سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :16

ڀارتي اديبن جي سنڌي ادبي بورڊ ۾ آڌرڀاءُ

 

”شاهه سچل سامي عالمي امن ڪانفرنس“ (ڪراچي 18-20 ڊسمبر 2004ع) ۾ شريڪ ٽيهارو ڄڻن وارو ڀارتي سنڌي اديبن جو وفد 21 ڊسمبر تي لوڪ سڀا جي اڳوڻي ميمبر ۽ نامياري دانشور شريمان سريش ڪيسواڻيءَ جي سربراهيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پهتو. بورڊ جي سيڪريٽري سائين انعام الله شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ بورڊ جي ڪارڪنن هـِند مان ڪهي آيل مانائتن مهمانن جو وڏي پاٻوهه سان آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي مهمانن سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ رکيل قلمي نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن جو معائنو ڪيو ۽ بورڊ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ کان وٺي بهتر انتظامي ماحول تي سرهائيءَ جو اظهار ڪري بورڊ پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي.

مرحبائي تقرير ۾ بورڊ جي سيڪريٽري سائين انعام شيخ چيو ته: ”سنڌي ماڻهن وٽ پنهنجي ثقافت جي خاص سڃاڻپ آهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به ٻي قوم يا خطي کي حاصل نه آهي…وڏي تعداد ۾ ڀارتي سنڌي اديبن جو هتي اچڻ جو هيءُ پهريون موقعو ضرور آهي، پر آخري قطعي ناهي…اسان کي مايوس ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. رابطن جي بحاليءَ سان اسان جي ثقافت ۽ ادب کي هٿي ملڻ سان گڏ اسان جو مستقبل به محفوظ ٿي ويندو…اڄ سڄيءَ دنيا ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، پر اُنهن ۾ ڪٿي به سنڌي دهشتگرد نه ملندو. سنڌي هميشه امن پسند ۽ روشن سوچ جا مالڪ رهيا آهن ۽ اُنهن هميشه ناانصافيءَ تي احتجاج ۽ مزاحمت پئي ڪئي آهي.“

جناب رسول بخش پليجي چيو ته: ”آءٌ پنهنجي ’گهرڀاتين‘ کي پنهنجي گهر اچڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو. اسان جي اچ وڃ جو جيڪو رستو هينئر کوليو ويو آهي، اُهو ڊگهو مرحلو آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان جي گڏجڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي، ته حڪمرانن ههڙو موقعو ميسر ڪري اسان تي ڪو ٿورو ڪيو آهي. اچڻ وڃڻ سان ميٺ محبت وڌندي، سرحدون کلنديون، ماڻهو گڏجندا ۽ ائين هڪ بري خواب جو خاتمو ايندو.“ جناب محمد ابراهيم جويي چيو ته: ”هي تبديليءَ جو دَور آهي. رڳو هن خطي ۾ نه بلڪه پوريءَ دنيا ۾ تبديلي اچي پئي ۽ نتيجي ۾ اڄ اوهان ڏسو ٿا ته اسان جا هي مانوارا مهمان اسان سان گڏ ويٺا آهن. جيڪو  اڳ خواب بڻيل هو، سو اڄ حقيقت بڻجي پيو آهي“ جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته: ”سنڌ ۾ اڳ جيسلمير جوڌپور جي پٽي شامل هئي، جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي ۽ اڄ به اُتي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. اُتان جو  ۽ هـِتان جو ڪلچر به ساڳيو آهي. سرحد کُلڻ سان سنڌي ٻولي ۽ ثقافت وڌيڪ ترقي ڪندي، اسان جا فاصلا ختم ٿيندا ۽ اسان جي فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن سميت پوري ادب ۽ ٻوليءَ کي هٿي ملندي.“ سائين امداد حسينيءَ چيو ته: ”دُورين جو خاتمو خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسين هڪ ئي ماءُ جا جاڙا ٻار آهيون، جن جون اُمنگون ساڳيون آهن.“

آخر ۾ سنڌي اڪئڊميءَ جي وائيس چيئرمن ۽ وفد جي اڳواڻ سائين سريش ڪيسواڻيءَ چيو ته: ”سنڌ اچي پنهنجا اباڻا پڊ ڏسڻ تي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي. هتي سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ڪم بابت معلوم ڪري فخر ٿيڻ لڳو آهي. سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا محدود وسلين جي باوجود جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادارا اسان جي آڏو هڪ مثال آهن.“ سائين سريش وڌيڪ چيو ته: ڳالهه پڪي طرح محسوس ٿئي ٿي آهي ته اسان سنڌين جو مستقبل روشن آهي. اسان جا اڌ صديءَ جا  رابطا هاڻي بحال ٿيا آهن ۽ گڏجي رهيا آهيون. اسان کي پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. ٽڙيل پکڙيل  سنڌين کي ويجهو ڪرڻو پوندو. جيئن سڀئي گڏجي پنهنجو روشن آئيندو ٺاهيون.“

تقريب کي جناب لڇمڻ ڪومل، شري ارجن حاسد، رينو عيدناڻي ۽ شريڪانت صدف سميت ٻين معزز اديبن ۽ اديبائن پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ معزز مهمانن کي بورڊ پاران پوتيون ۽اجرڪون سوکڙيءَ طور ڏنيون ويون، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو، بورڊ جا رسالا ۽ ڪئلينڊر سيٽ تحفي طور پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر انعام الله شيخ، سمورن ڪارڪنن ۽ ڪجهه مقامي اديبن، شاعرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

[مهمانن جا نالا: شري سريش ڪيسواڻي، لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ارجن حاسد، ڪرشن راهي، مايا راهي، هيرو شيوڪاڻي، جمهون ڇڳاڻي، پروفيسر چندر ڏاسواڻي، سُندر اگناڻي، نند جويري، جڳديش لڇاڻي، گوبند خوشحالاڻي، واسديو موهي، رشمي راماڻي، ومي سدارنگاڻي، گهنشام گيهاڻي، شريڪانت ڀاٽيا، شريڪانت صدف، رينو عيدناڻي، اُمالالا، سُديش سچديو، موتي گرناڻي، دُشينتڪمار آهوجا، سڀيتا ڀاٽيا، رميش ايس. لال. ۽ مينديءَ رتا.]

_دين محمد ڪلهوڙو


پڙهندڙن جا خَطَ

 

[1] مهراڻ سرءُ 2004ع منهنجي سامهون آهي. هن پرچي جي سڄي مواد تي ويهي لکڻ ته ممڪن ڪونهي، جو مهراڻ ۾ مواد ئي ايترو ٿو ڇپجي جوهڪ هڪ ليک يا نظم تي ويهي لکجي ۽ اُن جو ڇيد ڪجي ته هوند مهراڻ رسالي کان به وڏو ڪتاب جُڙي ويندو، انڪري جيڪي ڳالهيون وڻيون يا جن ڪجهه جنجهوڙيو اٿم، اُنهن  لاءِ ئي ڪجهه لفظ لکان. بدر قريشيءَ جو هڪڙو نظم هو ته:

اسان جڏهين ڀي لکيا،

لفظ جاڳي پيا.

مان هروڀرو پنهنجي لکڻيءَ لاءِ اهڙي هام نه ٿو هڻان، پر ڪجهه چوڻ جي جرئت ٿو ڪريان. اوهان هن پرچي ۾ سائين جمال ابڙي کي ياد ڪندي هن جي زندگيءَ بابت اٺن اديبن ۽ شاعرن کان لکرايو آهي، جيڪي منهنجي لاءِ مڙئي محترم آهن. جمال ابڙو اُن کان به وڌ لهڻي، تنهن هوندي به هي به ڪي ٿورا نه آهن. پر هڪ ٻي ڳالهه چوندو هلان ته شيخ اياز جي ورسيءَ جو مهينو ه سرءُ جي پرچي حوالي سان آهي، يعني 27 ڊسمبر، پر اُن تي مهراڻ ۾ ڪا خاص سانڍڻ جهڙي لکڻي ڪا نه آهي، سواءِ امداد حسينيءَ جي مضمون ”لفظ نه آهن کيڏوڻا…!“ جي حقيقت ۾ اِهو مضمون اسحاق سميجي  جي سهيڙيل ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ تي آڌاريل آهي، سو به خاص ڪري اُن جي مهاڳ تي، جنهن لاءِ امداد حسيني لکي ٿو ته: ”مان نه ٿو چوان ته شاعريءَ تي ڳالهائڻ/لکڻ مهل ڪو احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي،  پر مان ائين ٿو چوان ته ان ڏس ۾ اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي.“ واقعي اديب، شاعر، ڏاهي ۽ سياسي مدبر کي سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ  گهرجي، جنهن جي اسان وٽ ڏاڍي کوٽ آهي. مون کي شير محمد مريءَ جو چيل هڪڙو جملو ياد ٿو اچي: ”اسان وٽ سڀ رولو آهن-اديب، شاعر، دانشور، ۽ سياستدان.“ (هي جملو جيئن جو تيئن نه آهي، يادگيريءَ مان ٿو لکان. اهو انٽرويو ماهوار ”سهڻي“ ۾ ڇپيو هو). پر سچ ڪڏهن چئجي؟ اُن جو هونئن ته ڪو وقت مقرر ٿيل نه آهي.

امداد حسيني به سچ لکڻ ۽ چوڻ تي آماده ٿيو آهي، ڏاڍو سٺو چوندا آهن: ”ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه چئبي ڀُلي.“ مان امداد حسينيءَ کي ڄاڻان ٿو ورهين کان، هو به مون کي سڃاڻي ورهين کان. مان سندس بيحد احترام ڪندو آهيان، جوڳو مانُ ڏيندو آهيان. اها کيس به پروڙ آهي، پر هن مضمون لاءِ مان کانئس صرف ايترو پڇڻ جي نماڻي جرئت ڪندس ته ”سائين! ’گيڙو ويس غزل‘ ۾ آيل شيخ اياز جا سمورا غزل ۽ اُن جي باري ۾ سمورن ليکڪن جا رايا ۽ اُنهن جا باري ۾ چيل سندس ئي خيال، اڳ ۾ لکيل، ڇپيل ۽ ڪتابي صورتن ۾ موجود آهن. اسحاق سميجي رڳو اُهي ٽڪرا ڪوري، هڪ جاءِ ڪري، هڪ ڪتاب ۾ اوهان کي اِها خبر پيئي آهي. ڇا اُن کان اڳ ۾ اوهان کي اها خبر نه پيئي هئي؟ جيڪڏهن اوهان کي اِها  خبر اُن ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ پيئي آهي ته اوهان جي ڄاڻ لاءِ ڇا چئجي؟ پر جيڪڏهن اوهان کي اهڙو پروڙاڳ ۾ ئي هئي ته پوءِ واقعي شيخ اياز بحيثيت شاعر ۽ اوهان جي همعصر جي تنقيد کان بنهه بالاتر ناهي، پر اوهين سنڌ جي نوجوانن کي تڏهن ئي-يعني شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ ئي-اهڙو سچ چئي ڏيو ها، پوءِ ڊنگ ڊهي ته ڊهي، ککر ۾ کڙو لڳي ته لڳي. پر هاڻ جڏهن شيخ اياز کي هي ڏيهه ڇڏئي ست سال گذري ويا آهن، هاڻي ته ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي. هونئن شيخ اياز جي اِها عادت ئي ڪا نه هوندي هئي ته ڪنهن تنقيد جو جواب ڏئي.

مون کي اها به پروڙ آهي ته امداد حسينيءَ جو شعري مجموعو سحر امداد سهيڙي، شيخ اياز کي مهاڳ لکڻ لاءِ ڏنو هو. بيحد مصروفيتن ۽ بيماريءَ جي ڪري شيخ اياز اُن جو مهاڳ لکي نه سگهيو هو، جنهن جو مان به شاهد آهيان ۽ هڪ ڀيري ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ سحر امداد به اِن ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو. پوءِ اهڙي شاعر کان امداد حسينيءَ جي شاعريءَ تي مهاڳ لکرائڻ جي ڪهڙي معنيٰ هئي؟

لڳيم ٿو ته ڳالهه ٿي ويئي آهي. ايڏو ڊگهو خط نه لکڻ گهرجي ها، پر ڇا ڪريان، من جي اُڌمن کي ڇا ڪجي. مان هروڀرو شيخ اياز جي وڪالت به ڪرڻ نه ٿو گهران. دنيا ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سَو سيڪڙو مڪمل هوندا آهن. هر ڪنهن ۾ ڪي نه ڪي خاميون هونديون آهن. شيخ اياز ۾ ڪي خاميون هيون، پر اُهي هن کان ڪوئي به ڇڏائي نه سگهيو، هاڻ ته بنهه دير ٿي چڪي آهي.

هڪ ٻي ڳالهه آهي جيڪا پڻ ڄاڻ ۾ آڻڻ ٿو چاهيان. مهراڻ جي شروعات ۾ مُک صفحي جي اندرئين پاسي شاهه لطيف جي بيتن کان پوءِ ”وکر سوهاءِ“ ۾ جيڪا ترتيب ڏني ويئي آهي، اُها پڻ عجيب لڳي اٿم ته شاهه عبدالڪريم کان پوءِ پير علي گوهر شاهه اصغر ۽ مصري شاهه، سيد حافظ شاهه ٽکڙائيءَ کان پوءِ هڪدم ’نياز‘ همايوني، ابراهيم منشي ۽ محمد خان مجيديءَ تي اچي دنگ ٿيو آهي. جڏهن ته اُنهن کان اڳ ۾ نه ڄاڻ ڪيترن ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن جا نالا اچن ٿا؛ اُنهن کي ڪهڙيءَ مجبوريءَ جي ڪري ترتيب ۾ نه آندو ويو آهي. ڇا خواجه محمد زمان، فقير عبدالرحيم گرهوڙي، خليفو نبي بخش ۽ ٻيا به ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي به اُن ترتيب م اچي سگهن ٿا، يا وري مون کي پروڙ نه هجي اُهي ايندڙ رسالن ۾ ڏيڻ جي لاءِ رٿيو ويو هجي.

آخر ۾ اِهوئي چوندس ته مهراڻ مُند ۾ موجزن رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهي. صحت سڌرندي رهي، اهوئي اسان جو شان سڏبو. آخر ۾ شيخ اياز هڪ غزل جو شعر:

ٿي ڪيا اڄ شفق ڦول اُن ۾ ڦـِٽا،

ڪا نه جهولي ڀري مڱڻهار جي!

آس اٿم ته سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ مهراڻ ايترا ادب جا گل اُڇلائي جو اُها جهولي نه صرف ڀرجي وڃي، پر اُن مان گل هارجي پون. سموري سٿ لاءِ نيڪ تمنائون.

ستار

[ڪراچي، سنڌ]

[مهراڻ سرءُ 2004ع ۾ اوائلي ڪلاسيڪل دَور جا شاعر قاضي قادن، مخدوم نوح سرور ۽ شاهه عبدالڪريم ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ نيم شاعر ڏنا ويا آهن. هي ڀيري مهراڻ ۾ مختلف دَورن جي مختلف شاعرن جو ڪلام ڏينداسين.

جمال ابڙو ۽ شيخ اياز اتهاس ۾ وڏا نالا آهن. ضروري ناهي ته فقط سندن ورسين تي ئي لکڻيون ڏنيون وڃن. هونئن به مهراڻ سيارو [آڪٽوبر-ڊسمبر] 2004ع ۾ اياز تي ادل سومري جو ليک ڇپيل آهي. شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، جنهن جو ڪجهه ذڪر ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“  ۾ ڪيل آهي. خود توهان، سندس ترائيل ۾ (پوءِ اُهو اياز جي چوڻ تي يا پنهنجي دليان لکيو آهي!) پهرين ٻن سٽن نه ورجائڻ بابت جيڪي ڪجهه لکيو ويو هو، اُن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. يا جيئن تاج جويي اندروني قافين جي ابتدا به شيخ اياز کان ڳڻي آهي، جڏهن ته شيخ اياز به ان ڏس ۾ پهريون لطيف سائينءَ جي سـِٽ:

مٺيس جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه مَ ڪرهو

جو مثال ڏنو آهي- پر اهو اندروني قافين جوڳڻ-سڳڻ سنڌي ٻوليءَ جو ڳڻ-سڳڻ آهي. تاج جويي پاڻ به اها ڳالهه مڃي آهي.

آخر ۾ عرض ته ’اختلاف راءِ‘ کي ’مخالفت‘ نه سمجهڻ گهرجي. [ا-ح]

*          *        *       *        *

[2]  

سائين ارشاد قاضيءَ هٿان موڪيل ”مهراڻ“ [اونهارو 2004] پهتو. اُن لاءِ اوهان ۽ ارشاد صاحب جي مهرباني. اوهان جا اِهي ٿورا لاهي نه سگهبا. رسالي جو نئون انداز تمام گهڻو پسند آيو. رسالي ۾ اِها تبديلي ضروري به هئي. ڪور تي رنگن جو امتزاج سٺو هو، اگر رنگ ٿورا ڊارڪ هجن ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. پر مان سمجهان ٿو ته fall جي حساب سان رنگ صحيح آهن. رسالي ۾ شاعريءَ وارو حصو تمام جاندار هو. امداد صاحب ۽ ٻين شاعرن جا غزل سٺا لڳا. اڳين اساسي شاعرن جي ڪلام مان اوهان ڪجهه پيش ڪري رهيا آهيو، جا تمام ضروري ڳالهه آهي. اسان کي پنهنجن وڏن کي وسارڻ نه کپي. اميد ته هر پرچي ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام ڏيندا رهندا جو اِهو اهم سلسلو آهي. ڪهاڻين وارو حصو به سگهارو هو. محترم حميد سنڌيءَ جو ليک ”ڪرشماتي سفر“ پسند آيو. اهڙي وڻندڙ لکڻيءَ تي کيس مبارڪ باد ڏيندا. اميد ته اُن سفر جا باقي حصا به پڙهڻ لاءِ ملي ويندا.خطن وارو سلسلو به جاري رکندا، جو ان سان پڙهڻ وارن جا رايا سامهون اچن ٿا ۽ ڪي نيون تجويزون پڻ سامهون اچن ٿيون. منهنجي ”سنڌي لغت“ واري مضمون (2 قسطن ۾) شايع ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني. اوهان اُن ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون آهن، جيڪي مناسب ۽ صحيح آهن.

محترم امداد حسينيءَ کي ”نارائڻ شيام گولڊ ميڊل ايوارڊ“، هندستان ۾ مليو. کين ايڏي وڏي اهم اعزاز تي مبارڪ باد ڏيندا. ڪالهه انٽر نيٽ تي اِها خبر پڙهيم. پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. کين جدا خط ۾ به مبارڪ باد لکي اٿم.

هري درياني ”دلگير“ جي وفات تي ڏک رسيو. آنجهاني پختو شاعر هو ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو ادب جي خدمت ڪندي گذاريائين. اوهان دلگير جي تصوير به ڏني آهي ۽ اُن جي هيٺيان نارائڻ شيام جو شعر به ڏنو آهي، جو مون کي گهڻو پسند آيو:

آهي شعر ’اياز‘ جو، اوجل پونم رات،

۽ ڪَوِتا ’دلگير‘ جي، رنگ رتي پرڀات.

مٿئين شعر پڙهڻ سان ساڳيءَ طرز ۾ هڪ ٻه دوها منهنجي ذهن ۾ اچي ويا:

جئن آ شعر اياز جو، چنڊ چوڏهينءَ رات،

تئن ڪوتا امداد جي، پڙهه ڦُٽي پرڀات.

 

جئن آ شعر ’اياز‘ جو، اندر جو آواز،

تئن آگيت ’امداد‘ جو، مڌر ڪوئي ساز.

اُميد آهي ته اِهي ڦڪا دوها اوهان کي پسند ايندا. ادا! اِنهن تي کلجو نه! مڙئي ٻه ٽي اکر گڏي سڏي کڻي بيت ٻڌا اٿم.

ادا! اوهان کي ”قاضي قادن“ متعلق منهنجو مقالو ملي ويو هوندو. اگر پسند نه اچي ته لکي موڪليندا، ته ٻيهر سڌاري موڪليان. ڪجهه اصلاح جي شايد ضرورت اٿس. اگر ڪي غلطيون نظر اچن ته اُنهن کي مناسب طرح درست ڪندا. مقالو ڪجهه وڏو آهي، شايد ٻه قسطون ڪرڻيون پون. طويل مقالي لکڻ لاءِ معذرت ٿوگهران. مون ڪوشش ڪري ماخذن جا نالا لکيا آهن، پر اُن جي باوجود اگر اوهان کي ماخذ گهرجن ته فوٽو ڪاپي ڪرائي موڪلي سگهان ٿو. مقالو برابر تنقيدي آهي، پر مون وڏي جي احترام کي هٿن مان مُور نه ڇڏيو آهي. اسان جا وڏا اسان جي لاءِ روشن ڪرڻا آهن، جن جي جوت ۾ ئي اسين هن منزل تي پهتا آهيون. منهنجي دل ۾ هميشه وڏن جي لاءِ خاص عزت قائم آهي ۽ سدائين رهندي اِهو مقالو هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:

(الف) عام تعارف

(ب) قاضي قادن جي بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ

(ج) دادو ديال وارن ماخذن ۾ بيتن جو جائزو

(د) شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ قاضي قادن جا بيت. اوهان هن مقالي کي پڙهي منهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا ۽ اگر اُن کي اڃا به بهتر ڪري لکي سگهجي ته تجويزن کان آگاهه ڪندا ته آءٌ اُن جي روشنيءَ ۾ لکي ڏياري موڪليندس. پڄاڻيءَ جي ضرورت  هجي ته ٻڌائيندا اُها به لکي موڪليندس. منهنجي خيال ۾ هن مقالي کي اڃا بهتر بنائي سگهجي ها، پر مون کي جن ماخذن جي ضرورت هئي سي ملي نه سگهيا. اُهي گهڻو ڪري برٽش لائبريري (لنڊن) ۾ آهن، جتان اُنهن کي حاصل ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي. بهرحال، جيڪي ڪجهه ملي سگهيو، اُن جي آڌار تي مقالو تيار ڪيو اٿم.

[قلم تازو]

اوهان  جا ٻه E-Mail مليا، احوال  معلوم ٿيو. اوهان جا وڏا قرب ۽ لائق جواوهان اول ”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“ مقالو شايع ڪيو، ۽ ان کان پوءِ ”لغت“ بابت مقالو ٻن قسطن ۾. اوهان جا اِهي قرب نه وسرندا.

شاهه جي جامع رسالي [ڀاڱوپهريون] تي اڀياس ڀلي ڪڏهن به شايع ڪريو. اگر اوهان سمجهو ته اُن جي شايع ڪرڻ سان ڪو ناراض ٿيندو ته پوءِ پليز! اُن کي شايع نه ڪجو. اسان به پنهجن ڪن وڏن کي ناراض ڪرڻ نٿا چاهيون. منهنجو ڪوبه ارادو ڪونهي ته پنهنجن بزرگن تي ڪا تنقيد ڪريان، جنهن سان کين رنج رسي. اُنهن بزرگن سنڌي ادب لاءِ تمام وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، جيڪا عالم آشڪار آهي. خداوند ڪندو ته اُهي بزرگ سنڌي ادب جي اڃا به وڌيڪ خدمت ڪندا رهندا. خدا کين عمر دراز عطا فرمائي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عزت ۽ مانُ آهي. هن صاحب سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، جيڪو تحقيقي ادب ۾ مثالي درجو رکي ٿو.

اوهان جارج اسٽئڪ، بئروايلس ۽ ٻين جي فوٽن جي گُهر ڪئي آهي. ڪافي وقت اڳ جڏهن مان سنڌي لغت تي ڪم ڪري رهيو هئس ته مون ڪوشش ڪئي هئي ته اُنهن برٽش آفيسرن/عالمن جا فوٽا ۽ سندن زندگيءَ جو احوال لکي اوهان ڏانهن اُن مضمون سان گڏ موڪلي ڏيان، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود اُهي ملي نه سگهيا. هاڻ اُنهن لاءِ ماڻهو جڏهن انگلنڊ وڃي ۽ پوءِ اُتي جي اسڪولن يا ڪاليجن مان پڇا ڪري ته پوءِ شايد ڪجهه ٿي سگهي ٿو. مان يقيناً اوهان کان شرمندو آهيان جو اوهان جو اِهو عملي ڪم ڪري نه سگهيس. اِهي فوٽا ملڻ تمام گهڻو اؤکم ڪم آهي، جنهن لاءِ اُتي وڃڻو پوندو. ڪڏهن موقعو مليو ۽ لنڊن وڃڻ ٿيو ته مان ضرور ڪوشش ڪندس. اوهان دلجاءِ ڪندا. مون هن ويڪ اينڊ هتي جي لئبرريءَ ۾ ڪجهه ريسرچ ڪئي ۽ اُنهن برٽش آفيسرن جون ڪجهه مختصر سوانح عمريون ملي سگهيون آهن، جيڪي موڪلي رهيو آهيان. (بي. ايڇ. ايلس، سر جارج اسٽئڪ، جارج شرٽ، ايڇ. ٽي. سورلي) فوٽو ڪاپين جي مٿان ماخذ به لکيا اٿم. اُميد آهي اِهي پُرزا ڪنهن ڪم جا ثابت ٿيندا.

ڊاڪٽر سورلي متعلق گهڻومواد ملي نه سگهيو. اُن جو وڏو سبب اِهو آهي جو رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊاڪٽر سورلي ڏکڻ آفريڪا جي شهر ”جاهنسبرگ“ وڃي رهيو ۽ اُتي ئي سال 1969ع ۾ وفات ڪيائين. ڪوشش ڪندس ته ”لنڊن ٽائيمس“ جي انڊيڪس ڏسان، متان اُتان ڪا خبر پئجي وڃي.

يقيناً اوهان سان شرمندو آهيان جو اوهان جي گهڻي مدد ڪري نه سگهيس. بهرحال ڪوشش جاري رکبي جيڪو ڪجهه مواد ملي سگهيو، سو پيش ڪبو.

ناسف علي شيراز

[آمريڪا]

*       *        *        *         *

[3] مهراڻ جو تازو شمارو سيارو 2004ع خريد ڪري مطالعو ڪيم. رسالي جو گيٽ اپ ۽ سٽاءُ حسب دستور دلڪش آهي. سڀ ساهت، کان پهرين ايڊيٽوريل ”سوچ لوچ“  پڙهيم جنهن ۾ ادب، ساهت، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ۽ سندن تخليق جي مفيد ۽ اعليٰ هئڻ لاءِ پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏنل آهن ۽ هن شماري ۾ شايع ٿيل ڪجهه خطن ۽ ليکڪن تي به پنهنجي راءِ ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي جياپي ۽ مستقبل لاءِ سٺو بحث ڏنل آهي. اهڙو تنقيدي سلسلو جاري رهڻ کپي، جيڪونئين نسل جي اديبن ۽ شاعرن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

”وکر سو وهاءِ“ ۾ سداحيات مگر رفتگان شاعرن جو ڏنل وکر ڪڏهن به ”پئي پراڻو“ نه ٿيندو. تحقيق واري حصي ۾ ناسف علي شيراز صاحب جو ”شاهه جي رسالي“ جي معياري متن جو تحقيقي جائزو بهترين آهي. شاهه ڀٽائيءَ جو ڪلام ته علم جو هڪ گهرو سمنڊ آهي جنهن ۾ ڪيترائي غواص ٽٻيون هڻي معرفت ۽ معنيٰ جا موتي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل هوندا آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو ”شاعر جو شعور“ تمام سٺو مضمون آهي، جنهن ۾ خاص نڪتا ملن ٿا، ادل سومري صاحب جو ”شيخ اياز، سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيندڙ شاعر“ مضمون به وڻيو. محمد نامدار خان بنوائيءَ جو ”سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمراني“ تاريخ جي شاگردن ۽ محققن لاءِ سٺي ڄاڻ آهي. هاڻي اچون ٿا ڪهاڻين ۽ ليکن تي. پهرين منفرد مقصدي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ محبت ۽ فرض ڏيکاريندي ثابت ڪيو ويو آهي ته فرض جي سامهون محبت کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، بلڪ محبت قربان به ڪري سگهجي ٿي. رفيق سومري جو افسانو ”رات جو سفر“، ولي رام ولڀ جو ترجمو ڪيل ”بهار آيو“، عذرا مغل جي ”اڻ پوري سپني جي آکاڻي“ ۽ ڪي. ڊي سومري جي ڪهاڻي ”آخري خواهش“ به سٺيون آهن. عبيد راشدي جو طنزيه ”استري استري“ بهترين هو. برابر! ڪن اِسترين جا ساڙيل ۽ ڏنل داغ ۽ نشان دنيا جوڪو به رفوگر جوڙي نٿو سگهي، ڇو ته اُهي اِستريون دل، ڦڦڙ، جيرا جگر سڀ جلايون خاڪ ڪريو ڇڏين! عنايت الله عباسي جي آتم ڪهاڻي ”رمز رانجهن  جي نت نت نياري“ سندس انفرادي زندگيءَ جو حال احوال، واقعن ۽ تجربن جي دلچسپ ڪهاڻي. انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ عجيب واقعا پيش اچن ٿا. هر ماڻهوءَ جي حياتي ۽ تجربن جو احوال ٻئي ماڻهو کان مختلف هوندو آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي آتم ڪٿا پڙهڻ سان نه صرف اُن ماڻهوءَ جي پنهنجي زندگيءَ ۾ جدوجهد بعد معلوم ٿئي ٿو، جيڪو نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز هوندو آهي. توهان کي ٻڌايوهئم ته مون به پنهنجي آتم ڪهاڻي ”دنيا…هيءَ منهنجي دنيا“ جي عنوان سان لکي آهي. اُن مان عام پڙهندڙن جي دلچسپيءَ مطابق هڪ ٽڪرو موڪلي رهيو آهيان. موزون سمجهو ته مهراڻ ۾ شايع ڪندا.

شاعريءَ واري حصي ۾ مختلف شاعرن جي شعر و شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر هڪ تي راءِ سان هي خط طويل ٿي ويندو.

هن شماري ۾ عمراڻي صاحب جو ”آڳاٽو سنڌي ادب“،مولانا گرامي صاحب بابت امر سنڌوءَ جو ليک، حميد سنڌيءَ جو ”دهلي داستان“ ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ”ماڻهو مڻيادار“ تمام سٺا ۽معلوماتي مضمون آهن.

”پڙهندڙن جا خط“ ۾ ڪي خط ته ادبي شهپارا آهن. اهڙن سٺن ادبي ۽ تنقيدي خطن ۾ حميد شهيد هالائي، انجم بتول صاحبه، سحر امداد صاحبه، محمد علي ڏيپلائي ۽ گل محمد عمراڻي جا خط ادبي شهپارن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. هن شماري ۾ منهنجو طويل خط شايع ڪرڻ لاءِ ٿورائتو آهيان.

جوکيو رحيم خان جرس

[مڪلي، ٺٽو-سنڌ]

*      *      *       *      *

[4] ”مهراڻ“ (سيارو 2004ع) مطالعي مان گذريو. ٽائيٽل جي خوبصورتيءَ سان گڏ مواد بيحد موهي وڌو، ڇو جو معياري مواد ذهني وسعت پيدا ڪندو آهي. سوچ-لوچ (ايڊيٽوريل) مون کي مثبت سوچن ڏانهن راغب ڪيو آهي. سوچ-لوچ هڪ مڪمل مضمون طور سامهون آيو آهي، جنهن منهنجي ڪافي رهنمائي ڪئي آهي. واقعي ليکڪ جون ذميواريون تمام گهڻيون آهن ۽ اُنهن ذميوارين کي پورو ڪرڻ تمام ضروري آهي. ’مهراڻ‘ جي گذريل ٽن چئن پرچن مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿيو آهيان. مان سمجهان ٿو ته اهڙيون تعميري لکڻيون آڏا اچڻ بيحد ضروري آهن، جيڪي مثبت سوچن ڏانهن مائل ڪن.

اڳ منهنجو لکڻ تڙ تڪڙ ۾ ٿي ويندو هو، پر هاڻ هر شيءِ تي پورو ڌيان ڏيڻ سکي ويو آهيان، ته لکڻ ۾ بيحد مزو اچي رهيو آهي. سائين امداد جي لکڻين خاص ڌيان ڇڪايو آهي. ’هوا جي سامهون‘ ٻيهر ڌيان سان پڙهڻ کان پوءِ شاعريءَ کي وڌيڪ سمجهڻ لڳو آهيان.

’مهراڻ‘ ۾ شاعريءَ کي مون وري وري پڙهيو آهي. جديد شاعريءَ سان گڏ ڪلاسيڪل شاعري پڙهڻ لاءِ رغبت پيدا ٿي آهي. بيشڪ، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت آهي.

هن پرچي جي شاعرن ۾ شبير هاتف، محسن ڪڪڙائي، طارق عالم ۽ اسحاق سميجي جا غزل ۽ پشپا ولڀ، سحر امداد، مارو جمالي ۽عطيه دائود جا نظم وڻيا ۽ امداد حسينيءَ جون وايون ۽ بيت ڇندوديا جو انوکو مثال آهن. خاص ڪري واين جي ٽيڪنڪ دل کي ڇُهندڙ ۽ جديد محسوس ٿي.

ابرار ابڙو

[ڳيريلو]

*      *      *      *     *

[5]گذريل سال عيد الفطر جي موقعي تي اوهان جي محبت ڀرئي ساٿ ۾ ادبي سنگت هالا طرفان مشاعري جي محفل رچائي وئي هئي. اُن پروگرام ۾ اوهان ۽ سائين شبير هاتف جن جو اچڻ اسان جي کوڙ سارن دوستن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻيو. اُن محفل جا ڪجهه فوٽا ٽماهي مهراڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.

مخمور بخاري

[هالا نوان]

[6] ٽماهي مهراڻ جو پرچو هٿن ۾ آهي. تمام خوبصورت ٽائيٽل، سمورو مواد پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

توهان مهراڻ تي جيڪا محنت ڪئي آهي، سا ساراهه جوڳي آهي. انهيءَ لئه توهان جس لهڻو. اسان نون پانڌيئڙن جي دل جي تمنا به اِها آهي ته اسان جي ٻولي ۽ ادب سان اهڙيءَ طرح سان ڪو ڏاهو ڪو اڪابرئي نباهه ڪري ته جيئن ٻولي صدين تائين زنده رهي سگهي.

انعام ٽکڙائي

[حيدرآباد، سنڌ]

*        *       *       *        *

[7] جنوري ۾ آيل ”مهراڻ“ ۾ توهان منهنجي پنجابيءَ مان ترجمو ڪيل ڪهاڻي ’رُمال‘ هلائي. اُن لاءِ توهان جو ٿورائتو آهيان. هتي ڪوئيٽا ۾ مون کي ٽي پنجابي رسالا، ”لهران“، ”پنچم“ ۽ ”پنجابي ادب“ ملندا آهن ۽ پنجابي ادبي بورڊ جا ڪتاب پڻ. اُنهن مان ڪي 15 کن ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون اٿم. هن ڀيري ”اگهاڙو سج“ موڪلي رهيو آهيان.

مهراڻ جي سڄي سٿ لاءِ نيڪ خواهشون.

ننگر چنا

[ڪوئيٽا، بلوچستان]

*       *      *     *     *      *

[8] ”پڙهندڙن جا خط“ هر معياري رسالي جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن ۾ رسالي جا پڙهندڙ، ايڊيٽر ۽ رسالي ۾ لکندڙ سان پنهنجا ويچار شيئر ڪري سگهن، تنقيد به ڪري سگهن ۽ اصلاحي تجويزون به ڏيئي سگهن. اوهان کي جس هجي، جو جتي تنقيد کي پوري تحمل سان برداشت ڪريو ٿا، اُتي قابلِ عمل اصلاحي تجويزون ويچاريو به ٿا ۽ اُنهن تي عمل به ڪريو ٿا.

مهراڻ (سيارو 2004ع) ۾ ص 193 تي محترم حبدار سولنگيءَ جو ڇپيل خط نمبر 9 ڪجهه سمجهه ۾ آيو ۽ ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيو. سمجهه ۾ نه اچڻ جو سبب اهو آهي ته هيءُ خط مانواري حبدار امداد صاحب جي طرفان ”ڪاوڙ ڀرئي خط“ جي جواب ۾ لکيو آهي ۽ اِنڪري ئي سندس خط جولهجو ”حبدار“ ڪونه ٿو لڳي. ائين ٿو لڳي ته ”ذاتي“ معاملو آهي، ”صفاتي“ اصل ڪونهي. اصول مطابق جڏهن حبدار جي خط کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته اُن کان اڳ توهان کي اُهو ”ڪاوڙ ڀريل“ خط به ڇپجڻ کپندو هو، ته جيئن حبدار جي جواب کي پوريءَ طرح سمجهي سگهجي ۽ پوءِ وري اُن ساڳئي خط ۾ اُٿاريل سوال ۽ اعتراض تي به اداري طرفان مختصر نوٽ لکڻ کپندو هو.

هڪ ڳالهه ۾ آءٌ حبدار سولنگيءَ سان سهمت آهيان ته امداد صاحب سندس غزل جي هڪ سڄي ساري سـِٽ تبديل ڪري ڇڏي. ظاهر آهي ته اِهو عمل شاعر جي ”انا“ کي گُهٽي ڏيڻ جي برابر آهي. اگر اِها سـٽ ”موزون“  نه هئي ته پوءِ ”ادارتي قينچي“ آخر ٻئي ڪهڙي ڪم جي لاءِ آهي؟

آءٌ اُن بحث ۾ پاڻ اڙائڻ نه ٿو چاهيان ته ”انڌي، آندي“ مان ڪهڙولفظ جو ”ن“ هذف ٿيڻ جڳائي ۽ ڪهڙو نه. البته ”پتو“ لفظ سنڌيءَ ۾ فقط ائڊريس جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ هي هڪ خاص هندي/اردو لفظ آهي ۽ حرف ”ته“ تي شد به لڳندي آهي. ”پتہ پتہ بُوڻا بوڻا، حال هماري جاني هي“ (مير تقي مير) (بنا شد جي لفظ ”پته“ اردو۾ پڻ خبر يا ايڊريس جي معنيٰ رکي ٿو).

لفظ ”آهي“ کي ”آهه“ ۽ ”آ“ تائين حذف ڪرڻ جائزو آهي ۽ ”آ“ کي وڌيڪ حذف ڪري ”آ“ ڪرڻ جڳائي نه ٿو. ڀلي ته وڏا شاعر (اياز، تنوير ۽ ٻيا) ائين استعمال ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌي ۾ ”آ“ جي معنيٰ ”نه“  يا ناڪاري آهي (مثلاً جوڳو، اَجوڳو)؛ جڏهن ته ”آ“ جو مطلب هاڪاري آهي. هن موضوع تي وڌيڪ بحث ٿيڻ گهرجي.

غزل ۾ ”صوفي قافين“ جو استعمال مدت کان وٺي عربي، فارسي، سنڌي، پنجابي، هندي ۽ اردو ۽ ٻين زبانن ۾ جائز سمجهيو وڃي ٿو. خاص/راس وانگي رات/نعت به جائز سمجهيا وڃن ٿا. امداد صاحب کي اِن نقطي جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.

مانواري حبدار سولنگيءَ جو اهو چوڻ ته ”پورو ڪيم پنڌ“ جي لفظ ”ڪيم“ جي ”ي“ تي شدد ڏيڻ سان ماترا پورا ٿي ويندي-منهنجي خيال ۾ ماترائن سان ”تشدد“ ڪرڻ جو هڪ سٺو مثال آهي. ”ڪنڌ“ لفظ سنڌيءَ ۾ ”ڳچيءَ“ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي سمهڻ ئي ممڪن آهي.

لفظ ”صبح“ سنڌيءَ ۾ بيشڪ صبح ڪري لکبو، پڙهبو ۽ ڳالهائبو آهي ۽ جيئن لفظ ”صبحاڻي“ کي سنڌيءَ ۾ ”سڀاڻي“ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، اهڙيءَ طرح سنڌي لهجي ۾ ”صبح“ کي ”سُڀو“ ڪري استعمال ڪرڻ گهرجي. مگر اُن  جي ثبوت لاءِ اوائلي درسي ڪتاب ”سنڌي ٽيون ڪتاب“ مان حوالو هٿ ڪرڻ هڪ ٻاراڻي راند لڳي ٿي. (”لفظ نه آهن کيڏوڻا، جن سان کيڏين ويٺو راند.“)

حميد ”شهيد“ هالائي

[ڪراچي، سنڌ]

*     *      *      *     *

[9]’سنڌ ياترا‘ دل تي اُڪرجي ويئي آهي. دوستن يارن، اديبن ۽ خاص طور اوهان جيڪو پيار ۽ قرب ڏنو، تنهن اسان کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي.

ڌرتيءَ جو ناتو ته اَمٽ آهي، پر اُهو به ڪي سڃاڻن‘ سنڌ ۽ اوهان اسان کي ڀاڪر ۾ ڀري رکيو آهي. اسين به اوهان کي سڀيني ۾ سمائي موٽيا آهيون. اِهو خزانو اسين تاعمر سانڍي رکنداسين.

ڏاڍي دل هئي ته حيدرآباد ۾ ناچاقائيءَ جي دوران به ڪي دل جون ڳالهيون ڪريون، پر طبيعت وفا نه ڪئي. خير…اُميد ته اِهي دُوريون هاڻي دُور ٿينديون ۽ اسان جو وري ملڻ هاڻي سَولو ٿيندو. اوهين وسرڻ جا نه آهيو. شيام جو هڪ شعر آهي:

ڪجي يادن کي، جي وسري وڃن ٿا،

نه جي شيام ساريم، اُهي ڇا وساريم؟

صدف صاحب پنهنجي ڪٽنب سان ممبئيءَ ۾ آهي. مان ۽ ڪلا هـِتي آهيون ۽ پيا سياري ۾ سيڪاٽجون. سنڌالاجيءَ سان اقرار نامو شوڪت شوري کي موڪيان ٿو. انعام شيخ کي به خط لکان ٿو. قبول ڪيائين ته ادبي بورڊ سان به اهڙو اقرار نامو ٿيندو. اسان جي دل آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو هڪ اٺن ڏهن جو وفد اسان وٽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي دعوت تي اچي. رايو ڏجو.

موتي پرڪاش

[آديپور، ڪڇ ڀارت]

*       *        *       *        *

[10] ”مهراڻ“ ۾ لکيل توهان جا ايڊيٽوريل اِن خيال کي سامهون رکي پڙهڻ ته ’مون کي ڪجهه پرائڻو آهي‘، پڙهي منهنجي تخليقي رُخ ۾ تبديلي آئي آهي. مون ائين محسوس ڪيو ته توهان کي پنهنجي ٻوليءَ سان بي پناهه پيار آهي. توهان جو تخليقي سفر نه رڳو ٻوليءَ جي حوالي سان منفرد، نج ۽ نرالو آهي پر تخيل جي حوالي سان به ڀرپور ۽ ڪلاسڪ آهي. توهان جي ڏنل صلاحن کي هِنئين سان هنڊائي مون پنهنجن ڪلاسيڪل شاعرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. وڌيڪ توهان جو خلوص ڀريو ساٿ رهيو ته انشاءالله منهنجي تخليقي سفر ۾ توهين تبديلي محسوس ڪندا.

’پوري فرق شل نه ڪوپيارَ ۾، ڪوئي وڇڙي شل نه بهارَ ۾، رهي نينهن شال نهارَ ۾، نه ڀُري ڪڏهن به سندم ڀرم!‘

(امداد)

”مهراڻ“ جو تازو پرچو سيارو 2004ع مطالعي هيٺ آهي. توهان جون محنتون ساراهڻ کان مٿي آهن، گهڻو مٿي! مواد جي چونڊ معياري آهي. شاعريءَ جا صفحا به بهتر آهن. امداد جون ٻئي وايون پنهنجي بيهڪ ۾ منفرد ۽ ڀرپور آهن. ايڏي سرل سنڌي، جو پڙهندي. تخليق تي پيار ٿي آيو. شبير هاتف جي شعرن ۾ نئين ٽهيءَ جي ڳڀرو ڪويءَ واري نزاڪت محسوس ٿي. طارق عام جي غزلن ۾ ڏاڍي تازگي آهي. ’نئين غزل‘ جي جوانيءَ هوش خطا ڪري ڇڏيو! محسن ڪڪڙائي، ادل سومرو، احمد سولنگي، اسحاق سميجو، مايا راهي، ڪرشن لاهي، جعفر جاني، ابرار ابڙو، وسيم سومرو، سُندري اُتمچنداڻي ۽ سحر امداد به پنهنجي تخليقي جوهر ۾ نمايان آهن.

ويجهڙ ۾ ڪجهه نئين شاعري ڪئي اٿم، موڪليان انڪري نه ٿو ته ڪٿي ائين نه چئو ته: ”نون لکندڙن جون لکڻيون درستين کان اچيو رسن-هنن کان ايترو به صبر نٿو ٿئي ته پنهنجي ڇپيل لکڻي پڙهن، ۽ اُن ۾ ڪهڙيون درستيون ڪيون ويون آهن، اُنهن کي ڏِسن ۽ پرائين!“ (’مهراڻ‘ سيارو 2004ع، صفحو 8).

حُبدار سولنگي

[ڳيريلو، سنڌ]

 *       *      *      *       *

[11] اسان جي سنڌ جي دؤري وقت پنهنجي ملاقات ته ضرور ٿي، پر بلڪل ٿوري وقت لاءِ. پاڻ ۾ چڱيءَ طرح حالي احوالي نه ٿي سگهياسين.

سچ ته اسان جو پروگرام بلڪل مختصر هو، اڃا به ڪجهه ڏينهن وڌيڪ هجن ها ته سٺو. منهنجي لاءِ ته اِهي ٻارهن ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو ”يادگار ۽ سونهري عرصو“ رهندو. توهان سڀني دوستن جيڪا سڪ ۽ حب ڏني، سا ڪڏهن به وسرڻ جهڙي ڪانهي. اباڻن مان پيار ته هونئن ئي ملندو آهي، پر توهان ڀائرن ڪجهه وڌيڪ ئي ڏنو.

اڄ به ڪَنن ۾ توهان سڀني دوستن جون مٺڙيون ڳالهيون گونجي رهيون آهن-”ڪيئن آهيو؟“، ”خوش آهيو؟“، ”سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟“، ”ڪڏهن هـِتان جون اڳيون ڳالهيون ياد اينديون اٿوَ؟“، وغيره.

 

هاڻ پهچڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن ته ساروڻين ۾ ويا. اڃا به جڏهن ياد اچي ٿي ته من ڀرجي ٿو اچي.

هاڻ جڏهن پاڻ ۾ رابطو قائم ٿيو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي طرف جي حال احوال کان واقف ڪندا رهندا. هن پاسي ڪو ڪم ڪار هجي ته بلاشڪ لکندا. ڀائر آهيون، هڪ ٻئي تي حق رکنداسين ته وڌيڪ خوشي ٿيندي.

گوبند خوشحالاڻي

[احمد آباد، ڀارت]

*       *        *       *       *

[12] ٽماهي مهراڻ ۾ اوهان جي نگرانيءَ کان پوءِ تبديليون ظاهر ٿيون آهن. تبديلي زنده رهڻ جي علامت آهي، اُن مان ثابت ٿئي ٿو ته مهراڻ اڳ جيان هينئر به پنهنجو جوڀن قائم رکيو اچي.

سيارو 2004ع واري پرچي ۾ ”لطيفيات“ جي حوالي سان ٻه انتهائي اهم تحقيقي مقالا شايع ڪيا اٿو: محترم ناسف علي شيراز جومقالو ( ”شاهه جي رسالي“-جلد-1 تي اڀياس“) سنڌي ٻوليءَ ۾ ”صحتمند تنقيد“ جو منفرد مثال آهي. ۽ اُن بابت اوهان جا لفظ”…اُن ۾ جيڪو لهجو آهي، اُهو اسان جو خاص طور تي ڌيان لهڻي. اُهو نه ته ڪٿي ڪَوڙو ٿئي ٿو، نه ئي ڪٿي ڪُوَڙو ٿو ٿئي“، صحيح حق ادائي آهن. واقعي به تنقيد ۾ اسان وٽ عام طرح سان اُن لهجي جو فقدان محسوس ٿئي ٿو. هن کان اڳ به ”سنڌي ڪتابن جا فارسي ترجما“ ۽ بعد ۾ ”سنڌي لغت“ جي حوالي سان شيراز صاحب جو طويل مقالو ٻن قسطن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هي مانوارو نالو اسان کوڙ سارن لاءِ بنهه نئون آهي. جيڪڏهن مناسب سمجهو ته ناسف صاهب جو تعارف شايع ڪندا.

ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي مقالي ”شاعر جو شعور“ ۾ شاهه سائينءَ جي حوالي سان صحيح نقطهء نظر پيش ڪيو آهي. اسين جيئن سوچيون ٿا، ائين ئي لطيف سائينءَ کي پيش ڪريون ٿا. ڪڏهن هن کي ’سائنسدان‘ ته ڪڏهن ’ماهر لسانيات‘ ثابت ٿا ڪريون ته ڪڏهن وري سندس اعليٰ فڪر کي پنهنجي مذهبي عقيدت جي خانن ۾ فٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪريون ٿا. اهو سڀ ڇا آهي؟ هيءَ لطيف سان انصاف آهي يا پنهنجن ذاتي جذبن جي تسڪين؟ حقيقت اها آهي ته اڄ اسان ڪيترن ئي (خاص طور تي نوجوانن کي) لطيف صحيح اُچارن ۾ پڙهڻ به نه ٿو اچي. اسان جي ’ذميوارن‘ جي ’غير ذميوار‘ روين جي نتيجي ۾ لطيف هڪ ’فئشن‘ بڻجي چڪو آهي. سياسي جلسن، تقريبن، آجياڻن يا ٻين  غير عملي پروگرامن اسان لطيف سائينءَ کي ’فئشن‘ طور پڙهون ٿا، ۽ اُهو به گهڻي ڀاڱي غلط اُچارن سان! اهو لاڙو منفي آهي، جنهن بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو.

”سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمراني“ مقالي ۾ فاضل مصنف نامدار خان بوزائيءَ، ميان مير کي مهدوي طريقي جو پوئلڳ ۽ سندس مرشد سيد خضر کي سيد ميران مهدي جونپوريءَ جو پڙپوٽو لکيو آهي. هيءَ معلومات بلڪل نئين آهي. سيد مهدي جونپوري 8/907 هجريءَ ۾ سنڌ جي شهر نصرپور پهتو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سمي حڪمران ڄام نظام الدين جي حڪم تي کيس سنڌ مان بي دخل ڪيو ويو پوءِ هو مريدن سان گڏ قنڌار هليوويو، جتي 910هه/1504ع ۾ وفات ڪيائين. سيد مهديءَ جڏهن سنڌ ۾ پهتو هو ته ساڻس مريدن جو ڪو گهڻو تعداد نه هو. هتي سنڌ ۾ سندس پرچار جو ماڻهن تي گهڻو اثر ٿيل ڏسجي ٿو. قاضي قادن، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي ۽ پير آسات (هالا جي مخدوم نوح رح جي اُستاد مخدوم عربي ڌياڻي جو ڀاءُ) جا نالا خاص طور هن ضمن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. عام ماڻهن جو تعداد اُن کان علاوه ڏسجي ٿو. فاضل محقق جي اِن راءِ بعد اهو سوچي سگهجي ٿو ته سيد مهديءَ کي وقت جي بادشاهه جي حڪم تي سنڌ مان بي دخل ڪيو ويو. يقيناً اُن وقت سيد مهدي ۽ اُن جي حامين لاءِ هتي ڪا خوشگوار فضا موجود نه هئي. پوءِ اهڙين ڏکين حالتن ۾ مهدي جونپوريءَ جو اولاد سنڌ ۾ رهي پوي، اُن بابت تحقيق جي ضرورت آهي. سيد مهديءَ جو سنڌ ۾ اچڻ، اٽڪل ڏيڍ سال کن هـِت رهڻ، پنهنجي نظرين جي پرچار  سان ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۽ آخر ۾ سنڌ مان  تڙجي وڃڻ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي.

محترم گل محمد عمراڻيءَ جو سلسلو ”آڳاٽو ادب“ وقت جي اهم ضرورت آهي. سرءُ 2004ع ۾ مون به پنهنجي خط ۾ اهڙو فرض ڪيو هو ته مهراڻ ۾ ”تنقيد“ جو ڪالم شروع ڪري سنڌ جي ادبي شاهڪارن جو تنقيدي جائزو ورتو وڃي. عمراڻي صاحب جو هيءُ سلسلو وڌيڪ بهتر آهي، جو ان سان اسان جهڙن کوڙ سارن ادب جي سيکڙاٽن جي مطالعي ۾ ’ڪلاسيڪل ادب‘ جو واڌارو ٿيندو. انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ باقاعده نثر نويسيءَ جي شروعات ٿي هئي، توڙي جو اُن کان پهرين آخوند عزيز الله مٽارين واري قرآن شريف جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو هو، پر اسان کي مضمون، ڪهاڻي، افسانو، ناول، ناٽڪ، خاڪا توڙي سوانحي ادب اُن ئي دور ۾ مليو-پهريان ترجمو، پوءِ اصلوڪو. اُن دور جي نيڪ نام عالمن اِن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو. اُن وقت جو شاهڪار سنڌي نثر هن وقت ايڪڙ ٻيڪڙ وڏي جاکوڙ کان پوءِ ئي هٿ ڪري پڙهي سگهون ٿا، پر جي مهراڻ ۾ هي سلسلو تسلسل سان جاري رکيو وڃي ته نه رڳو گهڻو مواد ڄاڻ خاطر پڙهڻ لاءِ ملي پوندو،  پرڪيترائي لکندڙ اُن مان علمي مدد به وٺي سگهن ٿا.

مهراڻ جي خطن واري ڀاڱي ۾ جوکئي رحيم خان ’جرس‘ جي آيل خط جي حوالي سان هڪ ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته گوئٽي جو منظوم ڊرامو ”فائوسٽ“ 1926ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي، جنهن جو ترجمو ڄيٺمل پرسرام گلراج جو ڪيل آهي ۽ تازي دَور ۾ اُن جو ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. جرس صاحب کي شايد اُن بابت ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.

محمود بخاري

[هالا نوان، سنڌ]

*      *        *        *        *

[نوٽ: سائين ناسف علي شيراز، گذريل ٻن ڏهاڪن کان آمريڪا رهي ٿو،  جتي هاڻي هائوس سندس مستقل سڪونت آهي. علم ادب ۽ تحقيق سان دلچسپي کيس پنهنجي ڏاڏي، سنڌ جي احترام لائق ادبي شخصيت  مرحوم محمد بخش ’واصف‘ کان ورثي ۾ مليل آهي، انڪري آمريڪا جي هـِتان کان بنهه مختلف ۽ نهايت مصروف زندگيءَ جي باوجود به، وقت ڪڍي نه رڳو هـِتي ڇپجندڙ ڪتابن کي حاصل ڪري اُنهن جو اڀياس جاري رکيو ٿو اچي، پر اُن سان گڏ تحقيق جي عرقريزيءَ وسيلي، پنهنجي اباڻي ٻوليءَ جي خدمت ۾ به اڳڀرو رهي ٿو، جنهن جو ثبوت مهراڻ ۾ ڇپيل سندس مقالا آهن، جي ادبي حلقن ۾ وڏي قدر جي نظر سان ڏٺا ويا آهن. ائين ناسف  جو هڪ ٻيو ڪمال اهو آهي جو جديد مواصلاتي سرشتي مان ڀرپور فائدو وٺندي، انٽرنيٽ ۽ ٻين فني سهولتين وسيلي سڄي دنيا جي علمي مرڪزن، لئبررين ۽ تحقيقي ادارن سان لاڳيتو لهه وچڙ ۾ رهي ٿو ۽ ان ريت ”سنڌ“ جي حوالي سان اڻلڀ مواد تائين پُڄڻ ۾ سڦلتا ماڻي اٿس. ’قاضي قادر‘ جي ڪلام تي سندس اهم تحقيقي مقالو اداره مهراڻ کي پهتل آهي.-ادارو]


 

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

(1) مواد ۾ ڇپيل راين، تجزين، نتيجن ۽ علمي فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ابي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

(2) پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.

(3) ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، اُن اصل لکت جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح واضح حوالو پڻ ڄاڻائجي، جتان اهو مواد ترجمو ڪيو ويو آهي.

(4) فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ پهتل مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ تي جي ٻنهي پاسن تي  لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.

(5) مواد پڙهڻ لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. فون نمبر، فئڪس، اي ميل هجي ته اُهو به لکجي. (تازه فوٽو موڪلڻ نه وسارجي)

(6) پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ  کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.

(7) ايڊيٽر کي مواد ۾ ضروري درستين ۽ گهربل ڦيرڦار ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن ليکڪ جو مخصوص اُسلوب ۽ مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

(8) نظرثاني کان سواءِ ۽ تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ بنهه گهڻو وقت سيڙائڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، آخري طرح پورو اطمينان ڪجي ته مواد صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.

(9) اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي. چونڊ ۽ اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو. ۽ ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com