


خوبصورت ايڪسپو 2020ع، سينٽر ۽ ”گلوبل وليج“ کي
گهمڻ لاءِ پڻ تمام گهڻو وقت اُتي گذاريوسين، ۽
تمام گهڻا پولين ڏٺاسين. دنيا جي مختلف ملڪن جي
سماجي، ثقافتي ۽ معاشرتي زندگيءَ کي نمايان ڪندڙ
”دبئي ميلو“ گڏوگڏ گلوبل وليج تي مشتمل ڳوٺ ٺاهي
ڪري، جيڪو نمائش جي ذريعي ڄاڻ ۽ تفريح سان گڏوگڏ،
تجارت ڪرڻ جو انداز نھايت قابل ستائش آهي.
15
مارچ تي ٻيھر ايڪسپو سينٽر وياسين ۽ رھيل پويلينس
ڏٺاسين. واپسيءَ تي اِيمريٽس مال وياسين. ڪجهه
ننڍيون شيون ورتيون سين. ٽي شرٽس ۽
جوراب وغيره.
16مارچ: مان عمير علي سان گڏ دبئي ۾ آھيان، اسان
ھتي اسڪائي لارڪ ھوٽل اپارٽمينٽ ۾ رھيل آھيون. صبح
جو ناشتو ڪري ميٽرو ٽرين ذريعي، ميوزيم آف فيوچر
ڏسڻ لاءِ وياسين، پر جيئن ته ميوزيم اڃان تازو
کوليو ويو آ. انڪري رش ھئي، ٽڪيٽ آن لائين بڪنگ
ڪرائڻي ھئي، جيڪا اسان کي اتي وڃي ڪري خبر پئي. 31
مارچ تائين بڪنگ ٿيل ھجڻ ڪري اندر وڃي نه
سگھياسين، صرف ٻاھران ڏٺوسين. پوءِ اسان ابنِ
بطوطه مال وياسين، جيڪو پراڻي طرز تي ٺھيل آھي.
ڪجهه خريداري ڪئي سين ٻارڙن لاءِ. پوءِ واپس اچي
ٽيڪسي ڪئي سين. ۽ سڌو مريڪل گارڊن گھميوسين، جيڪو
آرٽيفيشل ۽ نيچرل باغباني جو شاھڪار آھي. خوبصورت
گل و گلزار، پکي ۽ جانورن سان گڏوگڏ، ڪجهه
اُڏامندڙ پکين جو پڻ چھچٽو لڳل ھو. خوب فوٽوگرافي
ڪئي سين، اتان نڪري ڪري ميٽرو بس جو به سفر ڪري
ڏٺو سين، ريل ھجي يا بس ھر جڳھه تي سڀني شھرين جو
خيال رکيو ويو پي. صفائي سٿرائي ۾ به ھر ماڻھو
اڳڀرو نظر آيو. بس اچي سڌو ايمريٽس مال/مول وٽ
لاٿو. ھڪ ڏينھن اڳ به ڏسي ويا ھياسين، پر اڄ اتي
ڊنر ڪرڻ لاءِ وياسين. ان کان اڳ ڪجهه شيون خريد
ڪيون سين ٻارن لاءِ. واپسيءَ جو سفر خير سان وري
ميٽرو ريل رستي ڪيوسين. ”المشرق“ ريلوي اسٽيشن
ميٽرو ريل سروس ڀرسان اسان جو ھوٽل آهي، فقط پنج منٽن جي پنڌ تي.
17 مارچ: اسان صبح جو تيار ٿي سڌو
Expo 2020
ميٽرو ذريعي ٽيون ڀيرو گهمڻ وياسين. اڄ جرمني،
UEA،
ايٿوپيا، سوئيزرلينڊ وغيره گھمياسين. واپسيءَ تي
بلو واٽر العين واڪ پاٿ ۽ مرينا واڪ پاٿ سان گڏ،
مرينا مال وغيره ڏٺوسين.
بلو واٽر کان مرينا
DHOW Boat
ذريعي، سمنڊ جو سير به ڪيوسين، تمام گهڻو
مزو آيو.
72 هزار ميٽر تي ڦھليل ميريڪل گارڊن به گهمڻ وٽان
آهي. جتي خوبصورت گُلن جا بيشمار قسم موجود آهن.
اسان به اُتي بيشمار فوٽوگرافي ڪئي. خوبصورت منظرن
تي مشتمل هيءُ باغ به ڏسڻ وٽان آهي. هتي سال جا
نَوَ(9) مھينا گرمي هوندي آهي.
دبئي جي نئين ۽ جديد، شھر کي جتي نروار ڪيو ويو
آهي، ساڳي وقت اُن جي ماضيءَ جي ”ننڍڙي ڳوٺ مثل“،
”پراڻي دبئي“ جي نالي سان، پڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ تي
مشتمل اولڊ وليج
(Old Village)
نالي جوڙيل آهي. جتي ماضيءَ جي اهم، ثقافتي ۽
معاشرتي زندگيءَ کي ڏيکاريو ويوآهي. پراڻي ڳوٺ ۾
ٺھيل هڪ قلعو پڻ موجود آهي. هتي جي ”ريگستان ۽
صحرا“ جي ثقافتي طور پڻ قائم دائم رکڻ لاءِ، اُتي
دنيا جو بھترين ”سِفاري پارڪ“ ٽائيپ ميدان موجود
آهي. جتي جيپ ۾ چڙهي مزو ماڻي سگهجي ٿو.
18 مارچ تي اسان دبئي فريم ڏسڻ وياسين، ھوٽل کان
سڌو ٽيڪسيءَ ۾ روانا ٿياسين. اڳواٽ ٽڪيٽ بڪنگ ڪري
وقت جي بچت ٿي پئي.
ان بعد وري به ٻيھر ٽيڪسيءَ ذريعي، ھريٽيج وليج
ڏسڻ وياسين، جيڪو پراڻي طرز تي ٺاھيل ڳوٺاڻي طرز
زندگيءَ کي بيحد خوبصورتيءَ سان اجاگر ڪيل ھو.
ان بعد فيري بوٽ الفاحدي ٽرانسپورٽ اسٽيشن وٽان
اچي ھڪ ڀيرو وري سمنڊ جو سير ڪيوسين ۽ اچي ڪناري
تي لٿاسين ته سامھون ئي پراڻي طرز تي ٺھيل بازار
نظر آئي. تمام خوبصورت، جتي ھر قسم جون شيون پيون
ھيون. اسان به ڪجهه شاپنگ ڪئي سين.
ھن بازار جي خاص خوبي ھئي، سون ۽ ھيرن سان ٺھيل
سونا زيور.
تنھن بعد ڪافي پنڌ ڪري اچي وري ميٽرو ريل تي
چڙھياسين. ٻه اسٽيشن بدلائڻ بعد اچي مطلوبا اسٽيشن
”المشرق“ تي پھتاسين. اسان جو ھوٽل اپارٽمينٽ
اسڪائي لارڪ پنج منٽن جي پنڌ تي هو، ھوٽل تي ڪجهه
آرام ڪري ڊنر ڪيوسين ۽ پوءِ مدينت سوق وياسين،
ڪجهه پنڌ تي برج العرب به ڏٺو، ان پاسي ھوٽل
شيريٽن انٽر نيشنل ۽ ھوٽل الجميرا وغيره به ڏسڻ ۾
آيا. ”مدينت سوق“ به پراڻي طرز تي ڪاٺ جي ٺھيل
بازار آهي. بنيادي طور تي ريسٽورنٽ گڏوگڏ، مال ھو،
جيڪو سڄو ڪاٺ
جو ٺھيل ھو.
دنيا جي وڏي ۾ وڏي سون جي بازار پڻ دبئي ۾ موجود
آهي. جتي ننڍن وڏن زيورن سان گڏوگڏ، سون جو ٺھيل
لباس ۽ ٻيون هزارين شيون موجود هيون، جن کي اسان
صرف ڏسي سگهياسين، وٺڻ ته نھايت پري جي ڳالھه آهي.
ٻيءَ قسط ۾ مختلف جڳھن تي گهمڻ دوران ڏٺل منظرن ۽
مشاهدي کي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو. |