ٽالپوري دؤر ۾ آخوند عزيز الله مٽياروي (سن 1746ع
کان سن 1824ع تائين) پنهنجي متقدمين وارو طريقو
ڇڏي، سنڌي نثر ۾ قرآن ڪريم جو ترجمو ڪيو(2).
انهيءَ مان چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو ته آخوند
صاحب ضرور سنڌي نثر جا ڪي ڪتاب پڙهيا هوندا(3)
جن کان متاثر ٿي پاڻ نثر جو دامن وٺي قرآن مجيد جو
سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيائين.
هن زير بحث مضمون ۾ ڪلهوڙن جي دؤر جي ٻن هٿ آيل
قديم سنڌي نثر جي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسون ته
سنڌي نثر قديم زماني ۾ جنم وٺي چڪو هو ۽ هُو
بانبڙا پائيندو. ريڙهيون ڏيندو، وڏو ٿي، ڪلهوڙن جي
دؤر ۾ پنڌ ڪرڻ جهڙو ٿيو، ۽ منجهس ڪافي ادبي صلاحيت
۽ پختگي پيدا ٿي. ائين برابر آهي ته ان آڳاٽي دؤر
جي نثر ۾ ايڏي وڏي ادبي خوبي ۽ ڪشش نه به سمايل
هجي، مگر ترتيب ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان سنڌي علم ادب
۾ ڪلاسيڪي نثر وارو درجو رکي ٿو. اهو ئي نثر هو،
جنهن جي بنياد تي انگريزن جي دؤر جي جديد، رنگين ۽
دلڪش عمارت قائم ٿي.
سن 1964ع جي مئي مهيني جي پهرئين پک ۾ منهنجو
”کاهي راهو“ وڃڻ ٿيو(1)
اتان جي قاضي صاحبن جي علمي خاندان جي نوجوان قاضي
شاهه محمد ثاني(2)
سان اسان جي قرب جو پيوند آهي. قاضي صاحب وٽ
پنهنجن وڏڙن جي علمي ۽ ادبي ڪتابن جو ذخيرو هو، پر
هن وقت ڪن حادثن ۽ انقلابن ڪري ان جو ڪافي حصو تلف
ٿي ويو آهي، باقي انهيءَ علمي گنج مان وٽس جيڪي
بچيل هو، اهو کڻي اچي مون اڳيان ڍير ڪيائين. انهن
ڪتابن کي اٿلائيندي ۽ جاچيندي ڪيترائي ناياب علمي
گوهر نظرن مان گذريا، جن مان اڪثر گهڻا عربي ۽
فارسيءَ جي دامن ۾ لڪل هئا. انهيءَ گنج مان ٻه
سنڌي قلمي نسخا هٿ چڙهيم، جي ٻيئي ڪتاب قاضي موصوف
کان استفادي لاءِ عاريتاً ورتم. اهي ٻيئي ڪتاب
سنڌي زبان ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثت رکن ٿا ۽ اهي ٻيئي
انمول وٿون سنڌي نثر جي قدامت جي ساک ڀرين ٿيون.
مون پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالع آهر انهن ٻنهي قلمي ڪتابن
جو لاڳيتو پنج سال مطالعو نهايت باريڪ بينيءَ سان
ڪيو آهي ۽ ان کان پوءِ انهن کي ادبي ڪسوٽيءَ تي
پرکي صحيح ۽ نج سونَ سوڌي، سنواري سنڌي عالمن ۽
اديبن جي آڏو نذراني طور پيش ڪريان ٿو.
(1) جنت الفردوس:
جنت الفردوس جو هي قلمي نسخو دستياب ٿيل نسخن ۾ سڀ
کان آڳاٽو آهي. هن ڪتاب جي ڪتابن سن 1155هه ۾
موٿيارجن جي هڪ مشهور ڪتاتب ميان ابراهيم بن ڇته
جي ڪيل آهي. هن ساڳئي علمي ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو
گهڻو وقت اڳ ۾ مرحوم ميان عبدالخالق قاضي صاحب جي
خانداني ڪتبخاني ۾ ڏٺو هوم. ان نسخي جا اڳيان ۽
پويان صفحا نڪتل هئا، ان ڪري جي اصليت جي ڪابه خبر
پئجي نٿي سگهي. هن موجوده نسخي جي سائيز (ساڍا 6
ساڍا 4 انچ) آهي ۽ هر صفحي ۾ 13 ستون ۽ ڪُل 32
صفحا آهن، ڪتاب جو مصنف مولانا محمد عرف نصير
الدين ڪنيت ابو سراج الدين بن سلطان لانگاهه آهي،
هن بزرگ جي حياتيءَ جو صحيح ۽ مستند احوال ڪٿان به
ڪونه ٿو ملي سگهي. ڪتاب جي مطالع مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو ته پاڻ ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن جو معاصر هو
۽ کائنس متاثر ٿي هي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ڪتاب جو
نفس مضمون گهڻي ڀاڱي ”مقدمة الصلوات“ جهڙو معلوم
ٿئي ٿو. هيءَ سنڌيءَ ۾ سڀ کان قديم ڪلاسيڪي نثر جو
نمونو آهي.
(2) دعاي ڪيمياي سعادت:
هي قلمي نسخو قاضي ميان عبدالڪريم جو تصنيف ڪيل
آهي. مذڪور قلعي نسخي ۾ (”ساڍا 6 ساڍا4“) چار ڪتاب
گڏ جلد ٿيل آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ شاهه عبدالطيف
ڀٽائي سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڪلام مان چند بيتن جو
انتخاب ڏنل آهي. ان کان پوءِ وچ واري رسالي ۾
قرآن ڪريم جي سورت ياسين جو منظوم ترجمو ۽ تفسير
بيان ڪيل آهي(1).
آخرين رسالي ۾ دعاي ڪيمياي سعادت نالي هڪ ننڍڙو
رسالو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر ۾ مختلف
نمونن ۽ قسمن جون حاجت روائي لاءِ دعائون جدا جدا
روايتن سان گڏي، الڳ الڳ سندن فضيلتن ۽ خاصيتن جي
بيان سان گڏ ڏنيون آهن. سمورو ڪتاب سعادت سان
ڀرپور آهي، انهيءَ ڪري ئي بزرگ هن ڪتاب جو اهو
نالو تجويز ڪيو آهي. ڪتاب جا آخري ورق ڪنهن
ڪينچيءَ سان ويهي ڪٽيا آهن، جنهن جي ڪري ڪتاب جي
ڪتابت جي سال ۽ تاريخ جي ڪابه سُڌ ڪانه ٿي پئجي
سگهي. قاضي صاحب جي باري ۾ روايت آهي ته پاڻ ميرن
جي پهرئين چوياري جي وقت ۾ آسي ورهين جي ڄمار ۾ هن
فاني عالم مان رحلت ڪئي، انهيءَ لحاظ کان سندس
هيءَ تصنيف ڪلهوڙي جي صاحبيءَ جي سمجهڻ گهرجي.
ٻنهي ڪتابن جو ادبي جائزو:
(1) غير سنڌي عنصر:
ميان يار محمد ڪلهوڙي سن 1700ع ۾ سنڌ تي پنهنجو
قبضو ۽ تسلط قائم ڪري سنڌ ۾ ڏيهي حڪومت جو سنگ
بنياد رکيو. کائنس پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ ميان نور
محمد ڪلهوڙو سنڌ جو خود مختار حاڪم بڻيو. ڪلهوڙن
جي صاحبيءَ جو زمانو 1729ع کان 1782ع تائين رهيو.
هن دؤر ۾ ٺٽو پنهنجي قديم روايت موجب علم ۽ عرفان
جو مرڪز هو. سنڌ جا اڪثر وڏا جيدّ عالم ۽ بزرگ هن
شهر ۾ ديني علمن جو درس ڏيندا هئا. سندس تصنيف ۽
تاليف جو شغل گهڻو ڪري عربي ۽ فارسيءَ ۾ هو.
انهيءَ وقت ڌاري حضرت پير عبدالقادر جيلانيءَ جي
اولاد مان حضرت شيخ يوسف بغدادي سنڌ ۾ اسلامي
تبليغ جي ارادي سان آيو ۽ سندس وعظ ۽ نصيحت ڪري
ڪيترائي غير مسلمان اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا.
انهن نون مسلمانن جي اسلامي عقيدن ۽ فقهي مسئلن جي
سمجهاڻيءَ لاءِ ضروري هو ته کين اسلامي اصولن جي
تعليم سنڌي زبان ۾ ڏني وڃي(1).
انهيءَ سلسلي ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي سنڌي زبان جي
رسم الخط لاءِ عربي سنڌي الف- ب ايجاد ڪئي. قديم
دؤر ۾ عالمن جا جيڪي به تصنيف ڪتاب ملن ٿا، تن ۾
گهڻي قدر مذهبي تعليم ۽ تبليغ جو بيان ملي ٿو.
انهن ۾ خصوصاً ايمان، عقائد ۽ شرعي مسئلن تي تفصيل
سان بحث ڪيو ويو آهي. انهن قديم تحريرن ۾ گهڻي قدر
عربي ۽ فارسيءَ جو اثر سنڌي عبارت ۾ نمايان طور
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻنهي بزرگن جي سنڌي عبارت جو رنگ
ڍنگ ۽ ٻوليءَ جو لهجو وغيره سڀ اڪثر ڪري عربي
عبارت تحرير ڪئي وئي آهي. انهيءَ قديم دؤر جي اڪثر
سڀني ليکڪن نظم خواه نثر ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ
حرف علت ۽ اعرابون جهڙوڪ: زير، زبرَ، پيش، جزم ۽
شد استعمال ۾ آنديون آهن، ۽ سنڌيءَ جي ڊگهي ۽ ڇوٽي
گهُڻي حرف علت کي تنوين سان تحريري صورت ڏني آهي.
اهو ساڳيو طريقو هنن ٻنهي بزرگن پڻ ورجايو آهي، پر
قاضي عبدالحڪيم صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترين جاين تي
هروڀرو سنڌي عبارت کي عربي اعرابين سان لکيو آهي
سموري ڪتاب ۾ عربي رسم الخط ۾ ڪتب ايندڙ اعرابون
استعمال ڪيون آهن:
مثلاً:
جنت الفردوس جي عبارت
شرطُ اِيمَانّ جا عالِمَ اّني جَونِ
عاقَل بالِغَ جِي تِياءِ آءٌ ڪلمُو جَونِ
حکم سَب حکيَمَ جا ثابت متي تن
شَرطُ ايمانُ سَينِ جُو باني جا بَانُن
جا دين اسلام ايمان جُوّ آءٌ جا حقيقت جي کِنُ
فرمايو.... الخ
(ورق 2-3)
دعاي ڪيمياي سعادت جي عبارت:
پهّريَمَ ايت شهدالله سَجيئيء پَرِي تان سلامءُ
منجِه بي رکعتِم سورة
الضُحَي جَڏِه پَري فارغ ٿِيِي تڏه پر کا هِي دعا
کيما سعادة پَري تان تري ڏيہ غلامن جي دعا قبول
ٿِيئيء.
(ورق- 2)
انهن مٿين ٻنهي عبارتن کي سامهون رکندي اسان
انهيءَ نتيجي تي پهچون ٿا ته جنت الفردوس جي سنڌي
عبارت، ڪيماي سعادت جي عبارت کان زياده مشڪل ۽
منجهيل آهي ۽ پڙهڻ ۾ طبيعت تي ڪافي بار پوي ٿو.
اگرچ اعرابن جي هروڀرو ايتري ڀرمار نه آهي، به
لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاء عربي واري نموني جي بڻائي
اٿس.
(2) سنڌي لفظن جي جوڙجڪ:
سنڌي زبان جو رسم الخط جيئن ته عربيءَ مان بنايو
ويو آهي، تنهنڪري سنڌ جا عالم، جن عربي ۽ فارسي جو
درس عربي مدرسن ۾ پرايو هو، اهي سنڌي عبارت ۾ لفظن
جي آوازن اچارڻ لاءِ عربي زبان جون اعرابون
استعمال ۾ آڻيندا هئا. ان کان سواءِ ”نون“ غني
وارين ڇوٽن ۽ ڊگهن آوازن کي ظاهر واسطي ٻه زيرون،
ٻه زبرون، ۽ ٻه پيش استعمال ڪيا اٿن. دراصل ۾ اهو
طريقو غير سنڌي آهي. مثلاً
پهر= پهرئين. س= سان- سين.
ووءُ = ويو. کنديءُ= ڪنديون.
اهڙيءَ طرح سان لفظن جي سٽاء ۽ بيهڪ جون هيٺينءَ
ريت خاص ڳالهيون ٻنهي بزرگن جي تصنيف ڪيل سنڌي نثر
جي عبارت ۾ عام جام ملن ٿيون، جي شايد ان قديم دؤر
۾ مروج هيون:
(الف) ڪي اهڙا لفظ ڪتب آندا اٿن، جن ۾ ”ن“ ساڪن جي
اڳيان ”و“ کي حذف ڪري ڇڏيو اٿن. مثلاً: مُن= مون،
تُن= تون.
(ب) ڪن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ”ن“ ساڪن کي گهڻو حذف
ڪيو اٿن. مثلاً جڏه= جڏهن، ڪڏه= ڪڏهن، ڀاءِ= ڀانءِ
وغيره
(ج) ڪيترا اهڙا نج سنڌي لفظ آهن، جن کي پڻ عربي
نوعيت ۾ تحريري شڪل ڏني اٿن. مثلاً
ڏيهاني= ڏهاڻي، کَهُنِ= کائڻ، اد سير= اڌ سير،
پدروي= پڌرو، بَڪِيدؤ= مکيندو، جمِ= جمعي، سکرُو=
سگهوئي، ويتو= ويٺو، موڪلئو= موڪليو، تنک= تنگ،
اني= هاڻي، پري= پڙهي، چنگون= چڱو=، ڇنڇر= وغيره.
(د) اهڙا لفظ به ملن ٿا جي ڳاڻاٽي جا لفظ آهن: اهي
شايد آڳاٽي وقت ۾ رواج ۾ هئا ۽ هن وقت متروڪ ٿي
ويا آهن. جهڙوڪ:
هيکرو= هڪڙو، چوتِي= چوٿين، بنؤ= ٻئون، به = ٻه،
بي= ٻي، تِري=ٽي، پنجيءِ= پنجين، چهم=، اٿينءِ،
نوءِ= نائين،کارهه= يارهن، ثهم= ڏهون، ٻاره=
ٻارهون، ويهم= ويهون.
(ذ) ڪي لفظ اهڙا به ملن ٿا جي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي
نحوي ۽ صرفي اصولن جي بلڪل قريب آهن ۽ ان جو رواج
انهيءَ دؤر ۾ عام هو، جيئن ته
ڪہّ= ڪنهن، مہ= منهن، مهجي= منهنجي، توءِ= تنهنجي،
پهنجي،= پنهنجي، کہ= ڪنهن، تهه=تنهن، پُتر= پُٽ،
پرکا= دفعا، وغيره.
اهڙيءَ طرح سان ٻنهي ڪتابن ۾ گهڻو ڪري انهيءَ
نموني جا ڪيترائي لفظ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي صرف ان
اڳوڻي زماني ۾ چالو هئا ۽ اهي هن وقت سنڌيءَ مان
اڪثر خارج ٿي ويا آهن. انهيءَ سبب ڪري ئي اها
جهوني نثر جي عبارت پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڏاڍي ڏکي ۽
منجهائيندڙ لڳي ٿي.
(3) سنڌي جملن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ:
سنڌي ادب جي کوجنا ڪندڙن جو رايو آهي ته اوائلي
دؤر ۾ سنڌي ساهت تي مذهب جو اثر سڀ کان وڌيڪ زياده
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نظم جي حصي وارو ادب ته گهڻي قدر
مذهبي ۽ اسلامي تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي. عربن جي
اچڻ کان اڳ ۾ جيڪا ٻولي رواج ۾ هئي، ان تي عربي ۽
فارسيءَ پنهنجو اثر ڄمايو سنڌ ۾ عربي ۽ ان جي
تعليم جو رواج عام ٿيو. مدرسن ۽ خانقاهن ۾ عالم،
عربي ۽ فارسيءَ جو درس ڏيندا هئا. انهي ڪي قديم
دؤر جي سنڌي عبارت جو رنگ ساڳيو عربي ٻوليءَ وارو
آهي. انهن مدرسن ۾ استاد جڏهن پنهنجن طالبن کي درس
ڏيندا هئا، تڏهن عربي يا فارسيءَ جو درس ڏيندا
هئا. انهيءَ ڪري قديم دؤر جي سنڌي عبارت جو رنگ
ساڳيو عربي ٻوليءَ وارو آهي. تڏهن عربي يا فارسيءَ
جو ترجمو هوبهو عربي عمارت جي طرز تي ڪري پاڙهيندا
هئا. انهيءَ ڪري ئي قديم زماني جي نثر نويسن سنڌي
نثر جي عبارت کي عربي نوعيت وارو ويس پهرايو آهي.
عبارت ۾ جملن جون بيهڪون، بناوتون ۽ بندشون موجوده
نثر جي ڀيٽ ۾ مبهم، پيچيده ۽ دقيق آهن. صفت،
موصوف، جار ۽ مجرور، مضاف ۽ مضاف اليہ ۽ اضافت جو
ڪوبه اصول ۽ قائدو متعين ٿيل ڪين هو. هنن ٻنهي
عالمن جي سنڌي نثر جي عبارت نهايت منجهائيندڙ ۽
پيچيدي آهي. سندن سنڌي عبارت کي پڙهڻ مان ائين پيو
معلوم ٿئي ته ڄڻڪ عربي عبارت کي زوريءَ گهڙي سنڌي
عبارت جو رنگ ڏنو ويو آهي. مثال طور:
جنت الفردوس جي عبارت:
امام مالک چوثو امام احمد رضي الله عنهم منجو
مذهبن محمد صلي الله عليہ وسلم بن عبدالله بن
عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف- اِئي پَرِنِ عرش
حاملن جي ڪرسيءَ ڪُروبين معمور ملکن منجو مقدس نبي
ڪنا.
ڪيمياي سعادت جو مثال:-
جعيکثـه هم کہ شخصکي سڀ وات ودو بي بي حفيظ جي
جيکثـه هم کہ شخص ڪي اکين جا سورهون نه هن کلمي کي
پَري مئي اکيي ڦينو وڃي سکروئي نمرو سور ٿئي.
(ورق 31)
(ب) اها ساڳي حالت آخوند عزيزالله (سن 1746ع-
1824ع) جي ترجمي ڪيل قرآن شريف جي سنڌي نثر جي
عبارت جي پڻ آهي. آخوند عزيزالله سنڌي ترجمو مخدوم
ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ ڪيو.
انهيءَ ترجمي کي سنڌي نثر جو پهريون ’ڪتاب سڏيو
ويو آهي. آخوند صاحب جي سنڌي عبارت ”ڪيمياي سعادت“
جي سنڌي عبارت سان ڪنهن حد تائين ٺهڪي اچي- مثلاً:
واسطي الله جي اڀرندو ۽ الهندو آهه. پوءِ جيڏانهن
مهار ڪندا اوڏانهين آهه خدا. تحقيق خدا جو فضل
ڪشادو آهه ۽ ڄاڻندڙ آهه (سورة بقر آيت 114)
آخوند صاحب جي ترجمي جي عبارت اڱرچه تحت اللفظ
ترجمو آهي، مگر اڳ وارن بزرگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻي
۽ فهم واري عبارت آهي. انهيءَ مثال مان اِهو واضح
ٿئي ٿو ته سنڌي نثر ٽالپرن جي دؤر کان اڳ ۾ به
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ موجود هو.
مدد ورتل ڪتابن جي فهرست
(1) آخوند عزيزالله مٽياروي- قرآن ڪريم جو ترجمو-
ڪريمي پريس بمبئي.
(2) مير علي شير قانع ٺٽوي- تحفةالڪرام ج 3- سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
(3) مرزا قليچ بيگ مرحوم- تاريخ قديم سنڌ- سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
(4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي- تاريخ قديم سنڌ- سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
(5) مولائي شيدائي- تاريخ جنت السنڌ- سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ.
(6) مولائي شيدائي- تمندن سنڌ- سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ.
(7) مرزا قليچ بيگ- رسالو شاهه ڪريم سن 1914ع.
(8) محمد صديق ميمڻ- سنڌ جي ادبي تاريخ ج اول- سن
1953ع.
(9) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ- ڪافي- هالا سن
1962ع
(10) پير حسام الدين راشدي- سنڌي ادب (اردو)-
پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي.
(11) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ-
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
(12) چچنامہ- (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ.
(13) خواجه غلام علي الانا- سنڌي نثر جي تاريخ-
حيدرآباد سنڌ.
(14) خواجه غلام علي الانا- سومرن جي دؤر جي سنڌي
شاعري (مضمون) رسالو مهراڻ ج 2 سن 1920ع).
(15) پير حسام الدين راشدي- منصوره جي تاريخ جو هڪ
باب (مضمون) مهراڻ ج1، 1961ع.
(16) ڊاڪٽر دائود پوٽو- ابيات سنڌي- سنڌي ادبي
سوسائٽي ڪراچي.
(17) ڊاڪٽر دائود پوٽو- سنڌي نثر (مضمون) رسالو
سنڌو سن 1924ع
(18) گنگارام سمراٽ- سنڌ جا قديم شاعر ۽ عالم
(مضمون) نئين زندگي جنوري 1958ع.
(19) ڊاڪٽر دائود پوٽو- ميون عبدالرحيم گرهوڙي
(مَضمون) ”مهراڻ جون موجون“ ڪراچي.
(20) مولانا دين محمد وفائي مرحوم- سنڌي زبان جي
مختصر تاريخ (مضمون) ’مهراڻ‘ جون موجون‘ ڪراچي.
(21) جنت الفردوس- (قلمي).
(22) دعا ڪيمياي سعادت (قلمي).
(23) پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي- ادبي نثر
(مضمون) رسالو مهراڻ ج 4 سن 1956ع.
(24) پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي- چند سڳنڌ-
جلد1، ڀارت.
(25) مولانا غلام محمد گرامي- سنڌي نثر جي ارتقا
(مضمون) رسالو اديب سنڌ سن 1950ع
(2)
سنڌ جي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ مڪلي نامہ
جي حاشيه ص 69 تي سيد علي جو شعر ۽ پير مراد
جي نثر جو ٽڪرو ڏنو آهي. اهي ٻيئي مثال پير
صاحب جن معارف الانوار نالي قلمي ڪتاب تان
ورتا آهن، ان ڪتاب جو قلمي نسخو وٽن موجود آهي
[هن مسڪين ڏانهن سندن لکيل قرب نامو، تاريخ
21-6-1971ع].
(3)
آخوند عزيز الله مٽياروي: (المتوفي سن 1240هه/
1824ع) آخوند عزيز الله مٽياروي سنڌ جو وڏو
عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. مولوي محمد عثمان
جو شاگرد هو. مخدوم عبدالڪريم مٽياروي آخوند
صاحب جو همعصر هو. آخوند عزيز الله ڪافي عرصو
لنواري ۾ رهيو هو. آخوند عزيز الله قرآن شريف
جو تحت اللفظ ترجمو سنڌي نثر ۾ ڪيو آهي. (سنڌ
جي ادبي تاريخ. ج اول ص (ا20-202-203).
(1)
کاهي راهو سهتا قوم جو ٻڌايل، شهر نوشهري
فيروز کان اڍائي ميل پري، قومي شاهراهه جي وٽ
سان، کاهي ڪنڍن جي لڳ هڪ قديم ڳوٺ آهي. هي شهر
ساهتي جي علمي مرڪزن مان آهي. ڪيئي بلندپايي
جا عالم، اديب، شاعر ۽ درويش هن خير و برڪت
واري خاڪ ۾ ستل آهن. سڀيئي اڪثر صاحبِ تصنيف
بزرگ هئا. کاهي راهو جي ڀرسان کاهي ڪنڍن جو
پراڻو ڳوٺڙو آهي. هتي سيد نور محمد شاهه ڪنڍن
واري جي درگاهه ۽ خانقاهه آهي. سيد ميان نور
محمد شاهه، قاضي ميان احمد دمائي جو شاگرد ۽
فيضيافته هو. پاڻ وڏو ولي، ڪامل ۽ فارسيءَ جو
شاعر هو. سندس فارسي شعر ۾ تڪميلة المعرفت
نالي رسالو قلمي صورت ۾ مون وٽ آهي. سندس
احوال ته ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ پڙهندڙن جي اڳيان
پيش ڪندس.
(2)
کاهي راهوءَ ۾ قاضي شاهه محمد اول وڏو باڪمال
بزرگ، عالم ۽ ولي ڪامل ٿي گذريو آهي. شهر ۾
سندس (هلنـدڙ- اڳئين صفحي تي) ديني
مدرسو هو. جنهن ۾ پري پري کان شاگرد اچي ديني
علمن ۾ تحصيل ڪندا هئا. قاضي صاحب ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ جو بزرگ آهي. سندس تعمير ڪرايل مسجد
جي حجري ۾ سندس آخرين آرامگاهه آهي. پاڻ ڪيترو
علمي قلمي ڪتابن جو ذخيرو ڇڏيو اٿس.
(1)
انهيءَ رسالي تي هڪ مقالو ”الرحيم“ سنڌي
رسالي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ ۾
سال 1968ع جي پرچي نمبر 1 ۾ هن بندي جو شايع
ٿيل آهي.
(1)
محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ج اول ص
113. سن 1937ع.
|