سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :11

پروفيسر مِچل يورپ جي انهن فاضلن مان هڪ آهي، جيڪي جديد لسانيات جا ماهر ۽ اُستاد ليکيا وڃن ٿا. کيس سڄي يورپ ۾ فرٿيئن اسڪول آف لنگئسٽڪس، يعني بُرش اسڪول آف لنگئسٽڪس جو جديد لسانيات جو ماهر ۽ تاريخ ۽ عام لسانيات جو اُستاد تسليم ڪيو ويو آهي.

پروفيسر مِچل، لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ اُستاد ٿيڻ کان اڳ، برٽش فوج ۾ هڪ آفيسر هو. پاڻ سنڌ ۾ ڪافي وقت رهيو آهي. سندس گهڻو وقت ڊرگ روڊ واريءَ فوجي ڇانوڻيءَ ۾ گذريو، جتي پاڻ ٿوري گهڻي سنڌي به سِکيو هو. اُن کان پوءِ شام، سوڊان ۽ عراق ۾ رهيو، جتي سرينائيڪا، سوڊانيز ۽ عربي ٻوليءَ جي عراقي لهجي ۾ مهارت حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح هڪ فوجيءَ جي حيثيت ۾ هن ڪافي ٻوليون سِکي ورتيون. عربي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي لهجي ۽ خاص ڪري قرآن پاڪ واري ٻوليءَ تي سَندَ جي حيثيت ٿو رکي.

پروفيسر مِچل انگريزي ٻوليءَ جو به مڃيل ماهر آهي. سندس قابليت جي سَندَ هيءَ آهي ته جڏهن سر سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين پنهنجي پوٽي سيدنا شاهه ڪريم الحسينيءَ موجوده آغا خان چوٿين کي، انگريزي زبان جي تربيت لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ جي آفيسرن کي ڪنهن قابل انگريزي پروفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکيو، تڏهن انهيءَ خدمت لاءِ لندن يونيورسٽيءَ وارن پروفيسر مِچل جو نالو تجويز ڪيو. هن ڪافي وقت تائين شهزاده ڪريم ۽ سندن ڀاءُ شهزادي امين کي جديد انگريزي زبان سيکاري. جديد وقت تائين لسانيات جي هڪ ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ پروفيسر مِچل صاحب اُهي عام اُصول، قانون ۽ قاعدا چڱيءَ طرح ڄاڻيٿو، جن جي مدد سان هو مختلف ٻولين جي تجزيو ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو دعويٰ سان چوندو آهي ته سنڌي ٻولي منهنجي مادري ٻولي نه آهي، پر آءٌ سنڌي زبان جي ساخت ۽ ان جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ کان ايتريقدر ته واقف آهيان، جنهن جي ڄاڻ اوهان کي اصل آهي ئي ڪانه. هن کي سنڌي جي انوکن چؤسڻن آوازن ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ تي تحقيق ڪرڻ جو گهڻو شوق آهي.

پروفيسر مچِل سان ڪچهرين ڪرڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي ته هُو صاحب سنڌي زبان جي هر پهلوءَ کان چڱيءَ طرح واقف اهي. هن کي سنڌي زبان جي آوازن، آوازي سِٽائن، آوازي مخرجن، مخرجن جي بيهڪ، صوتياتي نظام، صوفي ۽ نحوي سٽاءَ جي گهڻي ڄاڻ آهي. هڪ ماهر جي حيثيت ۾ هو تجويز ڪري سگهندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا لفظ اُڌارا آيل آهن، ڪهڙا ڪهڙا لفظ تَسَمَ آهن ۽ ڪهڙا تَدُبَرَ آهن.

پروفيسر مچل لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ انهن شاگردن جو سُپروائيزر ٿيندو هو، جيڪي سنڌي زبان تي جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ داخلا وٺندا هئا. هن کي ته فقط برطانيا ۾ سنڌي زبان جو ماهر تسليم ڪيو ويو آهي، پر يورپ جا لسانيات جا ماهر به سنڌي زبان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ رجوع ڪندا آهن. پروفيسر صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ مون لسانيات ۾ ايم. اي. جي لاءِ مقالو لکيو هو، جنهن جو عنوان هو:

The Arabic Element in Sindhi”“ (يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي جو عنصر.)

اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته پروفيسر مچل عربي زبان جو ماهر آهي. سندس رايو آهي ته سنڌي زبان ۾ عربي ٻوليءَ جا بيشمار لفظ فارسي زبان جي معرفت داخل ٿيا آهن هن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌي زبان شروعات ۾ عربيءَ مان سڌو سنئون جيڪي به لفظ ورتا آهن، سي عربي زبان جي ڪنهن به هڪ لهجي جا نه هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ عرب جا واپاري عدن، يمن، بصري ۽ مسقط کان ايندا هئا ته فوجي وري بغداد، شام وغيره جا هئا، انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ عربيءَ جي مختلف لهجن جا لفظ شامل ٿي ويا آهن. مثال طور هن جو رايو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾، ”مسيت“ لفظ عراقي لهجي مان آيو آهي. هن جي راءِ موجب عراقي لهجي ۾ مسجد کي چون مَسيتّ“. اهو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ جڏهن آيو تڏهن مَسيِت اچارجڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته ساڪن/س/کان پوءِ/ ي/ جو مشدّد هئڻ، سنڌي صورتياتي نظام موجب ممڪن آهي. پروفيسر مچل جو رايو آهي ته عربي ٻوليءَ عدني ۽ مسقطي لهجن تي سنڌي واپارين جي ٻوليءَ جو اثر ٿيو. پروفيسر صاحب جي انهيءَ دعوا جو ثبوت ڊاڪٽر محمد دائود عدنيءَ جي پي. ايڇ. ڊي. لاءِ لکيل مقالي The Aden Draleat of Arabic ۽ موجود آهي. اهو مقالو، ڊاڪٽر محمو دائود، پروفيسر مچل جي نگرانيءَ هيٺ لکيو هو.

پروفيسر صاحب 1962ع ۾، ليڊز يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءُ تي به تقريرون ڪيون هيون، جن مان هڪ جو عنوان هو: Reduplication in Sindhi (يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ تڪراري لفظ) پروفيسر صاحب جون اِهي تقريرون ۽ مقالا اڃا تائين ڇپجي نه سگهيا آهن. پاڻ لکيو اٿس ته هو انهن مقالن تي نظر ثاني ڪرڻ ٿو چاهي. تڪرار وارن لفظن واريءَ تقرير ۾ هن صاحب اهو فرمايو هو ته سنڌيءَ ۾ هيءَ خوبي اُها آهي جيڪا هندي، اردو، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به نظر ثاني ڪرڻ ٿو چاهي. تڪرار وارن لفظن واري تقرير ۾ هن صاحب اهو فرمايو هو ته سنڌيءَ ۾ هيءَ خوبي اُها آهي جيڪا هندي، اردو، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به نظر ايندي آهي. اهو عنصر انگريزي ٻوليءَ ۾ نٿو ملي. هن جي راءِ موجب سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ جهڙوڪ: هَنڌ هَنڌ، وِک وَک، گهڙيءَ گهڙيءَ، هَلڻ چقلڻ، پئسو پنجڙ، ڀاڄي ڀتو، جيڪي ڪِن ماهرن جي بيان موجب مرڪب ڪافي دلچسپيءَ سان ڀريل آهن. پروفيسر ليڊز يونيورسٽيءَ ۾ نه فقط مفرد لفظن جي تڪرار بابت خيال ظاهر ڪيا، پر انهن تڪراري لفظن جي جملي ۾ استعمال ۽ انهن جي معنيٰ بدلجڻ جي باري ۾ به مثال ڏنا. هن جيڪي مثال پيش ڪيا هئا، تن مان ڪي هي هئا:

هن چيو ته ٻار کي پئسو ڏي

مچل صاحب فرمايو ته ’ٻار‘ ۽ ’پئسو‘ لفظ جملي ۾ ٻه- ٻه دفعا ساڳئي وقت ڪم آڻجن ٿا، تڏهن هر هڪ جملي جي معنيٰ بدلجي وڃي ٿي. البت هن ۾ جهيلار يعني intonation ۾ تبديلي آڻڻي پوي ٿي. هن فرمايو ته مثال طور هي جملو ڏسو:

هن چيو ته ٻار کي پئسو ڏي.

’ٻار‘ ۽ ’پئسو‘ لفظ ٻه- ٻه دفعا ڪم آڻڻ سان جملن جي معنيٰ بلڪل بدلجي ٿي وڃي مثال طور:

ٻار ٻار کي پئسو ڏي.
ٻار کي پئسو پئسو ڏي
ٻار ٻار  کي  پئسو  ڏي

اهڙيءَ طرح هن به ڪيترائي مثال ڏنا. پروفيسر صاحب کي جڏهن هي شعر ٻڌايو ويو، تڏهن يڪدم کڻي نوٽ ڪيائين:

اسين پيٽ بُکيا، اُگهاڙا ۽ نانگا،
اروکا اروکا، اٻالا  اٻالا؛
وِساريل وِساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل،
نِمانا نِماڻا، نرالا نرالا!
                          (امداد حسيني)

پروفيسر مچل سنڌي زبان جي ويا ڪرڻ جي مسئلن جا حل ڄاڻي ٿو. هن جي شاگردن جي صف ۾ ويهي ساڻس بحث ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي ته

/هاٿي/ اسم جو جمع/ هاٿي/ ڇو آهي؟

/ پکي اسم جو جمع/ پکي/ ڇو آهي؟

/هاري اسم جو جمع/ پکي/ ڇو آهي؟

پروفيسر صاحب دلين سان سمجهائي سگهندو آهي ته انگن ڳڻڻ مهل چاليهه چوڻ کان پوءِ /چ آواز/ ت/آواز ۾ ڇو ٿو بدلجي، يعني ته ايڪيتاليهه، ٻائيتاليهه، ٽيتاليهه وغيره ڇو ٿا چئون، پر ايڪيچاليهه، ٻائيچاليهه، وغيره ڇو نٿو چيو وڃي؟ اهڙيءَ طرح/ سٺ کان پوءِ/ ايڪسَٺ/ نه پر ايڪهَٺ، ٻاهَٺ، ٽيهٺ، وغيره، ۽ / ستر کان پوءِ ايڪسَتَرَ/ نه پر ايڪهترَ، ٻاهَتَر ۽ ٽيهتر ڇو ٿو چيو وڃي؟ پروفيسر صاحب جا مقالا جڏهن ڇپجي ظاهر ٿيندا، تڏهن خبر پوندي ته مغربي دنيا ۾ اهو واقعي سنڌي زبان جو هڪ وڏو ماهر آهي.

(بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد)

قريشي حامد علي خانائي

سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ

دنيا ۾ جيڪي به ترقي يافته، مهذب ۽ متمدن ٻوليون آهن، تن سڀني جي علم ۽ ادب جي ابتدا اڪثر ڪري نظم کان ئي ٿي آهي، ۽ نثر پوءِ وجود ۾ آيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب ۾ تنظيم جو ذخيرو قديم زماني کان وٺي ڪافي ملي ٿو، ليڪن نظم جي ڀيٽ ۾ نثر جي متعلق ڪو به صحيح ۽ مستند احوال اڃا تائين ملي ڪونه سگهيو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي روزمرهه جي وهنوار ۾ گفتگو نثر ۾ ئي ڪري ٿو، ان ڪري اهو لازمي آهي ته قديم دؤر ۾ سنڌ ملڪ جو عوام نثر ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جي هر وهنوار کي نبيريندو رهيو هوندو؛ پر وقت جي انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين جي ڪري ان جي صحيح ۽ پوري صورت دستياب ڪانه ٿي سگهي آهي. سنڌ جي قديم دؤر جو تاريخي احوال گهڻي ڀاڱي زباني روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ ڪوبه پورو تصديق وارو احوال ملي ڪونه سگهيو آهي. تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ سان اها خبر چڱيءَ طرح سان پوري ٿي ته سنڌ ۾ چار هزار ورهيه اڳ ۾ جيڪا ٻولي ۽ رسم الخط رائج هئا، ان جو نمونو موئن جي دڙي مان هٿ آيل ڪتبن ۽ مهرن جي لکيت مان معلوم ٿئي ٿو. ليڪن هن وقت تائين انهيءَ پراڻي تحريڪ کي ڪوبه عالم صحيح ۽ درست نموني ۾ پڙهي ۽ حل ڪري، ڪابه مستند راءِ قائم ڪري ڪونه سگهيو آهي.

سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قديم زبان آهي ۽ ان ۾ ضرور شعر شاعريءَ سان گڏو گڏ نثر به وجود ۾ آيو هوندو. عربن جي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ هندو برهمڻ حڪومت قائم هئي ۽ عربن جي حملي وقت سنڌ ۾ سنڌي ٻولي رواج ۾ هئي. سنسڪرت سندن مذهبي ۽ مقدس زبان هئي، جيڪا سنڌ اندر چالو هئي. لکڻ پڙهڻ به انهيءَ ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. علمي ۽ ادبي لحاظ کان ان قديم هندو دؤر جو ادب ڀڄنن، ڏند ڪٿائن ۽ ناٽڪن جي صورت ۾ ملي ٿو، جو نثر ۽ نظم جي شڪل ۾ هو. ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان هندو دؤ ۾ به نثر هو ۽ جيڪا سنڌي ٻولي ان وقت ۾ رائج هئي، اها موجوده سنڌيءَ جهڙي هئي، ليڪن ان جي صحيح صورت ۽ ساخت جي ڪابه پروڙ پئجي ڪانه سگهي آهي، چچنامہ ۾ ڪي اهڙا لفظ ۽ جملا ملن ٿا، جيڪي هن وقت جي مروج سنڌي زبان ۾ به آهن ليڪن وقت گذرندي اڄ اسان کي ان اوائلي دؤر جو ڪوبه علمي ۽ ادبي ذخيرو هٿ لڳي ڪونه سگهيو آهي.

ٽئينءَ ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ جيڪي عرب ۽ عالم سياح سنڌ ۾ آيا، تن جي احوالن ۽ تذڪرن مان اهو پوريءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قومي ۽ ملڪي زبان هئي. بزرگ بن شهريار ’ڪتاب الهند‘ ۾ هن طرح سان لکي ٿو ته ”الور جي هڪ هندو راجا منصوره جي مسلمان حاڪم عبدالله بن عمر هباري ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکرائي ڏانهنس موڪلي. عبدالله هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ ترجمو ۽ اسلامي عقائد ۽ تعليم تي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا(1)“ پهريون ڪتاب سنڌي نثر ۾ ۽ پويون نظم ۾ هو(2). ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ دوران سنڌ ۾ سنڌي نثر به نظم سان گڏ موجود هو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ لکيو به ويندو هو. پر ان مان اها خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي ته انهيءَ آڳاٽي نثر جي صورت ڪهڙي هئي؟ عربن جي ڪاهه وقت، چچنامي ۾ بيان ڪيل راجا ڏاهر جي ڪن سنڌي خطن جو پتو پوي ٿو، جنهن مان اسان جي مٿي بيان ڪيل ڳالهه جي ڪنهن حد تائين تصديق ٿئي ٿي ته سنڌي نثر مروج هو. پر چچنامي واري صاحب ان اصل سنڌي خط جو ڪوبه نمونو نه ڏنو آهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ته اهي خط ڪهڙي رسم الخط ۾ هئا.

عربي حڪومت جي خامتي کان پوءِ سنڌ جي حڪومت جي واڳ غزنوي گهراڻي جي هٿ ۾ آئي(3) ، ۽ عربيءَ جي بدران سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو اثر وڌيو انهيءَ ساڳئي زماني ۾ سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي سومرن جو راڄ قائم هو(1). ان وقت ۾ سنڌ اندر الڳ الڳ نمونن ۾ لکڻ جا خط رائج هئا. اهڙيءَ طرح سان سومرن، سمن، ارغونن، ۽ ترخانن جي حڪومتن جي زماني ۾ جيڪو به سنڌي زبان جو ادب وجود ۾ آيو، سو اڪثر ڪري نظم جي صورت آهي. انهيءَ زماني ۾ به نظم سان گڏ نثر ضرور هوندو، پر هر دؤر جي حڪمران ٻولين جي غلبي سببان ان جي صحيح ۽ مستند صورت معدوم ٿي ويئي ۽ ان جو ڪوبه نشان ۽ اهڃاڻ ڪونه ٿو ملي. البت سمن جي صاحبيءَ ۾ قاضي قادن (المتوفي سن 958هه 1551ع) سنڌ جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سنڌي شعر سان گڏ سنڌي نثر ۾ مذهبي فتوائون به هيون، جي هن وقت ناپيد آهن(2). ساڳيءَ طرح سان مخدوم نوح رحه هالائيءَ جا وعظ ۽ مقولا به اصل ۾ سنڌي نثر ۾“ ئي هوندا(3).

انهيءَ ساڳئي دؤر ۾ مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (المتوفي سن 998هه/ 1589ع) عربيءَ ۾ طلاق جي  مسئلي تي هڪ رسالو ”حل العقود في طلاق السنود“ جي نالي سان تصنيف ڪيو، جنهن ۾ سنڌي زبان جي انهن لفظن ۽ جملن تي اسلامي نقطہ نگاهه کان بحث ڪيو ويو آهي، جن جي چوڻ سان طلاق واقع واجب ٿي سگهي ٿي(1).

انهن مٿي بيان ڪيل حوالن مان اها ڳالهه پوريءَ طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ ڏهين صدي هجريءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ سنڌيءَ زبان چڱيءَ طرح سان ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي، ۽ نظم سان گڏوگڏ نثر به سنڌ ۾ موجود هو. ساڳيءَ طرح سان شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا وعظ ۽ مقولا پڻ دراصل پهريائين سنڌي نثر ۾ هئا، ڇاڪاڻ جو اهي بزرگ سنڌ جي سرزمين ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا. سندن معتقدن ۽ مريدن جو حلقو به نج سنڌي هو، ان ڪري وعظ به ضروري سنڌي نثر ۾ ئي ڪيا هوندائون. پوءِ جي ڪن فارسي ۽ عربيءَ جي عالمن انهن کي فارسي ۽ عربيءَ جو جامو پهرايو. ان متعلق ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته انهن عالمن اهو انهيءَ ڪري ڪيو هوندو جو ان دؤر تائين سنڌي زبان جو ڪوبه معياري رسم الخط ايجاد ٿيل ڪونه هو(1).

ڪلهوڙن حاڪمن جو زمانو سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ هڪ ”سونهري دؤر“ ثابت ٿيو. سنڌ جي سرزمين انهيءَ زماني ۾ وڏا وڏا جيد عالم، محدث، مفسر، فقيہ، صوفي، درويش ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن سنڌي زبان ۽ ادب جي لحاظ کان خدمت ڪئي. خاص طور ٺٽو انهيءَ زماني ۾ وڏو علمي مرڪز هو سنڌ جا گهني قدر وڏا عالم هن شهر ۾ درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ مذهبي شاعريءَ جو غلبو هو ۽ گويا ائين کڻي چئجي ته انهيءَ قسم جي شاعري عوام ۾ گهڻو مقبون هئي. سنڌي زبان، جا قديم زماني کان وٺي سنڌ وارن جي مادري ۽ گهَرو ٻولي هئي، ان جي ڪابه صحيح ۽ معياري صورتخطي مقرر ٿيل ڪانه هئي، ان ڪري عالمن ۽ اديبن کي سنڌي زبان جي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍي دقت ۽ دشواري محسوس ٿيندي هئي، انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي جيدّ عالم مخدوم ابوالحسن سنڌي عربي رسم الخط ايجاد ڪري سنڌي زبان جي تحرير ڪرڻ جو رواج عام ڪيو. انهيءَ قديم دؤر ۾ تقريباً سموريءَ سنڌ ۾ اهوئي رسم الخط رواج ۾ هو مخدوم ابوالحسن جي انهيءَ ايجاد ڪيل سنڌي رسم الخط کي سنڌ ۾ عام طرح سان ”ابوالحسن جي سنڌي“ ڪري سڏيو ويندو آهي(1).

نئين سنڌي رسم الخط جي رواج ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترن سنڌي عالمن عربي ۽ فارسيءِ جي بدران مذهبي تعليم جو درس سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڏيڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ خيال جي مدنظر عالمن ۽ عربيءَ ۽ فارسيءَ جي بجاءِ فقهي مسئلن ۽ عقيدن جي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ خاص طرح سان ٺٽي جي عالمن پاڻ چڱو موکيو. ٺٽوي بزرگن ان زماني جي مروج ڊگهي نظم يعني ڪَبَت(1) جي رنگ ۾ مذهبي ڪتابن جوڙڻ جو ڪم پوري زور شور سان شروع ڪيو. انهيءَ قسم جي نظم اڪثر الف اشباء جو قافيو ڪتب ايندو رهيو ۽ انهيءَ نموني جي قافيه جي دامن ۾ سنڌي بزرگن جو ڪلام ڪافي وڌيو ۽ ويجهيو. اگر باريڪ بينيءَ سان انهيءَ دؤر جي نظم جو مطالعو ڪبو ته اسان کي ڪيترين ئي هنڌن تي نثر جو گمان ٿيندو. ان مان اسان جو گمان هيڪاري قوي ٿئي ٿو ته ڪبت واري قسم جي نظم سان گڏ سنڌي نثر به ضرور رواج هيٺ هوندو. مٿي بيان ڪيل سموري احوال مان اسان انهيءَ نتيجي ۾ پهچون ٿا ته سنڌي نثر ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ پيدا ٿيل هو ۽ منجهس ادبي نثر واريون صلاحيتون ۽ خوبيون به سمايل هيون ۽ ان ۾ ايتريقدر وسعت ۽ پختگي پيداٿي چڪي هئي، جو ٽالپوري دؤر ۾ آخوند عزيزالله مٽياري قرآن ڪريم جو سنڌي ۾ نثر ۾ ترجمو ڪيو(1).

خليفي محمود خان نظاماڻيءَ پنهنجي تصنيف ”مجمع الفيوضات“ ۾ ڪن سنڌي عالمن جا سنڌي بيت ۽ پهاڪا ڏنا آهن. اگر انهن پهاڪن کي غور سان جاچي ادبي تجزيو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته قديم دؤر ۾ نثر هو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور لکيو ويندو هو. خليفي صاحب جو مثال ڏجي ٿو، جنهن مان پُراڻي سنڌي نثر جي بيهڪ، ترڪيب ۽ لکيت جي ڀليءَ ڀت پروِڙ پئجي سگهي ٿي. مثلا:.

ثـ ثـ و کجي ثـ يکر کجي، هو نبجي ته پان اتي بڃ جي(2)

اصل ۾ اها لکيت به ٻارهين صدي هجريءَ جي آهي ۽ ضرور ان کان به اڳ ۾ نثر جو وجود هوندو، جنهن کان پوئين دؤر جي عالمن متاثر ٿي، نثر تي طبع آزمائي ڪئي هوندي(1).


(1) پير حسا م الدين راشدي: ”منصوره جي تاريخ جو هڪ باب“: رسالو مهراڻ، ج. 10،نمبر1، سال 1961ع

(2) مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘: ”ڪافي“ ميڙ چونڊ، چونڊ نمبر2، هالا، سن 1962ع.

(3) مرحوم دين محمد ’وفائي‘: ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (مضمون) ”مهراڻ جون موجون“، ص 2 کان 9 پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي.

 

(1) مرحوم دين محمد ’وفائي‘: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (مضمون ”مهراڻ جون موجون“، ص 2 کان 9، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي.

(2) مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘: ”ڪافي “ ص  123-124.

(3) مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘: ”ڪافي“ ص 3 کان 24

(1) مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (المتوفي سن 998هه- 1589. ارغونن جي دؤر جو وڏو جيد عالم ، محدث ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. هن جهڙو ڪوبه عالم ان دؤر ۾ سنڌ اندر ڪونه هو. مخدوم محمد جعفر بن مخدوم ميران، مخدوم نوح هالا واري جو همعصر هو ۽ مخدوم نوح سندس علميت ۽ بزرگي جو وڏو قائل هو. مخدوم صاحب ڪيترين تصنيفن جو صاحب هو. سندس پٽ عبدالغني ۽ نورالدين وڏا نالي وارا بزرگ ٿي گذريا آهن. مخدوم صاحب جو عربي رسالو ”حل العقود في طلاق السنود“ سون وٽ قلمي صورت ۾ هو، پر زماني جي ستم ظريفيءَ جي ڪري گم ٿي ويو. ساڳيءَ طرح هڪ ٻي سنڌي عالم مخدوم عثمان جي هڪ عربي تصنيف مون وٽ آهي، جنهن جي اڳيان ۽ پويان ڪجهه صفحا نڪتل آهن، شايد هي رسالو مخدوم جعفر بوبڪاڻيءَ جي رسالي جي شرح آهي. مخدوم عثمان هڪ هنڌ بوبڪائي بزرگ جي ڪتابن جو حوالو ڏئي هيءُ سنڌي نثر جو جملو ڏنو آهي:

مثي منکي ثي طلاقن جي هي کم کريان.

انهيءَ جملي تي مخدوم عثمان ڪافي بحث ڪيو آهي.

(1) شيخ عبدالرحيم بن سعدالله گرهوڙي (المتوفي سن 1193هه-1778ع) خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو وڏو خليفو ۽ زماني جي وڏن جيدّ عالمن مان ٿي گذريو آهي. شيخ عبدالرحيم اصول ۽ فروغ جو عالم هو. سندس تصنيفون فقہ خواه سلوڪ ۾ بيشمار آهن. عبدالرحيم گرهوڙي پهريون ئي سنڌي بزرگ آهي، جنهن جا نثر ۾ مقولا دستياب ٿيا آهن. هو مثال طور نمونو هت ڏجي ٿو:

”مال ڪهڙو پار؟ هنيون هورنٿ تلو (2) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن سينهڙو وسي. 3. حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاپڙا سمجهن 4 سڀڪو پنهنجي ڪم جي ڇٺي ٿو ٿوري 5 ڳالهڙيون تيئن ڪجن جيئن بڇڙيون کاڄن.

[1] شمس العلماء رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن سينهڙو وسي. [3] حاجون سي ڪجن، چيائين ڪاڇڙا سمجهن. [4] سڀڪو پنهنجي ڪرم جي ڇٺي ٿو لوڙي [5] ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جيئن بڇڙيون کاڄن.

(i) شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو: ”شيخ عبدالرحيم گرهوڙي“ (مضمون) ”مهراڻ جون موجون“ ص 178 کان 188 تائين (ii) ڊاڪٽر دائود پوٽو- سنڌي نثر- رساله سنڌو ص 299 سال 1934ع

ساڳيءَ طرح مخدوم محمد زمان لنواري (المتوفي سن 1188هه) جا مقولا به سنڌي نثر ۾ هئا، جن کي گرهوڙيءَ صاحب عربي ويس پهرايو. ڊاڪٽر دائود پوڙي صاحب انهن جو ترجمو ڪيو آهي. ان جا چند نمونا مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:

[1] سوئي ماري سومرون، سوئي ڀڳو جاءِ. [2] جو جئري نٿو مري تنهن جو موت اجايو آهي. [3] شرڪ کان سواءِ ايمان ٿورو لڀندو. [بيان سنڌي- ص ڪب- ڪج]

(1) مخدوم ابو الحسن (المعتوفي سن 1075هه/ سن 1661ع) پنهنجي وقت جو ٺٽي ۾ وڏو عالم فقيہ ۽ محدث ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربيءَ جي رسم الخط جي نموني ۾ عربي- سنڌي الف-ب ايجاد ڪئي. ”مقدمة الصوات“ سن 1700ع ۾ انهيءَ رسم الخط ۾ لکيائين. انگريزن جي دؤر ۾ مخدوم صاحب جي الف-ب کي سڌاري جديد سنڌي الف-ب جا ماڻ ۽ ساپا مقرر ڪيا ويا جي اڄ تائين رواج ۾ آهن.

(1) اسان جي ڪن علم نواز دوستن جو رايو آهي ته ڪلهوڙن جي دؤر وارن بزرگن جون تحرير ڪيل ”سنڌيون“ جي ڪبت جي دائري ۾ آهن، سي نثر جي بگڙيل صورت آهن، ليڪن اهو خيال خام آهي (ڏسو رسالو نئين زندگي آڪٽوبر 1964ع- مضمون تحرير ڪيل شمس الدين عرساڻي) ڪبت هنديءَ جي ”ڇندوديا“ تي ٺهيل شعر جو نمونو آهي. ڪبت اصل ۾ سنسڪرت لفظ ڪو Kav مان نڪتو آهي. (عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي- سرهاڻ ص 46) سنسڪرت ۾ شعر کي ”ڪاويه“ چئبو آهي، جو هنديءَ ۾ ڦري ”ڪوتا“ ٿيو. سنڌيءَ ۾ اڪثر ڳالهائڻ کي ”ڪوَت ڪرڻ يا ڪبت ڪرڻ“ چئبو آهي. ڪبت ۾ ويهارو مصراعون يا ان کان زياده به ٿينديون آهن. (جهمٽمل ڀاوناڻي ”ڇند سڳنڌ“ ص 5-6 ۽ 29 کان 33).

(1) پيرپٺو ديولي: شيخ پٺي جو اصل نالو حسين بن راڄپال بن لاکو بن سخيره ۽ سندس والده جو نالو سلطاني بنت مراد بنت شرفو آهي. هو قوم جو اڀلان هو. شيخ پٺو سنڌ جي قديم بزرگن مان اهل الله ۽ صاحب ڪرامت بزرگ هو. اٺين صدي هجري (سن 760هه) ۾ ڏانهس هڪ سنڌي فقره منسوب آهي، جنهن کي ڪن علم دوست حضرات اردو جو فقرو ٺهرايو آهي، پر اصل ۾ اهو سنڌي جملو آهي، جنهن مان سنڌي نثر جي قدامت جي ساک ملي ٿي. اهو هن طرح آهي: برکت شيخ پٺا اک موا اک ڏٽا.

[1] تاريخ فيروزشاهي- سراج عفيف- ص 231. [2] تحفة الڪرام ج 3 ص 252. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته اهو فقرو خالص سنڌي آهي.

(2) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ- ”ڪافي“ ص 15.

(1) اسان جي ڪن دوستن جو اهو رايو آهي ته انگريزي دؤر جي شروعاتي نثر نگارن لاءِ ڪوبه نثر جو ڪتاب موجود نه هو، جو هو ان کي ڏسي نثر ۾ ڪتاب لکن. هنن جديد نثر لاءِ هڪ نئين راهه گهڙي تيار ڪئي. پر ائين درست نه آهي، نثر اڳ ۾ موجود هو، جيئن اسان مٿي ڪجهه لکيو آهي يا هن ئي مضمون  ۾ اڳتي هلي ثابت ڪبو. انگريزي دؤر وارن لاءِ جي ٻيو نثر اڻلڀ هو ته آخوند عزيز الله مٽياروي جو قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌي نثر ۾ موجود هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com