سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :12

دهليءَ جو داستان- 4

ڪرشماتي سفر

حميد سنڌي

5-مڙيوئي مون ڏانهن:

گذريل ٽين قسط نه جهڙي هئي، جنهن جو احساس اٿم. ڪجهه طبيعت  جي ناسازي ۽ ڪجهه دوستن جو ڏنڀيندڙ، من کي آزاريندڙ طريقهء ڪار منهنجي فقيراڻي طريقهء ڪار جو ضد بڻجي بيٺو.  فيصلو ڪيم ته لکڻ ئي تياڳي ڇڏبو، جڏهن گهر ويٺو پيو آزارجان. اڳ ته گهر کان ٻاهر هئس، جنڊ پنهنجي سيني تي رکي اناج ڏري پيو پورهيو ڪندو هيس، پر دوست سمجهندا هئا ته مان ڪو ٻين جي سيني تي جنڊ رکي مڱ پيو ڏريان. سندن مفروضويا Myth ايڏي زوردار پروپئگنڊا واري هئي جو جنڊ ۾ اناج بجاءِ مان ڏرجي پيس! ڪي سال پنهنجي ليکي، پاڻ جهڙي فقرائي لڏي سان گڏ ڪنڊ پاسي لڏي ويٺس، پر من گهريا ۽ مـِٺ محبت وارا، مَٺ گهريا،  هٺيلا ۽ ضدي ٿي پون ته جيءُ ته جُهري ٿو! هٿ پالها رکڻ لاءِ قلم ڇڏي ڳوڙها اُگهي پئي اُگهيم. خير، لحظي ۾ لُڙلهي سوچي، ڳوڙها اُگهي اصل ڪرت کي اچي لڳو آهيان. نـِرت ته اچيم ڪو نه، هُو منهنجي بيماري ۽ بيوسيءَ ۾ کڳيون پيا هڻن ۽ نچن پيا. ڌڻي کين پيو نچائيندو ۽ ڪنهن به ڪم جو نه رکندو، خاص طرح اُنهن کي جيڪي ”روح رهاڻ“ جي روحاني اجتماعي ڪيفيت کي نه ٿا سمجهن. سندن لاءِ هن حقير فقير  طرفان شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت ئي ڪافي آهي:

پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان مارمَ مون،

مون ۾ آهين، متان  تنهنجو ئي توکي لڳي.

اڳ ڳالهه ”اياز“ جي هلي پئي ڇو ته مئخاني ۾ شاعريءَ جو جام ٻَري رهيو هو. اياز جڏهن ائين  چيو هو ته اُن وقت اسين سڀ گڏ هئاسين ۽ پر اُميد هئاسين. اڄ به آهيون:

وڃو نه ويراڳيو، هـِت به ٿيندو سوجهرو،

منهنجو جيءُ جڏو الا، تنهن سان ساٿ ڏيو،

اجهو ڏينهن ٿيو، ڪيسين رهندي راتڙي.

شاهه، سچل ۽ ساميءَ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ اياز جي شاعري پڙاڏو ڪيو بيٺي آهي، تنهن هوندي به اياز جي شاعري  تنقيد کان آجي نه رهي آهي. اياز، هن کان پوءِ شيام ، تنوير، نياز، اُستاد، گدائي، ارجن، فتاح، امداد، شمشير ۽ ڪيترا ٻيا اياز جي دور جا سهسين هم پيالا هم نوا، هم غم سهي پر سماجي تسلسل جي حوالي سان هر هڪ  جو ٻوٽو، گل ۽ خوشبو ۽ ذميواريءَ جي مرڪزي خيال کان آگاهه ڪن ٿيون. هر شاعر سماج ڏانهن پنهنجي  انداز ۽ فڪر سان ذميوار آهي يا نه به آهي، اُهو دارومدار شاعر جي فڪري جوابداريءَ تي آهي. هو جوابدار چورائي يا نه اُهو بار مٿس آهي ۽ هن تي ڇڏيل آهي. اياز سچي ڳالهه کي هن نڪته نگاهه سان به ڏسي ٿو:

آءٌ ڪٿان جو آهيان،

مون کي ڪين ڏسين،

جڙون منهنجي جيءُ جون.

هڪ هنڌ چوي ٿو:

”مون هميشه سوچيو آهي ته ڇا شاعر سماج سان ذميوار آهي؟ مون شاعر جي ذميواريءَ کان ڪڏهن انڪار ڪيو آهي، پر هن جي ذميواري نهايت وسيع آهي. هن جي ذميواري انسان ذات سان آهي ۽ نه ڪنهن خاص سماج سان ۽ جي ڪوئي سماج انسانيت جو ويري آهي ته شاعر اُن جو واهرو ٿي نه ٿو سگهي.“

اڳتي چئي ٿو ته

”جي ڪنهن به سماج سان ذميواري جو نتيجو انسانيت سان بي ذميواري آهي ته هر عظيم شاعر (؟) لاءِ اُنهيءَ سماج سان بغاوت ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي چارو نه آهي.“

موتي پرڪاش هميشه سماج جي ڪارج سان انساني جذبن کي پرکيو آهي. مون کي تنوير ۽ موتي ٻه شاعر نه لڳندا آهن، پر هڪ محسوس ٿيندا آهن. موتي پرڪاش اِنهيءَ فڪر ۾ هو ته ٻوليءَ جي سلاست، سادگي ۽ ميٺاج قائم رکڻ لاءِ خاص طرح شاعريءَ ۾ وڏا جتن ڪرڻا پوندا. هو هر صنف سان واڳيل رهيو آهي، پر سندس مکيه ڪردار هڪ شاعر جو آهي. اهڙيءَ طرح ارجن حاسد، پنهنجي انوکي ڊڪشن ۽ اسلوب سان پنهنجي دل جهوريندڙ صدا هڻڻ وارو ماڻهو آهي. هو به اِهائي ڳالهه ڪري رهيو هو ته  جيڪڏهن هن کي ڪٿي منسوخ ڪرڻو پوي ته منسوخ ڪري. نئين ڪويتا جي مزاج موجب هلڻو پوي ته هلجي، پر ٻولي مقدم آهي. ارجن غزل جو بادشاهه شاعر آهي. هو موزون شاعريءَ جي لڄ رکڻ لاءِ وک وک تي پهرن  جو پرچارڪ آهي. هو شاعريءَ کي شخصيت کان ڌار هجڻ بنهه بي راهه روي سمجهيو پيو. حاسد وٽ غزلن جو ڀنڊار اِنهيءَ ڪري آهي جو هو شاعر لاءِ خوبصورت خيالن سان گڏ مصراعن جو ربط، بندش ۽ طرز بيان کي نهايت ضروري سمجهي ٿو. سندس هڪ غزل آهي:

چوان ٿو گم ٿيڻ سکي وٺندس،

نظر ايندو نه سو ڏسي وٺندس،

زمين آسمان وڦلن ٿا،

ته ڳالهه مان به ڪا چئي وٺندس.

 

شعور پنهنجي سان ملائي هٿ،

غرور ڪنهن جي سان پڄي وٺندس.

 

چون ٿا اڻ پڙهيل لڳي ٿو حاسد،

اڃا ته عمر آ، پڙهي وٺندس!

ارجن حاسد جي سحر مان نڪرڻ سولو نه هو. مون کي سندس غزل جو هڪ بند هميشہ ياد هوندو آهي:

وڻ کي هلي ٿا لوڏيون ۽ پئسا کڻي اچون!

ليڪن ڪٿي ڪو وڻ به ته ڳولي لهي اچون!

هو چئي رهيو هو:

”ورهاڱي کان ترت پوءِ وارو دَور هو. سنڌ جا نوجوان اديب اُن وقت جي پيڙائن کي سمجهائڻ لڳا هئا. ڪي جذبا هئا، حياتيءَ کي مانُ بخشڻ جا سپنا هئا. محبت کي مٿي بيهارڻوهو هر کيتر ۾، اِنڪري اهو ترقي پسند ادب جو دَور اڳتي هلي سنڌيت واري طوفان جو رُخ اختيار ڪيو. موتي پرڪاش جو هڪ بيحد وڻندڙ ۽ مشهور گيت لهر لهر بڻجي ڦهليو ۽ ڇائجي ويو.

آنڌي ۾ جوت جڳائڻ وارا سنڌي،

مٽيءَ کي سون بنائڻ وارا سنڌي.

شاهه، سچل، ساميءَ جي ورثي وارا،

نس نس ۾ جن جي وَهي ٿي سنڌو ڌارا،

برپٽ کي باغ بنائڻ وارا سنڌي.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو ورُ نالو آيو آهي ته سندس جَڙَ واري اصل ڳالهه ياد اچيم ٿي. هن چيو هو ”سنڌ کان هند ۾ آيل ليکڪ ۽ شاعر هتي پهچي شروع ۾ سماجي مسئلن جو بَک ٿيا، جنهن سبب ڪيترائي ليکڪ ۽ شاعر لکڻ بجاءِ پيٽ جي مسئلن ۾ رُڌل رهيا، جنهن سان وڏو نقصان رسيو. ورهاڱي جي ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کان جلاوطني نصيب ٿي ۽ سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.“

اسان وٽ اُن ويلي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ ٿورا هيا. عطيه دائود به وڃي تنقيد جو موضوع  چونڊيو. سندس اعتراض هو ته سنڌ مان آيل سنڌي اديب شاعرائن اديبائن جا نالا گهٽ کڻن ٿا. کيس اِها خبر به هئي ته  ادبي موضوع اُن ئي ڏينهن ڏنا ويا هئا. ميزبان اديبن کي موضوع ڪي اڳ ۾ مليل هئا جو هو اڳواٽ لکي کڻي آيا هئا. اسان وٽ اِهو حال هو جو صبح جو قمر جي رڙ پئي پوي: يار حميد! يا سائين الانا صاحب، يا بشير مورياڻي صاحب، يا شورو صاحب-وارو ڪجو. موضوع چونڊي شروع ٿيو. ڪو وڏو ولر ته نه هو. مايون پنهنجن ماين اديبائن جو خيال ڪن ها ته ڪير کين جهلي ها. باقي اسان کي جيڪي ياد هيون، جهونيون يا نيون، نئين ٽهيءَ جن يا پراڻي ٽهيءَ جون، اسان پئي ياد ڪيون. هاڻ قمر شاعريءَ واري موضوع تي ٻه چار اکر ڳالهايا:

”سنڌي شاعري تفريح بجاءِ مقصديت واري شاعري آهي. شاعرن چٻاڙيل لفظن ۽ گل و بلبل واري شاعريءَ کان هٽي مقصديت واري شاعري ڪئي آهي. سنڌ ۾ هر نئين شاعر جو خواب آهي ته سنڌ ۾ مقصديت واري شاعري ٿئي.“

قمر شهباز، اياز، تنوير، نياز واري جڳ ۽ جوڙ جو شاعر آهي.

تنوير ڪيڏارو چوندي چيو هو:

ڳڀرو، ڳاڙها جوان، رت سان ڳاڙهو بُت سڄو

نظر نظر ڄڻ، نير آ، ڀرون ڄڻ ته ڪمان.

قمر جو هڪ بيتن ٻين بيتن سان گڏ ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيو هو:

رات رتوڇاڻ، ڌرتي جا ڪي ڌک ها،

منڊي ڇو مانڊاڻ، گهوٽن کي گهائي وئين.

هيءُ سنڌ جو انقلابي دَور هو.

تازو قمر ۽ مان هڪ مشاعري ۾ اسٽيج  تي ويٺا هئاسين. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اعتراض ڇپيو ته ٻئي شاعر نه هئا، اسٽيج تي ڇو ويٺا؟ مون ته سڄي ڄمار انقلابي شاعرن سان گڏ گذاريو، کين ايڊٽ ڪيو ۽ ڇپيو، پر قمر ته بڻ بنياد وارو شاعر آهي. سندس ڪهاڻيون، ناٽڪ سڀ هڪ شاعر جي تخليق آهن. هُن جا بيت ۽ وايون ڪنن ۾ ٻُرن پيون:

ڪهڙو ڪنڌ لڪايان توکان، مڱڻا موٽي آءُ

هينئڙو هر هر اوڪانڍي ٿو، سُرري ناهي ساءُ

مڱڻا موٽي آءُ.

 

ٻه بيت اٿس:

هڻ کڻ جهڙو هٿ،  واڳونءَ جهڙو وات،

ڪا سائيءَ جو ڪات، ماڻهو تنهنجي من ۾.

 

ڌرتي ساري دانهن، اُڀ سڄو ئي آڳ،

مانجهي تنهنجا ماڳ، ڪهڙي ڪُن نهوڙيا.

 

شمشير الحيدري اُنهن اُستاد شاعرن منجهان آهي، جنهن جو فن ۽ هنر ڪمال جو آهي. اُن تي اڄ به زوال آيو ناهي. ”شمشير کي سڏ ڪريو  شمشير ڪٿي آهي؟“

شمشير حاضر هيو.

پنهنجي اکين ۾ توکي لڪائي سمهي رهيا،

ڪنهن طرح توکي پنهنجو بنائي سمهي رهيا،

عاشق ائين ئي قرب ڪمائي سمهي رهيا،

تصوير تنهنجي دل ۾ سمائي سمهي رهيا.

هيءُ قرب ڪمائي جيئرو رهڻ وارو شاعر، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ جاگرافي آهي. ورهاڱي کان اڳ جو دَور هجي يا پوءِ جو، هو مولانا غلام محمد گراميءَ جي مشهور مقالي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جو ساٿي رهيو آهي. پاڻ به اُن کان اڳتي وک کڻي هڪ ٻيو مقالو لکيائين، جيڪو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو ٻيو باب آهي. هو چئي رهيو هو ته ”ورهاڱي کان پوءِ جيڪو خال سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيو، اُنهيءَ کي ڀرڻ  ۾ ڪجهه وقت لڳو. پر پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ اديبن لاءِ هڪ اظهار جو فورم پيدا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت عملي طور اديبن ۽ شاعرن جي شاعريءَ کي سينگاريو ۽ سنواريو. سنڌ جي اديبن کي روايتي شاعري ئي ورثي ۾ مليل هئي، پر سنڌي اديبن، سنڌ جي ادب ۾ عالمي قدرن کي بنياد بڻائي ادب جي تخليق ڪئي، جنهن  سنڌي سماج ۾ هڪ گونج پيدا ڪئي. جديد ادب جي اِها هڪ ڌارا هئي، هڪ وهڪرو هو، جنهن سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ کي عالمي بنياد ۾ سڃاڻپ ڏني. جديد ۽ روايتي ادب جي ٽڪرائجڻ ڪري پاڻ نوان موضوع پيدا ٿيا. شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون پيدا ٿيون، نوان گهاڙيٽا سنڌي شاعريءَ ۾ وک وک تي نظر اچڻ لڳا.“

شمشير ڳالهائي ته سندس نٻل ۽ ڪمزور جسم طاقتور ۽ ڏاڍو ٿيو پوي. مون شمشير کي رومانٽڪ شاعر جي حيثيت ۾ وڌيڪ اثرائتو ڏٺو آهي. شمشير جو مشهور نظم ’حسن نظر‘ منهنجي سامهون هو.

تون سڄو ئي وقت ٿي سامهون رهين،

مان سڄو ئي وقت مصروفِ نظر.

زندگي ڄڻ آهه دل جي رهگذر،

۽ آزمانو ٻن نگاهن جو سفر،

تون الائي ڪيترو آهين پري،

مان خيالن ۾ رهان ٿو بيخبر،

زندهي ڄڻ آهه خوابن جو شهر،

۽ زمانو خوش خياليءَ جي نظر،

هر گهڙيءَ تنهنجي تصور ۾ رهي،

خود ئي بنجي ٿو وڃان حسنِ نظر،

زندگي ڄڻ آهه جلون جو گذر،

۽ زمانو تنهنجي اُلفت جو اثر.

شمشير سنڌي شاعريءَ جي اوج ۽ فڪر جي بلنديءَ سان گڏ جن نون تجربن جو ذڪر پئي ڪيو، اُن ۾ جي مٿيون نظم آهي ته امداد جا ننڍا نظم جهڙا منڊيءَ تي ٽـِڪ!

مورت:

مان رڳو توکي سڃاڻان،

تنهنجي صورت بنا ٻي ڪا صورت،

اهڙي اڻڄاڻ نه لڳندي آهي،

جهڙي پٿر جي ٺهيل ڪا مورت.

تصوير:

منهنجي ڪمري مان کڻي وئي آهين،

پنهنجي تصوير  کي ڀت تان لاهي،

دل جي ديوار تي اڄ ڏينهن تائين،

تنهنجي تصوير ٽنگي پئي آهي.

طنز:

توکي مون  گل چيو، تو مرڪي چيو:

گل ته ڪاغذ جا به ٿيندا آهن،

جيڪي گلدان ۾ هر موسم ۾،

خوب کليو پيو لکندا آهن.

نظم ۾ هي موضوع امن ۽ جنگ جي مضمون جي رُخ پَسائيندا هئا.

فتاح ملڪ جو هيءُ نظم ڪبوتر کان شروع ٿئي ٿو پر ڳاڙهي رتڙي لهر لهر جو ذڪر ڪري ٿو:

آءٌ ڪبوتر، ساز سڏي ٿو، محفل مست بنايون يار،

پار دريائون تتر تنواريو، پاڻ به ٻول ٿيندي وئي.

هيءَ حقيقت تو به ڏٺي آ سهڻي ڀاڱا ٿيندي وئي،

ڪنواري ڪنواري ڳاڙهي رتڙي لهر لهر ۾ لڙهندي وئي،

عشق تي آنڌي وار وڇائي حسن تي هوڪا ڏيندي وئي،

ڪير ڪنڌي تي ڪنگ اُڏائي تنهن سان پرت پڄايون يار.

شمشير ٽيڙو، هائيڪو ۽ قطعي جو ذڪر ڪيو، ته مون کي پروانو ڀٽي ياد آيو:

دوستو! پنهنجي قلم ۾ رت ڀريو،

ساٿيو خيالن جي رُخ کي موڙيو،

جانبازو، بلبل وگل کي ڇڏيو،

۽ اَچي تاريخ نئين اَڄ جوڙيو.

سوالن جوابن وارو سلسلو هليو ته هلندو هليو. بشير مورياڻي، هدايت بلوچ، ومي سدارنگاڻي، مايا راهي، انند کيماڻي ۽ ٻين سوالن جوابن جي ڏي وٺ ۾ بهرو ورتو. ورهين جو حساب ڪتاب هو، ڪٿي ٿي بس ٿئي! مان آهستي آهستي پير پير ۾ ڪري ٻاهر نڪري آيس. ڇت واري ڇني ۾ هينئر تپش ۽ اُتت گهٽ هئي. هوا ٿڌي ٿي چڪي هئي. چانهه تيار هئي. مون دهليءَ جي سج کي پڇاڙڪي پهر ۾ پوين پساهن ۾ هوندي به سُرخ ۽ زرد ڪرڻن جي ورکا ڪندي محسوس ڪيو. منجهند واري ٻوساٽيل ٻپهريءَ کان هيءُ پهر وڻندڙ ۽ هوائن وارو هو. ائين ڪانفرنس واري هال مان هن هوا کي مست ۽ معطر ڪندڙ ڪئين جهوٽا آيا. سڀ ٽڙندا کلندا ٻاهر آيا. ٿڪل بنهه نه هئا، پر چانهه چست ڪيو ۽ سڀ جلدي هيٺ هلي بيٺا. بسون گاڏيون گڏ پئي ٿيون. ”ڀائي! چيٽي چنڊ جي ميلي تي هلڻو آهي. ڪلاڪ کن ۾ اڀ اُتي پهچو. هلو ڀائي هلو! تکا ٿيو…“ ٻاهر آواز پئي گونجيا. اسان ڳالهين ۾ ڇت تي ويهي رهيا هئاسين. اوچتو ڀانيوسين ته پڙ خالي ٿي ويو آهي. ڊوڙندا هيٺ لٿاسين، بس ڀرجي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل، سُديش سچديو، نند جويري، اسان لاءِ بيٺا هئا. وڏن ديون جهڙن وڻن هيٺان هيءُ سڀ تاريخ جوڙيندڙ ماڻهو ننڍا پئي لڳا. مون کي ڊپ ٿيو ته اِها ديون جي پناهه ڪٿي اسان کي پاڻ ۾ نه سمائي ڇڏي-اِنهيءَ سڄي ساري بس کي به. سڀ بس ۾ ائين ويٺا هئا ڄڻ ٻاهر ڦهلجندڙ اونداهه ۽ وڏن وڻن جي ڊيڄاريندڙ پاڇن کان لڪي ويٺا هئا. ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ اديبن وٽ ڪارون هيون، سي زوزاٽ ڪندا نڪري ويا. وينا شرنگيءَ کي پهريون دفعو اسٽائيل سان گاڏي  هلائيندي زوزاٽ ڪرائيندي، باءِ باءِ جي آواز سان ويندي ڏٺو. ڀرسان سندس ڀيڻ شالني ساگر ويٺي هئي. الوداعي مُرڪ سان هن به باءِ باءِ ڪيو. اسان-قمر، مان، شوڪت، هدايت-رئڻهارڪي شڪل ڪيو يتيمن وانگر بيٺا هئاسين. ائين سُديش سچايو آيو: ”ڀائي، روئو ڇو ٿا، گاڏي آهي نه پاڻ وٽ.  پنهنجي گاڏي هوندي پراين گاڏين کي نه تڪيندا ڪريو، منهنجا سائين!“ وائسرا اهڙا بتال ٿيا هئا جو گم ٿيل لڇمڻ به ڀريل مس مان لڌو. ٻه گاڏيون هيون، لڇمڻ پنهنجي گاڏي  هوندي به بس ۾ وڃي ويٺو هو. دهليءَ جي روشن سانجهه هاڻ اسان جي سامهون هئي. جيئن هلندا وڃون، روشنيون ٻرنديون پيون وڃن ۽ دهلي روشن ٿيندي پئي وڃي. مون کي اُن ويلي وڏيون عمارتون، چهل پهل، ڪارون گاڏيون، دهليءَ جي دنيا ئي ٻي نظر آئي. هيءَ اُنهيءَ اُجڙيل دهليءَ کان مختلف هئي، جنهن لاءِ مشهور اديب نگار ”دهليءَ جي شام“ (انگريزي ۾ ناول) ۾ هيئن نقشو چٽيو آهي:

”هي سر زمين ڪڏهن ته شهنشاهن، تاجدارن، اميرن، رئيسن، شاعرن ۽ داستان گوجو مسڪن هئي، مگر اڄ نه بادشاهه نه محافظ، نه شاعر، نه قدردان. پراڻا رهواسي زنده پر غيرن جا محڪوم-پنهنجو فخر ۽ اقتدار  پنهنجو نانءُ نشان ۽ تمڪنت وڃايل. شهر ته اڄ  به آهي. قلعا، مقبرا، محلات ۽ عمارتون، ماضيءَ جي شاندار ياد، ائين ئي بيٺل آهن. زندگيءَ جو دامن وڏي  اعتماد ۽ ڀروسي سان جهليو بيٺيون آهن، جيڪا ڳالهه ۽ گمان کان بالاثر آهي.“

چيٽي چنڊ جي ميلي ۾ دير هئي. سُديش کي چيو سين ته گهمائيندو هلي. هو چوندو به پيو هلي: ”هيءُ بابر، هيءُ همايون، هيءُ جهانگير…“ مون کي احمد عليءَ جي ناول ۾ ڏنل دهليءَ جا نقش ياد پيا اچن:

”جن جي افلاڪ هيٺان ئي دغا، ۽ فريب جا ڪئين کيڏ کيڏيا ويا. بي وفايون ٿيون ۽ اُن جي مٽي شهزادن جي وهندڙ خون جو ذائقو چکيل آهي. مگر اڄ به هڪ عالم جو همه گير آواز دنيا جي اکين جي نور ۽ جاذبيت سان منور آهي. پر هاڻ دهليءَ جي اُها تاباني ۽ درخشاني ڪٿي؟ اُهي زمانا ويا، اُهي ماڻهو ويا، جن جي قدمن سان هيءُ آباد هئي. جن هن کي آب حيات بخشيو. نه اُهي ڪورو هيا، نه اُهي پانڊو۽ نه اُهي خلجي. ڪٿي آهن اُهي سيد، ڪٿي آهن اُهي بابر، همايون ۽ جهانگير؟ ڪٿي آهن اُهي شاهجهان آباد جا باني؟ ڪٿي آهي اُهو مغموم شاعر بهادر شاهه ظفر، جيڪو تاجورن جو آخري ڪنارو هو؟ سڀ موت سان همڪنار ٿي ڪري خاڪ سان ڀاڪر پايو زمين اندر ستا پيا آهن. نه اُهو جاه آهي نه حشم، صرف ڪي نشانيون اُن جي ويندڙ عظمت جي پرملال ڪهاڻين ٻڌائڻ لاءِ باقي ۽ باقي آهن. قطب مينار ۽ همايون جو مقبرو، لال قلعو يا جامع مسجد، يا پراڻو قلعو ۽ چند شعر اُن المناڪ تبديلين تي نوحه خوان. نه ڪسي ڪي آنک ڪا نور هون، نه ڪسي ڪي دل ڪا قرار هون، جو ڪسي ڪي ڪام نه آسڪي، مين وه ايڪ مشتِ غبار هون. هاڻ اُنهيءَ شاعر بادشاهه جو آواز پڙاڏو بڻجي موت جي بي پرواهي ۽ خاموشي پوري شهر تي مسلط ٿي وئي. ڳليون ويران ۽ سڙڪن تي خاڪ اُڏامي ٿي.“

ائين شورو غل، گاڏين جا آواز دُهل ڌماما. مون کي ائين لڳو ته هيءَ دهلي ئي ٻي آهي. مون کي سندس ٻيو شعر ياد آيو:

دلي جو ايڪ شهر تها عالم مين انتخاب

رهتي تهي منتخب هي جهان روزگار ڪي

جس ڪو فلڪ ني لوٽ ڪي برباد ڪر ديا

هم رهني والي هين، اسي اجڙي ديار ڪي.

اسين چيٽي چنڊ جي ميلي جي چوديواليءَ جي ٻاهران بيٺا آهيون. سنڌي ماڻهو، ٻارڙن ٻچڙن سان اُن ميلي ۾ وڃڻ لاءِ بيقرار آهن. هڪ ”اُجڙي ديار“ جا فرد ”آباد ديار“ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ڄڻ امن آشتيءَ جي دروازي اندر داخل ٿي رهيا هجن. ”جهولي لعل-ٻيڙائي پار“، ”جهولڻ سائين- ٻيڙا بڻي لائين“ جا شبد اُچاريندي ڏاڍيان يا آهستي، کين مستيءَ ۾ خبر نه ٿي پئي.

”جهولي لعل“-سنڌين جو پاڻيءَ جو ديوتا. سنڌين جو سال "Lunar year" واري سسٽم تي ٻڌل آهي. نئين سال جي ابتدا، چيٽ مهيني جي پهرين ڏينهن کان ٿئي ٿي، تنهنڪري اُن ڏينهن کي ”چيٽي چنڊ جو ڏينهن“ چوندا آهن. اُن جي اهميت اِنڪري وڌيڪ چئي وڃي ٿي ته چنڊ ۽ پاڻيءَ جي نسبت ويجهي آهي. سمنڊ جي وير چنڊ جي مڪمل ٿي اُڀري اچڻ تي به آڌاريل هوندي آهي. هونئن به سنڌي پاڻيءَ سان لاڳاپيل آهن ۽ سندن جياپو پاڻيءَ تي آهي.

ايم بي پٿاوالا پنهنجي "Marvels of the Earth" ڪتاب ۾ لکي ٿو: "Sindh is mainly a sea-born land" اهڙيءَ طرح  واڊيا ”جيالاجي آف انڊيا“ جي صفحي پنجين تي به اهڙي ئي خيال جو آهي. ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ نديءَ کي ’سنڌو‘ چوندا آهن. سنسڪرت ۾ سنڌو جي معنيٰ آهي سمنڊ، تنهنڪري سنڌ جيڪا پاڻيءَ سان ٽُٻٽار هئڻ کپي، اڄ سُڪل ۽ ڏڪاريل آهي.

پاڻيءَ جي ديوتا کي پيار مان ’دولهو‘ چيو ويندو آهي. اِنهيءَ کي ئي جهولي لعل چيو وڃي ٿو. اُهو پيارو لاڏلو جيڪو سدائين پيو لُڏي. پاڻيءَ جيئن پيو لهرين لُڏي. اِنهيءَ پاڻيءَ جي ديوتا جو اصل نالو ”اُڏيرولال“ چيو ويو آهي. سنڌي هندن موجب اِهو زنده پير آهي. ويدن موجب ورن ديو به اِهو آهي، جيڪو مڇيءَ(پلي) تي سوار آهي.

هتي تصوير آهي

سنڌونديءَ سنڌين لاءِ به وڏا ڪم ڪيا آهن. اُنهيءَ جو پاڻي حياتي آهي. اُن سان گڏ، واپار سانگي مال ڍوئڻ، واپارين کي نيڻ ۽ آڻڻ جو ذريعو رهي آهي. سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪهاڻيءَ قديم هوندي به اِهو ثابت ٿي ڪري ته سنڌ جو سنڌوءَ کان سواءِ جياپو ممڪن ناهي. ايڇ. ٽي. سورلي ڏاڍو سولو چيو هو:

”هن  ڌرتيءَ (سنڌ) هميشه پنهنجي رهندڙن کي آرام ۽ اڻ ميا سُک ڏنا آهن. ڏڪار، انڊيا جي ڪجهه بدقسمت علائقن ۾ ڀل آيا هجن پر سنڌ ڏڪرن ۽ ڏولائن کان آجي لحاظ کان غربت ۾ رهيو، پر گهٽ ۾ گهٽ اِنهيءَ خطري کان پالهو رهيو ته هو پاڻ ئي  پنهنجن ٻچن جو قوت ڪو پيدا نه ٿو ڪري سگهي يا کين خوش نه ٿو رکي سگهي.“

هڪ عرب سياح الاديسي پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو: ”هيءُ هنڌ (سنڌ) عظيم آباديءَ جو مسڪن آهي. شاهوڪار ۽ واپاري قسم جي آبادي لطف ۽ تفريح لاءِ مناسب. وڌندڙ واپار، بازاريون ماڻهن ۽ سامان سان سٿيل. مڇي جام، گوشت سستو ۽ اُتان جي ميوات اڻ ميي.“

پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب Sindhis- The Scattered Treasure  ۾ اهڙي قسم جا احوال ڏيندي، سنڌور ڪين لاءِ لکيو هو:

”سنڌ ورڪي ٻاروتڻ کان ئي ڏکڻ آفريڪا جي سون، بيلجم ۽ اسرائيل جي ڊائمنڊ، سيلون جي قيمتي پٿرن ۽ جواهرن لاءِ ٻُڌندو آيو آهي. جڏهن وڏو ٿئي ته اسڪول مان موٽي اچي به دُڪان تي وهي ٿو، ۽ ننڍي هوندي کان چاچن مامن ڏي وڏا سفر ڪري لاگوس وڃي ٿو ته ڏاڏين ماسين وٽ ڪئنري ٻيٽن ۾ وڃي ٿو. شايد سنڌي ٻار ڄمي ئي واپار ڪارڻ ٿو جو سندس پس منظر ۾ واپار ئي واپار آهي.“

سنڌ جو وڻج واپار هليو وڌيو پاڻيءَ آسري. پاڻي سندن لاءِ ائين رهيو جيئن روهون ابر آسري. پاڻيءَ جو ديوتا ”اُڏيرو لعل“ سندن آسون اُميدون پڄائيندڙ اُهو ديوتا، جنهن ڪئين ٻيڙا اُڪاري پار ڪيا هوندا. اُن لاءِ سنڌي هندو سنڌ ۾ هجن يا هند ۾، کيس راضي ۽ پرسن رکڻ لاءِ هو وڏا جتن ڪن ٿا، ميلا لڳائين ٿا، لعل جا ”پنجڙا“ ڳائين ٿا، شاهه جي سُر سامونڊيءَ مان بيت چون ٿا، درياهه ۾ اکا وجهن ٿا، ٻريل ڏيئن جون قطارون روانيون ڪن ٿا. جيڏي تاريخ پراڻي آهي اوتري هن کي ”زنده پير“ ڪري مڃڻ جي به آهي.

اسين هڪ وڏي ميدان ۾ داخل ٿياسين جنهن کي چوديواري هئي. اندر منگل لڳا پيا هئا. ماڻهن جي وهڻ جو پنڊال ٺهيل هو. سامهون اسٽيج هئي ته پاسي تي به اسٽيج هئي، جنهن تي اسان کي اُتي وٺي هلي ورهايائون. ڪي راڳي سائين اُڏيري لال جي عاشق دادا رام پنجواڻيءَ کي ڳائي رهيا هئا.

تو ديد سان دل کي گهائي ڇڏيو،

محبت ۾ مست بڻائي ڇڏيو،

 

ڏينهن رات رهين تون ياد سڄڻ،

ٻڌ نالي الک فرياد سڄڻ.

 

ڪر دانهن جو ڪو داد سڄڻ،

تنهنجي رمز ئي رڻ ۾ رُلائي ڇڏيو.

 

ٿا مينهن هميشہ مُند تي وسن،

پر نيڻ ٿا منهنجا روز ٽمن،

ڇڏي آهه سمجهائي دل دردن،

جند جان ۽ جيرو جلائي ڇڏيو.

 

تکا تير برهه جا رام لڳا،

جن گهاوَ اندر ۾ قهري ڪيا،

جنهن درد ڏنو سو ڏيندو دوا،

ٻين ويڄن درد وڌائي ڇڏيو.

دادا رام پنجواڻي ته ڪو نه هو جو اُن تي نچي ڪڏي پريتم کي ريجهائي ها، پر محفل رنگ ۾ هئي. ڪڇ ۽ راجسٿان کان آيل عبدالله ۽ ساٿي منچ تي اچي ميڙو مچايو.

سنڌ ۾ نه رڳو چيٽي چنڊ تي پر چنڊ جي هر پهرين رات ماڻهو شيون شڪليون تحفا غريبن ۾ ورهائيندا هئا. ننڍا نئڙي وڏن کي پيرين دعائون وٺندا هئا. بهراڻو ڪڍندا هئا. جهولي لعل جو مندر ٺاهي جلوس ۾ کڻي نڪرندا هئا. پاڻيءَ پوڄا ته هئي، پر ناريل، گيهه، چانورن، اٽي، گلن ۽ سمنڊ جي سپين جي پوڄا ڪندا هئا. اڳيان اڳيان ٽولا ٺاهيو نچندا هلندا هئا، جنهن کي ”ڇيڄ“ چيو وڃي ٿو. هينئر ساڳيو منظر سامهون هئو. ڇيڄ وجهندا ٽولا هليا هن ميلي جو افتتاح ڪرڻ. ڇيڄ جو ناچ  سمنڊ ۽ درياهه جي لهرن جو ناچ آهي. ايڇ. ٽي. سورلي هن ناچ جي قدمن ۽ تال کي مست ڪندڙ قرار ڏنو آهي. اصل ۾ هن ۾ مست ڪندڙ ساز آهن شرناءِ ۽ دُهل. شرناءِ دُهل هميشہ مسلمان وڄائيندا هئا. اڄ به اُهو رنگ هو مست ڪندڙ ماحول هو. [هلندڙ]

 __________________

 

 


 

شعور- شعر ۽ شاعر

سحر امداد

جيئن سائنسدان ڪا نئين دريافت ڪندو آهي ۽ اُها دريافت هُن لاءِ نه رڳو فخر جو ڪارڻ بڻجندي آهي، پر هُو اُن دريافت جي حوالي سان سڃاپجندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت هڪ سچي شاعر لاءِ شاعري هن جي اعليٰ دريافتگي بڻجندي آهي. اُها نه رڳو شاعر لاءِ پر خود اُن ٻوليءَ ۽ سماج لاءِ  فخر جو ڪارن بڻجندي آهي، ۽ اڳتي هلي اُها شاعري ئي شاعر جي سڃاڻپ بڻجندي آهي. شاعري دريافتگيءَ جوعمل آهي. شاعر هٿان سرزد ٿيل اُهو ”شعر“ اصل ۾ هڪ عربي لفظ آهي، جيڪو ”شعور“  جو بنيادي لفظ (Elementary) آهي ۽ اسين لفظ ”شعور“ کي ”شعر“ لفظ جو Synonym چئي سگهون ٿا- يعني ته لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ادا ڪندڙ لفظ:

"Synonym" means The  word or words meaning the same thing

”شعر“، ”شاعر“ ۽ ”شعور“- ٽيئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن. ”شعور“ جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ٿي سگهي ٿي: دانائي (عقلمندي)، ڄاڻڻ، دريافت ڪرڻ، باريڪ شين جاچڻ. يعني ”شاعر“ ٿيو: دانا، عقلمند، ڄاڻندڙ، جاچيندڙ، دريافت ڪندڙ. شاعري، شاعر جي زباني ادا ڪيل عقل، علم ۽ دانائيءَ جو گفتو آهي، يا وري ڪا نئين ڳالهه، ڪا  نئين دريافت آهي. جڏهن لفظي مفهوم ۾ شاعريءَ جو ايڏو اعليٰ رتبو متعين ٿيل آهي، تڏهن عملي طور اهڙي اعليٰ دريافت کي ئي شاعري چوڻ ۽ مڃڻ مراد آهي. هر اُن شيءِ کي شاعري نٿو چئي سگهجي، جا محض بحر وزن يا ڇند تي پوري هجي، يا جيڪا محض رديف قافيي جي بندشن ۾ قيد هجي ۽ محض ردم ۽ نغمگيءَ ۾ پوري هجي- يا وري جديد دور جي فيشن پٽاندر ننڍين وڏين سـِٽن جي ٽُڪراٽن ۾ ورڇايل  هجي. انڪري اسين پوري يقين سان چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به تحرير جي آسي پاسي گهڻو اَڇو پنو ڇڏڻ سان اُها شاعري نٿي ٿي وڃي. ڪنهن به تحرير جي ”شعر“ بڻجڻ لاءِ محض اهو ڪافي ناهي. ”شعر“ جي بنيادي گهرج ”شعور“ ئي آهي؛ ”شعور“ پوءِ هر شيءِ جو شعور بخشي ٿو. انڪري ٻولي لفظ، معنيٰ، وزن، احساس، جذبا، ڪيفيتون، فڪر، استغفراق، وجدان-هر شيءِ اُن ۾ اچيو وڃي.

خوبصورت لفظن جي  بي معنيٰ جُهڳٽي کي شعر/ شاعري نٿي چئي سگهجي. شاعري محض لفظن ۽ معنائن کان مٿي آهي. شاعري محض بي جان ۽ بي روح لفظن جو بوتو ناهي. هڪ تخليقڪار-شاعر جڏهن اُنهن بي روح لفظن ۾ روح ڦوڪي ٿو، تڏهن ئي لفظ ساهه کڻن ٿا، ڦٿڪن ٿا، لُڇن ٿا، روئن ٿا، کـِلن ٿا. اِهو شاعر جي تخليقيت جو ڪمال آهي جو هُو ”لُڙڪن“ کي ”لفظ“ ڪري  ٿو، ۽ اُهي لفظ-لڙڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي اکين ۾ اُترن ٿا ۽ هن جي ڳلن تان وهن ٿا- ۽ اهو سڀ ايترو سولو ڪونهي:

لفظ کي لڙڪ ڪرڻ، ايترو سولو ڪونهي!

باهه جو سمنڊ ترڻ، ايترو سولو ڪونهي!

پروفيسر منگها رام ملڪاڻي شعر يا ڪوتا بابت ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه ڪري ٿو ته: ”شعر ڪوتا ۾ قاعدن جي پابندي نباهڻ اهڙي اهم نه آهي، جهڙي ڪلپنا جي گهرائي. خيالات جي بلنديءَ ڌاران ڪهڙو به رسيلو نظم سکڻي تُڪ بندي آهي؛ آتما بنان، هڏن جو پڃرو  آهي. شعر لفظ جي معنيٰ ئي آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ شاعر کي سچي ڄاڻ يا گيان حاصل ٿيل آهي، سندس شعر آهي سمجهه ۾ سياڻپ جا سخن.“

مانائتي ملڪاڻي ”سکڻي تُڪ بندي“ کي رد ڪندي، شاعريءَ لاءِ ”ڪلپنا جي گهرائي“ ۽ ”خيالات جي بلنديءَ“ تي زور ڏنو آهي. خيال/ تصور (Imagination) جي بلندي ۽ فڪر (Thought) جي گهرائي شاعريءَ جو روح آهي. اُن روح تائين رسڻ لاءِ شاعر کي ”سچي ڄاڻ“ هجي، ۽ اُن لاءِ وٽس اهڙو ”هيان“ پڻ هجي. انڪري اسين لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ائين پڻ چئي سگهون ٿا ته: ”اي پڻ چڱو ڪم“- يعني ٻولي، بحر وزن- شاعريءَ جو ظاهري بوتو، پر ”اُوڪو ٻيو فهم“ آهي جو ئي اصل شاعري آهي- يعني: خيال، فڪر، تصور، احساس، جذبا، يعني شاعريءَ جا فڪري لوازمات ئي شاعريءَ جو روح آهن، جنهن جي تلاش ۽ جستجو ۾ هر سچو شاعر هوندو آهي. تڏهن ئي شاعري ”جزويست از پيغمبري“ بڻجندي آهي ۽ شعر آيتن جو رتبو ماڻيندا آهن:

”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“

پر اُن جي ابتڙ، غلطين سان پُر هڪ ادنيٰ درجي جي غزل ۾، هڪ خوشفهم شاعر پنهنجي معمولي سٽن کي جي ”آيتون“ ڪوٺي ته اُن کي شاعر جو هذيان ئي سڏي سگهجي ٿو.

هوريس (Horace) 65 قبل مسيح ۾ لاطيني زبان جو هڪ اهم شاعر آهي. هُو رومين جي علم، ادب، شاعري ۽ فلسفي جو هڪ اهم نالو آهي. ايڇ. ٽي. سورلي (H.T.Sorley) پنهنجي اهم ڪتاب "Musa Pervagans" ۾ آندل، دنيا جي 13 اهم غنائي شاعرن ۾ هوريس کي به شامل ڪيو آهي (جڏهن ته اِن چونڊ) ۾ هن شاهه لطيف کي سڀني شاعرن کان مٿانهون درجو ڏنو آهي). هوريس پنهنجي دَور جو هڪ وڏو غنائي شاعر (Lyrical poet) هو ۽ ساڳئي وقت هڪ وڏو نقاد ۽ مفڪر پڻ هو. هو پنهنجي منظوم خطن (Epistles) ۾ هڪ ”نئين شاعر“ کي-جيڪو شاعريءَ جو شوق رکي ٿو-شاعريءَ جي سلسلي ۾ بهترين مشورا ڏئي ٿو ۽ هن کي شاعريءَ جي do's dont's جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. اِهي مشورا اسان وٽ شاعريءَ جي شوق رکندڙ نون شاعرن کي ضرور پڙهڻ گهرجن. هوريس شاعريءَ ۾ ”مقصد ۽ لطف“  ٻنهي جو قائل آهي. هو ”ڏات ۽ ڏانءُ“ جي اهميت کي مڃيندي، ”مطالعي جي اهميت“ ۽ ”ادبي اصولن/ قانونن جي پاسداريءَ“ تي پڻ زور ڏئي ٿو. شاعريءَ ۾ لفظن کي احتياط ۽ سليقي سان استعمال ڪرڻ، لفظن کي نئين معنيٰ عطا ڪرڻ، ڳرڻ ۽ ثقيل لفظن کان بچڻ  کي هُو هڪ سٺي شاعر جي اهم ذميواري ليکي ٿو. ”بنان سينگار سهڻو لڳڻ“ ئي سُٺي ۽ اعليٰ شاعريءَ جي پرک جي  ڪسوٽي آهي. هوريس (Horace) پيسو فيمليءَ جي اُن نوجوان کي، جيڪو شاعريءَ جو شوق فرمائي ٿو، کُليل لفظن ۾، بنان ڪنهن رک رکاءُ جي چئي ٿو ته:

”جيڪڏهن تون ڪجهه به لکين ٿو، ته اُهو ڪنهن سٺي نقاد کي ڏيکاريا پنهنجي پيءُ يا وري مون کي ضرور ڏيکار ۽ پوءِ اُنهن ڪاغذن کي کڻي رکي ڇڏ؛ ۽ نون (9) سالن تائين رکي ڇڏ، ڇو ته جنهن شيءِ کي توهان ڇپرايو ناهي، اُن کي سدائين ضايع ڪري سگهو ٿا.“

آءٌ نٿي ڄاڻان ته پيسو فيمليءَ جو شاعريءَ جو شوقين جوان، هوريس جي اِن راءِ ري مڇريو هو ڪين نه، پر آءٌ يقين سان چوان ٿي ته هوريس جيڪڏهن اهڙيءَ راءِ اڄ جي ڪنهن سنڌي نوجوان شاعر کي ڏئي ها، ته اُهو نوجوان هن کي ۽ هن جي ستن پيڙهين کي پيو پُڻي ها!

جيسين ڪنهن به ماڻهوءَ کي اُن ڪم ۾ مهارت ناهي، تيسين اُهو اُن ڪم ۾ هٿ نٿو وجهي. عام فهم ڳالهه آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي جُتي ڳنڍڻ نه ايندي. سو موچي نٿو ٿي سگهي. اهڙيءَ ريت ڄاڻ کان سواءِ هر ماڻهو رازو نٿو ٿي سگهي. جنهن کي ڪار هلائڻ نه ايندي، سو ڊرائيونگ نه ڪندو. پر جيڪو شخص شاعريءَ بابت ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي، اُهو شاعري ڪرڻ جي جسارت ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته: ”هُو پنهنجي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ سان جُٺيون ڇڏائي ٿو.

انڪري ئي اِها ڳالهه مڃڻ مراد آهي ته شاعريءَ جو سرچشمو گهرو ”شعور“ آهي. اُن لاءِ شاعر جو پيدائشي شاعر هجڻ ضروري آهي، جنهن کي اسين عام طور تي ”ڏات“ چئون ٿا ۽ جا خدا طرفان وديعت ٿئي ٿي. انڪري شاعريءَ جو فطري رجحان محنت کان بهتر آهي. اعليٰ شاعريءَ لاءِ خيال جي عظمت، جذبي جي شدت، ٻوليءَ جي خوبصورتي، شاعريءَ ۾ صنائع بدائع ۽ النڪارن جو استعمال گهڻي اهميت رکي ٿو. هڪ سٺو شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ لاشعوري طور تي اُهي سڀ گڻ ۽ خوبيون ڀريندو آهي، پوءِ اُهو ڪهڙي به ٻوليءَ جو شاعر هجي. اعليٰ شاعر خود پنهنجي ٻوليءَکي هڪ اعليٰ رتبو عطا ڪندو آهي. ماڻهو صرف پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، انڪري حساس شاعر پنهنجي حساسيت ۽ ذهانت جي ٻل تي پنهنجي ديسي ٻوليءَ کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي ڀر ۾ بيهاري سگهي ٿو. اٽليءَ جو عظيم شاعر ڊانٽي Dante)) دنيا جو اُهو ”پهريون شاعر“ آهي، جنهن ”ديسي ٻوليءَ“ جي ادبي استعمال جي حمايت ڪئي. هن پنهنجو شهرهء آفان نظم "Divine Comedy لکي دنيا جي شاعريءَ کي نوان دڳ ڏيکاريا، ۽ ادب کي نوان Trends ڏنا هئا. هن ”طربيه“ لکڻ کان پهرين پنهنجي اظهار لاءِ مناسب ٻوليءَ جي تلاش ڪئي- هن يورپي زبانن سان گڏوگڏ اٽليءَ ۾ مروج گهڻين ٻولين ۽ لهجن جوجائزو ورتو-۽ هن گهٽ مايه دار ۽ گهٽ اثر رکندڙ ٻولين کي خارج ڪيو؛ ايتريقدر جو هن فلورينس جي ٻوليءَ تي سـِسليءَ جي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني، جيڪا شاهي سرپرستيءَ جي ڪري هڪ اعليٰ مقام ماڻي چڪي هئي. اُن دَور ۾ ادب ۽ شاعريءَ جي ٻوليءَ لاطيني (Latin) هئي، پر هن لاطينيءَ ۾ لکڻ کي غلاميءَ جي نشاني سمجهيو ۽ خدا کي ٻاڏايو: ”خدا! لفظ سان اسان جي مدد ڪر، جيئن ديسي زبان جي خدمت ڪريون“-هن اِهو ثابت ڪيو ته پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڻ اعليٰ ادب بلڪه اعليٰ شاعري تخليق ٿي سگهي ٿي. ڊانٽي اِهوڪارنامو تيرهين صديءَ ۾ سرانجام ڏنو. هن پنهنجي وطن جي ٻوليءَ کي شاعريءَ جي ڪسوٽيءَ تي کرو ثابت  ڪيو ۽ائين هن اطالوي ٻوليءَ کي دنيا  جي عظيم ٻولين جي سٿ ۾ آڻي بيهاريو. ڊانٽي جي اُن بهادريءَ، يورپ جي ٻين ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن کي اُتساهيو، ته هنن جون مادري ٻوليون پڻ ادب ۽ شاعريءَ جون ٻوليون بڻجي سگهن ٿيون-۽ ائين اعليٰ ٻولين جي سٿ ۾ سوڀاريون ٿي سگهن ٿيون. نه ته اُن کان اڳ رڳو يوناني ۽لاطيني ٻوليون ئي شاعريءَ ۽ ادب جون ٻوليون هيون. شعر و ادب ۾ استعمال ٿيندڙ اُهي ٻوليون ئي ڪلاسيڪل جي درجي ماڻڻ جون اهل هيون. جڏهن ته اُن وقت يورپ جون ٻيون سڀ ٻوليون، جهڙوڪ: فرانسيسي، انگريزي، جرمن، محض، مقامي ديسي ٻولين جو درجو  رکنديون هيون ۽ اُنهن لاءِ ورنيڪيولر ٻولين (Vernacular Languages) جو اصطلاح عام هو. اُهي ورنيڪيولر ٻوليون شعر و ادب جي ٻولي بڻجڻ جون اهل نه هيون، پر ڊانٽي جي ان بهادريءَ ته: ”خدا حافظ سان اسان جي مدد ڪر، جيئن ديسي زبان جي خدمت ڪريون“، يورپ جي مقامي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي ديسي زبان جي خدمت ڪرڻ جي همٿ ڏني- ۽ يورپ جي هر خطي جي مقامي ماڻهن پنهنجي مقامي ديسي زبان-پنهنجي زبان جي اهميت کي  سڃاتو ۽ اُن کي پنهنجي احساسن جي اظهار جو ذريعو بڻايو. ائين فرانسيسي ادب پنهنجي اوج ۽ عروج  تي رسيو. فرانس ۾ اُٿندڙ ادبي تحريڪن، انگريزي ٻوليءَ تي  پنهنجا دور رس اثر مرتب ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ شعر و ادب جي ترقي ۽ ترويج ٿي. ائين لهر مان لهر ڦٽي ۽ پوري يورپ  تي ڇانئجي وئي. مقامي ماڻهن نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو، اُن ۾ شعر و ادب تخليق ڪيو، پر اُن سان گڏوگڏ علمي، ادبي، منطقي، اخلاقي، سائنسي، نفسياتي، اقتصادي علمن جي حوالي سان ڪيتريون ئي سنجيده تحريرون اُن ٻوليءَ ۾ لکيون-تڏهن ئي اُنهن ٻولين گهڻ پاسائين ترقي ڪئي-۽ يورپ جون اُهي قومون بک، ڏک، غريبي، اخلاقي، سماجي ۽ اقتصادي بدتريءَ جي اُن عذابناڪ دَور مان (جنهن کي يورپ ۾ ’اونداهو دَور‘ Dark ages چيو ويندو آهي)، پنهنجي عوام جي قربانين، شاعرن، اديبن جي قلم جي حرمت جي پاسداريءَ ۽ اڳواڻن جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي سگهه، پنهنجي سائنسدانن، فلسفين ۽ اقتصادي ماهرن جي عقل ۽ ايقان جي آڌار تي، هو اُن اونداهي دَور مان ٻاهر نڪري آيا. نه ته اُنهن جي حالت اسان جي موجوده حالتن کان وڌيڪ  سٺي ڪا نه هئي. انڪري جي اسين ائين سمجهون ٿا ته محض شاعري ئي اسان جي نجات جو ذريعو ٿي سگهي ٿي ته ائين ناهي. شاعري اسان کي شعور ضرور ڏئي ٿي (بشر طيڪ شاعر خود باشعور هجي!) شاعريءَ کان علاوه به گهڻو ڪجهه گهرجي ٿو- ۽ اُن ’سڀ‘ سان گڏوگڏ هڪ نئون Vision پڻ گهرجي ٿو. اُهو نئون Vision اسان کي علم ئي عطا ڪري سگهي ٿو-اسان کي ايندڙ عذابن ۽ امتحانن لاءِ نهايت خبرداريءَ سان تياري ڪرڻي آهي-اُن لاءِ به ’شاعري‘ نه، پر ’شعور‘ ئي گهرجي-جيتوڻيڪ اُهو شعور به شاعري ڏئي ٿي ته:

جـِئن جهُڳا پائـِينن جهولَ ۾، اِئن نه مَرَنِ مَڇَ،

سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊ جا، ڪي رائُون رِڱَيُون رَڇَ،

هي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاههُ اَڳا هُون ٿـِيو!

اُهو دَور، جڏهن خود  انگريزي ٻولي به ادبي ٻولي نه هئي ۽ محض هڪ ”ورنيڪيولر ٻوليءَ“ (Vernacular Language) جو درجو رکندي هئي، خود انگريزي ٻولي پنهنجي ابتدائي دَور ۾ لاطيني ٻوليءَ جا لفظ ورتا ۽ ٻيا سمورا ادبي گُڻ، فڪر، نظريا ۽ ادبي صنفون فرانسيسي ٻوليءَ کان اُڌاريون ورتيون. اُنهن ئي انگريزي جڏهن هڪ مختلف تهذيب ۽ تمدن جي امين قوم جي وطن ”سنڌ“ کي فتح ڪيو، ته اُنهن هـِتي سنڌي زبان کي ”رونيڪيولر زبان“ جو درجو ڏنو. آزاديءَ کان پوءِ انگريزي ته هليا ويا ۽ اُنهن جي وڃڻ سان اُهي انگريزي قانون ختم ٿيڻ جي ماڳ، اُٽلندو اُنهن قانونن جو دائرو مزيد تنگ ڪيو ويو ۽ هڪ آزاد ملڪ جو حصو هجڻ جي  باوجود سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت غلاميءَ واري دَور کان به گهٽجي وئي! اُن کي ٻين گهڻين ئي ”علاقائي ٻولين“ وانگي محض هڪ ”علائقائي ٻولي“ جو درجو ڏنو ويو.

جڏهن ته اِها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن دَور ۾ نهايت اعليٰ درجي جو بين الاقوامي معيار مطابق ادب تخليق  ٿي رهيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ادب/شاعريءَ ۾ آفاقيت ۽ ڪلاسيڪيت جو اُهاءُ هو/آهي، پر پوءِ به اُن تي ’علائقائيت‘ جو ليبل مڙهي، اُن کي هڪ ننڍڙي دائري ۾ قيد ڪري، اُن جي اهميت کي گهٽايو پيو وڃي. ڇا هي ساڳيو اُهوئي رويو ناهي ته: ’پارسي گهڙي چاڙهسي!‘

هتي آءٌ ايليٽ جي حوالي سان هڪڙي اهم ڳالهه ڪريان ته ڪنهن به قوم کان اُن جي زبان کسي سگهجي ٿي، اُن کي دٻائي ۽ هيسائي سگهجي ٿو، ايستائين جو اسڪول ۾ ڪا ٻِي زبان جبري طور مڙهي سگهجي ٿي، پر جيستائين اُن قوم کي نئين زبان ۾ محسوس ڪرڻ نٿو سيکاريو وڃي، تيستائين اُن جي اصلي زبان کي پاڙئون  پٽي نٿو سگهجي. اُن زبان شاعريءَ ذريعي-جيڪا احساسن جي اظهار جو ذريعو آهي-ٻيهر اُڀري ايندي. ڪا به قوم  پنهنجي بنهه گهرن احساسن جو شعوري اظهار پنهنجي زبان جي شاعريءَ ۾ ڪري ٿي.

اِنهن ڳالهين مان اِهو نتيجو اخذ ڪري سگهون ٿا ته ڪا به ”ديسي زبان“ پڻ اظهار جو اعليٰ نمونو ٿي سگهي ٿي. ديسي زبان ۾ پڻ شاعراڻي اظهار جون اعليٰ صلاحيتون موجود آهن. ڳالهه رڳو انهن اعليٰ صلاحيتن جي آرٽسٽڪ اظهار ۽ استعمال جي آهي، بلڪل ائين ئي جيئن ڪڏهن يوناني ۽ لاطيني زبانون ئي تحرير ۽ ادب جو ذريعو هيون. انڪري جو اُن وقت اُهي قومون ترقي يافته ۽ تهذيب يافته هيون ۽ اُنهن وٽ اقتداري طاقت به هئي-۽ حڪمرانن جي زبان کي ئي هميشه ”ممتاز، شائسته ۽ مجلسي زبان“ تصور ڪيو ويندو آهي. انڪري اُن دَور ۾ خود يورپ جون ٻيون قومون احساس ڪمتريءَ ۾ ايتريقدر مبتلا هيون، جو اُنهن فرض ڪري ورتو هو ته معياري ٻوليون بلڪ ڪلاسيڪل ٻوليون محض ’مقتدر ٻوليون‘ ئي آهن؛ ٻيون سموريون ٻوليون اُنهن کان گهٽ درجي جون ٻوليون آهن. پر تيرهين صديءَ ۾ ڊانٽي اُن مفروضي کي غلط ثابت ڪيو ۽ اڳتي هلي سمورو يورپ اُن تي متفق ٿيو ته خود سندن مادري ٻوليون پڻ اعليٰ ادب جو وسيلو ٿي سگهن ٿيون.

بلڪل اهڙيءَ ريت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي مادري ٻوليءَ ”سنڌيءَ“ ۾ شاعري ڪري اِهو ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ ارفع ۽ اعليٰ ٻولي آهي. اُن ۾ اعليٰ ترين شاعري تخليق ٿي سگهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ وسيلي شاعريءَ ۾ نازڪ ترين، بلندترين ۽ خوبصورت  ترين خيالار پيش ڪري سگهجن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ”پارسي گهوڙي چاڙهسي!“ واري دَور ۾ پنهنجي مادري زبان-هڪ ديسي زبان کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو ۽ اُن ۾ شاعريءَ ڪئي ۽ سنڌين جي غلامانه ذهنيت کي وڏي واڪ اهو چئي نـِنديو ته:

”جي تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

جو ٻَڌو ٻن ڳاليين، سو ڪئن چائي ڄام،

اُڃيو تان آب گهري، بُکيو تان طعام،

اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي!“

هيءَ اُهائي بهادري هئي، جنهن جو مظاهرو ڊانٽي تيرهين صديءَ ۾ اٽليءَ ۾ ڪيوهو. جيئن مغربي ملڪن ۾ يوناني ۽ لاطيني ٻولين کي ڪلاسيڪي ٻولين جو درجو حاصل هو، تيئن هـِن خطي جون ڪلاسيڪي ٻوليون عربي ۽ فارسي تسليم ڪيون وينديون هيون. انڪري اسان وٽ اُنهن ٻولين ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ تي فخر ڪيو ويندو هو، ڇو ته ساڳئي وقت اُهي درٻار جون ٻوليون هيون، انڪري ”ممتاز شائسته ۽ افضل“ هيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي  ارفع ۽ اعليٰ شاعريءَ وسيلي اِهو ثابت ڪيو ته: سنڌي ٻولي هڪ اعليٰ درجي جي ٻولي آهي ۽ اُن ۾ ڪلاسيڪيت جا سمورا گُڻ موجود آهن. اهميت رڳو اِن ڳالهه کي آهي ته شاعر کي پنهنجي ٻوليءَ تي مڪمل عبور حاصل هجي. هو پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن کي هڪ وينجهر وانگر مهارت ۽ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هجي. اهم ترين ڳالهه اِها آهي ته، هو واقعي شاعر به هجي- هڪ سچو شاعر!

____________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com