سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :17

کيتي ۽ پاڻي: هن تعلقي جي پوکن پهچائڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جي واهن مان پاڻيءَ جو بندوبست ڪيل آهي، مگر جيئن ته دڙو برانچ جي پڇڙي، اچيو هتي پوري ٿئي، تنهنڪري گهرج جيترو پاڻي کيتيءَ کي ملي ڪونه ٿو سگهي. جڏهن فصلن کي پاڻيءَ جو کپ هوندو آهي (وئيراج جي وقت ۾) تڏهن هاري پاڻيءَ لاءِ پيا واجهائيندا آهن. مگر جڏهن فصل اچي تيار ٿيندو آهي، تڏهن اتر کان جاتي ۽ سجاول تعلقن جا زميندار پنهنجي فصل ۾ بيٺل فالتو پاڻي (پائنچن جو پاڻي) ڪڍي هيٺ لوڙهي ڇڏيندا آهن، جو زمين جي لاهيءَ سبب سڌو اچيو هتي ٺڪاءُ ڪري، جنهنڪري هتي جا آبادگار اهو سڄو وقت فصل جي سنڀال ۾ پورا رهندا آهن. بيٺل پوک کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بند ٻڌندا ۽ پاڻيءَ کي ٻئي پاسي وهائيندا آهن وغيره. ايتري گهڻي پاڻيءَ گڏ ٿيڻ سبب هيءُ سڄو تعلقو ڍنڍون ڍورا ٿي پيو آهي. هڪڙو ته درياءَ شاه پنهنجي مستاني چال سبب هن سڄي تعلقي تان پنهنجا پيرڙا گهمايا آهن، جنهن جا آثار ڇڇن ۽ ڇڇ سليمان، چوهڙجماليءَ جي ڀر واري ڪوري، گونگاڻين جي ڳوٺ واري ڪوري، حاجي عارب ڪيهر جي ڳوٺ ڪوري وغيره. زمين به هيٺانهين آهي جنهنڪري درياءَ شاه جي رخ ڦيرائڻ کان پوءِ هتي ڪيترين جاين تي وڏيون شاهي ڍنڍون ٺهي پيون آهن، جن مان گگهڻي، مڪڙوال ۽ سانڀيڙ گهڻو مشهور آهن. گنگهڻي ڍنڍ ته پاڪستان کان ٻاهر به مشهور ٿي چڪي آهي.

پاڪستان جا سربراهه توڙي ٻاهرين حڪومتن جا سربراهه، جي هن ملڪ جي دوري تي ايندا آهن، تن مان به گهڻا هن ڍنڍ کي پنهنجي تشريف آوريءَ سان مشرف ڪري چڪا آهن، جهڙوڪ شهنشاه ايران محمد رضا شاهه پهلوي ۽ سندس راڻي فرح ديبا، انگلنڊ جي راڻي ملڪهه ايليزبيٿ دوم، ملائشيا جو حڪمرام  اعليٰ ٽنڪو عبدالرحمان، يوگوسلاويه جو صدر مارشل ٽيٽو وغيره. هنن ڍنڍن تي سياري جي موسم ۾ اتر وارن ٿڌن ملڪن مان گھڻن ئي قسمن جا پکي جهڙوڪ بدڪون، اَڙيون، نيرڳي، ڊگوش، هنجھ، ٿرانڊا، رئتمبو، ٻهاڙ، چيڪلو ۽ ٻيا پکي گھڻاي انداز ۾ اچيو گڏ ٿين. ازانسواءِ مڇي به ڪيترن ئصي نمونن جي ٿيندي آهي، مثلاً موياڳي، منُڍي، ڪُرڙي، ڏنڀري، ڄرڪو وغيره. ڪيترن ئي غريب ڪٽنب مڇي ۽ پکي ڦاسائي پيٽ پاليندا آهن. عام طرح پکين ڦاسائڻ تي سرڪار پاران بندش پيل هوندي آهي، پر لڪچوريءَ سان ڪي ڏاڍا مڙس شڪار ڪري وڃن ٿا. آباديءَ لاءِ مکيه واهه دڙو برانچ آهي، جو ڪوٽڙي براج جي پيڃاري واهه مان نڪري سجاول تعلقي کي سراب ڪندو، هن تعلقي جي اترئين ڇيڙي وٽ چوهڙ جماليءَ جي اجنيري بنگلن ڀرسان اچيو، ننڍن واهن ۾ ورهائجيو وڃي. دوڙ برانچ مان مکيه واهه هي ٿا نڪر؛ ستاهه واه، ماڇڪي مئنر، رتول واهه، کانٽوواهه، گھارواهه،ڀورواهه، راڄ واهه، ڪوڏاريو واه پنج گزو واهه وغيره.هنن مان ستاهه واهه چڱو خاصو واهه آهي ۽ سڄي تعلقي ۾ اتر کان ڏکڻ تائين هليو ننڍين واهين ۾ روهائجي، ميين عثمان جي قبن وٽ وڃيو سمنڊ ۾ پوي.

پوکون:

هن تعلقي جي مکيه پوک ساريال آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڳاڙها چانور پوکيا ويندا آهن. ڪٿي ڪٿي اڇا چانور به ٿين. چانورن جون مکيه جنسون هي آهن: رتڙيا، سٺڙيا، ڪنگڻي، ٽه- مڻيا، گجائي، موتيا، باسمتي، وغير. سارين جي پوکڻ جو نمونو عام طرح اڳوڻو رونبي وارو آهي، مگر ڪٿي ڪٿي ۽ ڪورڙ به ٿئي. ڪن ٿورين جاين تي چيٽ ۾ ڪڻڪ، ڄانڀو، سرهه، مڱ، مانهن ۽ مهرو به ٿئي. ڇڇ گولو ۾ خواجا، ڪمند، مرچ، بصر ۽ ٻيو ڀاڄيون به پوکيندا آهن، جن کي پاي ڏيڻ لاءِ ڇڇ تي هرلا چاڙهيندا آهن، جن ۾ ڍڳا وهندا آهن. هتي جي هُرلن جو نمونو به اتر جي هُرلن کان ٻيءَ طرح جو ٿيندو آهي.

هن علائقي ۾ هارپ جو نمونو به عجيب آهي. جو اترئين ڀاڱي ۾ ڪونهي. اتر ۾ هاري زميندار کان زمين وٺي، وڃي آباد ڪندو آهي ۽ فصل کڻڻ تائين هو خود جوابدار رهندو آهي: هر ڏيڻ، فصل پوکڻ، پاڻي ڏيڻ، لابارو ڪرڻ يا وئڻن چونڊائڻ، فصل جي سنڀال ڪرڻ، زميندار کي سڏيءَ سڏ ڏيڻ يا ونگار وهڻ وغيره لاءِ شروع کان پڇاڙيءَ تائين هو خود جوابدار رهند: مگر هتي ائين نه آهي. هتي جيڪو ماڻهو زميندار جي زمين وٺي، هر ڏيئي، ڪري پوءِ آزاد ٿيو وڃي ۽ اڪثر وڃيو پنهنجي خيال سان جتي به پورهيو مليس اتي ٻچن کي وٺيو مهينو- ٻه مزوري ڪريو پيٽ پالي. ٻج ڦٽڻ کان پوءِ سمورو ڪم مثلاً بيٺل فصل کي ڍور ڍڪي، چور چڪار يا جهنگ جي جانورن کان بچائڻ، پاڻي ڏيڻ، فصل ۾ بيٺل پاڻي ٻاهر ڪڍڻ وغيره هڪڙي بئي انسان تي هوندو آهي، جنهن کي هتي واهي سڏيو ويندو آهي. واهيءَ جي حالت رحم جوڳي ڏسبي آهي: جسم تي فقط هڪ ننڍڙي گوڏ هوندو آهي. ايترن سارن ڪمن ڪرڻ جي عيوض کيس مِلي رڳو پيدائش جو ويهون حصو، جو وچان ڪڍيو ويندو آهي. انهيءَ هوندي به ڪي هوشيار جفاڪش واهي ٻن- ٽن زميندارن جون زمينون سنڀالي سُکيا سهنجا ويٺل ڏسبا آهن.

پوشاڪ، رهڻي ڪرڻي، کاڌو خوراڪ:

هتي جي ماڻهن جي عام پوشاڪ نئين نسل جي مردن کي شلوار ۽ قميص، مٿي تي ٽوپي ۽ پيرن ۾ سليپر هوندو آهي، جيئن عام طرح سنڌ جي ٻين حصن ۾ ڏسبو آهي. پر اڳئين وقت جا (پيرسن) ماڻهو سوڙهي ۽ هلڪي شلوار پائين يا گوڏ ٻڌن ۽ قميص جي بدران ننڍڙي صدري پائين. مٿي تي هڪڙو ڇُريل رومال ٻڌن، 0پير اڪثر اڪهاڙا ڪن جت قوم جا ماڻهو به قميص پائين ۽ گوڏ ٻڌن؛ پر هنن جي گوڏ ٻڌڻ جو نمونو به ٻين ماڻهن کان علحدو هوندو آهي. جتن جون زالون ڊگهو ڪارو گگهو پائين، مٿي تي به ڪاري چادر رکن، جا چيلهه وٽ آڻي چيلهه سان ٻڌي ڇڏين. شلوار رڳو ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻ وقت پائين، نه ته اڪثر رڳو گگهو پائين. بلوچ قومن جي زالن خواه مردن جي اها ساڳي پوشاڪ آهي، جا سنڌ يا بلوچستان جي بلوچن جي هوندي آهي. سماٽ قومن جي زالن کي وري گربيءَ جي شلوار ۽ پهراڻ يا گج پيل هوندو آهي، مگر اهو گج به جسم جي گهڻي ڀاڱي کي ڍڪيو بيٺو هوندو آهي.

هتي جي ماڻهن جي خوراڪ سادي هوندي آهي. چانور ۽ مڇي هنن جو عام کاڌو اهي، شاهوڪار، سيٺيا ۽ زميندار ته جيڪي گهرن سو کائين، باقي عام ماڻهو ڳاڙهن چانورن جو ڀت يا ماني ۽ ڍنڍن يا دٻن مان پڪڙيل مڇي يا سياري ۾ پکي ربّ جي نمعت سمجهي کائين. ٻيءَ ڪنهن شئي جي سَڌ ئي ڪانه ڪن. مال به هن تعلقي جي ماڻهن وٽ گهڻو هوندو آهي. اڪثر ڪري ڳائو مال ڌارين. کير ڄمائي، ولوڙي لسي کائين، باقي مکڻ وڪڻي ان مان پنهنجو گهرجون پوريون ڪن.

گهرن جون جايون:

هتي جي ماڻهن جا گهر به بلڪل سادا هوندا آهن. ڀتيون بانٺ (لئي جي ڏارن جون) يا سَرن جون، ڇت ڪنڊي سان جنهن جي مٿان لئي يا  ٻٻر جا پَڃَر رکي، ان جي مٿان پکو يا ٽوئو وجهي انهن جي مٿان به وري سَرن جون ٻه- ٽي ڀريون وجهي ٻنڌڻن سان سوگهو ٻڌي ڇڏين. بس گهر ٿيو تيار. دروازو اڪثر ڪونه ٿئي، پر جي دروازو ڏيندا ته لئي يا ڪوڙ جا ڪجهه ڪايا جهنگ مان وڍي، گڏي سڏي جاءِ ڍڪُ به چاڙهي ڇڏين. اهڙي دروازي کي چون ڏاڪائون دروازو. ڪي شوقين ماڻهو پنهنجي گهر جي ڀاتين سان گڏجي، مٽيءَ ۾ مينهن يا ڍڳين جو ڇيڻو گڏي. ڳوڙهي ڀتين ۽ ڇتين کي راڳو ڏيئي مٿان چُن جو هٿ ڏيئي، بنگلي جي سِڪُ لاهين. زميندار ۽ ٻيا پسئي وارا ماڻهو وري  زمين ۾ ڪاٺ کوڙي انهن جي مٿان ڪرڙ، اَڪ يا کٻڙن جون سنهوين پٽيون ڪِلين سان  جڙي ڀتيون ٺاهين. ڇت اهي به ڪنڊي سان ٺاهين پوءِ ڀتين ۽ ڇت کي پڪي مٽيءَ سان لنبي ڇڏين. انهن کي چون لوهه- ڪاٺ جون جايون. اهڙيون جايون ڏاڍيون مضبوط ٿين ۽ ڪن پيڙهين ۾ به ڪيتريون پراڻيون اهڙي نموني جون ٺهيل جايون اڃا تائين سڏي سگهبيون آهن. ڏسبيون آهن. جيئن سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ هڪ لورهي يا ڪوٽ اندر اٺ يا ڏهه گهر ٿيندا آهن، تيئن هتي ڪونه ٿئي. هتي ٻٻر ايتري انداز ۾ ڪونه ٿئي، تنهنڪري لوڙهي جو رواج سَرن جي وٽيل نوڙين سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، جي لوڙهي جو ڪم ڏيندا آهن. اڪثر ڪري گهر به سڀڪنهن جو جدا ۽ هڪٻئي کان پرڀرو ٿئي.

ٻولي:

هن پاسي جي عام ٻولي سنڌي زبان آهي، پر اُن تي ڪڇي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اثر آهي. ڇو ته آڳاٽي وقت کان هتي جي ماڻهن جو ڪڇ جي رهاڪن سان تمام گهڻو لاڳاپو رهيو آهي. اڳين سنڌي بزرگن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه، مخدوم ابوالحسن رحه وغيره جي لکيل ڪتابن واري ٻولي هوبهو هن ڀاڱي ۾ اڃا تائين ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. اهي ئي لفظ ۽ اهي ئي اُچار. هتي ڪيترا لفظ اهڙا به پيا ڳالهائجن، جي سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ گهڻي وقت کان متروڪ ٿي چڪا آهن مثلاً مڇڻ (متان) جي معنيٰ ۾، ڪڄا، ڪڄاڙو، يا ڪوهه ڄايا ڇو جو معنيٰ ۾، وغيره.

هن تعلقي جي رهاڪن جي اُچارن ۾ ”زبر“ ۽ ”او“ جو اُچار تمام گهڻو ٿو ٿئي جو مٿي سنڌ ۾ ڪونه ٻڌايو. سنڌ جي ٻين حصن ۾ زبر جي بدران جزم ڪم ايندي آهي. مثلاً:

هتي چَونَ: هيڪَڙو             اسان وٽ چون: هِڪڙو

چوهَر                                   چَهرّ

ڳوٿون                                  ڳئون

جونگو                                  جنگو

بتو                                     بچيو وغيره   

هتي جا ماڻهو ڳالهائڻ وقت مصدر سان مضارع صحيح نموني ٺاهيندا ۽ ڳالهائيندا آهن، مثال مصدر وٺڻ. هي چون ”وٺيو هِني“ پر اسان وٽ چون ”ورتيو اٿئي.“

هتي ڪي لفظ اهڙا به ڳالهايا ويندا آهن، جن اسان وٽ يا ته صفا ڪو نه ڳالهائجن يا بلڪل ٻيءَ معنيٰ ۾ ڳالهايا وڃن:

مثلاً:

لفظ         هتي ڪهڙيءَ معنيٰ ۾ سنڌ ۾ ڪهڙي معني ۾

        ڪم اچي                      ڪم اچي

جوئر            هر جي پاڃاري                 اناج جو قسم

چولڪ          ٽوڪِري يا ڇَلي                        ..........

ٻرو             بخار يا تپ                    ...........

ٽِمڪو         پيئڻ جي پاڻي جو تلاءُ         ............

ڊوکا            سنڀال يا نگاهه                .........

واءِ              کوهه

مڙَهو           ننڍن ننڍن وڻن وارو

                جهنگ، جتي مينهن

        پوڻ تي گاهه ٿئي.

گُجو= ٻنين جي وچ ۾ وڏو گاهه ۽ جهنگڙو.

ڍَهو= پاڻيءَ جو دُٻو ۽ آسپاس سنهو گاهه

قديم آثار:

دنيا جو هيءُ ڏورانهون ۽ غيرآباد ڀاڱو قديم آثارن سان ڀريو پيو آهي، مگر گهڻي مفاصلي ۽ اچ وڃ جي سهنج نه هئڻ سبب دنيا وارن جي دلين تان ميسارجي ويو آهي. سڪندر يونانيءَ جي فوجن جي روانگي هن ئي سرزمين تان ٿي هئي. ان زماني ۾ جڏهن دنيا ڪراچي جي نالي کان به نا واقف هئي، تڏهن هيءُ زمين جو ٽڪرو ڏورانهن ڏيهن ۾ مشهور معروف هو. مطلب ته جيتري اهميت اڄ ڪراچيءَ کي آهي، اوتري ئي اهميت ان وقت شايد شاهبندر کي هئي. دنيا جي هر ملڪ جا ٻيڙا بندر جي قدمبوسي ڪندا هئا. ڪلهوڙا دؤر ۾ ڪڪلراله جا ڄام گهڻو مشهور هئا، جن مان ڪن سان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي چڱيون چوٽون کاڌيون هيون. ان زماني جا ڪيترا نشان هتي اڃا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا:

(1) غلام شاهه ڪلهوڙي جو شاهبندر کي ڏياريل ڪَچو ڪوٽ، هن جون ڀتيون گهڻي ڀاڱي زماني جي صدمن سبب ڊهي ويون آهن. ڪي ٽڪرا درياءَ کي ڏياريل بند ۾ اچي ويا آهن، مگر اڃا به گهڻين جي جاين تان ڪوٽ جا نشان ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

شاهبندر ۾ فتح علي شاهه جو قبو، جو سڄو ڪاٺ جو ٺهيل آهي، مٿان مٽيءَ سان لنبي واري ان جي مٿان اڇي چن جي لنبائي ڪيل آهي.

(3) شاهبندر جي مسجد ۾ نبي اڪرم صه جو وارو مبارڪ، بادشاهه (شيخ عبدالقادر جيلاني رحه) جي ٽويي ۽ ڏندڻ رکيل آهن، جن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي سڳورا تحفا، هڪ بزرگ حاجي ابراهيم نالي حج ڪري واپس اچڻ وقت مقامات مقدسہ تان پاڻ سان آندا هئا. هن بزرگ جي مزار شاهبندر جي موجوده ڳوٺ کان آيل اَٺ- ڏهه ميل پري سمنڊ منجهه اندر آهي. اها زمين اصل ۾ شهر هو، شهر جي جاين جا نشان اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن پاڻ گهٽجڻ وقت ڏسي سگهبا آهن. هر سال عيدالاضحيٰ ڏينهن انهن برڪت وارين شين جي زيارت ٿيندي آهي.

(4) ميين عثمان جا قبا: عباسي خاندان جي هن بزرگن هن علائقي کي پنهنجي علم ۽ عرفان سان منور ڪيو هو. هي قبا تعميري لحاظ کان بهترين جڳهيون آهن. ٽِي- چار قبا آهن، مگر سڀ ايترو ڪشادا ۽ سهڻي نموني ٺهيل آهن جو ڏسڻ سان دل تي هڪ قسم جي هيبت جو ٿلهو ٺهيل آهي. ڪاٺ به تمام مضموط ۽ سهڻو ڪم آندل آهي. هڪ مسجد به ٺهيل آهي، لاڳيتو گهڻو وقت مرمت نه ٿيڻ سبب هڪ- ٻه قبا ڊهي ويل به ڀانئجن ٿا، ۽ بيٺلن جي حالت به ضعيف پيئي ڏسڻ ۾ اچي. هتي ٻه پڪا کوهه به آهن، جن جو پاڻي ڏاڍو مٺو ۽ ٿڌو آهي.

ستاهه واهه هتي اچي پڇاڙي ڪري ۽ تمام ننڍرو (جهڙو براج ايراضيءَ جو واٽر ڪورس هوندو آهي) ٿيو وڃي. ڪڏهن منجهس پاڻيءَ ڍُڪ اچي ڪڏهن اهو به نه پهچي. انهيءَ سبب هن تَر ۾ آبادي تمام ٿوري ڏسبي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ڪوبه ڳوٿري ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، فقط درگاه تي- ٻه-ٽي گهر ڏسڻ ۾ ايندا.

چوڌاري رڻ ئي رڻ ڏسبو. هتي هڪ جهونو ۽ شاهي قبرستان پڻ آهي. ميين عثمان رحه جي ملفوظات سڻيءَ جي ڪاغذ تي هٿ- اکر فارسي زبان ۾ لکيل آهي، مگر هن وقت ياد نه آهي ته ڪهڙن موضوعن تي مضبون هئا. البت ايترو ياد آهي ته بزرگ جو شجرو سڄو لکيل هو. هن وقت بزرگن جي اولاد مان باقي هڪ بيبي صاحبہ آهي، جنهن گهارو طرف جي هڪ شاه صاحب سان نڪاح ڪيو آهي، جنهن مان ٽي جوان پٽ اٿس، اهي ئي هن وقت درگاهه جا متولي آهن.

هن تعلقي جي ڪن ٻين ڀاڱن وانگر هتي به رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، رڃ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. رڃ لفظ انساني ذهن تي ڀيانڪ اثر ٿو وجهي. مگر سندس نظارو اهڙو آهي، جو ڏسڻ سان تعلق ٿو رکي. قلم کي رڃ جو نقش چٽڻ جي طاقت نه آهي. قدرت جي عجائبات مان هڪڙو ڀيرو ڏٺو هوندو سو سڄي عمر وساري نه سگهندو.

(5) اورنگابندر ۽ ديرو شهر جا دڙا، ٻن- ٽن ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل، پڪين سرن سان ٺهيل، بهتين عمارتن جا کنڊر، پنهنجي اڳئين اوج تي مرثيا پڙهي رهيا آهن. ڪن عمارتن جا نشان اهڙا آهن جن مان شاهي محلاتن ۽ اميرن وزيرن جي حويلين هئڻ جو گمان پيو ٿئي. ڪُنڊن تي منارا، پاسن کان ننڍيون ڪوٺيو ۽ ڪمرا، وچ ۾ وڏو هال، وڏو صفحن ۽ ڏيڍي ، اهي سڀڪنهن وسيع ۽ شاندار عمارت جي ثابتي ڏين ٿا. شهر جي پاسي تي شاهي قبرستان آهي، جنهن ۾ چٽسالي ٿيل پٿرن جا گنبذ، قبا ۽ قبرون ٺهيل آهن، جي اڄ به اهڙا ٿا ڏسجن جو ڄڻ پرسال ٺهي پورا ٿيا آهن، پر اها خبر ئي ڪانهي ته ڪيترا سؤ ورهيه اڳي ٺهي تيار ٿيا هوندا. ڪنهن به قبي تي ڪوسن يا تاريخ لڳل ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. ٿورو پرڀرو ڦٽل باغن جا نشان به پڌرا آهن جن ۾ ميويدار وڻن جا ٿڙن جا ٽڪرا اڄ به ڏسي سگهبا. اڏن ۽ ڪسين جا نشان به ظاهر آهن. هڪ ڦٽل وڏي نهر يا واهه جا نشان به ڏسڻ ۾ پئي آيا، جنهن کي اتي جا ماڻهو ”سير پکار“ جي نالي سان سڏين ٿا، جا سنڌو درياء مان وهي هن شهر جي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪندي هئي، پر پوءِ دريا جي رخ ڦيرائڻ سبب بندر شهر ڦٽي ويا. ماڻهو هتان لڏي وڃي پنهنجي سهولت سان ٻئي هنڌ ويٺا. ڪي شاهبندر طرف ويا ۽ ڪي ٻئي پاسي. جهونين تاريخن ۾ ڪن بزرگن جي نالي پٺيان ”ديروي“ لکيل ڏسبو آهي. احمد سمون ڳوٺ جي ڀرسان جيلاني پيرن جو ڳوٺ آهي جي هينئر به ديرَ ئي پير سڏبا آهن.

مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”قدي، سنڌ ۽ ان جا مشهور ۽ ماڻهو‘ صفحہ 123تي شاهبندر ۽ اورنگابندر بابت هيئن لکيل آهي:-

شاهبندر سنه 1759ع ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي ٻڌايو ۽ اورنگا بندر جا سڀ ماڻهو لڏائي اتي آڻي ويهاريائين. ارونگا ۾ انگريزن جو ڪارخانو هو، جو 1775ع ۾ نڪري ويو. جو هيٺون پاسو ڦري ويو ۽ شاهبندر ڦٽي ويو. اتي اڪثر ڪڇي ڀاٽيا رهندا هئا، جي مسقط ۽ ٻين پاسن سان واپار ڪندا هئا.

(6) مارو: ديرو ۽ اورنگا جي دڙن کان ٻن ميلن کن جي مفاصلي تي لاشن جا ٻه وڏا ڍير مٽيءَ ۾ دفن ٿيل آهي، جن لاءِ اتي جي رهاڪن جو چوڻ آهي ته اتي جتن ۽ چانگن جي لڙائي لڳي هئي. جنگ ۾ مارجي ويلن جا لاشا هڪ ئي هنڌ وڏي کَڏ کوٽي دفن ڪيا ويا هئا. مگر هڪ قوم جي لاشن جو ڍڳ به هڪٻئي کان اٽڪل اڌ ميل کن پنڌ تي آهي. شروعات ۾ انهن ڍڳن مان ڏکڻ واري دڙي تي ڪا اڏاوت به ٿيل ڀائنجي ٿي، مگر پوءِ زماني جي ڌڪن لڳڻ سبب فتا ٿي ويل ٿي ڏسجي. اڄ رڳو سرن جا ٽڪر ۽ ڳچ جا ذرا پکڙيل ڏسي سگهبا، ٻيو خير ئي خير!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com