سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :14

سنڌي ٻولي بچايو!

ڪتاب ”مفت“ ڏيڻ/وٺڻ تي

نه هـِرو

نه هيرايو!

ڇنڊ ڇاڻ   

[تبصرو/تعارف/اڀياس/راءِ/تنقيد]

(هن ڪالم لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري آهن)

دل پٿر ته نه آهي

محترمه سيده اختر افروز شاهه جو پهريون مجموعهء ڪلام ”دل پٿر ته نه آهي“ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي. شاعره جو تعلق سنڌ جي مردم خيز ادبي دبستان ”ٽکڙ“ سان آهي. سندس شاعري، گلستانِ ادب ۾ هڪ نئين ۽ تازي هوا جي جهوٽي مثل آهي. ڇا ته نامور نالا آهن: جن سر زمين ”ٽکڙ“ جو نالو جڳ ۾ مشهور ڪيو آهي. نور محمد خسته، حافظ عالي، ميان ڇتن، سيد ميران محمد شاهه (اول)، علامه قاضي اسد الله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي، آغا محمد حسن جان سرهندي مجددي، حافظ حاجي حامد، سيد محمد حافظ شاهه، حافظ هارون ’دلگير‘، حافظ عبدالله ’بسمل‘، محمد هاشم ’مخلص‘، ’سيد ميران محمد شاهه، ”مير“ و ”مهجور“، محمد خان ’غني‘، ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه ’بيخود‘ حسيني، سيده نورالهديٰ شاهه، سيد شبير ’هاتف‘، غلام رسول شاهه ’سوز‘ ٽکڙائي ۽ اسان جو شاعر امداد حسيني صاحب-ڪهڙا نالا ڳڻائي، ڪهڙا ڳڻائجن. جهڙيءَ طرح ’دبستانِ لکنو‘ ۽ ’دبستانِ هلي‘ جو خاص ذڪر اذڪار برصغير جي ادبي تاريخ ۾ ٿئي ٿو، اهڙيءَ طرح قديم ۽ جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ ”ٽکڙ“ جي ادبي مقام ۽ خدمتن جي حيثيت به مسلم آهي. اقليم سنڌي شعور و سخن  جي سلطنت ۾ ”ٽکڙ“ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين جا ادبي ڪارناما روز روشن جيان عيان ۽ بيان آهن ۽ رهندا ۽ هاڻ اُنهن متبرڪ نالن ۾ مبارڪ نالو محترمه اختر افروز شاهه هڪ  عمدو اضافو آهي.

محترمه سيده اختر افروز شاهه جي شاعريءَ متعلق سائين امداد حسينيءَ جي راءِ ڏاڍي وزندار آهي: ”اُن کي پابند، آزاد نثري يا نيم پابند، نيم آزاد يا نيم نثري جي نالي ڏيڻ بدران، سندس تحرير ۽ تخليق کي ’شاعري‘ چئي سگهجي ٿو.“

شاعره ڪنهن سڪه بند ۽ نستعليق گهاڙيٽي ۽ تخليق جي محتاج نه آهي. سندس والهانه ۽ وارفته ڪيفيتن ۽ اُمنگن ۾ جذبا به آهن ۽ احساس به آهن. ادبي وتنقيدي زبان ۾ سندس شاعري کي جذبات و احساسات جو بيساخته اظهار چئي سگهجي ٿو. عالمي ڪسوٽيءَ تي، انگريزي ادب جي مشهور تنقيدي ڪتاب "Preface to Lyrical Ballans" (”سُريلن گيتن جو مهاڳ“) ۾ جڳ مشهور ورڊ سورٿ ۽ ڪولرج اهڙي قسم جي فطري شاعريءَ جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:

"Poetry is spontaneous overflow of powerful feelings. It takes it origin from emotions recollected in tranquility."

هڪ ٻيو ماپو يا معيار، جيڪو شاعريءَ جي لاءِ هڪ عظيم نقاد ٽي. ايس. ايليٽ ڄاڻايو آهي، سو آهي ته ”شاعري جو اصل جوهر ابلاغ ۾ آهي“، يعني "Genuine Poetry can communicate understand."

”اختر“ جي شاعري ۾ اهڙو ابلاغ روان دوران آهي؛ سـِٽ سـِٽ ۾، حرف ۾!

محترمه  لکي ٿي:

”دل جي سندر سپنن ۾، ذهن جي اوچي اُڏامن ۾

هڪ پيارو پيارو ماڻهو رهندو آهي.

اِهو رشتو ڪيڏو نه عجيب آهي

ڪيترو به دل ڏکوئي پوءِ به دل کي وڻندو آهي!“

يا وري:

”دل! ڇيڙ تون خوشيءَ جو ڪو سرگم

هاڻ ته زندگي جي لاٽ به ٿيندي وڃي مَڌم مَڌم

اهڙو ملي ڪو مون کي مخلص همدم

منهنجي اندر مان نڪري خوشي وارو ترنم!“

 

اهڙي دل کي ڇُهندڙ بيساخته ۽ بيباڪ شاعريءَ جي باري ۾ اسان جي مهان اديب ۽ ڏاهي مرحوم غلام محمد گرامي جو اقتباس ڏيڻ بر مهل ٿيندو:

”شاعري انسانيت جي ضمير جو آواز آهي. اُهو ضمير جو آواز هميشه بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو ايندو. شاعري انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي ٿي ۽ تخيل، جي شمع فروزان اوندهه ۽ انڌوڪار جي دنيا ۾ آب حيات ڳولي ٿي.“

”دل پٿر ته نه آهي“ دلڪش ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي مشتمل آهي. مُهڙ ۾“ محترم امداد حسينيءَ جو ليک: ”شاعري-سپنو به، ساڀيا به“ ۽ محترمه سحر امداد جو آرٽيڪل ”ستن رنگن جون رنگ رنگوليون“ ٻه اهڙا معياري ادب پارا آهن، جي ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿا. هيءُ ڪتاب نامياري ادب نواز سيد قمر الزمان شاهه صاحب شايع ڪيو آهي، ۽ اُن جي قيمت ڄاڻايل ڪانهي.

_گل محمد عمراڻي


 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح اُها نامور علمي هستي آهي، جنهن سنڌ جو نالو ٻاهر به روشن ڪيو. قرآن، حديث، تفسير ۽ فقهه جي مسئلن تي سندس عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تصنيفون هڪ مثالي ديني خدمت آهي. محترم عبدالرسول قادريءَ وڏي همت ڪئي جو ڊاڪٽريٽ لاءِ هي اهم عنوان کڻي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي رهبريءَ ۾ تحقيق ڪئي ۽ هڪ نهايت معياري ۽ علمي ٿيسز لکيائين. ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ جي هيءَ ڪاوش هاڻي اشاعت جي زيور سان سينگارجي آئي آهي. آءٌ کيس دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.
دنيا ڄاڻي ٿي ته مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُالدين، مخدوم  عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻين ديني عالمن ۽ هن ميدان ۾ ڪم ڪيو آهي. هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر قادريءَ ابتدا ۾ سنڌ جوتاريخي پس منظر ڄاڻايو آهي. هن عنوان هيٺ سنڌ ۾ مغل ۽ ڪلهوڙا دَور جي حالتن تي روشني وڌي اٿس. اُن کان پوءِ مخدوم محمد هاشم جو خانداني پس منظر ۽ سندس حسب نسب، ولادت ۽ تعليم توڙي تربيت جي باري ۾ محققانه بحث ڪيو اٿس. اُن سان گڏ مخدوم صاحب جي اهم اُستادن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ سندس عرب جي مکيه اُستادن جو بيان آهي. تنهن  سان گڏ وقت جي نصاب جو ذڪر به ڪيواٿس. ڊاڪٽر قادري هڪ عام ۽ روايتي سوانح نگار جي رسمي طريقي کان بلند ٿي هڪ دَور رس محقق وارو انداز اختيار ڪيو آهي. هر هڪ علمي نڪتي لاءِ پيرائتا ۽ مڪمل حوالا ڏئي ٿو. ائين سندس بيان ڪيل هر نڪتو مستند آهي. مخدوم صاحب کي بحيثيت ’شاگرد‘ جي پيش ڪرڻ ۽ کيس هڪ ’اُستاد‘ جي حيثيت ۾ به ڏسي ٿو. اُن سان گڏ سندس شاگردن جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪي ناميارا عالم بنيا.

ڪتاب جا خاص باب مخدوم محمد هاشم رح جي تصنيفات بابت آهن. ڪيئن هو مختلف مسئلن کي تحقيق سان بيان ڪري ٿو ۽ ڪيئن ٻين جي ڪم تي سَندَن سان تحقيق ۽ تنقيد ڪري ٿو. مخدوم صاحب جو ڪتاب ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ هجي، هو هڪ محقق، عالم ۽ نقاد نظر اچي ٿو. مخدوم صاحب جي مڙني علمي، ديني ڪاوشن جو تحقيقي جائزو وٺندي ڊاڪٽر قادريءَ جو انداز محققانه آهي. مون کي فخر آهي ته ڊاڪٽر صاحب جهڙو محقق ۽ عالم، راقم جو مهربان دوست آهي. آءٌ کيس ههڙي عالمانه تحقيق تي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اُميد ٿو ڪريان ته ههڙيون علمي ڪاوشون ڪري هو علم جي دنيا ۾ اڃا به وڌيڪ نالو ڪڍندو ۽ گذري ويل عالمن جا علمي ڪارناما عالم آشڪار ڪندو، جيئن طالبن جي علمي تشنگي دور ٿئي ۽ تحقيق جي بلند معيار کان واقف ٿين.

 

_ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

وڏ ڦُڙو

بشير منگيءَ جي هائيڪو ڪتاب ”وڏ ڦڙو“ کان اڳ به ڪي ’هائيڪو ڪتاب‘ ڇپيل آهن، جن ۾ شيخ اياز جو ”پن ڇڻ  پڄاڻان“ ۽ طارق عالم جو ”مورن اوچا ڳاٽ“ ذڪر جوڳا آهن. هائيڪو کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرائيندڙن ۾ نارائڻ ’شيام‘ جو نالو مٿانهون آهي. هاڻي ”هائيڪو“ سنڌي شاعريءَ جي هڪ مقبول صنف آهي. سنڌيءَ ۾ ٻين صنفن سان گڏ هائيڪو به مسلسل لکيو ويو آهي يا لکبو رهيو آهي. اِن صنف جون تشريحون ۽ تعريفون به ٿينديون رهيون آهن، جنهنڪري هائيڪو هاڻ پرڏيهي صنف نه رهيو آهي. هائيڪو ڪڏهن شيخ اياز جي نظر ۾ ’سنڌي بيت جي ڏيڍ ٽنگ‘ هو. تنقيد جي اڻهوند جي ڪري هائيڪو ڪٿي ڪٿي ڏيڍ ٽنگ بجاءِ ٽي ٽنگون وڃايل به نظر اچي ٿو. هائيڪو جي مختصر تعريف هيءَ آهي ته وٿن (Objects) کي زمان (Time) ۽ مڪان (Space) ۾ اهڙيءَ طرح متعين ڪرڻو آهي، جو اُن منجهان ’ڪجهه ٿي چڪو هجڻ‘ يا ’ڪجهه ٿي رهيو هجڻ‘ نظر اچي. هن صنف جي نازڪ مزاجي هيءَ آهي ته اُن ۾ طوالت ۽ خيال جو گهڻو ثقيلپڻو ۽ موضوع  جي شوخي بار گران ٿي پوندي آهي. ننڍڙا ننڍڙا عمل، ننڍڙيون ننڍڙيون هائيڪو جي حُسن جون اعليٰ خوبيون آهن. اِنڪري هن صنف  ۾ وقت کي ڊيگهه ڏيڻ، گهڻن موضوعن کي گنجرائڻ ۽ نظم جي بيان وانگر ڳالهه ڪرڻ جي قطعي به گنجائش ناهي. منهنجي نظر ۾ بشير منگيءَ جا هائيڪا (نولکا سميت) هڪڙو تجربو چئي سگهجن ٿا، ڀلي اُهي هڪ ڪتابي صورت به وٺي چُڪا آهن. شاعر جو ذاتي اطمينان هڪ ٻي شيءِ ۽ ادب جي مجموعي معيار جو اطمينان هڪ ٻي شيءِ آهي.

مون هنن هائيڪن کي ور ور پڙهيو آهي، پر هر ڀيري ڪڏهن تصويرن جي اڻپوري هئڻ ڪري، ڪڏهن مشاهدي جي گهڻين ڪچاين جي ڪري ۽ ڪڏهن ته سنگيت جي اڻهوند جي ڪري ۽ خاص طرح موضوعن جي گهڻي هجڻ ۽ اُنهن جي وڇڙڻ ڪري، زخمي ٿيڻ کان بچي نه سگهيو آهيان. پوءِ به هائيڪو زخمن تي پهي  وانگر آهن:

چانهه پيئان ٿو،

يارن سان گڏ هوٽل تي،

مووي ڏسان ٿو.

_

پارو پوي پيو،

نينگرڙو فٽ پاٿ تي،

سيءَ ۾ ڏڪي ٿو.

_

ڪاوش ۾ تحرير،

پڙهي پوڙهو اوچتو،

وهائي ٿو نير.

_

 

منجهند جو ويلو،

ناري دانگيءَ تي ٿڦي،

جوئر جو لولو.

_

جهولي ٿي سائي،

پهريائتي نينگري،

گهر ۾ آ ڄائي.

مٿيان ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ رهجي  ويل هائيڪا پڙهي اطمينان ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ بشير جي هيءَ تجربي واري واٽ پنهنجي حُسناڪين جي منزل ماڻيندي:

پکيئڙا ٻولين،

ڪڪريل ڪاري اُڀ تي،

ڪنهن کي پيا ڳولين!

هڪ ته هيءَ هائيڪو-تصوير هڪ مڪمل تصوير آهي، بلڪ اُن ۾ ”ڪڪريل“ هڪ نئون مصدر آهي، جنهن هائيڪو کي وڌيڪ خوبصورت بنايو آهي. ”جهولي سائي ٿيڻ“ واري  ترڪيب ڪيتري نه وڻندڙ آهي، بلڪه ”پهريائتي نينگري“ جي حوالي سان ڄڻ اِهو پهريون خيال آهي سنڌي شاعريءَ ۾-نه ته رڳو منظرن، وٿن ۽ واقعن کي ڪچي مال طور جمع ڪيو ويو آهي. شاعري نظر ايندڙ وٿن ۽ چُرپر کي ڪَٺي ڪرڻ جو نالو نه آهي. لڳي ٿو ته بشير جيئن جيئن ڏسندو ويو آهي، تيئن تيئن شين کي ڪٺو ڪندو ويو آهي، يا وري هائيڪو لکڻ جي جنون ۾ مختلف سماجي شعبن کي ياد ڪندي، مختلف ڪردار ۽ اُنهن جون ڪرتون ڄاڻائيندو ويو آهي. سندس هائيڪن کي پڙهي پڪ سان چوان ٿو ته هي هائيڪو هن وقت هي تخليقي عمل منجهان گذري سگهن! جيوڻيڪ هو چوي ٿو ته ”هائيڪي واري محبوب صنف ڏانهن تخليقي سفر ڪيترن ئي سالن جي ڪشالن کان پوءِ وڃي ڪتابي شڪل ۾ منزل تي رسايو اٿم.“ بلڪ هو ته اهو به لکي ٿو ته ”مون  علم ۽ ادب جي طالبي ۾ رهندي تنقيد، تقليد ۽ تخليق واري عمل جي پٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ لاءِ هيل تائين پاڻ پتوڙيو اٿم.“ هڪ ته هنن هائيڪو ۾ هن جي ’سالن جي ڪشالن‘ وارو سفر ڪٿي به نظر نٿو اچي، ٻيو ته ”اٿم“ ۾ ”مون“ اڳيئي هڪيو آهي“

هي ڪجهه مشاهدي جون ڪمزوريون آهن:

مينهن وسي پيو،

ڪانءُ ننڍڙي ٻارڙي کان،

لولي کسي ٿو.

-

ڇوڙي پئي وار،

چڳون لڙڪيل ڳچيءَ ۾،

ڄڻ ڪي پاتل هار.

-

پاڻيءَ جون ڦينگون،

سنڌوءَ ڪپ تي چهنڊڙيون،

مون کي پائن ٿيون.

-

پنهنجي وني ڪاڻ

شهر مان اڄ آندائين،

ململ جو پهراڻ.

-

نهاري ٿي چنڊ،

ناري آڌيءَ رات جو،

پيهين ويٺي جنڊ.

شاعر جڏهن قافين جي کيڏٿو کيڏي ته مينهن وسندي ڪانگ کان لولو کسرائڻ، چڳن کي ڇڪي ڳچيءَ تائين هار بنائڻ، پاڻيءَ ڦڙن کان چهنڊڙيون هڻائڻ، ور کان ونيءَ لاءِ پهراڻ وٺائڻ ۽ آڳر ۾ چنڊ ڏسندي جنڊ پيهرائڻ (سو به آڌيءَ رات جو) جهڙا غير فطري عمل ڪرائي ٿو، ۽ ڪتاب هڙتڙ ۾ واهر سان ور، مکئي سان اوڏيائي، قافلو سان ويلو، پولڪا سان جهلڪا، ڪولهياڻي سان ماني، رش سان هٻس، هوڪو سان ٻالڪو، ڀڳو سان ڌاڳو جهڙا قافيا به هڻي ٿو. جنهن سبب هڪ طرف ڪمزور تصويرن جي ڪري پڙهندڙ جو حـِسي تصور ته ٻئي طرف کرڙ کرڙ جهڙي ردم جي ڪري ڪن رس به زخمي ٿيو آهي. ۽ ائين  هائيڪن ۾ ماترڪ ڇنڊ جون به ڳچ ڪمزوريون آهن، جي بشير جي تجربي جي ڪميءَ سان گڏ سندس تڪڙ جو به سبب آهن. سنڌ جي شاعرن ۾ (عام طرح سان) پنهنجي خيال کي سچي ۽ کري سمجهڻ، بلڪ اُن کي ’حرف آخر‘ ليکڻ جي بدعت پئجي وئي آهي. دراصل  اِها شعر جي تاريخي ۽ نظرياتي شعور جي وڏي ڪمزوري آهي. اِها هيئن ته هُو پنهنجي پاڻ کي  تاريخ جي تسلسل ۾ ڏسڻ جي بجاءِ هڪ الڳ ٿلڳ ۽ نرالي شيءِ سمجهڻ لڳو آهي. هُو پنهنجي گهٽ عمليءَ ۽ طبيعت جي آڪڙ سبب سمجهي ٿو ته هو جا به سـِٽ سـِرجي ٿو، اُها ڄڻ ’تقدير‘ جيان  لکيل آهي، جنهن کي قطعاً بدلائي نٿو سگهجي. برابر تجربا شاعر کي اهري ڪامليت جو درجو به عطا ڪندا آهن، جنهن ۾ هن جي سـِٽ، لکيل-سـِٽَ نه رهندي آهي، بلڪه اُها اتهاسڪ چـِٽَ ٿي ويندي آهي، پر اُن لاءِ هڪ شاعر کي فن جي معراج واري مرتبي لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو آهي.

ڪنهن شاعر کي پچي راس ٿيڻ ۾ ڪيترو عرصو ٿو لڳي؟ [پَر سَلو اُهو جو اَنگورين ڀلو!] دراصل تخليقي عمل احساسن جي هڪ بي ساخته اُڇل آهي، اُها جڏهن اُڀرندي آهي ته اُن کي روڪڻ ڏکيو هوندو آهي. هونئن احساسن جي اُڇل جو عمل هڪ عام کان عام ماڻهوءَ وٽ به هوندو آهي، پر اُهوتخليقي نه هوندو آهي، ڇو ته اُن وٽ احساس جي سادگيءَ واري يا ”جيئن جو تيئن“ واري حيثيت هوندي آهي، جيئن بشير منگيءَ وٽ آهي:

سيءَ ۾ ڏڪي ٿو.

ٻارڙو اسڪول ڏانهن،

تڪڙ وڃي ٿو.

-

لطيف جو ميلو،

ڀٽ شاهه ڏي نڪتس کڻي،

ڪپڙي جو ٿيلهو.

-

بجلي بند آهي،

ونجڻو هڻي نار ويٺي،

وفرَ کي ننڊ آهي.

۽ اهڙا ٻيا ڪيئي هائيڪو ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ صرف احساس جي ”جيئن جو تيئن“ واري سادي حيثيت آهي، تخليقي اُڇل ناهي. وِنجڻي يا وڃڻي تان مون کي تنوير عباسيءَ جو هڪ هائيڪو ياد اچي ٿو:

وڃڻو ڇاتيءَ تي،

هـِن گُهٽ ۾ به اچي وئي،

نـِنڊ ويچاريءَ کي.

ننڊ، جنهن لاءِ چوڻ آهي ته سُوري تي به اچي ويندي آهي، اُن ننڊ جي تصوير هن هائيڪو ۾ ڪيتري نه فطري ۽ ڪيتري نه حُسناڪ آهي! تنوير جي هن هائيڪو ۾ گُهٽ واري موسم نه هجي ها ته تصوير بي جان ٿي وڃي ها ۽ لڳي ها ته اِهو هائيڪو به بشير منگيءَ ئي لکيو آهي! تنوير جوذڪر نڪتو آهي ته هائيڪو لاءِ هن جي هڪ چوڻي به هت رقم ڪري ٿو ڇڏيان: ”هائيڪو جپاني صنف آهي، پر اُها سنڌيءَ ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو اڄڪلهه ڌاري ئي نٿي لڳي. اُن صنف کي سولو سمجهي جيترو اُن کي لويو ويو آهي، شايد اهڙي ڪنهن ٻيءَ صنف کي نه.“ مان ’لوئڻ‘ بجاءِ بشير لاءِ چوان ٿو ته هن جنهن ساهس سان هائيڪو لکڻ جي جسارت ڪئي آهي، هاڻ هن کي پنهنجون سڀ سوجهيونSens)) هائيڪو کي بلند پرواز لاءِ ڪتب آڻڻيون پونديون.

 

وسيم سومرو

اُداس موسمن جو شهر

سنڌي ادب ۾ مختصر ڪهاڻي جي شروعات ترجمي سان ٿي. اُن کان پوءِ رفته رفته اصلوڪيون ڪهاڻيون لکجڻ لڳيون. اوائلي افسانه نگارن ۾ مرزا نادر بيگ، آسانند مامتوراءِ ۽ امر لعل هڱوراڻيءَ جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، طبعزاد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بنياد رکيو. امر لعل هڱوراڻيءَ پنهنجو شاهڪار افسانو، ”ادو عبدالرحمان“ لکيو، جنهن کي پنهنجي وقت ۾ بيحد مقبوليت حاصل ٿي. جڏهن ته نادر بيگ مرزا جا افسانا ”موهنيءَ جي دل جو داغ“، ”موهنيءَ جي فتح“، ”موهنيءَ جي ڊائري“ وغيره مشهور آهن. آسانند مامتوراءِ وري ”شاعر“ ۽ ”ڳنوارڻ“ جهڙا خوبصورت افسانا لکي جديد سنڌي ڪهاڻي جي پيڙهه پختي ڪئي.

مٿيان افسانا جديد ادب جي گهرجن موجب لکيا ويا هئا. وقت گذرندي، اڳتي هلي عثمان علي انصاريءَ، حيدر بخش جتوئيءَ، شيخ اياز، جمال ابڙي، سائينداد سولنگيءَ، غلام رباني آگري، حفيظ شيخ، نسيم کرل، رشيد ڀٽيءَ، رشيد آخوند، خواجه سليم، امر جليل، نجم عباسيءَ ۽ اياز قادريءَ سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوڄ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

سنڌي ڪهاڻي موجوده دَور ۾ به پوري سگهه سان لکجي رهي آهي ۽ نوجوان تخليقڪار پوري آب ۽ تاب سان پنهنجي فني حيثيت مڃرائڻ ۾ سرگرم آهن. ان جا مثال تخليقي ڪهاڻين جا اُهي مجموعا آهن، جيڪي لاڳيتو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن.

تازو ”سنڌي ادبي سنگت“ تلهار پاران نوجوان ڪهاڻيڪار جمن احمداڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”اُداس موسمن جو شهر“ شايع ڪيو ويو آهي. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ڪل ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن. ليکڪ ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجي پاران ”هوءَ ۽ مان…“ عنوان سان لکت ڏني آهي، جيڪا بذات خود هڪ ڪهاڻي ٿي لڳي. جڏهن ته مجموعي لاءِ ’ٻه اکر‘ نسيم پنهور لکيا آهن، جنهن کي ادبي تبصري ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن مجموعي جو مهاڳ ”پلصراط جي ٻئي سري تان موٽي آيل ڪردار“ عنوان سان آسي زمينيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ پنهنجي مجموعي راءِ کي اظهاريو اٿس.

ان کان پوءِ پهرين ڪهاڻي ”زندگيءَ جا ٽاريءَ مان ڇڻيل ٻه پن“ آهي. هن ڪهاڻيءَ کي ٻه ڪردار بادل ۽ سڪينا ڊيولپ ڪندي نظر اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۽ اينٽي ڪلائمڪس کي ته ليکڪ جاندار نموني کنيو آهي، ليڪن آخر ۾ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڏاڍي ٽريجڪ انداز ۾ ڪري ماحول کي ڳنڀير ڏيکاريو ويو آهي. ٻيءَ ڪهاڻي ”دار جي درد ۾ ويڙهيل سوال“ ۾ به مرڪزي ڪردار ماحول جو نشانو بڻيل نظر اچي ٿو. هونئن هن ڪهاڻيءَ ۾ دستوري ماحول جا روايتي ڪردار وڏيرو ۽ پوليس وائکا ڪري بيهاريا ويا آهن ۽ پڻ صحافت جي مقدس پيشي جي بي آبروئيءَ طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي. ”ڀريا بادل ٻيرن رُت“ ڪهاڻيءَ ۾ نج نبار ڳوٺاڻي ماحول واري استعمال ڪري ليکڪ پنهنجي مشاهدي توڙي فني ائپروچ جي سگهه کي عيان ڪيو آهي. ”ٽارچر سيل ۾ رهجي ويل ٽنگون“ ڪهاڻي سنڌ جي مظلوم سماجي ڪردارن  تي برپاٿيل ظلمن جو دردناڪ داستان لڳي ٿي. ٽارچر سيلن ۾ ڇا ٿو وهي واپري اُن جي دردناڪ تصوير چٽي، ليکڪ پنهنجي سماج توڙي اُن ۾ برپا ٿيندڙ ظلمن کي وائکو ڪيو آهي. ”روشنيءَ کان خالي سج“ ڪهاڻي مقصد جي لحاظ کان ته جيتوڻيڪ ٺيڪ ٺيڪ آهي، پر ڪهاڻيءَ جي ڪردار جي ڀوڳنا ڪجهه اجنبيت جو احساس ڏئي ٿي. ”تنها جيون ۽اُڌاري شام“ ڪهاڻي ليکڪ جي داخليت جي پيڙا جو اظهار آهي. جنهن ۾ رومانس جا جذبا گڏجي سڏجي ڪهاڻي جي اُڻت ۾ معاون ۽ مددگار ٿين ٿا. ”شريف ماڻهو“ ڪهاڻي سماج ۾ منافقيءَ  جا ماسڪ چاڙهي گهمندڙ ڪردارن تي تکي مٺي طنز آهي. ”روڳ ۽ رشتا، ڪهاڻي واري اسان جي ٽٽندڙ ڪٽنبي سرشتي جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿي. اِن طرح جُمن جي سڀني ڪهاڻين ۾ دردن ۽ پيڙائن جا داستان آهن ته حقيقت نگاريءَ جا اولڙا پسائيندڙ آئينا پڻ آهن. انساني جهنگل ۾ رُلندڙ مظلوم نارين جي چپن تي سُڏڪندڙ صدائن جا پڙاڏا به آهن ته معصوم ٻارن جي لبن جون حسين مرڪون به آهن. پر آءٌ ”اُداس موسمن جو شهر“ ٽائيٽل ڪهاڻيءَ تي ڪجهه لکڻ چاهيندس. هيءَ ڪهاڻي دراصل احمد آباد (هندستان) ۾ آيل زلزلي جي پس منظر جو تاڃي پيٽو آهي، جيڪو ليکڪ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪئنواس تي خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي. ليکڪ پنهنجي آسپاس جي ماحول توڙي قدرتي آفتن، زيادتين ۽ ٻين مامرن کان لاتعلق ۽ لاعلم رهي ڪو نه ٿو سگهي. ان ريت ليکڪ پنهنجي انتهائي حساس هئڻ جو ثبوت ڏيندي، آيل آپدا کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.

جمن احمداڻيءَ جي ڪهاڻين جو هي مجموعو وڻندڙ ٽائيٽل سان آراسته آهي. ڊيمي سائيز ۾، سفيد ڪاغذ تي، 120 صفحن تي مشتمل هن مجموعي جي قيمت اسي روپيا آهي. بئڪ ٽائيٽل تي آصف جماليءَ جو ليکڪ بابت تاثر به پڙهڻ وٽان آهي.

 

مير بهادر ٽالپر

ٿر-هڪ تشريحي ببليوگرافي

 

سنڌ جي سونهاري جاگرافيائي طور تي پنجن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، تن مان ”ٿر“ واري علائقي کي وڏي اهميت حاصل آهي. ٿر واسي پنهنجي خطي سان ڏاڍي محبت ڪندا آهن، توڙي جو ائين به درست چيو ويندو آهي ته ”وَسي ته ٿَرُ نه ته بَرُ“. انهيءَ جي باوجود ٿر پنهنجي اندر ۾ بي پناهه ڪشش رکي ٿو. خوش نصيب آهن پنهنجي وارياسي ديس سان محبت جي علامت بڻيل مارئيءَ جي ملڪ جا ماڻهو، جيڪي پنهنجي جنم ڀوميءَ سان بي پناهه محبت ڪن ٿا. اِهائي محبت سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل آهي.

جهڙو آهي ٿر دلچسپ، تهڙائي آهن منجهس رهندڙ ماڻهو مڻيادار. اهڙن مڻيادار ۽ سيبتن ماڻهن مان اشرف علي سمون به هڪ آهي. هي گُڻوان انسان انڪري اهم آهي جو پاڻ ٿر جي قرض لاهڻ ۾ عملي ۽ علمي طرح لاڳيتو سرگرم آهي. يعني هن صاحب تازو هڪ اهڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ 383 اهڙن ڪتابن ۽ مقالن جو ذڪر ملي ٿو، جن ۾ ٿر جو ذڪر تفصيل سان يا مختصراً ڪيو ويو آهي. ڪتابن جي اِنهيءَ ڪتاب جو نالو آهي: ”ٿر-هڪ تشريحي ببليوگرافي“. هيءُ پنهنجيءَ نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو عام پڙهندڙن لاءِ پر عالمن اديبن، محققن، تاريخدانن، استادن ۽ شاگردن لاءِ پڻ ڪارائتو آهي.

اشرف علي سمون بنيادي طورتي پرائمري استاد آهي. پاڻ جيڪو هو علمي ۽ تحقيقي مطالعو پيش ڪيو اٿس، تنهن کيس معتبر اديبن ۽ محققن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. نه رڳو ايترو پر اِن سان اِهو پڻ واضح ٿي وڃي ٿو ته يونيورسٽين جي استادن سان گڏ ”پرائمري سطح“ جا استاد به اُن تحقيقي عمل ۾ برابر جا شريڪ آهن. اشرف علي سمي هڪ ”پرائمري استاد“ واري رتبي جو مانُ مٿانهون ڪندي هي ڪتاب تيار ڪرائي هڪ مثالي ڪم ڪيو آهي.

”ٿر“ جي حوالي سان اشرف علي سمي جو هي مطالعو بنهه نئون نڪور آهي، البت سنڌي ادب جي مجموعي حوالي سان هي ڪم نئون هرگز ناهي. اهڙي نوعيت جو ڪم اڳ به پيش ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سنڌي ڪتابن بابت ببليوگرافيون ڪتابي صورت ۾ اچي چڪيون آهن. ان کان علاوه پير حسام الدين راشدي ۽ منصوره بابت ببليوگرافيون ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي چڪيون آهن.  هونئن به علم تحقيق ۾ ”ببليوگرافي“ بنيادي اهميت وارو موضوع آهي ۽ دنيا جي يونيورسٽين ۽ علمي تحقيقي ادارن ۾ ان جي تمام وڏي اهميت آهي. اشرف علي سمي وڏيءَ محنت ۽ محبت سان هي پيار جو پورهيو ڪيو آهي، جنهن کي ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.

”ٿر-هڪ تشريحي ببليوگرافي“ ڪتاب چئن مکيه حصن ۾ ورهايل آهي. سڀ کان اهم ٻيو ۽ چوٿون حصا آهن. اُنهن ۾ اهڙن ڪتابن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٿر جي سڃاڻپ ٿيل آهي. اُهي ڪتاب: تاريخ، جاگرافي، سوانح، لسانيات، لوڪ ادب، سفرنامي، سماجي ۽ عام معلومات تي مشتمل آهن ۽ اُنهن جو تعلق انگريزي، سنڌي، اردو، ڍاٽڪي، گجراتي، مارواڙي ۽ هندي ٻولين سان آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ”ٿر“ بابت آڳاٽن ڪتابن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ٽيون مختصر احوال ملي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي پهرين حصي ۾ 19 ڪتاب، ٻئي ۾ 68 ڪتاب، ٽئين ۾ 80 ڪتاب، ۽ چوٿين حصي ۾ 216 مقالن ۽ مضمونن جو اندراج ڪيو ويو آهي. يعني مجموعي طور تي 383 ڪتابن ۽ مقالن يا مضمونن کي هن ببليوگرافي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ سنڌ جي هاڪاري اسڪالر محترم ايم. ايڇ. پنهور جي تعارفي نوٽ ۾ ٿر ۽ دنيا جا صحرائن بابت انگريزي مواد جا جائزو ورتل آهي.

هي ته اُهو مطالعو آهي، جيڪو فاضل ليکڪ جي دسترس ۾ آيو آهي، پر ممڪن آهي ته اهڙو ٻيو به ڪيتروئي مواد موجود هجي. پر جيئن ته تحقيق جي ڪو ڇيهه ناهي ٿيندو، تنهنڪري هي ڪتاب بنيادي ۽ اهم ڪم ليکيو ويندو. ائين برابر آهي ته اشرف علي سمي جي هن نرالي ۽ معلوماتي مواد جي ميڙا چونڊيءَ ۾ سنڌ جي نامياري تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو مڪمل سهڪار رهيو، جنهن ڪتاب تي معياري مقدمو پڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جو پبلشر نيڪڻ فقير (ارباب نيڪ محمد) آهي، جنهن مخدوم بلاول پبليڪيشن اسلام ڪوٽ پاران هي ڪتاب پڌرو  ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف عبدالواحد آريسر ڪرايو آهي.

هن وقت جڏهن ”ٿر“ پنهنجي حيثيت حاصل ڪرڻ طرف گامزن ٿيو آهي، تڏهن اُن جي اهميت ۽ اُن کي وڌيڪ  اُجاگر ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هن ڪتاب ڏانهن به رجوع ٿيڻو پوندو. بيشڪ، اشرف علي سمون مبارڪباد جو مستحق آهي، جنهن ٿر بابت هي اهم مواد پيش ڪيو آهي.

ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل، دلڪش سرورق سان، هن وڻندڙ ڪتاب جي قيمت سَو رپيا مناسب آهي.

 

امام راشدي

 دردمنديءَ جو ديس

 

الحاج رحيم بخش ”قمر“ لاکو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ مذهبي اسڪالر، اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سندس شهرت جو مکيه حوالو ”شاعري“ هو. سنڌي ڪلام جو بنيادي موضوع اگرچه مذهبي رهيو آهي، پر ”سنڌ دوستي“ وارو جذبو به سندس شاعريءَ جو مکيه محور رهيو آهي. پاڻ 1993ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس ڇڏيل اثاثو سنڌي ادب لاءِ بيحد ڪارائتو آهي. قمر صاحب ننڍا وڏا 33 ڪتاب تصنيف ڪيا، جن منجهان 18 نثر ۾ آهن ۽ 15 شاعريءَ تي مشتمل آهن. اُنهن مان 31 ڪتاب ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته ٻه اڻڇپيل آهن.

قمر صاحب پنهنجي ذات ۾ تمام گهڻن ادبي خوبين سان سينگاريل هو. هُن هي اِهائي وڏي علمي خدمت آهي جو پاڻ سنڌي ادب کي 33 ڪتاب ڏنائين. اِنهيءَ علمي خدمت جي حوالي سان سندس نالو هميشه روشن رهندو. قمر صاحب گهڻو ڪري ادب جي هر موضوع تي لکيو آهي، پر ”شاعري“ سندس سڃاڻپ جو بنيادي حوالو آهي. هينئر جڏهن پاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو، تڏهن سندس فڪر جي پڻ ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. شاباس آهي سنڌ جي سُڄاڻ تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب کي، جنهن سندس فڪري  پهلوءَ کي وڌيڪ عيان ڪرڻ لاءِ قمر صاحب جي ”چونڊ قومي شاعري“ جو انتخاب جوڙيو آهي، جنهن کي ”دردمنديءَ جو ديس“ جو نالو ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ”لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن لاکا آباد نوابشاهه“ طرفان، قمر صاحب جي ويجهي مائٽ ميان مير حسن لاکي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. اسي صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب،”سونهاري سنڌ“ جي نالي ارپيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر لاکي لکيو آهي، جيڪو شاعر جو عزيز به آهي؛ جڏهن ته شاعر جو مڪمل تعارف ’ڪٿا‘ جي عنوان سان پبلشر مير حسن لاکي شاعر جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو مڪمل احاطو شاعر جي ذاري زندگيءَ بابت ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. ”دردمنديءَ جو ديس“ ۾ قومي شاعري جو انتخاب ڏنل آهي. هن شاعريءَ ۾ سنڌ جي ساراهه سان گڏ ڌرتيءَ سان محبت جو درس به ڏنل آهي. حقيقت ۾ قمر صاحب جي هن شاعريءَ مان ”سنڌ جو پيغام“ نمايان ٿئي ٿو. اصل ۾ رحيم بخش قمر گهڻو ڪري مذهبي، اصلاحي ۽ عشقيه شاعري ڪئي آهي، پر سنڌ جي مجموعي حالات، شاندار تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کيس قومي شاعري ڪرڻ تي اُتساهيندي رهي. قمر صاحب حياتيءَ جي پوئين زماني ۾ وطني ۽ انقلابي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”سنڌ سڄي سُرهاڻ“ جي عنوان سان تيار ڪيو هو. ”دردمنديءَ جو ديس“ اُنهيءَ مجموعي مان چونڊ ڪري تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بيت وايون ۽ نظم آهن. حقيقت ۾ هن شعري  مجموعي ۾ سنڌ جي حقيقي تصوير پيش ڪئي وئي آهي. خود شاعر به هيئن چيو آهي ته:

”ملڪ ۾ مظلوم ماروئڙن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم، سماج ۾ موجود برايون، ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ مولوين جن ڏِنگايون ۽ ڏاڍ، ۽ پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي قلم کڻڻو ۽ لکڻو پوندو آهي.“ (ص21)

ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، قمر صاحب جي هـِن چونڊ جو پسمنظر هن ريت بيان ڪيو آهي:

”ائين هن ڪتاب ۾ آيل شاعري پڙهنداسين ته اسان کي گهڻو ڪجهه پلئه پئجي ويندو. چيدي نج نبار ۽ سادي سودي ٻولي، سنڌ جا سورهيه، سورما ۽ ماڻهو، ٻاگهيءَ کان وٺي شهيد سومرن جي سورهيائي، جملي سنڌ عشقيه ڪردار، سماج جا ناسور، قهر ۽ ڪلور، هتي موجود مسئلا ۽ تڪليفون. اُنهن جي پروپئگنڊا ۽ علاج، مذهبي مهندران، مولوين ۽ مُلن موراڻن جا چند سڪن تي غريبن سان ڪيل ناحق، سماجي تحفظ جي نالي ۾ قانون جو اجايو استعمال، قومي رهبرن ۽ چڱن جي رشوت، لاپي ۽ رسائيءَ ۾ دلچسپي توڙي ڏاڍ جو هٿيار ٿي هلڻ ۽ نئين نسل کي خراج تحسين پيش ڪندي. سنڌ جي پنجن هزارن سالن جي قومي تاريخ جي هلڪي ڦلڪي، جهلڪ، هن ڪتاب کي پڙهندي سامهون اچي ٿي. (ص22)

الحاج رحيم بخش قمر پنهنجي هــِن شاعريءَ وسيلي سنڌ جي سورن ۽ دردن جي درمان، سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ آهي ۽ اُن جي وارثن، ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون تيز آهن، تڏهن بنيادي طرح سان سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اُهي سنڌ جي تدارڪ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، عام جاڳرتا پيدا ڪن.

رحيم بخش قمر لاکي سنڌ جو قرض پنهنجي شاعريءَ وسيلي لاٿو آهي. بيشڪ هو سنڌ جو هڪ يگانو شاعر ۽ اهلِ قلم هو. سندس شاعري ۽ نثر سنڌ جي روشن مستقبل ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندا. ”دردمنديءَ جو ديس“ شاعريءَ جوهڪ اهڙو وڻندڙ مجموعو آهي، جيڪو هر محب وطن کي پڙهڻ گهرجي. جيئن پبلشر مير  حسن لاکي ڪٿا ۾ ذڪي ڪيو آهي ته قمر صاحب وطني ۽ قومي شاعري جو اصل دستخط  ”سنڌ سڄي سرهاڻ“ ميان بشير احمد هيسباڻيءَ وٽ محفوظ آهي. منهنجي گذارش آهي ته نوابشاهه جا علم دوست ۽ سنڌ سڄڻ ماڻهو گڏجي، مرحوم شاعر جي اُن اڻڇپيل ڪلام کي شايع ڪرائين، ته جيئن سنڌ جو اِهو ادبي ذخيرو محفوظ ٿي  وڃي.

ڊيمي سائيز، دلڪش سرورق، سفيد ڪاغذ، صفحا اسي، قيمت 50 رپيا، ناشر: لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن لاکا آباد، نوابشاهه.

 

_امام راشدي

 FORTS OF PAKISTAN

 

احسان نديم جو نالو تاريخ ۽ خاص ڪري قديم آثارن سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هاڻي نئون نه رهيو آهي. هونءَ ته پاڻ ڪافي عرصي  کان وٺي پاڪستان جي آثار قديمه جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪندو رهيو آهي، ليڪن رٽائرمينٽ کان پوءِ لاهور ۾ رهندي پاڻ پوري تندهيءَ ۽ محنت سان علمي ۽ تحقيقي ڪم ۾ مشغول رهندو اچي ٿو، انڪري گذريل ٿورن سالن ۾ هن جا ڳچ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن-ان ڏس ۾ احسان صاحب سنڌ کي به نه وساريو آهي. ”مڪلي“، ”ٿر“، ”موهن جو دڙو“ ۽ ”پورٽريٽ آف سنڌ“ نالي سندس انگريزي ڪتاب گهڻي اهميت رکن ٿا، جن ۾ لاڳاپيل تصويرن اُنهن جي افاديت ۾ واڌارو آندو آهي. احسان ايڇ. نديم جو تازو ڇپجي آيل ڪتاب "FORTS OF PAKISTAN" مٿئين سلسلي جي هڪ وڻندڙ ڪڙي آهي، جو عمدي آرٽ پيپر تي، واسطو رکندڙ رنگين فوٽو گرافڪس سان، پرڏيهه ۾ شايع ٿيندڙ معياري ڪتابن کان ڪنهن پر گهٽ نه آهي.

هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي ڪوٽن/قلعن جو طائرانه اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. هونءَ ته ڪتاب ۾ جملي ست حصا آهن، ليڪن پنجن حصن ۾ اصل عنوانن (متن) تي قلم کنيو ويو آهي. شروع ۾ ڪوٽڏجي، هڙاپا ۽ موئن (موهن) جي دڙي تي لکيو ويو آهي. اُن بعد گنڌارا دور جي قلعن جو احاطو ڪيو ويو آهي، جن ۾ چار قلعا نظر اچن ٿا. بعد ۾ هندو شاهيه دور جا ڪوٽ بحث هيٺ آندا ويا آهن. هن حصي ۾ آيل ٽن قلعن ۾ سنڌ جو هڪ قلعو به نظر نه ٿو اچي. بعد واري حصي ۾ ابتدائي مسلم دور جو احاطو ڪيو ويو آهي. اُن ۾ ڪل ڇهه ڪوٽ آهن، جي سڀ سنڌ سان واسطو رکن ٿا. ان ڏس ۾ ديبل، سيوهڻ، منصوره، الور ( اروڙ) ملتان ۽ بکر جا قلعا شامل ڪيا ويا آهن. آخري حصي ۾ مسلم دور جو مطالعو پيش ڪيوويو آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪل ويهه عدد ننڍا وڏا ڪوٽ/قلعا اڀياس هيٺ آندا ويا آهن. هن حصي ۾ سنڌ جي قلعن کي مناسب جاءِ ملي آهي. عمر ڪوٽ جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو، حيدرآباد جو ڪچو قلعو، ڪلانڪوٽ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو ڪچو ڪوٽ، ڪوٽڏجي، نئون ڪوٽ وارو قلعو ۽ رني ڪوٽ نهايت عمدي طريقي سان مطالعي هيٺ آندا ويا آهن. ان ريت هن ڪتاب ۾ ڪل ڇٽيهه عدد تعميرات شامل ڪيا ويا آهن. آخر ۾ ببليوگرافي به ڏنل آهي.

”پاڪستان جا قلعا“ نالي هي ڪتاب مختصر مگر جامع مطالعي تي مبني آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد اڀياس آهي. هر ڪوٽ جو مختصر ذڪر مگر مناسبت سان اُنهن ۾ تصويرون ۽ نقشا به ڏنل آهن. جيئن ته فاضل مصنف جو تعلق پاڪستان آرڪيالاجي سان رهيو آهي، انڪري قلعن ۽ ڪوٽن جو مشاهدو. ۽ مطالعو هڪ ماهر آثار قديمه طورڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي شهر کي حيدر قلي ارغون ڏي منسوب ڪيو ويو آهي، جا ڳالهه انڪري درست ڪانهي، جو پڪين تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ حيدرآباد جو شهر توڙي پڪو قلعو مشهور حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ذوق تعميرات جي پختي ثابتي آهي. رني ڪوٽ ۽ ڪوٽڏجيءَ  جي قلعن کي ٽالپر اميرن جي تعميرات ۽ مورخن وٽ بجا طور تي الڳ الڳ رايا موجود آهن. ان کان سواءِ جن قلعن کي ابتدائي مسلم دور جو سڏيو ويو آهي، اُهي وڏيءَ حد تائين محمد بن قاسم جي اچڻ وقت سنڌ ۾ موجود هئا. ديبل، سيوهڻ، اروڙ ۽ ملتان جي قلعن کي اسلامي دور کان اڳ جا تعميراتي ڪارناما شمار ڪرڻ کپندو هو.

مجموعي طرح سان ”فورٽس آف پاڪستان“، موضوع سان دلچسپي رکندڙ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو ۽ خاص ڪري ’سياحت‘ جي حوالي سان هڪ سير حاصل گائيڊ بوڪ (رهبر) جي سمورين گهرجن جو پورائتو ڪري ٿو. تصويرن، نقشن ۽ چارٽن سان هي دلاويز ڪتاب تازو لاهور مان سنگ ميل پبليڪيشن شايع ڪيو آهي، جو سنڌ ۽ پاڪستان جي قديم تاريخ ۽ اڏاوتي تعميرات جي اڀياس ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

_ن. ا. ش

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com