سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون سيپٽمبر-آڪٽوبر 2025ع

باب:

صفحو:4` 

ترجمو: ولي رام ولڀ

 

 

 

بورڊنگ هائوس

جيمس جايس

آئرش (آئرلينڊ)

 

مسز موُني دراصل هڪ ڪاسائيءَ جي ڌيءَ هئي. هوءَ هڪ اهڙي اڏول ۽ اٽل ارادن واري عورت هئي، جنھن کي رازداريءَ جو هُنر چڱيءَ طرح ايندو هو. هن پنھنجي پيءُ جي نائب سان شادي ڪئي هئي، جيڪو ملازمن جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. شاديءَ کان پوءِ، هن اسپرنگ گارڊنز جي ڀرسان گوشت جو هڪ دڪان کوليو هو، پر سُھري جي مرڻ کان هڪدم پوءِ موُني غلط رستي تي پئجي ويو. تمام خراب عادتون پئجي ويون ۽ هو پنھنجي تباهيءَ جي انتھا تي پھچي قرضي ٿي پيو. کيس صحيح رستي تي آڻڻ جون سموريون ڪوششون بيڪار ويون. ڇو ته هو پنھنجن واعدن تي ڪڏهن پورو نه لٿو. ڪڏهن هو توبھه به ڪندو هو ته ڏسندي ڏسندي ڪجهه ڏينھن ۾ توبھه کي ڇڏي وري ساڳئي رستي تي پئجي ويندو هو. سندس اها ئي حالت ڪجهه ڏينھن تائين رهي ۽ پوءِ هن، گراهڪن جي موجودگيءَ ۾ به پنھنجي زال سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ساڻس بدسلوڪيءَ سان پيش اچڻ لڳو. انھن ڳالھين کان سواءِ هن خراب گوشت جو ڪاروبار به شروع ڪري ڏنو. هڪ ڏينھن هن شراب جي نشي ۾ جوڻس تي انھيءَ وڏي ڪاتيءَ سان حملو ڪيو، جيڪا گوشت ڪپڻ جي ڪم ايندي هئي. ويچاري جوڻس کي اُن رات پنھنجي هڪ پاڙيسريءَ وٽ پناهه وٺڻي پئي.

انھيءَ واقعي کان پوءِ مسز مُوني پنھنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪئي. هوءَ پادريءَ وٽ ويئي ۽ پنھنجي مڙس کان طلاق ورتائين. ٻار سندس سنڀال هيٺ آيا. مڙس ٺاههُ جي ڪوشش ڪئي، پر جوڻس نه ته کيس پيسا ڏنا ۽ نه ئي رهڻ جي جاءِ. ٻيو ته ٺھيو، هوءَ سندس کاڌي پيتي جي ذميواري قبول ڪرڻ تي به راضي نه ٿي. مجبوراً مايوس ٿي، مُوني ضلعي جي وڏي عملدار وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو هڪ ننڍي قد جو شرابي هو، جيڪو بڇڙي حال ۾ رهندو هو. گهڻي شراب پيئڻ جي ڪري، سندس صحت خراب، چيلھه چٻي  ۽ چھرو سفيد ٿي ويو هو. مڇون ۽ ڀروُن وقت کان اڳ اڇيون ٿي ويون هيون. اکيون ننڍيون ننڍيون هئس، جنھن ۾ هميشه گلابي ڏورا ڏسبا هئا. صبح کان شام تائين، هُو ڪنھن نه ڪنھن مزوريءَ جي ڳولھا ۾ رهندو هو.

 

ڪاروبار مان جيڪي بچيل سچيل ملي سگهيو، مسز مُوني ان مان پنھنجو حصو ورتو ۽ پوءِ انھيءَ موڙيءَ مان هارڊوِڪ اسٽريٽ ۾ هڪ بورڊنگ هائوس کوليائين. سندس بورڊنگ هائوس ۾ گهڻو ڪري انھيءَ شھر ۾ ايندڙ مسافر اچي رهندا هئا، گهڻو ڪري لورپول ۽ آئل آف مين کان ايندڙ سياح ايندا هئا. انھن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن مقامي ميوزڪ هالز جا موسيقار به ايندا هئا. ڪي ماڻھو اهڙا به هئا، جن اتي مستقل رهائش اختيار ڪري رکي هئي، جن ۾ گهڻائي شھر ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن جي هئي. مسز مُوني ڊگهن هٿن پيرن واري ٿلھي متاري رعبدار عورت هئي. هوءَ ڏاڍي مھارت، ذهانت ۽ ثابت قدميءَ سان، اهو بورڊنگ هائوس هلائڻ لڳي. کيس چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي ته شيون اوڌر تي ڪڏهن ڏيڻ گهرجن، ڪنھن سان سختيءَ سان پيش اچڻ گهرجي ۽ اهو به ته ڪڏهن ڪھڙي ڳالھه نظرانداز ڪرڻ گهرجي. بورڊنگ هائوس ۾ مستقل طور تي رهندڙ نوجوان کيس ’ميڊم‘ جي نالي سان سڏيندا هئا.

اهي نوجوان، مسز مُوني کي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا پنڌرهن شلنگ هفتيوار ادا ڪندا هئا. جيڪڏهن رات جي کاڌي سان گڏ، کين شراب جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته کين انھيءَ جي قيمت جدا ادا ڪرڻي پوندي هئي. جيئن ته گهڻي حد تائين اُهي سڀ هڪ ئي پيشي سان وابسته هئا، انھن جو ذوق به ساڳيو هوندو هو، ۽ پسند ناپسند به هڪڙي هئي، تنھنڪري منجهن حُب به ڏاڍي  هوندي هئن. اُهي جڏهن به پاڻ ۾ ملندا هئا ته ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان مقامي سياست سان گڏوگڏ، پنھنجن عملدارن جي منظورِنظر نوجوانن ۽نوَن آيلن وغيره جي حالتن ۽ انھن جي مستقبل جي باري ۾ ڳالھيون ڪندا هئا. ميڊم جو پٽ جئڪ مُوني، فليٽ اسٽريٽ جي هڪ ڪميشن ايجنٽ وٽ ڪلارڪ هو. سندس باري ۾ اهو مشهور هو ته ڏاڍو جانٺو ۽ سگهارو آهي. عادتون هن جون پڻ ڪجهه چڱيون نه هيون. گهڻو ڪري رات جو دير سان گهر موٽندو هو. جڏهن به هو پاڻ سان گڏ رهندڙ دوستن سان ملندو هو ته وٽس ٻڌائڻ لاءِ هميشه ڪافي داستانن جو ذخيرو هوندو هو. ريس ۾ کٽيندڙ ڪنھن نه ڪنھن گهوڙي يا ڪنھن وڏي موسيقار جي باري ۾ هو گهڻو ڪري ڪجهه نه ڪجهه ضرور گوهرافشاني ڪندو هو. ٿئيٽر وارن سان به هن پنھنجا لاڳاپا وڌائي رکيا هئا. هو مزاحيه گيت چڱيءَ طرح لطف وٺي ڳائيندو هو. گهڻو ڪري آرتوار جي رات جو مسز مُوني جي ڊرائنگ روم ۾ هم پياله ۽ هم خيال ماڻھن جي محفل ڄمندي هئي. انھن صحبتن ۾، ميوزڪ هالز جا موسيقار گهڻو ڪري وندر جو سامان پيدا ڪندا هئا. شيرڊن ساز تي سنگت ڪندا هئا. اهي ڳائيندڙن جي سنگت ڪرڻ کان سواءِ والٽز ۽ پولڪاس وغيره قسم جي ناچن جون ڌُنون به وڄائيندا هئا. ميڊم جي جوان ڌيءَ پولي به گهڻو ڪري انھن جلسن ۾ شرڪت ڪندي هئي ۽ گهڻو ڪري عام پسند ۽ مقبول گيتن سان، حاضرين جي دل وندرائيندي هئي.

پولي اڻويھن ورهين جي سنھڙي ڇوڪري هئي. سندس وار نرم مخملي هئا ۽ ننڍڙو سھڻو وات هئس ۽ سندس اکيون ڀوريون ساواڻ مائل هيون. هوءَ جڏهن به ڪنھن سان ڳالھائيندي هئي ته گهڻو ڪري پنھنجون نگاهون مٿئين طرف رکندي هئي. پنھنجي انھيءَ عجيب عادت جي ڪري هوءَ هڪ ننڍڙي چيڙاڪ گمراهه ميڊونا لڳندي هئي. مسز مُوني پنھنجي ڌيءَ کي هڪ آفيس ۾ ٽائيپسٽ جي نوڪري ڏياري هئي، پر ان کان پوءِ اهو ٿيو جو ضلعي جي اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ هڪ بدنام شخص هر ٻئي ٽئين ڏينھن اتي اچڻ لڳو ۽ سندس ڌيءَ سان هڪ- اڌ ڳالھه ڪرڻ جي اجازت گهرڻ لڳو. انھيءَ ڪارڻ ڪري پوليءَ کي چڱي مصيبت کي منھن ڏيڻو پيو، تنھنڪري انھن هنگامن کان بيزار ٿي، ميڊم پنھنجي ڌيءَ کي نوڪريءَ تان استعيفا ڏياري ڇڏي ۽ هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ پنھنجي ماءُ جو هٿ ونڊائڻ لڳي. پولي چڱي زنده دل ۽ تيز طبع ڇوڪري هئي. گهر جو انتظام سندس حوالي ڪرڻ جو گهڻو ڪري هڪ مقصد اهو به هو ته اهڙيءَ ريت ڪنھن مناسب نوجوان سان ملاقات ٿي وڃي ۽ هوءَ کيس پنھنجي لاءِ پسند ڪري سگهي. اهو ’گهرُو انتظام‘ اتي رهندڙ نوجوانن کي به وڻيو. هڪ نوجوان عورت کي پنھنجي ويجهو محسوس ڪري، اهو ڄاڻي ته هڪ ڇوڪري سندن وچ ۾ رهي ٿي، کين چڱو ذهني سڪون ملندو هو. ظاهر آهي ته پولي انھيءَ جو ڏاڍو فائدو وٺندي هئي، ناز انداز ڏيکاري خود ئي ڏاڍي محظوظ ٿيندي هئي. پر مسز مُوني کي انساني ڪردار جي ڏاڍي پرک هوندي هئي. کيس انھيءَ جو چڱيءَ طرح اندازو هو ته انھن سڀني نوجوانن کي رڳو خوش وقتيءَ سان دلچسپي هئي. اهي رڳو چڱو وقت گذاري رهيا هئا. منجهائن اهڙو ڪو به نه هو، جنھن کي صحيح معنيٰ ۾ پوليءَ سان دلچسپي هئي. ڏينھن ائين گذرندا رهيا، حالتون ائين ئي بدستور رهيون. هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن هُنن مايوس ٿي، پوليءَ کي ٻيھر ڪنھن آفيس ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري ڏيارڻ جي باري ۾ گنڀيرتا سان سوچڻ شروع ڪري ڏنو، پر انھيءَ زماني ۾ کيس هڪدم انھيءَ ڳالھه جو احساس ٿيو ته پولي ۽ هڪ ٻئي نوجوان جي وچ ۾ ڪجهه سلسلو هلي رهيو آهي، جيڪو اُميد ڀريو نظر اچي ٿو. هن خاموشيءَ سان ٻنھي تي چؤڪسي رکڻ شروع ڪري ڏني ۽ زبان سان ڪجهه نه چيائين.

پوليءَ کي انھيءَ جو احساس هو ته سندس چؤڪسي ٿي رهي آهي. ماءُ جي انھيءَ خاموشيءَ جو راز ڪجهه ڪجهه ته کيس سمجهه ۾ اچي رهيو هو، پر پوءِ به کيس پوريءَ طرح سُڌ پئجي نه سگهي ته سندس ماءُ سڀڪجهه سمجهندي به ايتريقدر ثابت قدميءَ سان ماٺ ڇو اختيار ڪئي آهي. ماءُ ڌيءَ جا تعلقات هونءَ ته ٺيڪ هئا، پر اهي ڪڏهن به بي تڪلفيءَ جي حد تائين نه پھتا هئا. انھن جي وچ ۾ ڪڏهن به مڪمل طور تي هيڪڙائي پيدا نه ٿي هئي. ٻنھي کُلي طرح هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي  نه ڪئي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي، انھيءَ محبت، اها صورت اختيار ڪئي جو گهر جي سڀني ڀاتين ۾ چؤٻول شروع ٿي ويو. انھيءَ جي باوجود مسز مُوني ڪنھن قسم جي مداخلت نه ڪئي. انھيءَ تي پوليءَ جي روش ۾ هڪ عجيب ڦيرو پيدا ٿيو. هوءَ هر وقت گهٻرايل رهڻ لڳي ۽ اهو نوجوان به هر وقت پريشان نظر اچڻ لڳو. ائين لڳندو هو ڄڻ اندر ئي اندر کيس ڪا پريشاني کائيندي رهندي هجي ۽ پوءِ نيٺ اهو ڏينھن به اچي پھتو، جڏهن مسز مُوني گهڻو ڪري اهو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ ته هاڻي صحيح وقت اچي پھتو آهي، هن لڪي ڇُپي اُسرندڙ محبت جي خلاف پنھنجو پھريون قدم کنيو. هن ڏاڍي غور ۽ فڪر کان پوءِ، فيصله ڪُن انداز ۾، ڏاڍي ذهانت ۽ ڏاڍي هوشياريءَ سان، انھيءَ مسئلي جي اخلاقي پھلو کان ابتدا ڪئي.

اونهاري جا شروعاتي ڏينھن هئا. موسم ۾ گرميءَ جا آثار ته ضرور هئا، پر تازي فرحت بخش هوا جا جهوٽا به هلندا رهيا. هڪ آرتوار جي صبح جو مسز موُني حالتن کي منھن ڏيڻ جي پھرين ڪوشش ڪئي. بورڊنگ هائوس جون سموريون دريون کليل هيون، جن جا جهالردار نفيس پردا، هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. هوا جي ڪري، انھن پردن، غبار جي شڪل اختيار ڪئي هئي ۽ هاڻي اهي دريءَ جي هيٺ مٿي کسڪڻ وارن آئينه دار طاقن کان پري، ٻاهر گهٽيءَ ۾ اُڏري رهيا هئا. عبادت ڪندڙ ماڻھو ديول سان ڳنڍيل لان تان گذرندي تيزيءَ سان اندر وڃي رهيا هئا. سندن تقدس جو احساس انھن جي سنجيدگي ۽ خاموشيءَ کان سواءِ مقدس انجيل جي انھن نسخن سان ٿي سگهيو ٿي، جيڪي سندن هٿن ۾ هئا. هر ڪنھن کي هلڪا دستانا پاتل هئا ۽ اِنجيل ڇاتيءَ سان لڳل هو.

بورڊنگ هائوس ۾ صبح جي نيرن ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڊائننگ هال ۾ ميز تي اڃا پڻ جوٺيون پليٽون پيون هيون، جن تي ڊبل روٽيءَ جي بچيل سچيل ٽڪرن کان سواءِ بيدن جي زرديءَ جا سُڪل نشان به ڦھليل هئا. هڪ طرف آرام ڪرسيءَ تي مسز موني وڃايل وڃايل ويٺي، نوڪرياڻي ميريءَ جو جائزو وٺي رهي هئي، جيڪا نيرن جي شين کڻڻ جي ڪم ۾ لڳل هئي. هوءَ روز وانگيان پنھنجي مالڪياڻيءَ جي حڪم پٽاندر روٽيءَ جا ٽُڪر ڏاڍي جلدائيءَ سان چونڊي هڪ صاف پليٽ ۾ گڏ ڪري رهي هئي. هر منگل جو بنان پڇئي ڊبل روٽي جو پُڊنگ تيار ٿيندو هو، جنھن ۾ روٽيءَ جا بچيل سچيل اهي ئي ٽڪرا وڌا ويندا هئا. جڏهن ميز جي پوري طرح صفائي ٿي ويئي ۽ ميري روٽيءَ جا سڀ ٽڪر گڏ ڪري ورتا ۽ کنڊ ۽ مکڻ ڏاڍي حفاظت سان اسٽور ۾ بند ڪيائين ته مسز مُوني ويٺي ويٺي گذريل رات جي واقعن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو. ڪالھه رات هوءَ پوليءَ سان ڳالھه ٻولھه ڪري چڪي هئي. سندس شڪ برابر نڪتو هو. هن ڏاڍي چٽائيءَ سان سوال ڪيا هئا، ۽ پولي ڏاڍي چٽائيءَ سان جواب ڏنا هئا. اهو مسئلو ايترو اڻانگو ۽ ناموزون هو جو ٻنھي گهڻي حد تائين مونجهارو محسوس ڪيو هو. ماءُ کي مونجهارو اهو هو ته اڄ هوءَ پنھنجي ڌيءَ کان ڏاڍا اڻ وڻندڙ سوال پڇڻ تي مجبور ٿي ويئي هئي. پوليءَ جي مونجهاري جو ڪارڻ اهو هو ته کُلي طرح اهڙي قسم جي ڳالھين کان کيس هميشه بيزاري ٿيندي هئي، ۽ هاڻي ته اهي ڳالھيون ماءُ سان ٿي رهيون هيون. کيس اهو ڏک هو ته سندس ماءُ گهڻو ڪري اهو سوچي رهي هئي ته هن پنھنجي معصوميت سان پنھنجي ماءُ جي فراخدلي ۽ روادريءَ مان غلط فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيئن ته گهڻي گفتگو اشارن ۽ ڪناين ۾ ٿي رهي هئي، انھيءَ ڪري به پوليءَ جو ذهن چڱو پريشان هو.

غيرارادي طور تي مسز مُوني انھيءَ ننڍڙي نفيس ديواري گهڙيال ڏانھن ڏٺو، جيڪو مينٽل پيس تي رکيل هو. جيئن ته سينٽ جارج جي ديول جا گهنڊ هاڻي وڄڻ بند ٿي ويا هئا، تنھنڪري کيس احساس ٿيو ته يارنهن وڄي چڪا هئا- گهڙيال ۾ يارنهن لڳي سترنهن منٽ ٿيا هئا. اڃا منجهند جي گاڏيءَ ۾ چڱو وقت پيو هو، هن سوچيو. ”آئون انھيءَ وچ ۾ ڏاڍي سولائيءَ سان مسٽر ڊوران سان ڳالھه ٻولھه ڪري سگهان ٿي، ۽ مالبورو اسٽريٽ کان ٻارهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ وڃي سگهان ٿي.“

هاڻي کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هوءَ انھيءَ ڪم ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندي. نيٺ سڀ اخلاقي قدر به ته سندس فائدي ۾ هئا. هوءَ ويچاري ته هڪ مظلوم ماءُ هئي. اهڙي عورت، جنھن سان ڏاڍي زيادتي ٿي هئي. هن انھيءَ نڀاڳي نوجوان کي اهو سوچي ته هو نيڪ سيرت ۽ شريف آهي، پنھنجي اجهي هيٺ رهڻ جي اجازت ڏني هئي، ۽ هاڻي انھيءَ احسان فراموش سندس ميزبانيءَ جو ناجائز فائدو ورتو هو. هُو هونئن به بي سمجهه ٻار نه هو. چوٽيهه پنجٽيهه جي لڳ ڀڳ ڄمار هئس. هاڻي هُو اهو بهانو به ته نٿي ڪري سگهيو ته هُو جوانيءَ جي نشي ۽ ناتجربيڪاريءَ جو شڪار ٿيو هو. هُو ته لاعلمي جو سهارو به نٿي وٺي سگهيو، ڇو ته هُن دنيا ڏٺي هئي ۽ دنيا جي هيٺ-مٿاهين کان چڱيءَ طرح واقف هو. اهو ته صاف ظاهر هو ته هن پوليءَ جي جواني ۽ ناتجربيڪاريءَ مان فائدو ورتو هو. هاڻي سوال اهو ته هُو ڪيتري حد تائين، ڪھڙي قسم جو ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهيو ٿي؟ هاڻي ته تلافي بيحد ضروري هئي. خيالن جو وهڪرو ائين وهي هليو.

اهڙي قسم جي واقعن ۾ سزا ضروري ٿئي ٿي، مسز موني سوچيو. مرد کي ڇا آهي، هن لاءِ ته اهڙيون ڳالھيون ڪا اهميت ئي نٿيون رکن. هُو ته ٿوري دير جي عيش کان پوءِ پنھنجو دڳ وٺي وڃي سگهي ٿو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين. مصيبت ته ويچاري عورت لاءِ آهي، جنھن کي سمورا نتيجا ڀوڳڻا پوندا آهن. دنيا ۾ اهڙيون مائرون به هونديون، جيڪي اهڙن واقعن کان پوءِ ٿورو گهڻو روڪ پئسو وصول ڪري صبر ڪري ويھي رهن ٿيون. خود مسز موني کي اهڙن ڪيترن ئي واقعن جي سُڌ هئي. پر هاڻي هوءَ هرگز اهو نه ڪندي، هن ڏاڍي اعتماد سان فيصلو ڪيو. هن لاءِ پيڙا جو رڳو هڪ ئي وسيلو هو، جنھن سان سندس ڌيءَ جي بي حُرمتيءَ جو ازالو ٿي سگهيو ٿي-اهو هو هڪدم شادي!

هن هڪ ڀيرو وري انھيءَ مسئلي جي باري ۾ سڀني پاسن تي غور ڪيو ۽ پوءِ ميريءَ کي مسٽر ڊوران ڏانھن موڪلي هيٺ ئي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. هاڻي کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هن معاملي ۾ فتح سندس ئي ٿيندي.

ڊوران چڱو سنجيدو ۽ گهٽ ڳالھائو نوجوان هو. ٻين وانگر هو نه اوباش مزاج هو ۽ نه چرب زبان. جيڪڏهن هن جي بدران مسٽر شيريڊن يا مسٽر ميڊ يا بانٽم ليونز هجن ها ته کيس چڱي ڏکيائي کي منھن ڏيڻو پوي ها، مسز موني سوچيو. پر ڊوران جي طبيعت ئي اهڙي هئي جو کيس پڪ هئي ته هُو ڪنھن قسم جي بدنامي برداشت نه ڪري سگهندو. اها ڳالھه ئي ڪجهه اهڙي هئي جوگڏ رهندڙن وچ ۾ چوٻول شروع ٿي چڪو هو. گهڻو ڪري هر ڪنھن کي ٿوري يا گهڻي خبر هئي ۽ جن کي وڌيڪ تفصيلن جي خبر نه هئي، انھن پنھنجي طرفان لوڻ مرچ لڳائي، لڪي افواهه ڦھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ڊوران گذريل تيرهن سالن کان هڪ عيسائي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، جيڪا شراب جو ڪاروبار ڪندي هئي. اُتي جون حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو انھيءَ بدناميءَ جي ڪري کيس نوڪري ڇڏڻي پيئي. اڃا به ڪجهه ويو ڪين هو، جيڪڏهن هُو سنئين راهه تي اچي، انھن جي مرضي پٽاندر هلڻ جو واعدو ڪري ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، مسز موني سوچيو. کيس انھيءَ جو احساس هو ته ڇوڪرو چڱو ڪفايت شعار آهي. وٽس ٿوري گهڻي مُوڙي به ضرور هوندي.

هاڻي لڳ ڀڳ ساڍا يارهن لڳا هئا. انتظار کان ڪڪ ٿي، هوءَ اُٿي بيٺي ۽ سامھون آئيني ۾ پنھنجو اولڙو ڏٺائين. پنھنجي چمڪندڙ چھري جو فيصله ڪُن رنگ ڏسي کيس چڱي آٿت ملي ۽ هن سوچيو، ’اهڙيون عورتون به ته دنيا ۾ آهن، جيڪي ڪنھن طرح به پنھنجي ڌيئرن جون شاديون نٿيون ڪري سگهن.‘ هن دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته هوءَ انھن مان نه هئي.

هاڻي ڪجهه حال هوڏانھن جو به ٻڌو. ڊوران جو اڄ صبح کان حال خراب هو. آرتوار جي اها صبح هن لاءِ چڱي پريشان ڪندڙ هئي. صبح جو هُن ڏاڙهي لاهڻ جي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي هئي. پر سندس هٿ ۾ معمول جي خلاف ڪجهه اهڙي ڪنب ڏڪڻي هئي جو مجبور ٿي کيس اهو ڪم روڪڻو پيو هو. ٽن ڏينھن جي سرخي مائل ڏاڙهي ڪجهه اهڙي بيڍنگي نموني وڌي هئي جو هاڻي سندس کاڏيءَ کي پنھنجي دامن ۾ وٺي چڪي هئي. هر ٻئي ٽئين منٽ کان پوءِ سندس اکين ۾ ڌنڌ ڇانئجي ٿي وئي ۽ عينڪ جي شيشن تي انھيءَ ڌنڌ جي ڪري کيس بلڪل ڪجهه نظر نٿي آيو. هن ماٺ ميٺ ۾ عينڪ لاٿي ٿي، کيسي مان رومال ڪڍيو ٿي ۽ پھرين پنھنجون لڙڪن هاڻيون اکيون ۽ پوءِ پنھنجي عينڪ صاف ڪيائين ٿي. رات جو جيڪي ڪجهه مٿس گذريو هو ۽ جهڙيءَ طرح ديول ۾ کيس پنھنجو ڏوهه باسڻو پيو هو، اهو سڀڪجهه چڱو شرمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هو. پادري ڏاڍي صفائيءَ سان سندس واتان انھيءَ شرمناڪ حماقت جي باري ۾ سمورا تفصيل چَوَرايا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڊوران پاڻ کي ايتري قدر ذليل محسوس ڪيو هو جو جڏهن کيس گناهن جي تلافيءَ جي واحد واٽ سُجهي ته هن هڪدم ٿورا مڃي اها قبول ڪئي هئي. جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو، اهو ٿي چڪو هو، هاڻي هُو ڪري  ئي ڇا ٿي سگهيو. ڀڄڻ کان ته اهو ئي بهتر هو ته هُو ماٺ ۾ شادي ڪري ڇڏي. پختائي کان ڪم وٺڻ، سندس وس ۾ نه هو. کيس پڪ هئي ته افواهه ضرور پکڙبا ۽ اهڙيءَ ريت سندس آفيس جي عملدارن کي ضرور خبر پئجي ويندي. هي نڀاڳو ڊبلن اهڙين ڳالھين لاءِ ڪيڏو ننڍو شھر آهي، هن سوچيو. هر ڪنھن کي هڪٻئي جي باري ۾ سڀڪجهه سُڌ پئجيو وڃي ۽ پوءِ اهڙيون ڳالھيون ته باهه وانگر پکڙجن ٿيون ۽ لڪائڻ سان به نٿيون لڪن. تصور جي ڌارائن ۾ وهندي وهندي کيس جيئن ئي پنھنجي پوڙهي عملدار جو خيال آيو ته دل زور سان ڌڙڪڻ لڳس. پوڙهو ليونارڊ پنھنجي پوڙهي آواز ۾ سڏيندو: ذرو مسٽر ڊوران کي ته هيڏانھن موڪل! انھيءَ تصور سان ئي هو ڏڪي ويو. اُف اوهه . . . مان ڪھڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، ڊوران ششدر ٿي سوچيو. هيڏي ڊگهي نوڪري ۽ انھيءَ جي سموري ڪارگذاري، هونئن ئي اجايو ضايع ٿي ويئي. سندس سموري ايمانداري ۽ محنت جو خاتمو ڪيائين. ڪجهه اهڙيءَ طرح ٿيڻو هو؟- جوانيءَ ۾ هن چڱي من ماني ڏيکاري هئي. کيس ته ڪڏهن خدا جي وجود ئي کان انڪار هو ۽ هميشه پنھنجي آزاد خياليءَ تي ناز هو، پر هاڻي ته اهي ڳالھيون پراڻيون ٿي چڪيون هيون. هونئن ته هُو اڃا تائين رينالڊز جي ترقي پسند اخبار خريد ڪندو هو، پر انھيءَ جي باوجود هن پنھنجا مذهبي فرض ڪڏهن نه وساريا هئا. هو سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ نون ڏهن مھينن تائين انتھائي معقول ۽ نيڪ زندگي گذاريندو هو. هاڻي ته هن ڪفايت شعاري به شروع ڪري ڇڏي هئي. ايترا پيسا گڏ ڪري ورتا هئائين جو هاڻي هُو باقي زندگي آرام سان گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳو هو. هاڻي به هُو باقي زندگي سڪون سان گذاري سگهيو ٿي، پر ڏکيائي اها هئي جو ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي سندس زال کي خراب نگاهه سان ڏسن ها ۽ کيس آسانيءَ سان قبول نه ڪن ها. سڀ کان وڏي رنڊڪ ته سندس بدنام پيءُ جي شخصيت هئي، جنھن کي سڀني ڄاتو ٿي. سندس ماءُ جي انھيءَ بورڊنگ هائوس جي باري ۾ به هاڻي چؤٻول ٿيڻ لڳو هو. اوچتو هڪدم ڊوران کي لڳو، ڄڻ سندس سڀ دوست انھيءَ چونڊ تي کلندا هجن. بدقسمتيءَ سان اها ڇوڪري به گهڻو ڪري عاميانه ڳالھيون ڪرڻ لڳي هئي. ڳالھه ٻولھه ۾ گهڻو ڪري غلط ٻولي ڳالھائيندي هئي، پر انھيءَ سان ڇا ٿو ٿئي؟ ”جيڪڏهن آئون سچ پچ ساڻس محبت ڪريان ٿو ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن سوچيو.

جيئن جيئن خيال ڀٽڪڻ لڳا ۽ اهي تصور جي تاڃي پيٽي ۾ ڦاسندا ويا، تيئن سندس سمجهه ۾ اهو نه آيو ته انھيءَ ڇوڪري ساڻس جيڪي ڪجهه ڪيو هو، انھيءَ جي جواب ۾ ساڻس محبت ڪري يا نفرت؟ اهو بلڪل صحيح هو ته قصور هن جو پنھنجو به هو. هن به ته انھيءَ گناهه ۾ شرڪت ڪئي هئي. پر هاڻي انھيءَ جو ڪھڙو علاج، جو سندس جبلت هميشه کيس آزاد رهڻ جي تلقين ڪئي هئي ۽ شاديءَ کان بچڻ تي آماده ڪيوهو. سندس ذهن چيو هو: شاديءَ جي جنجال ۾ هرگز نه ڦاسج نه ته زندگيءَ جو سمورو لطف هليو ويندو.

هو ڪجهه اهڙن ئي اجاين خيالن ۾ وڃايل هو ته پولي هوريان در کڙڪايو. هُو هيستائين بيوس بنيو رڳو قميص ۽ پتلون ۾ پلنگ جي هڪ پاسي تي ويٺو هو. هن پوليءَ کي اندر سڏيو. اندر ايندي ئي هن سڏڪا ڀريندي کيس ٻڌايو ته ڪالھه رات هن پنھنجي ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي سندس ماءُ ساڻس انھيءَ سلسلي ۾ گفتگو ڪرڻ واري آهي. پولي روئندي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورائي ڇڏيون ۽ ويڙهجي گهٽيل آواز ۾ چيائين، ”اوهه ..... بوب ........ تون ئي ٻڌاءِ، مان نيٺ ڇا ڪريان ها؟ ..... هاڻي ٻڌاءِ ..... مان ڇا ڪريان؟ اُف خدايا ...... دل چوي ٿي، پنھنجو گلو گهُٽي ڇڏيان.“

ڊوران هوريان هوريان کيس دلاسو ڏنو، سندس لڙڪ اُگهيا ۽ کيس پڪ ڏياريائين ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پولي سندس ڇاتيءَ سان لڳي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ سندس ڇاتيءَ جو لاهه چاڙهه صاف ظاهر ڪري رهيو هو ته هوءَ ڏاڍي پريشان هئي.

هاڻي ڊوران گذريل ڳالھين تي غور ڪيو ته اوچتو کيس احساس ٿيو ته انھي سلسلي ۾ سمورو قصور سندس نه هو. کيس سڀ ڳالھيون ياد اچي ويون. جواني ته ديواني مشهور آهي ۽ وري هن نڀاڳي ڇوڪري به ته پنھنجي ناز و ادا سان کيس چڱو چريو ڪيو هو. ڪپڙا هميشه اهڙا پائيندي هئي جو ايمان لُڏي ويندو هو. خواهه مخواهه کيس ٻانھن ۾ جڪڙڻ تي دل ٿيندي هئي. کيس اها رات به ياد آئي، جيڪا مڪمل تباهي جي شروعات ثابت ٿي هئي. هُو گهڻو ڪري رات جو دير سان موٽندو هو. انھيءَ رات به هُو هڪ بيحد پُرسڪون ماحول ۾ ڪپڙا مٽائي رهيو هو ته اوچتو پولي ڊڄندي ڊڄندي دروازو کَڙڪايو. سندس ميڻ بتي هوا جي جهوٽي سان وسامي ويئي هئي، ۽ هن ڊوران جي ڪمري جي ميڻ بتيءَ سان پنھنجي ميڻ بتي جلائڻ ٿي چاهي، شايد هو شام جو وهنتي هئي.کيس ڍري ڳچيءَ وارو جئڪيٽ پاتل هو، پيرن ۾ نفيس چمپل پيل هئا ۽ هن پنھنجي جسم تي ڪا اهڙي خوشبوءِ لڳائي هئي، جنھن سان سمورو ڪمرو مهڪارجي ويو هو. هوءَ جهڪي ميڻ بتي جلائڻ لڳي ته سندس سڊول صحتمند جسم جون حسين گولايون ڊوران جي ذهن ۾ شيطاني خيال اُڀارڻ لڳيون. ظاهر آهي ته اهڙي رومانوي ماحول ۾ ڪنھن جو جيءُ جاءِ تي رهي سگهي ٿو؟

انھيءَ کان پوءِ جڏهن به هُو رات جو دير سان موٽندو هو ته پولي ئي سندس کاڌو گرم ڪندي هئي. رات جي پُراسرار خاموشيءَ ۾ جڏهن سمورو گهر ننڊ جي هنج ۾ سُمھيل هوندو هو ته کيس ايتري قدر پنھنجي ويجهو ڏسي، ڊوران کي صفا هوش نه رهندو هو ته آخر ڇا کائي رهيو آهي. پولي سندس خيال به ته ڪيڏو رکندي هئي.! جڏهن به رات ٺرندي هئي يا مينهن ۽ طوفان جو زور هوندو هو ته هن لاءِ کاڌي سان گڏ شراب جو هڪ ننڍو گلاس ضرور هوندو هو. پولي گهڻو ڪري ماٺ ۾ اهو انتطام ڪندي هئي. اڄ ڊوران کي اهي ڳالھيون ياد اچڻ لڳيون. سوچيائين، خراب ڇوڪري ناهي. شايد ساڻس باقي زندگي گهاري کيس بيحد چين نصيب ٿئي.

ماني کائڻ کان پوءِ ٻئي ماٺ ميٺ ۾، دٻيل پيرن سان هڪٻئي جي ويجهو ٿي، هٿن ۾ پنھنجون پنھنجون ميڻ بتيون کڻي، ڏاڪڻ چڙهندا هئا ۽ ٽين منزل تي، دل نه گهرندي، انتھائي بيدليءَ سان هڪٻئي کان موڪلائيندا هئا. ميڻ بتيءَ جي جهڪي لڏندڙ روشنيءَ ۾ هوءَ کيس ڏاڍي پياري لڳندي هئي. سندس اکيون ڪيڏيون سھڻيون هيون! سندس هٿن جي گرمي ۽ سندس حُب ڀريو انداز کيس سڀڪجهه اڃا تائين ياد هئا.

پر اهو حب ڀريو انداز ته جٽاءُ ڪندڙ نه ٿو ٿئي. حسين لمحا گهڻو ڪري جلد گذري ويندا آهن. اُف خدايا . . . هاڻي آئون ڇا ڪريان؟ سندس جبلت هڪ ڀيرو وري سندس مدد لاءِ ڊوڙندي آئي. هن هينئر به بچڻ جي تلقين ڪئي. پر نيٺ گناهه جو ڪفارو ڪھڙي ريت ادا ٿئي ها؟ سندس ذهن راءِ ڏني ته هن قسم جي گناهه جي سزا ته کيس ضرور ڀوڳڻي پوندي.

پولي سندس ڀرسان پلنگ تي نه ڄاڻان ڪيستائين ويٺي رهي. ٻئي پنھنجي پنھنجي خيالن ۾ وڃايل هئا ته اوچتو ميري دروازي تي آئي، ۽ هن ڊوران کي ٻڌايو ته مئڊم ڊرائنگ روم ۾ سندس منتظر آهي. ڊوران بيوسيءَ جي انداز ۾ اُٿي پنھنجو واسڪوٽ ۽ اووَرڪوٽ پاتو. ڪپڙا پائڻ کان پوءِ هن هڪ ڀيرو وري پوليءَ کي دلاسو ڏنو، سندس همٿ ٻڌائي ۽ پڪ ڏنائين ته ڊڄڻ جي هاڻي ڪا ڳالھه ناهي، سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هو مسز مونيءَ سان ملڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر آيو ته ان وقت به پولي سندس پلنگ تي ويھي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ گهُٽيل آواز ۾ هوريان هوريان چئي رهي هئي: ”خُدايا! هاڻي منھنجو ڇا ٿيندو؟.... نيٺ ڇا ٿيندو“؟

ڏاڪڻ لهندي هڪ ڀيرو وري ڊوران جي عينڪ جي شيشن تي ايتري نمي ڇانئجي ويئي جو کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين آيو. هن روڪجي عينڪ لاٿي ۽ رومال سان اها صاف ڪيائين. رستي تي هُن جي دل گهُريو ته ڪنھن نه ڪنھن ريت ڇت ڪِري پوي ۽ هُو ڪنھن آزاد بي فڪر پکي وانگر چپ چاپ اُڏري ڪنھن اهڙي ڏورانھين ڏيهه ڏانھن هلي وڃي، جتي پھچي هو هن مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي، جتي سندس ذهن مان اهي ڏکوئيندڙ ڳالھيون هميشه لاءِ غائب ٿي وڃن. انھن فراري خيالن جي باوجود سندس اندر ۾ ڪا اهڙي قُوت هئي جو کيس مجبوراً هيٺ ڌِڪي رهي هئي. رستي تي ميڊم ۽ سندس پنھنجي آفيس جي وڏن عملدارن جا سنگدل چھرا کيس گهوريندا رهيا ۽ هُو بي چئن ٿي ويو. سڀ کان هيٺين منزل جي ڏاڪڻ تي جيڪ موني ملي ويس جو موديخاني مان شراب جون ٻه بوتلون کنيو مٿي وڃي رهيو هو. ٻنھي هڪٻئي کي سرد مهريءَ سان سلام ڪيو. کن پل لاءِ ڊوران جيڪ جي کهري سفاڪ شڪل ۽ سندس مضبوط سگهارن ٻانھن ڏانھن ڏٺو ته هو ڏڪي ويو. هيٺ پھچي به کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهي مضبوط ٻانھون کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏينديون. ڏاڪڻ لھي بي اختيار مُڙي هن مٿي ڏٺو، جيڪ هاڻي به پنھنجي ڪمري جي ڀرسان بيهي کيس گهوري رهيو هو.

نه ڄاڻان ڇو جيڪ ۽ مونيءَ کي ڏسي، ڊوران کي اها رات ياد اچي ويئي، جڏهن ميوزڪ هال جي هڪ موسيقار، جيڪو لنڊن جو رهندڙ هو، پوليءَ جي باري ۾ ٿورو بي تڪلفيءَ سان پنھنجي خيال جو اظھار ڪيو هو، جنھن جو جيڪو نتيجو ٿيو هو، اهو اڄ ڊوران جي اکين اڳيان ڦري ويو. سمورو پروگرام رڳو جيڪ جي تشدد جي ڪري درهم برهم ٿي ويو هو. کيس روڪڻ ۽ خاموش ڪرڻ جي گهڻو ڪري سڀني ڪوشش ڪئي هئي، پر هُو ڀلا ڇو ٿو قابو ۾ اچي! انھيءَ ويچاري موسيقار جو خراب حال هو. هن کيس هر هر پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هن جو مطلب خدانخواسته پوليءَ جي بيعزتي ڪرڻ نه هو. هُو پنھنجي زرد زرد چھري سان مرڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ڏاڍي معذرتاڻي انداز ۾ صفائي پيش ڪري رهيو هو، پر جئڪ ته رڙيون ڪري آسمان مٿي کڻي ڏنو هو ۽ صاف صاف چئي رهيو هو ته جيڪڏهن آئنده ڪنھن به سندس معصوم ڀيڻ جي شان ۾ گستاخي يا ڪنھن قسم جي بدتميزي سان گفتگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُو سندس ڏند ڀڃي ڇڏيندو. آخر ڇا سمجهيو هو ماڻھن، هن جي انتھائي شريف ڀيڻ کي؟

پولي نه ڄاڻ ڪيستائين پلنگ تي ويھي ماٺ ڪري روئندي رهي. نيٺ هن اٿي پنھنجا لڙڪ اگهيا ۽ آئيني جي ويجهو ويئي. هن ٽوال جو ڪنارو پاڻيءَ ۾ پسايو ۽ پوءِ ٿڌي ٽوال سان اکين کي آلاڻ سان تازو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن خود کي آئيني ۾ هر رخ کان ڏٺو ۽ پوءِ ڪنن کان ٿورو مٿي، وارن جي پِن ٻيھر لڳائي وار درست ڪيا. پوءِ هوءَ ٻيھر پلنگ تائين ويئي ۽ پيرانديءَ کان ويھي رهي. هوءَ چپ چاپ وڃايل وڃايل انداز ۾ چڱي دير تائين ٽِڪ ٻڌي وهاڻن کي ڏسندي رهي. اهي ڏسي سندس ذهن ۾ بيشمار دلڪش خيال اُڀري آيا. حسين روماني يادن جو هڪ سيلاب منڊ جي آيو. لوهي پلنگ جي سرد سيرانديءَ تي پنھنجو ڪنڌ ٽڪائي، هوءَ چپ چاپ ليٽي پيئي. هُن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بيشمار تصوَرن ۾ وڃائجي ويئي. هاڻي سندس چھري تي ڪٿي به ڪنھن قسم جي ايذاءُ جا آثار نه هئا.

هوءَ ڏاڍي صبر سان، خوش ٿي، بنا ڪنھن گهٻراهٽ جي، ماٺ ميٺ ۾ انتظار ڪرڻ لڳي. هاڻي پريشان ڪندڙ يادن جي جاءِ تي سندس ذهن تي هوريان هوريان حسين توقعون ۽ مستقبل جي باري ۾ خوشگوار اميدون ڇانئجي ويون. سندس اهي حسين اميدون ۽ خوشگوار توقعون، مٿس ڪجهه انھيءَ حد تائين ڇانئجي ويون جو هاڻي کيس نه اهي صاف سٿرا وهاڻا ٿي نظر آيا ۽ نه کيس ياد رهيو ته اجهو هاڻي ٿوري دير اڳ تائين، هن ٽڪ ٻڌي اهي ڏسي ڇا ڪجهه سوچيو هو. کيس ته اهو به ياد نه رهيو ته هاڻي کيس ڪھڙي شيءِ جو انتظار هو.

چڱيءَ دير کان پوءِ کيس ڪٿان پري کان پنھنجي ماءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته هوءَ ڇرڪي وئي. ماڻس کيس هيٺ سڏي رهي هئي. هوءَ تيزيءَ سان اُٿي ۽ ڊوڙندي ڏاڪڻ ڏانھن رخ رکيائين.

”پولي!. . . پولي!“

”ها... امان!“

”هيٺ اچ ڌيءَ، مسٽر ڊوران توسان ڪجهه ڳالھائڻ ٿو چاهي.“

اوچتو هاڻي کيس ياد اچي ويو ته آخر کيس ڪھڙي ڳالھه جو انتظار هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org