|


ڊاڪٽر منور حسين سومرو

اخبار
۾ ويڙهيل پراٺي سان گڏ ملندڙ
زهر ۽ ان جا اثر
پاڪستان ۽ هندوستان سميت،
ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو هڪ عام رواج آهي
ته صبح جو سوير گرما گرم پراٺا، سموسا، پڪوڙا يا
ٻيون تريل شيون،
اخبار ۾ ويڙهي ڏنيون وينديون آهن. اهو طريقو ظاهري
طور سستو، آسان ۽ تيل جذب ڪرڻ وارو لڳي ٿو، پر صحت
جي نقطئه
نظر کان اهو انتھائي
نقصانڪار ۽ خطرناڪ عمل آهي. اچو ته ان جي صحت تي
پوندڙ منفي اثرن جو تفصيلي جائزو وٺون:
1.
اخبار جي مس (پرنٽنگ انڪ) جا خطرا:
اخبارن جي ڇپائيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مس
مختلف ڪيميائي مادن جو مرڪب هوندو
آهي. انھن ۾ شامل آهن:
ڳرو ڌاتو
(Heavy Metals)
،
ڪيڊميم
(Cadmium)، ڪروميم (Chromium)،
آرسينڪ
(Arsenic)، سِيھو
(Lead)
۽ پارو
(Mercury)اهڙا ڳرا
ڌاتو،
مس جو حصو ٿي سگهن ٿا.
جڏهن گرم پراٺو يا ڪا به چرٻيءَ واري شيءِ اخبار
سان
لڳي ٿي ته
گرمي ۽ تيل جي ڪري، اهي ڌاتو کاڌي ۾ منتقل ٿي وڃن ٿا.
سِيهو
Lead:
سيھو
خاص طور تي ٻارن جي دماغي نشونما ۽ اعصابي نظام
لاءِ انتھائي نقصانڪار آهي. وڏن ۾ به اهو گڙدن جي مسئلن، رت جو دٻاءُ
۽ پيدائشي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڪيڊميم
Cadmium:
هي هڪ سرطان پيدا ڪندڙ مادو
Carcinogen)
آهي، جيڪو
گڙدن کي سخت نقصان پھچائي
سگهي ٿو. ان کان علاوه اهو هڏن کي به ڪمزور ڪري ٿو.
محلول ۽ ڪيميائي مواد
(Solvents and Chemicals)
مس کي خشڪ ڪرڻ، پکيڙڻ ۽ ڪاغذ تي ڄمائڻ
لاءِ
مختلف قسم جا ڪيميائي مواد ۽ محلول مثال طور: ٽوليوئين، زائيلين، بينزين ۽ ڳنڍڻ
لاءِ استعمال ٿين ٿا.
جيڪي
زهريلا ٿي سگهن ٿا ۽ جڏهن اهي کاڌي ۾ شامل
ٿين ٿا ته معدي جا مسئلا، چمڙي جي الرجي، ۽ ڊگهي
مدي جي بنيادن تي جگر ۽ گڙدن کي نقصان پھچائي
سگهن ٿا.
پگمينٽ
(Color Dyes)
رنگين ڊائي:
رنگين اشتھارن ۽ تصويرن ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ به ڪيميائي مرڪبن تي مشتمل
هوندا آهن،
جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.
2-
اخبار جي ڪاغذ جا مسئلا:
ري
سائيڪل ٿيل ڪاغذ
(Recycled Paper)
اڪثر اخبارون ري سائيڪل
ٿيل ڪاغذ مان ٺاهيون وينديون آهن. ري
سائيڪلنگ جي عمل ۾ ڪاغذ کي صاف ڪرڻ ۽ ٻيھر استعمال جي قابل بڻائڻ لاءِ به ڪيترائي ڪيميڪل استعمال ٿيندا
آهن. ان کان علاوه ري
سائيڪل ٿيل ڪاغذ ۾ پھرين ڇپائيءَ جا ڪيميڪل، ڌاتن جا ذرڙا ۽ ٻي آلودگي موجود ٿي
سگهي ٿي.
1.
جراثيم ۽ بيڪٽيريا
(Germs and Bacteria)
اخبار،
ڪيترن ئي هٿن مان گذري ٿي ۽ مختلف جاين تي رکي
ويندي آهي، جنھن سبب، ان تي مٽي، دز، جراثيم ۽ بيڪٽيريا جمع ٿي سگهن ٿا. اهي کاڌي
۾ منتقل ٿي،
انفيڪشن ۽
مختلف
بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
2.
فوڊ گريڊ نه هجڻ
(Not Food Grade)
اخبار جو ڪاغذ،
کاڌي پيتي جي شين کي ويڙهڻ لاءِ منظور ٿيل (فوڊ
گريڊ) ناهي هوندو. فوڊ گريڊ مٽيريل خاص طور تي ان
لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته اهي کاڌي سان ڪو ڪيميائي
عمل نه ڪن ۽ محفوظ رهن.
3.
گرمي ۽ تيل جو ڪردار:
پراٺا يا تريل شيون عام طور تي گرم
هونديون آهن،
انڪري
گرمي جي ڪري مس ۽ ڪاغذ ۾ موجود ڪيميڪلز جي کاڌي ۾
منتقل
ٿيڻ جو عمل تيز ٿي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح، تيل يا چرٻي، انھن ڪيميڪلز کي پنھنجي اندر حل ڪرڻ
جي صلاحيت رکي ٿي، جنھن سان اهي ڪيميڪل وڌيڪ آسانيءَ سان، اسان جي جسم ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.
صحت تي ممڪن منفي اثرن جو خلاصو:
فوري اثر: معدي جي خرابي، متلي، الٽي، پيٽ
۾ سور، الرجي.
ڊگهي مدي وارا اثر:
ڳرن ڌاتن جو جسم ۾ جمع ٿيڻ،
جيڪو اعصابي نظام، گڙدن، جگر ۽ ٻين عضون کي مستقل نقصان پھچائي سگهي ٿو.
ڪينسر جو خطرو (خاص طور تي مس ۾ موجود
ڪجهه
مرڪبن جي ڪري
ٿيندو آهي.
ٻارن جي ذهني ۽ جسماني نشونما ۾ رڪاوٽ.
هارمونل نظام ۾ بگاڙ.
مدافعتي نظام جي ڪمزوري.
محفوظ متبادل ڪهڙا آهن؟
کاڌي پيتي جون شيون، خاص طور تي گرم ۽
تريل شين کي ويڙهڻ لاءِ هميشه فوڊ گريڊ مٽيريل
استعمال ڪرڻ گهرجي:
بٽر پيپر
(Butter Paper)
يا
پارچمينٽ پيپر
:( Parchment Paper)
اهي
پيپر
خاص طور تي کاڌي لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽
محفوظ هوندا آهن.
ايلومينيم فوائل
:(Aluminium Foil)
اهو به هڪ بھتر متبادل آهي، پر تمام گهڻي گرم ۽ تيزابي
شين لاءِ ان جا به ڪجهه خدشا آهن، پر
اخبار
استعمال ڪرڻ
کان گهڻو بھتر
آهي.
صاف سوٽي
ڪپڙو،
فوڊ گريڊ پلاسٽڪ يا اسٽيل جا دٻا
:(Food-grade
plastic or steel containers)
جيڪڏهن کاڌو پيڪ ڪري، ڪنھن هنڌ کڻي وڃڻو هجي ته اهي
شيون بھترين آهن.
نتيجتن اخبار ۾ پراٺو يا ڪا به کاڌي پيتي
جي شيءِ ويڙهڻ،
صحت لاءِ
هڪ نقصانڪار عمل آهي، جنھن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. وقتي سھولت يا ڪجهه روپيا بچائڻ خاطر پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي صحت
کي داءُ تي لڳائڻ دانشمندي ناهي. حڪومت، صحت جي
ادارن ۽ ميڊيا کي به ان حوالي سان عوامي شعور
بيدار ڪرڻ ۾ پنھنجو
ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن خاموش خطري کان
بچي سگهجي.
پريتم تنواڻي
ڄيٺي سپاهملاڻي
هي سنڌ جي پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر ”ڄيٺي
سپاهملاڻي“ آهي، جنھن هڪ محفل ۾ ايوب کھڙي جي
ڀرسان، اهو چئي ويھڻ کان انڪار ڪيو هو ته: ”مون کي
تومان الله بخش سومري جي خون جي ڌپ ٿي اچي!“
ورهاڱي کان پوءِ هو انڊيا هلي وئي. پر ان
سنڌياڻيءَ اتي به پنھنجي سياست جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا.
هوءَ مھاراشٽرا اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر منتخب ٿي.
هن ممبئي وارن کي چيو ته: جي زمين مھانگي آهي ته
پوءِ گهرن بجاءِ فليٽ ڇو نه ٿا ٺاهيو؟
”جيٺي بھن سوسائٽي“ جي نالي سان هن ممبئيءَ جو
پھريون فليٽ سسٽم متعارف ڪرايو. هن شادي نه ڪئي ۽
هڪ پٽ ايڊاپٽ ڪيو، جيڪو ڪجهه سال پھرين ممبئيءَ ۾
گذاري ويو
...
سراج احمد ڪلھوڙو صاحب ڪتاب
”ورھاڱي جا وڍ“ تحرير: پروفيسر نارائڻ داس رتنمل
ملڪاڻي تان هي تحرير نقل ڪئي ته: ”ڪانگريس پارٽي
سان واسطو رکندڙ پروفيسر نارائڻداس رتنمل ملڪاڻي
پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته:
”ورهاڱي
وقت ڪراچيءَ ۾ فساد ٿيا، آئون پيرين پنڌ، پنھنجي
ڌيءَ ڏانھن پئي ويس. فسادين کي ڏِسي، آئون واپس
موٽي، پنھنجي دوست ڪماري ڄيٺي سپاهملاڻي جي گهر
روانو ٿيس، تڏهن فسادي ان طرف پئي وڌيا. پوءِ همٿ
ڪري جيڪي سندس گهر، اَجهي واسطي مِڙيا هئا، تن سيد
غلام مرتضي (جي.ايم.سيد) جي پاسي واري بنگلي ۾ وڃي
رات جو پناھه ورتي.
جن جي حفاظت لاءِ سيد صاحب ٻه چار چوڪيدار بندوقن
سان بنگلي ٻاھران سڄي رات بيھاري ڇڏيا.
پاڻ سڄي رات نه سُتو.
ٽيھارو کن سنڌي هندو پناھه لاءِ آيا هئا ۽ انھن جو
سيد صاحب مٿان ايترو اعتماد هو، جو سڀئي ماڻھو،
رات جو چانور ۽ ڀاڄي ڳڙڪائي بي فڪر ٿي سمھي
رهياسين ۽ صبح جو اٿي، پنھنجو پنھنجو دڳُ وٺي
روانا ٿي وياسين!“
همٿ مغيري ۽ امام علي ڏيٿو صاحب لکيو آھي ته:
سنڌ جي بھادر ڌي ڄيٺي
سپاهملاڻي- 21 جنوري 1943ع تي ھيمون ڪالاڻي جي
ڦاسي وقت سکر سينٽرل جيل ۾ ڪوئيٽ انڊيا موومينٽ ۾
گرفتار ھئي. ڦاسيءَ وقت ھن پنھنجي ساڙھي ڦاڙي
جھنڊو ٺاھيو، ”انقلاب زندھه باد“ ۽ ”ھيمون ڪالاڻي
زندهه باد“ جا نعرا ھڻندي رھي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾
جڏھن کيس چيو ويو ته تنھنجي ماءُ اسپتال ۾ ڪوما ۾
آھي ۽ تون به بيمار آھين، انڪري توکي ھڪ شرط تي
آزاد ڪري سگھجي ٿو ته تون گورنمنٽ کي گذارش ڪر ته
توکي ڇڏيو وڃي. ھن جواب ۾ سينڊل لاھي ھٿ ۾ کڻي کين
چيو ته، ”مان ته ڇا، پر ھي منھنجو سينڊل به ھن
گورنمينٽ کي جيل مان نڪرڻ جي گذارش نه ڪندو“. ھي
اھو سينڊل ھو، جنھن جو قسم محمد امين کوسي سنڌ
اسيمبلي ۾ کنيو هو ته ”قسم آھي ڄيٺي جي سينڊل جو
ته ڏھرڪي جا ھندو ھندوستان کان ايندڙ مسلمانن کان
وڌيڪ ايماندار آھن.“ ڄيٺي سپاهملاڻي، سائين
جي.ايم.سيد جي محبت جو به محور ھئي.
ھن سنڌ جي بھادر نياڻي کي عقيدت ڀريو سلام! (پريم
تنواڻي)
اعجاز حسين انڙ روايت نقل ڪئي آھي ته: ڪمار ڄيٺي
سپاھملاڻي هڪ دلير عورت هئي.
وزير اعليٰ الله بخش سومرو ھندو مسلم جي اتحاد جو
حامي ھو. کيس چوڏھين مئي 1943ع تي ڪجهه غنڊن
شڪارپور ۾ قتل ڪري ڇڏيو. تنھن کان پوءِ ايوب کھڙو
وزيراعليٰ جي عھدي تي ويٺو ۽ ڄيٺي اسيمبليءَ جي
ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿي. ھڪ دفعي ڪابينه جي اجلاس ۾
چانھه جي وقفي دوران، ڪماري ڄيٺي ايوب کھڙي تي
گجگوڙ ڪندي، جرح ڪئي ته: تون الله بخش سومري جو
قاتل آھين، توڻي جو انگريز حڪومت بخش ڪري ڇڏيو
آھي، پر تنھنجي در جو پاڻي به ڪونه پيئنديس.
ورھاڱي کان پوءِ ڪماري ڄيٺي ممبئي رهائش اختيار
ڪئي ۽ مھاراشٽر صوبي جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي
سنڌ مان ويل ھندن جي رھائش ۽ گھر گھاٽ جي بندوبست
۾ مدد ڪندي رھي پاڻ ست سئو گھرن تي ٻڌل ھڪ عمارت
ٺھرايائين، جيڪا سنڌي بي گھر ماڻھن لاءِ سک ۽ امن
جو اجھو ثابت ٿي، اھا ممبئيءَ جي پھرين گھڻ ماڙ
عمارت ھئي
.
(ڪتاب ”برطانوي راڄ خلاف سنڌين جي مزاحمت“، ليکڪ:
پريم موتي رامتنواڻي، ديپڪ رامچنداڻي، ترتيب
ترجمو: رمضان ٻرڙو)
بايو ڊيٽا:-
ڄيٺي سپاهملاڻي 10 فيبروري 1906ع تي حيدرآباد ۾
جنم ورتو. ھن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل
ڪئي، گريجوئيشن ڊي. جي. سائنس ڪاليج مان ڪئي، ڄيٺي
سپاهملاڻي ڪانگريس جي ميمبر ٿي، سياسي زندگيءَ جي
شروعات ڪئي، سائيمن ڪميشن ننڍي کنڊ ۾ آئي، ته ڄيٺي
سپاهملاڻي سڀني شاگردن کي ساڻ ڪري، ان جي خلاف
جلوس ڪڍي نعريبازي ڪئي. مختلف وقتن تي جيل ۾ به
رهي، سندس ماءُ جي وفات به سندس جيل ۾ ھئڻ دوران
ٿي، ڄيٺي سپاهملاڻي ٿياسافيڪل سوسائٽي سان به
لاڳاپيل رهي، ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبر
به رهي، ھن عورتن جي ڀلائي ۽ تعليم لاءِ تمام گهڻو
ڪم ڪيو، آل انڊيا وومين ڪانفرنس سنڌ جي صدر پڻ
رھي. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر رهي. بمبئي
کان جدا ٿيڻ کان پوءِ ٿيندڙ پھرين چونڊن ۾ ڄيٺي
سپاهملاڻي ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي
ميمبر چونڊجي وئي ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي
اسپيڪر چونڊيو ويو.
ڄيٺي سپاهملاڻي ورھاڱي کان پوءِ به ھتي رھڻ چاھيو،
پر سال کان پوءِ وڌندڙ وڳوڙن جي ڪري بمبئي شفٽ ٿي
وئي. ڀارت ۾ به پنھنجو سياسي سفر جاري رکيائين،
مھاراشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمئن رهي، مختلف
ڪميٽين/ڪائونسلس جي ميمبر ۽ اڳواڻ رھي. ھن سنڌ مان
ڀارت لڏي ويندڙ سنڌين جي آبادڪاري ۾ به وڏو ڪردار
ادا ڪيو.
حامد مري صاحب، پير علي محمد شاهه جون ساروڻيون
نقل ڪيون آھن ته:
”
مس ڄيٺي سپاهملاڻي
“حيدرآباد
جي هڪ معزز عامل گهراڻي ۾ ڄائي، پر سياسي زندگي
ڪراچيءَ ۾ ڪاٽيائين. ڊپٽي اسپيڪر بڻي . پڙهيل
ڪڙهيل سياڻي سيبتي، ذاتي خواهه صفاتي ڪردار جي
لحاظ کان بلڪل بي داغ رهي، نسواني فطرت جي ڇڪ کي
مُرڪڻ ۽ مِٺين ڳالھائين تائين محدود رکيائين.
سياست ۾ ڪانگريس جي قائل، پر مسلم ليگ لاءِ عذاب
هوندي هئي، ڏاڍي نيشنلٽ هئي، سنڌ جي ڪلچر ۽ پراڻن
قصن تي فخر هوندو هئس، انھن جي روشنيءَ ۾ موقعي
سارو، زباني حجت ۽ تڪرار ڪندي ڪونه ڊڄندي هئي.
ھڪ دفعي مون تي شامت اچي ويئي. آڪٽوبر 1938ع جا
ڏينھن هئا، ڪراچي جي عيدگاھه ميدان ۾ مسلم ليگ جي
ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي ھئي، جنھن جي صدارت قائداعظم
ڪئي. آءٌ ان ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري هئس.
جلوس پوري ٿيڻ کان پوءِ آءٌ موٽي اچي پنھنجي دفتر
۾ اڃا مس ويٺو هئس ته مٿان ڄيٺي مائي گجندي اچي
ڪڙڪي. کيس ڏسي، مون سمجهيو ته شايد اسان جي ڪنھن
والنٽيئر ساڻس بدسلوڪي ڪئي آهي، جنھن جي شڪايت کڻي
مون وٽ آئي آهي.
مان مائي جو آڌر ڀاءُ ڪيو، شربت پاڻي جي آڇ ڪيم،
ڪرسي سوري ڀر ۾ ويھاريو مانس. مائي ڪرسيءَ تي
ويٺي، پر ڪڇي ڪانه، غالباً ڳالھائڻ کان اڳ پنھنجو
غصو ڍرو ڪرڻ پئي گهريائين.
آخر کُلي: ”مسٽر راشدي! تون لٻاڙون هڻندو آهين ته
سنڌي به آهين ۽ سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو به
“
آءُ: ”حڪم، حڪم ڪيو
“.
ڪلاڪ کن ڳالھائيندي رهي. وچ ۾ اکر چوڻ جو موقعو
ڪونه ٿي ڏنائين.
ڇٽي امراڻيءَ، دودي-چنيسر، فيروز سمي، عيسيٰ
ترخان، عبدالنبي ڪلھوڙي، اليگزينڊر برنس ۽ ٻين جا
قصا ڪري وڃي ٻاهر چڙهي ڪجهه بروقت سمجهه ۾ آيا!
ڪجهه بعد ۾ تفصيلي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيا.
پاڻ، مون کان بنا جواب ورتي، اٿي کڙي ٿي. هينڊ بيگ
کڻي، تڪڙيون تڪڙيون وکون ڀريندي ٻاهر نڪري وئي،
ايتري غصي ۾ هئي جو ويندي موڪلائين به ڪونه.
هندوستان ٽُٽو پاڪستان ٺُيو. ٻين ڪانگريسين وانگر
مائي ڄيٺي به ٽپڙ کڻي بمبئي هلي وئي، پر ويھن
ورهين جي واقفيت هئي، وضعداري جي تقاضا ڪري آءُ
کانئس موڪلائڻ ويس. فقط ٽي اکر ڪُڇيائين، جيڪي
حافظي سان چنبڙيل رهيا آهن.
(حوالو: اُهي ڏينھن اُهي شينھن (جلد ٻيو)
”سنڌ جو ناياب خزانو“ مان ورتل) |