين ملاحن کي ٻوڙڻ جا ڏوراپا ملن ٿا ته درياءُ به پاڻ تي ٿيندڙ هر اَنياءَ جا احوال ٻڌائي ٿو. ابراهيم منشي درياهه کان سندس موج ۽ اوج تي مستيون ڪرڻ جو حساب ڪتاب وٺي ٿو، پر درياءُ به ان جي متاثر ٿيندڙ سياسي سمجهوتن ۽ چالبازين جا دفتر کولي ٿو. منشي ابراهيم جي هنن ٻن نظمن ۾ اسان کي درياهه بادشاهه تي ٿيندڙ حڪمرانن جي موج مستي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ ڦـُـرڻ واري معاملي کي وائکو ڪيو ويو آهي.

درياءَ جو سوال

درد وندا هي دانھون توتي، ڏيندا درياءَ شاهه دلير

ورهن جا اڄ وانگيئڙن کان ويساهه ڏيئي تو ورتا وير.

 

سارا سورهن سال سـُـڪي تو، پيٽ ۾ پاليا پرت پنوهار،

ريلن ۾ تو رائو ڏيئي، ڄايا لاڻا لوت ليار،

پاسا تو ته پسائڻ ڇڏيا، پيريءَ وارا تنھنجا پار،

ملاح پَٽي ويا مڏيون توتان، ٻيڙيون ٻاري ٿيا ٻڪرار،

ڀرم ڏيئي ڀاڳين کي پوءِ ڀنڀٽ بنجي ڀريئه پير...!

 

گهيرا ڏيئي تو گهارا پائي، راڄ روئاريا راتو رات.

سانگيئڙن جي ساهه ۾ سونڪو، سڀ ڪنھن سر تي ٿي سـَـڪرات.

ڪاري رات ۽ ڪلھن جا ڪلھا، ووءِ ووءِ واتو وات.

هيٺان پاڻي پالوٽون ۽، اُڀ مان پئي ٿي برسات.

ڪلھن ڪيھون، راڻن ريھون، ڪو نه رهيو اُت ڪنھن جو ڪير...!

 

پڃرا ٽوڙي پر پکيڙي، پھرين ڀريئه پنھنجو پيٽ،

چوڌاري تو چٽ ڪيا پوءِ، چڱڙا چاندي هاڻا چيٽ،

ساين ٻنين سيرون ڏيئي، مارو ڪيا تو مـَـليا ميٽ،

لکين لڙهائي لھوارا تو، لؤنيارن کي ڪيئڙو ليٽ،

ڍار ڍنگر جي ڍول رهيا ٿي، تن جو ڪيو تو ڍينگو ڍير...!

 

موج ڪري مھراڻ ميان تو، ماري مارن مال ڇڏيا،

اٽا، لٽا ۽ اَجها به پنھنجا، اڄ ڇڏيا، ڪـِـن ڪالھه ڇڏيا،

گوتا کيندي گُنگن جيئن ڪن، لڇندي پنھنجا لال ڇڏيا،

جـُـوءِ سڄيءَ ۾ جهانگين لئه تو، جاڳائي جنجال ڇڏيا،

ٽنگ ڀـڄي ته به ڪين رهي ٿي، هي به هراڙي واري هير...!

 

ڀاڳين ڀـُـنگا ڀينگ ڪيئي پر، وِڌءِ ماڙين ۾ ماتام،

دهشت دڙڪا، جهولن جهڙڪا، ڪـُـنن ڪڙڪا ڪاري قيام،

بندون ٽوڙي ڇڏيئه ٻوڙي، سانڀيئڙا جي تنھنجي سام،

شھرن، بحرن شيل ڪيا تو، ڳاهي چڙهين ڳوٺ ۽ گام،

سوشلزم ٿي ٺھندي آيو، پاتا جت تو پنھنجا پير...!

 

اُڀ مان پاڻي ڌرتي پاڻي، پاڻي، پاڻي پورو پٽ،

ڪٿ ڪا ٽڪري تنھن تان چڪري،

نانگـــــــن جھڙپــــــون ۽ ٻيا جهٽ،

کاهڙ وارن کپرن کائي ڪيا، چـُـرڻ چـَـلڻ ڪـَـنان چـَـٽ،

تنھنجا پڻ هي حاڪم وارا ساڳيا نخرا، ناز ۽ نٽ،

جوڙڻ ۾ جن جـُـڳ لڳا تن ٻوڙڻ ۾ تو دم جي دير...!

 

ڪن جا پڌرا پورا ڏينھن ۽، ڪن کي سانڀاهي جا سور،

ڪالهه ڄڻيا ڪن اڄ ڄڻيا سي، ماروئڙيون ٿيون مجبور،

جيئڻ جھنم، مرڻ مصيبت،”منشي“ڪيڏا ڪيئي ڪلور،

ڀاءُ رهيو نه ڀاءُ سان ڀيڙو، ڌيءُ ڪٿي، ڪٿ ماءُ مجبور،

ڦوڪ ڏيئي تو ڦوڪي ڇڏيا، ڦيري ڦوڙائي جا ڦير...!

درياءَ جو جواب

آزاديءَ جو مان متوالو، مون سان رکيئون من ۾ مير،

مرڪز ٽوڙي موٽي آيس، سنڌ مٿان هو ڪرڻو سير...!

 

ٻڌ ڙي شاعر ڳالھه ٻئي جي، ڏنئي ڏمر جي ڏاڍا ڏوهه،

سارا سورهن سال سڪائي، ڊوهين مون سان ڪيڙو ڊوهه،

زنجيرن ۾ زوري جڪڙي، لڱ لڱ منھنجي لاٿئون لوهه،

ڇڙيون هڻندي نيٺ ڇنائي، پھرين تن تي ڇنڊيم ڇوهه،

سالن کان سڪ سنڌ گهمڻ جي، پوءِ تيڏاهن پاتم پير...!

 

ڀر ڇڏي ويا ڀاڳيا منھنجي، ڀنگا جن جا ٿيا ڀڙڀانگ،

پنوھور، پليجا، سھتا، سوڍا، ڳاڙهيون ڳئون ۽ چريا چانگ،

ڪٽڪٽ ڪن جت ڪاموين تي، ڪاموريون اُت ڪارا نانگ،

سـَـرليون هڪڙيون چالن چڙيون، هونگر هون هون ڇڙيل ڇانگ،

ڇٽي ڇماٽي ڇانگ ڇنل ڪا، ڇوٽ پريان ڇمڪائي ڇير...!

 

منھنجي حد جي هارين جا هت، هئي هئي ٿي ويا هيڻا حال،

ريلن رائو اَڪ ڦلهاريا، سال سڪي ٿي ويئڙا سال،

ارهي انري ڪيا اٻالا، اهکا تن جا آل عيال،

چيٽ ڪتيون سڀ چٽ ويا ٿي، ڀونءِ سڄي تي پيو ڀونچال،

ڌار ڪيو هو ڌارين مون کي وانگيئڙن سان جن جو وير...!

 

چوراسي ۾ چالون ٺاهي، بندون ڏيئي ڪيائون بند،

پنجاسي ۾ پاپين منھنجا، روڪي ڇڏيا سڀئي رَند،

تربيلا ۽ منگلا ٺاهي، صاف سڪائي ڇڏيئون سنڌ،

ڀاءُ سڏائي ڀينگ پيا ڪن، هائو بنجي سي هر هنڌ،

چٽاپٽا ۽ ڌاريا پڌرا، ساڳيا سسئي وارا ڏير...!

 

هاڃان هونئن ته هزارين آهن، هيڏا سارا هاڃان هيل،

اسان ڦڙيءَ لئه ڦٿڪون ويٺا، پاڻ پيئن پيا ريل ۽ ڇيل،

ڪـُـڇون پڇون اسلام کي خطرو، جاءِ اسان لئه آهي جيل،

ڪيستائين رت هي روئندا، ڍَٽ ڌڻي هي ڪيسين ڍيل،

قربانيءَ ري ڪير نه ڪنھن کي، ڏيندو آهي ٻٽڙي ٻير...!

 

گهوڙا هيڏي گهٽ ۽ ٻوسٽ، ٻنين ونين ٻول ٻـُـرن،

سوڪھڙي ۾ ساهه منجهي پيو، ساري ڌرتي سپ سرن،

پيئڻ بلائون پھري پيون، پنوھر ڪھڙي پار پـُـرن،

”منشي“ مارن وات ۾ ٻچڙا، ڪھڙي در تان دانُ گهرن،

چونڊيل گڏجي چرچا ڪن پيا، اسيمبليءَ ۾ آهي انڌير....!!

ابراهيم منشيءَ هاريءَ/ڪـُـڙميءَ واريءَ زندگيءَ کي انتھائي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو. هيءُ سنڌ جو اُهو سورهيه شاعر آهي، جيڪو هيٺئين طبقي جي ترجماني ڪري ٿو. عام طور تي اديب، شاعر، دانشور سجاڳيءَ جي پيغام پکيڙڻ وقت، ان ڳالھه تي زور ڏيندا آهن ته هاري ۽ مزدور/ پورهيت طبقي کي سجاڳ ٿيڻ کپي. ابراهيم منشي ذاتي طور تي ان طبقي جو سجاڳ ٿيل هاري هو. هو هڪ اهڙي باشعور پيءُ جو پٽ هو، جيڪو پڻ سجاڳ هاري هو. ابراهيم منشي پاڻ ته سجاڳ هاري هو، پر هو ٻين ماڻھن کي به جاڳائڻ چاهي پيو. هنن ماڻھن جي شعور ۽ جدوجھد کي ڏسي، چئي سگهجي ٿو ته اسان جي تاريخ ۾ هاري ۽ پورهيت جاڳي چـُـڪو آهي. سنڌ ۾ ابراهيم منشيءَ ۽ اُن کان اڳ واري دور ۾ پڻ هارين ۾ گهڻي سجاڳي آئي هئي. سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۽ سندس ساٿين، هارين کي سـُـجاڳ ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلائيون جن ۾ هڪ الاٽي تحريڪ به هڪ اهم تحريڪ هئي، پر انھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جاکوڙين پنھنجي وَس ۽ وِت آهر، هارين جي اصلاح لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيا. انھن جاکوڙي تحريڪن ۾ ڪيترن ئي جاکوڙين کي قربانيون به ڏيڻيون پيون. پنھنجا گهر، ٻار، مال ۽ ملڪيتون ڇڏي، هو هارين جي سـُـجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا. ڪيترن ئي هارين کي به قربانيون ڏيڻيون پيون. صادق هاري پڻ انھن جانباز هارين مان هڪ هو. ابراهيم مـُـنشي پنھنجي هن گيت ۾ کيس سنڌ جي سورهيه جي نالي سان خراج پيش ڪري ٿو.

شهيد صادق هاري

سورهيه صادق سنڌ جا، مانجهي مزاري،

ريج ڏيئي تو رت سان، ڪئي مٽي موچاري،

جيجل ساڻ جوان تو، پوري پت پاري،

ڳاهون ڳائن پيا ڳوٺن ۾، تنھنجون هاري ناري،

سامھون سـَـٺئي سيني ۾، گوليون گـِــرناري،

تو ٻارڻ ڏيئي ٻاري، سا ورهه ڪانه وسامندي...!

سا ورهه ڪانه وِسامندي، جا جوٽي وئين تون جنگ،

عضوا آڇي اَمڙ کي، وئين نينھن نڀائي ننگ،

رت نه ويندو رائگان، هي راڻا لائيندو رنگ،

دشمن ڏين داد تو، تون دليريءَ ۾ دَنگ،

ڏاڍن جا هن ڏيھه ۾، ڏوٿين سـَـٺا ڏَنگ،

وانگيئڙن تان وَنگ، ڪڏهن لھندا قھر جا...!

 

پـُـرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا ڏوٿي ڏاڏاڻا،

پرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا نوري ناناڻا،

پرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا مرڪن مھاڻا،

پرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا سانگي سياڻا،

اَڏيل اَباڻن جا، جتي جهوپا ڪکاڻا،

سيني ۾ سي صادق کي، سدا سيباڻا،

ڌارين جا تنھن ڌرتيءَ تي، اچي پير پيا پاڻا،

حق نه ملي هارپ جو، ٿيا ويٺل ويڳاڻا،

داروءَ جا داڻا، دُکي پيا ڪنھن دل ۾.

 

هاڻي هن عوامي، ٻڌ حڪومت جا حال،

بوري اچي زوري ڪيا، هت جابر ڪئين جنجال،

ڪٽڻ ڪمدار ڪامورا تنھن لبي ڪيا لال،

کمون جھڙا کري پيا، ڪي پڪل ڀاڙيا پال.

(ڌرتي دين ڌرم، ص: 99)

ويھينءَ صديءَ جو پويون اَڌ مجموعي طور تي شعور ۽ ساڃاهه وارو دور هو. هر مڪتبِ فڪر جي ماڻھن ۾ شعور ۽ آگاهي ڦھلجي چـُـڪي هئي. سجاڳي هاڻي به آهي، پر هاڻي سماجي لاڙن ۾ ڪجهه فرق اچي ويو آهي، جنھن ۾ سڀ کان وڏو لاڙو ڪمرشل ازم جو آهي. واپاري سوچ ۾ آڙِيڪاپ ته گذارو ڪري سگهي ٿو، پر اٻوجهه ماڻھو مار کائي وڃي ٿو. انڪري اڃان به هاريءَ ۽ پورهيت کي رُڳو اٽي، لٽي ۽ اَجهي جو مسئلو ناهي. هاريءَ کي ملاوٽ وارو يوريا ڀاڻ ۽ نقلي زرعي دوائون ڏيندڙ سرمائيدار، ڇا انھن وڏيرن کان گهٽ آهن، جيڪي پـَـڪل فصل تي اَڌ بٽئي وٺڻ لاءِ ايندا آهن.

پڪل فصل مان اڌ فصل، بٽئيءَ وقت وڏيري کي ڏيڻ واري عمل تي سياسي ۽ سماجي طور آواز اُٿارڻ ۽ هارين جي تنظيمن پاران احتجاج ڪرڻ تي ان معاملي کي ته ٻـُـنجو آيو، پر ساڳيو وڏيرو هڪ سرمائيدار جي صورت ۾ جڏهن هاريءَ کي ناقص يوريا يا زرعي دوائون ٻيڻن اگهن تي وِڪڻي ٻيڻو نفعو ڪمائي ٿو، جڏهن ته ويچارو غريب هاري ان جي نتيجي ۾ گهربل مقدار کان گهٽ پيداوار حاصل ڪري ٿو ته اُن کي ڇا چئبو؟ هاري ته ساڳي ئي ڏَچي ۾ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ پھاڪي وانگر ته: ”ادو مئو، ادي ڄائي، آءٌ اُها ئي جو اُها ئي!“ اڃان به وقت آهي، هاريءَ کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ڪالهه سندس ويڙهه ڍَل، بٽئيءَ ۽ ٻين مامرن تي هئي. هينئر کيس آواز ڪرپشن ۽ ويساهه گهاتين تي اُٿارڻو آهي. هيڻي کي پاڻ وَهـِـيڻو ٿيڻو ئي پوندو. هاريءَ لاءِ ابراهيم مـُـنشيءَ جي عقيدت، سندس هن گيت ۾ واضح نظر اچي ٿي.

هاري تنھنجا هٿ، چـُـمان ڪھڙي چپ سان،

تون ته اُها ئي وَٿ، جنھن ۾ ساهه سنسار جو....!!

هاري تنھنجي هڙ، آهي وريءَ جي وات ۾،

کڻ ڪھاڙي ڪڙ، پٺيان پير پليت جو....!!

 

هاري تنھنجا هٿ، ڪسر هيري، ڪوهه نور کان،

تون ئي ساهه سنسار جو، تون تان وَڏي وَٿ،

پر ٻپھري لئه ٻٿ، کائيندي تون کپي وئين....!!

 

هاري هڻ مَ هٽ، ڪش ڪھاڙي ڪنڌ ۾،

ويري وِڄ وري ويا، وڏا کائي وٽ،

اهڙي سنئين سـَـٽ، جو مڻڪي کان مٽي وڃي....!!

وڌي وڏيري، اک تنھنجي اَن ۾،

ڪش ڪھاڙي ڪنڌ ۾، وِجهه ڪانئر کي ڪيري،

سـَـنڱ سڀيئي سيري، گهوٽ کڻي رک گهر ۾....!!

 

ڏاڍن جا ڏَکا، ڏيھاڙي ڏُٻرن مٿي،

هوڪا هڻي حق لئه، نه ڏي لوڪ لکا،

پورهيت پنوھارن جا، پوڄيو پوڄ پکا،

ويرين جا وَکا، پيو ڪر تون پڌرا....!!

(ڌرتي دين ڌرم- ص: 101)

هاريءَ جو ڀاءُ پورهيت ۽ مزدور آهي. ابراهيم منشي، جتي هاريءَ سان عقيدت جو اظھار ڪري ٿو، اُتي مسڪين مزدورن جو پڻ ڀرجهلو ٿي بيٺو آهي. هاريءَ ۽ مزدور سان پڻ هڪجھڙي زيادتي ٿئي ٿي. هاريءَ جي حصي جو اَن، جاگيردار کسي ٿو ته مزدور جو پورهيو ۽ ماس مل جو مالڪ ڪوري ٿو. پورهيت طبقي کي ان ڏاڍ واري گهاڻي مان رڳو اتفاق، ٻڌي ۽ حق لاءِ جدوجھد واري ويڙهه ئي آجپو ڏياري سگهي  ٿي. انڪري ان سموري طبقي کي متفق ٿي، اها حق جي جنگ جوٽڻي پوندي. ابراهيم منشيءَ جو حق جي جنگ وڙهڻ ۽ ڏاڍ جا ڏونگر ڏارڻ لاءِ مسڪينن کي گڏ ٿي ٻڌيءَ جي طاقت جوڙڻ لاءِ سڏ وارو هي گيت 70- 80 وارن ڏهاڪن ۾ هر ترقي پسند سوچ رکندڙ پورهيت، شاگرد توڙي هاري جهونگاريندو هو.

متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏُونگر ڏاريون ڙي،

ڏاڍ جا ڏُونگر ڏاريون ڙي ۽ وير پراڻا واريون ڙي.

وک وک تي جن ڪيا وڏيرن ويڙهيچن سان واويلا،

شام صبوح ڪوڏار هڻي ته به سير اٽي لئه سو ٿيلا،

ڪئين ڪٺا تن پيٽ بُکيا ۽ ڏکيا انگ اُگهاڙا البيلا،

اهڙا موذي ملڪ سڄي مان چونڊي چونڊي ماريون ڙي!

قاتل قوم فرنگ جو چمچو جاچ اهو جاگير ڌڻي،

مير هجي يا پير هجي يا خان بھادر هجي کڻي،

پڇا ڪري ڏس پيڙهياتن کان، ڪٿان تو هيءَ جاگير ڄڻي،

پورهيتن جي پگهر منجهان ٿو ننگيون نچائي ناريون ڙي!

مزدور جي ماس منجهان ٿو، مالڪ مل ڏس موج ڪري،

وال ڪروڙين روز بڻائي، پوءِ به تنھن کي سور سري،

سردي گرمي گوڏ گنجيءَ ۾ بنا ڪفن مزدور مري،

مرون ۽ ماريون ماروئڙن تان ظلم ستم هي ٽاريون ڙي!

زردارن جا ظلم هتي جي کاهڙ ۾ ويھي کولي ڪو،

اٽي، لٽي ۽ ادا اَجهي لئه ٻــِـڙڪ هتي جي ٻولي ڪو،

پنھنجي هٿ سان ڳچيءَ لئه سوري ڄڻ ٿو ڳولي ڪو،

سانگيئڙن لئه، ستم هزارين ڪھڙا ساري ساريون ڙي.

خون ڪرائي وڏو وڏيرو، سيٺ، چوڌري، رئيس هتي،

جهوپن وارن جهانگيئڙن لئه، پاپي پوءِ پوليس هتي،

ڪنگالن لئه ڪيس هتي ۽ پورهيتن سان پيس هتي،

چور ڇـُـٽا، چالان چڱا ۽ گـُـگدامن تي گاريون ڙي!

ويل هزارين وانگيئڙن تي اڳي وڏيرو ڪري هزار،

مسڪينن جي ماس مٿان ٻيا ڌارين ٻوليءَ وارا ڌار،

”همين ملي هي زمين، نڪل جا تيرا نھين ڪڇ اِڌر وقار“،

ڪيئن ڪريون، ڪاڏي وڃون ۽ ڪھڙي در پڪاريون ڙي!

انڌير نگري ادا ڙي! هن ۾ ماءُ نه سھڻي ڌيءُ ڄڻي،

ظالم ڏس زردار وڏيري کي جي ڪنھن ڀي وقت وڻي،

زوريءَ سان ٿو ظلم تنھن کي کوهه مٿان ڏس کڻي کڻي،

اهڙا ڳولي ڳولي ماريون، سيني کي ڪجهه ٺاريون ڙي!

ساحل کان هي دور جي ٻيڙيون، لھواريون ڪي اوڀاريون،

سـِـڙهه سنواري تن جا ساٿي، ماڳ پچايون موچاريون،

پھچو تن کي پري نه ڇڏيون، ناکــُـئا ڏيئي ناتاريون،

اچو ته ”مُنشي!“ گڏجي تن کي طوفانن مان تاريون ڙي!

سنڌ هڪ زرعي پرڳڻو آهي. هتي معيشت جو دارومدار گهڻي قدر زراعت تي آهي. ماڻھن جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جن مان گهڻائيءَ جو مدار، پوکيءَ راهيءَ تي ٿئي ٿو. هاريءَ جو ڪم ڏينھن رات ٻني کيڙڻ سان لاڳاپيل هوندو آهي، پر زمين تي فصل جي تياريءَ جا مختلف مرحلا مثلن رونبو، لابارو، ڦـُـٽين جو چـُـونڊو، ڪمند جي ڪٽائي يا سارين جي سـَـٽ وغيرهه اهڙا موقعا آهن، جڏهن ماڻھن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي. ان لاءِ جيڪي ماڻھو / هاري هڪٻئي جا ويجها هوندا آهن، سي ته گڏجي واري وَٽيءَ سان ڪم ڪندا آهن، پر جيڪڏهن پوک تمام گهڻي آهي ته ٻاهرين ماڻھن کان به مختلف اُجرتن جي عيوض پڻ اهو ڪم ورتو ويندو آهي. اهو ڪم گهڻي قدر سنگت، ولين يا اناج اُجرت طور ڏيڻ جي عيوض ڪرايو ويندو آهي ۽ اهڙي قسم جي اجرت جي عيوض، جيڪي پورهيت اهو ڪم ڪندا آهن، تن کي لاهيارا چوندا آهن. يعني اُجرت جي عيوض لابارو ڪندڙ پورهيت. انھن پورهيتن ۾ مرد به شامل هوندا آهن ته عورتون به، پر عورتن جو تعداد اڪثر ڪري مردن جي ڀيٽ ۾ گهڻو هوندو آهي. اهڙن پورهيتن جي اڪثريت سانگهڙ، ميرپور خاص ۽ ويجهڙائيءَ وارن علائقن ۾ هوندي آهي يا وري انھن علائقن ۾ جتي وڏيون جاگيرون هونديون آهن ۽ گهڻيءَ ايراضيءَ ۾ فصل ٿيندو آهي. خاص طور تي ٿر يا جابلو علائقن وارا ماڻھو مينھن يا مختلف فصل لھڻ جي موسم ۾ زرعي علائقن ۾ اچي، اهڙي قسم جو پورهيو ڪندا آهن يا وري گهڻي قدر هيٺئين طبقي جا ماڻھو، جن ۾ ڪولھي، ڀيل، مينگهواڙ وغيرهه اچي وڃن ٿا. اُهي لاهيارا ٿي مختلف اُجرتن جي عيوض لابارا ڪندا آهن، اهو اُجورو ڪڏهن ته کين ملندو آهي، پر ڪڏهن نه به ملندو آهي. اڪثر وڏن جاگيردارن وٽ نجي جيلن جي پڪڙجڻ جون خبرون اينديون رهنديون آهن. انھن نجي جيلن ۾ اهڙا پورهيت قيد ٿيل هوندا آهن، جن کان جاگيردار، جبري طور تي پوکن جا يا ٻيا ڪم ڪرائيندا آهن. انھن جون عورتون به سندن باندياڻيون هونديون آهن. انڪري انھن سان جنسي زيادتون ٿيڻ وارا واقعا به معمول هوندو آهي. لاهياريون عورتون پنھنجي مردن سان ٻــِـٽ ڪم ڪنديون آهن. جيئن ته اهي پري پري ۽ مختلف جاين کان هلي، ٻئي هنڌ جتي ملي اُتي پورهيو ڪرڻ وارا هوندا آهن، انڪري اَجنبي هئڻ ڪري ۽ هيٺئين طبقي جو فرد هئڻ ڪري کين سماجي تحفظ جا به مسئلا پيش ايندا آهن. خاص طور تي لاهيارين کي زمين جي مالڪن ۽ وڏيرن جي لوچي نظرن کي به منھن ڏيڻو پوندو آهي. ابراهيم مـُـنشي لاهيارين عورتن جي جفاڪشيءَ، محنت، پورهئي ۽ شرافت کي ساراهي ٿو. هو سندن تڪليف ۽ مسئلن جي اُپٽار ڪري ٿو، جيڪا پورهيتڻ جي عظمت جي مڃتا آهي:

مان لاڙ جي آهيان لاهياري،

مان لاڙ جي آهيان لاهياري!

تنھنجي وڏيرا اک آ ميري،

تنھنجي وڏيـــــــــرا دل ڪاري،

مان لاڙ جي آهيان لاهياري!

مان تان من جي مور نه مندي،

مون سان گڏ آ ڏاٽو گندي،

مان ته پنھوارڻ پورهيت وندي،

سائين پنھنجي ساجن سندي،

ملي مارئيءَ کان ڏات ۾ مون کي،

لـــــــــوئي، لـــــــــڄ پيـــــــــاري،

 مان لاڙ جي آهيان لاهياري!

ڏينھن سڄو ٿي ڏاٽو هڻان مان،

شام مٿي تي ڀريون کڻان مان،

ور وڻي مون، ور کي وڻان مان،

تنھنجي منھن تي ٿڪ هڻان مان،

تنھنجي وٺي ڏي مڙس منھنجي کي،

راڻـــــــــي راڄ ڪمـــــــــاري،

 مان لاڙ جي آهيان لاهياري!

سرتين سٿ ۾ سـُـريت سڏجان،

مري انھيءَ کان مٽيءَ ۾ گڏجان،

سچي مٽي ۽ سنڌوءَ جو پاڻي،

سورن ۾ سـِـرجي آهيان ساماڻي،

صدين سڙيل سماج هن جي،

”منشي!“ مـــــــــرضن مـــــــــاري،

 مان لاڙ جـــــــــي آهيان لاهياري!

(ڌرتي دين ڌرم- ص: 56)

هڪڙو پڌرو پيٽ ۾، ٻيو ڪولھڻ ڪڇ تي ٻار،

ڪانڌ ڪاريءَ ڪکيو، بستر تي بيمار،

پٽي پيٽ ڀرڻ لئه، نايو ڏونئرن ڏار،

ويڙهي ويا وِيچار، ويچاريءَ وُجود کي...!

********

ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾، وِنجهلي وَر جي ڪاڻ،

ڪارا ڪوجها ٻارڙا، تن جي تاڻو تاڻ،

مٺ وڍي پار ڪڍي، من وڌي مانڌاڻ،

ذرو زهر اُماڻ، ته ڀيڙي ٿيان ڀڳوان کي....!

مددي ڪتاب:

1) ڌرتي دين ڌرم، ابراهيم منشي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1992ع

2) گوندر ويندا گذري، ابراهيم منشي، روشني پبليڪيشن 1991ع

3) مھراڻ شاعر نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

4) سنڌي ادب جي تاريخ 2، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد 2005ع

5) تلسين جي سرهاڻ، تاج جويو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 1996ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org