انسپيڪٽر: مان اوهان جي هيءَ حالت چڱيءَ طرح سان
سمجهان ٿو خانبهادر صاحب، انشاءَ الله ٿوريءَ دير
اندر شهناز اوهان وٽ ۽ قاتل قيد خاني ۾ هوندو.
مسٽر دلاور، هن ايندڙ ڪار جي نشانن تي جيپ ڪاهي
هلو.
دلاور: ييس سر.
(جيپ اسٽارٽ ٿيڻ ۽ هلڻ جو آواز)
انسپيڪٽر: ڊرائيور! نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟
ڊرائيور: جي حضور، بلڪل صاف آهن. پر شهر کان پري
ٿا وڃن.
انسپيڪٽر: تون فڪر نه ڪر. گاڏيءَ کي تيز هلاءِ.
گاڏي هلندي رهي ٿي... هلندي رهي ٿي.. ۽ هڪ جاءِ تي
بيهي رهي ٿي.
ڊرائيور: سائين، هاڻي نشان ظاهر نظر نٿا اچن، هيءَ
سامهون غار نظر اچي رهي آهي، شايد ڪار جا نشان
ڪجهه اڳڀرو تائين وڃن ٿا.
(سڀ لهن ٿا)
انسپيڪٽر: برابر ڪار اندر ويئي آهي... هلو اندر..
پر خبرداريءَ سان پنهنجا پنهنجا ريوالور مضبوطيءَ
سان تيار رکو.. اچو اچو... هليا اچو .... اندر...
اُف ڪافي اوندهه آهي. ٽارچ آهي ڪنهن وٽ؟...
سپاهي: جِي حضور.. مون کي.. اچو ڏسو پويون سپاهي
پُٺيرو ٿي اچي ته جيئن پويان نه ڪو حملو ڪري..
هليا اچو... هليا اچو... ترسو.. هي آواز ڇاجو آهي.
شهناز جو آواز: ڇڏيو مون کي. گهر وڃڻ ڏيو. تون
مڪار آهين. آواره آهين. توئي ڊاڪٽر کي قتل ڪيو
آهي. منهنجي ڊرائيور کي به تو قتل ڪيو آهي. هڪ
مظلوم ڇوڪريءَ تي ظلم ڪندي، اوهان کي شرم نٿو اچي.
خدا جي واسطي مون کي ڇڏيو.
ٻيو آواز: (نشي ۾) پياري شهناز... شان منزل ڏانهن
واپس ورڻ جو خيال لاهي ڇڏ. اچي... هي جام ڀري پيءُ
۽ زندگي جي غمن کي وساري شراب جو لطف حاصل ڪر.
انسپيڪٽر: (آهستي) اسين پنهنجي منزل تائين پهتا
آهيون. هوشياريءَ سان اڳتي وڌندا هلو. اندر پهچندي
سڀ چئني پاسن ڏانهن پکڙجي وڃجو، .. اچو.. اچو هو
ڏسو سڀ بيٺا آهن (وڏي آواز سان) هينڊس اپ (Hands
up)
عظيم: ڪير انسپيڪٽر عزيز!.....
انسپيڪٽر: ها، خبردار جي ڪنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هٿ مٿي ڪري بيهي
رهن.
شهناز: انسپيڪٽر صاحب!
انسپيڪٽر: فڪر نه ڪريو مِس شهناز. مان اچي ويو
آهيان.. ڏس عظيم، ڀڄڻ جي ڪوشش لاءِ هيڏانهن
هوڏانهن نه نِهار. نه ته منهنجي ريوالور جون ڇهه
ئي گوليون تنهنجو سينو چيري ڇڏينديون... (ڊوڙڻ جو
آواز). خبردار... (فائر جا ٻه آواز).
عظيم: (رڙ ڪري، ڪِري پوي ٿو) اُف... ماري ڇڏيئي
ظالم.
انسپيڪٽر: خبردار جو ڪو چرُيو آهي. نه ته اهڙو حشر
ٿيندس.. سڀني کي هٿڪڙيون لڳايو.. هٿ هيٺ ڪر.
هيٺ... ها لڳائينس هٿڪڙي... ٺيڪ آ.. مس شهناز. هتي
به ٻي ڪا اهڙي خفيه جاءِ ناهي؟.
شهناز: نه انسپيڪتر صاحب، ٻي ڪا اهڙي جاءِ ڪانهي.
انسپيڪٽر: سڀني کي گاڏيءَ ۾ وٺي هلو.
(جيپ ۾ ويهڻ وقت هٿڪڙين جا آواز ۽ عظيم جي چنگهڻ
جو آواز- جيپ جو اِسٽارٽ ٿيڻ- هلڻ ۽ وري بهيڻ جا
آواز..)
خانبهادر: انسپيڪٽر صاحب! ڏيو خبر. شهناز ملي؟
انسپيڪٽر: (کلندي) انسپيڪٽر عزيز ڪڏهن ڪوڙو وعدو
نه ڪندو آهي.
خانبهادرۡ: اوهه منهنجي ٻچڙي!
شهناز: (روئندي) ڊيڊي!
خانبهادر: انسپيڪٽر صاحب، اهو منهنجو فرض هو...
چڱو هاڻي مون کي اجازت؟...
انسپيڪٽر: خدا حافظ....
(جيپ جي اسٽارٽ ٿيڻ ۽ وڃڻ جو آواز)
(اختتاميہ موسيقي)
”انسان جي اوائلي اڻڄاڻائيءَ واري غير تهذيبي دؤر
۾ جي مٿس عذاب نازل ٿيا، تن ۾ سندس ’جهالت‘ جو وڏو
دخل هو. فطرفت جي اصول ۽ قوتن کي نه سمجهي سگهڻ جي
ڪري محسوس ڪيائين ته اهي سڀ ديوتائون آهن، ۽ مون
کان عظيم ۽ مقدس آهن. اهو ويچار ڪندي، سندس ڪنڌ
خودبخود شڪست خوردگيءَ جي احساس کان جهڪي ويو.
هوا، باهه، پاڻي، ڌرتي ، آڪاش، وڻ ٽڻ ڪڪر، برسات،
سج، ۽ چند وغيره جي اڳيان سر نمائي پوڄا پاٽ ڪرڻ ۾
پنهنجي لاءِ
نجات سمجهائين. ان بيچارگيءَ، لاءِ عمليءَ ۽ خوف
مان وهم ۽ وسوسي جنم ورتو: پر صدين جي محنت ۽
تجربي کان پوءِ اهو محسوس ڪيائين ته هي فطرت جون
قوتون ته مرڳو هن زندگيءَ جي سنوارڻ ۽ سينگارڻ
لاءِ مون سان ساٿ ڏيئي رهيون آهن. تاهم هزارن سالن
جي خوف واري ماحول مان پيدا ٿيل وهم ۽ وسوسي، اڳتي
هلي ڪي اهڙيون شيون اڳيان آنديون، جن جو ڪو وجود
ته ڪونه آهي، پر مڃڻ ۾ اچن ٿيون- جن، ڀوت، ديوَ،
پريون، ۽ راڪاس سڀ وهم مان پيدا ٿيا. اٻوجهه اڄ به
انهن کان ڊڄن ٿا.“
مقالا
پيشنگوئي
مخدوم گرهوڙيءَ جي پيشنگوئي عوام ۾ ڪافي مشهور
آهي، پر عالمن ۽ محققن وٽ اُن جي مستند ۽ تاريخي
حيثيت ڪانه آهي. هن قسم جون ڪيئي پيشنگويون هن کان
اڳ به ڪن وقتي ضرورتن ۽ مصلحتن هيٺ ٺاهيو ويون
آهن. اها به حقيقت آهي ته شڪست خورده ذهن جي تسڪين
۽ تسليءَ لاءِ هو تاثر پڻ پيدا ڪيو ويندو آهي ته
هو جدوجهد ۽ عمل کان عملي طرح سان ڪناره ڪش ٿي
ويهن ۽ پيشنگوئي ۾ آيل فرضي ڪردارن لاءِ انتظار
ڪن. ان کان اڳ ڪنهن به عملي جدوجهد جي ضرورت ناهي.
ان سلسلي ۾ تازو شاه نمعت الله (730-834هه) جي
پيشنگوئي وڏي اهتمام سان اردو اخبارن ۾ شايع ٿي
آهي. ان جي ڇپجڻ کان پوءِ ڪيترن محققن خود ان کي
رد ڪيو آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته اها پيشنگوئي جعلي ۽
مصنوعي آهي. ان ۾ ٻارهين- تيرهين صديءَ جي فارسي
استعمال ٿيل آهي.
مخدوم گرهوڙيءَ جي پيشنگوئي متعلق اهل قلم ڄاڻن ٿا
ته اها مشهور خلافتي ڪارڪن مولوي احمد علي ’مجذوب‘
دَل (وفات 1966ع مرحوم جي ٺاهيل آهي. سندس چوڻ هو
ته وڏي جنگ 1914ع واري دؤر ۾ اها ٺاهي ويئي. مولوي
مجذوب مرحوم جا سوين احباب ان قول جا شاهد اڄ به
موجود آهن. سندس قول موجب جڏهن ته انگريز جي خلاف،
خلافت جي دؤر ۾، نفرت ۽ اشتعال پيدا ڪرڻ مقصد هو،
ان ڪري امام مهديءَ جي ظهور ۽ سندس نائين جي پيدا
ٿيڻ جو مفروضو پيدا ڪيو ويو ۽ ٻيا ڪيئي واقعا جي
ان زماني ۾ يا ان جي قريب پيدا ٿيا، سي دلچسپيءَ ۽
اعتبار پيدا ڪرڻ لاءِ اضافو ڪيا ويا. ’مجذوب‘
مرحوم ديوبندي خيالات کان به وڌيڪ وهابي قسم جي
عقيدن وارو موحد هو، ان ڪري لنواريءَ جي پيرن جي
خلاف پڻ اضافو ڪيائين. ان طرح پير صاحب پاڳاري جي
مريد هجڻ ۽ ان وقت جي حر تحريڪ کان متاثر ٿي، سنڌ
امام مهديءَ جو صوبو ۽ نائب قرار ڏنائين.
ادارو، بيگم خديجہ دائود پوٽه جو شڪر گذار آهي، جن
مهراڻ لاءِ هيءَ خالص علمي چيز ارسال فرمائي آهي.
علامہ مرحوم، ان جي تاريخي حيثيت جي قطع نظر، فقط
ان جي متن کي ٽن-چئن نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيو آهي.
ان جي زبان لاءِ ڪلاسيڪي انداز کي علمي ۽ افادي
حيثيت حاصل آهي. باقي موضوع ۽ ان جو اندراج سڀ
فرضي اختراع تي مشتمل آهي. جيئن شاهه نعمت الله جي
پيشنگوئيءَ کي عالمن ۽ محققن طرفان تاريخي معيار
تي جعلي ۽ مصنوعي چيو ويو آهي، تيئن هن پيشنگوئيءَ
لاءِ به عالمن ۽ محققن جي اها راءِ آهي. وللهّ
اعلم – ادارو
شمس العلماءِ ڊاڪٽر ع. م. دائود پوٽو
موڪليندڙ: بيگم خديجہ دائود پوٽه
پيشنگوئي
منسوب بہ
حضرت شيخ عبدالرحيم گرهوڙي رح
چوان حمد حڪيم کي، سهسين سؤ(1)
ڀيرا،
پڙهان صلاتون سرور تي، هردم هميشا؛
آل ۽ اصحابن تي، منجهئون محبّتا(2)
آهي ڪَشّفَ ڪتاب ۾، اهڙي پچارا:
ته جڏهن چوڏهون سنّ هجري، ٿيندو زورِ زنا(3)؛
ماڻهو ڦري مِرُن ماڳ(1)
ٿيندا، سڻجُ حقيقتا(2)؛
ڪي هوندا بدعتي بڇڙا، ڪي ڀنگي بيدينا(3)؛
ڪي جاهل ڀُڻندا جهنگ ۾(4)،
هوندا حيوانا(5)؛
ڪي گهڻو ڪوٺائيندا پاڻ کي، واجب وڏيرا(6)؛
ڪي(7)
هلندا حج تي، وٺي رنن جا رايا(8)؛
ڪي مُلا
مِڙندا مهتين ۾(9)،
لکندا تڙيل تعويذا(10)؛
ڪي پير سيّد پاڻ ۾، هوندا دائم دشمنا(11)؛
ويجهو سهن نه هڪٻئي کي، توڻي هجن عزيزا(12)؛
ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ کان، ٿيندو ڀڄي بيزارا؛
اولاد احمد ڄام جو(13)،
هوندو(14)
بالڪل بيدينا(15)،
عبادت نه ڪندا الله جي سي ڀّلي ڀّلارا(1)
ظلم ڪندا زناء سين، سيد، سونهارا؛
ڪي رفُض ۾ رُلي ويا، ڪي شيعا شوخ ٿيندا(2)؛
سَچيءَ رسول جي تي(3)،
پاپي پير نه پائيندا؛
سيد چوڏهينءَ صديءَ ۾ باقي ڪي بچندا(4)؛
..........
هاڻي تون درويش سندو، ويس وڳوئي پاءِ(5)؛
چئن مٿن جي(6)
چاندني، مٿي مَقعدا؛
هڪڙو هٿ حبيب ڏنو، ماڳهين مٿي لاءِ؛
جُتي پوئان پيرن مان. لاهي آڳُ اُڇلاءِ؛
مريضن جئن مانيءَ کي، قوت ڪڙوئي(7)
ڀانءِ (8)؛
عورت جي آواز کي، مورهين منِ نه لاءِ(1)؛
فرمودي تي فرقان جي(2)
ويهي رات وهاءِ(3)؛
محبت ۾ مولا کي، روئي نيڻ ريجهاءِ(4)؛
جيڪي رونِ
سڄيون راتيو(5)،
تن لاءِ بشارت آههِ (6)؛
انّ اُلذّينَ يخشُونَ رَبّهُم باِ لغيبِ، الاهي
اُهڃاڻ (7)؛
جاسين(8)
نه ڪُهندي(9)
ڪلب کي(10)،
تاسين(11)
مشڪل آهه
پسڻ پروردگار کي(12)
رُؤيتَ(13)
رحمانا؛
محبت ريءَ نه
ميسر(14)
ٿئي هنيين ساڻ هنڊاءِ(15)
(الف)؛
ڪُتو ڪوٺيم نفس کي، سرتؤن سُڻيجا(16)؛
جو آهي سرڪش سڀين پَرين، مَٺو مردودا(1)؛
ڪِري ڪفر ۾ پيو، نَحسُ نادانا(2)؛
عشق جي آڙاهه ۾، ٻاري جان جلاءِ(3)؛
العِشقُ نَارّ يُحرِقُ مَاسَوِ اللهِ، من ۾ مچ
مچاءِ(4)؛
منصور جهڙا ميدان ۾، سُولي تي چڙهندا(5)؛
هاڻي ڪريان ڳالهڙي، سا پڻ سڻيجا(6)؛
ته اچي فرقو ڦرندو(7)
خلق ۾(8)
آگي جي اَمرا؛
ڪلهوڙن ۾ ڪوچ ٿيندو(9)،
موٽي مير ايندا(10)؛
پوءِ ايندي قوم هيڪڙي، مغرب جي پارا(11)؛
آتشبازيون ان سين، هوندا بيحد ڀولڙا(12)؛
ڪندا حرڪتون ڪيتريون، هزارين هنرا(13)؛
جنگ ڪندا عظيم گهڻي، منجهه دهليءَ جي شهرا؛
سليماني تخت جي(1)
ٿيندي بيحد بي تعظيما؛
پر نه قادر ٿيندو تخت تي، مورهين سو اصلا(2)؛
رکندو پناهه ۾ تنهن کي(3)،
قادر ڪريما؛
ڇڏيندو شرير شهر کي، دهلي دروازا(4)؛
سڪونت ڪندو
بنگال ۾، جنهن کي ڪلڪتو ڪوٺيندا.
هاڻي سندس حرفتن(5)
جو، ڪريان بيانا؛
انگلش انجڻيون ڪيتريون، هلائيندو(6)
زمين مٿا،
گڏهيون
ڊوڙنديون شهرن ۾، ڪريو ڌور ڌوم ڌڪاء(7)؛
وينديون واڪا ڪنديون، جلدي جوش منجها(8)؛
بڇڙا آواز تن جا، هوندا گڏهن جي مثلا(9)؛
ٻه- ٽي ڦيٿون پيرن تي(10)،
واڪا ڪيون ويندا(11)،
چرخ اڏامندا آسمان ۾(1)،
مڪڙن جي مثلا(2)؛
پاهڻ ٻاريندو پليت سو، موذي مروانا(3)؛
پاهڻ جو پاڻ ڌڻيءَ رکيو وڏو شرفا(4)،
سڪو ڦيريندو(5)
مُلڪ ۾، ڪاغذ زور ڪندا(6)؛
ٻڌندو(7)
مُلهه تنهن جي(8)،
بيحد بيشمارا.
ڇڏائيندو دين محمد صه، مَرندُّ مُلحدا؛
ڪرائيندو(9)
دين حضرت جوم ڪافر قبولا(10)،
پوءِ پايو(11)
پتلون پيرن ۾، ڊريس ڍڪيندا(12)؛
اي، بي، سي، ڊي هوندي، سڀني جي واتان(13)؛
انگلش انگريزن جو هوندو، لوئي لباسا(1)؛
حاڪم ٿيندا ملڪ جا، وڏي ناموسا(2)؛
وجهو(3)
قميصون قيمتي، سهسين(4)
سون ريا؛
ظلم ڪندا بر بحر ۾، گهڻو اپارا(5)؛
هوندا خواب خمار ۾، وڃائيندا وقتا(6)؛
نه هوندي نيت نماز جي، نه حد رهندي حلالا؛
زڪواة زميندارن تي، مورهين ناهه ميان(7)؛
سبب تنهن هوندو پڌرو، جئن هڙئي حراما(8)؛
روڳ گڏيندا روغن سين. مَرُن سندو ماها(9)؛
نه کائجو مردودن جا، مانيون مليدا(10)،
جو ڳوهيل هوندا رت سين. منهيل مسڪينا(11)،
خُبزُ الملوڪ
مُعحِونّ بدم المساڪين: فرمايو رسول خدا(1)،
پوءِ وجهندو محصول ماڻهن تي، ويندس رعب رعيت مٿان(2)،
الاهي پونديس کوٽ خزاني(3)
۾، ڏيندو(4)
ڏيوالا،
ڪندو تخفيفون
ڪيتريون، پونديس پاندي پوري نڪا(5)،
سن تيرهين سؤ پنجاهه(6)
هجريءَ ۾، ٿيندا زلزلا(7)،
ويندو تڙجي ملڪن مان(8)،
ڇڏي سنڌ هٿا(9)،
لرزش پونديس لنڊن ۾، ڦٽندس(10)
انگلستانا،
پوءِ ٿيندو
ظهور امام مهديءَ جو، مديني منور منجها(11)،
تيرنهن سؤ ٻاونجهاهه هجريءَ، ۾ چٽو چٽايا(12)،
مناديون ٿينديون(13)
ملڪن ۾، آسمانن جا بارا(14)،*
آهي ڪشف ڪتابن ۾ اهڙي پچارا(1)،
تو لوڏو ايندو لنواريءَ کي(2)
ويندس زيب زينتا،
ڇهينءَ پيڙهي ڇيهه ٿيندس(3)،
ويندس امانتا،
ڪري پوندو ڪفر ۾، توڙِي(4)
آهي منهنجو مرشدا،
چورائيندو پاڻ کي پاڻ رسول خداءِ،
اهڙا اثر ظاهر آهن، بالڪل ظهورا(5)،
چورائيندو پاڻ تي ڪلمو شريفا(6)،
لااِلہٰ اِلاللهّ محمد رسول اِلله.
----
هاڻي سجاد نشين جو. ڪريان بيانا،
پرور پيدا ڪندو، صاحب سنڌ منجها،
روضي ڏانهن(7)
رهبر ٿيندو، سچو شير شجاع،
ڪروڙين ڪرامتون تنهن جون، جوڙيون جبارا.
عاشق ٿيندو الله جو جانب جلوءِ نما(8)
نُور تنهن جي(9)
نراڙ ۾، ڪندو(10)
شمس جان شعاع،
ٻيا ولي ڪيترا(1)
سنڌ ۾، سڀيئي(2)
ستارا،
سُهائيءَ شمس جي، جئن ڪري، وڃڻ کي ويا(3)،
بجلي ٻرندي، بتيءَ جو ڪهڙو قدر آهه(4)،
سڀ ڌاران سنسار(5)
۾، (سڀ) انداهي آهه(6)،
شريعت شان محمدي، حقيقت راه هُديٰ(7)،
سڀيئي سڳورا سڀين پرين، اولاد اميرا.
-----
هڪڙو پير پيدا ٿيندو، عارف، غوث، اولياءُ(8)،
ٻيو پير پيدا ٿيندو(9)
ورنهه وير ولايتا،
ٽيون پير پيدا ٿيندو، ماڻڪ موج دريا،
چوٿون پير پيدا ٿيندو، اڪمل سو اولياءُ،
هوندي نشاني نر کي، ڏائي اک پارا،
شبيهه صورت محمدي صورت سردارا،
سچي راهه رسول جي دائم مداما،
اجاريو دين محمدي صاحب سچ ورتا.
سڀيئي سڳورا سڀ پرئين، ورنهه وير وياءُ،
خود تجلي نيڪ سين، ڪامل مڪملا،
هڪ پير پيرن ۾ بيحد ڀلو سخي اولياء،
دانا حڪيم حڪمت دانا درويشا،
پڳ جڙينديس پيغمبري، مير محمد شاهه،
جا پاتي خيبر ڪوٽ ۾، سرتي سردارا،
فتح ڪوٽ خيبر جو ٿيو حبيب هٿا،
(1)
هِيءَ (ن) جي پڙهڻي آهي؛ ٻين ۾: سؤ سؤ.
(2)
هي پهريون ٽي سٽون الهڏنه واري نقل ۾ آهن.
(3)
دين محمد واري نقل ۾، ته چوڏهون سن زور ٿيندو.
جنهن ۾ ظلم زور زنا.
(2)
دن: سڻ حقي حڪايتا؛ ف: حقيقت حالا.
(6)
دن:
ڪ هوج حقائي گهڻون ڪ واجب وڏيرا.
(8)
دن:
ته به رايا رنن سندا.
(10)
دن: ته به ڪندا تڙيل تعويذا.
(12)
هي سٽ دن ۾ ناهي؛ ف: ويجهو نه آهي هڪٻئي کي
توڙي هجي عزيز!
(15)
دن: نڪا ڪندا نيت نڪا نمازا.
(1)
ان: مورون مطلقا؛ ف ۾ هيءَ سٽ ناهي.
(3)
ف: راهه رهبر رسول جي.
(4)
ف: ويجهو نه آهي هڪٻئي کي توڙي هجي عزيزا.
(7-8)
ا ۽ ف وارن نسخن ۾ هن طرح آيل آهي:
هاڻي ويس وڳو درويش جو ٻڌو هي آههِ:
چئن هٿن جيڏي چاندني، مٿي مقعدا؛
ٻيو هٿ
ڪپڙي جو رکن، ماڳ مٿي جي لاءِ؛
اُرهه اگهاڙا آدمي، نرتون نادانا؛
جُتي ڪن نه پيرن ۾، لوئي لڱن نه لاءِ؛
مريضن جي مرڻ کي، غنيمت ڄاڻندا.
(1)
ان: مورون؛ ف: مورون منيندا.
(2)
ان: فرمودو قرآن ڪريم جو.
(4)
هي سٽ ”ان“ ۾ نه آهي؛ ف: روئي نيئي ريجهاءِ.
(6)
دن: تنين اهو پيغاما؛ ف: تن تي.
(7)
ان: اهڙا چاهه؛ ف: اهڙا.
(10)
ان: قلب کي؛ د: قلب تون.
(12)
هيءَ (ف) جي پڙهڻي آهي. ان: جي.
(14)
هيءَ ”ف“ جي پڙهڻي آهي. ان: مسيح ٿئي.
(15)
الف ف: هيين سان سڻيجا.
(16)
ف: سرتيون سڻيجا. هي ٽيئي سٽون ”دن“ ۾ ناهن.
(1)
سوٽي جو لفظ مؤلف جو وڌل آهي.
(3)
ان ف: سورهيه سر ڏيندا.
(5)
هيءَ سٽ ”دن“ ۾ ناهي. ف: ڪاهي سي پوندا.
(9)
ان: ڪلهوڙو ڪوچ ٿيندو.
(10)
ان: نور محمد نادانا؛ ف: نورو نادانا.
(12)
ان: آتشباز انسان سي ڀوت هوندا ڀولڙا؛ ف: آتش
باز ان سان ڀوت هوندا ڀولڙا.
(1)
ان: حضرت سليمان جي تخت کي.
(3)
دن: رکندو تخت کي پناهه ۾.
(4)
هي ٻيئي ”ان ف“ ۾ ناهن.
(5)
ان: حرڪتن؛ ف: سندن حرڪتن جو ڪريان ٿو بيانا.
(10)
ان ف: پٽيون ڏيئي پيرن ۾.
(1)
دن: تي ف؛ ڏاڍي ڌوم ڌڪاءُ.
(2)
دن: سي هوندا مڪڙ جي مثلا.
(4)
هن کان پوءِ ”ان“ ۾ هڪ- اڌ سٽ آهي: سو
پارائيندو منجهه اُتشا؛ ف: سو ساڙيندو سُو
منحوس منجهه آتشا.
(5)
دن: پهريندو؛ ان: ڦيرائيندو؛ ف: ڦرندو.
(6)
دن: سڪو پهريندو سُوئر سڳ، ماڻهن منجهه ملڪا؛
ڪاغذ ڦيري ڪارا ڪندو. سوئي مرجانا (شايد
مروانا)؛ ف: موتي مرجانان.
(8)
ان ف: ان مٿي. هن سٽ کان پوءِ ”ان“ ۾ آهي:
سورهن آنا تنهن ۾ ڪڍندءِ رپيو ڪلدارا.
(10)
هيءَ ۽ اڳئين سٽ ٻيئي ”دن“ ۾ موجود ناهن.
(12)
دن: ڪندو ون ٽو واڪا.
(13)
دن: اي، بي، سي ڊي، جي ٻولي هوندس واتا.
(1)
ان: انگلستان ۾ انگريزن جي ٿيندي ٻولي سا؛ ف:
انگلش انگريزن جي ٿيندي ٻولي لسانا.
(2)
دن: حاڪم ٿيندس هڪڙو نالي ناموسا.
(5)
دن: ظلم زور زينتون، پهيون ڪندا ويس وڏا؛ ف:
ظلم بڇڙا سي.
(6)
هيءَ سٽ ”دن“ ۾ ناهي.؛ ف: هوندا خواب خمر ۾.
(7)
ان ف: زڪواة نه ڏيندا مال جي پاپي پليتا.
(8)
ان: سڀ هوندو هنن جو حراما؛ ف: سبب ان جو پڌرو
هوندو حراما.
(9)
دن: روڳ گڏيندا روڳ سني، سوئر سندو ماه؛ ان:
روڳ گڏيندا روغن سندو مرن جي ماها؛ ف: روڳ
گڏيندا روڳ سين. مون سندو ماها.
(10)
ان: نه کائج مردودن جا ماني مليدا؛ دن: متان
کائو مانيون. انهن جون مانيون مليدا؛ ف: نه
کائج مردودن جو ان.
(11)
دن: ڳوهيا هوندا رت سين ماري مسڪينا؛ ف: جي
ڳوهيا رت سين مهٽيل مسڪينا.
(2)
ان: ماڻهن مٿي رهندا راڳ رعيتا؛ ف: ماڻهن مٿي
رهندين رعب رعيتا.
(4)
دن: ڏهليون؛ ف: ڏهليو.
(5)
هي سٽ ”دن“ ۽ ”ف“ ۾ ناهي.
(7)
دن: ٿيندس زلزلو ڌمانا؛ ف: وڏو زلزلو.
(9)
دن: ويندو
تڙجي ملڪ مان، ڇڏيندو هندستان ۽ سنڌ؛ ف:
ڇڏيندو هند سنڌ!
(10)
ان: ڦيٽو؛ف: ڦٽي پوندس.
(12)
ان ۽ ف: سن 1356 هجري ۾ انشاء الله تعاليٰ.
(14)
ان ف: آسمان جي طرفان.
* هن کان
پوءِ آخر تائين مضمون الهڏنه ۽ ”ف“ واري نسخي
جو آهي. دين محمد وارون نسخو هتي ختم ٿيو.
(5)
هي سٽون فقط ”ف“ ۾ آهن.
(5)
ف: اندوهه عجب آهي. هن کان پوءِ ف ۾ آهي:
بادشاه ولين جو مٿاهون مڙن آهي.
(8)
ف: ندارد، ٻيو پير الخ.
(9)
ورنه جو لفظ فقط ”ق“ ۾ آهي.
|