سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :8

حضور ﷺ جن بدستور اسلام جي تبليغ ڪندا رهيا. قريشن جي دشمني به روز بروز روز وٺندي وئي. آخر حضرت ابو طالب ۽ ام المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها جي وفات کانپوءِ جڏهن قريشن جي دشمني ۽ ايذاء رساني پنهنجي انتها کي وڃي پهتي، ته الله تعاليٰ حضور ﷺ جن کي مڪي معظم کان مديني منوره ڏانهن  هجرت ڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. حضور ﷺ جن پنهنجي يار غار حضرت ابوبڪر صديق رضه کي ساڻ ڪري، مديني ۾ تشريف فرما ٿيا. حضور ﷺ جن جا اصحاب ڪرام، جن جو تعداد هاڻي وڌندو ٿي ويو، اهي به ڪي اڳي، ڪي پوءِ مديني ۾ اچي سهڙيا. مديني جا ڪي انصار هجرت کان اڳ ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ عقبئه اوليٰ ۽ عقبئه ثانيه ۾ حضور ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪري، کين مديني هجرت ڪري اچڻ جي دعوت ڏئي ويا هئا. حضور جن مديني ۾ اچڻ بعد اسلام جي تبليغ ۾ اڳي کان به زياده مشغول ٿي ويا. مڪه ۾ حضور ﷺ جن جي مخالفت مڪه جا مشرڪ ڪندا هئا، ته مديني ۾ مديني جا يهودي شرارتون ڪرڻ لڳا، جي دنيا جا وڏا فتنه پرواز ۽ مڪار هئا.

حضور ﷺ جن مديني منوره ۾ تشريف فرما ٿيڻ بعد دنيا جي بادشاهن (حبش،روم، ايران ۽ مصر وغيره) ڪن علائقن جي حڪمرانن ۽ ڪن قبيلن جي سردارن کي اسلام اختيار ڪرڻ لاءِ خط لکيا.

آخر الله تعاليٰ حضور ﷺ جن جي محنت ساب وڌي. سندن منهن مبارڪ مٿي ڪيائين ۽ کين پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان عظيم ڪاميابي عطا فرمايائين. اسلام نه صرف عرب جي سر زمين ۾ پکڙيو، پر ان کان ٻاهر به ڦهليو ۽ ايڏو وڌي ويو، جو حضور ﷺجن جي زندگيءَ ۾ خلفاءِ راشدين جي دور ۾ انهن کان پوين خليفن جي وقت ۾ اڌ دنيا جي مٿان حضور ﷺ جن جي غلامن جي هڪ مستحڪم ۽ ناقابل تسخير حڪومت قائم ٿي وئي.

حضور اڪرم ﷺ جي ساراهه

محمد(ﷺ) اهڙو ساراهيل آهي، جنهن جي ساراهه الله به ڪئي آهي ۽ الله جي بندن به اها ساراهه دراصل حضور ﷺ جن جي ڪمالات نبوت جو اظهار آهي. الله تعاليٰ جي طرفان ڪلام الاهي ۾ ڪيل ساراهه انساني تخيل ۽ شاعرانه مبالغي کان قطعي پاڪ هئڻ سبب جامع به آهي ۽ حقيقت تي مبني به. اچو ته ڏسون ته الله تعاليٰ پنهنجي رسول ۽ حبيب جي ساراهه يعني سندن پيغمبرانه اوصاف بيان ڪرڻ لاءِ ڪهڙو انداز اختيار ڪيو آهي؟.

(1) الله تعاليٰ پنهنجي رسول جي ذڪر کي بلندي بخشي آهي

الله تعاليٰ پنهنجي حبيب کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو:-

ورفعنالڪ  ذڪرڪ (اي رسول!) اسان تنهنجي خاطر تنهجي ذڪر کي بلندي بخشي آهي"ذڪر کي بلند ڪرڻ" عربيءَ جو محاورو آهي. اسين پنهنجي محاوره موجب ان جو مفهوم"دائمي ناموري عطا ڪرڻ" يا "وڏي عزت ۽ عظمت بخشڻ" وٺي سگهون ٿا.

الله جي حبيب جي ذڪر جي بلندي ۽ عظمت جي هڪ جهلڪ هن حقيقت مان ملاحظو ڪري سگهجي ٿي، جو الله تعاليٰ جي نالي سان گڏو گڏ الله جي حبيب جو نالو به وٺڻ ۾ اچي ٿو.

حديث شريف ۾ آهي ته:

عن ابي سعيد الخدري ان رسول اللهﷺ قال اتاني جبريل فقال ان ربي و ربڪ يقول لڪ اتدري ڪيف رفعت ذڪرڪ، قلت الله اعلم، قال اذا ذڪرت ذکرتَ معي.

حضرت ابو سعيد خدريءَ کان روايت آهي چيائين ته حضور جن ﷺ فرمايو ته مونکي جبريل اچي چيو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته توکي اها خبر آهي ته مان تنهنجي ذڪر کي ڪيئن بلندي بخشي آهي؟ مون چيو ته اهو صرف الله کي معلوم آهي. جبريل ٻڌايو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته جڏهن منهنجو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته مونسان گڏ تنهنجو به ذڪر ڪيو ٿو وڃي.

الله تعاليٰ جي شهنشاهيءَ جي پنج وقت نوبت، جنهن کي اذن چيو وڃي ٿو، روزانو پنج دفعا دنيا جي گوشي گوشي ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو(حرمين شريفين ۾ ڇهه دفعا جتي تهجد جي اذان به چئي وڃي ٿي) ان ۾ نماز کان اول تڪبير ۾ ۽ ڪلمه طيبه وغيره ۾.

محمد ﷺ جي حڪومت قيامت تائين قائم آهي

اهو سلسلو چوڏهن سو ورهين کان جاري آهي ۽ جيستائين الله تعاليٰ جي شهنشاهي قائم آهي، سندس حبيب جي ذڪر جي رفعت ۽ عظمت جو اهو سلسلو به بدستور جاري رهندو. الله جو آخري رسول آهي ۽ الله جو پسنديده دين اسلام سندس آخري رسول جي عهد رسالت ۾ پنهنجي تڪميل ۽ اتمام کي رسيو آهي، تنهن ڪري لازمي طور اسلام جي بقاء ۽ دوام سان گڏ الله جي آخري رسول جي رسالت کي به بقاء ۽ دوام  حاصل رهندو. مولانا روميءَ انهيءَ نڪته تي اظهار خيال ڪندي چيو آهي ته جڏهن تاج ۽ تخت جا وارث بدلجندا آهن، ته سندن سڪا به بدلجي ويندا آهن(اڳئين بادشاهه جو سڪو منسوخ ڪري، نئين بادشاهه جو سڪو جاري ڪيو ويندو آهي) مگر محمد عربيءَ جي بادشاهي جيئن ته قيامت تائين قائم آهي، تنهن ڪري سندس سڪو به ابدالاباد تائين رائج هوندو:-

ازدراهم نام شاهان برکمند

نام احمد تا قيامت مي برند

حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه ساڳي ڳالهه ٻئي انداز ۾ فرمائي آهي، ته اڳين امتن جا سج غروب ٿي ويا، پر اسانجو سج ابد تائين افق جي بلندين جلوه گر رهندو:-

افلت شموس الاولين وشمسنا ابدا عليٰ افق العلا لا تغرب

نعت گوئي

نبي سردار جي رفعت جو هڪ بديهي، روشن ۽ صدين کان وٺي ڏينهن رات جاري رهندڙ مثال اها نعت آهي، جا چوڏهن سئو ورهين کان مسلسل چئي پئي وڃي.

ٻنهي جهانن جي سردار ذات بابرڪات سان جذبهء خلوص جي اظهار لاءِ نعت جو سلسلو سندس بعثت کان پوءِ ۽ هجرت کان اڳ ۾ شروع ٿيو آهي، جنهن لاءِ حضرت ابو طالب جا اشعار(جنهن سڀ کان اول حضور ﷺ جن جي نعت چئي ۽ سڀني کان اول حضور ﷺ جن کي مصطفيٰ سڏيائين،) حضرت حسان بن ثابت رضه جا قصائده کعب بن زهيرجو قصيدو"بانت سعاد" ۽ ٻيا اشعار ۽ ڪن اهل بيتن عظامن ۽ اصحابن ڪرامن جا اشعار شاهد آهن. هونءَ به عربي زبان جي شعري ادب ۾ نعت جا ايڏا ڀرپور ڀنڊار موجود آهن، جو ٻي ڪا به زبان انهيءَ سلسلي ۾ سندس همسري ڪري نٿي سگهي.

اُمت محمديءَ ۾ شروع کان وٺي هن وقت تائين لکها شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا آهن. اڄ به موجود آهن ۽ آئنده به پيدا ٿيندا رهندا. اسان جو اهل علم طبقو انهيءَ حقيقت کان با خبر آهي ته اهي شاعر ۽ دانشور نظم ۽ نثر ۾ هميشه حضور ﷺ جن جي ثنا گوئي ۽ ستائش گري ڪندا رهيا  آهن. حضور ﷺ جن جي ذات جامع الصفات سان جذبئه محبت جي اظهار ۾ پنهنجي علم، فهم، فڪر ۽ فن جا خوب جوهر ڏيکاريا اٿن ۽ پنهنجي وس آهر ثنا گوئي ۽ ستائش گريءَ جي حق ادا ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي اٿن. حضور ﷺ جن جي ظاهري حسن و جمال ۽ باطني فضل و ڪمال تي، بلڪ سندن حيات طيبه جي هر پهلوءَ تي دل کولي اظهار خيال ڪيو اٿن ۽ اهو التزام رکڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿن ته سندن ظاهري ۽ باطني اوصاف کي بيڪ وقت پيش ڪيو وڃي. جيئن حضرت حسان بن ثابت چوي ٿو:-

واجمل منڪ لم ترقط عيني -

خلقت مبرء اً من ڪل عيب -

و اڪمل منڪَ لم تلد النساء

ڪانڪ قد خلقت کماتشاء 

(توکان وڌيڪ سهڻو انسان منهنجين اکين نه ڏٺو  آهي، ۽ توکان وڌيڪ ڪامل مڪمل پٽ ڪنهن ماءَ نه ڄڻيو  آهي. توکي هر عيب کان پاڪ پيدا ڪيو ويو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ پيدائش تنهنجي مرضي جي مطابق ٿي آهي).

ڪعب بن زهير چوي ٿو:-

اِن الرسول لنوريستضاء بہ-     مهند من سيوف الله مسلول

(رسول الله سچ پچ نور آهي ۽ سڄي روشني ان کان ورتي وڃي ٿي. هو الله جي ترارن مان هڪ بي نيام ترار آهي.)

امام بوصيري چوي ٿو:-

فهرهوالذي تم معناه و صورتہ-        ثم اصطفاه حبيبا باريء النسم

منزه عن شريڪ في محاسنہ- فجو هرالحسن فيہ غير منقسم

(حضور ﷺ جن صوري ۽ معنوي ڪماليت حاصل ڪئي، جنهن بعد الله تعاليٰ کين پنهنجو حبيب منتخب ڪيو.)

حضور ﷺ جن جي ذات جامع الڪمالات پنهنجي فضائل ۽ محاسن ۾ لاشريڪ آهي. سندن حسن و جمال ۽ فضل و ڪمال جو جوهر اَڻ تقسيم ٿيندڙ(گويا جزء لايتجزي) آهي ۽ فقط حضور ﷺ جن جي لاءِ ئي مخصوص آهي.

فارسيءَ جو هڪ صاحبدل شاعر سندن حضور اقدس ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو:-

بهار عالم حسنش دل و جان تازه مي دارد

برنگ اصحاب صورت را، ببو ارباب معنيٰ را

(حضور ﷺ جن جي جمال جهان آرا جو بهار اهل شريعت جي قلب ۽ روح کي پنهنجي ظاهري رنگ روپ ۽ حسن و جمال سان تازگي ۽ باليدگي بخشي ٿو ۽ اهل طريقت کي پنهنجي باطني خوشبوءَ سان نوازيندو ٿو رهي.)

عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ نعتيه ڪلام ايتري مقدار ۾ موجود آهي، جو اُن جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي. قارئين ڪرام مان جن صاحبن جو انهن زبانن سان ۽ انهن جي شعري ادب سان واسطو رهيو هوندو، انهن جي نظر کان عربيءَ جا نعتيه قصيدا، قطعا ۽ مفرد اشعار، فارسي ۽ اردوءَ جا نعتيه قصيدا، نعتيه غزل، مثنوين جي ابتدا ۾ حمد کان بعد نعتيه ابيات، قطعا ۽ مفرد اشعار، سنڌيءَ جا مولود ۽ مداحون، فارسي جي ڪن غير نعتيه غزلن جي اندر تغزل جي رنگ ۾ نعتيه اشعار گذريا هوندا.

تغزل جي رنگ ۾ نعتيه اشعار جو ذڪر نڪتو آهي ته مان چاهيان ٿو ته برسبيل تذڪره ان جا ٻه ٽي مثال به پيش ڪريان.

حافظ شيرازيءَ جي هن شعر جي باري ۾ سڀني جو اتفاق آهي ته هيءَ نعتيه شعر آهي ۽ حضور نبي امي (فداه ابي وامي) جي حضور اقدس ۾ حافظ جو خراج عقيدت آهي:-

نگار من که بمکتب نرفت و خط نه نوشت

بغمزه مسئله آموز صد مدرس شد

(منهنجو محبوب، جو نه ڪڏهن ڪنهن مڪتب ۾ پڙهڻ ويو ۽ نه لکڻ سکيو، فقط هڪ اشاري سان سوين استادن کي پڙهائي ڇڏيائين. مون ڏٺو هو ته سنڌ جو مشهور درويش عالم حضرت مولانا مخدوم بصرالدين صاحب سيوهاڻي رحمت الله عليہ اهو شعر گهڻو پڙهندو هو.

حافظ جي هن مطلع لاءِ حافظ جي شارحن جو خيال آهي ته هيءَ نبي سردار جي ساراه ۾ آهي ۽ منجهس حضور ﷺ جن جي ظاهر حسن و جمال ۽ باطني فضل و ڪمال جو ذڪر ڪيو اٿس:-

غلام نرگس مست تو تاجدارا نند

خراب باده لعل تو هوشيارا نند

(دنيا جا شهنشاهه تنهنجن مست ۽ ڪڪوريل نيڻن جا غلام آهن. وڏا وڏا عقل جا اڪابر تنهنجن لعل لبن جي شراب جي ڪيف ۽ خمار کان مخمور ۽ مدهوش آهن)

حضور جن هڪ دفعي حج جي موقعي تي قربانيءَ لاءِ سئو اُٺ ساڻ وٺي ويا هئا. جن مان 63 پاڻ ذبح فرمايائون ۽ 37 حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهہ کي ذبح ڪرڻ لاءِ ڏنائون. اُٺن جڏهن ڏٺو ته ٻنهي جهانن جو سردار پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪ سان ذبح جو شرف بخشي رهيو آهي، ته پاڻمرادو پنهنجون گردنون حضور ﷺ جن جي قدمن مبارڪن ۾ جهڪائي ڇڏيائون.

امير خسرو جي هن شعر جي متعلق سمجهيو ويندو آهي ته ان ۾ انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو آهي:-

همه آهران صحرا سر خود نهاده برکف

باميد آنکه روزي بشڪار خواهي آمد

(اي محبوب! بيابان جا سمورا هرڻ هن اميد تي پنهنجا سرتريءَ تي رکيو بيٺا آهن، ته من ڪنهن ڏينهن تون اسان کي شڪار ڪرڻ اچين.

ٻن بيتن جي هن قطعه لاءِ ته سڀني جو اتفاق آهي ته هيءُ حضور ﷺ جن جي جمال جهان آرا جي تعريف ۽ توصيف ۾ آهي:-

لب لعل و خط سبز و رخ زيبا داري -

شيوه ؤ شکل و شمائل، حرکات و سکنات-

حسن يوسف، دم عيسيٰ، يد بيضا داري

آنچه خوبان همه دارند، تو تنها داري

هيءَ "مشتي نمونهء از خرواري" آهي. ورنه هر زبان جي شعري ادب ۾ اهڙا هزارين مثال موجود آهن.

نعت گوئي جي سلسلي ۾ چند ڳالهيون، جي منهنجي تجربي ۾ آيون آهن، هيءَ آهن:-

(1) حضور ﷺ جن جي ذات بابرڪات سان غلاميءَ جي نسبت رکندڙ هر دور، هر خط ۽ هر زبان جي لکها شعراء ڪرام حضور ﷺ جن جي مدح و ثنا ۾ پنهنجي فڪر ۽ فن جا خزانا لٽائي ڇڏيا، مگر هنن کي ڪڏهن به اهو اطمينان نه ٿيو ته هو حقيقت محمديءَ کي پروڙڻ ۾ پوري طرح ڪامياب ٿيا آهن ۽ هنن مدح و ثنا جو حق ادا ڪيو آهي.

بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته، هو مدح و ثنا ڪندي ڪندي، آخرڪار پنهنجي عاجزيءَ جو علانيه اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.

(2) جيئن الله جي ذات پاڪ جي حمد بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪري نٿو سگهجي، تيئن حضور ﷺ جن جي ذات جامع الڪمالات جي مدح و ثنا جو حق به ڪو شاعر يا دانشور ادا ڪري نٿو سگهي:- لايمکن الشناء کماڪان حقه.

(3) الله تعاليٰ حضور جن کي انتها درجه جي عظمت ۽ بلندي بخشي آهي. ايتري قدر جو حضور ﷺ جن جو ذڪر الله جي ذڪر سان گڏ ڪيو وڃي ٿو، بلڪ الله تعاليٰ خود حضور ﷺ جن جي ذڪر ۾ رطب اللسان ٿو رهي. انهيءَ ڪري حضور ﷺ جن جي ماهيت کي الله ئي سمجهي ٿو. انسان جو علم ۽ فهم حضور ﷺ جن جي فضائل ۽ محاسن جو احاطو ڪرڻ  کان قاصر آهي. امام بوصيري چوي ٿو:-

فان فضل رسول الله ليس لہ-  حد، فيعرب عنہ ناطق بفم

(حضور جن جي فضل ۽ ڪمال جي ڪا حد آهي ئي ڪانه، جو ڪو شخص ان کي بيان ڪري سگهي.).

(4) جڏهن صورتحال اها آهي ته هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته حضور ﷺ جن جي ثنا گوئي ۽ ستائش گريءَ جو حق ادا ڪرڻ نا ممڪن آهي. مگر نعت انهيءَ هوندي به چئي وڃي ٿي ۽ هميشہ چئي ويندي نبي سردار جي ذات و صفات سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ ايمان جي تڪميل ۽ تازگيءَ لاءِ، قلب ۽ روح جي تسڪين لاءِ ڪنهن عاشق چيو آهي ته:-

مان ان مدحت محمد اً بمقالتي-      لکن مدحت مقالتي محمد

(مان نبي سردار جو نالو مبارڪ پنهنجي ڪلام ۾ سندن تعريف ۽ توصيف لاءِ استعمال نٿو ڪريان، پر سندن مبارڪ نالي سان پنهنجي ڪلام جي عزت ۽ زيب و زينت ۾ اضافو ٿو ڪريان).

(5) هر شاعر تعريف ۽ توصيف جو حق ادا ڪرڻ کي ناممڪن سمجهڻ جي باوجود، يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حضور ﷺ جن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻ گهري ٿو ۽ دل کولي ڪري ٿو. مگر آخر ۾ پنهنجي عاجزي جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿو ٿئي، غالب کي هڪ نعتيه غزل ۾ حضور ﷺ جن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻ بعد مقطع ۾ هئين چوڻو پيو آهي ته:-

غالب ثنائي خواجه به يزدان گذاشتيم-

که آن ذات پاڪ مرتبه دان محمد است

(غالب! مان نبي سردار جي مدح و ثنا جو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته الله جي ذات پاڪ ئي سندن عظمت ۽ مرتبت کان آگاهه آهي).

(6) سڀني شاعرن مدح سرائي جي باوجود گهڻو ڪري پنهنجي علم ۽ ادراڪ جي ڪوتاهي ۽ فڪر ۽ خيال جي بي پروباليءَ جو اقرار ڪيو آهي. مگر سڀ کان سهڻي ڳالهه جا اختصار جي باوجود پنهنجي اندر جامعيت رکي ٿي، شاهه عبدالعزيز دهلويءَ چئي آهي ته:-

بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر

(7) نعت جنهن به زبان ۾ چئي وئي آهي، اها هر لحاظ کان انهيءَ زبان جي ادب عاليءَ جو بهترين حصو آهي. هر نعت فڪر ۽ فن، اسلوب ۽ لهجي، رنگيني ۽ اثر انگيزي، حقيقت بياني ۽ نڪته آفريني، زبان ۽ بيان جي سلاست، صوري ۽ معنوي لطافت جي اعتبار کان پنهنجي زبان جي شعري ادب جو عظيم شاهڪار آهي.

هر نعتيه ڪلام ۾ شهد ۽ شَڪر کان وڌيڪ ميٺاج آهي ۽ ڪوثر ۽ تسنيم کان وڌيڪ پاڪيزگي.

(8) غزل کي شاعريءَ جي بهترين صنف سمجهيو ويندو آهي. ڇو ته تغزل شروع کان ئي شاعر جو پسنديده موضوع رهيو آهي. هو پنهنجي اندروني ڪيفيت جو برملا اظهار جئين غزل ۾ ڪري سگهي ٿو، اونئين شايد ٻي ڪنهن صنف ۾ ڪري نه سگهي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي شاعرانه ڪمالات جو گهڻي کان گهڻو زور غزل جي آرائش ۽ زيبائش تي صرف ڪري ٿو. جنهن ڪري غزل شاعريءَ جي ٻين صنفن کان زياده دلڪش ٿو ٿئي، مگر نعت، غزل کان به زياده دلڪش ٿي ٿئي. پوءِ اها قصيدي، نعتيه غزل، مثنوي، سمط، قطعه ۽ رباعيءَ جي رنگ ۾ هجي يا ڪافي، وائي، بيت، ڏوهيڙي مولود ۽ مداح جي صورت ۾. ان جو سبب هيءَ آهي جو تغزل وقت شاعر جي تصور ۾ مجازي محبوب آهي ۽ نعت گوئي وقت هن جو توجه حقيقي محبوب ڏانهن آهي. تغزل وقت هر خيال آرائي کان ڪم ٿو وٺي ۽ نعت گوئي وقت حقيقت بيانيءَ کان. غزل هن جي ذهن کي
آسودگي ٿو بخشي ۽ نعت هن جي قلب ۽ روح کي تسڪين عطا ٿي ڪري. انهيءَ ڪري غزل ۽ نعت ۾ اوترو فرق آهي، جيترو مجاز ۽ حقيقت ۾.

(9) گذشته چوڏهن صدين ۾ حضور ﷺ جن جي جيڪا مداح ثنا ڪئي وئي آهي، ان کي گڏ ڪبو ته اُن جو مقدار منقول جي سڀني علوم و فنون تي لکيل مواد کان زياده ٿيندو.

(10) انساني تاريخ ۾ نبي سردار جي ذات بابرڪات کان سواءِ ٻيو ڪو به انسان نظر نٿو اچي، جنهن جي ايتري مدح و ثنا ڪئي وئي هجي ۽ لکها انسانن ڪئي هجي.

(11) وري حيرت انگيز حقيقت هيءَ آهي ته ايڏي مدح و ثنا ڪرڻ جي باوجود سندن محبت ۽ عقيدت جي جذبي جي تسڪين نٿي ٿئي ۽ سندن اندر ۾ اهو ارمان رهجي ٿو وڃي ته هنن جو ادراڪ ۽ عرفان نبي سردار جي ارفع ۽ اعليٰ مقام تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو، هنن کي جيڪي چوڻ ۽ لکڻ گهربوهو، سو چئي ءٌ لکي نه سگهيا ۽ هنن جي زبان ۽ قلم ان جي احاطي ڪرڻ کان قاصر رهجي ويا.

(12) شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ شاعر تعلي ڪندو آهي، پر نعت ۾ تعلي جي جرائت ڪري نه سگهندو آهي. ڇو ته تعلي نفس جي برتري ۽ انانيت جي اظهار جو هڪ طريقو آهي ۽ نعت ۾ ادب ۽ احترام کي ملحوظ رکڻو پوندو آهي. عرفي نعت چوندي، پاڻ کي تنبيهه ٿو ڪري ته؟-

آهسته، که ره بردم تيغ است قلم را

(عرفي! سوچي سمجهي قدم کڻ، جو قلم کي ترار جي ڌار تان هلڻو آهي). تعلي ته پري رهي، پر شاعر پاڻ کي بارگاهه رسالت ۾ انڪسار ۽ نماڻائي سان پيش ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي. قدسي چوي ٿو:-

نسبت بود بسگت کردم و بس منفعلم

زانکه نسبت بسگ کوئيءَ تو شد بي ادبي

(مون پاڻ کي تنهنجي ڳليءَ جي ڪتي ڏانهن منسوب ڪيو، پر پوءِ پشيمان ٿيس. ڇو ته پاڻ کي تنهنجي در جي ڪتي جهڙو سمجهڻ بي ادبي آهي).

(13) اڪثر شاعرن کي سندن فڪري ۽ فني محاسن جي ڪري خوب شهرت ملي ۽ سندن محبت ۽ عقيدت جي جذبي جي صدقي غير معمولي مقبوليت نصيب ٿي پر عربي زبان ۾ حضرت حسان جي قصائد کان پوءِ جيڪا شهرت ۽ مقبوليت امام بوصيريءَ جي قصيده برده کي نصيب ٿي، اها ٻئي ڪنهن جي حصي ۾ اچي نه سگهي، ۽ فارسي زبان جي بي شمار شعراء ڪرام مان جا سعادت جاميء جي مقدر ۾ لکي  وئي، فارسي شاعري ان تي قيامت تائين ناز ڪندي رهندي.

(14) دراصل حمد ۽ مدح چوڻ عبادت آهي، ايمان ڪامل ۽ صحتمند ذهن جي علامت آهي هڪ ضعيف الايمان ۽ بيمار ذهن رکندڙ شاعر حمد ۽ مدح کان محروم ٿو رهي ۽ انهيءَ نعت عظميٰ کان محروميءَ سبب هو نه صرف ڪفران نعمت جو مرتڪب ٿو ٿئي، پر شاعرن جي قطار ۾ به شمار ٿيڻ جي لائق نٿو رهي.

(15)خبر نه آهي ته هن ڳالهه تي به ڪڏهن غور ڪيو ويو آهي الائي نه، ته ان ڏينهن کان وٺي جڏهن هن زمين آدم جا قدم چميا آهن، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به انسان جي ايڏي ثنا گوئي ۽ ستائش گري نه ڪئي وئي آهي، جيتري گذريل چوڏهن سؤ ورهين ۾ محمد عربي ﷺ  جي ڪئي وئي آهي. مگر ايڏي ثنا ۽ ستائش جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن اهل سخن کي اهو اطمينان نه ٿيو آهي، ته هن کي جيڪي چوڻ گهربو هو، سو هن چيو ۽ هاڻي نعت گوئي جي ذوق جي سيرابي لاءِ وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه رهي آهي. اُن جي برعڪس اهو ذوق ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. نعت گو حضرات جون زندگيون نعت چوندي چوندي، ختم ٿي ويون ۽ هنن جي دلين ۾ نعت گوئي جي حق ادا ڪري نه سگهڻ جو افسوس رهجي ويو.

(16) مون مٿي"چوڏهن سؤ ورهين" جي حد بندي حضور ﷺ جي ظهور پرنور جي پيش نظر ڪئي اهي، ورنه اڳيان انبياء ڪرام ٻنهي جهانن جي سردار جي تعريف ۽ توصيف ۾ جيڪي چوندا ويا آهن. اهو ڏسي، هن چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نظر نٿو اچي ته اهو سلسلو ازل کان جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهندو، ۽ ان جو سبب اهو آهي جو انساني تاريخ ۾ انسان ذات کي حضور ﷺ جن جهڙو بهتر ۽ برتر، بلڪ هر پهلوءَ کان ڪامل ۽ مڪمل انسان ٻيو ڪو به نظر اچي نه سگهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي حسان بن ثابت رضه کي جو اکين ڏٺو شاهد آهي، انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪندي، هئين چوڻو پيو:-

واجمل منڪ لم ترقط عيني- و اڪمل منڪ لم تلدالنساء

بهرحال سموري نعتيه شاعري، ريڊيو، ٽي-وي، ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي ذريعي اُن جي نشر و اشاعت، نعتيه، مشاعرا، ميلادالنبي جون محفلون ۽ قواليءَ جون مجلسون وغيره، اهي سڀ ورفعنالڪ ذڪرڪ جا ڪرشما آهن.

(2)رسول الله ﷺ تي صلواة

الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:- الله به پڙهي ٿو اوهين به پڙهو.

ان الله و ملائڪتہ يصلون علي النبي يا ايها الذين آمنوا صلواعليہ وسلموا  تسليماًo

سچ پچ الله ۽ سندس ملائڪ(به) نبي تي صلواة پڙهن ٿا. اي ايمان وارؤ! اوهين به مٿس صلواة پڙهو ۽ سلام موڪليو.

نبي سردار کي بارگاه ايزديءَ مان جيڪي بي حساب اعزاز عطا فرمايا ويا آهن، اهي سڀ لاجواب ۽ بي مثال آهن. انهن لاجواب ۽ بي مثال اعزازن مان هڪ اهم اعزاز هيءَ آهي جو الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي حبيب تي مسلسل صلواة پڙهندو رهي ٿو ۽ الله تعاليٰ کي صلواة پڙهندو ڏسي، سندس خوشنوديءَ خاطر ملائڪ به نبي سردار تي صلواة پڙهن ٿا ۽ الله تعاليٰ اسان کي به حڪم ٿو ڪري ته اسين به نبي سردار تي صلواة پڙهڻ ۽ سلام موڪلڻ جو شرف حاصل ڪريون. اللهم صل علي سيدنا و مولانا محمد و عليٰ آل سيدنا و مولانا محمد و بارڪ وسلم.

صلواة، الله جي رحمت آهي رحمت ته هونءَ ئي رحمت آهي، پر الله تعاليٰ نبي سردار جي صدقي صلواة ۾ ايتريون ته برڪتون رکيون آهن، جن جي نه ڪا حد آهي ۽ نه ڪو حساب، صلواة انساني مشڪلاتن جو حل ۽ الله تعاليٰ جي بي پايان رحمتن جي نزول جو سبب آهي. حتانکه صلواة دعائن جي مقبوليت جو به هڪ ذريعو، بلڪ هڪ شرط آهي صلوٰة جي برڪتن ۽ رحمتن جو پتو صرف انهن انسانن کي هوندو، صلواة جن جو معمول رهي آهي.

(3)خاتم النبيين      الله تعاليٰ حضور ﷺ جن جي خاتم النبيين هجڻ جو اعلان ڪندي، فرمائي ٿو:

ماڪان محمد ابا احد من رجالڪم ولکن رسول الله و خاتم النبيين وڪان الله بڪل شيءَ عليماo

محمد(ﷺ) اوهان مردن مان ڪنهن جو به پيءَ نه آهي. بلڪ هو الله  جو رسول ۽ نبين جي مهر آهي. الله تعاليٰ هر ڳالهه، کان باخبر آهي.

حضور ﷺ جن جي پٺي تي ٻنهي ڪلهن مبارڪن جي وچ تي هڪ پيدائشي اُڀريل نشان هو، جنهن لاءِ سڀني جو متفقه عقيدو آهي ته اها مهر نبوت هئي(سندن آخري رسول هجڻ جي قدرتي علامت) ڪي صحابه ڪرام مهر نبوت جي زيارت جي سعادت حاصل ڪري چڪا هئا ۽ کيس انتهائي محبت ۽ عقيدت سان چميو به هئائون.

(4)روشن چراغ         حضور ﷺ جن الله جو نور آهن. الله تعاليٰ انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو:-

يا ايهاالنبي انا ارسلناڪ شاهدا و مبشرا ونذيراo ودا عيااليٰ الله باذنہ و سراجا منيراo

اي نبي:(ﷺ) اسان توکي(سڀني امتن جي مٿان) شاهد،(الله جي نعمتن جي بشارت ڏيڻ ۽ (الله جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو الله جي حڪم سان الله ڏانهن سڏڻ وارو ”(سڄي عالم انسانيت جي لاءِ) روشن چراغ ڪري موڪليو آهي.

گذريل چوڏهن سؤ ورهين جي اسلامي تاريخ تي نظر ڪجي ته هن روشن چراغ جو سوجهرو هر دور ۾ ۽ هر هنڌ جلوه افروز ڏسڻ ۾ ايندو. اهو سوجهرو اڄ به پنهنجي پوري آب تاب سان شش جهات جي اندر موجود آهي، ۽ جيستائين روءِ زمين تي قرآن، اسلام ۽ صرف هڪ مسلمان به موجود هوندو، اهو ازلي ۽ ابدي سوجهرو قائم رهندو.

مٿي ڄاڻايل آيت ۾ حضور ﷺ جن کي "سراج منير" سڏيو ويو آهي يعني نورانيت ڦهلائيندڙ چراغ ۽ هيٺين آيت ۾ کين نور چيو ويو آهي:-

قد جاء ڪم من الله نور و ڪتاب مبين o

سچ پچ اوهان وٽ الله تعاليٰ جي طرفان هڪ نور ۽ هڪ واضح ڪتاب آيو آهي.

حديث شريف ۾ آهي ته :-

عن جابر بن عبدالله انصاري قال قلت يا رسول الله بابي انت وامي اخبرني عن اول شيء خلقہ الله قبل الاشياء، قال يا جابر ان الله تعاليٰ خلق قبل الاشياء نورنبيڪ من نوره

(رواه عبدالرزاق)

حضرت جابر بن عبدالله انصاريءَ کان روايت آهي. چيائين ته مون حضور
رسول اڪرمﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ عرض ڪيو ته يا رسول الله منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تان قربان ٿين، مون کي انهيءَ شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو. جا الله تعاليٰ سنڀي شين کان اول پيدا ڪئي. حضور ﷺ  جن فرمايو ته اي جابر! الله تعاليٰ هر شئي کان اول تنهنجي نبي جي نور کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو.

الله تعاليٰ جي نور کي سندس ظهور کان وٺي اڄ تائين طاغوتي طاقتن اُجهائڻ جون گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون:-

ستيزه ڪار رها هي ازل سي تا امروز

چراغ مصطفوي سي شرار بولهبي

مگر الله تعاليٰ پنهنجي نور کي وسامڻ نه ڏنو. خير ۽ شر جي ڪشمڪش جيئن ته ازل کان جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهڻ واري آهي، تنهن ڪري طاغوتي طاقتون پنهنجين ڪوششن کان ڪڏهن به باز نه اينديون، مگر الله تعاليٰ اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته:-

و الله متم نوره ولو ڪره الڪافرون

ڪافرن کي ڀلي ته اها ڳالهه نه وڻي، پر الله پنهنجي نور جي تڪميل ضرور ڪندو.

(5)سڄي عالم انسانيت جي لاءِ رسول

اڳيان انبياء ڪرام عيلهم الصلواة  والسلام ڪنهن مخصوص قوم يا محدودانه علائقي جي باشندن جي هدايت ۽ اصلاح لاءِ تشريف فرما ٿيندا هئا، مگر الله تعاليٰ پنهنجي آخري رسول کي ساري عالم انسانيت جي هدايت ۽ اصلاح لاءِ رسالت جو تاج پهرائي موڪليو. الله تعاليٰ انهيءَ حقيقت جو اظهار هن ريت فرمايو آهي:-

وما ارسلناڪ الاڪافة للناس بشيرا و نذيرا o

(اي رسول!(ﷺ) اسان توکي سڀني انسانن جي لاءِ بشير ۽ نذير ڪري موڪليو آهي.

غالباً اهو ئي سبب آهي جو حضور جنﷺ، هجرت کان پوءِ جيئن عرب جي مختلف علائقن جي سردارن ۽ حڪمرانن کي اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ خط لکيا هئا، تيئن ايشيا، افريقا ۽ يورپ(روم) جي بادشاهن کي به خطن جي ذريعي اسلام جي دعوت ڏني هئائون، ۽ غالباً اهو به حضور ﷺ جن جي همه گير ۽ ابدي رسالت جو ڪرشمو آهي، جو سندن امت جا افراد گهڻا خواه ٿورا دنيا جي هر خطه ۾ موجود آهن. هو گويا هڪ قسم جون قنديلون ۽ شمعون آهن، جي انهيءَ ماه تابان ۽ مهر درخشان جي نور جو مظهر آهن.

(6) رحمت للعالمين

الله تعاليٰ نبي سردار کي سڄي جهان جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو آهي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:-

وما ارسلناڪ الارحمة للعالمين

(اي رسول!ﷺ) اسان توکي سڄي جهان جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو آهي.

حضور اڪرمﷺ جن جي ذات بابرڪات سراپا رحمت آهي. سندن مبارڪ حياتي جو هر پهلو يعني سندن هر قول ۽ هر عمل رحمت آهي. حضور ﷺ جن جي رحمت نهايت ئي وسيع، عام ۽ هر شيءَ تي حاوي آهي. سندن رحمت جو روشن ترين پهلو اسلام آهي. يعني الله جي توحيد جو پيغام، جنهن جي ذريعي رسول الله ﷺ انسان ذات کي شرڪ، ڪفر، گمراهي ۽ بد ڪرداريءَ جي اونداهه مان ڪڍي، صراط مستقيم ڏيکاري، ۽ کيس ايمان جي نور، انساني اخلاق ۽ تهذيب جي سوجهري ۾ آندائون:-

رسولا يتلوا عليڪم آيات الله مبينات ليخرج الذين آمنوا و عملوا الصالحات من الظلمات الي النور o

رسول اوهان کي الله جون واضح آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، هن ڪري ته جيڪي ايمان ۽ چڱي ڪردار وارا آهن، انهن کي اونده مان ڪڍي، سوجهري ۾ آڻي.

دنيا کي الله جي هن رحمت جو گهڻي وقت کان انتظار هو. حضور ﷺ جن جي ظهور پرنور کان گهڻو اڳي. الله تعاليٰ سڀني نبين کي انهيءَ حقيقت کان آگاه ڪري ڇڏيو هو. اڳين الهامي ڪتابن(توراة، زبور، انجيل ۽ ٻين آسماني صحيفن) ۾ حضور ﷺ جن جي ذات ۽ صفات جو تفصيلوار احوال بيان ڪيل هو. ولادت جو وقت، بعثت جو وقت، وطن، نالو، خاندان، خاندان جي وڏن جا نالا، ويجهن دوستن(حضرات خلفاءِ راشدين) جا نالا، قريشن ۽ يهودين جي مخالفت، مڪي کان مديني ڏانهن هجرت، اسلام جي تبليغ لاءِ غير معمولي جدوجهد، تبليغٰ جي سلسلي ۾ مخالفن جون زيادتيون صبر سان برداشت ڪرڻ، فتح مڪہ جو احوال، فضائل ۽ محاسن، عادات و اطوار، قدو قامت، منهن مهانڊو، رنگ روپ ۽ مهر نبوت وغيره. برناباس جي(مرتب ڪيل) انجيل ۾(جو تحريف کان بچي ويو آهي ۽ صدين کان پوءِ هاڻي منظر عام تي آيو آهي)حضور ﷺ جن جي متعلق هر ڳالهه جو تفصيل آهي. عيسائين ۽ يهودين جا علماءَ(احبار ۽ رهبان) ۽ اڳين امتن جا ڪي علم ۽ فهم وارا افراد به انهن حقيقتن کان با خبر هئا. جيڪي ماڻهو پنهنجي انبياءِ ڪرام جي دور ۾ هئا، انهن خود انبياءِ ڪرام کان ٻڌو هوندو ۽ جيڪي پوءِ پيدا ٿيا، انهن پنهنجن وڏن کان ۽ احبارن ۽ رهبانن کان ٻڌو هوندو. قرآن مجيد ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي متعلق ته بالڪل صراحت سان آيل آهي ته هن بني اسرائيل کي حضور ﷺ جن جي تشريف آوريءَ جي بشارت به ڏني هئي ۽ کين حضور ﷺ جن جو نالو مبارڪ به ٻڌايو هئائين:-

و ِاذ قال عيسيٰ بن مريم يا بني اسرائيل ِاني رسول الله اليڪم مصدقا لما بين يدي من التوراة و مبشرا برسول ياتي من بعدي اسمہ احمدo

(اي رسول!) اهو وقت ياد ڪر، جڏهن عيسيٰ بن مريم چيو هو ته اي بني اسرائيل! مان سچ پچ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان. مان توارة جي تصديق ٿو ڪريان، جو مون کان اڳ ۾ نازل ٿيو آهي ۽ (اوهان کي) هڪ رسول جي اچڻ جي بشارت ٿو ڏيان، جو مون کان پوءِ ايندو ۽ ان جو نالو احمد هوندو.

قرآن پاڪ ۾(آيت ميثاق ۾) اهو به ٻڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ سڀني نبين کان عهد ورتو هو ته جيڪڏهن اوهان جي عهد نبوت ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم تشريف فرما ٿئي ته اوهان کي مٿس ايمان آڻڻو پوندو ۽ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻو پوندو. انبياءِ ڪرام(عليهم الصلواة والسلام) جڏهن اها ڳالهه قبول ڪئي ته الله تعاليٰ کين هڪ ٻئي جي مٿان شاهد بڻايو ۽ پوءِ پاڻ به سڀني جي مٿان شاهد ٿيو:-

و ِاذ اَخذالله ميثاق النبيين  لما آتيتڪم من ڪتاب و حڪمة ثم جائڪم رسول مصدق لما معڪم لتؤمنن بہ ولتنصرنہ   قالء اقررتم واخذتم عليٰ ذالڪم اصري   قالوا اقررنا   قال فاشهدوا وانامعڪم من الشاهدين 0 فمن توليٰ بعد ذالڪ فاولائڪ هم الفاسقونo

(اي رسول) اهو وقت ياد ڪر، جڏهن الله تعاليٰ(سڀني) نبين کان وعدو ورتو هو، ته جيڪڏهن مان اوهانکي ڪتاب ۽  حڪمت ڏئي(دنيا ۾ نبي ڪري موڪليان) پوءِ (اوهانجي عهد نبوت ۾) اهو رسول اچي ۽ جيڪي(ڪتاب ۽ حڪمت) اوهان وٽ آهي، ان جي تصديق ڪري، ته اوهانکي ان تي ايمان آڻڻو پوندو ۽ هن جي مدد ڪرڻي پوندي(پوءِ) الله تعاليٰ (هنن کان) پڇيو ته ڇا، اوهان اقرار ڪريو ٿا؟ ۽ اوهان تي جيڪا ذميداري رکي وئي آهي، ان کي قبول ڪريو ٿا. عرض ڪيائون ته ها اسين اقرار ٿا ڪريون. الله تعاليٰ فرمايو ته (هاڻي) هڪ ٻئي جي مٿان شاهد بڻجو، ۽ مان اوهان تي شاهد ٿو بڻجان. هن کان پوءِ جيڪي انهيءَ عهد تان ڦرندا اهي نافرمان ليکيا ويندا.

اهو ساڳيو عهد، جو الله تعاليٰ انبياء ڪرام کان ورتو هو، انبياء ڪرام پنهنجين امتن کان به ورتو هو. انهيءَ صورت ۾ حضور جن جي تشريف آوري ۽ ساڻن تعلق رکندڙ ٻين ڳالهين کان اڳين امتن جي آگاهي لازمي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com