سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :15

فتح مڪه

۽ پنجيهون غزوة الفتح آهي جنگ تنين  منجا
جنهن ۾ فتح مڪي معظمہ جي ڪئي پيغمبر خدا

اعظم فتح جا هئي منجهه دين اسلاما
غلبو قًيو دين جو رهيو ڪفر وچا

هرگز رهيو نه حجاز ۾ ڪو ڪافر(1) پڄا تها
جنءِ مارڻ مشرڪن سندو ٿئو حلال حضرت کا

منجه زمين سڳوري مڪي جي جت جنگ حرام آه
و انت حل بهذالبلد فرمائيو اللہ

ساڻي قريشن مڪي جي اُتي ان امرا
ته ڏهن ورهين مينءَ پاڻ ۾ جنگ نه ڪنداسون ڪا

تہ (1) ڪارڻ قريش خط پڻ لکائي وهيا
پارا پيغمبر ڪريم جي حضرت عليءَ هبا

(2) تان پي (3) ٻايهين مهينن موٽي قريش ڦرئا
عهد ڀڳائون پهجا ٻول صلح سندا

پڻ ڪٺائون خزاعن سين موٽي قتالا
جي هوا پيغمبر ڪريم جي منجه امن ۽ عهدا

تنءَ مهيني شعبان ۾ سڻي خبر سان
مخفي مصلحت جنگ جي ڪئي، پيغمبر پاتشاهه

(4) ڀانئين ڪہ(5) پر قريش تي وڃهون اوچتا
ته ڪريهون قتال تن جنين عهد ڀڳا

(6) تيلانهه سيد (7) سڀنهي (8) نڱئو مير مديني منجا
پڙهي نماز عصر جي اربعا جي ڏيها

ڏهين تاريخ سا هئي سندي رمضانا
۽ ڪنين ٻي ماهه چئي رمضان سندي سا

تن ڪلثوم پٽ حسن جو، جو صحابن منجا
سو
(9) چوڪي ڪارڻ مديني جي عامل ڇڏي وهيا

۽ ابن اُم مڪتوم کي ڇڏئائون امامت لاءِ
ته
(10) پٺ ۾ نماز جماعت سين پاڙهي ماڙين کا

تان پي چڙهي (11) چاڳلو نڱئو نبيءُ خدا
اذن سين الله جي ڏونہ مڪي معظما

تن لشڪر رسول ڪريم سين ڏهه هزار هوا
جي ساڻن
(12) هيڪاندا نڱئا مديني منجارا

تہ پڄاڻا ٻه هزار پڻ (1) ڪئين وڃي (2) رسئا
تيلانہ مڪي معظم
(3) سينءَ سڀ ٻارا هزار ٿئا

پر منج تاريخ(4) وقوع جنگ جي آهي اختلافا
علماء ڪنين سترهين ماهه چئي رمضان سندي سا

جہ ڏينہ جنگ  مڪي ۾ ڪئي پيغمبر خدا
۽ ڪنين اوڻيهين ماهه چئي ڪي ويهين چون ٿا

بذل القوه ۽ نقاية ۾ آڻي ٿو اها
پر جہ ڏينہ مڪو فتح ڪيو مير محمد شاهه

ڏينہ جمعي جو سو هئو سکي ياد ڪجاه
انهين پر زرقائيءَ فرمائيو منج شرح مواهبا

تن هلندي ظاهر حضرت هٿا ٿئا گهڻا معجزا
عبرت ٿئي عالم کي پسي جي پرتا

تن منجا هيڪڙو هيءُ معجزو سکي ياد ڪجاه
جنءِ جڏهه سنڀوڙو سيد ٿي ڏونہ مڪي شريفا

پر اڃا نڱئا نه هوا مديني منجارا
تڏهه حاطب پٽ ابي بلتعة جو، جو صحابن منجا

هئو بدر جنگ ۾ جو حضرت سين همراه
تہ لکي مڪي جي قريشين ڏونہ ڳجهي ڪتابتا

هن پر لکيائين تہ ۾ اهڙي حقيقتا
ته مرسل مڪي معظم ڏونہ سيد
(5) سنڀورو آه

سو جي هوءِ هيڪلو ته پڻ ڪري فتحا
پر آهين لشڪر رسول سين گهڻا اپارا

سي ڪٽڪ ليٽندا آن مٿي اچي اوچتا
تيلانہ ڪندا قتال آن سين ۽ مال ڦريندا

آهي حقيقت ان پر هاڻ آئين ڄاڻو (6) مهندا ها
سا
(7) هلائي قريشين ڏونہ حاطب (8) ڪتابتا

هٿا عورت هيڪڙي  نالو جہ سارا
(9) آجي ڪئل قريشن جي هئي عورت جا

تنءِ آيو جبرئيل(1) اًلهي آڳي جي پارا
آچي چيائين احمد چي يا رسول الله

هن پر ڪتابت اهڙي حاطب هلائي آه
ڏونہ قريشين مڪي جي مخفي آن ڪنا

سو خط گهرائي وٺو ائين عورت فلاڻي کا
جا آهي فلاڻي باغ ۾ منج فلاڻي جاءِ

تان پئي پيغمبر ڪريم کي جڏهه سڀ (2) پروڙ سا
تڏهه حضرت علي ۽ مقداد ٻئو ٽئو حضرت زبيرا

تن سين هيڪاندا ڪري ڪي مرسل صحاب مڪا
چي: اهڙي پارين عورت جا منج باغ فلاڻي آه

تہ ڪنا وٺي اسان وٽ اچو اهڙي ڪتابتا
حاطب قريشين ڏونہ آهي هلائي جا

تن سارا پٽ ۾ سوار ٿي سي نڱئا صحابا
تان پي انهين باغ ۾ ڪڻيس اچي رسئا

آحمد ڏنو هئو ڪڻين ججهو اهڃاڻا
تت پڇڻ لڳا تہ عورت کي جان خط جي خبرا

تان منڪر ٿئي سا مهند اچي منکي خبر نه ڪا
تان ڪڍي ترار هڪل ڪئي جان علي شاه شجاع

تان عورت ڊڄي ڪڍئي ماڳهين ڪتابتا
ويڙئي هئائين وارن ۾ جا مينڍن منجارا

ظاهر ٿئو معجزو سندو رسول خدا
تان پي آڻي احمد جام کي ڏنائون ڪتابتا

تان پڙهي پيغمبر خط سو ڪوٺئو حاطب کا
چي حاطب ڪرني اهڙيون ڊڄين نه ڏراء خدا

جن ڪري نفاق نبيءَ سين ڪافرن پڌرا
لڪئو لکين ٿو اسان ڪنان جن ڏونہ خط ڳجها

ڪين اسان ڪنا پڻ قريش اوء ٿئا توکي اوڏا
تڏه حاطب چيو حضرت کي چي يا رسول الله

منکي ڏجاه امن ائين آءُ آهيان ڊنن منجا
آگو شال ۾ ڪري منکي تن ئون مولا

جي ڪربن مٺو (1) آن ڪنا سنڱ ڪو سيدا
مهجو عرض هي هئو منج ان ڪتابتا

جن هي جي صحابي سڀئي آهن من ڌارا
تن سڀني جا مڪي ۾ آهن عزيز رهيا

جي پٺ ۾ ائين جي عيالن جيون ڪرون لهن ٿا
تہ ڪري ڪفار تن کي ڪري نه سگهن ايذا

۽ مهجو پڻ عيال ات منج مڪي معظم آه
تر تنين جو مائٽ ناهه ڪونڪو عزيزا

جن اصل اسين نه آهيون ساڪن مڪي جا
تيلاه پرڏيهين کي ڪو نه پڇي توڻي ٿين ايذا

تہ ڪري محض من هٿ رکيو ئي ڪافرن تي آه
جان مان مهجي عيال کي ڪرين نه ايذا

ٻي نه هيم ڪا ڳالڙي منج هين ان ڌارا
هاڻ ٿئي سڀيئي من هٿا آئين مشفق ڪرهو مددا

ٿين سدائين سهوون اٻوجهن ڪنا
پر عفو ڪرڻ عاصين کي ئي عادت آهنجي آه

تِن آهين شفيع ڏوهارين جو رحمت سندو دريا
 من کي مهرسين پهچي ڪر هي معاف خطا

تڏهه احمد عفو ڪيو سو حاطب کي گاهه
تن اگي مڪي ان باب ۾ هي آيت اڀنئا

ياايهاالذين آمنوا لاتتخذوا عدوي
وعدو ڪم اولياءَ آگو ٿو فرماء

تان پي حضرت عمر عرض ڪيو چي:يا رسول الله
من کي جي موڪل ڏهو آئين احمدا

ته هڻي ترار حاطب کي هنڌ ڪريانس جان جدا
جہ ڪيو نفاق نبيءَ سين هلائي لکئا

تان فائق فرمائيو فضل سين امير عمر کا(1)
چي: حاطب آهي تن منجا جي بدر منجهه هئا

وعدو جن سين مغفرت جو ڪيو آه الله
ته وڃي وڻيان تيئن ڪرئو ائين آهيو مرهاتا

اعلمواما شئتم فقد غفرت لڪم اي آگي فرمائيو آه
تان ته آءٌ ڪيئن مارائيان تن کي مولي جي مرهيا

جن داخل نه ٿيندو دوزخ ۾ ڪو بدرين منجا
لن يدخل النار احد شهيد بدرا مرسل چيو مها

مسند ۾ امام احمد جي اي لفظ آهين لکئا
تان پي جحفة ڪ ذوالحليفہ کي رسئو  رسول خدا

احرام ڪارڻ آهين ٻئي جي ميقات مشهورا
 تڏهه امير عباس اهل سين ڪڻين آئيو اڏا

جو هجرت ڪيو مديني ڏونہ ٿي آئيو مڪي کا
تن پسي تہ کي فرمائيو پيغمبر خدا

چي پونيون مهاجرن منجان تن آهين اي چاچا
تان پي امير عباس موٽئو پيغمبر سين اتا

۽ مڪائين مديني ڏونہ اهل عيالا
تہ پڄاڻان گڏئو حضرت سين اچي منج ابواء

ابو سفيان پٽ حارث جو پوٽو عبدالمطلبا
جو سڳي چاچي پٽ سيد جو پڻ هئو رضائي ڀاءُ

جن ٻنين پيتو کير هئو سندو بي بي حليما
تہ ابو سفيان پڇئو امير علي ڪنا

چي من تان پيغمبر ڪريم جا ججها  حق ڀڳا
پڻ رسئو آهين من ڪنا اپر گهڻو ايذاءُ

هاڻ ڪڄاڙو چئي گڏجان آءُ مير محمد کا
جہ ڪري من ڏونہ نظر رحمتا

تڏهن ابوسفيان کي سيکارئو علي شاه(1)
چي حضرت يوسف کي جن ڀائرين ڪيو هو ايذا

سي جڏه گڏئا موٽي حضرت يوسف کا
منج ايام سلطنت جي جن هئو پاتشاهه

تڏهه هن پر چئي لفظ هي ڪڻيس وڃي گڏئا
تاللہ لقد آثرک الله علينا ون کنا لخاطئين ڪڍئو قرآنا

هاڻ تن پڻ چئج اينهيئن ٻئو ڪج ڪيم مها
تان پي ابوسفيان الفاظ هي جڏهه اچي عرض ڪئا

تڏهه سيد پڻ سوئي جواب ڏنو مرسل وري مهندا
جو جواب فرمائيو هئو ڀائرن کي يوسف صديقا 4

يغفر الله لکم وهو ارحم الرٰحمين اهڙي طريقا
تن ابوسفيان ۽ پٽس ٻئو جعفر جہ جو ناءُ

تن ٻنين پيغمبر ڪريم وٽ آندو اسلاما
قبل فتح مڪي جي منج تهين ابواء

سي ابو سفيان ٻه هئا سکي ياد ڪجاء
هيڪڙو ابو سفيان اي جو هاشمين منجا

ٻيو ابو سفيان پٽ حرب جو، جہ نالو صخر آه
جو والد امير معاويه جو اموين منجا

ايندو ذڪر جہ جو هاڻي پڄاڻان هنئا
تان پي رسئو مر الظهران کي جڏه رسول خدا

وادي فاطمة جہ ماڳ جو مشهور نالو آ
تڏه ٽي شخص پيغمبر ڪريم کي تت آڏا آئيا

ڪنا اهل مڪي جي قريشن منجا
هيڪڙو ابوسفيان پٽ حرب جو جہ نالو صخر آه

ججهيون جنگيون جہ سين پيغمبر خدا(1)
۽ ٻيو حڪيم پٽ ابي حزام جو پوٽو خويلدا

جو بي بي خديجة ڪبريٰ جو سڳو ڀائيٽو آه
۽ ٽئو بديل خزاعي جو پٽ سندو ورقاء

سي ٽئي مڪي معظم منجائي نيت ڪري نڱئا
ته ماڙ- ساڪين آهين جي اهل مڪي جا

تن ڪارڻ وٺهون امن وڃي پيغمبر ڪريم ڪنا
ته مرڻ مٿان موقوف ٿي حرم جي حرمتا

تان پي تنين ٽنين ڄڻن تت آندو اسلاما
حضرت امير عباس هٿا منج خدمت رسول خدا

تن هيڪڙو ڏينہ مهند سي مڪي جي فتحا
آئيا ٽيئي اسلام ۾ ٿيا صحابن منجا

تان پي سڏ ڦيرائيو امن جو پيغمبر خدا
مڪي جي واٽ ۾ اهڙي طريقا

ته داخل ٿيندو شخص جو منج مسجد حراما
سو شخص ڦرڻ مارڻ ڪنا امن وارو آه

۽ جو گهر ۾ ابوسفيان جي داخل ٿيندو ڌارا
سو پڻ شخص قتل ڪنا امن وارو آه

۽ جو پيهي پهچي گر ۾ پو ايندو در کا
سو پڻ امن وارو ٿئو بچئو مرڻ ڪنا

ان پر اي ڪيو امر پيغمبر خدا
سو سڏ ابو سفيان بن حرب وڌو پاڻ منج شهرا

تيلانہ پنجني امورن ڪري اي ماڙو مڪي جا
اڪثر آئيا سڀ امن ۾ ڇٽا قتل ڪنا

مگر قتل نيرهن ڄڻن جو مرسل ڪيو مباح
منجا اهل مڪي جي ڪڪي تنئو سواءِ

فرمايائون تن جي شان ۾ هن پر زبان منجا(1)
چي جيڪو گڏجي اُنين سين منج ڪہ مڪانا

سو َور جان ڪيئن قتل ڪري، فرصت ڪري ۾ ڪا
نوَ مڙس چيائون تنين منجا ۽ ڇهه عورتون لکن ٿا

نالا تنين سڀني جا سکي ياد ڪجاه
هيڪڙو عڪرمه پٽ ابوجهل جو ۽ ٻئو عبدالله

جو پٽ سڳو سعد جو پوٽو ابي سرحا
۽ ٽئو هبار تن منجا پٽ اسود لکن ٿا

۽ چوٿو ڪعب پٽ زهير جو پوٽو ابي سلما
بانت سعادة قصيدو جہ جوڙئو آه

۽ پنجو عبدالله پٽ خطل جو لکن  تنين منجا
ڇهو مقيس پٽ صبابة جو هيين سين هڻجاه   

ستو حويرث پٽ نقيد جو پوٽو قصي آه
۽ اٺو وحشي پٽ حرب جو حبشين منجا

اصل جبير بن مطعم سندو جو هئو غلاما
حضرت امير حمزو شهيد ٿئو احد ۾ جہ هٿا

۽ نوئو حارث پٽ طلاطيلة خزاعي سندو آه
اي نوئي ڄڻا پيغمبر  واجب القتل چيا

باقي جي ڇهه عورتون سڻهو نالا تنين جا
هيڪڙي هند ڌيءَ ڪتبة جي آهي تنين منجا

ابو سفيان بن حرب جي عورت هئي جا
۽ حضرت امير معاويه جي سڳي والدا

ٻي پڻ عورت تنين منجا چيائون سارا
هئي قريشين سندي آجي ڪئل جا

نئو ٿي خط جهين قريشين ڏونہ حاطب جي پارا(1)
۽ ٻيون پڻ عبدالله بن خطل جيون ٻه ٻانيون لکن ٿا.

جي ڳئنديون هيون سرود ۾ ابن خطل مهندا،
حقارت حضرت پير جي ۽ پڻ اهانتا.

تن منجا نالو هيڪڙي جو لکڻ قريبة ٿا
۽ هئو ٻئيءَ ٻانيءَ سندو نالو فرتنا

پر قريبة ۽ ارنب ۽ اُم سعد جا
سي ٽيئي ڪفر تي قتل ٿيون پر آندائون نه اسلاما.

۽ سارا جي اسلام ۾ پڻ اختلاف لکن ٿا،
ڪنين چيو ته سارا تہ آندو اسلاما

۽ ڪنين چيو ته قتل ٿي اتي سندس ڪفرا
آهي بذل القوة ۾ اهڙي عبارتا

۽ پڻ آهي ڪتابن ۾ اهڙي اخبارا
ته جڏه احمد اوڏو آئيو مرسل مڪي ڏانہ

۽ ڀانيائون ته داخل ٿي هاڻي مڪو ڪريهون فتحا
تڏهه آئيا تہ چاڙهيءَ ڪنا ڌئا ڌڻيءَ جا

اوڏڙي حجون ۽ مغلا کي، آهي جا لڪي مٿا
تن ڪارو نيزو مهند ۾ هئو سين حضرتا

۽ پڻ زرهه ڍڪي هئي لوهه جي مير محمد کا
مٿي مبارڪ تي هئي ٻئيءَ زرهه مٿا

جو ڪنگور هوندو هو ڪامل جو مغفر مبارڪا
تہ مغفر مٿا ٻڌو هو ڪارو دستارا

۽ ڪنين چيو ته داخل ٿيءُ منج مڪي معظما
تان پي ٻڌائون ڀاڳ سا لاهي مغفر مٿا

تن احرام ٻڌو ڪين هئائون تہ ڏينہ احمدا
بلڪ ريهين احرام رسول کي حل ٿئو حراما

پر پهرائي خالد بن وليد کي مڪو محبوبا
ساڻ فوج صحابن جي ڏونہ مڪي معظما(1)

۽ پاڻ مٿي حجون وٽ نيزو کوڙي اڀٺا
تن خالد مڪي منج آئيو لهي جان مئا

تان صفوان پٽ اُميہ جو ۽ سهيل پٽ عمرا
پڻ عڪرمة پٽ ابوجهل جو سي سامهان ڪڻيس آئيا

تن سين خالد قتال ڪيو منج تہ مڪانا
تيلانہ چوئيہ ۽ اٺائيہ ڄڻا ڪافر تت ڪٺا

باقي ٻئا سڀيئي اٿي ڪري ڀڳا
۽ مومنن منجا پڻ ٻه ڄڻا شهادت رسئا

هيڪڙو ابو صغر جيش پٽ خالد خزاعي آه
بي بي ام معبد سندو سڳو هئو جو ڀاءُ

جہ ام معبد اسلام آندو هو پيغمبر مهندا
جڏهه مرسل مڪئا مديني ڏونہ ٿي وهيو تہ وقتا

۽ ٻئو ڪرز پٽ جابر فهريءَ سندو آه
تيلانہ چڙهئو رسول رب جو سڻي خبر سا

سوار ٿي اٺ تي نالو جهين قصويٰ
تن هيڪڙي پارا حضرت جي هئو سچو صديقا

۽ ٻي پارا اُسيد هو، جو پٽ حضيرا
تن وچ هلئو آئيو مير محمد شاهه

۽ پئو ڪٽڪ سڀ ويڙهئو آئيو چوڌارا
تن اِنا فتحنا ۽  اِذا جاءِ ٿي پڙهي رسول خدا

جنين منج مڪي جي فتح جو آهي مذڪورا
تان پي مرسل مڪي معظم ۾ ٿئو داخل دوس خدا

تن پيهي پريندهين آئيا منج مسجد حراما(1)
ڪارڻ طواف ڪعبي جي جو ڀلو بيت الله

تان چوڌار ڪعبي شريف کي آهين بت رکئا
جي ٽي سئين سٺ هئا بت هيڪاندا

جڙئا جواهر جن ۾ ۽ قلعي ڏني مٿا
وڏو هبل هئو تن ۾ جو سامہ ڪعبي کا

۽ ٻئو پڻ بت آساف هئو مٿي جبل صفا
ٽئو نائلہ صنم هئو مٿي مروتا

ذبح ڪندا هئا قربانيون قريش جنين مهندا
تہ سڀ ڪہ بت ڏونہ اشارت ٿي ڪئي احمدا

هڻئو سڀ ڪہ جي اک ۾ گوشو ڪماتا
پڻ پڙهئائون  ٿي زبان سين هي الفاظ مبارڪا

جاءِ الحق وزهق الباطل اِن الباطل کان زهوقا ڪڍئو قرآنا
تن صنم سڀ ڪو پسئو پيغمبر ڪريم کا

پاڻهين ڪرئو پئو پٽ تي مرسل کي مهندا
نه ڪہ ڇتن هٿ نه ڪو نه ڪہ ڪير آئيا

مگر حڪم سين حڪيم جي پاڻهين ڪرئو پئا
معجزو مير محمد جو ٿئو مشهورا

تان پي وڃي هيڪڙو بچئو بت تنئا
 کوڙئو خزاعن جو هئو لوهه جا هڻي ڪيرا

سڳوري ڪعبي جي سطح شريف مٿا
سو گهڙائيو ڪنجهي جو ڪافرن هئو سڄوئي صنما

تہ ڪارڻ امير عليءَ کي چيو رسول خدا
چي: يا علي وه تن ڪعبي شريف وٽا

ته اسين چڙي لاهيون هيءُ بت بيت مٿا(1)
تڏهه ويٺو ڪعبي اڳيان جان علي شاهه شجاع

۽ پير پيغمبر ڪريم رکئو سند هيس ڪلهي مٿا
تان امير عليءَ دانہ ڪئي چي يار رسول الله

آءٌ کڻئو نه سگهان آنهنجو بار نبوتا
من کي آهنجي کڻڻ جي طاقت آهي نه ڪا

تڏهه ورنہ ويٺو آلني ڪعبي شريف وٽا
تان پي چاڙهئائون امير ڪعبي تي پهچي ڪلهي مٿا.

تن وڃي اکوڙي پٽ سو ڪعبي جي پٺ تان
اڇلي وڌو زمين تي حضرت علي شاهه

تيلانہ ڀورا ٿئو ڀڄي سو ٽڪر ٽڪر جدا
تان پي ڪڍائي بت سڀ ڪعبي شريف منجا

جيڪي ماڙو گهرن ۾ هئا پوڄيندا
ٻئا پڻ چوڌار مڪي کي جيڪي ڳوٺ هئا

مرسل مڪا تن ڏونہ لشڪر چاڙهي پهجا
تن ڀڃي ڪڍئا بت سڀ وڃي گهرن منجا

تان پي چاڙهي ڪعبي شريف تي حضرت بلالا
ٻانگ ڏئاري وڏي سڏ پيغمبر خدا

تن غلبو ٿئو دين جو منج مڪي معظما
اپر ٿئو اسلام جو عرب منج اُهاء

ڀڃي پاڙ ڪفر جي وڍي وڌائون سا
تن احمد اُلٿو خيف ۾ هئو حضرتا

ابطح ۽ محصب پڻ چون جہ کي ٿا
مشهور وادي آهي جا مڪي کي ٻهرا

تتا سڀ ڪہ وقت ايندا هئا منج مسجد حراما
ڪارڻ پڙهڻ نماز جي ۽ پڻ طوافا

تان پي جڏهه ٻئو ڏينہ ٿيو فتح پڄاڻا(1)
تڏهه پڙهئو پيغمبر خطبو اپر عجيبا

بيان ڪئائون تہ ۾ آداب مڪي مبارڪ جا
هن پر فرمائيائون تہ ۾ مبارڪ مها

چي:تحقيق مڪي معظم ۾ جنگ ڪرڻا حرام آه
ڪنا تهين ڏينہ جن عالمن الله

اُڀ زمينون خلقئا پهجي قدرتا
سا به هوندي جنگ قيام سينئن منج مڪي حراما

جن مور نه ٿئي هئي ڪہ کي سا حلال اسان ڌارا
۽ نڪي ٿيندي ڪارڻ ڪهين ئي اسان پڄاڻا

موٽي مڪي معظم ۾ جنگ حلال سا
مگر محض رعايت رب ڪئي ئي اها هنجي الله

جن حل ڪيائين اسان کي منج مڪي جي حرما
و انت حل بهذا البلد انهيءَ اهڃاڻا

ارڙهه ڪ اوڻيهه راتيون تت رهيون رسول خدا
تيلانہ آئيا گهڻا اسلام ۾ ماڙهو مڪي جا

پاند نه پرو جہ جو ٻهر اندازئا
مڙس عورتون ڳڀور پڻ جوان ۽ پرئا

جيهين عثمان پٽ طلحہ جي آندو اسلاما
جو پوٽو ابي طلحہ عبدري جو قريشي ححبي آه

۽ پڻ آندو اسلام کي تہ جي والدا
سلافة ڌيءَ سعيد جي جا اوسين منجا آه

ڪنجي اصل ڪعبي جي، جي هوا سانڍيندا
تان پي ڪامل ڪنجي تن ڪنا جڏه ورنہ ورتي سا

تڏهه موليٰ مڪي ڪارڻ تنين هيءَ آيت اڀنئا(1)
اِن الله يا مرکم  آن تؤ دوا الامانات اليٰ اهلها قادر ڪلاما

ته آگو فرمائي ٿو آن کي يا رسول الله
جن ڏهو امانتون ڌڻين کي ئي موٽائي مفتاح

تن آندو ايمان سڀني پيغمبر منهدا
پر اسلام اصح قول ڪري سندو تہ عثمانا

ست مهينا آڳاٽو هئو مڪي جي فتحا
آهي وڏن علمائن جي انهيءَ تي فتويٰ

۽ پڻ شيبة پٽ عثمان جي آندو اسلاما
جو پوٽو ابي طلحة عبدري جو پڙپوٽو عبدالعزيٰ

پڻ شيبة، چاچي پٽ عثمانا
بن طلحة جو، جي ڪنجي هوا رکندا

تان پي تہ شيبة کي ڪنجي ڪعبي جي سا
ڪوٺي عثمان بن طلحة ڏني وقت وفاتا

چي هاڻ تو ڪن هوءِ ور هيءَ ڪنجي پڄاڻا هنا
تيلانہ بني شيبة جي، سي اُن شيبة جا پوٽا

تن ڪن خدمت ڪعبي سندي، اڄ سينءَ انهيءَ آه
جيهين ڄاڻي ٿو سڀ ڪو منج عرب ۽ عجما

۽ پڻ حيي پٽ حارث جي آندو اسلاما
جو پوٽو جاريہ سندو ثقفين منجا

ٿئو هو شهيد جو منج تمامي شهرا
هئو خليفو جن ڏينهن ۾ سچو صديقا

۽ پڻ عثمان پٽ عامر جي آندو اسلاما
جو والد حضرت صديق قريشين منجا

ڪنيت جہ عثمان جي ابو قحافة آه(1)
تہ عثمان کي وٺي آئيو حضرت صديقا

منج خدمت رسول ڪريم جي ته آڻي اسلاما
تيلانہ نصيب نعمت سا برڪت حضرتا

۽ پڻ حارث پٽ هشام جي آندو اسلاما
جو پوٽو مغيرة مخزوميءَ جو، سڳو ابوجهل جو ڀاءُ

۽ پڻ وحشيءَ پٽ حرب جي آندو اسلاما
جو قاتل امير حمزي سندو هئو منج احدا

۽ پڻ آندو حڪم بن حزام جي پٽن اسلاما
هاشم خالد عبدالله ٽيون ۽ چوٿون پڻ يحيٰ

جن حڪم، مرالظهران ۾ هو آندو اسلاما
تيلانہ پيءُ پڄاڻان پٽ پڻ سڀ اسلام ۾ آئيا

۽ پڻ زينب ڌيءَ عوام جي آندو اسلاما
جا انين پٽ جي والدا ۽ حڪيم جي حرما

۽ پڻ ابو و داعة حارث آندو اسلاما
جو پٽ حبرة بن سعيد جو قريشين منجا

۽ پڻ مطلب پٽ ابي وداعة جي آندو اسلاما
فتح مڪي جي ڏينہ ۾ تہ والد پڄاڻا

۽ پڻ ابوجهم پٽ حذيفة جي آندو اسلاما
اختلاف جہ جي اسم ۾ عالمن سندو آه

ڪنين چيو عبيد سو ڪي عامر چونس ٿا
سو ابوجهم حضرت عبدالله جو هئو مايو ڀاءُ

جو عبدالله پٽ امير عمر جو پوٽو خطابا
۽ پڻ يعليٰ پٽ امية تميمي جي آندو اسلاما

يعليٰ بن منبہ جہ کي پڻ چوندائي هئا
۽ پڻ عبدالله پٽ ربيعة جي آندو اسلاما

جو پوٽو مغيرة قريشي جو مخزومين منجا(1)
عياش بن ابي ربيعة جو سڳو هئو جو ڀاءُ

۽ پڻ ابو شريح خزاعيءَ، ڪعبي اڳيان آندو اسلاما
آهي جہ جي اسم ۾ اختلاف علماء

ڪنين خويلد بن عمرو چيو، ڪي ٻيو ڪين چونس ٿا
۽ پڻ ابوالسنابل پٽ بعڪڪ جي آندو اسلاما

جو پوٽو حارث عبدري جو قريشين منجا
آهي صحيح بخاري ۾ جہ جو مذڪورا

۽ پڻ عامر پٽ ڪرين جي آندو اسلاما
جو پوٽو ربيعہ بن حبيب جو قريشي عبشي آه

۽ پڻ رڪانہ پٽ عبد يزيديءَ جي آندو اسلاما
جو پوٽو هاشم بن عبدالمطلب جو لکن ڪتابا

پڙ پوٽو عبد مناف جو قريشي مطلبي آه
هئو جو بهادر قريشين ۾ قوي قوتا

تيلانہ ڪشتي ڪو نه وڙهندو هو ساڻس ڪو شجاع
تان پي جڏه سو ڪشتي وڙهئو سين پيغمبر خدا

تڏهه حضرت تہ کي کڻي هنيو ٻه ڪي ٽي مرتبا
ايندو شجاعت جي باب ۾ تہ جو تفصيلا

۽ پڻ سهيل پٽ عمرو جي آندو اسلاما
جو پوٽو شمس جو لکن ڪتابا

پڙ پوٽو عبد ودَ جو قريشي عامري آه
هئو مڪي جي قريشين ۾ جو سردارن ڪنا

ڪئي هئي ڪتابت لکندي جہ مرسل کي منعا
جڏهه لکئائون ٿي حديبية ۾ خط سندو صلحا

چي: هذا ما قضيٰ عليہ محمد رسول الله ان جو لکايو آه
تہ منجا لاهي لفظ رسول جو تان پي پڄاڻان تها

لکايو ڪتابت ۾ منج تہ مڪانا
هذا ما قضيٰ عليہ محمد بن عبدالله اهڙي طريقا

تن لاهي لفظ رسول جو هٿ سين حضرتا(1)
موٽي لکايائون تيهين جيئن چيو سهيل مها

جيهين صحيح بخاريءَ ۾ تفصيل تهه جو آه
تہ سهيل  کي پڻ نصيب ڪئي آهي هدايتا

تيلانہ ڏينہ فتح مڪي جي آندائين اسلاما
آگي ڪيو احسان سين اصحابن منجا

۽ پڻ سهل پٽ عمرو جي آندو اسلاما
جو سهيل بن عمرو جو سڳو هئو ڀاءُ

۽ پڻ مسيب پٽ حزن جي آندو اسلاما
جو والد سعيد بن مسيب جو، پوٽو ابي وهبا

ڪنا قبيلي قريشين جي مخزومين منجا
۽ پڻ حڪم پٽ حزن جي آندو اسلاما

جو چاچو سعيد بن مسيب جو ۽ سندو مسيب ڀاء
۽ پڻ حزن بن ابي وهب جي آندو اسلاما

جو والد مسيب ۽ حڪم جو پڻ ڏاڏو سعيدا
مارئو احد جنگ ۾ جہ کي رسول خدا

۽ پڻ حڪم پٽ ابوالعاص جي آندو اسلاما
جو پوٽو اُميہ ابو مروان جو قريشي اموي آه

۽ پڻ ابو هاشم پٽ عتبة جي آندو اسلاما
جو پوٽو ربيعہ عبشي جو، قريشين منجا

پڻ مامو امير معاويه جو، ابي حذيفة سندو ڀاء
جو ابو حذيفة پٽ عتبة جو پوٽو ابيحا

۽ پڻ مصعب بن عمير جو، سو ابو هاشم مايو ڀاء
ڪتاب بذل القوة ۾ آڻي ٿو اها

۽ پڻ عبد پٽ زمعہ جي آندو اسلاما
جو پوٽو قيس بن عبد شمس جو، قريشي عامري آه

بي بي سودة بنت زمعة جو سڳو هو ڀاء(1)
جا بيبي حرم حضرت جو مومنن جي ماءُ

قسطلانيءَ ۾ شرح بخاري جي آڻي ٿو اها
۽ پڻ حزيم پٽ فاتڪ جي آندو اسلاما

جو پوٽو اخدام اسدي سندو لکئن ڪتابا
پر آهي صحيح قول ڪري، ان پر روايتا

ته حزيم ۽ سبره ٻئو، جي پٽ فاتڪ جا
تن ٻنين مهند مڪي جي فتح ڪنا هئو آندو اسلاما

تيلانہ بدر جنگ ۾ پڻ حضرت سان هوا
آهي بذل القوة ۾ اهڙي عبارتا

۽ پڻ ايمن پٽ ضيم جي آندو اسلاما
پوٽو جو فاتڪ جو هئو ننڍو جوانا

۽ پڻ ابو واقد ليثيءَ آندو اسلاما
نالو حارث جہ جو پٽ عوف لکن ٿا

پوٽو جو اُسيد جو قريشين منجا
۽ ڪنين چيو ته حارث تہ هو، آندو اسلاما

قبل فتح مڪي جي آڳاٽو انها
۽ پڻ عتاب پٽ اُسيد جي آندو اسلاما

جو پوٽو ابوالعيص جو پوٽو امينا
ڪنا قريشين مڪي جي اُموين منجا

۽ پڻ عبدالله پٽ زبعري جي آندو اسلاما
جو پوٽو قيس قريشي جو مهمي شاعر آه

اصل هوندو هئو عدو جو سندو رسول خدا
تان پي هدايت ڪڻيس نصيب ڪئي الله

۽ پڻ عبدالله سعد پٽ جي آندو اسلاما
جو پوٽو قيس قريشي جو سهمي شاعر آه

اصل هوندو هئو عدو جو سندو رسول خدا
تان پي هدايت ڪڻيس نصيب ڪئي الله

۽ پڻ عبدالله سعد پٽ جي آندو اسلاما
جو پوٽو ابي سرح جو، امير عثمان جو رضاعي ڀاءُ

قتل جہ جو حلال ڪيو هئو حضرتا
سبب انهيءَ عبدالله تہ، هئو آندو اسلاما

پڻ هوندو ڪاتب الوحي سو منج خدمت رسول خدا(1)
تان پي موٽ مرتد ٿيو، ڦريو دين ڪنا

تہ ڪري قتل واجب ڪئو سندس سيدا
تہ پڄاڻان مڪو فتح ڪيو جڏهه رسول خدا

تڏهه آندو عبدالله تہ اسلام ٻيهارا
تيلانہ اُتانس قتل ڪيو مرسل موقوفا

تن ثابت هئو اسلام تي تهين پڄاڻا
۽ پڻ عقبة پٽ حارث جي آندو اسلاما

پوٽو جو عامر جو قريشي نوفلي آه
ابو سروعة جہ جي ڪنيت لکن ٿا

تہ ناحق خبيب بن عدي کي ڪيو هو قتلا
جو خبيب صحابي جليل هئو اڪابرن منجا

تان پي هدايت نصيب ڪئي تہ عقبة کي الله
تيلانہ اسلام آندائين تن ڏينهن ۾ جن مڪو ٿئو فتحا

پڻ حويطب پٽ عبدالعزيٰ جي آندو اسلاما
جو پوٽو ابو قيس عامريءَ جو قريشين منجا

۽ پڻ خالد پٽ اُسيد جي آندو اسلاما
جو پوٽو ابوالعيص جو، پڙ پوٽو اميتا

ڪنا قريشين مڪي جي اموين منجا
عتاب بن اُسيد جو هو خالد سڳو ڀاءُ

گذرئو جهين ڪتاب جي اسلام جو ذڪرا
تہ خالد سگهي وفات ڪئي بعد اسلاما

فتح مڪي جي ڏينہ ۾ ڪيائين رحلتا
۽ پڻ ام حڪم اسلام آندو، نالو، جهين بيضاء

ڌيءَ حارث بن هشام جي، مخزومين منجا
جا عورت هئي عڪرمة جي، جو پوٽو ابوجهلا

پڻ هيءَ تہ عڪرمہ جي سڳي چاچي ڌيءَ سا(1)
تہ ام حڪيم پهريائين آندو اسلاما

تان پي عڪرمة اسلام آندو ڪن ڏينهن پڄاڻا
هٿان ام حڪيم تہ جا سنديس عورتا

۽ پڻ صفوان پٽ امية جي آندو اسلاما
جو پوٽو خلف جمحي جو قريشين منجا

پيءُ جہ جو قتل ٿئو بدر جي ڏينها
جو امية پٽ خلف جو ڪفارن منجا

۽ پڻ هبار پٽ اسود جي آندو اسلاما
قتل جہ جو واجب ڪيو هئو حضرتا

۽ پڻ سنين پٽ فرقد جي آندو اسلاما
ابو جميلة ضمري ڪنيت جہ جي آه

۽ پڻ عبدالله پٽ شخير جي آندو اسلاما
ابو مطرف عامري ڪنيت جه جي آه

عامر بن صعصعة جي ڪنا اولادا
۽ پڻ مطيع پٽ اسود جي آندو اسلاما

جو پوٽو حارثہ عدوي جو قريشين منجا
اصل عاصي جہ جو هئو ئي اسما

تان پي آندائين اسلام جڏنہ پيغمبر مهندا
تڏنہ نالو مطيع تہ جو رکئو رسول خدا

تہ حلق ڪئو هئو حضرت جو مٿو مبارڪا
جڏنہ حجتة الوداع ڏونہ آئيو احمدا

۽ پڻ بي بي ام هانيءَ آندو اسلاما
جا ڀيڻ امير عليءَ جي ابو طالب جي عاجزا

فاختہ نالو جہ جو لکن ڪتابا
۽ پڻ حضرت معاويه آندو اسلاما

جو پٽ ابو سفيان قريشي جو اموين منجا
صخر بن حرب اسم جه ابو سفيان سندو آه

تہ حضرت معاويه اڳ پڻ هئو آندو اسلاما(1)
بعد صلح حديبيہ جي پيغمبر مهندا

پرتا سينءَ لڪايائين ٿي اسلام سو ماڙوئن ڪنا
جانسينءَ مڪو فتح ڪيو پيغمبر خدا

تہ پڄاڻان فتح جي ڏينهن ۾ ظاهر ڪيائين تہ کا
۽ پڻ يزيد پٽ ابوسفيان جي، آندو اسلاما

جو حضرت معاويه سندو پيئيو هئو ڀاءُ
۽ پڻ افضل هئو اصحابن ۾ ڀلارن منجا

ابو سفيان جي اولاد ۾ پڻ افضل هئو سڀنئا
تيلانہ يزيد الخير هئا تهين کي چوندا

ابو الحڪم ڪنيت سنديس لکن ٿا
۽ پڻ هند ڌيءُ عتبة جي آندو اسلاما

جا عورت ابوسفيان جي امير معاويه جي ماءُ
۽ پڻ عتبة ۽ معتب ٻنين آندو اسلاما

جي پٽ ابو لهب جا، جو چاچو حضرتا
تبت يدا ابي لهب منج  شان جہ جي آه

۽ پڻ درة ڌيءَ ابو لهب جي آندو اسلاما
جا عتبة ۽ معب جي سڳي همشيرا

پر عتبة پٽ ابو لهب جو ٽئو سندن جو ڀاءُ
تہ کي رسول رب جي ڪئي  بي دعا:

اللهم سلط عليہ ڪلباً من ڪلابڪ اي چئي الفاظا
سبب سند هيس عداوت جي ڪندو هئو ايذاء

تيلانہ نصيب نه ٿئي تہ کي هدايتا
بلڪ مارئو سينہ سو، منج شام جي زمينا

قتل ٿئو ڪفر تي پر موٽئو نه هورا(1)
تان پي ابولهب پڻ لڏئو ٻئي ڪافر ٿي مئا

آهي بذل القوة ۾ اهڙي عبارتا
۽ پڻ فتح مڪي جي ڏينهن ۾ لکن ڪتابا

ته آئي بيبي ام هاني منج خدمت رسول خدا
اچي چيائي پيغمبر ڪريم کي. چي يا رسول الله

هيءُ جو ماءُ- پٽ مهنجو امير علي آه
سو ٿو ڀانئي ته قتل ڪريان تن ٻنين ڄڻن کا

چي ٻه مڙس مهجي گهر ۾ مون آهين بچايا
ڀڄي لڪا آهين جي آتهنجي خوف ڪنا،

هاڻ ڪہ پر فرمائيو هي شرم آهنجو آه
تڏهه پيغمبر جواب ڏنو بي بي کي مهندا

چي: بي بي تهجي گهر ۾ ڀڄي جي لڪا
مرڻ موقوف تن تا، اوءِ اسان ڪئا آجا

جن جن کي تو امن ڏنو، سي ٿئا امن وارا
تن منجا مڙس هيڪڙو حارث لکن ٿا

جو پٽ هشام مخزومي جو، ابوجهل جو ڀاءُ
۽ ٻيو زهير چون هئو پٽ ابي اميتا

پوٽو مغيرة سندو مخزومين منجا
جو ڀاءُ بي بي ام سلمة جو، جا مومنن جي ماء

تان پي تن کي امن ڏنو جڏنہ احمدا
تڏنہ آئيا اسلام ۾ ٻئي پيغمبر مهندا

برڪت بي بي ام هاني جي بچئا مرڻ ڪنا
آگي ڪين احسان سين نصيب هدايتا

پر جي بعضي چون ٿا منج ان مڪانا
ته بي بي ام هاني ٻه ڄڻا جي بچايا هئا

تن منجا هيڪڙو هبيرة هئو پٽ ابي وهبا(1)
جو گهر وارو بي بي ام هاني جو مخزومين منجا

۽ ٻئو جعدة پٽ هبير جو سکي ياد ڪجاه
جو فرزند بي بي ام هاني جو هئو هبيرة منجا

صحيح نه آهي اي ڳالڙي بلڪ ضعيفا
جن تحقيق جہ ڏينہ فتح ٿئو مڪو معظما

تہ ڏينہ هبيرة ڀڄي وهيو نجران ڏونہ اتا
جو نجران شهر يمن ۾ آهي مشهورا

تت تان سين هبيرة اوڏهين ڪئي سڪونتا
جان سين ڪافر ٿي مئوپنس پساها

تيلانہ نصيب ٿئي نه ڪڻيس هدايتا
۽ جعدة تڏهه ننڍڙو اڃا هئو صغيرا

جڏنہ مڪو فتح ڪئو پيغمبر خدا
تيلانہ جائز نه هئو تہ جعدة جو قتل امير کان

جہ قتل ڪارڻ سنبهي رهيو حضرت علي شاه
فتح الباري ۽ شرح مواهب ۾ آڻي ٿو اها

ان پر آئيا اسلام ۾ سڀ ماڙو مڪي جا
هرگز رهيو نه حجاز ۾ ڪو مشرڪ زمين مٿا

برڪہ رسول ڪريم جي وهيو ڪفر وچا
تہ اسلام تني ثابت رکين اسان کي تون آگاء

توفيق ڏي طاعت جي واري ونگايا
ڪري خاتمو خير تي سهڪو ڪڍي ساه

ساڻ لڏائي ڪلمي ايمان سين آگاء
لاِالہ ِالاالله محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم
 


(1) پڄا تها: ان کان پوءِ 

(1) ڪارڻ: واسطي

(2) تان پي: ان کانپوءِ 

(3) ٻايهين: ٻاويهن

(4) ڀانئين:ڀانيائون ته، ارادو ڪيائون  ته

(5) پر:طرح

(6) تيلانهه: تنهنڪري  

(7) سڀنهي:سنڀري

(8) نڱئو: نڪتو

(9) چوڪي: سنڀال

(10) پٺ ۾:پوئتان

(11) چاڳلو:حسن صورت ۽ سيرت

(12) هيڪاندا:گڏيل، مليل

(1) ڪئين:کين، ساڻن

(2) رسئا: پهتا 

(3) سين: تائين

(4) وقوع: واقع ٿيڻ، ظهور، اظهار

(5) سنڀورو: سنڀريو

(6) مهندا ها:اڳيان

(7) هلائي: موڪلي

(8) ڪتابتا: خط

(9) آجي ڪئل: آزاد ڪيل

(1) الهي: لهي* ڪنا: کان

(2) پروڙ:خبر* ڪڻيس:ان کي* مهندا:اڳيان * ماڳهين:اصل، پڪ، مور * مينڍن: وارن* ڪوٺئو: گهرايو، سڏايو *ڏارء:ڏر، خوف، ڀوءُ* او”:اهي* ويجها، وڌيڪ پيارا *آگو:الله تعاليٰ* تن ئون:انهن مان

(1) آن ڪنا: اوهان کان * سنگت: تعلق * انين: انهن * ڪرون: خبرون * ايذا: نقصان، تڪليف * ساڪن: رهاڪو

(1) * نت = اُتي * تنين = انهن * جان = جيئن * مان = متان * ڌارا = سواءِ * سهوون = چوڪون، خطائون، غلطيون.

(1) * عفو = معاف * عاصين = ڏوهارين * اڀنئا = آسمانن کان، الله تعاليٰ وٽان * هند = هوند، جيڪر نفاق = کوٽ * وڻيا = وڻيو * مرهاتا = بخشيل * اپر = تمام * ڪڄاڙو = ڇا * اينهئين = ائين ئي * ڪيم = ڪين * مها = منهن مان، زبان مان.

(1) * بدرين = بدر وارن * آڏا = سامهون * چاچي پٽ = سوٽ * رضائي ڀاءُ = ٿڃ شريڪ ڀاءُ.

(1) * قبل = اڳ ۾ * هنئا = هن کان * پڄاڻان = پوءِ * ماڳ = جاءِ * ججهيون = گهڻيون * مٿان = انهن مٿان، انهن تي * موقوف = معاف * سڏ ڦيرائيو = اعلان ڪيو * پيهي = گهري، داخل ٿي * پوريندو = بند ڪندو * تنئو = انهن کان * ورجان = مل جان.

(1) * هيين سين = دل سان * نئو ٿي = کڻي وئي ٿي * اُتي = تي * اوڏو = ويجهو، سامهون.

(1) * ڌئا = پسند ڪيل. * لڪي = لڪ * ڪنگور = خوش نما پرجيڪو ٽوپي تي لڳايو ويندو آهي. * ريهين = ري، سواءِ * مغفر = لوهه جو ٽوپ، جو لڙائيءَ ۾ پاتو ويندو آهي. * حل = احرام کان ٻاهر اچڻ؛  حلال ٿيڻ. * اڀٺا = ترسيا. مڪئا = مڪي کان.

(1) * دوس = دوست * پريندهين = پهريان * مروتا = مرو (پهاڙ جو نالو) تي * گوشو = پاسو * گهڙائيو = ٺهرائيو، جوڙايو * ڪنجهو = ڌاتوءَ جو قسم * شجاع = بهادر * ورني = گهوٽ، بهادر، حسن سيرت وارو.

(1) * صنم = بت * پسئو = ڏسي * ڇتن = ڇهين، هٿ لاتن. * تنئا = انهن مان * ڪيرا = ڪير، ڪلا * سطح = مٿاڇري.

(1) * الهي = لهي * اکوڙي = پٽي * ڀورائتو = ٽڪر ٽڪر ٿئو * اُهاءُ = روشني * عالمن = جهانن جي * پاند نه پرو = جنهن جو ڪو انت شمار نه هجي؛ بي شمار؛ بي انداز * پرئا = ڪراڙا * ڳڀور = اها عورت، جنهن کي ٿڻن تي ٻار هجي.

(1) * اصح = حديث جو هڪ قسم. يعني: صحيح، سچي ۽ معتبر حديث * آڳاٽو = اڳ ۾ * ڪوٺي = گهرائي، سڏائي. * توڪن هوءِ = توکي هجي.

(1) * ور = ڀلي * هنئا = هن کان * اڄ سينءَ = اڄ تائين * جيهين = جيئين ئي، جيئن ته * مايو ڀاءَ = ماٽيلو ڀاءُ.

(1) * ڪنين = ڪن، ڪي * ڪين = ڪو، ڪجهه * قوي = طاقتور، بهادر * قوتا = طاقت ۾.

(1) * تها = ان کان * تيهين = ائين ئي * جيهين = جيئن ئي.

(1) * انها = انهيءَ کان * عدو = دشمن.

(1) * اُتانس = مٿانس، ان تان * اميتا = اميہ * سگهي = جلدئي * رحلت = وفات.

(1) * چاچي ڌيءَ = سوٽِ * حلق ڪئو هئو = حفاظت لاءِ گهيري ۾ آندو هو.

(1) * تاسينءَ = تيستائين * جاسينءَ = جيستائين.

(1) * سڀنئا = سڀن کان * سينہ = شينهن * ماءُ پٽ = ڀاءُ.

(1) * پنيس = پڳس، پورا ٿيس * واري = ميٽي، معاف ڪري *ونگايا = ڏنگايون، ڏوهه، خطائون * سهڪو = سولو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com