هن جون اهي دوکي ۾ آڻيندڙ ڳالهيون ٻڌي، آءٌ ته
پنهنجو هوش و حواس وڃائي ويٺس. هن جي مٺڙين ڳالهين
۽ چرب زبانيءَ تي اهڙو ته ڀنڀلجي ويس، جو وڌيڪ سوچ
ويچار ڪونه ڪيم. اڳ پوءِ ڪونه ڏٺم. صبح جي هير
واري نصحيت به وساري ويٺس. هن سان هلڻ لاءِ تيار
ٿي ويس. منهنجي خاموشيءِ مان هن اندازو لڳايو ته
آءٌ هلڻ لاءِ تيار آهيان هونءَ به ’الخاموشي نيم
رضا‘ ليکي ويندي آهي. هن پنهنجو هٿ مون ڏانهن
وڌايو ۽ ڌيري ڌيري مون کي ٻوٽي کان ڌار ڪيائين.
اتي البت ڏک به ٿيم جو پنهنجي ڪٽنب قبيلي کان الڳ
ٿيس. پر جلدي ايندڙ خوشيءِ ۽ عزت جي اَسري تي اها
جدائي مٺي ڪري ڀوڳيم.
”خير، مون کي ڇني ڌار ڪيائين ۽ کڻي هڪ ڪپڙي جي
وڏيءَ ڳوٿريءَ ۾ وڌائي اندر ڏسان ته مار! هت ته
منهنجا ڪيترا ڀائر ۽ يار دوست موجود آهن. اتي البت
اداسائي اڏامي وئي ۽ خوشي محسوس ٿيم. پر اها خوشي
ڪا غم جو پيغام هئي. کني جو نهاريائين ته سڀني جا
منهن لٿل آهن. سڀ ملول پيا ڏيکارجن. ڀر واري ڀاءُ
کان پڇيم، جنهن روئڻهارڪو منهن ڪري ٻڌايو ته ’هي
شڪاري آهي. پتو ناهي ته الائجي ڪهڙي حالت ڪندو.
اسان سڀني کي گشا ڏئي، هيٺيون مٿيون ملائي، هٿ وٺي
آيو آهي. پر حقيقت جو پتو نه آهي ته حشر الائجي
ڪهڙو ٿيندو.‘
”اتي آءٌ پڇتائڻ لڳس. صبح جي هير جي نصحت به ياد
آيم، پر افسوس جو وقت گذري چڪو هو. خير، دل کي آٿت
ڏيڻ لڳس ته رک الله تي. عزت ۽ ذلت خدا جي طرفان
آهي. ’لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.‘ جيڪي
ٿيڻو هوندو، سو ٿيندو. اسان کي ڪهڙي طاقت آهي، جو
امر کي آڏو ڦرون.
”خير، گهڙي پل کان پوءِ، اسان سڀني کي اچي گهر ۾
کٽ تي ڦٽو ڪيائين، اسان سڀني جا منهن ڪجهه سفر سبب
۽ ڪجهه مائٽن ۽ عزيزن کان وڇوڙي سبب ڪومائل هئا.
اها ڳالهه شڪاريءَ به محسوس ڪري ورتي ۽ ڇا ڪيائين
جو پاڻيءَ جو گلاس ڀري، کڻي اسان جي مٿي
ڇڻڪايائين. اتي اسان ۾ به ڪجهه ساهه پيو ۽ هوبه
سرهو نظر آيو. جهٽ کن ۾ ڇا ڪيائين، جو هڪ وڏي تکي
سئي کڻي آيو، جنهن ۾ وڏو ٿلهو سڳو پيل هو، اسان جي
ڀرسان کٽ تي ويهي، لڳو اسان کي سڳي ۾ پوئڻ. هن جو
مقصد هو ته اسان مان گهڻن کي گڏ ڪري، سبي سوگهو
ڪري ۽ هار جي صورت ۾ آڻي. ڏٺم ته ٻين دوستن جي
ٽنگن ۾ سئي ٽنبيائين ۽ چالهه ۾ سڳو وجهندي پئي
ويو. ويچارن جي درد کان دانهن نڪريو پئي وئي. پر
ڪنهن جي مجال جو هن کي هڪ اکر به چوي. نيٺ منهنجو
وارو به آيو. ٻين جي غمگين حالت ڏسي، منهنجو ته اڌ
هيانءُ اڳ ۾ ئي ڳري چڪو هو. جڏهين منهنجو وارو
آيو، ته جنسي ڏڪي ويس. منهن جو پنو ئي لهي ويو. پر
هڪ ظالم ڪٿي ٿو رحم کائي. نيٺ مون کي به ٻين دوستن
سان گڏ سڳو چيلهه ۾ وجهي، لٽڪائي ڇڏيائين. آخر،
ٽنگون مٿي ۽ منڍي هيٺ ٿي وئي. دانهون ڪندو رهيس ۽
چيومانس ته ”اي ظالم، توکي شرم نٿو اچي تون مون
سان ڪهڙا انجام ڪري آئين. هت آهي جو اچڻ سان کڻي
ڦاهيءَ ۾ اٽڪايو اٿئي ڇا، تو واريون سڀ ڳالهيون سڀ
ريب ۽ فريب هيون؟
اتي هن مون ڏانهن مهڙ ڪري، رکائيءَ سان جواب ڏنو:
اي گلن جا شاهه، تون ڏاڍو اياڻو آهين. تڪليف کان
سواءِ ڪنهن به شئي جو قدر ۽ قيمت نه ٿيندي آهي.
سون به باهه مان لگهندو آهي ته پوءِ عزت ٿيندي
اٿس. تون وري به هلڪيءَ تڪليف تي هارائي بيٺو
آهين؟ اهي ڏک ته سکن جو پيغام آهن. جڏهين اهي
منزلون طي ڪندين، تڏهن ته ڪنهن عزت واري مقام تي
پهچندين ۽ ڪنهن جي ڳچيءَ جو هار ٿيندين. هاڻي ماٺ
ڪري ويهه ۽ پنهنجي حسن جا ڪرشما پس. اجايو ورئي
رڙي، پنهنجا حال قال ۽ حسن جمال نه وڃاءِ، نه وري
ٻين کي هنياري وجهه.‘
”خير، خاموش رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو.
صبر ڪيم ۽ اها آيت روجائيندي رهيس ته تحقيق الله
صبر ڪندڙن سان آهي. پنهنجي ڪئي ته ارمان ۽ پڇتاءُ
ته ڪيم پئي. پر اهو سڀ اجايو هو. رب جي رضا تي
راضي رهڻو هو. جڏهن انسان کان خطا پوندي آهي ۽
سڀڪجهه وس کان نڪري ويندو اٿس، تڏهين قدرت کي ياد
ڪندو آهي. تڪليف ۾ الله ياد ايندو آهي. خوشين ۾
خدا کي ڪو پجاري ئي ڪونه.
”جلدي، هن صاحب، مون سان ٻيا گل به ملائي، هڪ
خوبصورت هار تيار ڪيو ۽ ان هار ڏانهن نهاري باغ
ٿيڻ لڳو. اتي مون به ايترو اعتراف ڪيو ته اسان جي
ملڻ ۽ ٻڌيءَ سبب اسان جي حسن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
عارضي خوشي ته ضرور پيدا ٿي، پر دل کي اهو سڪون ۽
چپن ڪونه پئي آيو. اندر کاڌل هئم. رکي رکي غم ۽
الم جون ٽاٽون پئي اڀريون، پر آخر ڪري ئي ڇا پئي
سگهيس. خاموشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو هٿيار ئي ڪونه
هو.
حقيقت اها آهي ته هيءَ دنيا سکن ۽ ڏکن جو اَستان
آهي. پر اهي ڏک ۽ سک به هميشہ لاءِ هلندڙ نه آهن.
جيڪڏهن اسين اڄ خوش آهيون ته پوءِ اسان کي ياد رکڻ
گهرجي ته اهو وقت پري نه آهي، جو ڏکن جا پهاڙ اسان
جي مٿان اچي ٽٽن. ٻئي طرف، جيڪڏهن اڄ اسين غمن ۽
ڏکن سان گهيريل آهيون ۽ تڪليفن ۾ ڏاکڙن جي رندن
تان رڙهي رهيا آهيون ته پوءِ اها اميد هئڻ گهرجي
ته سکن ۽ خوشين واري سيج اسان کان پري نه آهي.
هيءَ دنيا هميشہ هڪ حال ۾ نه آهي. ’هڪ سج ٻه پاڇا
آهن.‘ جيڪڏهن لاها آهن ته چاڙها به آهن؛ جيڪڏهن
ترقي آهي ته تتنزل به آهي؛ جيڪڏهن ڪمال آهي ته
زوال به پري نه آهي.
جڏهن اسان کي هڪ هار جي صورت ۾ آندو ويو، تڏهن
اسان پاڻ کي هڪ سهڻي صورت ۽ موهڻي مورت ۾ ڏسي، خوش
ٿياسون. اڳيون تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا ڀلجي ويا. مون
تي اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته سون تڏهن ئي اوجر ٿئي
ٿو جڏهن باهه مان گآري ٿو؛ چاندي تڏهن ئي چاندي
ٿئي ٿي، جڏهن هٿوڙا سهي ٿي.
اسان جي موجود صورت نه صرف اسان کي مست ڪري رهي
هئي، پر انسان لاءِ به فرحت جو سامان ۽ سڪون جو
ساز هئي. اسان کي ان شڪاريءَ هڪ خاص نرم هنڌ تي
آهستگيءَ سان رکيو ۽ اسان کي پيار ڀريل نظرن سان
ڏسڻ لڳو ۽ اسان کي دلداري ڏيڻ لڳو ته ”هاڻي اوهان
جا سور سنڌا ڪري ويا ۽ اوهان لاءِ سکن جو واءُ
وريو آهي. هاڻي اوهان جو قدر، عزت، احترام ۽ ملهه
ٿيندو، جنهن کان اوهين خود خوش ٿيند.“
خير، اسان شڪاريءَ جي انهن ڳالهين تي ڀروسو ڪونه
ڪيو، جو هو پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺو هو. جيڪڏهن
ڪو هڪ دفعو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته پوءِ ان جو سچ به
هميشہ ڪوڙ ئي معلوم ٿئي ٿو. مون تي اهڙو اثر ٿي
ويو هو ته هو هڪ ظالم،. خود غرض، خود مطلبي خوشا
مدڙيو ۽ مڪار انسان آهي، جنهن جي ڪابه ڳالهه وسهڻ
جي لائق نه آهي.
اسان اڃا نرم جڳهه تي ويهي، مس سک جو ساهه پٽيو ته
ماڻهو اندر داخل ٿيو ۽ اچڻ سان اسان جي طرف نهاري
خوشي محسوس ڪرڻ لڳو. اسان کي هن جي لالچي تکين
نطرن مان خوف محسوس ٿيو؛ پر هن جي واتان پنهنجي
ساراهه ۽ ثنا ٻڌي، اسان کي اهو احساس ٿيو ته هي
اسان جي حسن جو شيدائي آهي. هن اجنبي شخص اسان جي
عارضي مالڪ سان اسان بابت ڳالهايو ۽ ان کي ڪجهه
معاوضو ڏئي، اچي اسان ۾ هٿ وڌائين. اسان جون دليون
دهلجي ويون. هن جا هٿ اسان لاءِ ڄڪ زنجيرون هيون.
گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيوسن، پر ڪير ٿو ڪنهن جي
ٻڌي. چوندا آهن ته ”مئا آهن جيئرن جي وس.“ سو،
اسان به مئلن وانگر بيوس ۽ لاچار هئاسون. هن به نه
ڪئي هم نه تم، کڻي اسان کي اُڀو ڪيائين. اسان جون
چيلهيون ته اڳ ئي سور کان چڪنا چور لڳيون پيون
هيون، سو اسان کان ته دانهن نڪري وئي.
سچ پچو ته پهرئين مالڪ جي ڪوڙن دلاسن ۽ ظالمانه
روش، اسان کي اهڙو ته بيزار ۽ تنگ ڪري ڇڏيو هو، جو
اسان ان اجنبي سان گڏ وڃڻ ۾ البت سلامتي سمجهي ۽
ان ۾ پنهنجو قدر، عزت، اهميت، نجات ۽ سڪون محسوس
ڪيو. هن صاحب اسان کي نرميءَ ۽ آهستگيءَ سان کنيو
۽ هلڻ لڳو. اسان پنهنجي مالڪ ڏانهن اک کڻي به ڪونه
نهاريو، ڇاڪاڻ ته هن اسان سان چڱا پير ڪونه ڀريا
هئا.
چوندا آهن ته ’اگهاڙي ڪُني ڪانَون هاب‘، سو بلڪل
سچ آهي. حسن واري شئي لاءِ ٻاهر سر ميدان بنان
پردي جي نڪرڻ چڱو آهي نه آهي. پوءِ اها حسين شئي
ماڻهن جي لالچي ۽ حريص نگاهن جو شڪار ٿيو پوي. اها
حالت اسان جي هئي. ٻاهر نڪتاسون ته سڀڪو اسان
ڏانهن پيو نهاري. ماڻهن جي اهڙي گهور اسان کي پسند
نه آئي، سو ڪنڌ کڻي هيٺ ڪياسون. آءُ ته مورڳو ٻين
ڀائرن ۾ لڪي ويس. ايترو ضرور هو ته انهن ماڻهن جي
نگاهن ۾ اسان لاءِ پيار ۽ چاهه ضرور هو.
خير جو وقت گذريو. ماڻهن جي نگاهن کان بچندا، هڪ
اهڙي جڳهه تي پهتاسون جتي تمام گهڻن ماڻهن جو ميڙ
لڳو پيو هو. آخر ڪيتري لڄ ۽ شرم ڪجي. اسان به پڪا
ٿي وياسون. هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڏٺوسون ته مار،
ماڻهو آهن، جو نوان ۽ سٺا ڪپڙا پهريو بيٺا آهن ۽
پاڻ کلن ۽ ٽهڪ پيا ڏين. خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پيا
ماپن. پاسي کان دهلن شرنائن جو واڄو لڳو پيو هجي.
ننڍو وڏو پنهنجي موج ۾ مگن هجي. اسان کي هي ماحول
کي ڏاڍو پسند آيو. ڏٺوسون ته هٿ خوشيءَ ۽
شادمانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه شئي ڪانه هئي.
گهڙي پلڪ گذري ته هڪ سهڻو قدروارو جوان، تمام سٺن
ڪپڙن ۾ ملبوس، عطرن عنبيرن جي خوشبوءِ سان معطر،
ڪيترن ئي قسمن جي گلن ۽ رپين جي هارن سان جنجهيل،
ظاهر ٿيو. اسان واري نئين مالڪ به دير ئي ڪانه ڪئي
۽ کڻي ان جي گلي ۾ وڌائي. اتي اهو همراهه به ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ اسان جي نئين مالڪ جو شڪريو بجا
آندائين. اسان به اتي ڪي قدر سڪون ۽ اطيمنان محسوس
ڪيو، جو اتي اسان جا ڪيترائي ڀائر ۽ دوست پڻ هئا.
اسان کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي هو به ڏاڍو گد گد ٿيڻ
لڳا. هڪٻئي کان حال احوال ڏناسون ورتاسون هنن اسان
جي چڱي آدرڀاءُ ڪئي ۽ اسان کي دلداريءَ ڏنائون.
هنن ٻڌايو ته اهو گهوٽ هو جنهن جي ان ڏينهن تي
شادي ٿيڻي هئي ۽ اسان سندس سونهن کي چوڏهن چنڊ
لڳائڻ لاءِ جنهن جي ان ڏينهن تي شاديءَ جو ٻڌي،
آءٌ به خوش ٿيس. مون کي هيءَ محفل ڏاڍي وڻي ۽ دل
گهريو ته جيڪر هميشہ اهڙي ماحول ۾ رهان.
سچ آهي ته خوشي ۽ آرام هميشہ لاءِ نيبہ رهڻ واريون
شيون نه آهن. اهي جيڪڏهن هميشہ رهڻ واريون نعمتون
هجن ته جيڪر اسين بيزار ٿي پئون. انهن خوشين جو
مزو تڏهن آهي جڏهن تڪليفون ۽ ڏاکڙا به موجود آهن.
حقيقت ۾ ڏک ئي سکن جي سونهن آهن. سواءِ سک بي
معنيٰ ۽ بيسود آهن. شاهه صاحب ڪين فرمايو آهي ته:
ڏک سکن جي سونهن، گهوريان سک ڏکن ريءَ.
سياڻپ انهيءَ ۾ آهي ته جڏهن اسين سکن ۾ هجون ته
ڏکن کي به نه وساريون جڏهن ڏکن ۾ هجون ته سکن جي
اميد به هٿان نه ڇڏيون.
انهيءَ موقعي تي، شادي دوران، مون اهڙا موقعا ۽
خوشيءَ جا اَستان به ڏٺا، جو انهن جو بيان ڪرڻ
منهنجي زبان جي وِت کان ٻاهر آهي ۽ انهن کي بيان
ڪرڻ به شرافت نه آهي جس اهي انهيءَ ملائڪ صفت
انسان کي، جو مون کي اهڙين جاين تي به وٺي ويو،
جتي مون کي رهندي شرم پئي آيو.
بهرحال، اهي سڀ موقعا گذريا. آءٌ ڪجهه ٿڪ سبب ۽
ڪجهه پيري اچڻ سبب ڪي قدر زماني جي گردش ڪري گهڻو
مرجهائجي ويس. شادي به ختم ٿي ۽ هاڻي شايد منهنجي
ضرورت به نه رهي. منهنجي ضرورت نه هئڻ جا سبب ٻيا
ته کڻي ڪهڙا به هجن، خاص سبب اهو سمجهيم ته آءٌ
پنهنجو اصل حسن ۽ خوشبوءِ وڃائي ويٺو هوس. مون ۾
ڪشش ۽ حسن نه رهيو هو، جو منهنجي موجودگيءَ ۾ هو
فرحت ۽ سڪون محسوس ڪري هو به آخر موقعي شناس ۽ خود
غرض نڪري پيو. مون کي پاڻ کان جدا ڪري، کڻي پاسي
سان رکيائين.
هن کان ڌار ٿيڻ سان وري تڪليفن جو آغاز ٿيو. اڃا
مون کي لاهي مس رکيائين هڪ حرڪتي ڇوڪر مون کي کڻي
وٺي ڀڳو. بس، پوءِ ته ناحق هو مون سان، هڪدم کڻي
پنهنجي گلي ۾ وڌائين. پئي جو ٻيو ڇوڪرو، سو جهاپو
هڻي مون کي هار کان ڌار ڪري کڻي وٺي ڀڳو.
ان ڇوڪر، مون کي پاڻ کان ڌار ڪري، مون سان جنسي
ويل ڪري ڇڏيو. پاڻ کي اداس ۽ اڪيلو هڪ طرف محسوس
ڪرڻ لڳس ۽ هن جي هٿن ۾ گهُٽ ٻئي طرف محسوس ڪرڻ
لڳس. مون کي نپوڙي اهڙو ته ڪري ڇڏيائين جو ڳالهه
کان ٻاهر! نيٺ مروٽي- سروٽي بيساهو ۽ بيهوش ڪري،
کڻي هن جڳهه تي ڦٽو ڪيائين، جتي پئي ڪيترا ڏينهن
گذري ويا آهن.
مون واٽهڙن کي سڏ ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي حسن جي
تاريخ پڻ ٻڌايم، پر منهنجي حالت زار تي ڪنهن به
رحم نه کاڌو. اوهان ئي آهيو، جنهن منهنجي دکدائڪ
دانهن تي مون کي کنيو آهي ۽ مون کان حال ورتو آهي
۽ منهنجو دلجو ئي ڪي آهي.
هاڻي منهنجي زندگيءَ جون رعنايون ته ختم ٿي چڪيون
آهن. باقي، حياتيءَ جا دم آهن، جيڪي پورا ڪرڻا
آهن. اوهان کي صرف اها التجا آهي ته مون کي ڪنهن
اهڙي هنڌ رکو جتي آءٌ باقي زندگيءَ جا ڏينهن آرام
سان بسر ڪري سگهان ۽ ڪنهن مصيبت ۾ نه اچا. آءٌ
هميشہ اوهان کي دعائون ڏيندو رهندس. مون کي افسوس
آهي، جو آءٌ پنهنجي اصل حسن ۽ خوشبوءَ سان اوهان
جي ڪابه خدمت ڪري نٿو سگهان. مون کي معاف ڪندا.
چنا شبير ”ناز“
(ڊرامو)
ٿري- ڪيسل
1.
خانبهادر عطا الله
2.
بيگم عطا الله
3.
شهناز- خانبهادر جي ڌيءَ
4.
شفو- خانبهادر جو نوڪر
5.
ڊاڪٽر قريشي
6.
انسپيڪٽر عزيز
۽
اي. ايس. آءِ دلاور، سپاهي، نرس مئنيجر،
ڊرائيور.
پهرين سين
خانبهادر عطاءَ الله جو بنگلو. بيگم صاحبہ ۽
خانبهادر ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهن. بنگلي ۾ شهناز ۽
نوڪر شفو موجود آهن.
(گهنٽي وڄي ٿي)
شهناز: اڙي شفو، ٻاهر ڏس ته ڪير آ؟
شفو: بيبي، مان اٽو ٿو ڳوهيان، هٿ صاف ناهن، ذرا
اوهان تڪليف وٺي ڏسو نه.
شهناز: توکي ته هميشہ بهانو ڏيڻ اچي شل نه ڪو ڪم
پئه ته سوين پيو عذر ڏيندين (وري گهنٽي وڄڻ جو
آواز اچي ٿو) .
شهناز: چڱو چڱو، لاٽ صاحب، مان ٿي وڃان. (ڀُڻ ڀُڻ
ڪندي وڃي ٿي) آيو، آيو. (قدمن جو آواز، پوءِ لوهه
جي دروازي کلڻ جو آواز)
ملاقاتي: آداب محترمہ- مون کي خانبهادر صاحب جن
سان ملڻو آ.
شهناز: پاڻ ٻاهر ويل آهن، جيڪڏهن ملڻو ضروري آهي
ته شام جو ستين بجي ايندا.
ملاقاتي: ملڻو ته ضروري هو، پر شام جو... هن ئي
بنگلي جو نالو ”شان منزل“ آهي نه؟
شهناز: جي....
ملاقاتي: شام جو مون کي هن بنگلي تي اچڻ ممڪن
ناهي. معاف ڪجو، معاف ڪجو، ڇا مان پڇي سگهان ٿو ته
اوهان ڪيتري عرصي کان هتي رهو ٿا؟
شهناز: اسان کي ڪي پندرهن ڏينهن کن ٿيندا.
ملاقاتي: انهيءَ عرصي ۾ اوهان سان ڪو واقعو ته
ڪونه پيش آيو آهي؟
شهناز: مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو.
ملاقاتي: محترمہ، ”شان منزل“ ته سڄي شهر ۾ مشهور
آ. هتي ڪوبه شخص ٽن ڏينهن کان مٿي نٿو رهي سگهي.
شهناز: اُف ... آخر ڳالهه ڇاهي؟
ملاقاتي: ڪافي عرصي کان هتي جن رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن
ڪو مسافر اچي هڪ رات رهي هليو ويندو آهي، نه نه ٻي
ماڻهو لاءِ هتي رهڻ ممڪن ناهي.
شهناز: اڇا!.. پر اسان کي اڃا ڪا اهڙي ڳالهه نظر
نه آئي آهي.
ملاقاتي: انهيءَ ۾ به ڪا مصلحت هوندي.
شهناز: مان اڄ ئي ڊيڊيءَ کي چونديس ته هي بنگلو
ڇڏي ڪو ٻيو وٺي، هتي مان هڪ گهڙي به نه رهنديس.
ملاقاتي: خدا خير ڪري. مون ته اوهان جي فائدي جي
ڳالهه ڪئي آهي، چڱو مان هاڻي هلان ٿو.
شهناز: پر ٻڌو... اوهان جو اسم شريف؟ ته جيئن
ڊيڊيءَ کي اوهان جي اچڻ جو اطلاع ڏيئي سگهان.
ملاقاتي: وري سڀاڻي اچي ملندس، مون کي عظيم چوندا
آهن- ... خدا حافظ.
شهناز: خدا حافظ.
(دروازي بند ڪرڻ جو آواز)
(ڪمري ۾ اچي شفو کي سڏي ٿي)
شهناز: شفو... او شفو، هيڏانهن ته اچ .
شفو: اجهو آيو بيبي! تئو چلهه تي رکيو آ، ٻه ٽي،
مانيون اڇلائي اچان ٿو.
شهناز: وري ساڳي بڪواس... جلدي هيڏانهن آءٌ. ڇڏ
انهن مانين کي، پوءِ پچائجانءِ
(شفو ڊوڙندو اچي ٿو.)
شفو: جِي بيبي... حڪم!
شهناز: مون کي ڊپ ٿو لڳي شفو تون هتي ويهي رهه.
شفو: ڪمال آ، ڏينهن ڏٺي جو ڊپ، مون کي اڃا ماني
پچائڻي آ، بيگم صاحبہ ايندي ته ناراض ٿيندي.
شهناز: بڪواس بند ڪر، چپ ڪري هتي ويهي رهه، اٿيو
آهين ته ٻئي ٽنگون ڀڃي ڇڏينديسانءِ.
شفو: چڱو بيبي! ته هيئن ڪريو جو اوهين به هلي
بورچيخاني ۾ ويهي رهو. مان پنهنجو ڪم به ڪندو
رهندس.
شهناز: چڱو چڱو هل... اوڏانهن ئي هل (ٻئي
بورچيخاني ۾ اچن ٿا) (اوچتو ڀر واري هال مان گاني
جو آواز اچي ٿو)
آواز: هون.. هون.. هون.. هون..
نه نه نا... نه نا... نا....
شهناز: شفو! اجهو ٻڌين ٿو، هال مان ڪنهن جو آواز
ٿو اچي.
شفو: بيبي، جِي، اڃا نه صرف آواز ٿا ٻڌجن، اڳتي
الاجي ڇا ڇا ٿيندو، مان ته انهيءَ ڪري بورچيخانيءَ
۾ باهه ٻاري ڇڏيندو آهيان. جتي باهه ٻرندي آ، اتي
خوف نه ايندو آ.
شهناز: شفو مون کي ته ڊپ ٿو ٿئي، ڏس، آواز به ڍرو
ٿي ويو.
شفو: مون ته اڳ ۾ ئي صاحب جن کي چيو هو، پر
مڃيائون ڪين ٿي، اٽلو دڙڪا ڏنائون تڏهن مان خاموش
ٿي ويهي رهيس.
شهناز: اُف الله.. مان هاڻي مان پنهنجي ڪمري ۾
ڪيئن وڃان.
شفو: پوءِ وڃجو بيبي... ڪهڙو اوهان کي ڪم ڪرڻو آهي
اُتي.. ڄاڻ بيگم صاحبہ آئي.
شهناز: اڙي شفو، منهنجو پرينهن امتحان آهي ٽيچر
ڪجهه ڪم ڏنا آهن، سي به ڪرڻا اٿم.
شفو: پهريائين هي ته امتحان ڏيو. (خانبهادر ۽ بيگم
صاحبہ جن اچن ٿا.)
بيگم صاحبہ: شهناز، شهناز، الائي ڪيڏانهن ويئي گهر
اڪيلو ڇڏي.
شهناز: (پريان آواز) امي، مان هيڏانهن آهيان، اچان
ٿي.
بيگم چڱو چڱو ڌيءَ.. اُف.. ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان،
اڄ ڪار به پري ڪري بهاري هئي. پٽ ذرا چانهه ته آڻ،
شهناز: حاضر امان.. شفو! چانهه کڻي آءُ.
شفو: اجهو آيو بيبي. بس باقي هڪ ماني ڪڍڻي آهي.
شهناز: ٿوري دير ٿي هڪڙو ماڻهو عظيم نالي ڊيڊي سان
ملڻ آيو هو، جنهن بڌايو ته هن جاءِ ۾ ڪو ٽن ڏينهن
کان مٿي نه رهي سگهيو آهي. مان وڃي بورچيخاني ۾
ويٺس ته ڪنهن جي ڳائڻ جو آواز هال جي ڪمري مان اچڻ
لڳو، شفوءَ به پئي ٻڌو.
بيگم: هاءِ هاءِ منهنجي ٻچڙي! مان به چوان ته ڇو
منهنجي ڌيءَ جو منهن زردو ٿي ويو آهي مون ته
پهرئين ئي ڏينهن تنهنجي ڊيڊيءَ کي ٻڌايو هو پر هو
انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ئي ڪٿي ٿو ڏئي، خدانخواستہ
سڀاڻي ڪجهه ٿي پيو، تڏهن خبر پوندس.
شهناز: امان، مون تي ته وحشت طاري ٿي وئي آهي.
پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ کان ڊپ ٿو لڳيم.
بيگم: پٽ! حوصلو ڌار، تنهنجو ڪمرو ته وچ ۾ آهي.
هيڏانهن مان آهيان، هوڏانهن شفو ٿو سمهي،
خدانخواستہ ڪا ڳالهه ٿي ته اسان سڀ تنهنجي قريب
موجود آهيون. وچ هاڻي وڃي پنهنجي ڪاليج جو ڪم ڪر،
رات جو دير تائين نه جاڳجانءِ.
شهناز: چڱو امان.
(قدمن جو آواز)
(هو جيئن پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي هلڪي رڙ نڪري
وڃيس ٿي. ڇو ته کيس ڪمرو سينگاريل نظر اچي ٿو ۽
سينگار ميز تي اهڙو نئون سامان ترتيب سان رکيل
اهي، جيڪو اڳي وٽس ڪين هو).
شهناز: اوهه!.. مُنهنجو ڪمرو!.. ڪنهن صاف ڪيو!...
۽ منهنجي سينگار ميز.. اڙي هي ڦڻي، پائوڊر، عطر،
سينٽ، برش، ڪاجل، پف، لپ اسٽڪ، هيئر ڪلپ، هان! هي
سوٽ! پلاسٽ جا گل.. امي- امي امي جان! هيڏانهن ته
آءٌ.
بيگم: ڇا هي پُٽ، ڇا ٿيو؟
شهناز: ذرا منهنجو ڪمرو ته ڏس... ڪنهن هي سامان
سينگاريو آ- امان، مان هن ڪمري نه رهنديس.
(خانبهادر صاحب به اچي ٿو)
خانهبادر: شهناز ڌيءَ! ڇا تي شور مچايو اٿئي- صفا
ڊڄڻي آهين. شل نه چمڙي يا ڪانءُ جو ڪو آواز ٻڌين،
رڙيون ڪرڻ شروع ٿي ڪرين.
بيگم: توکي ته ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي
ذرا ڏس ته شهناز جو ڪمرو ڪهڙي نموني سينگاريل آهي،
۽ هي سامان به ته پاڻ وٽ ڪين هو.
خانبهادر: (ٽهڪ ڏيندي) بيگم- نقصان ۾ ته ناهيون.
ماڻهو نقصان کان ڊڄندو ۽ فائدي تي خوش ٿيندو آهي.
ڪمزور سينگاريو ويو آهي ۽ هيترو سارو سامان اسان
جي ملڪيت بڻجي ويو آهي، تنهن ۾ خوف ۽ خطري جي ڪهڙي
ڳالهه آهي!
بيگم: توکي ته الاجي ڇا ٿي ويو آ- ڪو پراڻي زماني
جو ماڻهو هجي ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري تڏهن به ٺهن.
پر تون ته اچي پنجاهه کي پهتو آهين تڏهن به اهڙيون
ڳالهيون ٿو ڪرين.. اڄ ائي ڪنهن ٻيءَ جاءِ جو
بندوبست ڪر. اهڙي جاءِ ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو جتي
هر گهڙي فڪر ۽ پريشاني رهي.
خانبهادر: ميوي واري وڻ جي ڇانوَ غنيمت آهي بيگم!
آئي رزق کي لَت نه هڻ. مان ته ’شان منزل‘ ۾ ئي
رهندس، باقي جيڪڏهن اوهان کي تڪليف ٿي ٿئي ته ٻيءَ
جاءِ جو بندوبست ڪري ٿو ڏيانوَ.
بيگم: ٻڌين ٿي پڻهين جون ڳالهيون... اوهان جي جان
به ته اسان کي پياري آ- اوهان کي ڇڏي ڪيڏانهن
وينداسين.
خانبهادر: ته پوءِ الله جو نالو وٺي چُپ ڪري ويهي
رهه.
شهناز: امان مان ته هن ڪمري ۾ ڪڏهن به نه.
خانبهادر: تون منهنجي ڪمري ۾ پنهنجي ماءُ سمجهان.
مان تنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهان ٿو. بس، هاڻي انهيءَ
معاملي تي وڌيڪ نه سوچبو وڃي. پنهنجن پنهنجن ڪمن
کي لڳو.
(موسيقي)
ٻي سين
(رات جو وقت آهي، سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ سُتل
اهن. هال مان اچانڪ ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز سان
سڀني جون اکيون کلن ٿيون. بيگم ۽ شهناز ڊوڙي
خانبهادر جي ڪمري ڏانهن وڃن ٿيون.)
بيگم: ٻُڌو ٿا... هال مان ٻار جي روئڻ جو آواز؟
خانبهادر: ٻڌان ٿو، بيگم ها ڏسون ته ڇاهي.
بيگم: مان ته نه هلنديس اوڏانهن
خانبهادر: چڱو جيڪڏهن توکي پنهنجي جان ايتري پياري
آهي جو منهنجو ساٿ به نٿي ڏين، پوءِ مان اڪيلو ئي
ٿو وڃان.
بيگم: آءٌ شهناز. اسان به هلون... پڻهين هميشہ
منهنجي ساٿ کي آزمائيندو رهندو آهي. (سڀني جي هلڻ
جو آواز. ٻار بدستور روئي ٿو. جيئن جئين سڀ اڳتي
وڌندا رهن ٿا، ٻار جو آواز تيز ٿيندو وڃي ٿو...)
خانبهادر: آءٌ بيگم، الله جو شان ڏس، توکي هڪ پٽ
جي خواهش هئي. الله تعاليٰ تنهنجي ٻڌي. کڻ، ڪهڙو
نه چنڊ جهڙو چهرو اٿس،
بيگم: منهنجي ابي- ڏاڏي جي توبہ جو کيس هٿ لايان.
ڪنهن مولوي صاحب کي سڏي اچو ته قرآن شريف جو ختمو
ڪڍائجي.
خانبهادر: آءٌ بيگم، انسانيت روئي رهي آهي، ۽ تون
مدد لاءِ به هٿ نٿي وڌائين! چڱو مان ٿو ٻارڙي کي
کڻان!
بيگم: ڏس متان کيس هٿ لاتو اٿيئي. هٿ لائڻ سان
ٻڪري يا ٻِلي ٿي ويندؤ!
خانبهادر: جيڪا اسان جي قسمت!
(خانبهادر روئيندڙ ٻار کي کڻي ٿو)
پُٽ بَس ڪر، بَس ڪر، هاني توکي سهارو ملي ويو...
گهڻي عمر ٿيندءِ.. شايد هڪ يا ٻه ڏينهن!.. خير
پرواهه ناهي.. اچي اچي آڱر چوس! (ٻار خاموش ٿي وڃي
ٿو. خانبهادر کيس پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ٿو. اُن وقت
شفو به اچي ٿو...)
شفو: (گهٻرائيندي (حضور حضور.. سائين... اوهان جي
ڪار ۾..
خانبهادر اڙي ڇاهي؟ ساهه ڇو ٿو نڪري ئي ڇا ٿو چوڻ
چاهين؟
شفو: سائين.. نئون ڄاول ٻار!
خانبهادر: ها ها ٻار! هي نه ته ڇاٿو ڏسين انڌو
آهين ڇا؟
شفو: سائين هڪ ٻيو به آ!
خانبهادر: هڪ ٻيو به آ.. ڪٿي؟
شفو: سائين اوهان جي ڪار ۾.
خانبهادر: هون. کڻي آءُ ... پرواهه ناهي يڪ نه شد،
دوشد.
شفو: حضور، مان... مان ته حضور...
خانبهادر: اڙي ڊڄين ٿو؟ هٿل هل، مان ٿو کڻي اچان.
(ٻيئِي وڃن ٿا. ٻار جي روئڻ جو آواز تيز ٿيندو وڇي
ٿو. ڪار جو دروازو کُلي ٿو، خانبهادر ٻار کڻي واپس
اچي ٿو.)
خانبهادر: اچي بيگم. هن ڏانهن به نِهار گلاب جي گل
وانگر تازو آهي.
بيگم: يا الله خير ڪر- الاجي هن گهر ۾اڳتي ڇاڇا
ٿيندو. |