غلام محمد شاهه ”گدا“
[ولادت 1253هه/وصال 1222هه]
دفترِ دردِ دل، لکڻ کان وڌيڪ،
سوز سيني جو، ٿيو سلڻ کان وڌيڪ.
زهر ڄاڻان ٿو، زيست فرقت جي،
موت صدبار ٿيو، جيڻ کان وڌيڪ.
آءُ اي منهنجا دلگهريا دلدار:
سُور ڏي ڪين، تون سَهڻ کان وڌيڪ.
تنهنجي اکڙين تي آءٌ ڇڪن آهيان،
آهه وحشت سندم مرڻ کان وڌيڪ.
سچ چوان ٿو، چوان ٿو سچ، بيشڪ!
نه ڏٺم ڪو ٻيو، سڄڻ کان وڌيڪ.
آهه پيرِ مغان جي عام سخا،
ڏيندو مَي مون کي سو گهُرڻ کان وڌيڪ.
آهه ضرب المثل لُچائيءَ ۾،
پر نه اِبليس ٿي ڏڄڻ کان وڌيڪ.
سچ سان ڪچ ڪين ڪي ڪڏهن مَٽ ٿئي،
بهه کي چوندو ڀَلا ڪو ڪَڻ کان وڌيڪ؟
ڪر تواضع، نه ڪر تڪبر تون،
سر ۾ نخوت ٿي، دم هڻڻ کان وڌيڪ.
[”ڪليات گدا“، ص 143]
”…گدا جو ڪلام انيڪ خوبين رنگينن سان ڀريل آهي،
تشبيهه، استعاورو، تخيل، زبان جي صفائي، محاوري
بندي ۽ صنايع بدايع ته سندس خاص خاصو آهن. گدا
پنهنجي دور جي شاعرن جو شاهه هو، تنهن ۾ تـِر
جيترو به مبالغو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن اعليٰ پايي
جي شاعر وٽ قادرالڪلاميءَ ۾ پختگي، خيالن جي بلندي
۽ طبيعت جي عالي فڪري موجود آهي. پاڻ جيتوڻيڪ
اعليٰ علم ۽ فڪر جو صاحب هو، پر تنهن هوندي به ٻين
شاعرن وانگر مغلق گوئيءَ کان ڪم ڪونه ورتو اٿس، ۽
شروع کان وٺي آخر تائين سادگي ۽ سلاست کي برقرار
رکي، پنهنجي برجستگيءَ ۽ روانيءَ جو ڌاڪو ڄمائي
ڇڏيو اٿس. سندس طبيعت ’آوردا‘ کان خالي ۽ ’آمد‘
سان ڀرپور هئي، ۽ خاص طور تي شعربه اُن وقت چوندو
هو، جڏهن سندس طبيعت شعر چوڻ لاءِ آماده هوندي
هئي، ۽ بي محل بي موقعي پنهنجو وقت ڪڏهن به ضايع
نه ڪندو هو. ايڏي سادگيءَ ۽ سلاست جي باوجود، سندس
ڪلام معنوي حيثيت سان هر طرح بلند آهي، ۽ تشبيهن
۽ استعارن جي بندش اهڙيءَ ريت برقرار رکي اٿس،
جنهن کي ڪو به شاعر فنِ شاعريءَ جي ڪافي مشق ۽
مهارت کان سواءِ ڪڏهن به نڀائي نٿو سگهي: اها خوبي
ڄڻ ته قدرت فقط سندس ئي ورثو بنائي ڇڏيو هئي، ۽
اهڙيءَ سعادت تي جيترو به ڪو ناز ڪري اوترو ٿورو.
گدا جو ڪلام، سادگيءَ جي اعتبار سان فقط قافيي
پيمائي ۽ معمولي خيالن جو مجموعو نه سمجهڻ گهرجي،
بلڪ سندس شعر جذبات جي ڀڙڪندڙ شعلن تي پچي عالم
وجود ۾ آيا آهن، ۽ سندس سوز و گداز جي تاثير کي
سوز ڀريون دليون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن. اُن
سان گڏ اُهي خوبيون، جيڪي موجوده دور ۾ تغزل جو
خاص سرمايو ڪري ليکيون وڃن ٿيون، اُنهن منجهان ڪا
به اهڙي ڪا نه هوندي، جيڪا گدا جي ڪلام ۾ موجود نه
هجي…“
_رشيد احمد لاشاري
[”ڪليات گدا“، مقدمو، ص 42- 48]
سيد فاضل شاهه
خورشيد قمر سرطان اندر، خوشحال ٿيا سعدين ٻئي،
محبوب ملي مسرور ڪيا، ان وير اچي عينين ٻئي.
سينگار سڄڻ سردار سندي اسرار عجب اظهار ڪيا،
حيران ٿيا هڪ وار ڏسي،سامان سڀئي ثقلين ٻئي.
جنسار ڪيو ديدار جوهر، منٺار موهن مختار مٺي،
مفتون ٿيا دلدار سندا، ديدار ڏسي دارين ٻئي.
ظلمات وئي ارمان لٿا، نابود ٿيا گمراهي گس،
نروار ٿيا نيشان جڏهن، ايمان سندا نورين ٻئي.
’فاضل‘ ته سندا آڌار اجها، آهينِ املهه منجهه روز
جزا،
سـِبطين نبي اِبنين علي بضعين ڀلا حسين ٻِئي.
[”منتخب ديوان فاضل“ ص 48]
”…سنڌ جوهيءُ بي نظير شاعر، 1836ع ۾ حيدرآباد ۾
ڄائو. سندس والد جو نالو حيدر شاهه هو، جو پڻ هڪ
چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ ڪٿي عالمانه
وعظ ۽ خداپرستيءَ لاءِ تاڪيد، ڪٿي علم ۽ اخلاق
لاءِ نصيحت، ڪٿي صوفياڻيون صلاحون ۽ حقيقي اسرارن
جو ذڪر، مجازي مهميز جون خبرون، ڪٿي ساراهه ۽ صفت
ته ڪٿي شڪوه ۽ شڪايتن جو مواد ملي ٿو.
سندس زماني ۾، حيدرآباد توڙي سڄيءَ سنڌ ۾ فارسي ۽
سنڌي ڪلام چوندڙ گهڻائي شاعر موجود هئا. اُنهن ۽
آخوند قاسم ۽ غلام محمد شاهه ’گدا‘ جا نالا قابل
ذڪر آهن. آخوند قاسم سندس گهرو دوست هو. اُن زماني
جا شاعر سنڌي مصرعن ۾ عربي يا فارسي مصرعون شامل
ڪرڻ فخر سمجهندا هئا، انهيءَ ڪري ’ديوان فاضل‘ ۾
عربي ۽ فارسي تڪون، لفظ ۽ محاورا گهڻي قدر ڪم آندل
آهن؛ تنهن هوندي به منجهس نج سنڌي لفظن ۾ اصطلاحن،
پهاڪن ۽ محاورن جي ڪمي ڪانهي. شاهه صاحب جو ڪلام
اڪيچار خوبين سان ڀريل آهي. علم هيئت، علم، طبء
۽ ڪيميا جي ثابتيءَ لاءِ تشبيهون ڏيئي پنهنجي ڄاڻ
جو ثبوت ڏنو اٿس. سنڌي موزون ڪلام ۾ ’تاريخگوئي‘ ۽
’ماده تاريخ‘ جو موجد شاهه صاحب ئي هو.
فاضل شاهه هڪ متشرع صوفي ۽ روشن ضمير شاعر هو.
سندس ڪلام ۾ ايراني طرز وارو مضمون يعني خط وخال،
زلف و ڪاڪل، نرگس و سنبل، گل و بلبل ۽ ساقي جام
بلڪل اڻ لکو آهي. سندس ڪلام سندس حال موافق آهي.
البت ڪٿي ڪٿي اوائلي زماني واريون مجازي عشق جون
آهون به نظر اچن ٿيون…“
_ڊاڪٽر غلام علي الانا
[منتخب: ”ديوان فاضل“، ص 6-7]
تحقيق
”سنڌ جي سڄاڻ عالمن جڏهن اِهو اُصول قبول ڪيو ته
”سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا وڃن ته پوءِ اُن اُصول تي پڪي
طرح عمل به ڪيائون. سندن پنهنجي سڄي تعليم جي
تڪميل ’فارسي‘ ۽ ’عربي‘ ذريعي ٿي هئي، پر جڏهن پاڻ
”سنڌيءَ“ ۾ ڪتاب تصنيف ڪرڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪ
ته نج سنڌي ٻولي ڪم آندائون؛ ٻيو ته هر موضوع کي
آسان سنڌي ۾ بيان ڪيائون ته جيئن عام پڙهيلن بلڪ
اٻوجهن کي به سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اِهو سندن اعليٰ
علمي صلاحيت جو ڪارنامو هو جو الاهيات ۽ عقائد جا
ڳوڙُها مفهوم، فقہ ۽ تفسير جا ڏکيا موضوع توڙي
تصوف ۽ سلوڪ جا مشڪل مضمون سولي ۽ سهکي سنڌيءَ ۾
ڪياميابيءَ سان سمجهايائون.
سنڌي عالمن جي هن ڪاميابي جو مدار سندن اختيار ڪيل
ٽن مکيه طريقن تي هو: پهريون ته کين هر موضوع ۽
مضمون جي ماهيت ڪلي طور تي معلوم هئي، ۽ هر موضوع
۽ مضمون جي مختلف مسئلن جي کين پوري ڄاڻ هئي؛ ٻيو
ته کين هڪ طرف عربي ۽ فارسي زبانن تي ته ٻئي طرف
سنڌي ٻوليءَ تي پوري پوري مهارت حاصل هئي، ٽيون ته
هر موضوع کي صحيح نموني ۽ آسان عبارت ۾ سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪيائون. هنن جڏهن ڪنهن به موضوع يا مسئلي تي
لکيو ته اُن کي اڳ ڪيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ جامع
نموني سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. معاشري جي
ڪن خاص مسئلن کي سنڌ جي طبعي ۽ سماجي ماحول جي
مناسبت سان سمجهايو؛ سنڌيءَ ۾ اهڙي مسئلن ۽
موضوعن کي صحيح نموني بيان ڪرڻ خاطر عربي، فارسي ۽
سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.“
-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ادب جو سماجي ڪارج
ڊاڪٽر غلام علي الانا
1. ڪارج جو مطلب آهي ڪنهن به شيءِ جو استعمال.
”ادب جو سماجي ڪارج“ فقري مان مراد آهي ته ”ڪنهن
به ٻوليءَ جي ادب جو، اُن ٻوليءَ جي سماج ۾
استعمال.“
ادب جو سماج ۾ استعمال ڪيئن ٿيندو آهي، يا ادب کي
ڪنهن به سماج ۾ ڪهڙيءَ طرح سان استعمال ڪيو ويندو
آهي، يا ادب کي سماجي مسئلن جي عڪاسيءَ لاءِ
تحريري صورت ۾ ڪيئن ڪم آڻي سگهجي ٿو، اِنهن سڀني
ڳالهين کي ”ادب جو سماجي ڪارج“ چئبو آهي.
اِنهن مڙني وضاحتي ڳالهين، سوالن ۽ نقطن جو آسان
جواب هيءُ آهي ته ”علم ادب زندگيءَ جو آئينو آهي“،
يا ”علم ادب زندگيءَ جي تصوير آهي“ يا ”علم ادب،
زندگيءَ جو تفسير آهي“. زندگيءَ جي اِنهيءَ
’آئيني‘، اِنهيءَ ’تصوير‘ يا اِنهيءَ ’تفسير‘ جي
وڌيڪ وضاحت لاءِ هيئن چئي سگهجي ٿو ته، ”ڪنهن به
سماج ۾، اُن سماج جي روزمره جي وهنوار ۾ جيڪي ڪجهه
ٿيندو رهندو آهي، يا جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي يا
جيڪي ڪجهه ٿي گذريل آهي، اُن سماج جي علم ۽ ادب ۾،
اُنهن نقطن جي عڪاسي ڪيل هوندي آهي.“ ڪو به اديب
يا شاعر، سماج جي اُنهن مسئلن کي پنهنجين لکڻين
ذريعي بيان ڪندو آهي، ۽ هو پنهنجي پڙهندڙن جي
سامهون لفظن جي صورت ۾، اُنهن مسئلن کي پيش ڪندو
آهي. سماجيات جو هر ماهر پنهنجن ادبي شهپارن يا
شعر صنفن ذريعي، زندگيءَ جي اِنهن ۽ اهڙن رازن کي
ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ پوءِ هو (سماجيات جو
ماهر) جن نتيجن تي پهچندو آهي، تن کي ٻين جي اڳيان
اثرائتي انداز ۾، واضح لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي. انهيءَ وضاحت مان خبر پوندي آهي ته اُهو
ادبي شهپارويا ڪا شعري صنف، سماج جي اڀياس ۾ ڪيتري
قدر مددگار ثابت ٿي آهي(1).
(2)-(الف) ادب ڇا کي ٿو چئجي يا ادب ڇا آهي، اُن
جي باري ۾ مختلف ٻولين جي نقادن ۽ تنقيدي ماهرن
گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. اُنهن جي ڏنل وصف/ وصفن کي
هن مقالي ۾ دُهرائڻ مناسب نه ٿيندو آهي، البت اِن
حقيقت کي ضروري دهرائبو، جنهن موجب ماهرن چيو ته
آهي ته، ”ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق
آهي“؛ ڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ”هر
قوم جو ادب اُن قوم جي سماج جو آئينو آهي، اُن قوم
جي ادب ۾ اُن (قوم) جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ
جي عڪاسي ڪيل هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته
سنڌي زبان ۾ تخليق ڪيل هر دَور جو جواب، اُن دور
جي ماحول جي سچي تصوير يا اُن دور جي ماحول ۽
مسئلن جي صحيح عڪاسي آهي.
(ب) (1)اِها انساني فطرت آهي ته هو پنهنجي ماحول ۾
روزانو جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو يا محسوس ڪري ٿو، اُن جو
هو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي. هو پنهنجي ڳالهه ٻين
تائين پهچائڻ چاهيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر انسان
فطرتي طور تي پيٽ جو هلڪو هوندو آهي. انهيءَ ڪري
هو پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ کان پوءِ ئي سُک
جو ساهه پٽيندو آهي(2).
(2) هر ٻوليءَ جي ادب ۾ شاعري توڙي نثر نويسيءَ
جون صنفون، سماجي حالتن جو لکت ۾ اظهار جو وسيلو
هونديون آهن، جڏهن ڪنهن شخص جي دردمند دل ۾ ڪو
درد جاڳندو آهي. هن جون اکيون جڏهن ڪو ڏک رسائيندڙ
يا اڻوسونهائيندڙ واقعو ڏسنديون آهن، يا ڪو اديب
شاعر جڏهن ڪو اهڙو ڏکوئيندڙ احوال ٻڌندو آهي، ته
اهڙيءَ حالت ۾ هو اُن ڏک، درد يا رنج جو احوال ٻين
جي سامهون بيان ڪرڻ چاهيندو آهي؛ اهڙيءَ ڪيفيت ۾
هو اُن واقعي يا اُنهن واقعن جي اظهار جو ڪو وسيلو
ڳوليندو آهي. هن جون شعوري توڙي لاشعوري ڪيفيتون
ٻين تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تڙپڻ لڳنديون آهن ۽ هن جي
اُها تڙپ ۽ لوچ، جڏهن تحريري صورت ۾ لفظن جو روپ
وٺندي آهي، تڏهن اُها نثر يا نظم جي ڪنهن صنف جي
لباس ۾ ظاهر ٿي پوندي آهي. هن ڏس ۾ محترم حميد
سنڌيءَ جو رايو آهي ته:
”اُنهيءَ سونهاريءَ سنڌ جي حُسن، اُتان جي ماڻهن
جي جذبن، ڪيفيتن، ڏجهن ۽ ڏوجهرن ۾ ڪيئن سهڻا،
ساڀيا سپنا سرجيندڙن مون کان گهڻو ڪجهه لکرايو.“
(3)
مطلب ته موجوده زماني جي حالتن، اُن ۾ رهندڙ ماڻهن
جو ذڪر، اُنهن جي معاملن ۽ مسئلن، اُنهن جي سورن
جي باري ۾ اهڙيءَ تحرير کي ئي ’ادب‘ چئبو آهي،
پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم جو رايو آهي ته:
”هيءَ حقيقت آهي ته جيڪڏهن ادب نه هجي ها يا ادب
اظهار جو وسيلو نه هجي، ته شايد انسان کي پنهنجي
ماضيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نه هجي؛ هن کي پنهنجي تاريخ
ئي نه هجي ها.“ (4)
(ت) (1) تاريخ هن حقيقت جي شاهد آهي ته زنده قومن
جي نشاني، سندن سداحيات ’ساهت‘ آهي. جيتريقدر گهڻا
۽ اصلوڪا يعني طبعزاد ڪتاب ڪا قوم پيدا ڪندي،
ايتريقدر اُها قوم زنده رهندي، مگر اهو ياد رکڻ
گهرجي ته اصلوڪن ڪتابن جي پيدا ڪرڻ جو دارومدار
اُن قوم جي مفڪرن تي هوندو آهي، جيڪو زندگيءَ جي
عميق ۾ ٽٻي هڻي، اُن جا هيرا لعل هٿ ڪري، پنهنجيءَ
قوم کي عطا ڪري، اُن کي سدا شاهوڪار بنائين ٿا
(5).
(2) سنڌي ادب جي سماجي ڪارج جي سلسلي ۾ محترمه
شبنم گل، تاج جويي جي ڪتاب ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“
جي مهاڳ (جنهن جو عنوان آهي ’شاعر ديپ جلائين ٿا‘)
۾ لکي ٿو ته:
”ادب هر دور جو ترجمان آهي، ۽ تاريخ جي اسڪرين
تان تيزيءَ سان بدلجندڙ منظرن جو گواه آهي. سماج ۾
ٿيندڙ تبديلين جو براه راست،ادب تي اثر پوي ٿو.
’ڊانٽي‘ جو ’Divine
Comedy‘
هجي يا ورجل جو ’Anied‘؛
ٽي. ايس. ايليئٽ جي ’Waste
land‘ هجي يا اسپينسر جي ’Fairy
Queen‘،
پنهنجي دور جي سماجي، سياسي، نفسياتي، مذهبي ۽
اخلاقي روين جي ترجماني ڪندڙ آهن“ (6).
محترمه شبنم گل، ساڳئي ڪتاب جي مهاڳ ۾ اڳتي
شاعريءَ جي سماجي ڪارج جو ذڪر ڪندي لکي ٿي:
”اُن حوالي سان، اسان کي شاعريءَ جا ٻه وڏا رَويا
نمايان طور ملن ٿا. پهرئين رويي ۾ شاعر فقط پنهنجي
من جي گهراين مان ڦٽندڙ احساسن جي وروڪڙ رستن تي
هلڻ جو عادي آهي. هن جي شاعري فقط سندس داخلي
ڪيفيتن جي آئينه دار آهي. اِها الڳ ڳالهه آهي ته
سندس انداز بيان ايترو ته سگهارو ۽ با معنيٰ هجي،
جو انفرادي حوالي سان ڪيل ڳالهه جو اشارو اجتماعيت
۾ بدلجي وڃي.
شاعر جي ٻئي رويي ۾ شاعري ذاتي ڪيفيتن جي پرچار
کان هٽي ڪري، زندگيءَ جي گوناگون روين، ڪائنات جي
وسعتن ۽ انسانيت جي مشترڪ مسئلن جي نمائندگي ڪري
ٿي. اهڙيءَ شاعريءَ کي ڪنهن به دور ۾ قيد ڪري نٿو
سگهجي، ڇو ته اُن جو پس منظر ۽ آفاقيت، اُن سوچ ۽
اُن خيال کي هر دور ۾ زنده رکي ٿي“ (7).
(3)محترم محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر بدرالدين اُڄڻ
جي طرفان ترجمي ڪيل ڪتاب ۾، ’شاعريءَ جو سماجي
ڪارج‘ ۾ لکي ٿو ته:
”هيءَ ڳالهه ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي
دَور جو نئون زنده ادب نه هوندو ته اسين پنهنجي
ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون. جيستائين اسان
جي ماضيءَ جو ادب اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽
پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي
ويندو، جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب، ڇو ته
اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽ اسان جي رهڻيءَ
ڪهڻيءَ جو اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي
اثر ۽ دٻاءُ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو،
۽ اُن حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه
آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساسن ۽ شعور کي
لفظن جي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي
بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته اُن صورت ۾ نه فقط
اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت بلڪه سواءِ خسيس
محسوسات جي ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي محسوس ڪرڻ جي طاقت
نستي ۽ نابود ٿي ويندي“(8).
(ث)ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هڪ دفعي لکيو هو ته:
”اديب به انسان آهي. اِنڪري هر اُها شيءِ جنهن جو
سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح اسان جي زندگيءَ جي مسئلن يا
اسان جي ٻاهرينءَ ڪائنات سان واسطو آهي، سا اديب
جي دل تي اثر ڪري ٿي، ۽ اديب نه رڳو پنهنجن
مشاهدن، تجربن ۽ پنهنجي آڏو ٿيندڙ واقعن جو اثر
قبول ڪري اُن جو سنئون سڌو عڪس موٽائي ٿو، پر اُن
کي پنهنجي ذاتي شعور ۽ جذبن جي رنگ ۾ اُن جو اظهار
ڪري ٿو“ (9).
(ج) ادب جتي سماج کي بدلائيندو آهي يا سماجي قدرن
کي موڙيندو آهي، اُتي اُهو سماج جي رهبري به ڪندو
آهي. ادب کي سماج ۽ سماج ۾ رهندڙ عام ماڻهن کي سچ،
سونهن، حقيقت پسنديءَ ۽ جمهوري قدرن طرف موڙڻو به
آهي(10)؛ يعني ادب کي جتي سماج جي رهبري ڪرڻي
آهي، اُتي اُن کي ماڻهن کي جاڳائڻو به آهي؛ عوام
کي سندن مسئلن کان نه فقط آگاهه ڪرڻو آهي، پر عوام
کي راهون به ڏسڻيون آهن.
3-ادب جا موضوع/وشيه:
(الف) هر قوم جي ٻوليءَ جي ادب جي اڀياس کان پوءِ
اُن ٻوليءَ جي ادب ۾ بيان ڪيل موضوعن ۽ مضمونن جي
تفصيل جو پتو پوي ٿو، ۽ ائين به معلوم ٿئي ٿو ته
هر دَور جو ادب، پنهنجي دَور جي سماجي، سياسي ۽
اقتصادي حالتن کان متاثر رهيو آهي. ٻين لفظن ۾
هيئن چئبو ته هر دَور جو ادب، اُن دَور جي سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي چٽي تصوير آهي. اُن ۾ هر
دَور جو عڪس چٽيل هوندو آهي.
(ب) ڪنهن به سماج ۾ جڏهن به ڪا تبديلي محسوس ڪبي
آهي، تڏهن اُن تبديلي جو اظهار خود به خود، اُن
دَور جي علم ادب ذريعي ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ
تبديليءَ جي اظهار جو ثبوت، اُن دَور ۾ لکيل
ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن، مضمونن، ڪالمن ۽ شعري صنفن
۾ نظر ايندو آهي.
ڪو به ڪهاڻيڪار، ناول نويس، ناٽڪ نويس، ڪالم نويس،
مضمون نويس، سوانح نگاريا شاعر، پنهنجي چوڌاري
واري ماحول جي مسئلن ۽ مضمونن جي عڪاسي ڪندو آهي.
هو (نثر نويس يا شاعر) پنهنجي ماحول ۾ چوڌاري ٿيل
معاملن ۽ مسئلن کي لفظن جي ويس ۾ بيان ڪندو آهي.
هو پنهنجين لکڻين ۾ زندگيءَ جي مختلف مسئلن ۽
پنهنجي جيوت جي ڌار ڌار قدرن جا چـِٽ چٽيندو آهي.
ڪو به اديب يا شاعر، جيئن ته پنهنجي سماج جو هڪ
فرد هوندو آهي، اِنڪري هو پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي
سماج جي مسئلن ۽ زندگيءَ جي وشين کي نمايان ڪندو
آهي ۽ اُنهن جي نشاندهي به ڪندو آهي ۽ پنهنجن
پڙهندڙن کي اُنهن مسئلن طرف متوجهه به ڪندو آهي.
(ت) (1)هر قوم جو سماج، ڪيترن ئي طريقن سان، اُن
قوم جي علم ادب تي اثر انداز هوندو آهي. اُن قوم
جو طبقاتي ڍانچو، اُن قوم جو سياسي نظام، اُن قوم
جو اقتصادي نظام ۽ اُن قوم جي سماج جي مختلف قدرن
جا اُهڃاڻ ۽ نشان، اُن قوم جي علم ادب ۾ چٽيءَ طرح
بيان ڪيل هوندا آهن. اُن کان سواءِ اُن قوم جي
ماڻهن جا خيالَ، تصور، جذبا، سوچون، اُمنگ ۽
اُميدون وغيره به اُن جي علم ادب ۾ بيان ٿيل نظر
اينديون آهن.
مطلب ته ساجي زندگيءَ اندر اهڙي ڪا به شيءِ نه
هوندي آهي، جنهن جو اظهار اُن سماج ۾ رائج ٻوليءَ
جي علم ادب ۾ ٿي نه سگهندو هجي. لهاذا علم ادب ۾
اُهو سڀڪجهه نمايان هوندو آهي، جيڪو اُن قوم جي
سماج ۾ نظر ايندو آهي.
(2)هر قوم جي علم ادب جي ڌار ڌار صنفن جي اڀياس
مان اهو به معلوم ٿيندو آهي ته فلاڻي اديب يا شاعر
جي دَور ۾، اُن اديب يا شاعر جي سماج جا اهم مسئلا
ڪهڙا ڪهڙا هئا، ۽ اُن دَور جي عوام جي سوچ ۽ فڪر
جولاڙو ڪهڙي طرف هو؟ اِنهيءَ ڪري هيءَ دعوا بلڪل
صحيح ٿي نظر اچي ته، ”علم ادب، هر سماج جو آئينو
هوندو آهي، جنهن ۾ اُن سماج جا مختلف روپ ۽ قدر
ڏسي سگهجن ٿا.“
4-سنڌي سماج هڪ قديم ترين سماج آهي. ماهرن اهو به
ثابت ڪيو آهي ته سنڌي سماج جا قدر ۽ اُن جو ماحول،
وقت سان گڏو گڏ بدلبو رهيو آهي. پراڻا قدر نون
قدرن کي جايون ڏيندا رهيا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي
سماج ۾ هرگز جمود نه رهيو آهي. اُن ۾ هر دَور ۾،
اُن دَور جي حالتن پٽاندر تبديليون اينديون رهيون
آهن. ان سلسلي ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جي جلد 4،
سال 1987ع ۾، منهنجي مقالي (”سنڌي ڊرامن جي
روشنيءَ ۾ سنڌ سماج جو مطالعو“)۾، صفحي 55 تي مون
هيءَ راءِ ڏني هئي:
”سنڌ ۾ انسانذات جي ارتقا جا ڪئين ثبوت مليا آهن،
جن مان پٿر جي دَور جي انسان جي سماج ۾، انساني
آباديءَ جي ابتدا ۽ اُن جي ارتقا جي باري ۾
معلومات پٿرن مان ٺهيل هٿيارن ۽ اوزارن مان ملي
ٿي. اهڙيءَ طرح کاڌي جي تلاش ڪندڙ ۽ کاڌي خوراڪ گڏ
ڪندڙ، اُن دَور جي انساننFood Collecting People)
يا ڍندن جي ڪنارن ۽ دريائن جي ڪنڌين تي آباديءَ جي
ابتدا، ۽ زراعت وغيره جي باري ۾ گهڻي معلومات ملي
ٿي.“
پٿر جي اوائلي دَور (Paleolithic)
وارو انسان، ننڍن ننڍن ٽولن ۾، جبلن ۽ پهاڙن جي
اوٽ ۾ رهندو هو. هو کاڌي خوراڪ جي تلاش ۾ سرگردارن
رهندو هو. اُن دَور جي انسانذات جو کاڌو خوراڪ وڻن
ٽڻن جا ميوا ۽ ڪچڙيون پاڙون هونديون هيون. هو
جانورن جو شڪار ڪري اُن جو گوشت کائيندوهو.
ماهرن جي راءِ موجب، پٿر جي دَور جو انسان، ڪافي
سمجهه رکندو هو. اُن انسان جيئڻ خاطر ڪي وسيلا به
اختيار ڪيا هئا. اُنهن وسيلن مان هڪ وسيلو پٿرن
مان ڌارڌار قسمن جا اوزار ۽ هٿيار ٺاهي پنهنجي گذر
معاش لاءِ جتن ڪرڻ هو.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن
اُهو انسان نيون نيون شيون ايجاد ڪندو ويو، ۽ زنده
رهڻ لاءِ نوان نوان جتن ڪندو ويو؛ ٻين لفظن ۾ هيئن
چئبو ته اُن دَور جي انسان پنهنجي روزانه زندگيءَ
۾ بتدريج ڪيئي تبديليون آنديون.
سنڌ ۾ روهڙيءَ جي ٽڪريءَ، نئنگ، ٿرڙي، ڪوٽ ڏيجيءَ،
موهن جي دڙي، آمريءَ ۽ پنجاب ۾ هڙپا جي دڙي ۽
بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ نوشهره جي قديم آثارن جي
کوٽاين مان اُنهن قديم وسندين جي معاشري مان پٿر
جي اوزارن، هڏن مان ٺهيل شين، لوهه جي سامان ۽
مٽيءَ جي ٿانون کان سواءِ ٻيو به ڪافي سامان جهڙوڪ
مڇي ڦاسائڻ جون ڪُنڍيون، ڀالا ۽ تير ڪمان وغيره
مليا آهن. اُنهيءَ سامان جي اڀياس کان پوءِ چئي
سگهجي ٿو ته سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ اڳوڻو انسان 3500
ق.م. تائين، پنهنجي سماج جي اهڙيءَ منزل تائين
پهچي چڪو هو، جو اُن کي آثار قديمه جي ماهرن
طرفان سڌريل تهذيب ۽ تمدن ۽ سڌريل معاشري وارو
انسان تسليم ڪيو ويو هو.
اُن دَور ۾ انسان اگهاڙو ڪونه گهمندو هو، پر هو هڪ
قسم جو لباس پائيندو هو. هو ڪنڀارڪي ڪم، لوهارڪي
ڪم، ڪورڪي ڌنڌي، رنگريز جي ڪم، ماهيگيريءَ، تجارت
توڙي وڻج واپار ۾ ڪافي حد تائين ترقي ڪري چڪو هو“
(11).
اِهي سڀ ڳالهيون اسان جي علم ادب ۾ محفوظ ڪيل آهن.
اهڙيءَ طرح سنڌي ادب پنهنجي دَور جي اقتصادي،
سياسي ۽ سماجي حالتن کان متاثر ٿي، اُنهن حالتن
پٽاندر بدلبو رهيو آهي، ۽ اُن ۾ ترقي ايندي رهي
آهي. اُن ۾، هر دَور ۾، اُن دَور جي حالتن مطابق
نواڻ ايندي رهي آهي؛ اُن ۾ نوان لاڙا ايندا رهيا
آهن ۽ اُنهن ۾ نوان رجحان پيدا ٿيندا رهيا آهن.
اِهوئي سبب آهي جو ماهرن جي راءِ ۾، سنڌي زبان جي
هر دَور جو ادب، اُن دَور جو ’جديد ادب‘ آهي(12)،
5- (الف) هر دَور ۾ تخليق ڪيل سنڌي ادب جو جڏهن
مطالعو ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته هر دَور ۾ سنڌي
ادب ارتقا پذير رهيو آهي ۽ سنڌي سماج جا، هر دَور
جا مسئلا پنهنجا پنهنجا رهيا آهن. اڄ جي جديد نثر
توڙي نظم ۾ جيڪي ڪجهه لکجي رهيو آهي، اُن ۾ سماج
جا بيان ڪيل قدر اُهي ساڳيا نه آهن. مثال طور
سومرن جي دَور واري سنڌي ادب جا قدر اُهي ساڳيا نه
هئا، جيڪي اڄ جي دَور جي سنڌي ادب جا قدر آهن.
ڪنهن زماني ۾ ادب جو ڪارج فقط وندر ۽ ورونهن هو،
پر اڄ جي ادب جو ڪارج وندر ۽ ورونهن نه آهي. اڄ جي
سنڌي ادب جو ڪارج سماجي سجاڳي، سماجي مسئلن کي
سمجهڻ ۽ اُنهن مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ عام ماڻهن کي
اُهي حل ڏسڻ ۽ پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. اڄ
جو ادب وندر ۽ ورونهن بدران مزاحمتي تحريڪن ۽
نظرين جو پيغام ڏيندڙ ادب آهي. ان ۾ سماجي سجاڳيءَ
لاءِ عوام کي اُتساهه ڏيارڻ جو مواد وڌيڪ آهي؛ اُن
۾ ڏاڍن سان جنگ ڪرڻ لاءِ اُتساهه ڏيارڻ جو جذبو
وڌيڪ آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙا موضوع سنڌي ٻوليءَ جي
آڳاٽي ادب ۾ به ملن ٿا. اهڙا موضوع شاهه ڀٽائيءَ
جي دَور ۾ به بيان ٿيل ملن ٿا. شاهه عنايت شهيد
جهوڪ واري جا غريب سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ وارا
گفتا، قول ۽ ٻول آڳاٽا قول ۽ ٻول آهن. ڪلهوڙن جي
دَور ۾، لطيف سائينءَ به، سنڌيت واري جذبي جاڳائڻ
جون ڳالهيون ڪيون؛ مثال طور لطيف سائينءَ فرمايو
هو ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،
حيف تني کي هوءِ ،وطن جن وساريو.
يا لطيف سائين هيئن فرمايو ته:
ڀڳو آءٌ نه چُئان، ماريو ته وِسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، آءٌ سيڪندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مهران، جي هُوِنس پُٺ ۾.
لطيف سائينءَ جي هن بيت ۾ بيان ڪيل موضوع جا مثال
سنڌي ٻوليءَ جي گهڻي آڳاٽي ادب ۾، ٻيءَ صديءَ
عيسويءَ يعني سنڌ تي عربي حڪومت جي شروع ٿيڻ کان
پنج سوَ سان اڳ ملن ٿا. مثال طور، اهڙي آڳاٽي سنڌي
ادب جي هڪ ڳالهه جو حوالو، مون ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار
چئٽرجيءَ جي ڪتاب ’Indo-Aryan and Hindi‘
مان پيش ڪيو آهي، اُها ڳالهه/ گاٿا هن طرح آهي:
ڀلا هئا جو ماريو ڀيڻ، مهارو ڪَنت،
لجينج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر اَنت.
(ب) (1) تاريخ شاهد آهي ته سنڌو ڌرتيءَ ۽ اُن تي
آباد سنڌي ماڻهن هر دَور ۾ ڏکيا ڏينهن به ڏٺا آهن؛
پوءِ اُهو دَور چاهي برهمڻن جي حڪومت وارو دَور
هو، يا چاهي اُهو دَور عربن، سومرن، سمن، ارغونن،
ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ميرن، انگريزن يا 1947ع کان
پوءِ يعني ورهاڱي کان پوءِ پاڪستانجي قائم ٿيڻ
وارو زمانو هجي. سنڌ جي ڌرتي سکيا ڏينهن سنڀري ئي
ڪو نه. سنڌ جي ماڻهن پاڪستان جي حاصل ڪرڻ لاءِ
وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. هزارن جي تعداد ۾
سنڌي جوان توڙي بزرگ جيلن ۾ وڌا ويا. ظاهري طرح
آزادي ته ملي، پر اُها آزادي سنڌي عوام لاءِ ڏکيا
ڏينهن کڻي آئي.
(2) پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ 1950ع ۾،
ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ قائم
ڪيل سنڌ يونيورسٽيءَ کي اپريل 1951ع ۾ حيدرآباد
لڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾، نئين
ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي،جنهن پنهنجن حدن
اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري اصول يعني
ذريئه تعليم جو طريقو بند ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾
ڪراچي شهر ۽ اُن جي آسپاس سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم
ڏيندڙ اسڪول بند ڪيا ويا. اُنهن فيصلن تي سنڌ جي
عوام سخت اعتراض ڪيو.
(3)اُن کان پوءِ 1954ع ۾ اولهه پاڪستان جي چئني
صوبن ۽ رياستن کي ملائي ’ون يونٽ‘ قائم ڪيو ويو.
ون يونٽ واري دَور ۾ ’سنڌ‘ لفظ لکڻ تي به نندش وڌي
وئي. سنڌ ۾ سرڪاري طور دفترن، ڪورٽن، ابلاغي ذريعن
۽ تعليم جي ذريعي سميت سڀني هنڌن تان سنڌي ٻولي
ختم ڪئي وئي. سرڪاري جلسن ۾ سنڌي زبان ۾ تقرير ڪرڻ
تي بندش وڌي وئي. ون يونٽ واري دَور ۾ سنڌي ماڻهن
لاءِ نوڪرين جا دروازا به بند ڪيا ويا. سنڌ ۾
پٽيوالن ۽ ڀنگين جي نوڪرين لاءِ به ماڻهو پنجاب
مان آندا ويا. اُنهن بي انصافين سنڌي ماڻهن کي
ڏاڍو تنگ ڪيو، جن تحريڪون هلايون ۽ ون يونٽ جي
مخالفت ڪئي. سنڌ کان سواءِ صوبي سرحد، بلوچستان ۽
پنجاب توڙي سرائڪي ٻوليءَ واري پٽي ۾ ون يونٽ خلاف
آواز اُٿاريو ويو، بلڪه ائين کڻي چئجي ته اُنهن
سڀني علائقن جوعوام اُٿلي پيو. ملڪ جي اهڙين حالتن
جي ڪري 1958ع ۾ جنرل محمد ايوب خان مارشل لا
لڳايو. ايوب خان وارو مارشل لا دراصل سنڌ لاءِ ئي
هو.
(4) خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا سُڄاڻ
اديب ۽ شاعر بيدار هئا. 1950ع واري زماني کان وٺي
ون يونٽ واري دَور ۽ اُن کان پوءِ ايوب خان واري
مارشل لا واري زماني ۾، سنڌ سان ٿيل زيادتين جو
ذڪر اُن دَور ۾ لکيل سنڌي ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن،
اخباري ڪالمن، مضمونن، اخبارن ۽ رسالن جي
ايڊيٽوريلن کان سواءِ شعر جي مختلف صنفن ۾ نمايان
طور نظر اچي ٿو.
(5) اِن سلسلي ۾ سنڌ جي سڄاڻ قوم پرست دانشور،
محترم محمد ابراهيم جويي، محترم شيخ اياز جي ڪتاب
”وڄون وسڻ آئيون“ جي مهاڳ ۾، مٿي ذڪر ڪيل ماحول جو
منظر، هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
”1954ع ۾ اولهه پاڪستان جي ننڍين قوميتن جي پيرن ۾
ون يونٽ جي غلاميءَ جا زنجير وڌا ويا. 1958ع ۾ ملڪ
سان مارشل لا لڳائي، اُنهن زنجيرن کي مضبوط ڪيو
ويو. 1958ع کان 1968ع وارا ڏهه سال، اولهه پاڪستان
۾ هر طرف سياسي هيبت ڇانيل هئي، پر سنڌ ۾، سنڌ جي
وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جو آواز ڪڏهن به خاموش نه
ٿيو. هن دَور جا پويان چار سال ايوبي آمريت جا سخت
ترين سال هئا. سنڌ جي باغي اديبن جي جدوجهد جو زور
پڻ پنهنجيءَ چوٽيءَ تي، هنن چئن ئي سالن ۾ هو“
(13)
(6) محترم حميد سنڌي سنڌ جي مسئلن جي باري ۾،
پنهنجي تازي ڪتاب ”دردونديءَ جو ديس“ جي مهاڳ ۾
صفحي 11 ۽ 12 تي لکي ٿو ته:
”اڄ اسين جنهن دَور مان گذري رهيا آهيون، پنهنجي
ماضيءَ ۾، پنهنجي ادبي ۽ سماجي تاريخ جي دائري مان
نڪري نٿا سگهون، جو اهائي تقاضا آهي؛ ثقافتي ۽
سماجي اگهائي اُهائي ساڳي آهي؛ بک، بيروزگاري،
امن،پاڻي ۽ پوک جا مسئلا ساڳيا آهن. فرسوده وڏيرڪي
نظام ۾ ڏاڍي جي لٺ کي اُهي ئي ٻه مٿا آهن، تنهنڪري
جو ادب سـِرجي پيو، ۽ اُهوئي ڪجهه سـِرجي پيو،
جنهن اڳ به فڪري نظام ۽ سوچ ۾ انقلابي تبديليون
آنديون هيون. اڄ به سُڪل درياءُ جي ڪنهن ٻوڙ ٻوڙان
رخ بجاءِ، ماڻهن جو درياءُ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اُٿلي
پيو آهي. هر مسئلي تي پرجوش احتجاج، ڌرڻا، جلسا ۽
جلوس…!ڇا اِهو سنڌ جي تاريخ جو حصو نه آهي؟ اهو
ادب پيو سـِرجي. ڪلهه ادبي رسالا ۽ مخزنون ڀريل
هيون، اڄ اخبارون ۽ اُنهن جا ايڊيشن ڀريل آهن
(14).
(ت) (1)اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ماڻهن، ون
يونٽ ۽ ايوب خان جي 1958ع واري مارشل لا جي خلاف
زوردار آواز ُٿاريو ۽ زبردست هلچل هلائي، ڇاڪاڻ ته
اُنهيءَ ۾ بيورو ڪرئٽس جي طرفان کنيل قدمن ۾ ماڻهن
جو استحصال ڪيو. اُنهن جي قدمن ۾، جيئن اڳ ۾ چيو
ويو آهي ته سنڌي ذريعئه تعليم وارا اڪثر ادارا بند
ڪيا ويا هئا. ڪوٽڙي بئراج جون نيون نڪتل زمينون
سنڌ جي هارين جي بدران پنجاب ۽ صوبه سرحد جي بيورو
ڪرئٽس کي الاٽ ڪيون ويون ۽ سنڌ جي فني ڪاليجن ۾
سنڌ جي شاگردن کي داخلائون ڏيڻ جو سلسلو ختم ڪيو
ويو.
(2) اُنهن سببن جي ڪري سنڌ جي سجاڳ ۽ سنڌ دوست
شخصيتن: ”محبِ سنڌ“ سائين جي. ايم.سيد، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض
محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حفيظ، قريشي،
مولانا عبدالحق رباني، مولانا عزيز الله جروار،
ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي
جلالي، محمد امين خان کوسو، سوڀوگيانچنداڻي، ارباب
نور محمد پليجو، سيد باقر شاهه، رئيس عبدالمجيد
خان جتوئي ۽ ڪامريڊ نظير حسين حيدريءَ کان سواءِ
ڪيترائي نوجوان شاگرد، صحافي، اديب ۽ شاعر هن
تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌين
کي ”جيئي سنڌ“ جو نعرو ڏنو، جنهن اڳتي هلي سياسي
تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو. شاعريءَ ۾ اُن جدوجهد کي
شيخ اياز، عبدالڪريم گدائيءَ، نياز همايونيءَ،
تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، شمشير الحيدريءَ ۽
ٻين شاعرن زور وٺايو.
(3) اهڙيءَ طرح سنڌي اخبارن ۽ رسالن ذريعي محترم
عبدالشڪور منشيءَ پنهنجيءَ روزانه ”هلالِ پاڪستان“
ذريعي، محترم شيخ علي محمد روزانه ”عبرت“ ذريعي،
محترم مولوي عبداغفور سيتائيءَ ”نواءِ سنڌ“ ذريعي،
سردار لطف علي دل ”خادم وطن“ ذريعي، سيد سردار علي
شاهه روزانه ”مهراڻ“ ذريعي، مولانا غلام محمد
گراميءَ ٽماهي ”مهراڻ“ ذريعي، حميد سنڌيءَ ماهوار
”روح رهاڻ“ ذريعي ۽ محترم طارق اشرف ماهوار
”سهڻيءَ“ ذريعي حڪومت جي قدمن جي خلاف مزاحمتي
آواز اُٿاريو.
(4) اهڙيءَ طرح نثر نويثن ۾ جمال ابڙي، شيخ اياز،
اياز قادريءَ، غلام رباني آگري، سراج، عبدالغفور
انصاريءَ، شيخ حفيظ، ابن حيات پنهور، ابن الياس
سومري، مقبول صديقيءَ، سرائي اُميد علي، شيخ
عبدالستار، ع. ق. شيخ، جيجي زينت عبدالله چنا ۽
ٻين ڀرپور حصو ورتو.
(ث) (1)اُنهيءَ وطن دوست تحريڪ سنڌ ۾ وڏي جاڳرتا
آندي. سون جي تعداد ۾ ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ اخبارن
۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويا. مطلب ته
سنڌي زبان ۾ لکيل مزاحمتي ادب، اُن دور جي سماجي
ڪارج جو اعليٰ ۽ املهه خزانو آهي.
(2) اُن دَور ۽ اُن کان پوءِ سنڌ ۾ جنهن قسم جون
حالتون رهيون، اُنهن هتي جي فن ۽ فڪر کي شدت سان
متاثر ڪيو. ادب ۾ مزاحمت وارو پهلو، جنهن جي
شروعات گهڻي اڳ ٿي چڪي هئي، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو
ويو آهي، هاڻ مستقل ڪيفيت طور قائم رهيو. خاص ڪري
مارشل لا واري زماني ۾ اُن جو تاثر ڀرپور نظر اچي
ٿو (15).
(ج) (1) ساڳئيءَ طرح 1977ع ۾، شهيد ذالفقار علي
ڀٽي جي جهموري حڪومت کي جنرل ضياء الحق مارشل لا
ذريعي ختم ڪيو، ۽ جنهن طريقي سان هن قومي رهنما کي
شهيد ڪرايو ويو، اُن جو ثبوت تازو ’جيئو‘ ٽي وي تي
پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ڊاڪٽر
نسيم حسن شاهه جو بيان هڪ وڏو رڪارڊ آهي. جنرل
ضياء جي دور ۾ سنڌ ۾، ايم-آر-ڊي تحريڪ آمر جي خلاف
گهر گهر کي جاڳايو. شهيد ذالفقار علي ڀٽو پاڻ ته
شهيد ٿي ويو، پر سڄي پاڪستان جي غريب عوام کي
ڳالهائڻ جي سگهه ڏيئي ويو. اڄ به پاڪستان جو غريب
عوام شهيد ذالفقار علي ڀٽي جو ٿورائتو آهي، ۽ سندس
ڳڻ ڳائي ٿو.
(2) اُنهيءَ زماني ۾ تخليق ٿيل سنڌي ادب، سنڌ ۽
سنڌي عوام سان ٿيل زيادتين ۽ ظلمن جو هڪ درد ڀريو
داستان آهي. اُن دَور جي ادب ۾ سنڌين سان ڪيل ظلمن
جي عڪاسي ڪيل آهي. مطلب ته 1947ع ۾ پاڪستان جي
قائم ٿيڻ واري زماني کان وٺي، موجوده زماني تائين
واري عرصي ۾، سنڌ ۾ ٿيل واقعن، جن ۾ مٿي بيان ڪيل
مسئلن کان سواءِ موجوده وقت ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي
روڪي، سنڌ جي آباد زمينن کي تباهه ڪرڻ جي سازش،
ڪالا باغ ڊئم، گريٽر ٿل ڪئنال جهڙن مسئلن جو ذڪر،
سنڌي ٻوليءَ جي نثر توڙي نظم وارين صنفن ۾ نظر اچي
ٿو.
(ح) (1) موجوده دَور ۾ سنڌ جي ايترن ته اديبن ۽
شاعرن پنهنجي نثر توڙي نظم وارين صنفن ۾ ايترو ته
ڪجهه لکيو آهي، جن جي تفصيل ڏيڻ سان هيءُ مقالو،
مقالو نه پر هڪ ڪتاب بنجي ويندو، پر آءٌ چاهيان ٿو
ته رڪارڊ لاءِ اُنهن نثر نويسن ۽ شاعرن مان چونڊ
نالا لکان ته جيئن ايندڙ ٽهي، سنڌي ادب جي تاريخ
جي اِنهيءَ ڪڙيءَ کان محروم نه رهجي وڃي. اُنهن
مان ڪي نالا هي آهن: شاعرن ۾ مخدوم طالب الموليٰ،
شيخ اياز، نيازهمايوني، تنوير عباسي، عبدالڪريم
گدائي، شمشير الحيدري، امداد حسيني، محمد خان
مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، استاد بخاري،
بردو سنڌي، تاج بلوچ، تاجل بيوس، تاج جويو، عنايت
بلوچ، احمد سولنگي، آڪاش انصاري، احمد خان
’مدهوش‘، اياز گل، ادل سومرو، هدايت بلوچ، ذالفقار
سيال، نشتر ناٿن شاهي، وفاناٿن شاهي، سحر امداد،
زبيده ميتلو، مريم مجيدي، ۽ ٻيا.
اهڙيءَ طرح نثر نويسن ۾ جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بيگم
زينت عبدالله چنا، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، ابن
حيات پنهور، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، قمر
شهباز، آغا سليم، مراد علي مرزا، ممتاز مرزا، حميد
سنڌي، قاضي خادم، وليرام ولڀ، منير سنڌي، بشير
مورياڻي، نجم عباسي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، علي
احمد بروهي، خواجه سليم، اشفاق قاضي، ناصر مورائي،
ظفر حسن، شوڪت شورو، مشتاق شورو، عبدالحق عالماڻي،
مدد سنڌي، عبدالقادر جوڻيجو، ثميره زرين، خير
النساء جعفري، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب،
نورالهديٰ شاه، زرينه بلوچ، تانيا ٿيٻو، تنوير
جوڻيجو، شبنم گل ۽ ٻين ڪيترن جا نالا فخر سان پيش
ڪري سگهجن ٿا. انهن سڀني شاعرن ۽ نثر نويسن پنهنجن
شهپارن ۾ سنڌي سماج جي مسئلن جي باري ۾ پنهنجي
خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
(1) اهڙيءَ طرح سنڌي رسالن مان ماهوار ”نئين
زندگي“، ٽماهي ”مهراڻ“ ماهوار ”روح رهاڻ“، ماهوار
”سهڻي“، ۽ ماهوار ”مارئي“ ۽ ٻين رسالن ۾ سنڌي سماج
جي باري ۾ عڪاسي ڪيل آهي.
(2) 1954ع (ون يونٽ جي شروع ٿيڻ واري زماني) کان
وٺي 1970ع (ون يونٽ جي ٽٽڻ واري زماني) تائين، سون
جي تعداد ۾ نثرنويسن ۽ شاعرن جون لکڻيون، سنڌي
عوام جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ اُنهن کي حل ڪرڻ لاءِ
عام ماڻهن لاءِ مشعلِ راه بڻيون.
شاعرن ۽ نثر نويسن سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏنو ۽ سنڌ
جي ماڻهن کي سندن حقن لاءِ وڙهڻ ۽ سندن حقن جي
حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو همٿايو.
هن ئي زماني ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪيترن ئي سنڌي
ڪتابن تي بندش وڌي وئي. ڪيئي ڪتاب ضبط ڪيا ويا، جن
۾ شيخ اياز جا لکيل ڪتاب ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي
پاتم ڪينرو“ ۽ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، مرحوم محمد
اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل ڪتاب ”سنڌي سٻاجهڙا“،
مولانا محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا لکيل ڪيئي ڪتاقب
جن ۾ ”گلستان حَسن“، ”ڏاهري رنگ محل“، ”شيوا جي
شيش محل“، وغيره هئا. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي رسالن
تي بندش وڌي وئي ۽ اُنهن رسالن جا ڊڪلريشن رد ڪيا
ويا. اُنهن رسالن ۾ ”روح رهاڻ“ خاص رسالو هو، جنهن
جي سنڌ جي مسئلن لاءِ آواز اُٿاريو هو، اهڙيءَ طرح
ڪيئي اديب ۽ شاعر جيل اُماڻيا ويا. اُنهن ۾ سائين
جي. ايم. سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز،
رسول بخش پليجو، سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد،
حفيظ قريشي، تنوير عباسي، طارق اشرف، يوسف لغاري
ٽالپر، پٿر سنڌي، عبدالحئي پليجو، ڄام ساقي، لالا
قادر، رشيد ڀٽي ۽ اختر بلوچ ۽ نواز ڀُٽي جا نالا
خاص طرح سان وڏي فخر سان پيش ڪري سگهجن ٿا.
(خ) (1) وقت جي حڪومت جي اُنهن ڏاڍاين، سنڌي عوام
کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي بدران اُن ۾ وڌيڪ جوش ۽
جذبو، وڌيڪ هوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، ۽ سنڌي عوام جي
اُمنگن کي وڌي اُڀاريو. اهڙي جوش ۽ جذبي واريءَ
ڪيفيت کي شيخ اياز هنن لفظن ۾ بيان ڪيو:
تون چئو نه لڇان تون چئو نه ڪڇان،
پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين مان نه رڳو.
يا شيخ اياز فخر سان هيئن فرمايو:
سهندو ڪيو ميار اويار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو؟
جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،
ڪرندا ڪنڌ هزار اويار!
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.
اهڙيءَ طرح شمشير الحيدريءَ سنڌي عوام جي همٿ ۽
جوش جو هنن لفظن ۾ اظهار ڪيو:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيتروئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چونداسين.
نياز همايونيءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ فرمايو:
سنڌڙي منهنجي ماءُ، او جيجل! توتان آءٌ گهورَ
ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور
ٿيان.
(2) اهڙيءَ طرح سنڌي ڪهاڻين ۾ امر جليل جي ڪهاڻي
’رني ڪوٽ جو خزانو‘ ۽ ’سردلاش‘، رسول بخش پليجي جي
ڪهاڻي ’وڍيو هئين ته ويهه‘، سراج جي ڪهاڻي ’اٺون
ماڻهو‘ فقير محمد لاشاريءَ جي ڪهاڻي ’ڌرتيءَ جي
دانهن‘ ۽ بدرابڙي جي ڪهاڻي ’اُڀ مان‘ هن دور جون
نمائنده ڪهاڻيون آهن، جيڪي سنڌين سان ٿيل ظلمن
لاءِ سنڌي عوام ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ لکيون ويون
هيون. آخر انهن ڪهاڻين جو به ڪو ته سماجي ڪارج
هوندو؟ اُنهن ڪهاڻين ۾ سنڌ جي اُنهن سڄاڻ
ڪهاڻيڪارن سنڌي عوام ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ۽ کين سندن
مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۽ اُنهن مسئلن کي حل ڪرڻ جون
راهون ڏسيل آهن، يعني اُنهن ڪهاڻين ۾ عام ماڻهن جي
رهنمائي ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي ڪهاڻين جا
ٻيا مجموعا جهڙوڪ: ’پشوپاشا‘، ’بلودادا‘، ’شيدو
ڌاڙيل‘، ’چانديءَ جون تارون‘، ’حويليءَ جا راز‘،
’جلا وطن ‘، ’جڏهن مان نه هوندس‘، ’طوفان جي
تمنا‘، ’چوٽيهون در‘، ’گهڙيءَ گهڙيءَ‘ هڪ گهاءُ‘ ۽
ٻيا ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن.
(3) سنڌ جا اديب ۽ شاعر سنڌ امڙ سان پيار ڪن ٿا.
اِن سلسلي ۾ مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“
۾ صفحي 66۽ 67 (ڇاپو ٽيون) تي لکيو هو ته:
”سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي محبوبه ڪاپري پيڪر، حسين
۽ جميل عورت ڪانهي، پر سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي
محبوبه سندن وطن سنڌ آهي. اُهي سڀ سنڌ کي پنهنجي
امڙ سڏين ٿا، ۽ هو سنڌ امڙ سان پيار ڪن ٿا. اِهي
سڀ اديب ۽ شاعر سنڌ وطن لاءِ ئي جيئن ٿا، ۽ سنڌ
وطن لاءِ ئي مرن ٿا. اُنهن جا ڪردار يقيناً سنڌ جا
عام ماڻهو ئي آهن. اُنهن جون ڪهاڻيون، اُنهن جا
لکيل ڊراما ۽ ناول، سندن شاعري سنڌ وطن متعلق آهي:
سنڌ جي سماجي تاريخ متعلق آهي“ (16)
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن ناول
نويسن، ناٽڪ نويسن، ڪالم نويسن، مضمون نويسن ۽
شاعرن جي ڪلام تي نطر وجهنداسين ته ڳالهه بلڪل
ظاهر نظر ايندي ته هر دور جي اديبن سماجي مسئلن جو
ذڪر ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن،
ناول نويسن ۽ ناٽڪ نويسن جي لکيل شهپارن ۾ ڀارت ۾
رهندڙ سنڌي ماڻهن جي سماجي مسئلن وارا موضوع نظر
اچن ٿا. مثال طور گوبند مالهيءَ جي ڪهاڻين، ناولن
۽ ناٽڪن تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته اسان کي اهو
چٽيءَ طرح معلوم ٿو ٿئي ته مالهيءَ جون ڪهاڻيون،
ناول ۽ ناٽڪ سندس چوڌاري وارن سنڌي ماڻهن جي مسئلن
جي ذڪر سان ڀريا پيا آهن. اُنهن ۾ هن سنڌي سماج
جي ڌار ڌار مسئلن جي سچي تصوير چٽي آهي. مالهيءَ
جا موضوع سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ماڻهن جي سماجي
زندگيءَ جا روز مره وارا مسئلا آهن. اهڙيءَ طرح
پروفيسر رام پنجواڻيءَ، اُتم، سندري اُتمچنداڻيءَ،
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، ريٽا شهاڻيءَ، تارا مير چنداڻيءَ،
آنند گولاڻيءَ، پوپٽي هيراننداڻيءَ، لال پشپ، شيام
جئسنگهاڻيءَ، هريش واسواڻيءَ، هريڪانت، لڇمڻ ڪومل،
گني سامتاڻيءَ، سڳن آهوجا، وشنو ڀاٽيا، گوبند
پنجابيءَ، ڪرشن کٽواڻي، هيري شيوڪاڻي، نارائڻ شيام
۽ ٻين نثر نويسن توڙي شاعرن سنڌي سماج جي ڌار ڌار
پهلوئن ۽ ڌار ڌار سماجي مسئلن جي پنهنجن ڪهاڻين،
پنهنجن ناولن ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ عڪاسي ڪئي آهي،
جي عام طور هي آهن: سماجي ڪشمڪش، هندوجاتيءَ ۾
ڏيتي ليتيءَ جو مسئلو، جيئري تي جيئري شاديءَ جو
مسئلو، تنگدل مائٽن جي سوچ خلاف نئين زماني جي
آزاد پسند نوجوانن جا مسئلا؛ بک ۽ بيروزگاريءَ جا
قهر؛ قومي آزادي؛ بنان نڪاح وجهڻ جي سريت ڪري
ويهارڻ وارو مسئلو؛ پوڙهن جوننڍين نيٽين سان شادي
ڪرڻ جو مسئلو؛ سکڻو هٿ ۽ نمائش گهڻيءَ وارو مسئلو،
ماٽيجي ماءُ جي ورتاءُ جو مسئلو؛ حق بخشائڻ واور
مسئلو؛ زميندارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن جي
پيدا ڪيل مسئلا؛ سنڌ ۾ ڊاڪوئن ۽ ڌاڙيلن جا پيدا
ڪيل مسئلا، ۽ اهڙيءَ طرح وڏن گهرائڻ جي عورتن جا
مسئلا، جهڙوڪ: ڪلبن ۾ وڃڻ، اُتي غير مردن سان ناچ
ڪرڻ؛ بواءِ فرينڊ رکڻ؛ سگريٽ، نشي ۽ شراب جا عادي
هجڻ وغيره جهڙا مسئلا، اڄ به سنڌي سماج جا مسئلا
آهن.
6-اڄ جو هر سنڌي اديب ۽ شاعر، سنڌي عوام جي اُنهن
مسئلن کي پنهنجا مسئلا سمجهي اُنهن جو ذڪر ڪري ٿو.
هو اُنهن مسئلن جي ڪري پنهنجي اندر ۾ پچي ٿو ۽
پڄري ٿو. سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتيون ڄڻ ته
هن سان يا هن جي ويجهن عزيزن ۽ گهرجي ڀاتين سان
ٿيل اهي زيادتيون ٿيون آهن، اِنڪري هو تڙپي ٿو ۽
لڇي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن ۽ ناٽڪ نويسن وانگر سنڌي
ٻوليءَ جي ناول نويسن به سندن ناولن ۾ سنڌي سماج
جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي عوام
سان ٿيل ظلمن جو داستان بيان ڪيل آهي. اهڙن ناولن
مان ڪي چونڊ ناول هي آهن: سراج جا ناول ’پڙاڏو
سوئي سڏ‘، ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’مرڻ مون
سين آءٌ‘ ۽ ’منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل‘؛ طارق اشرف
جو ’ميرو ڌاڙيل‘؛ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
’سانگهڙ‘؛ امر جليل جو ’نيٺ گونگي ڳالهايو‘؛ غلام
نبي مغل جو ‘اوڙاهه‘ ۽ ’مون کي جيئڻ ڏيو‘؛ آغا
سليم جا ناول ’همه اوست‘ ۽ ’اونداهي ڌرتي روشن
هٿ‘؛ ماهتاب محبوب جو ’خواب خوشبو ۽ ڇوڪري‘؛ قبول
ابڙي جا ناول ’ڊنل اکين جا خواب ’نيروليءَ جو ڪُن‘
۽ ٻيا. اِن ڏس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو
ڪتاب ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ پڙهڻ
گهرجي (7).
اِن طرح پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جا ناول
’زندگي نه ڪويتا، نه ڪهاڻي‘، ’سيلاب زندگيءَ جو‘،
’منجو‘، ”حسرتن جي تربت‘؛ سندريءَ جا ناول ’ڪرندڙ
ديوارون‘ ۽ ’پُريت پراڻي ريت نرالي‘؛ پروفيسر رام
پنجواڻيءَ جا ناول‘ ’قيدي‘،’اسان جو گهر‘،
’چانديءَ جو چمچو‘، ’زندگي يا موت‘؛ گوبند مالهيءَ
جا ناول ’آنسو‘، ’پکيئڙا ولر کان وڇڙيا‘، ’چنچل
نگاهون‘، ’لوڪ آهي ٻوڪ‘؛ ’جن سوري ڀانئي سيڄ‘،
’ڏيهي پرڏيهي ٿيا‘؛ ڪرشن کٽواڻيءَ جا ناول
’منهنجي مٺڙي سنڌ‘، ’امر پيار‘ ۽ ’ست ڏينهن‘؛
ڪلاپرڪاش جا ناول ’شيشي جي دل‘، ’هڪ دل هزار
ارمان‘، ’وقت،وٿيون ۽ وڇوٽيون‘، ’حياتي هوري‘؛
موهن ڪلپنا جا ناول ’آوارا‘، ’عورت‘، ’لگن‘،
’زندگي‘، ’سنڌ‘ ۽ ’رُڃ ۽ پاڇا‘؛ لعل پشپ جا ناول
’هن جي آتم جو موت‘، ’هڪ سرد ديوار‘، ’تڏهن ۽
هاڻي‘، ’ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو‘؛ هري همٿاڻيءَ جو
’رات جو ٻيو پهر‘ ۽ رام هڱوراڻيءَ جو ’سنڌو‘.
محترم رسول بخش پليجي، ماهوار ”سهڻي“ جي ”نسيم کرل
نمبر“ ۾، صفحي 102 تي سنڌي ادب جي سماجي ڪارج جي
سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:
”اڄوڪي دَور جي سنڌي فنڪارن مان منهنجي مراد اُهو
سنڌي فنڪار آهي جو هن دَور جي سنڌي عوام جي سجاڳ ۽
اڳتي وڌندڙ وستين جي دلين ۽ ذهن ۾ جيڪي اُمنگون ۽
آسون، جوش ۽ جذبا، محبتون ۽ نفرتون، مقصد ۽ منزلون
آهن، تن جي ڀرپور ۽ زوردار ترجماني ڪري ۽ سندن
ٻانهن ٻيلي ٿئي؛ سندن فتحن ۽ شڪستن ۾ ساڻن شريڪ ۽
ڀاڱي ڀائيوار ٿئي؛ سندن همتون وڌائي؛ سندن دٻيل
گونگن ۽ اڻ اُچاريل جذبن کي، آواز، رنگ ۽ روپ ڏي.
ٿوري ۾ سندن جدوجهد ۾ قلم جي مورچي تي، وطن ۽ قوم
جي عوام جي هڪ سرجوش سپاهيءَ جون خدمتون بجا آڻي.
نسيم، مذهبي تعصب خلاف لکيو آهي؛ ڪاري ڪاريءَ جي
ظالماڻيءَ رسم جو ذڪر ڪيو آهي؛ پوليس جي بي حسيءَ،
ڪامورا شاهيءَ، جي ٻهروپ ۽ منافقي، ون يونٽ ڪامورا
شاهيءَ جي سنڌ- دشمنيءَ ڏانهن اشارا ڪيا آهن.
مٿئين طبقي جي گهراڻن جي کوکلي زندگيءَ جون جهلڪون
ڏيکاريون آهن. اهي سڀ ڀليون ڳالهيون آهن ۽ سنڌين
جي دلين تي پوکجن ٿيون“ (18).
اهڙيءَ طرح سنڌ جي سڀني شاعرن ۽ اديبن، سنڌي ماڻهن
جي غربت، سماجي نابرابري، معاشرتي بدحالي، سنڌين
جي استحصال، مذهبي تنگ نظري ۽ قبيلائي جهيڙن ۽
جڳهڙن تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
6-ڊاڪٽر قاضي خادم، پنهنجي مضمون ”ادب جو سماجي
ڪارج“ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان اوائلي ادب ۾ ادب جي
سماجي ڪارج جا مثال ڏنا آهن، جيڪو ادب جڳن کان
رائج آهي. ڊاڪٽر قاضي خادم جي راءِ ۾ ’پکين جي
ڪهاڻين‘ کان وٺي داستانن تائين هر صنف ۾ ڪو نه ڪو
اخلاقي درس نظر اچي ٿو؛ ڪو نه ڪو مذهبي يا سماجي
ثقافتي مسئلو، اُنهن صنفن ۾ نمايان طور بيان ڪيل
آهي. ادب جي اُنهن صنفن ۾ چڱي ۽ مَٺي جي وچ ۾ جنگ،
چڱائيءَ جي جيت، مقصد ماڻڻ لاءِ انساني ڪردارن جي
جاکوڙ، تڪليفون، ڏک ۽ ڏاکڙا سهڻ، همت نه هارڻ ۽
مظلوم جي دادرسي، اِهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ادب ۾
ظاهر ڪن ٿيون ته اوائلي ادب جا خالق به پنهنجي
چوڌاريءَ واري ماحول تي نظر رکندا هئا (19).سنڌي
ادب جي انهن صنفن لاءِ جتي وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ادبي
ڪچهرين جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، اُتي ٻهراڙين ۾
لانڍيون، اوطاقون، لوهارن، واڍن، حجامن، ڌوٻين ۽
کٽين جي دڪانن يا کرن تي ٿيندڙ ڪچهريون ۽ رهاڻيون
ٿينديون هيون. هاڻي ٻهراڙين ۾ به اهڙيون ڪچهريون ۽
رهاڻيون ورلي ٿين ٿيون.
7-مطلب ته سنڌي ادب جي اٿاهه ۽ بي انت بحر ۾، سنڌي
قوم جي سياسي، سماجي، معاشي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ
جا تهه ويڙهيل ڏسبا آهن. جيڪڏهن ڪو نقاد يا محقق
چاهي ته هو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج، سنڌي
ماڻهن ۽ سنڌي سڀيتا جي ڌار ڌار مسئلن ۽ قدرن جو
اڀياس ڪري يا سنڌي ماڻهن جي سوچ، فڪر ۽ سندن
نفسياتي ڪيفيتن، جبلتن ۽ جذبن جو مطالعو ڪري ته هن
کي گهرجي ته هو سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن ۾ بيان
ڪيل موضوعن ۽ مسئلن کي پڙهي ۽ پرکي، ڇاڪاڻ ته سنڌي
ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۽ لوڪ ادب ۾ سنڌ
جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي سوچ فڪر ۽ نظرين کان
سواءِ ٻين ڳالهين جو به ذڪر ٿيل نظر ايندو.
8-اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته هر اديب يا شاعر پنهنجي
روزمره جي ماحول ۾ چوڌاري جيڪي ڪجهه ٿيندي ڏسندو
آهي يا محسوس ڪندو آهي، اُن جو هُو پنهنجيءَ تخليق
۾ ٿيندڙ واقعن کي قلم ذريعي، ڪاغذ تي آڻڻ چاهيندو
آهي. محترم حميد سنڌيءَ پنهنجين ڪهاڻين جي مجموعي
’دردونديءَ جوديس‘ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”انهيءَ سونهاريءَ سنڌ جي حسن، اُتان جي ماڻهن جي
جذبن، ڪيفيتن، ڏجهن ڏوجهرن ۾ ڪئين ئي سهڻا، ساڀيا
سپنا سرجيندڙن مون کان گهڻو ڪجهه لکرايو. ڪئين ئي
ڪهاڻيون لکيم، جن ڪيئي ڪتاب ڀري ڇڏيا. ’سيمي‘ هجي،
يا ’اُداس واديون‘ هجي يا ’راڻا جي رجپوت‘ هجي،
پنهنجي جيءَ سان، انهن جا ڪئين ئي ڪردار نٻل،
هيڻا، مت موڙهيل، پاڻ وهيڻا، مڙس مٿير بڻجي،
پنهنجي قوت جلايو، هر ڪهاڻيءَ جو مان مٿانهون ڪيو
بيٺا آهن“ (20).
حاصل مطلب ته سنڌي ادب جي ’ارتقائي تاريخ‘ جو
مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته موجوده دور تائين
پهچندي پهچندي، سنڌي اديبن ۽ شاعرن، سنڌي ادب ۾،
سماجي ڪارج جا هزارين مثال ڇڏيا آهن. سنڌي ادب جي
اُنهيءَ تاريخ ۾ انقلابي تبديليون نظر اچن ٿيون.
اُن موضوعن ۽ مضمونن ۾ وڏي ڦير ڦار آئي آهي؛ اُن
جي موضوعن ۾ تمام گهڻي نواڻ آئي آهي، بلڪه ائين به
چئي سگهجي ٿو ته موجوده دَور جي سنڌي ادب ۾ سياسي،
سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي حالتن ۽ نون توڙي پراڻن
قدرن جي عڪاسي ڪيل آهن ۽ اُنهن جا پٽ چٽيل آهن.
مددي ڪتاب
علي نواز جتوئي پروفيسر؛ ويرون ۽ وهڪرا، حيدرآباد،
سنڌ سڌار اڪيڊمي، 1993ع، ص 144
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي نثر جي تاريخ ٽيون
ڇاپو، حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر، 1999ع، ص 58
حميد سنڌي: دردونديءَ جو ديس، حيدرآباد، زندگي
پبليڪيشن، 2001ع، مهاڳ
قاضي خادم، ڊاڪٽر: ادب ۽ روايتون، حيدرآباد، سنڌي
ساهت گهر، 1992ع ص 37
علي نواز جتوئي، پروفيسر: حوالو پهريون، ص 129
شبنم گل: نيڻ مهٽي خيال جاڳيا، مهاڳ، ڪنڊيارو،
روشني پبليڪيشن، 1993ع، ص8
ايضاً
محمد ابراهيم جويو: شاعريءَ جو سماجي ڪارج، ٽي.
ايس. ايليئٽ جي ڪتاب جو ترجمو، مترجم ڊاڪٽر بدر
اُڄڻ، لاڙڪاڻو، گل حيات انسٽيٽيوٽ، 1995ع، ص 147
تنويرعباسي، ڊاڪٽر: ادب ۽ سائنس، ”ترورا“ ۾ شامل
ڪيل مضمون، حيدرآباد، سهڻي پبليڪيشن، 1988ع، ص 60
ايضاً
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ڊرامن جي روشنيءَ ۾
سنڌي سماج جو مطالعو، ٽماهي مهراڻ، نمبر 4، 1987ع،
ص 55
ايضاً، سنڌي ادب جا نوان نوڙ، ٽماهي مهراڻ، نمبر 4
1975ع،ص 165۽ 166
محمد ابراهيم جويو: ”وڄون وسڻ آئيون“ ڪتاب جو
مهاڳ، 1993ع،ص 1
حميد سنڌي: ڏسو حوالو ٽيون، ص ص 11۽ 12
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو نمبر 2
ايضاً، حوالو 2، ص ص 58 ۽ 59
پروفيسر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر: ورهاڱي کان پوءِ
سنڌي ناول جي اوسر، حيدرآباد، گلشن پبليڪيشن
2000ع.
رسول بخش پليجو: ”سهڻي“ رسالي جو ”نسيم کرل نمبر“
، سهڻي پبليڪيشن ص 8، 9 ۽ 10
قاضي خادم، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو نمبر 4، ص 27
حميد سنڌي: ڏسو حوالو نمبر 3 مهاڳ. |