سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :11

رجو ۽ پاڻ مڙيئي هلڪيون سلڪيون چوريون ڪري عياشي ڪندا هئا. جوا کيڏندا، چرس پيئندا، ڪڪڙن جي ميلن تي شرط رکندا هئا. يا وري ڪڏهن ڪڏهن شهر واري چڪلي ڏانهن ويندا هئا. کيس ته مائٽن مـِٽن پاڙي وارن تاتي نپائي وڏو ڪيو هو. وڏيري جو هلڪو سلڪو ڪم ڪار ۽ خيرات جي ماني کيس کڻي ماڻهو ٺاهيو هو، پر ٺهندو ڪو به نه هئس، ڇو ته سندس پيءُ ٻي ذات مان مائي ڀڄائي شادي ڪئي هئي. وڏيري جي چوري ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، اوچتو خيال آيس ته اڄوڪي رات پنهنجي ڪم جي نه ٿي لڳي. رجو اچي ته ڏوهه گڏجي ڪبو. سوچيندي سندس ذهن جي اڱڻ ۾ سوچن جي وڻ جا سڀ پن ڇڻي چڪا هئا. سمجهه نه رهي هئس. پسٽل به ته پهريون ڀيرو ڪنهن چور کان ورتو هئائين. ڀيڻس جي رسولي سان شاديءَ جي باري ۾ سوچيندو واپس وريو. ڪاوڙ مان گهر جي ڀڳل در کي لَت هڻي کوليو هئائين. اڱڻ ۾ پهچي هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڪمري ۾ ويو. ڪمري جي اونداهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ماچس جي تيلي ٻاريائين ته پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس ۽ پاڻ کي اوڙاهه ۾ ڪـِرندي ڀانيائين. وجود لڏي ويس! پنهنجي  جگري يار رجوءَ کي ڀيڻس سان گڏ کٽ تي سُتل ڏٺائين. ويساهه ڪـِني ڪيئين جيان سندس پيرن هيٺان ڇپڀاٽجي ڦـِسي ڦاٽي پيو هو! ٻرندڙ تيلي سندس آڱر ساڙي وڌي ۽ وسامي ويئي. تيليءَ سان هو پاڻ ڄڻ وسامي چڪو هو. ’رجو منهنجو دوست، پڳ مٽ يار،  ڀائرن جهڙو ڀاءُ، پنهنجو ائين ڪري سگهي ٿو؟…‘ پسٽل ور مان ڪڍي ڏڪندڙ هٿن سان سڌو ڪيائين. کٽ تي  پيل رومال کڻي سومل جو بدن ڍڪيائين. جنون جي حدن کي  پوئتي ڇڏي گار ڏيئي چيائين، ”رجو  تون!“ آواز ڄڻ ننڍي ڪڍي ڪوٺيءَ ۾ گونجڻ  لڳو هو. رجو ڏڪندڙ آواز ۾ خوفنائتي انداز ۾ اونداهه ۾ چيو هو، ”اسان کي نه مار، اسان ٻئي شادي ڪنداسين.“ ٻاڏائڻ لڳو هئس، ”دُرا…دُرا…مان تنهنجو دوست آهيان“ دُرل پيرن کي ڦٿورڻ سان ماچيس ڳولي کڻي اونداهه ۾ ٻي تيلي ٻاري هئي. هڪ هٿ ۾ پسٽل هوندي تيلي ٻارڻ سولو ڪم نه هو سو به اهڙيءَ حالت ۾، پر ماڻهو  جذبات ۾ اچي ڪو به ڪم ڪري سگهي ٿو. گار ڏيئي رجوءَ ڏانهن پسٽل سڌو ڪيو هئائين ته سومل رجو کي بچائڻ لاءِ اڳيان سينو تاڻي بيهي رهي. تيلي وسامي ويئي هئي. سومل جو سنهو ۽ ڊڄندڙ آواز ته ادا مان تنهنجي ڀيڻ آهيان، وري رجوءَ جو منٿ وارو آواز، ”ڏس اسان ٻئي شادي ڪنداسين…“ ايتري ۾ دُرل پنهنجي جسم ۾ باهه ٻرندي محسوس ڪئي هئي! ڪنهن اونداهي ڪچي ڪمري ۾ نه پر ٻرندڙ کوري ۾ پاڻ کي ڪچين سرن جيان پچندي محسوس ڪرڻ لڳو هو.

ڪمري جي اونداهه ۾ فائر ٿيو. سومل پنڊ پهڻ بڻجي چڪي هئي. اونداهه کي ختم ڪرڻ لاءِ رجوءَ کٽ تي لٿل پنهنجي قميص  جي کيسي مان ماچس ڪڍي تيلي ٻاري هئي ته سامهون دُرل جو لاش اڌ ڪمري ۾ در اندر ۽ اڌ در کان ٻاهر اڱڻ طرف پيل هو. اُن وقت اونداهي جي ڪاري ڀوت کي پرهه جي پياري روشنيءَ جي مڌم ڌارائن ڳهڻ شروع ڪيو هو.

”…جيستائين تخليقي عمل ۾ سياسي ۽ نظرياتي وابستگيءَ جو تعلق آهي ته اُن ۾ سماجي اڀياس ۽ آگاهي (Social  Consciousness)  نه فقط  ضروري سمجهندو آهيان، بلڪه اهو به سمجهندو آهيان ته ڪاروڪاري جي رسم تي ڊرامو، ڪهاڻي يا ناول لکڻ لاءِ سياسي ۽ نظرياتي وابستگي ڪارگر نه ٿيندي.ان قسم  جي تخليق لاءِ احساس جي شدت ضروري آهي. بدقسمتيءَ سان احساس جي شدت ملڪيت وانگر نه ورثي ۾ ملندي آهي ۽ نه وري ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کان امداد ۾ وٺي سگهبي آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سياسي، نظرياتي ۽ سماجي حوالي کان سواءِ تخليقي عمل ڪيئن جنم وٺي سگهندو؟ ليليٰ مجنونءَ جهڙو روايتي ڪهاڻيءَ ۾ به ليليٰ ۽ مجنونءَ جي وچ ۾ سماجي ناهمواري جي ڀت بيٺل آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري  ڇڏيو. لفظ نظرياتي مون کي نٿو وڻي، مان فقط سياسي ۽ سماجي يا معاشرتي حوالي جو ذڪر ڪندس. ڏات جو ڪو نعم البدل ناهي. پنهنجو دور جي سياسي ءُ سماجي اُتل پُٿل کي نظر انداز يا رد ڪري ڪو به  ليکڪ بقادار تخليق  ڏيئي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته دوستووسڪي، ٽالسٽاءِ، گورڪي، پيسٽرناڪ ۽ سولزنسشن وقت جو کاڄ ٿي وڃن ها. ڪرشن چندر ۾ تمام زبردست سياسي ۽ سماجي ڪانٽسينس هئي، پر جبران، هيمنگوي، اسٽين بيڪ، وليم سيرويان ۽ هال ڪين جون تحريرون پنهنجي دور جي سماجي لاهن چاڙهن تي بيٺل آهن ۽ وقت تي حاوي آهن. موجوده دور ۾ اُهو ڪهڙو ليکڪ آهي، جنهن هوا ۾ لکيو هجي ۽ جڳ جهان ۾ ولوڙ پيدا ڪري سگهيو هجي…“

-امر جليل

[”ماهنامه ادب“ ، نمبر 86ص 10]

 

اگهاڙو سـِج

وريام سنگهه سڌو/ ننگر چنا

[پنجابي ادبي رسالن ۾ ماهوار ”لهران“ جو الڳ مقام آهي. هر پرچي ۾ ڪيترائي ليک گُرمکيءَ مان شاهه مکي پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويندا آهن ۽ ائين ڀارتي پنجابي ادب جون چونڊ شيون پڙهندڙن جي اُڃ اجهائينديون آهن. وريام سنگهه سنڌو پنجابي ڪهاڻيءَ جي اُڀرندڙ ۽ سُٺن ليکڪن مان هڪ آهي. وريام ماهوار ”لهران“ ۾ مستقل ڇپجندو رهي ٿو. مون سندس ٻه ڪهاڻيون  سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن، جن مان هڪ ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي. ن چ ]

رسيس ٿي چڪي هئي. ٻار پَٽين کي ميٽ هڻي. هاڻ ماني کائي رهيا هئا. ماسترياڻي ڪرسيءَ تي ويٺي ڀارت جي ”آزادي“ جي ڪهاڻي پڙهي رهي هئي. جليانوالا جي بُت مان ٽمڪندڙ رت ۽ ڦاهين جي ڦندن کي چمندڙ گرم جسمن جي ڳالهه…هٿ ڪڙين ۽ پير ڪڙين جي ڇمڪڻ جو آواز… ڪاري پاڻيءَ ۾ ڳرندڙ گلابن جهڙيون جوانيون…قاتل جي ٻانهن جو زور آزمائيندڙ بهادرن جون للڪارون…صدين جي ٻاٽ اونداهي رات…۽ پوءِ آزاديءَ جو سج …رت جي رنگت…لهوءَ جي سڳنڌ.

”سائڻ!…اوسائڻ!“ پنج ڇهه ڇوڪريون ماسترياڻيءَ جي ڪرسيءَ کي گهيري ويون. هن اکيون کڻي ڏانهنِ نهاريو.

”سائڻ! دينو ريڙهيءَ واري جي ڌيءَ ديپا، شيلا جي ماني کائي وئي…سائڻ!…چوري.“ کنڊ ۽ ڪوئلي جي ڊيپوءَ جي مالڪ گلاب داس جي ڇوڪري شيلا جي ماسيري منهن تي نفرت جو زهر پکڙيو پيو هو. ڪاوڙ وچان هُن جون  ٿلهيون ۽ وڏيون ناسون ڦڙڪي رهيون هيون. هن ڪروڌ وچان خالي ٽفن کي ميز تي مٿان ڪري هنيو ۽ زمين تي پير سَٽڻ لڳي.

”وڃو، ديپوءَ کي وٺي اچو.“

ڇوڪريون ڀڄنديون ويون. ماسترياڻيءَ ڪتاب ٺپي رکيو. ديپوءَ جي اُن حرڪت تي کيس ڏاڍي مَٺيان لڳي. اُن مٺيان جوڪارڻ ٻه ڏينهن اڳ دينوءَ جي عجب جهڙي گستاخي به هئي. اُهي سڀ ڇوڪريون اُن ڏينهن يونيفارم پائي نه آيون هيون. ماسترياڻيءَ کين گهر موٽائي ڇڏيو هو. دينو، ديپوءَ جي آڱر پڪڙيو اسڪول اچي ٺڪاءُ ڪيو هو.

”توهان هن کي نئون يونيفارم پائي اچڻ لاءِ چيو آهي؟“

هوءَ ٽـِڪ ٻڌي دينوءَ کي ڏسي رهي هئي. ”ها“، ماسترياڻيءَ کي پنهنجو ورندي ياد آئي.

”۽ هي ڏسو…هن جو سڄو چولو ڦاٽو پيو آهي…هيءَ ڪا اسڪول جي ڊريس ٿوروئي آهي.“

دينوءَ پنهنجي ڌيءَ جو چولو هن جي پيٽ تان مٿي کنيو ۽ ڌيءَ جي خالي پٺيءَ لڳل پيٽ کي ٻاڪُن سان ماپيندي چريائپ گاڏڙ انداز ۾ چيو: ”ڀيڻ…هن جهڙين ڇوڪرين کي ڦاٽل چولن جي ڪري مارڻ کان اڳ اُنهن جا چولا مٿي ڪري هنن جي ڍِڍَ جي ماپ به وٺنديون ڪريو، ته اُنهن جي ڍِڍَ ۾ ڪجهه آهي به يا نه؟“ ۽ هو اُن گهڙيءَ ئي  هليو ويو. شايد انڪري به جو جيڪڏهن ڪي گهڙيون وڌيڪ اُتي ترسي ها ته هن جي اکين جي آلاڻ ماسترياڻيءَ کان ڳجهي نه رهي سگهي ها.

۽ هوءَ دينوءَ جي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري دير تائين بُکن سبب ڦـِڪي ٿي ويل ديپوءَ کي ڏسندي رهي هئي. ڪيتري دير تائين سوچيندي رهي هئي، ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه همدرديءَ سان.

ڇوڪريون ديپوءَ کي چور جيان ٻنهي ٻانهن کان پڪڙي وٺي آيون. ديپا پنهنجون ٻانهون ڇڏائي واڇون اُگهڻ جي ڪئي. ”ڇڏيوسِ…هيڏي آ ڙي!“ هن ديپا  کي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ ڏي سَٽ ڏني.

”ٻُڌا!…سچ پچ ڳالهائجانءِ…تو هن جي ماني کاڌي آهي؟“

ماسترياڻيءَ جي نرڙ تي ڪاوڙ وچان گهنج پئجي ويا هئا.

”هائو، سائڻ!“ ڇوڪري ڏڪي رهي هئي.

ٺڪاءَ سان هڪڙي چڪاٽ هن جي ٻوٿ تي واڄو ڪري وئي ۽ هوءَ فرش تي ڪـِري پئي. هن جي چپ جي ٽُڪجي پوڻ جي ڪري رت سيمو ڪري وهڻ لڳو. ماسترياڻيءَ کيس پٺيءَ تي ٿڏو هنيو: ”اُٿي بيهه…“ ديپا ڪنبندي ڪنبندي اُٿي بيٺي. هن جا هٿ پاڻمرادو ٻڌجي ويا. ٻانهون ٻڌندي سُڏڪندي چيائين، ”سائڻ!…توهين پاڻ چونديون آهيو ته جيڪو سچ ڳالهائيندو…اُن کي مار نه ملندي…مون سچ ڳالهايو آهي ته سائڻ!…مون کي ٿڦڙ مليا آهن.“

”سچ ڳالهايو اٿئي؟…ٻڌاءِ…شيلا کي ماني نه کائڻي هئي ڇا؟“ ماسترياڻيءَ ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽيندي چيو.

”نه سائڻ!…شيلا چيو هو ته هوءَ سويري ڏهي ۽ مکڻ سان اڦراٽا ڍَءُ ڪري کائي آئي آهي، کيس بک ناهي. هوءَ هر ڏينهن چوندي آهي ته هوءَ ايترو کائي ايندي آهي جو هن کي رسيس ۾ بک ناهي لڳندي. ”ديپا جي وات مان لفظ-اکين مان ڳوڙها، ڪرندا ٿي رهيا. ”هُن کي بک نه هئي ۽ هوءَ کيڏڻ کي لڳي ويئي هئي. مان سچ ٿي چوان سائڻ!…مون کي بک لڳي هئي. مون ڪلهه کان ماني ناهي کاڌي. مان سچ ٿي چوان.“

ماسترياڻيءَ جو کڄيل هٿ ڏڪي ويو. هن جي اندر ۾ ڪنهن اُڌمي ڦٿڪو کاڌو. هوءَ ڪرسيءَ تي ڊهي پيئي. ڇوڪرين کي ڀڄي وڃڻ جو چئي ديپا کي ويجهو سڏي کيس ڳل لائيندي چيائين، ڌيءَ!… تنهنجو سچ وڏو به آهي ۽ ڳرو به. تو وڏو سچ ڳالهايو آهي. ڪاش! ڪوئي ٻُڌي سگهي.“

 ________________

  

 اَٺ مـِني ڪهاڻيون

ولي رام ولڀ

(1) ٻه نگاهون

پاڙي ۾ ٻن اوچين عمارتن جي اڏاوت جو ڪم هلي رهيو هو. اوچتو جهيڙو ٿي پيو. هڪ جڳهه جي دري ٻئي جي حد ۾ اچي رهي هئي. بس ٻنهي عمارتن جا مالڪ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ڳالهه ايتريقدر وڌي ويئي جوٻنهي ڄڻن هڪٻئي جي جڳهين کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو.

ڀر سان ئي گهر ۾ اڱڻ ۾ مـِٽيءَ سان ٻه ننڍڙا گهرڙا جُڙي رهيا هئا. هڪ ڇوڪرو ڀت ٺاهي رهيو هو ته ٻيو ڇت وجهي رهيو هو. ڇا ٻئي ڇوڪرا چريا هئا؟

بيل گاڏيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪندا هلي رهيا هئا. گاڏيءَ واري چيو ته ڍڳا جيڪي گاڏي پيا ڇڪين، ماٺ آهن، پر هي نڪما اجايو پيا چين چين ڪن. ڪم ڪندڙ چپ آهن، نڪما ڀُٽڪڻ ٿا!    (هنديءَ مان)

(2) آزادي ۽ محبت

هڪ عورت ننڊ ۾ سمهي پيئي هئي. سپنو ڏٺائين ته سامهون زندگيءَ جي ديوي بيٺي هئي. سندس هڪ هٿ ۾ ’محبت‘ هئي ته ٻئي ۾ ’آزادي‘. عورت کان پڇيائين: ”چؤ، توکي ٻنهي مان ڇا گهرجي؟“

عورت ڳوڙهي خيال ۾ پئجي ويئي، نيٺ ڪافي سوچ کان پوءِ وراڻيائين: ”آزادي“.

زندگيءَ جي ديوي مشڪي چيو، ”تنهنجي پسند مون کي به پسند آئي. جيڪڏهن تون ’محبت‘ پسند ڪرين ها ته مان توکي ’محبت‘ ضرور ڏيان ها، پر تون مون کي ٻيهر نه ڏسين ها، پر هاڻي اُهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن مان  تو وٽ وري به اينديس. اُنهيءَ ڏينهن مان توکي ٻئي شيون ’محبت ۽ آزادي‘ ڏينديس.“

مون اُنهيءَ عورت کي ننڊ ۾ مشڪندي ڏٺو.

(هنديءَ مان)

(3) محبت ۽ حُسن

هيءَ ڳالهه اُن وقت جي آهي، جڏهن نه محبت انڌي هئي ۽ نه وري حُسن گونگو هو.

هڪ ڏينهن ٻئي پسار ڪري رهيا ته چوڏهينءَ  جو چنڊ کـِڙيو.

محبت جون نظرون چنڊ تي ڄمي ويون.

حسن کي اِها ڳالهه ڏُکي ۽ اڻوڻندڙ لڳي. هن  پنهنجي ساراهه ۽ چنڊ جي گلا ڪرڻ شروع  ڪري ڏني.

اِنهيءَ تي محبت کي ڏاڍي مَٺيان لڳي. ٻنهي ۾ لڙائي ٿي پيئي. حُسن اڳيان وڌي محبت جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون ۽ محبت، حسن جي زبان ڪڍي ورتي.

تڏهن کان محبت انڌي ۽ حسن گونگو آهي.

(هنديءَ مان)

(4) لُڙڪ

ننڍڙو لُڙڪ ڦُڙو سفر تي نڪتو. مينهن جي مُند ۾ جڏهن اُهو هڪ نديءَ ڪناري  پهتو ته ندي مٿس  هڪ طنزيه ٽهڪ ڏنو.

”تو هڪ ڦُڙي جي ڪهڙي حقيقت آهي  جو دنيا ماپڻ نڪتو آهين؟ ڪٿي گم نه ٿي وڃين!“

لُڙڪ کان چُپ رهيو نه ٿيو، وراڻيائين: ”چري! گم تون ٿي ويندينءَ جو گم ٿيڻ لاءِ پيدا ٿي آهين. مان ته ڪنهن نه ڪنهن جي اک جو تارو آهيان. جتي به ويندس، اک پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏيندي. مان دليون جوڙڻ نڪتو آهيان، پاڻ کي گُم ڪرڻ لاءِ نه. (تيليگو مان)

(5) روشني

هڪ ڏينهن منهنجي ڪچي گهر جي هوادان مان سج جي ڪرڻي داخل ٿي جاري ۾ رکيل ڏيئي کان پڇيو:

”اي مٽيءَ جا ڏيئا! منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي تنهنجو ڪارو مهانڊو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيئن روشني ڦهلائيندو هوندو!“

ڏيئي نهايت نرميءَ سان وراڻيو:

”بهتر ٿئي ها جيڪڏهن اُنهيءَ سوال جو جواب ڪار مُنهين اونداهي رات کان پُڇين ها، جنهن جي اونداهي هنج ۾ تنهنجو مُنهن سڀني کان اڳ ۾ روشن ٿئي ٿو.“

سج جوڪرڻو کسڪي ويو. مون ڏٺو ته ڏيئو جاري ۾ مُشڪي رهيو هو. (ڪنڙ مان)

(6) جوت اُجهامي ويئي

هو پنهنجو يڪتارو وڄائيندو، پنهنجيءَ ڌُن ۾ رمندو پئي ويو ته اوچتو تند ٽٽي پيئي. ساز بيهي ويو ۽ آواز به ساز جو ساٿ ڏنو. هُن اکيون کولي يڪتاري جي تندڏانهن ڏٺو، جيڪا بي ترتيبيءَ سان ڇڳل هئي.

”اَڻٽُٽ تار ڇڄي پيئي!“ هو ڀڻڪيو.

سامهون بيابان اونداهيءَ سان سلهاڙجي ليٽيا پيا هئا، هڪ ڪُتي واريءَ ۾ ليٿڙيون پائي اوناڙي رهي هئي، هڪ گڏهه مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائي هينگون ڏيئي رهيو هو.

سامهون هڪ ڌنار کير ڏُهي، منجهس تلاءَ جوپاڻي ملائي رهيو هو. ٻئي پاسي ٻنيءَ ۾ سُڪل ڪانا هوا ۾ ٺڪ ٺڪ ڪري رهيا هئا…۽ جهوپڙيءَ جي ڀرسان ٻه ماڻهو وڙهي رهيا هئا. اوچتو جهوپڙيءَ کي اچي باهه لڳي. منجهانئس  هڪ عورت پنهنجن ننڍڙن ٻارن سان گڏ رڙيون ڪندي ٻاهر نڪتي، پر هُو وڙهڻ ۾ لڳا رهيا.

اُن وقت جهنگ مان هڪ گدڙ جي اُوناڙ ٻڌڻ ۾ آئي. هڪ اوپري ماڻهوءَ اچي رڙيون ڪندڙ عورت کي ٻانهن کان ورتو ۽ سندس ٻانهن جا ڪنگڻ ۽ پيرن جا پازيب لاهڻ لڳو. معصوم ٻار دانهون ڪرڻ لڳو، پر هو وڙهندا رهيا…هڪ گهر جا ٻه ماڻهو…هڪ پيءُ جا ٻه پٽ… ٻه ڀائر.

اُتان ڪو واٽهڙو لانگهائو ٿيو، جنهن وڌي ڌنار کان پڇيو، ”ڇاتي ٿا وڙهن؟“

ڌنار ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو ۽ چيائين، ”هيءَ اُها زمين آهي، جتي ڏڌ، مکڻ ۽ کير جون نديون وهنديون هيون، جتي محبت جو راڄ هو ۽…“

واٽهڙو اُداس ٿي ويو ۽ بيوسيءَ وچان چوڻ لڳو، ”هنن کي ڪڏهن ساڃهه ايندي! هنن کي سُڌ نٿي پوي ته هي ڪنهن جو نقصان ٿا ڪن!“

هن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڌنار پنهنجي راهه وٺي هليو ويو هو ۽ سامهون شيطان وڏن وڏن لفظن ۾ لکي رهيو هو:

اگر فردوس بر روُئي زمين است،

همين است و همين است و همين است!

واٽهڙو ڪجهه ڪڇيو ۽ سامهون پيل پٿر تي ويهي رهيو. سامهون اڃا ٻه ڀائر وڙهي رهيا آهن ۽ پريان شيطان ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي. (هنديءَ مان)

(7) آزادي ۽ غلامي

سانوڻ جا وڻندڙ ڏينهن هئا. پٽن زمردي پوشاڪ پائي، ڏسندڙن جي دل ۾ هڪ عجيب خوشيءَ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي. هر طرف هر شيءِ خوشيءَ وچان جهومي رهي هئي. وڻن جي ٽارين تي پکين مٺيون ٻوليون پئي ٻوليون. اُن وڻندڙ وقت هڪ طوطو پنهنجي جوانيءَ جي نشي ۾ مٺا ٻول ٻوليندو وڻ تي وڃي ويٺو. ويهڻ شرط سندس چهنب مان دانهن نڪري ويئي جو ڪنهن شڪاريءَ جي ڦندي ۾ بيخبر طوطو ڦاسي پيوهو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. اُن وقت کيس آزاديءَ جو احساس ٿيو ۽ گذريل زمانو سندس اکين جي اڳيان گذرندي ڏسڻ ۾ آيو. پر هاڻي اُهو خوشيءَ جو زمانو گذري چڪو هو ۽ هُو پڃري جي ماحول ۾ هري مري ويو هو. کانئس اڳيون آزاديءَ جو احساس وسري ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪاري هڪ عقاب کي ڦاسائي طوطي جي سامهون پڃري ۾ بند ڪري ٽنگي ڇڏيو. باندي عقاب پنهنجي تکي ۽ تيز چهنب جي نوڪ سان پڃري جون لوهي سيخون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سندس وات رتو ڇاڻ ٿي ويو؛ پير ۽ پڃري جون سيخون رت ٿي ويون؛ پر هو گگدام لاءِ مٿو هڻندو رهيو. سامهون ٽنگيل طوطي اهو حال ڏسي پڇيس، ”هي ڇا ٿو ڪرين؟“

”مان پنهنجي وڃايل آزادي واپس وٺڻ چاهيان ٿو،“ عقاب وراڻيو، ”۽ اِنهيءَ ڪوشش ۾ آهيان.“

”ائين ڪندي تون مري مِٽجي ويندين. اِنهيءَ کان بهتر آهي ته مون وانگر مزي سان آرام ڇونٿو ڪرين! آزاديءَ جو مزو تڏهن وٺي سگهين ٿو، جڏهن زندهه آهين،“ طوطي نصيحت ڪندي چيو.

”آزادي زندگي آهي، آءٌ غلاميءَ ۾ پاڻ کي مُرده سمجهان ٿو.“ آزاديءَ جي پتنگي مستاني انداز ۾ چيو.

”تون بيوقوف آهين. آءٌ ماني کائڻ کان پوءِ پنج ڏهه منٽ سيخن کي موڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پر تو وانگر چريو ناهيان جو  جان جوکي  ۾ وجهان.“ طوطي عالماڻي انداز ۾ چيو.

”آءٌ نٿو سمجهي سگهان.“ عقاب  پاڳل بڻجي چڪو هو ۽ ڀرپور جوش سان سيخن تي حملو ڪري ڏنائين. رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ اوچتو سيخ ٽٽي پئي ۽ عقاب پنهنجا زخميل  کنڀ هوا ۾ ڦڙ ڦڙائيندو آسمان جي خوبصورت ۽ آزاد فصا ۾ اُڏري اکين کان اوجهل ٿي ويو. پڃري ۽ اُن جي پاسن کان رت وهندو ڏسي طوطو گهٻرائجي ويو ۽ پاڻ کي آٿت  ڏيندي چيائين،”ڪهڙي نه واهيات ڳالهه آهي پڃري جي سيخن کي ٽوڙڻ جي! ايڏي رت وهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ هن وقت تائين پڇري جي سيخن کي ٽوڙڻ جي جيڪا ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندو هئس، هاڻي اُها به نه ڪندس.“ (هنديءَ مان)

(8) ماني کائڻي، پاڻي پيئڻي

مزورن مان گهڻن مٽي  پئي ڪُٽي ته ڪي مٽيءَ ۾ پاڻي وجهي گارو ٺاهي رهيا هئا. منجهن ڪجهه عورتون به هيون. کانئن لوڪ گيت ٻڌي لکڻ جي بهاني آءٌ اُتي ئي ويهي رهيس. پهريائين دل ۾ آيو ته آءٌ به ڪٿي سُمهي پوان، پرالاجي ڇو اُنهن عورتن جي چهرن کي تڪڻ لڳس. سندن هر آواز منهنجي دل جي اونهاين ۾ گهڙي ٿي ويو.

اُنهيءَ نوجوان اڻ پرڻيل عورت کي پراڻا زيور پاتل هئا. کيس نئين ڍنگ  جي زيورن، ڪپڙن ۽ اُنهن جي انگن جي ڪهڙي خبر! کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان ساڳيا ڪپڙا پاتل هلندا اچن. هُن جا ڪپڙا ڳاڙها هئا. هوءَ منهنجي  ڀرسان مٽي ڪُٽي رهي هئي. مون سوچيو ته، ڪاش! هي سادي سودي اُنهن ڳاڙهن ڪپڙن جي رنگ جو مطلب سمجهندي هجي!

اُنهيءَ عورت جي ڀيڻ مون کي ڪجهه لوڪ گيت ٻڌايا- سانوڻ جا گيت، شاديءَ جا گيت، گهرو وهنوار جا گيت، کيتن ۾ فصل لهڻ  جا گيت- جيڪي مون پاڻ وٽ لکي ڇڏيا، پر منهنجو من اڃا نَون  گيتن لاءِ اُتاولو هو.

مون چاهيو ٿي ته اُها ڇوڪري  مون کي پنهنجي مزوري ڪرڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ گيت ٻڌائي- ڪو اهڙو گيت ٻڌائي، جنهن ۾ زندگيءَ سان شڪايت هجي.

اوچتو مون کي گهر ۾ منهنجي ماميءَ جا چيل لفظ ياد آيا، جيڪي هن ڪجهه ڏهاڙا اڳ مون کي چيا هئا، جيڪي هاڻي منهنجن ڪنن ۾ پڙاڏجڻ لڳا: ”تون مون کي گيت ٻڌائڻ لاءِ چوين ٿو، پر اِهو ڇو نٿي پڇين ته ڪڻڪ جو اگهه  ڪهڙو آهي؟“

مون ڳاڙهن ڪپڙن واري ڇوڪريءَ کان سندس نالو پڇيو. هوءَ چپ رهي. پر آءٌ کيس سُٿرو ڇڏڻ وارو نه هئس. مون کي سندس ڀيڻ اڳيئي نالو ٻڌائي ڇڏي هو: ’ماني کائڻي، پيئڻي.‘

اِهو ڪهڙو نالو هو؟ پر ٺيڪ ئي ته هو: ’ماني کائڻي، پاڻي پيئڻي.‘ آءٌ اکيون جهڪائي ويٺو هئس ۽ سوچي رهيو هئس ته ٺيڪ ئي ته آهي. ماني ۽ پاڻيءَ کان سواءِ سندس سوچ ۾ ٻيو ڇا ٿو اچي سگهي. ماني، پاڻي ۽ بس! اهي ٻه لفظ اُنهيءَ مزدور ڇوڪريءَ جي روپ ريکا ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. (هنديءَ مان)

 _______________

 آتم ڪهاڻي-2

رمز رانجهن جي نتِ نتِ نياري

عنايت الله عباسي

ڦُليليءَ جي اورئين ڪپ تي اڇي موريءَ کان ڪاري موريءَ تائين ”شامداس پارڪ“ هو. اُهو پارڪ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جي سنڀال هيٺ هو. ڏاڍو سهڻو ۽ سندر باغ هو. منجهس طرحين طرحين جا گل ڦل ۽ ٻوٽا هوندا هئا. پارڪ  جي وچ مان آبياريءَ لاءِ سري کان پڇڙيءَ تائين هڪ سيمنٽ جي پڪي نالي ڏاڍي سهڻي ٺهيل هئي. اُن ناليءَ تي ٿوري ٿوري مفاصلي تي نهايت خوبصورت ۽ عاليشان ڊزائين ۾ ننڍا ننڍا حوض ٺهيل هوندا هئا. باغ جي ٻنهي پاسن تي ڪاٺ جي پٽين ۽ سيمينٽ جا بئنچ ٺهيل هوندا هئا، جن تي ويهي ماڻهو آسيس ۽ ساوڪ جولطف وٺندا هئا. شام جو ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. ٻار، ٻڍا، ڇوڪر، ڇوڪريون ، راند روند ۾ رُڌل- شين وارا، گهورڙيا، ڀوڳڙي، ڪلفين وارا ۽ آئسڪريم وارا، مطلب ته هر شيءِ وارا هوندا هئا. ڏاڍي مزيداري لڳي پئي هوندي هئي.

باغ جي منڍ ۾ رِشي گهاٽ وٽ يا اُن سان گڏ، ٻاون جي هڪ مڙهي هئي. مڙهيءَ ۾ صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين لنگر هلندو رهندو هو. ٻاجهريءَ جي اٽي جو گرم گرم ڍوڍو ۽ اُن جي مٿان ڦودني، بصر، ساون مرچن ۽ مصالحي جي لذيذ چٽڻي ملندي، جا ڏاڍو وهائيندي هئي. اُهو ڍوڍو چٽڻي، سچ پچ ته هن قلم وهائيندي وات پاڻي ٿيو وڃي ۽ زبان پئي چٽڪارا ڏئي. واٽهڙو، لانگهائو، پيدل، آيو، ويو مسافر مڙو، ٻار ٻچو- مطلب ته هر ڪنهن لاءِ موج لڳي پئي هوندي هئي.

ڳالهه هلي رهي هئي گهورڙين جي، اُنهن جي هوڪن هُلن جي، پر قلم هر کجي وڃي ڍوڍي چٽڻيءَ جي چشڪي ۾ چهنب ڀري. اڃا اونهاري  جي هوائن ۽ ٿڌاڻ جي ذڪر ۾ پيا هلون، ته سائين…شام ٿيندي ئي چوڌاري انب ئي انب! ٽوڪرن، ٿالهن، صندلن ۽ چونڪن تي انب پيا وڪامندا. انب ايترو ته ججهو هوند هو جو ڇا ڳالهه ڪجي ۽ اگهه ٻڌڻ سان توهان کي يقين  اچي يا نه-امير ته ٺهيو پر غريب غربو به پيو جاوا ڪندو هو. ان وقت سنڌي انب هر جنس جو ملندو هو-ديسي، سنڌڙي، ڪاڇيلو. آپوسي، رتام، ڳُڙ وغيره. هن وقت ته انبن جي ڀيڻي ئي ڪانهي. بينگن ڦلي، ڪليڪٽر، چونسا وغيره.

مشروبات جي به ڪهڙي ڳالهه ڪري، ڪهڙي ڪجي! اُڌارام ڏيارام، حجامن جي پـِڙ ۾ وڏي ڊسٽلنگ (Distling) فرم هئي، ان کي گهڻو ڪري اُڌو سانچي وارو سڏيو ويندو هو. هن جا مشروبات (Eareted water) سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا. ان وقت سائي شيشي جي ٿلهين بوتلن ۾ بلور سان بند ٿيل بوتلن جو رواج هو. ان کي ’ٻاٽلي‘ چئبو هو.ڇا سستائيءَ  جو وقت هو ۽ ڇا ارزانيءَ جو دور هو! کاري سوڍا لمليٽ ڇهه پيسا، ليمن ٻه آنا، آئسڪريم سوڍا اڍائي آنا، ومـِٽو، آرينج ۽ راسبيٽري ٽي آنا، جنجر چار آنا. ان کان  علاوه اُڌي سانچي واري جا ٻيا به ٻه مشروب هئا. هڪ بيئر ٻي وسڪي. اُهي پنجين آني بوتل. اُنهن مان ڇڙو خوشبو يا سواس (Taste) بيئر ۽ وسڪيءَ جو ايندو هو، باقي هئا اُهي به ايريٽيڊ واٽر. هن وقت آرينج، آئسڪريم سوڍا، پيپسي، ڪوڪا ڪولا ۽ گهڻن ئي قسمن جا مشروب ملن ٿا، پر اگهه گهٽ ۾ گهٽ ڏهه رپيا! جا اُن وقت واري خالص ۽ ذائقيدار شيءِ جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نه ٿي رکي.

چائڙي ٿاڻي جي ڏکڻ واري ڪنڊ تي هوٽل ڊيلڪس ((Hotel Deluxe هئي. ان جي سامهون مهراج جو ٿاڌل ۽ پاپڙي پڪوان جو دڪان ۽ هوٽل هئي، جتي هاڻ مسجد ۽ عارف پلازا آهي. هوٽل جي ٻاهران پاپڙيون، ڊگهيون جاڻ جون پاپڙيون، دال جون ڪچوريون ۽ پٽاٽي جا سنبوسا ملندا هئا. هوٽل ۾ ويهي آرڊر ڏبو، ٻه پليٽون اُن مال سان ڀرجي اينديون. تنهن سان گڏ چڙچٽي چٽڻي، ٽي دوست کائي مٿان ٽي گلاس ٿاڌل جا چاڙهيندا. ٿاڌل پتل جي وڏين ٽانڪين ۾، ولائتي آئسنسز (European Icences) ۽ ڪلر (Colour) ۽ برف واري. بل ايندو ٽي رپيا. اُنهن شين  جو ذائقو اڄ به جڏهن ياد اچي ٿو ته طبيعت تي عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي ۽ هن موجوده وقت ۾ اهڙين خالص ۽ سوادي شين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اڳ سچ جا سودا هوندا هئا، دليون صاف ته هر ڪنهن جي هٿ ۾ شيري، سواد ۽ ذائقو. هاڻ منافقت، ماڻهو هڻي ميرا ڪري وڌا آهن!

تلڪ چاڙهيءَ تي ”ٻاپا مـِلڪ بار“ ۾ هر ڪا شيءِ خالص کير مان ٺهيل وڪامندي هئي. ٿڌو مٺو، ڦڪو کير بند بوتلن ۾، ماوا ڪئين قسمن جا-رنگين، خوشبودار، رٻڙي مَلائي، ڏهي (ڌَونرو). شاهي بازار ۾ قلعي جي ڇيڙي تي ”سنياسي امرناٿ سوريءَ“ جو مـِلڪ روز  ڏاڍو مشهور هو. مطلب ته هندو اِهي شيون ۽ مال ڏاڍا سٺا ٺاهيندا هئا. گول گپا، جن کي ’ڦوڪڻا‘ چوندا هئاسين، اُهي ته واهه جا ٺاهيندا هئا. سري  گهاٽ تي خالصا ڏاڍا سٺا ڦوڪڻا وڪڻندا هئا. ڦوڪڻو آڱوٺي جي زور سان ڦيهي، بيسڻ جي خالص بُونديءَ سان ڀري مٿان (سائي ڪڙي ڳاڙهي مٺي) چٽڻي وجهي ڏيندا. اُهي اهڙو ته چشڪو ڏيندا، جو بس وڃ کائيندو! اُهي ٻن آنن جا چار ۽ پاڻيءَ وارا اٺ ملندا هئا.

گوشت کائڻ جا هندو  ’عامل‘ ڏاڍا شوقين هوندا هئا. ’ڀائيبند‘ طبقي  ۾ ججهائي ويشنو (Vegeterian) هوندي هئي. اُهي ماس واري ڪا به شيءِ جهڙوڪ گوشت، مڇي، پلو،  ڪڪڙ وغيره ڪو نه کائيندا هئا؛ رڳو دالين، ڀاڄين، ڪڙهي، پڪوڙن تي گذران ڪندا هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ  ڪٽر ويشنو ته بيڪريءَ جون شيون ڪيڪ، پيسٽري ۽ بسڪوٽ به ڪو نه کائيندا. چوندا ته انهن ۾ ڪڪڙ جو آنو پيل آهي. باقي ’عامل‘ (ديوان) خوب گوشتخور هئا. گوشت جي فراءِ مال ٺاهڻ ۾ شيرُو ٽُڪرن وارو مشهور هو. ان جي گاهه مارڪيٽ  ۾ ڪيپيٽل بار جي پٺيان هوٽل هوندي هئي. ٻاڪري گوشت  جا ٽُڪرا اهڙا ته لذيذ ٺاهيندو هو جو ڇا چئجي! هوندا به ڊالڊا گيهه ۾ تريل، پر اهڙي نموني سان اوٻاري، ڳاري، تري، مرچ مصالحا ٻُرڪي ڏيندو هو جو ڀانئبو ته وڃ کائيندو! ڇهن آنن- اٺن آنن ۾ چڱو خاصو گوشت جو ٽُڪر ڊبل روٽيءَ جي ٻن سلائيسز ۾ ۽ مٿان چٽڻي ڪچونبر سان ڏاڍي ٽيسٽ ڏيندو هو. پستن جو سائو چاٻُو حلوو اهڙو ته ذائقيدار هوندو هو جو ڇا چئجي! چڪ هڻي پيو چاٻا ڏي! پوءِ جڏهن وڃي وات ۾ ڀُري ۽ هضم ڪرڻ جهڙو ٿئي. سڱرن جي مٺائي (مُرملا) خاص شيءِ هوندي هئي. پلنگ ٽوڙ حلوو اهڙو ته خستا هوندو هو جو وڃي ٿيا خير! ان کان علاوه ڄمون ”گلاب جامن“ نرم ۽ چاش سان ڏاڍو مزو ڏيندا. نختي يا بونديءَ جا لڏون ته هندن کان پوءِ چئي بس ڪر. ايتري ته مغزيات وجهندا، جو هر چڪ ۾ ٻه پستا ۽ باداميون ته ضرور اچن.

گـِيهَر، جليبيون، اِمرتيون ۽ وڙو وغيره ته خاص مٺايون هيون. صبح جو سوير مالپُڙو به سٺو ملندو. مٺائيءَ جا مزا ته هوندا هئا ڏياريءَ جي ڏڻ تي. گاڏن ۽ ٺيلهن تي چڻا ڊبل روٽي، ڇولا ڊبل روٽي ته عام جام هئا. آني ٻي ۾ ڍئو! ڪورين جي پڙ ۾ سومرو، واڍن جي پڙ ۾ ولو نانوائي ۽ نورو ڪوابي. منڍيءَ جو ٻوڙ ڊبل روٽيءَ تي لڳائي  ڏيندو. اسين ٻار، راند ڪري ٿڪبا هئاسين ته بک لڳندي. هڪ  آنو ڏنو، ته جيڪا ڊبل روٽي هاڻ اٺين آني، ٻارهين آني ۽ هڪ رپئي ٿي ملي، ان کان پوءِ به سوائي، وچان چيري، ٻه  چمچا مُنڍيءَ جي ٻوڙ جا ۽ هڪ سُڌي (ٻوٽي) ملندي. پهاڙ جيڏو سئنڊ وچ يا  برگر بڻجي پوندو. پوءِ ته کائيندي هوندا هئا حال! مٽر، مڱ، چَونرا ڪلهن تي ٿالهه رکي گهورڙيا گهمندا ۽ کپائيندا وتندا. جمعو شيدي ٽامي جي ٿالهه ۾ چَونرا کڻندو. شيشي جا ٻه ڌاري دار گلاس ڦودني جي چٽڻيءَ سان ڀريل، ساوا مرچ، انبڙيون ڪتريل، ڏاڍي سهڻي نموني سان ٿالهه جي وچ ۾ سجائي رکندو. مٿان صاف ڪپڙي سان ڍڪي کڻندو. ليمون وري ڪاٺ جي رس ڪڍڻيءَ (هاڻ جُوسر مشين) سان رس ڪڍي مٿان وجهي ڏيندو. ان وقت سستائيءَ جو زمانو هو. هڪ آني ۾ ٻارهن پايون ۽ چار پيسا هوندا هئا. هڪ پيسي ۾ ٽي پايون. هڪ پيسو ڏبو، پائيءَ جا ڀڳڙا، پائيءَ جون ريوڙيون ۽ پائيءَ جو وڏو شاهي کٽمٺڙو دڪاندار اسان جي ٻاراڻي قميص جي کيسي ۾ وجهندو ته کيسو سڄو هڪ پَئسي جي شيءِ سان ٽُٻ! مطلب ته پائيءَ جي شيءِ عام جام ملندي هئي. پر جمعو اُن وقت واحد گهورڙيو هو جو ٻين آني کان گهٽ چَونرا  نه ڏيندو. وري وڏا، هٿ جي تريءَ جيڏي انگريزي اخبار جي چورس ڪاعذ تي ٻه ننڍا چمچا چَونرا، ڏيڍ چمچو چٽڻي ۽ ٻه ٽي قطرا ليمي جي رس. اهڙا سوادي هوندا هئا جو بيٺي بيٺي اٺين ڏهين آني جا کائي وڃبا هئا.

امپائر ڪمرشل ڪاليج تلڪ چارهيءَ ۾ پڙهندا هئاسين. چار دوست کائڻ جا مڙئي شوقين هئاسين. آءٌ ۽ رسول بخش (مرحوم) سينئر ڪيمبرج پڙهندا هئاسين، ۽ موهن سدارنگاڻي ۽ ڪشور جڳتياڻي مئٽرڪ ۾ هئا. رسيس ملندي هئي ته تلڪ چاڙهيءَ جي ڪنڊ تي گاڏي واري ڀَيي کي اچي پاسو  ڏينداسين. ڀيو پٽاٽي جي ٽـِڪين ۽ پڪوڙن ترڻ ۾ پورو ۽ جوڻس ڀياڻي  اسان کي ڏيڻ ۾ پوري. ڊبل روٽيءَ سان گرم گرم جيڪا به شيءِ تئيءَ مان نڪرندي، کائيندا وينداسين. آءٌ خانصاحب حڪيم صاحب جو پُٽ، رسول بخش ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ پوليس الله ڏني قريشيءَ جو پيارو پُٽ، موهن زميندار ۽ ڪشمور انجنيئر جو پُٽ. وار تي سنگت کي کارائيندا هئاسين. پٽاٽي جون ٽڪيون ۽ سنها پڪوڙا ڏاڍا مزيدار ٿيندا هئا. چٽڻي به واهه جي هوندي هئي. بيٺي بيٺي ايترو ته کائي ويندا هئاسين جو گهر  پهچي  منجهند جي ماني کائڻ جي پيٽ ۾ اصل گنجائش نه رهندي هئي.

پوءِ، مائٽ خاص ڪري دادي (وڏي ڀاڄائي) پئي ڪاوڙ ڪندي ۽ ڳالهائيندي ”ڇورا ٻاهران ڪـِن ڪـِچڙو کايو اچو، پوءِ گهر جي سدا ملوڪ ماني وڻيوَ ئي ڪين!“ ڪيترائي دفعا ائين به ٿيو هوندو ته  روزاني جيب خرچي بند ٿي ويئي هوندي ته جئن ٻاهران نه کائي اچون. ”پر هيري سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه رهي!“ انهيءَ وانگر پيٽ ڍاول گهر پُڄندا هئاسين.

مينهن پوندا ته جل ٿل ٿي ويندو هو. رستا ۽ گهٽيون تلاءُ ٿي ويندا. جهُڙ ۾ بک لڳي ٿي. بابا کان پائلي وٺي، ڪريم بخش نوڪر کي ڏئي چوندس: ”چاچا، اڄ ته جهڙ جهڙالا لڳا پيا آهن، سمجهي وئين نه؟“ هو به مست ٽائيپ، وفادار، ۽ فرمانبردار سو هڪدم ور کُنجي چمپل لاهي، ڇٽي کٽي ڪاهي پوندو ٻاهر رستي جي تلاءُ ۾. نانو پڪوڙائيءَ کان هڪ پَيسي پٽاٽي جي ٽـِڪي ملندي هئي. ٻه پٽاٽي جون ٽڪيون، ٽڪي جا پڪوڙا، تنهن ۾ ٽي مرچائي پڪوڙا (هڪ پائيءَ ۾ هڪ مرچ، يعني هڪ پَيسي جا ٽي مرچ)، چڱا خاصا سنها پڪوڙا هڪ آني جي ڊبل روٽي، ٻين آني ۾ ملائيءَ واري چانهه سان ڀريل ننڍو گلاس وٺي ايندو. ڊبل روٽي جي گراهه سان ڪجهه پڪوڙا، ٽـِڪي، وات ۾ وجهي مٿان چانهه جو ڍُڪ ڀريندو کائيندو ويندو هئس. دريءَ تي چڙهي، اسپتال مان ٻاهر گهٽيءَ مان تلاءَ مان لنگهندڙ ماڻهن جا مزا به ويٺو ڏسندس. کائيندي، منظر ڏسندي جي دريءَ مان تيز هوا سان سنهڙيون سنهڙيون بوندون ۽ ڦُهار لڳندي ته لطف اچي ويندو! اهڙي  نرالي تاثر کي لفظن جي مالا ۾ پوئي نه ٿو سگهجي. گهورڙين جا هوڪا ۽ آواز، ڦيرين وارن جا ڦـِرڪا سڀ سٺا ۽ ڪنن کي پيا وڻندا، ڇو جو  اُهي سڀ سُر ۾ هوڪا ڏيندا هئا. هوڪا به وري ڪهڙا؟…پراڻي جري“ (زري)، ”برني گلاس“، ”آڀون پُسي ڏونرا“، ”هل ملڻ جهڙا بـِنهه“، ”ٻير ڳاڙها ٻير، گلابي ٻير، ”سلاجي لو، سلاجيت“، ”پيرون  هڻايون ٿيون ڄرون“، ”الاچي اصلي اچالي“، ”آ…تازا بسڪوٽ آني جا ٻارهن“…اسڪول مان  نڪري مارڪيٽ مان لنگهندا هئاسين ته هڪ هندستاني ننڍي گاڏي تي آڱر جيڏين شيشين ۾ مٿي جو سُرهو تيل عطر ڪيو پيو وڪڻندو ۽ هو هو ڪو سُر سان ڏيندو: ”ڪڇ نظر ڪرو، ڪڇ ڌيان ڌرو، يي بمبئي والا آيا هئي“، ڏاڍي سريلي آواز سان هسوڪا ڏيئي پنهنجي چترائيءَ سان ويچارن سادڙن سنڌين کي ٻه ٽي قطرا خوشبودار تيل جا عطر ڪري پيو ڦريندو هو. ڪهڙيون پچارون ڪجن. سک سانت وارو زمانو هو، گپا گيهه ۽ کچا کچ ڪا نه هئي. چوڌاري آنندئي آنند لڳا پيا هوندا هئا.

جنهن انسان کي رزاق جيڪا روزي ڏيندو، سو ٻچن کي کارايو، پارايو خوش گذاريندو هو. لعل جو سُکو، بهراڻا، ڀڳتيون، شـِو جو ميلو، چيٽي چنڊ جو ميلو، دسهڙو، راوڻ  سڙڻ جا منظر، مساڻن جو ميلو، ڏياري، تر موڙي، ٿڌڙي، لعل لوئي، بيساکي، گرو نانڪ جي جنم جو ڏينهن، هولي ۽ جلوس، بسنت پنچمي، ڌرڙيو، آکاڻي وغيره. اُهي سڀ هندن جا ڏڻ هئا. اُنهن سڀني ڏينهن تي ڏاڍي مزيداري ٿيندي هئي. مسلمانن جا ڏڻ وار ذالحج جي پوئين ڏهاڪي کان شروع ٿيندا، جنهن ۾ آنگاسن جو لهڻ ۽ چڙهڻ. محرم الحرام  جو پهريون ڏهاڪو، پڙ نڪرندا، گهوڙا، دُردليون، سيجون، تابوت، عيد ميلاد النبيءَ جو جلوس، قلندر شهباز جون مينديون، شب معراج جي ستاويهين، رجبيءَ جي زڪوات، شب برات، رمضان شريف  جو پورو برڪتن ڀريو مهينو، روزا رکڻ، روزا کولڻ، تراويحون، ختم القرآن، شبينا، عيدالفطر، عيدالاضحى، قرباني. اُن کان علاوه ساري سنڌ ۾ ميلا ملاکڙا-شاهه عبداللطيف  ڀٽائيءَ جو ميلو، قلندر شهباز جو ميلو، سچل سرمست جو ميلو، حيدرآباد شهر ۾ سخي تاج محمد جو ميلو، شاهه مڪيءَ جو ميلو، سيد قطب الدين شاهه جو ميلو ۽ ٽنڊو جهانيان جو ميلو وغيره.

اُنهن  سڀني موقعن  ۽ ڏينهن  تي نرالا رنگ ۽ ڍنگ ٿيندا هئا. سچ پچ ته اُهي وقت ۽ اُهي انسان ياد ٿا پون ته بدن ۾ عجيب سرسراهٽ ۽ دماغ  ۾ سُرور ۽ شانتي محسوس ٿئي ٿي. هن جڳ ۾ وقت جو چرخو ڦرندو ٿو رهي ۽ تاقيامت ڦرندو رهندو. هزارن سالن کان اهو  سلسلو هلندو ٿو اچي.  وقت جي  پوڙهي ماءُ، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏ ينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون، اُن جڳ جي چرخي تي ويٺي ڪتي! پوءِ اُن وقت جي وهڪري ۾ لکين ڪروڙين انسان، پنهنجو  وقت پورو ڪريو، ٻـِين لاءِ جاءِ خالي ڪندا  ٿا وڃن. هن دنيا ۾ هڪڙو دَور ختم ٿئي، ته ٻيو دَور شروع ٿئي. قدرت جو اِهو سرشتو جُڳن کان ائين هلندو اچي، انسان ڄمندو  مرندو رهي ٿو.

اسان جي وڏن جو ڪجهه ڏٺو. وائٺو، کاڌو پيتو، چوڙيو ماڻيو، اُهو ڪجهه اَور هو. سندن وڏن جو ڪجهه پَيسو، اُهو اڃا به ڪجهه ٻيو هو. اسان جيڪو  ڪجهه ڏٺو، پروڙيو ۽ مشاهدو، سو پوين لاءِ هت چـِٽيو اٿئون ۽ اُهي به اهڙيءَ ريت پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا پنهنجي اولاد لاءِ ڇڏي ويندا ۽ هن ساري سنسار جو چڪر ائين هلندو رهندو. سنڌ هجي يا هند، روس هجي يا آمريڪا، يورپ هجي يا آفريڪا، جت ڪٿ انسان مڙئي انسان، سڀڪنهن جي سڀيتا ۽ سڀاءُ پنهنجو.

بهرحال، هن سنسار جي سرجڻهار جيڪو مانڊاڻ منڊيو آهي، سو مڙيوئي سوايو آهي. هو پنهنجي  بندن جا ڪٽڪ خلقيو، پيدا ڪريو، پيو سندن حياتين جا ڀوڳ ڏسي. جنهن کي جهڙي حال ۾ هلائي، ڪنهن سان ڪهڙي ڪري، سا سندس مرضي ۽ منشا-بندو ويچارو بيوس، تنهن کي جيترو جيئرو رکي ته ڇا، ماري ته ڇا! رمز راجنهن جي نتِ نتِ نياري!

حضرت خواجه خضر

ننڍي هوندي آءٌ ڪجهه حرڪتي قسم جو هوندو هئس. گهڻو ڪري اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو هئس جنهن سان ٻين کي کلائڻ  ۽ خوش ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي. اسان جي پاڙي ۾ مسجد جي ڪنڊ کان آنگاس هوندو هو (جيڪو اڄ تائين ساڳيءَ جاءِ تي لڳندو آهي). اُن جي چبوتري ساڻ چار فوٽ  ڊگهو  ۽ ڏيڍ فوٽ ويڪرو پٿر رستي واري پاسي کان لڳل هوندو هو، ته جيئن عَلم جي دڪيءَ کي گاڏين موٽرن جو پاسو نه لڳي وڃي. آءٌ شام جو گهڻو ڪري وڃي اُن پٿر تي ويهندو هئس. اُن پٿر کي ماڻهن ويهي ويهي گسائي لسو ڪري ڇڏيو هو.

محلي ۾ ٻار ڀڄ ڀڄاڻي، چور پوليس ۽ ٻيون رانديون پيا ڪندا هئا. جيئن ته Reserved Nature  جو مالڪ هئس، انڪري گهڻو ڪري پاڙي جي ڇوڪرن سان راند ڪو نه کيڏندو هئس. وڏو سبب اهو هوندو هو جو اُنهن مان ڪيترا واتراڌو هئا ۽ گارگند ڪندا رهندا هئا. منهنجي ٻالڪپڻ کان مشاهدي واري قوت تيز هوندي هئي. اُتي ويٺي ويٺي مشاهدو ڪندو رهندو هئس ۽ پاڻمرادو اُنهن جا نتيجا به ڪڍندو رهندو هئس. هڪ ڏينهن مون اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته هڪ سفيد ريش، پيرسن، اٽين تي سفيد سٿڻ، گرميءَ جي موسم ۾ سفيد کاڌي نما ٿلهي ڪپڙي جي صدري(جنهن جي ٻيڙن کليل هئڻ ڪري سندس پيٽ پيو ڏسبو)، سفيد ململ جو پٽڪو، پيرن ۾ چمپل سان کٿڙ کٿڙ ڪندو ڪورين جي پـِڙ مان تڪڙيون وکون کڻندو، واڍن جي پـِڙ مان آنگاس وٽان مڙندو ماڪيٽ ڏانهن ويندو هو.

هي روز وچين ۽ سانجهي نماز جي وچ واري وقفي ۾ لنگهندو هو. مشاهدي مان معلوم ٿيو ته اُهو پير مرد روزانو هن ٽائيم تي هيڏانهن ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ سانجهي نماز کان پوءِ واپس ٿو وري، پر موٽڻ مهل سندس رفتار سست ٿي رهي. هڪ ڏينهن ڇوڪرن ڀڄ ڀڄاڻي راند پئي ڪئي، ته اُهو شخص اچي لنگهيو. اتفاق سان هڪ ڇوڪر ان شخص جي پٺ کان ڀڄندو آيو ۽ ان جي اڳيان مُڙي وري پويان ڀڳو.

آڳ ڏيندڙ يا اُن کي جهلڻ واري به ائين ئي ڪيو، يعني پٺيان ڊوڙي ان شخص جي اڳيان مڙي واپس پٺتي ڇوڪر کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙيو. اُن حرڪت تي اُهو شخص  کن ساعت بيهي پٺتي موٽي ڪورين جي پـِڙ ڏانهن هليو ويو ۽ وري نه آيو. مون سوچيو ته شايد ڪو ڪم ياد اچي ويس، جو واپس ويو هليو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ وري به ائين ٿيو. ٻه ڇوڪرا هن جي پٺ کان ڊوڙي سندس اڳيان مڙي ڊوڙي ويا. اُن ڏينهن  به هي واپس ويو هليو.

هاڻ منهنجي مشاهدي جي مزيداريءَ ۾ هي ٻيو اضافو ٿيو ته منهنجو من نتيجي لاءِ نرت  وجهڻ لڳو. ٻئي ڏينهن مون پاڻ راند ۾ حصو وٺي ائين ڪيو ۽ اُن ڏينهن به پير مرد واپس هليو ويو. هاڻ منهنجو تجسس وڌي ويو ته آخر هي شخص آهي ڪير ۽ ڏسجي ته اهو شخص روز هن مهل تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ واپسيءَ مهل سست رفتار ٿو موٽي. ان خيال سان هڪ پاڙي جي دوست کي ساڻ ڪري ان شخص جو پيڇو ڪيوسين. بزرگ تڪڙو تڪڙو ”سخي پير“ کان ٿيندو مارڪيٽ مان هلي، خواجن جي پاڙي مان ڦري مارڪيٽ جي پُٺ کان اچي چونڪ تي بيٺو،  جت اُن وقت ٽرئفڪ  پوليس وارو بيهندو هو. ڪجهه وقت اُتي بيهي وري ٽاور ڏانهن آيو. ٽاور هيٺان لنگهي گهوڙن جي پيائو ۽ گاڏين جي اسٽان تائين آيو. وري واپس چونڪ تائين.

ڪجهه وقت اُتي ترسي، وري ٻئي رستي تان واپس ورڻ لڳو. انگريز سرڪار جو دَور هو. حيدرآباد شهر ۾ اُن وقت هندن جي اڪثريت هئي. (هاڻ ته هندستانين جي گهڻائي آهي). مارڪيٽ ۾ به چوڌاري رڳو هندو ٿي نظر آيا. شام هئڻ ڪري ٻهراڙين ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن مان سملمان هاري ناري پنهنجيون ڀاڄيون، ميوا ۽ اناج ڍڳي گاڏين، اُٺن ۽ گڏهن تي کڻي مارڪيٽ ۾ آڻي رهيا هئا، جيڪي هندو دلالن ۽ ڪميشن ايجنٽن جي حوالي ٿي ڪيائون. پوءِ کين اُهوئي سُڪو پُڪو اگهه، باقي جاوا هئا اُنهن ايجنٽن جا. پر اُهو سستائيءَ جو زمانو هو. آدم ايترو ڪو نه هو،  هاڻ ته  سائين ويل ٻريو پيو آهي. جيترو آهي آدم اوتري آهي مهانگائي! وري جو هي ’نوان ڀائر‘ آيا آهن، تن ته هڻي هاڃا ڪري ڇڏيا آهن. مسڪين غريب سنڌي هاري جيڪو پگهر وهائي، لُنڊيون لتاڙي، اناج اُپائي،  شهرين لاءِ ڀاڄي بقر مهيا ڪري، تنهن کي سائي ڀاڄي، سنڌي پالڪ جي ڌڙي (اڍائي ڪلو) جا ملن اٺ آنا ۽ اُها ساڳي پالڪ شهر ۾ ڪونجهڙو وڪڻي رپئي ڪلو. مار، مان ته پنهنجن خيالن ۾ الائي ڪيڏانهن نڪري ويس!

سو سائين، اُهو بزرگ شخص چوڌاري واجهائيندو، ماڻهن کي چتائي ڏسندو، آهستي آهستي هلڻ لڳو. اسان کي هن شخص جو اهو عمل  ڪجهه عجيب لڳو. هن جي اُن طريقي مان ائين پئي لڳو ته  ڄڻ کيس ڪنهن جي ڳولا هجي. بهرحال اهڙيءَ طرح اچي سيلاٽن جي مسجد وٽ نڪتاسين. سانجهي نماز جو وقت ڀريو بيٺو هو. بزرگ مسجد ۾ گهڙي ويو. اسين ڪجهه وقت ته ٻاهر بيهي سوچيندا رهياسين ته سندس انتظار مسجد جي ٻاهران بيهي ڪجي يا اندر وڃي سندس چرپر تي نظر رکجي. ايتري ۾ ٻانگ  آئي. اذان جو آواز ٻڌڻ سان اسين به مسجد شريف  ۾ داخل ٿياسين  ۽ وضو  ساري فارغ ٿياسين.  هاڻي مسئلو مٿي ڍڪڻ جو هو. اُن زماني ۾ مسجدن ۾ ڪکائون ٽوپيون رکيل ڪو نه هونديون هيون، جيڪي هاڻ هر مسجد ۾ کوکن، لوهه جي گرل نما ٽوڪرين ۽ جارن تي پيون هونديون آهن. گهڻو ڪري محلي جا مسلمان جماعت سان نماز پڙهڻ ايندا هئا. آبادي گهٽ هئڻ ڪري ٿورا  اجتماعي هوندا هئا، جيڪي ٽوپي، پٽڪو وغيره پنهنجي گهران پائي ايندا هئا. ٻيو ته اُن دَور ۾ مسلمان گهڻو ڪري مٿو ڍڪيندا هئا. مٿي جي اوگهڙ  کي عيب ۽ خراب ڳالهه سمجهيو ويندو هو. ننڍي ٽهيءَ وارا مٿو اگهاڙو رکندا هئا ته بزرگن جي عتاب جو شڪار رهندا: ”ميان! هندو آهيو ڇا، جو مٿو اگهاڙو ٿا ڪريو“. تڪبير  لڳي، نماز شروع ٿي چڪي هئي. مون کي هڪڙي سيلاٽي بزرگ پنهنجو ڪلهي تي رکڻ ۽ وضو بعد اُگهڻ وارو حج جو پيلو پوتڙو نماز پڙهڻ لاءِ ڏنو ۽ منهنجي ساٿي الائي ڪهڙي ريت  پورائي ڪئي. فرض کان پوءِ منهنجون اکيون اُن بزرگ کي تلاش ڪرڻ لڳيون، جيڪو اڳين بعد ٻي صف ۾ بيٺو هو. بزرگ سنت نفل پڙهڻ لاءِ  اُٿي بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن اڳيان پٺيان ڏسڻ وائسڻ ۽ جاچڻ لڳو. ٻين جماعتين به سنت نفل پڙهڻ شروع ڪيا. جيئن ته  ٻار ان وقت ۽ هاڻ به پٺين صفن ۾ بيهندا آهن، اُنڪري اُهو شخص منهنجي عقابي نظرن کان اوجهل رهيو ۽ آءٌ به سنت نفل پڙهڻ ۾ لڳي ويس.

نماز ختم ٿيڻ بعد جماعتي آهستي آهستي مسجد مان ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيا. مون پوتڙو مالڪ کي واپس ڪري نظر ڦيرائي ته هو هڪ  ڪنڊ ۾ وظيفي پڙهڻ ۾ مشغول هو، پر سندس ڪنڌ حسب معمول هيڏي هوڏي وري رهيو هو ۽ اکيون ڪجهه ڳولي رهيون هيون. هاڻي سڀئي جماعتي ٻاهر نڪري چڪا هئا، پر هُن شخص جون نگاهون بدستور چوڌاري ڦري رهيون هيون. بزرگ کي اسان ۾ شڪ نه پوي، انڪري اسان مناسب سمجهيو ته مسجد کان ٻاهر سندس انتظار ڪجي. ڪجهه دير کان پوءِ اُهو شخص ٻاهر نڪتو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري هوريان هوريان ساڳي واٽ وٺي هلڻ لڳو. واڍن جي پـِڙ ۾ اچڻ کان پوءِ اسان سندس پٺ وٺڻ ڇڏي ڏني. موٽڻ مهل ان ساري وقت ۾ مون ٻه ڳالهيون نوٽ ڪيون: هڪ ته هو هاڻي اُن جوش و خروش سان تڪڙوبه ٿي هليو، ان جي ابتڙ سندس رفتار نهايت سست هئي. ٻيو ته وڃڻ وقت سندس چهري جا تاثرات ائين پئي لڳا ڄڻ کيس ڪا بيتابي هئي، انتظار هو ۽ ڪا ڳولا هئي. منهن ۾ ٻهڪ ۽ هلڻ ۾ سهڪ هئي، ۽ چوڌاري واجهائڻ بدران خاموشيءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪري واپس وڃي رهيو هو. واڍن جي پـِڙ  ۾ پهچڻ تي اسان سندس وڌيڪ  پيڇو ڪرڻ انڪري مناسب نه سمجهيو جو هڪ  ته اسان کي سندس پُٺ وٺندي ٻه اڍائي ڪلاڪ ٿي ويا هئا ۽ هاڻي رات به ٿي چڪي هئي، ۽ ٻيو ته هن شخص جي صورتحال، ڪردار، شخصيت ۽ نوراني چهري کان اسان کي خوف ٿيڻ لڳو هو. اسين عَلم وٽ اچي بيهي ڏسندا رهياسين ۽ هو رات جي ڌنڌلڪي ۾ رستي جي بتين جي مڌم روشنيءَ ۾ گم ٿي ويو.

اُنهيءَ واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا. جيئن ته آءٌ ننڍي هوندي کان نماز پڙهندو هئس. (اها عادت بابا سائينءَ جن جي ڪردار جو اثر هو.) هڪ ڏينهن اڳين نماز پڙهي فارغ ٿيس ته اسان جي مسجد (واڍن جي پـِڙ) ۾ هڪ ڪارو عربستان جي بدوي شخص شيشي جي فريم لڳل ٽئبل  شوڪيس ڏيکاري جماعتين کي عربيءَ ۾ متوجهه ڪري رهيو هو. اُن ڪيس ۾ ڪعبت الله شريف جي پراڻي لٿل بخمل جو ٽڪر هو. ڪاري بخمل تي سوني تند سان قرآني آيتون  مڙهيل يا ڀريل هيون. جماعتين ڏاڍي، حُب، سـِڪ، عقيدي ۽ احترام سان اُن جو ديدار ڪيو. جنهن کان جيڪي پُڄي سگهيو تنهن ديدار جو هديو ڏنو.

سستائيءَ وارو زمانو هو. منهنجي کيسي ۾ اُن وقت جيب خرچي پائلي (چار آنا) پيل هئي، سا فرط مسرت سان ڪڍي  بدوي سڳوري جي هٿ جي تـِريءَ تي رکيم. بدوي هيڏڙي ننڍڙي نمازيءَ جي اِن عمل کان متاثر ٿي، مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ عربيءَ ۾ دعائون ڪرڻ  لڳو. بابا سائين جيئن ته عربي زبان جا ماهر هئا، تن ويهي هن عرب سان خبرون چارون ڪيون. هنن جي عربي گفتگو مون به ٻين جماعتين سان ويهي ٻڌي. بابا سائينءَ جن نه فقط پڪن مذهبي خيالن جا هئا پر عالم، بررگ، عامل ۽ ولي الله صفتن وارا هئا. سڄي پاڙي ۾ غريب پرور ۽ سخي مڙس ته جهڙو ڪو هوئي ڪو نه! اُٿڻ مهل عرب کي مُٺ بند ڪري الائي ڇا ڏنائون، پر مون کي اها سُڌ هئي ته پاڻ هميشه مُٺ بند ڪري سائل کي خيرات ڏيندا هئا ۽ هڪ رپئي کان گهٽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪين ڏيندا هئا. پنجين ۽ ڏهين جا نوٽ به اڪثر ڏيندا هئا.

اڳين (عصر) نماز کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين. اڄ ڪعبت الله شريف جي غلاف ۽ بدويءَ سان ڪچهريءَ ۾ ڪافي وقت گذري ويو. مان هونئن اڪثر نماز پڙهي، جماعت سان گڏ دعا گهري سڀ کان پهرين  مسجد کان ٻاهر نڪرندو هوس ۽ پنهنجي پيءُ جي جُتي (جيڪا گهڻو ڪري چمڙي جو ڳاڙهو ڪارو سليپر هوندوهو) سڌي ڪري ٻاهر نڪري ويندو هئس. پر اُن ڏينهن جو هن نئين شيءِ جو ديدار ڪيم ته اُتي ئي کپي ويهي رهيس. بابا سائينءَ جن کان ان بابت وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏجي ٻاهر نڪتس. مون دل ۾ اهو سوچيو هو ته منهنجي من ۾ جيڪي آڏا اُبتا سوال اُن بدويءَ، غلاف ۽ حرمين شريف بابت اُٿيا هئا تن جا جواب حاصل ڪندس. بابا سائينءَ جن نماز کان واندا ٿي پنهنجي مطب ۾ اچي ويهي ڪجهه وقت تسبيح تي وظيفو پڙهي، پوءِ نيم سار مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. مسجد مان ٻاهر نڪرڻ سان سامهون  منهن ۾ اُهو بزرگ شخص گڏيو، جنهن وڏي واڪي ”اسلام عليڪم“ چئي والد صاحب سان جهڪي ادب سان هٿ ملايو ۽ سنڌين واري خوش خير عافيت ڪئي ۽ پوءِ مارڪيٽ ڏانهن وڃڻ لڳو.

هن شخص جي اوچتي نمودار ٿيڻ تي منهنجو مسجد مان ٻاهر نڪرڻ وارن خيالن جو سلسلو منتشر ٿي ويو ۽ دماغ ۾ هن شخص جي باري ۾ لڪل هورا کورا سجاڳ ٿي ويئي. هاڻ دل کي ڪجهه آٿت آيو ته اُن شخص بابت جو ڪجهه آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو، سا ڄاڻ هاڻ مون کي پنهنجي پيءُ وٽان ملي ويندي. پاڻ جڏهن  وظيفي مان فارغ ٿيا ته لڳي ويا مريضن ڏسڻ ۾ اتفاق سان ان وقت ٻه چار مريض هئا، جن کان واندا ٿي ويٺا ته سندس پاسي واري ڪرسيءَ تي ويهي  مون پنهنجي مدعا بيان ڪئي. ان بزرگ جو مشاهدو،  ٻارن جي اڳيان اچي ڦري وڃڻ تي سندس موٽي وڃڻ، جيڏانهن ٿي ويو ان لاءِ سندس پُٺ وٺڻ. مطلب ته ساري حقيقت صاف ۽ سچي ٻڌائي. پاڻ منهنجي ڳالهه ٻڌي خوب کليا ۽ منهنجي مشاهدي ۽ کوجنا واري ڪوشش کان خوش ٿي، ان شخص جي باري ۾ وضاحت سان فرمايائون.

”اُن بزرگ شيخ جو نالو (ڪافي وقت گذرڻ ڪري هاڻ دل تان لهي ويو آهي) پاڻ اصل ٺاٺارو آهي. سندس آبائي پيشو به اِهوئي آهي. سندس وڏا به ديندار هئا ۽ پاڻ به نيڪ نمازي آهي. متقي ۽ پرهيزگار شخص آهي. فقير جي پڙ، کهنڀاٽي گهٽيءَ ۾ سندس دڪان ۽ ڪاروبار آهي. سندس گهر  الهداد چند جي ڳوٺ ۾ آهي. ويچارو اڻپڙيل ۽ سادو سودو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ هن کي ٻڌايو آهي ته  حضرت خواجه خضر هر روز شام جو اڳين (عصر) نماز کان پوءِ حيدرآباد شهر ۾ مارڪيٽ چَونڪ ۾ ايندو آهي. جيڪو به ماڻهو سندس ديدار ڪندو ۽ ملاقات ڪري هٿ ملائيندو، سو اولياء الله ٿي ويندو. هن درويش به کڻي ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي آهي. ڪيترن ئي  ورهين کان جو هن اهو نيم ٿي ويو آهي، جو سياري توڙي اونهاري وچين نماز پڙهي، سانجهين تائين هي خواجه حضرت خضر جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيو آهي. والله اعلم بالصوات!

ائين چئي بابا سائين ته وري به مريض کي تپاسڻ ۾ لڳي ويو پر آءٌ اتان اُٿي اچي اُن ڊگهي بينچ تي ويٺس، جت هر روز سانجهي نماز کان پوءِ ويهي وڏڙن جي ڪچهريءَ جولطف  وٺندو هئس. ڪيترو وقت سوچ ۾ غلطان رهيس ۽ اُن بزرگ شخص جي جستجو، ڪوشش ۽ همٿ کي ساراهيندو رهيس ۽ دل ئي دل ۾ اِها ڳالهه ڳڻ ڳوت ۽ سوال ڪندو رهيس ته ڇا هي شخص مسلسل جستجوءَ سان حضرت خضر کي ڳولهي لهندو؟ ڇا هي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو؟ يا ڪٿي هي هلي هلي ٿڪجي يا مايوس ٿي ويهي ته نه رهندو؟ ويٺي سوچيندي اهو خيال ۽ مشاهدو ياد پيم ته اُهو شخص ڀلا اسان ٻارن جي اُن حرڪت پٺيان اچي اڳيان ڦري وڃڻ  تي ڀلا موٽي ويندو آهي. پهريائين ته خيال ڪيم ته اُن حرڪت جو جواب بابا سائينءَ جن کان پڇان. وري سندن مصروفيت ڏسي ۽ اهو سوچي ته شايد ان سوال ڪرڻ تي بابا سائينءَ جن متان ناراض ٿين، سو پاڻيهي پنهنجي دل ۾ ان مشاهدي جو اهو نتيجو اخذ ڪيم ته جيئن ته اُهو  شخص جاهل آهي، انڪري اڪثر جاهل ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڪير پٺيان سڏ ڪندو آهي يا سندس پٺيان اچي اڳيان پري ويندو آهي ته جهالت سبب هن جو اهو وسوسو هوندو آهي، ته ’جنهن ڪم سان آءٌ وڃان پيو سو ڪم ڪونه ٿيندو‘، انڪري هو واپس موٽي ويندوهو.

بهرحال، ننڍپڻ جا اِهي خيال هاڻي ياد ايندا اٿم ته من تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. اڄ پُٺ ورائي پنهنجي ٻالڪپڻ جي مشاهدن تي نظر ڪندو آهيان ته سمجهندو آهيان ته انهن  مشاهدن ۾ زندگيءَ کي پرکڻ لاءِ آءٌ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪو آهيان. سچ ته ڪهڙو نه اُهو انمول زمانو هو جو انسان پنهنجي نيڪ مقصدن لاءِ حياتيءَ جون ڪئين قيمتي گهڙيون گهاري ڇڏيندا هئا. ڪهڙا نه سٺا، سچا ۽ پاڪ ارادن وارا انسان هئا جي پنهنجي سلجهيل سوچ سان حياتي سجائي ۽ سڦلي ڪندا هئا.

ٻالڪپڻ جون يادون

ڪنهن ڪنهن وقت منهنجا ٻار، جيڪي هاڻ چڱي چوکي ڄمار ۽ ڀرپور جواني واري خمار ۾ ڀريا آهن، تن ۾ ڇوڪرا (پٽ) گهٽ، باقي ٽي ڇوڪريون (نياڻيون) منهنجي چوڌاري گهيرو ڪري اچي ويهنديون آهن ۽ پنهنجي ياداشتن جي پڇ پڇان شروع ڪري ڏينديون. جيتوڻيڪ منهنجي ايڏي وڏي عمر ته ناهي جو کين جو ڪجهه سڻايان سو اڳئين جُڳ جو لڳي؛ پر سندن ڄاڻ خاطر جي هوندس موڊ ۾ ته ڪجهه شروع ڪري ڏيندس، جي نه ته پيو لهرائيندس. اسين سنڌي ماڻهو نياڻين جو مڙئي حياء ڪندا آهيون. واقعي نياڻيون آهن به ته سٻاجهڙيون. ويچاريون جيسين اَبي جي گهر تيسين هر حال ۾ خوش. ڪهڙي به غمگين ۽ پريشان حالت ۾ هجان، پر سندن مُرڪ هنيانءُ ٺاريو وجهي! برابر، هن زماني ۾ سندن خواهشون ايتريون  ته وڌي ويون آهن، جو سندن چهري تي مُرڪ گهٽ پر زبان تي ڪُرڪ زياده ٿي ڏسجي. سندن ڏوهه به ڪونهي، هن دور ته هڻي حاڃا ڪري ڇڏيا آهن. جيڏي آهي مهانگائي، اوڏو ئي آهي سماج جا فيشن، زيبائش ۽ آرائش جو زور. جڏهن  کين پنهنجي ننڍپڻ جي وقت جون حقيقتون ٻڌائيندو آهيان ته بابا! جڏهن اسين توهان جي عمر کان ننڍا هئاسين ته هي هي سهنج، سک ۽ ارزانيون هيون ۽ بيحد سستائي ۽ سهانگائي هئي  ته کين اعتبار نه ايندو آهي. واقعي هن دور جي مهانگائيءَ ۽ ڳاٽي ڀڃيندڙ اگهن جي مقابلي ۾ هي حقيقتون وسهڻ جهڙيون نه آهن.

اسان جو خانداني کٽي، خميسو ڌوٻي، ذات جو اصل سومرو، جيڪو هاڻ وفات ڪري ويو آهي، مون کان ڪافي وڏي ڄمار جو شخص هو. آءٌ جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته خميسو ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ۽ اسان جي ڪپڙا ڌوئندو هو. سندس پيءُ اُستو گُلو هو. سندس شاهي کٽڪو ڪارخانو هو. وٽس ڪئين ڪاريگر پيا ڪمائيندا هئا. ڪي ڦرهن تي ڪپڙن سَٽڻ ۾ پورا، ڪي ڌوئڻ ۾ ۽ ٻه چار ڪاريگر استري ڪرڻ تي. بجلي جا پنکا اڃا ايڏا عام ڪو نه ٿيا هئا. ڪوئلن جي وزني استريءَ سان ڊگهي ميز تي اڙد ڪپڙن جا، سارو ڏينهن خدا جو، پيرن ڀر اُڀ کڙا ٿيو پيا ڪم ڪندا.

[هلندڙ]

 

[ساروڻيون]

ٺٽي شهر جي پراڻي جسامت ۽ ريتون رسمون

رحيم خان ”جرس“ جوکيو

 

1942ع ۾ جڏهن مان تاريخي شهر ٺٽي ۾ ٻيو درجو سنڌي پڙهندو هوس ته شهر موجوده جسامت کان تمام ننڍو هو؛ اُتر ۾ ممي پان هائوس کان ڏکڻ ۾ مڇي مارڪيٽ ۽ ڌوڳن جي جاين تائين. سڄي شهر ۾ صرف ٻه پرائمري اسڪول هئا: هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول، جيڪو ميرن جي زماني جي ٺهيل ٻن قبن واري جاءِ ۾ هو، جيڪا هن وقت کنڊر ٿي چڪي آهي ۽ ٻيو آخوند براديئي جو مڪتب اسڪول ۽ هڪ ميونسپل هاءِ اسڪول هو. اُن هاءِ اسڪول جي بلڊنگ  هن وقت پرائمري اسڪول آهي. هاءِ اسڪول کان اُتر طرف جتان هن وقت قومي شاهراهه لنگهي ٿي، اُتي جهنگ ۽ ميدان هوندا هئا ۽ اُن کان اڃا اُتر طرف وزير نهچداس جايون اڏائي ۽ باغ باغيچا رکائي ”نهچل  نگر“  ٺهرايو، جيڪو هن وقت برباد ٿي چڪو آهي ۽ شهر  جي موجوده آبادي ۾ شامل آهي. شهر ۾ دڪان تمام وڏن ڀانڊن (گودامن) جهڙا هئا. 95 سيڪڙو واپاري هندوهئا ۽ پنج  سيڪڙو  مسلمان، تعليم جو به اهوئي حال هو. مسلمان ڇوڪرا تمام ٿورا پڙهندا هئا، باقي گهڻائي ۾ پڙهندڙ هندو ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون هونديون هيون. اُن ئي سال ٺٽي کان ڪراچي روڊ کي پڪو ڪيو ويو هو. ڪراچيءَ تائين روزانو بس صرف هڪ ويندي هئي ۽ ڀاڙو 3 رپيا هو. ٻي هڪ بس ٺٽي کان ور، غلام الله، پير پٺو ۽ گهوڙاٻاريءَ ويندي هئي ڪچي روڊ تان.

1942ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. پيٽرول اڻلڀ هو، تنهنڪري بسن جي پويان وڏيون ٽانڪيون هڻي اُن ۾ ڪوئلا ٻاري ’ڪول گئس‘ تي بسون هلائيندا هئا. بابا سائينءَ جي بدلي جي ڪري ٽيون ۽ چوٿون درجو پيرپٺي ۾ پاس ڪيم.

انگريزي پڙهڻ لاءِ بابا سائينءَ مون کي ٺٽي شهر ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ دوست  خليفي محمد واصل قريشيءَ جي گهر ۾ ماهوار ويسيءَ تي رهايو. اُها ماهوار ويسي کاڌي  پيتي ۽ رهڻ سميت صرف -/10 رپيا هئي، ۽ مون کي اسڪالر شپ به -/10 رپيا ئي ماهوار ملندي هئي. مان هنن وٽ رهڻ لاءِ ’سومر‘ ڏينهن پهتو هوس، تنهنڪري هو مون کي رحيم خان جي بدران ”سومر ڳوٺاڻو“ سڏيندا هئا. 3 اپريل  1945ع تي مون ۽ خليفي صاحب جي ٻن پٽن يار محمد قريشي ۽ محمد صفر قريشي ٺٽي ضلعي جي واحد هاءِ اسڪول ”ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو“ ۾ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا ورتي.

اُن ئي سال 1945ع ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ (مرحوم عزت خان جوکيو ايڊوڪيٽ) مئٽرڪ جو امتحان (بمبئي يونيورسٽيءَ جو) ڪراچي سينٽر ۾ ڏنو، جنهن ۾ هن کي ستن سبجيڪٽن مان انگريزيءَ ۾ صرف اڌ مارڪ تان فيل ڪيو ويو، يعني کيس انگريزيءَ ۾ _1_2_32 مارڪون ڏيئي ناپاس ڪيو ويو. هن کي ورندڙ سال وري ستن ئي پيپرن ۾ امتحان پاس ڪرڻو پيو، اُن ۾ مادري زبان ۽ سيڪنڊ لئنگوئيج پرشن کان سواءِ باقي پنجن ئي پيپرن جو ذريعهء تعليم انگلش هو. اُن زماني ۾ جيتوڻيڪ سنڌ صوبو بمبئيءَ  کان تازو جدا ٿيو هو،  پر  تعليم جي سلسلي ۾ مئٽرڪ ۽ اُن کان مٿي جا امتحان بمبئي يونيورسٽي ئي وٺندي هئي، جو سنڌ صوبي ۾ ڪا به  يونيورسٽي ڪا نه هئي. سڄي سنڌلاءِ مئٽرڪ ۽ مٿي وارن امتحانن جو سينٽر صرف ڪراچيءَ ۾ هو. مئٽرڪ جا سوالي پيپر روزانو بمبئيءَ کان هوائي جهاز ۾ 6 وڳي صبح جو ڪراچي پهچندا هئا ۽ 8 وڳي امتحان هال ۾ ورهايا ويندا هئا ۽ جوابي ڪاپيون  امتحان ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي جهاز ۾ بمبئيءَ موڪليون وينديون هيون. مئٽرڪ جو امتحان هميشه اپريل مهيني ۾ ٿيندو هو ۽ نتيجو هميشه 7 جولائي تي اخبارن ۾ ڏنو ويندو هو.

1964ع ۾ ٺٽي ۾ پهرين سئنيما ”نئشنل ٽاڪيز“ نالي هڪ هندو سيٺ ٺهرائي، جنهن ۾ پهرين فلم ”پنا“ لڳي، جيڪا اسان چار آنا ٽڪيٽ وٺي ڏٺي. پر سمجهه ۾ هڪ اکر به ڪو نه آيو، ڇو ته هـِندي/اردو زبان اسان اُن  کان اڳ ڪڏهن ٻُڌي به ڪا نه هئي!

شهر ۾ خليفي واسوءَ جي گهر ۾ 3 سال (1945ع کان 1847ع) رهڻ جي دوران مون ٺٽي جون ريتون رسمون، ميلا ملاکڙا ۽ روزا ۽ عيدون به خوب ڏٺيون. خليفي وارن کي جيڪي به شادين جون دعوتون  ملنديون هيون، اُنهن ۾ هڪ سال کان پوءِ هاڻي اهو چيو ويندو هو ته توهان وٽ رهندڙ ڳوٺاڻي ڇوڪري کي به دعوت آهي، سو مان به هر دعوت ۾ شامل ٿيندو هوس.

اُن زماني ۾ ٺٽي ۾ معزز ماڻهن جون عورتون شهر ۾ ئي ڪنهن ٻئي پاڙي ۾ وينديون هيون  ته سندن گهرن جي ڏيڍين جي سامهون ڏولي (پالڪي) ايندي هئي. ڏولي آڻيندڙ پاسيرا ٿي بيهندا هئا. اُهي ڏوليون چئني پاسان ڪپڙي سان بند هونديون هيون. معزز خواتين ۽ اُنهن سان گڏ هڪ  نوڪرياڻي يا هڪ ٻار، ڏوليءَ ۾ ويهي ڪپڙو (ڏولي جو پردو) هيٺ ڪندا هئا. پوءِ نوڪرياڻي سڏيندي هئي: ”ابا، اچو!“ پوءِ اُن  ڏوليءَ کي چار ڪهار يا حمالي وڏن ڊگهن  ڪاٺ ڪي لڪڙن کي ڪلهن تي کڻي ’پوش پوش‘ ڪندا، منزلِ مقصود تي پهچائيندا هئا. رمضان شريف ۾ 21 رمضان کان آخري روزي تائين شهر جي مختلف مسجدن ۾ ’شبينه عبادتون‘ ٿينديون هيون. تراويح نماز کان پوءِ سڄي رات جي عبادتن دوران مٺا چانور، بادامن ۽ ڇوهارن وارا کير، شربت (سياري ۾ چانهه) پياريا ويندا هئا. آخري جمعي تي شاهجهان واري 100 قبن واري جامع مسجد ۾ ڦڙين تي درود شريف لکيو ۽ پڙهيوويندو هو.

شادين ۾ پلاءُ ڏهيءَ سان گڏي کاڌو ويندو هو. اُها ڏهي ڪورين لوٽين ۾ ڀري ڏبي هئي. ڌونئري سان پلاءُ جلد هضم ٿيندو هو. خيرات جي ڀَتَ کي ’هاري‘ چوندا هئا. اُن ۾ چانورن سان گڏ هر قسم جا ٻيا اباج، گوشت، ڀاڄيون ۽ داليون وجهندا هئا.

ٺٽي شهر  ۾ ميمڻن جو وراڻيون (اَلون) به عجيب آهن: ڀٽواڻا، ڌونگا، گدڙ، پاڏا، سوني مُنڊي، وزن ڪش، صابو گر، پکيئڙا وغيره. پاڪستان بنجڻ کان  پوءِ ڪڇ، جو ناڳڙهه ۽ راجسٿان مان سنڌ جون ڪيئي اصلي قديم ذاتيون واپس لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيون آهن. اُنهن ۾ جاکرا، جوکيا، شورا ۽ سومرا آهن، جن جي روزمره جي زندگي ۽ اوڍو ويس اڃا تائين ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارو آهي، زبان به ڪڇي ۽ ڪاٺيا واڙي ڳالهائين ٿا.

ٺٽو شهر سمن جي حڪومت جي دَور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بنيو. اُن کان پوءِ هي شهر ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت جي دَور ۾ به سنڌ جي گادي هو. دهليءَ جي مغل شهنشاهن طرفان سنڌ تي حڪمرانيءَ لاءِ موڪليل گونر يا صوبيدار ”نواب“ سڏبا هئا. اُهي نواب اُن دَور ۾ عيد نماز لاءِ وڏي ٺٺ ٺانگر سان ’جلوس‘ جي صورت ۾ نڪرندا هئا. اُتان واپس اچي درٻار لڳائي پنهنجن مصاحبن ۽ درٻارين کي انعام اڪرام ڏيندا هئا. ٺٽي جي اِن قديم رسم کي انگريزن به پنهنجي حڪومت جي دَور ۾ قائم رکيو.  پهريائين ”امير خاني سيد“ نواب هئا. پوءِ اسان جي زماني ۾ (1942ع کان 1947ع) ”عابداڻي“ نواب هو. عيد جي ڏينهن اُهي نواب وڏي تجمل، رعب ۽ دٻدٻي سان چانديءَ جي سَنجن سان سينگاريل ڀَلن گهوڙن تي سوار ٿي نڪرندا هئا. اُنهن سان گڏ فل ڊريس سان پوليس جا گهوڙيسوار دستا به هوندا هئا. نواب جي اڳيان  ۽ پويان پيادا دربان نعرا هڻندا هلندا هئا. مڪليءَ تي عيد گاهه ۾ نماز پڙهي اُنهيءَ ئي ٺَٺ سان واپس ورندا هئا. پوءِ نواب پنهنجي محل (هاڻي جاءِ/بلڊنگ) ۾ واپس پهچي اُنهن پوليس سُوارن کي طعام کارائي، انعام اڪرام ڏيندو هو ۽ عام خلق لاءِ لنگر به هلندو هو. هن وقت (2005ع) ۾ به اها ”جلوس“ جي رسم جاري آهي ۽ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ”نوابي رسم“ مطابق گهوڙي تي سوار ٿي عيد گاهه پهچندو آهي.

ساڳيءَ طرح عيد جي ڏينهن شهر جو ”قاضي“ کُلي ڏوليءَ ۾ چڙهيل  هوندو هو، جنهن کي ڇهه ڪهاريا حمالي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هلندا هئا ۽ عام ماڻهو ”دِين…دينِ محمد“ (ﷺ) جا نعرا هڻندا عيد گاهه تائين پهچندا هئا ۽ قاضي صاحب کي نماز پڙهائي واپس پهچائيندا هئا.

ٺٽي شهر ۾ شاهه ڪمال ۽ شاهه ابراهيم اوليائن جا زبردست ميلا لڳندا هئا، جن ۾ شينهن ۽ هاٿين وارا سرڪس، موت جا کوهه ۽ قواليون ٿينديون هيون. هڪ دفعي شاهه ابراهيم جي ميلي تي مون اُن وقت جي هڪ مشهور قوال عظيم پريم راڳيءَ جي قوالي ٻڌي. تنهن کان سواءِ مڪليءَ تي به ڪيترن ئي الله وارن اوليائن جا عرس ۽ ميلا لڳندا هئا. هر اسلامي مهيني جي 21 تاريخ مڪليءَ تي عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مقبري تي ختمو ٿيندو هو، جنهن ۾ عقيدتمند آخري ڪلهوڙي بادشاهه ميان سرفراز شهيد جي جڳ مشهور مداح: ”ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سُڻج تون…“ پڙهندا هئا.

اهڙيءَ طرح اُن زماني ۾ محرم جا عاشورا به نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايا ويندا هئا. امامن شهيدن جا پڙ، ذالجناح ۽ تعزيا مختلف  شاخن جا  سيد صاحب ڪڍندا هئا. اُهي سيد سڳورا گهڻو ڪري سڀ اهل تشيعت وارا هئا، پر هنن جا عام مريد گهڻو ڪري سني هئا. مگر هنن کي (عام مريدن کي) شيعا ۽ سنيءَ جي ڪا به ڄاڻ ڪا نه هئي، تنهنڪري مسلڪ يا فرقي جو ڪو به فرق ڪو نه ٿيندو هو. سڀ امن امان ۽ پوري رواداري ۽ هڪجيتري احترام سان بهرو وٺندا هئا.

اُن زماني ۾ شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ٻه تلاءُ مخصوص هوندا هئا: هڪ ميرو شاهه جو تلاءُ، ٻيو  کجين وارو تلاءُ، جتان پخالي پُٺن تي پخال، ڍڳي تي پخال، يا گهڙا منجيءَ وانگر ٻن ڦيٿن تي هٿ گاڏيءَ ۾ پاڻي ڀري گهر گهر پهچائيندا هئا. هن وقت اُنهن ٻنهي تلائن جو ڪو به  وجود ڪو نه آهي.

اُن زماني ۾ ٺٽي شهر ۾ چار مجذوب درويش هئا: پهريون هو سائين ٺڪڙ شاهه، جو لکيل پڙهيل هوندو هو. سڄو ڏينهن شهر ۾ رڙيون ڪري اعلان ڪندو هو ته ”ٺٽو شهر منهنجي کيسي ۾ پيل آهي!“ جڏهن سندس گهر واري بيبي وفات ڪري ويئي ته هن اُن وقت جي ڪراچي ضلعي جي ڪليڪٽر صاحب کي انگريزيءَ ۾ هڪ درخواست ڏني ته ”الله سائينءَ منهنجيءَ بيبيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي، اُها مون کي واپس وٺي ڏيو!“ اُن وقت جا انگريز حاڪم هر درخواست تي پورو ڌيان ڌيئي گهربل تدارڪ ڪندا هئا، سو گوري ڪليڪٽر صاحب بهادر ٺٽي ۾ منزل ڪري سائين ٺڪڙ شاهه کي گهرائي چيو ته ”تون جي درخواست اسان الله سائينءَ کي پهچائي ۽ الله سائينءَ توهان جي بيبيءَ کي واپس وڃڻ لاءِ گهڻو ئي چيو، پر توهان جي بيبي سڳوري چوي ٿي ته آءٌ هـِتي ئي سُکي آهيان، سو واپس ڪا نه ويندس- باقي شاهه صاحب کي هـِتي مون ڏانهن موڪليو.“ اِهو داد ٻڌي ٺڪڙ شاهه صاحب ٺپ ماٺ ڪري ويهي رهيو. ٻيو مجذوب هو ڍالو فقير، جيڪو ٽوپيءَ مٿان ڪيتريون ئي ٽوپيون ئي پائي، پُٺن تي پراڻن ڪپڙن جي وڏي ڀري کنيو پيو هلندو هو. ٽيون هو جعفر نالي مجذوب، جيڪو خبر ناهي ته ڪٿان کان آيو هو، پر چون ٿا ته ڪنهن وڏي عهدي تي فائز هو. هاءِ اسڪول جي ڇوڪرن کي سندن ڪاپين تي موتين مثل سهڻي انگريزي لکي ڏيندو هو ۽ آلجبرا جا سڀيئي حساب حل ڪري ڏيندو هو؛ باقي ڳالهائيندو ڪو نه هو. ڇوٿون هو هڪ بروهي مجذوب، جيڪو صرف سُٿڻ ۾ پٺن اگهاڙو، ڪڪڙ وانگر ٻانگون ڏيندو هلندو هو!

اُن زماني ۾ مڪليءَ تي صرف قبا، مزارون ۽ قبرستان هوندا هئا، باقي پورو علائقو جهنگل هو. ٻي ڪا به رهائشي آبادي ڪا نه هوندي هئي، سواءِ هڪ سرڪاري انسپيڪشن بنگلي جي. برسات وسڻ جي ڪري اسين شاگرد مڪليءَ تي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندا هئاسين ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي رانڪ (مقبرو) ۽ سيد عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ جي مڪليءَ ۾ پَن چڪيءَ (Wind Mill)  (جيڪا کوهه مان پاڻي ڪڍندي هئي) واري بنگلي وٽ رانديون ڪندا هئاسون.

اُن زماني ۾ ٺٽي شهر ۾ هندن جا مندر به گهڻا هئا. مڪليءَ جي اُڀرندي طرف، هيٺئين ڀر ۾ ”ڪالڪا ديويءَ“ جي مندر ۾ وڏن ڏِڻن تي مان پنهنجن هندو دوستن سان گڏ ويندو هوس، جتي اسان کي ڪيلن جي پَنن تي حلوو-پُوري رکي ڏيندا هئا. سڀ ڇوڪرا هوندا هئاسين، مندر وارن کي خبر ئي نه پوندي هئي ته هنن ڇوڪرن ۾ ڪو مسلمان ڇوڪرو به آهي! ها ياد آيو ته هڪ نرمل داس نالي هو، جو مندرن ۾ ويندو هو ته مسجدن ۾ وڃي نمازون به پڙهندو هو. اسان سان عجيب بحث ڪندو هو، پر اسين ننڍا اُن وقت هُن جو ڳالهيون نه سمجهندا هئاسون!

[اڻڇپيل آتم ڪهاڻيءَ ”دنيا…هيءَ منهنجي دنيا“ تان کنيل]

 

”مير علي شير ’قانع‘ ’مڪلي نامہ‘ هونئن ته فقط پنهنجي زور بيان ڏيکارڻ ۽ شاعراڻي ڪمال جي منظر لاءِ لکيو، ليڪن اڄ اسان لاءِ هن ڪري قميتي وٿ آهي، جو اُن مان هڪ ته مير صاحب جو اديبانه ڪمال پرکي سگهجي ٿو، ۽ ٻيو ٺٽي جي معاشري، تهذيب ۽ تمدن متعلق هڪ تصور منجهانئس رچي سگهون ٿا. مير صاحب اُن ۾ مڪليءَ جي چند مزارن ۽ مقبرن جو اديبانه ۽ شاعرانه رنگ  ۾ بيان ڪيو آهي، ليڪن بيان ۾ ضمناً ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن، جن جي حيثيت تاريخي ٿيو وڃي ٿي. مثلاً، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مڪليءَ جي ڪهڙين ڪهڙين مزارن ۽ درگاهن تي ماڻهن جي زياده آمدرفت هئي. ڪهڙن بزرگن تي عرس ۽  ميلا لڳندا هئا. اُنهن لاءِ ڪهڙا مهينا ۽ ڪهڙيون تاريخون مقرر هيون. مرد خواه عورتون ٺهي جڙي، لٽي ڪپڙي راس ٿي، ڪيئن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جو انهن مزارن تي رهي ميلا ۽ مجلسون ڪندا هئا. چانڊوڪين راتين، ڏکڻ هير ۽ برسات واري زماني ۾ ٺٽي جا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح محفلون ڪندا هئا. راڳ رنگ جون مجسلون، ساز سرود جي وڄت ۽ ميلن  ملاکڙن جون هلاچو، ڪهڙيءَ ريت رس رچائيندو هو. ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ ۾ جيڪا هيٺاهين زمين آهي، اُن ۾ پاڻي ايندو هو، مرد ۽ عورتون ٻيڙين ۾ چڙهي سير وتفريح ڪندا هئا؛ ڳڀرو جوانن ۽ حسين عورتن جا ميلا لڳا ٿي. نهايت ٺاهوڪيون عورتون پٽ پٽيهر پهري رنگ روغن لائي ٺهي جڙي، جنهن  وقت بزرگن جي مقبرن تي باسون کڻي اچي پهچنديون هيون، انهيءَ وقت، نظر باز جوانن لاءِ جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي. سڄي مڪلي رنگ برنگي پوشاڪن ۽ سهڻين صورتن سبب، ڄڻ باغ ۽ بستان بڻجي پوندي هئي؛ جاڏي کڻي ڏس، ڄڻ بهار پنهنجي ڦوهه تي هر هنڌ منزل انداز ۽ خيمه زن هو.

- سيد حسام الدين راشدي

[”مڪلي نامہ“، تعارف، ص3]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com