پروفيسر غلام رباني عزيز
مترجم: مولوي محمد صديق لاکو
غزوهء خندق
هن جنگ جي اهميت جا ٻه سبب آهن:- پهريون هي آهي ته
حضور اڪرم ﷺ جن مدينه منوره جي حفاظت لاءِ هڪڙي
اهڙي شيءِ جي فائدي کي آزمايو، جنهن کان عرب بلڪل
اڻ واقف هئا. ٻيو هي ته پهرين ٻن لڙاين (بدر ۽
احد) جي برعڪس، قريشي هن جنگ لاءِ پنهجي حليف
قبائل کي به ، اسلام جي خلاف ميدان جنگ ۾ مقابلي
لاءِ تيار ڪيو. جڏهن جنگ ختم ٿي وئي ته قريشن جي
مايوسيءَ جي حد نه رهي، ڇو ته جڏهن هيءَ مهم
ڊرامائي انداز ۾ واقع ٿي ته هر هڪ سوچڻ واري جو
دماغ الجهن کان خالي نه رهيو ۽ تقدير جي خنده
استهزا(کل ٽوڪ) انهن جي شيطاني تدبيرن جي سلسلي جي
پاڙ پٽي ڇڏي.
يهودين جي خود غرضي
جڏهن رسول ڪريم ﷺ جن بنو نضير کي انهن جي اندروني
مخفي حرڪتن سبب مديني کان ڪڍي ڇڏيو ته سلام بن ابي
الحقيق، حئي بن اخطب، ڪنانه بن ربيع، هوزه بن قيس
۽ ابو عماره وائلي، جيڪو يهودين جي چڱن مڙسن مان
هو، اهي سڀئي وفد جي صورت ۾ مڪي جي قريشن وٽ ويا ۽
انهن کي مسلمانن جي خلاف ڀڙڪايو. پر ڪجهه اهي
يهودي جيڪي ڪم طاقت جنگ ڪرڻ جهڙا نه هئا، پر
بنوقينقاع ۽ بنو نضير جي جلاوطني جي ڪري انهن جي
افرادي قوت ۾ ڪمي اچي وئي هئي ۽ انهي واقعي کان
ايترا ته مرعوب ٿي ويا هئا، جو انهن جي توانائي
جواب ڏئي وئي هئي، ڇو ته لوهه کي لوهه ڪپيندو آهي.
انهيءَ لاءِ انهن سوچيو ته ڇو نه قريشن کي، جيڪي
مهاجرن جا ڀائر آهن، ان هفت خوان جي طئي ڪرڻ تي
آماده ڪيو وڃي: جيڪڏهن اهي ڪامياب ٿي ويا ته اسان
کي ٻيو ڇا گهرجي ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيا تڏهن به اسان
جو ڪجهه به نٿو بگڙجي، پر جيڪا ٻنهين طرفن کان قتل
و غارت ٿيندي، انهيءَ جي نتيجي کان آخرڪار اسان ئي
فائدي مند رهنداسين.
جڏهن حضور اڪرم ﷺ جن مشرڪن جي عقائد جي تنقيد شروع
ڪئي ته مڪي جا ماڻهو هڪ هڪ، ٻه ٻه ٿي اسلام قبول
ڪرڻ لڳا ۽ قريشن جو دفاع روز بروز ڪمزور ٿيندي ٿي
ويو ۽ اهي پنهنجي اباڻي مذهب جي باري ۾ شڪ جو شڪار
ٿي ويا. ڇو ته جيڪو شخص انهن کان جدا ٿي اسلام
برادريءَ ۾ شامل ٿيو پئي، انهيءَ ۾ حيرت انگيز
خوشگوار تبديليون ظاهر ٿي ٿيون. انهيءَ وفد جي اچڻ
تي قريشن انهن کان دريافت ڪيو ته ”توهان اهل ڪتاب
آهيو، اسان اوهان کان پڇون ٿا ته اسان جو دين بهتر
آهي يا محمد ﷺ جو.“ڇو ته يهودين کي قريشن جي خاطر
داري ڪنهن به حالت ۾ منظور ڪرڻي هئي، چوڻ لڳا
ته”بلاشبه توهان جو دين بدرجهار اسلام کان بهتر
آهي.“ قريشن کي انهيءَ منافقانه فتويٰ تي ڏاڍي
خوشي ٿي، ۽ اهي مسلمانن جي خلاف لشڪر ڪشي تي دل و
جان سان آماده ٿيا. انهيءَ کان پوءِ يهودي بنو
غطفان ۽ بنو سليم وارن وٽ ويا. بنا دير اهي به
قريشن سان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
ڪافرن جو لشڪر
جڏهن لشڪر تيار ٿيو، ته ان ۾ چار هزار غطفاني هئا.
اٺن جو تعداد پندرنهن سئو هو، ٽي سئو گهوڙا هئا،
لشڪر جو علم(جهندو) عثمان بن طلحه بن ابي طلحه رضه
وٽ هو ۽ فوج جي ڪمان عيينه رضه بن حصن فزاري وٽ
هئي. بنو اشجع جي چار سئو ماڻهن جو ڪمانڊر مسعود
بن رخيله هو، بنو اسد جي هڪ هزار ماڻهن جي ڪمان
طلحه بن خويلد سنڀالي، بنو مره جو تعداد به چار
سئو هو ۽ انهن جي ڪمانڊر جو نالو حارث بن عوف هو،
لشڪر جو تعداد ڏهه هزار هو ۽ ابو سفيان سپہ سالار
اعظم هو.
بنوقريظ جي غداري
عرب قبائل ۾ انهيءَ باهه کي ڀڙڪائڻ وارو بنو نضير
جو قبيلو هو، جيڪو مديني جي جلاوطني کان پوءِ،
سڙيل پيرن واري ٻلي وانگر ڊڪندو ڦرندو رهيو ٿي.
قريش ته پهريائين مسلمانن جي بيخ ڪني تي شڪست کائي
ويٺا هئا، انهيءَ لاءِ اهي هر اهڙي دعوت، جنهن ۾
مسلمانن جي مخالفت جو ڪو نه ڪو پهلو نڪري، ته ان
کي بصد مسرت خوش آمديد چوڻ وارا هئا، ڇو ته قبائل
عرب ۾ ان وقت تائين قريش جي اثر رسوخ ۾ ڪو خاص فرق
نه پيو هو. جڏهن انهن کي سڏيو ويندو هو ته جلدي
ايندا هئا، بنو قريظ ته اڃا انهيءَ مهم ۾ شريڪ نه
ٿيا هئا ۽ ظاهر آهي ته انهن جي تعاون کان سواءِ
اها اسڪيم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهي ها ۽ اهي
واعده خلافي تي آماده نه هئا. انهي لاءِ ته حُيي
بن اخطب رات جو ڪعب بن اسد سان جو بنوقريظ جو
سردار هو، ملڻ آيو. انهيءَ قلعي جو دروازو بند ڪري
ڇڏيو، ۽ اصرار ڪرڻ جي باوجود به دروازي کولڻ تي
رضا مند نه ٿيو ۽ حُيي کي صاف چئي ڏنو، ته تو ن
منحوس ماڻهو آهين، آئون نه تو سان ملڻ ٿو گهران،
نه محمد ﷺ سان نقض عهد ڪرڻ تي تيار آهيان. جڏهن
انهن مون سان ڪڏهن به وعده خلاف نه ڪئي آهي ته
آئون غداري جو ارتڪاب ڪيئن ٿو ڪري سگهان، انهي
لاءِ مونکي پريشان نه ڪر. پر جڏهن حُيي ڪهڙي طرح
به نه ويو ته مجبورن ڪعب دروازو کوليو ۽ چوڻ لڳو:
اي حُيي تو منهنجي لاءِ دنيا ڀر جي ذلتن ۽ رسواين
جو تحفو آندو اٿئي. ڏس آئون وري به توکي آگاهه
ڪريان ٿو، ته اهڙي ڪڪر تي اميد رکيو ويٺو آهين،
جنهن ۾ گوڙ ۽ کنوڻ ته آهي، پر ان ۾ پاڻيءَ جي هڪ
ڦڙي به نه آهي. مونکي انهي جنجال ۾ نه وجهه، جو
وفاداري جي بدلي ۾ غداري ڪرڻ حد کان زياده مشڪل
معلوم ٿئي ٿي“. ليڪن حُيي به پڪو ضدي هو ۽ ان
ڳالهه تي مضبوط ٿي بيٺو ۽ انهي وقت ويو، ڇو ته ڪعب
بن اسد جو عقل جواب ڏئي ويو.
بهرحال حيي پنهنجي چرب زبانيءَ سان ڪعب کي يقين
ڏياريو، ته تون مسلمانن کان خوامخواه مرعوب نه
ٿيءُ. پهريائين ته هي طئي ڪيو ويو آهي ته انهيءَ
جي باري ۾ اسان انهن کي حتمي طور تي قسم نامون
وٺنداسون ۽ جيڪڏهن بالفرض محال اسان کي شڪست ملي
ته به توسان عهد ڪيان ٿو ته آئون خيبر کان ٽپڙ کڻي
تو وٽ ايندس ۽ ڏک سک ۾ توسان گڏ هوندس. هر انهيءَ
لفظي ضمانت جي قدر و قيمت ئي ڪا نه آهي(جيتوڻيڪ
حيي انهيءَ کان پوءِ مديني ۾ آيو هو) پر ڪعب وري
به ڌوڪو کائي ويو. ائين ڇو ته ان کي ياد نه رهيو،
جڏهن ته خود حضور اڪرم ﷺ سان پنهنجي معاهدي جي
لٻاڙ هڻڻ ۾ بي باڪ آهي، ته اُن مطلب پرست يهوديءَ
کان وفا جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي، جيڪڏهن اُن هن
ڳالهه جو سوچيو هوندو، ته بنو قريظ جو انجام هن
کان مختلف هوندو.
حال جي تحقيق
حضور اڪرم ﷺ جن کي جلد معلوم ٿي ويو ته ڪعب بن اسد
به سازش ۾ شريڪ آهي، پاڻ سڳورن حال جي تحقيق لاءِ
حضرت سعد بن معاذ ۽ سعد عباده کي ڪعب ڏي موڪليو.
تاڪيد فرمايو ته جيڪڏهن بنو قريظ معاهدي تي قائم
آهن، ته مسلمانن جي حوصلن بلند رکڻ لاءِ ان جي خوب
تشهير ڪئي وڃي، پر جي ڪڏهن واعده خلافي ڪري چڪا
آهن ته ظاهر نه ڪيو وڃي، متان بد دليءَ کي فروغ نه
ملي. جڏهن ٻه رڪني وفد بنوقريظ وارن وٽ پهتو،
ڏٺائون ته نقشو بدليل آهي. ليڪن وفد معاهدي جي
پابندي ۽ ان جي پاڪائي جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي،
ليڪن پٿر کي نشان نه لڳي سگهيو ۽ وفد ناڪامياب ٿي
موٽيو.
خندق جي باري ۾ مشورا
قريش ۽ انهن جي حليفن جو لشڪر مڪي کان نڪري منزلون
ڪندو اچي رهيو هو. ڇو ته کلي ميدان ۾ نرم دلي سان
مقابلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو ۽ مديني جي غير مضافي
آباديءَ کي بچائڻ به نهايت ضروري هيو. انهيءَ جي
سوچ ويچار کان پوءِ سڀئي ماڻهو حضرت سلمان فارسيءَ
جي انهيءَ راءِ سان متفق ٿي ويا ته شهر جي غير
محفوظ حصي کي بچائڻ لاءِ خندق کوٽائي وڃي.
مديني جي ٽن طرفن کان کجن جا باغ ۽ جاين جو سلسلو
اهڙي طرح پکڙيل هو، ۽ پاڻ ۾ اهڙا ٻڌل هئا جو فصيل
معلوم پئي ٿي ۽ هيڏي دشمن جي حملي ڪرڻ جي ڪا به
گنجائش نه هئي. حضور اڪرم ﷺ جن، شهر جي شمالي حصي
کي، جيڪو غير محفوظ هو، غور سان ان جو جائزو وٺي
ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهايائون ۽ هر ڏهن گزن جي زمين
جي کوٽائي جو ڪم ڏهن ماڻهن جي حوالي ڪيائون. خندق
جي اونهائي پنج گز هئي ۽ ان جي ويڪرائي به اوتري
هئي، جيئن ته گهوڙو ڇلانگ هڻي ٻئي طرف نه پهچي
سگهي.
حضور اڪرم ﷺ جن جي شرڪت
خندق جي کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو ته پاڻ سرور ڪائنات
ﷺ مٽيءَ جي کوٽڻ ڍوئڻ ۽ پٿرن جي ڀڃڻ ۾ برابر شريڪ
هئا، ڇو ته ڪفارن جو لشڪر اچي رهيو هو، ۽ تشويش
ناڪ افواهن مديني جي فضا کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو هو.
انهيءَ لاءِ ڪم جو وقت معمول کان زياده هو ۽ ڪم جي
رفتار تمام تيز هئي. مسلمانن لاءِ نهايت معاشي
تنگي جو زمانو هو، کائڻ پيئڻ ۽ رسد جي فراهمي جو
خاص بندوبست نه هو، مشڪل سان ڪو خوش قسمت گهراڻو
اهڙو هو، جنهن کي ڪئي فاقا نه ڪرڻا پيا هجن. خود
حضور اڪرم ﷺ جن جي اهڙي حالت هئي. هڪ دفعي اصحاب
سڳورن بک جي شڪايت ڪئي، ته اسان پيٽ سان پٿر ٻڌا
آهن. رحمت للعالمين ﷺ پيٽ مبارڪ تان پهرياڻ کنيو
ته پاڻ سڳورن ﷺ کي پيٽ سان ٻه پٿر ٻڌل هئا. بهرحال
ويهن ڏينهن جي انتهائي محنت ۽ اعصاب شڪن مشقت سان
خندق تيار ٿي، تڏهن مسلمانن کي مڙئي اطمينان نصيب
ٿيو. اضطراب ۽ پريشانيءَ جو هي حال هو ته بعض
اصحاب سڳورا، جن ۾ معتب بن قشير بدري خاص طور تي
قابلِ ذڪر آهي، هي چئي ٻڌائيندو رهيو ته رسول ڪريم
ﷺ ته اسان کي قيصر و ڪسريٰ جي خزانن جي بشارت ڏئي
رهيا آهن، پر حالت هيءَ آهي ته اسان رفع قضا حاجت
لاءِ گهرن کان نڪري نٿا سگهون، اسانکي اتفاقي
واقعن کان بزدل نه ٿيڻ گهرجي. صحابه ڪرام به گوشت
۽ کل جا انسان هئا، موت اکين سامهون اچي رهيو هو.
دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ۽ موت جو دروازو موت کان
زياده حوصلي شڪن هوندو آهي. انهيءَ کان علاوه سڀ
ماڻهو هڪ جهڙا نه هوندا آهن، هر جماعت ۾ ڪجهه نه
ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي سنگين حالات کان
جلدي متاثر ٿيندا آهن.
ڪافرن جي لشڪر جي آمد
هڪ اڌ ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مشرڪن جو جم
غفير(وڏو لشڪر) به پهچي ويو. جڏهن خندق کي وچ ۾
حائل ڏٺائون. هن کان اڳ عربن جو انهيءَ سان واسطو
نه پيو هو، انهيءَ لاءِ انهن وٽ ان جي ڀڃڻ جو ڪو
به طريقو نه هو. خندق جي ٻئي ڪناري تي اسلامي لشڪر
انهن جي دراز دست جي روڪ ٿام جي لاءِ همه تن مضبوط
بيٺا هئا. انهيءَ نئين صورت حال انهن کي شيطاني
منصوبي جي باري ۾ متردد(پريشان) ڪري ڇڏيو ۽ ڪوڙين
اميدن جي هوائي قلعي جي زمين خشڪ ٿيندي رهي. ڪافرن
کي نفسياتي محاذ تي پهرئين ڏينهن ئي شڪست ٿي.
هيڏي اسلامي لشڪر ۾ منافقن جي تخمينه جي سبب ڪي
ماڻهو دل برداشته نظر اچي رهيا هئا، جنهن ڪري بعض
اوقات ناقابل رشڪ حالت پيدا ٿي وڃي پئي. پر اهڙن
ماڻهن جو تعداد زياده نه هو، ان ڪري گهڻي ڀاڱي
برابري رهي، ۽ ڪا خاص الجهن نظر نه آئي. منافق هڪ
هڪ ٿي هن بهاني سان جدا ٿي ويا ته انهن جا گهر غير
محفوظ هئا. انهن جي علحدگي جي ڪري ايترو ضرور
فائدو ٿيو ته اسلامي لشڪر ۾ بددلي پيدا ڪرڻ وارا
عناصر نڪري ويا ۽ مسلمان پوري طرح برابري سان نصب
العين جي حاصل ڪرڻ ۾ منهمڪ (مشغول) رهيا.
معاهدا
ڏينهن گذرندا رهيا ۽ خطرن جي هيبت جي تاريڪي
گهڻائي ۾ وڌي رهي، جيئن ته بعض ماڻهن جا لٿل منهن
۽ اکين جي بينائي ويندي ڏسي ڪري حضور اڪرم ﷺ جن کي
خيال آيو ته متان سنگين حالتن جي ڪري انصار همت
هاري وهن. انهيءَ ڪري پاڻ سڳورن ﷺ عيينہ بن حصن ۽
حارث به عوف کي مخفي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن تون
پنهجا چار هزار ماڻهو وٺي جدا ٿي وڃين ته اسان
مديني جي پيداوار جو ٽيون حصو بطور حق الخدمت ادا
ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. انڌي کي ڇا گهرجي، ٻه اکيون.
هاڻي ته غير يقيني پڙدا مستقبل تي اچي وڃن ٿا. ڪير
کٽي، ڪير هارائي. بالفرض مسلمانن تي شڪست به اچي
وڃي، تڏهن به ايتري فائدي جي اميد رکي نٿي سگهجي،
جيئن انهن ان کي غنيمت سمجهيو ۽ معاهدو لکي ڏنو.
انصار جي ثابت قدمي
هاڻي معاهدي تي باقي دستخط رهيل هو، جو رسول اڪرم
صه جن حضرت سعد بن معاذ ۽ سعد بن عباده کي مشوره
لاءِ طلب فرمايائون. معاهدو ڏسي ڪري انهن دريافت
ڪيو ته: ”يارسول الله ﷺ! هي حڪم خداوندي آهي يا
اوهان جي طرفان آهي؟“ فرمايائون: ”منهنجي راءِ آهي
“ عرض ڪيائون ”يارسول الله ﷺ! ڪفر جي حالت ۾ به
ڪنهن شخص کي جرا ءت نه ٿي جو اسان جي باغن طرف اک
کڻي ڏسي سگهي. هاڻي جڏهن خدا تعاليٰ اسان کي اسلام
جي نعمت سان نوازيو آهي ۽ اوهان جي تشريف اسان جي
وقار ۾ اضافو ڪيو آهي، هي ڪهڙو حڪم آهي جو اسان
غطفانين جا هميشه معتوب بنجي وڃون. هاڻي ان ڳالهه
جو فيصلو تلوار ڪندي ته ڪير زياده طاقتور آهي،“
حضور اڪرم ﷺ جن، حضرت سعد بن عباده جا جوشيلا
جملا، جيڪي ايماني حڪمت ۽ يقين جي پختگي سان ڀرپور
ظاهر هئا، ٻڌا ته فرط مسرت سان سندن چهرو مبارڪ
ٻهڪندو رهيو ۽ معاهدي جو مسودو ڦاڙي اڇلي ڇڏيائون.
جيئن ته ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ خندق حائل هئي، انهيءَ
ڪري دست بدست جنگ ڪرڻ جو موقعو نه ٿي ملي سگهيو،
ان ڪري ڪڏهن تيز اندازي سان ته ڪڏهن پٿر بازي سان
دل جي باهه ڪڍي وئي ٿي. هر هڪ مسلمان ان لحاظ کان
ضروري فائدي ۾ هو، جو اهي شهر جي اندر هئا، پر
خوراڪ جي ڪمي ۽ اوکائي جي ڪري انهن جي حالت ڏينهون
ڏينهن ڪمزور ٿيندي ٿي ويئي.
عمرو بن عبدود ۽ حضرت علي ڪرم الله وجہ
ڪافرن جي لشڪر جي بعض ڪمانڊرن جو هي معمول(عادت)
هو ته رزانو صبح جو سوار ٿي نڪرندا هئا، شهر جي
چوڌاري اوسي پاسي ڏسندا هئا، پر جڏهن ته مسلمانن
جي سخت ناڪا بندي هئي، ڪجهه نه ٿيندو هو ته گهمي
ڦري ناڪامياب ٿي موٽي ويندا هئا. هڪ ڏينهن عمرو بن
عبدود، عڪرمہ بن ابوجهل، هبيره بن ابي وهب ۽ ضرار
بن الخطاب خندق جي چوڌاري ڦرندا ڏسندي هڪ اهڙي
جاءِ تي اچي بيٺا جتان خندق جي ويڪرائي گهٽ هئي.
عمرو بن عبدودو سڀني کان اڳتي هو ۽ رجز پڙهي پڙهي
مبارزت جي دعوت ڏئي رهيو هو. اهو شخص عرب جي نامور
بهادرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جيڪو هزار سوارن جي
برابر سمجهيو ويندو آهي. عمرو بن عبدود غزوه بدر ۾
زخم کائي چڪو هو ۽ هينئر به انتقامي ِارادي سان
آيو هو. گهوڙي کي اڙي هڻڻ جي دير هئي، ته اک ڇنبڀ
۾ ٻئي ڪناري پهچي ويو، ۽ آواز ڪري چوڻ لڳو ته ڪير
مقابلو ڪندو؟ مسلمانن جي طرفان ڪو به جواب نه آيو،
ته حضرت علي رضه اٿيو ۽ حضور اڪرم ﷺ جن کان اجازت
گهريائين. پاڻ سڳورن اشارو ڪيو ته بس ڪر. عمرو وري
پڪاريو، ته هن طرف کان فاتح خيبر اٿيو، ۽ حضور ﷺ
جن اجازت ڏني، ته رجز پڙهندي دشمن جي سامهون ٿي
بيٺو. انهيءَ دريافت ڪيو ته ”تنهنجو نالو؟“ چيائون
”علي“. ”علي بن مناف؟“ نه، علي بن ابي طالب “ ”ڇا
تنهنجي اعمام(چاچن) مان ڪو موجود نه آهي؟ ميان
صاحبزادا، آئون توکي قتل ڪرڻ نٿو گهران“. عربن جو
دستور هوندو آهي ته جيڪو شخص حسب و نسب ۽ شهرت ۽
ناموس ۾ ان جو برابر نه هوندو آهي، ته ان سان ڪڏهن
به نه وڙهندا ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو انڪار ڪري ويٺو ته
پوءِ انهيءَ کي جنگ جي لاءِ آماده ڪرڻ حد کا زياده
مشڪل هوندو آهي. حضرت علي رضه سوچيو ته جيڪڏهن هي
شخص پنهنجي انڪار تي ضد ٻڌي ويهي رهيو ته اسان جي
توهين ٿي پوندي. فوراً گفتگوءَ جو رخ مٽائي
فرمايائون:”عمرو! تون چوندو هئين ته ميدان جنگ ۾
دشمن جي ٻن ڳالهين مان هڪ ضرور مڃيندس، ڇا هاڻي ان
تي قائم آهين؟“ ”جي! قائم آهيان”. ”چڱو جيڪڏهن
هيءَ ڳالهه آهي ته مان توکي قبول اسلام جي دعوت
ڏيان ٿو“. علي! مون کي انهي سان ڪا به دلچسپي نه
آهي. ”ته پوءِ اچ ته جنگ ڪريون“. ڇو ته انڪار ڪري
نٿي سگهيو، بي دليءَ سان هائو ڪرڻي پيس. پر غصي
کان ڳاڙهو لال ٿي رهيو هو. حملو ڪرڻ وارو هو، ته
حضرت علي اشارو ڪيو ته”ذرا بيهه، تون سوار آهين،
آئون پيادل آهيان، مقابلو ڪرڻو آهي ته گهوڙي کان
هيٺ لهه“ ڪنڌ ڀڳو آڪڙيل ڪاوڙ کان بدحواس ته ٿي
رهيو هو، لهي پيو ۽ زور سان تلوار جو وار ڪيائين
ته لوهه جو خوذ ٽڪرا ٿي پيو ۽ پيشاني زخمي ٿي پئي.
جواباً حضرت علي رضه هٿ هنيو ته عمرو بن عبدود جي
ٻانهن جسم کان ڌار ٿي وئي، ڪريو ۽ مري ويو، سندس
ساٿي جان بچائي ڀڄي ويا.
هڪ مخدوش روايت
عمرو بن عبدود جي باري ۾، تمام ارباب سير مولانا
شبليءَ سميت، هن ڳالهه تي متفق آهن ته جڏهن هي
مقابلو پيش آيو، ته عمرو جي عمر 90 سال هئي ۽
ايترو ته چاق چوبند ۽ طاقت ور هو، جو وڏا وڏا
بهادر ۽ شيردل نوجوان ان جي مقابلي کان ڪوءُ
کائيندا هئا. جيئن ته اسلامي لشڪر مان حضرت علي
رضه کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به مقابلي جي همت نه
رهي. هي اُنهيءَ روايت پرستي جو(جيڪو اسان جي رڳن
۽ خون ۾ جاري ۽ ساري آهي) ڪرشمو آهي، ته اسان غور
۽ فڪر جي صلاحيتن کان محروم ٿي چڪا آهيون ۽ ڪيتري
به معتبر ڳالهه ڇو نه هجي، اسان جي زور اعتمادي ان
کي صحيح سمجهڻ ۾ ذرو به فڪر يا ويچار نه ڪندي آهي،
ڇو ته عرب اهڙي گرم ملڪ ۾ آهن جتي سٺ سالن کان بعد
مضبوط ماڻهو به هڏن جو پڃرو ٿي وڃي ٿو. عمرو بن
عبدود جي ٻانهن ۾ اهڙي طاقت ڪهڙي طرح ۽ ڪٿان آئي،
جو پيرسني ۾ به هو ڪنهن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندو
هو.
موجوده دور ۾ سائنس جي يڪسان ترقيءَ جي ڪري، عام
ماڻهو جي اوسط عمر گذريل زماني جي باري ۾ ڏيڍوڻي
ٿي وئي آهي. سڄي دنيا گهمي ڏسو، رياست هنزه جو به
چڪر هڻي اچو، توهان کي هرگز ڪو اهڙو ماڻهو ملي نه
سگهندو، جو 90 سالن جي عمر ۾ به روايتي ابن عبدود
جي طرح چاق و چوبند ۽ تيار هجي، جو نوجوانن کي
چيلنج ڏيندو ڦري. محمد علي ٿڌي ملڪ جو رهڻ وارو
آهي. مشڪل سان 35 يا 40 سالن جي عمر ۾ آهي ۽ حالت
هيءَ ته هاڻي ان جا جوڙ ۽ پاسريون ڍرا ٿي ويا آهن،
مگر ان غير انساني راند سان انهيءَ جو تعلق رهيو
آهي ۽ ناتو نه ڇنو آهي. هڪ ڏينهن اوچتو ريڊيو تي
هيءَ وحشت ناڪ خبر ٻڌي وئي ته محمد علي ميدان
مقابلي ۾ ڍير ٿي پيو. راند ۽ جنگ جا طريقا مختلف
هوندا آهن ته ان جا نتيجا به هڪجهڙا نه هوندا آهن.
جڏهن ته محمد علي جي جسماني قوت هن عمر ۾ جواب ڏئي
وئي آهي، ڇا عمرو بن عبدود آب حيات پي آيو هو، جو
90 سال جي ڪشمڪش واري حياتي ۾ به ان کي اهڙو متاثر
نه ڪري سگهي. پڻ هن ڳالهه کان ڀلجڻ نه گهرجي، جو
هي عرب جو بهادر سپاهي شاه نامه يا داستان امير
همزه جو ڪوبه روايتي ڪردار نه هو. غالب گمان هي
آهي ته امير المؤمنين جي ان ڪارنامي جي اهميت کي
گهٽائڻ خاطر ڪنهن حاسد 90 سال جو گپوڙو هڻي ڇڏيو،
ڇو ته نوي سال جو عمر رسيده پوڙهو کٽ تان ٻئي
ماڻهوءَ جي مدد کان سواءِ اٿي نه سگهندو آهي.
حضرت سعد بن معاذ رضه جو زخمي هجڻ
حضرت عائشه رضه کان مروي آهي ته خندق جي جنگ
دوران، آئون ۽ ام سعد بنو حارثه جي قلعي ۾ مقيم
هئاسون. مون هڪ ڏينهن ڏٺو ته سعد بن معاذ زره پاتل
اسان جي قلعي جي ڀرسان لنگهيو، هو مسلح هو ۽ رجز
پڙهندو ٿي ويو. ام سعد ڏٺو، پٽ کي شاباس چيائين ۽
ڪاميابيءَ جي دعا ڪيائين. مون چيو ته توهان جي پٽ
جي زره ڇوٽي آهي ۽ هٿ اڻ ڍڪيل آهن. سوءِ اتفاق سان
حيان بن قيس جڏهن ان کي ان حال ۾ ڏٺو ته، نشانو
وٺي پوري طرح هٿ کي نشانو بڻايو جو هٿ جي رڳ ڪپجي
ويئي. حضرت سعد باري تعاليٰ جي درگاهه ۾ دعا گهري
”اي خدا، تون مونکي جلدي شفا بخش، ته جيئن مان
مشرڪن جي خلاف سڄي عمر تنهنجي راهه ۾ جهاد ڪندو
رهان. هي اهي بدبخت آهن، جن تنهنجي نبيءَ جي تڪذيب
ڪئي. انهيءَ ۽ ان جي جان نثارن کي وطن کان ٻاهر
ڪڍيو ۽ جيڪڏهن منهنجي جان ان زخم کان آجي نٿي ٿئي
ته مون کي گهٽ ۾ گهٽ ان وقت تائين ضرور جيئرو رک،
ته آئون بنو قريظ کي، جن مسلمانن سان معاهدي جي
خلاف ورزي ڪري نهايت قبيح ڪردار ادا ڪيو آهي،
تباهه ۽ ”برباد هجڻ ڏسي سگهان“ حضرت معاذ هن زخم
کان شفاياب ٿي نه سگهيو. هڪ اڌ دفعو زخم ڀرجڻ وارو
هو. پر تقدير کان شفا نه هئي. رسول اڪرم صلي الله
عليہ وسلم پاڻ ان باري ۾ فڪرمند رهيا، پر تڪليف
بجان حق ثابت ٿي، البت بنو قريظ جي تباهي ۽
برباديءَ جي دعا ضرور منظور ٿي.
حضرت صفيه ۽ حضرت حسان رضه
حضرت صفيه بنت عبدالمطلب کان مروي آهي ته جنهن
قلعي ۾ بنوهاشم جون عورتون ۽ ٻار حفاظت ۾ هئا،
انهن جي پاسباني جا فرائض حضرت حسان بن ثابت جي
سپرد هئا، هڪ ڏينهن اُن هڪ يهوديءَ کي قلعي جي
اوسي پاسي گهمندي ۽ گهوري ڏسندو ڏٺو، ڇو ته بنو
قريظ حمله ڪرڻ وارن سان ملي ويا هئا، انهيءَ لاءِ
حملي(يا ڇاپي) جي َڀوَ کان قلعي وارا ڪافي محتاط
هئا. حضرت صفيه رضه سمجهي وئي هئي ته يهوديءَ جي
نيت درست نه آهي، انهيءَ حضرت حسان کي چيو ته
يهودي اڪيلو آهي، تون انهيءَ جو ڪم پورو ڪر، متان
هيءُ شرپسند ڪو فتنو اٿاري وجهي. انهيءَ چيو ته”بي
بي ! جيڪڏهن مون ۾ اها صفت هجي ها ته منهنجو مقام
هي نه هجي ها.“ مجبوراً حضرت صفيه رضه تنبوءَ مان
هڪ ڪاٺي ڪڍي ۽ يهوديءَ کي ان جاءِ تي ڍير ڪيو، ان
تي وري ان کي چيائين،”وڃ ان جي ذره ۽ تلوار کڻي
اچ.“ پر حضرت حسان ساڳيو جواب ڏنو، هيءُ ڪم ان
شيردل عورت کي ڪرڻو پيو.
حضرت نعيم بن مسعود رضه دربار رسالت ۾
بنو غطفان جو هڪ سردار، جنهنجو نالو نعيم بن مسعود
هو، اسلام آڻي چڪو هو، پر اها ڳالهه پوريءَ طرح
لڪل راز ۾ هئي. هو حضور اڪرم ﷺ جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو، عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله ﷺ! مسلمانن تي
دشمنن جو زور وڌي رهيو آهي ۽ محاصري جي ختم ٿيڻ جا
آثار به نه آهن، آئون توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري
سگهان ٿو.“ حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو، ”نعيم جڏهن ته
ڪافرن کي تنهنجي مسلمان ٿيڻ جو قطعي علم ڪو نه
آهي، انهيءَ ڪري تون انهن سان اهڙو رنگ ڍنگ هل جو
دشمن ۾ ڏڦيڙ پئجي وڃي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو حيلو
نظر نٿو اچي“. حضرت نعيم رضه نهايت ئي هوشيار ۽
سمجهدار هو ۽ جڏهن اسلام جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ
سچيءَ دل سان خواهشمند هو، انهيءَ ڪري ٿوري دير ۾
غور ۽ فڪر کان پوءِ تدبير سوچي وئي ۽ سڀ کان
پهريائين بنوقريظ وارن وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو،”توهان
ڄاڻو ٿا ته هميشہ آئون توهان جو خير خواه ۽ همدرد
رهيو آهيان. آئون توهان کي هڪ ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو.
هن شرط سان ته ان جي شهرت نه ڪندا.“ جڏهن بنوقريظ
وارن اخفاءِ راز جو يقين ڏياريو، ته حضرت نعيم چيو
ته ”اي بنو قريظ! مسلمان توهان جا پاڙيسري آهن،
انهن کي مڇرائي توهان سياسي بصيرت جو ثبوت نه ڏنو
آهي. هي صحيح آهي، ته جيڪڏهن قريشن کي ڪاميابي ٿي،
ته توهان نقصان ۾ نه رهندا، پر جيڪڏهن انهن کي
شڪست ٿي، ته ان وقت توهان جي بيوسيءَ جي ڪفالت ڪير
ڪندو. قريش ۽ بنوغطفان ته پنهنجي پنهنجي گهرن جي
واٽ وٺندا، توهان سڀني کي مسلمانن جي انتقام کان
ڪير بچائيندؤ. هاڻي توهان جي بچاءَ جي صرف هڪ ئي
صورت رهي آهي، ته جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهريائين
قريش ۽ بنو غطفان وارن جا ڪجهه ماڻهو گروي طور پاڻ
وٽ رکو، تان ته شڪست جي صورت ۾ اهي توهان کي اڪيلو
ڇڏي ڀڄي نه وڃن .“ ڇو ته خدشو معقول وجوهات تي
مبني هو، ۽ حالات ۾ تبديليون اچي رهيون هيون، ان
ڪري يهودي سوچ ۾ پئجي ويا.
يرغمال جي شرط
انهيءَ کان پوءِ هو هڪ ٻئي جي پويان قريش ۽ بنو
غطفان وارن وٽ ويو، ۽ انهن کي اعتماد ۾ وٺي چوڻ
لڳو”اي قريش جا سردار! توهان يهودين تي ڪيئن
اعتماد ڪيو آهي؟ مونکي با وثوق ذرائع سان معلوم
ٿيو آهي ته هو پنهنجي ڪئيءَ تي پشيمان آهن. ۽ منفي
طور تي محمد(ﷺ) سان رابطو قائم ڪيو آهي، جيئن ته
جلدي اُهي توهان کي يرغمال جي گهر ڪندا. جيئن ته
توهان جا ماڻهو مسلمانن کي ڏئي تقصيرات معاف
ڪرائن، اهي پاڻ ته انهي طرح بچي ويندا، توهان ڦاسي
ڪري رهجي ويندا. انهيءَ جي لاءِ مان توهان کي
مشورو ڏيان ٿو، ته يرغمال جي شرط تي ڪڏهن به
رضامند نه ٿيندا.“ قريش ان صورت حال کان پهريائين
بد دل ٿي رهيا هئا. هيءَ وحشت ناڪ خبر خود انهن جي
لاءِ بهانو بنجي وئي. نه جاءِ رهڻ جي نه پير ڪڍڻ
جي، سر جهڪائي ويٺا ته ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪافي بحث
مباحثي کان پوءِ طئي ڪيائون، ته يهودين جي منشا
معلوم ڪرڻ لاءِ فوري هڪ وفد موڪليو وڃي. جيئن ته
ابو سفيان اُن رات جو عڪرمه بن ابوجهل جي اڳواڻيءَ
۾ هيٺ هڪ وفد بنو قريظ ڏي موڪليو، اراڪين وفد چيو.
”اي بنو قريظ! اسان جو لشڪر موجوده صورت حال کان
بيزار ٿي چڪو آهي.
انهيءَ ڪري ته اڄ ڏينهن کان هر روز جي ڪلڪل کان
جان ڇڏائڻ خاطر اسان فيصلو ڪيو آهي ته سڀاڻي مديني
تي حملو ڪري، پاڻ مٽجي وڃون يا مسلمانن کي مٽائي
ڇڏيون، ڇا توهان اسان سان ساٿ ڏئي سگهندا؟. يهودين
جواب ڏنو ته، سڀاڻي ڇنڇر جو ڏينهن آهي“ ۽ ان ڏينهن
۾ اسان کي جنگ وڙهڻ جي اجازت نه آهي. انهيءَ
کانسواءِ اسان کي هي خدشو آهي ته جيڪڏهن شڪست ٿي
ته توهان جا ماڻهو ته پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن
ڪوچ ڪري ويندا، اسان جو ڇا ٿيندو، ان ڪري جيستائين
توهان پنهنجا ماڻهو يرغمال طور تي اسان جي حوالي
نه ڪندا، ته اسان مسلمانن جي خلاف توهان جي مدد
ڪري نه سگهنداسين، هي گفتگو ٻڌي ڪافرن کي يقين ٿيو
ته جو ڪجهه نعيم بن مسعود چيو هو، اهو حرف بحرف
درست هو.
طوفاني هوا
حضرت نعيم رضه بن مسعود جي اسيڪم سان يهودين ۽
قريشن جي دل و دماغ ۾ نفاق ۽ بي اعتمادي جي لهر
پيدا ٿي وئي، جڏهن ته اتفاق سان ان رات اهڙي
هولناڪيءَ جي هوا آئي، جو تنبن جا رسا ٽٽي پيا.
گهوڙا ۽ اُٺ بدحواس ٿي ڀڄي ويا، بيابان جي ڇانوي
ميدان ۾ سر لڪائڻ جي به پناهه گاهه نه هو.
افراتفري ۽ نفسا نفسي جو هي عالم هو، هو خدا جي
پناهه. هان و هون شور ۽ گوڙ جو اهو هنگامو هو جو
هر شخص همه تن اضطراب ۽ سراپا پريشاني ۾ هو، ڇو ته
انهيءَ موسم ۾ هوا جي اهڙي شدت عادت جي خلاف هئي،
انهيءَ ڪري اسلامي لشڪر جا به ڪجهه ماڻهو وحشت ۽
دهشت جي گرفت ۾ هئا، ايتري ۾ حضور اڪرم ﷺ جن تشريف
آور ٿيا، فرمايائون، ”ڪير آهي، جو ڏسي اچي ته
ڪافرن جي لشڪر جو ڪهڙو حال آهي.“ هر شخص سردي جي
شدت ۽ هوا جي شور کان ڊڄي رهيو هو، ڪير ورندي
ڏئي! حضرت حذيفه کان مروي آهي ته حضور اڪرم ﷺ جن
مونکي ڏسي فرمايو: ”ميان! تون وڃ ۽ ڏسي اچ ته
مشرڪن جو ڪهڙو حال آهي،“ جيئن ته هوا جي زور ۽ شور
۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي نه آئي هئي، بک سان وک کڻڻ
ڏاڍي مشڪل هئي، پر جان جو خطرو انهيءَ کان به
زياده هو، پر تعميل ارشاد کان سواءِ ٻيو ڪو به
چارو نه هيو. مون ڏٺو، ته عجب آهي ميدان صاف هو،
تنبو ۽ جهوپڙين جو ته نالو نشان مٽجي ويو هو، هنڌ
بسترا، کائڻ، رڌ پچاءَ جا ٿانو، اٺن جا پاکڙا،
گهوڙن جون زينون ۽ باقي ساز و سامان ساري جو سارو
طوفاني لهرن ۾ ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو هو. خود ابو
سفيان تي ( جو ان فتني جو باني آهي) بد حواسي مسلط
هئي، ۽ ڪافرن جي لشڪر جو هر ماڻهو بد حواسيءَ ۾
مبتلا هو. جيئن ته ٽپو ڏيئي سوار ٿيو، جنهن جي هڪ
ڄنگهه رسي سان ٻڌل هئي، گهٻراهٽ ۾ بغير رسي کولڻ
جي سوار ٿيو، ۽ غصي ۾ اچي اٺ کي دعوت پڪار
ٻڌائيندو، هوش و هواس سالم ٿيس، ته اُٺ تان لهي
رسي کوليائين، ۽ ڊوڙي وڃي بيٺو. بد حواسي جو مرض
لا علاج آهي. سپه سالار جي بد حواسي سڀني کي وٺي
ٻوڙيو، ڏهه هزار ماڻهو، پنڌرهه سئو اٺ ۽ پنج سئو
گهوڙن جي جان ۾ ڦلڪڻا پئجي ويا هئا ۽ گهوڙا اٺن
سان ۽ اٺ گهوڙن سان ٽڪرجي ٽڪرجي ڪري پيا هئا، ۽
اٺن جا پير ۽ گهوڙن جي سنبن جا ترا رونڊا ٿي رهيا
هئا.
حضرت حذيفه رضه کان روايت آهي ته جيڪڏهن حضور ﷺ جن
جي مونکي اجازت ڏنل هجي ها، ته ان حالت ۾ ابو
سفيان کي قتل ڪرڻ منهنجي لاءِ مشڪل نه هو. خطرن جي
اها هيبت گهٽي جيڪا گذريل ٻن هفتن کان مديني جي
فضا تي ڇانيل هئي. اک ڇنڀ ۾ فضا صاف ٿي وئي ۽
آسمان صاف ٿي ويو. انهي محاصري جي دوران مسلمانن
جي پريشاني جو هي عالم هو، جو اسلامي لشڪر جون چار
نمازون هڪ ڏينهن ۾ قضا ٿي ويون، بعد ۾ ادا ڪيون
ويون، ڇو ته ان جنگ ۾ ٻنهي لشڪرن جو آمهون سامهون
مقابلي جو موقعو ملي نه سگهيو، انهيءَ ڪري مسلمانن
جي شهيدن جو تعداد تمام ٿورو هو. هِتي هُتي جي
جهوپڙن ۾ حضرت طفيل بن نعمان جي علاوه حضرت ابن
انيس، عبدالله بن سهل، ثعلبه بن عتمه ۽ ڪعب بن زيد
رضه شهيد هئا. ڪفار ۾ عمرو بن عبدود جي علاوه صرف
هڪ ماڻهو ماريو ويو.
هن غزوه ۾ مهاجرن جو علم حضرت زيد بن حارثه وٽ هو،
۽ انصارن جو حضرت سعد بن عباده وٽ هو. قائم مقامي
جا فرائض حضرت عبدالله بن ام مڪتوم رضه جي سپرد
ڪيا ويا هئا.
مهم جو تجزيو
انهيءَ مهم جي ڪاميابي ۾ جن جن ماڻهن ڪردار ادا
ڪيو، ان جو مختصر جائزو بي محل نه ٿيندو. پهريون
نمبر حضور اڪرمﷺ جي اڳواڻيءَ جون صلاحيتون آهن.
ذرا ان حالت جو اندازو لڳايو، ته ڏهن هزارن جو جم
غفير(وڏو لشڪر) جنهن ۾ هر هڪ مسلمانن جي خون جو
پياسي هو، مديني کي گهيرو ڪري رکيائون. بنو قريظ
وارن علي الاعلان معاهدو ٽوڙي ڇڏيو هو، ۽ مسلمانن
جي استحصال جي لاءِ عرب جا مشرڪ به ڪلهو ڪلهي ۾
هڻي بيٺا. خود مسلمانن جي صفن ۾ منافقن سخت بد دلي
پکيڙي ڇڏي هئي، افواهن جي هوا غلط بيانن جي آنڌيءَ
صبر و سڪون کي برباد ڪري ڇڏيو هو. يهودين جي رات
جي حملي جي خوف کان، عورتن ۽ ٻارن قلعي ۾ پناهه
ورتي هئي، کائڻ جي شين جو اهڙو ته قحط هو جو ڪيترا
ڏينهن ان جو هڪ داڻو به اڏري اچي وات ۾ نه پيو.
نامعلوم خوف ۽ بي يقينيءَ سان دليون دهه دهه ڪري
رهيون هيون، اسلام لشڪر جي ڪل تعداد ٽي هزار هو،
جنهن ۾ گهٽتائي نه ٿي سگهي هئي، اضافو نه ٿي
سگهيو، مقابلي ۾ ڏهه هزار اهي جيڪي خدا کي نه
سڃاڻڻ وارا هئا. جن جون اکيون غصي ۾ باهه وانگر
ٻري رهيون هيون ۽ جيڪڏهن انهن جو وس هلي ته
مسلمانن کي ڪچو کائي وڃن. قرآن حڪيم ان خطرات جي
منظر کي چٽيو آهي، هڪڙي نظر ان تي وجهو:
(اوهان اهو وقت ياد ڪريو) جنهن وقت اوهان جي مٿان
۽ هيٺان اوهان تي چڙهائي ڪري آيا ۽ ان وقت اکيون
ڏرا ڏئي ويون ۽ دليون نرگهٽن کي پهتيون ۽ اوهان
الله بنسبت ڪيترا گمان ڪيا. اي ايمان وارن کي
آزمايو ويو ۽ کين سخت لوڏيو ويون.
(سورة احزاب ع 2).
هاڻي حضور اڪم ﷺ جي ذميدارين تي به نظر وجهو. خندق
کوٽي وڃي ٿي ته سرور ڪائنات ﷺ به ڪم ۾ شريڪ آهن.
صحابه ڪرام فاقي ۾ آهن ته حضور ﷺ به ڪنهن شيءَ کي
هٿ مبارڪ نٿا لائن. محاصرو طويل ٿي رهيو آهي،
محصورين جي طاقت برداشت ڏينهن به ڏينهن گهٽجي رهي
هئي. ڪمزور دلين جو سهارو بنيا، ٻارن ۽ عورتن کي
تسلي ڏنائون، شهر وارن لاءِ رسد گاه جو سٺو وڏو
ِانتظام ڪيائون. دشمنن جي چالين جي نقصان لاءِ
سوچڻ، جنگ جي محاذ جي هر لمحي جي ڦرڻ واري نقشي کي
سامهون رکڻ ۽ ناڪابندين کي مضبوط بنائڻ، غرض ته
مسائل جو بي پايان دفتر آهي، جنهنجو مرڪزي نقطه
حضور اڪرم ﷺ جي ذات گرامي آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جنهن
حوصلي، استقلال، صبر ۽ استقامت سان مصيبتن جي ان
هفت خوان کي طئه ڪيو، اهو حضور اڪرم ﷺ جي قائدانه
صلاحيتن جي تمام وڏي خراج تحسين آهي. قرآن حڪيم ۾
ارشاد آهي: وَرَفعنا لَک ِذکرَکَ .
اصحاب سڳورن جو ڪردار
ٻئي نمبر تي اصحاب سڳورا آهن. هي مسلمانن جي سراپا
جان نثار جماعت آهي. جن جرئت، دليري، جفاڪشي ۽ نظم
و ضبط جو اهڙو مثالي مظاهرو ڪيو، جو جنهن جو داد
ڏئي نه ٿو سگهجي. دشمنن جو هجوم، موسم جي شدت ۽
کائڻ پيئڻ جي سامان جي اڻ هوندگي، اهڙي صورت پيدا
ٿي آهي جو مستقبل حد درجي جو مخدوش نظر اچي رهيو
آهي. ڪنهن کان به مادي يا فوجي امداد جي اميد نه
هئي. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا تيئن شدائد يا
مصائب ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. هر طرف هوا جي مٽي آهي
۽ حضور اڪرم صه جي ذات قدسي صفات کان سواءِ
روشنيءَ جو شعاع ڪٿي به نظر نه ٿي آيو. پر صد
آفرين آهي انهن جان نثارن تي جن جا سردي کان هٿ
پير بي حس آهن، آنڊا بک کان قل هو الله پڙهي رهيا
آهن، نقاهت ۽ ڪمزوريءَ کان پير کڻڻ مشڪل آهن. اهو
ئي حال اهل و عيال جو آهي. ٻار فاقن جي ڪري چيکون
ڪري رهيا آهن ۽ مصيبت جون ماريل مائون سيني تي پٿر
رکي ويٺيون آهن. هي سڀ ڪجهه آهي، پر دليون نور
ايمان سان منور آهن. اهي جرئت ۽ استقامت جو اهڙو
مضبوط پٿر آهن، جن کي حوادث طوفاني به پنهنجي جڳهه
تان لوڏي نٿا سگهن، ۽ جن جا استقلالي پير ذرو به
لغرش ۾ نه آيا. دشمن جو هر وار سيني تي سهندا رهيا
پر پٺ نه ڦيرايائون. وحشت ناڪ افواهن جي زهريلي
تير کي دلين جي خوشيءَ سان برداشت ڪندا هئا، پر ڄڻ
ته صبر جون مهرون لڳل هئن. حضور اڪرم ﷺ جن سامهون
ٿيندا هئا ته چهرا نور ايمان سان منور ٿي ويندا
هئا ۽ سارا ڏک سور ڀلجي ويندا هئا. دور سعادت جا
هي اهي مسلمان، جو رسول اڪرم ﷺ جي هر حڪم تي جان
ڏيندا هئا ۽ جن کي پاڻ سڳورن ﷺ جي خوشنودي ٻنهي
جهانن جي مسرت کان وڌيڪ پياري هئي، جيڪڏهن اهي
ماڻهو ڪنهن منزل تان ترڪي پون ها يا حوصلو وڃائي
وهن ها، ته اهل مديني جي ڪافرن ۽ يهودين جي هٿان
جو ڪجهه پيش اچي ها، ان جي نظاري جي تاب جو تصور
اکيون نه جهلي سگهن ها.
حضرت نعيم رضه جو ڪردار
ٽيون نمبر ڪردار حضرت نعيم بن مسعود رضه جو آهي،
جنهن جي مومنانه بصيرت ڪنهن به داد و ستائش جي
محتاج نه آهي، انهيءَ پنهنجي حسن تدبير سان انهيءَ
لا ينحل عقدي کي آسانيءَ سان حل ڪيو. اها ان جي
خداداد فراست جو شاهڪار هو، ۽ هي اهو هٿيار آهي،
جنهن کان بچاءُ ڪرڻ تمام ڏاڍو مشڪل آهي، جنهن جي
تير جي نشان کان ڪڏهن به هوشيار نه رهي سگهي ٿو.
اعتراض ۽ جواب
مولانا شبلي ان روايت جي صحت جو صاف انڪار ڪيو
اهي، ته هو هڪ جليل القدر صحابيءَ جي ان ڪذب بياني
جي نسبت ڪرڻ تي راضي نه آهي، ڇوته هو انهيءَ کي ان
ڪردار کان محروم ڪرڻ گهري ٿو، جنهن مسلمانن جي
ڪاميابي کي هم ڪناري ڪيو. حالانڪه حضرت نعيم رضه
جي عظيم ڪارڪردگي نه فريب آهي نه غلط بياني، پر
خداداد عقل جو صحيح استعمال آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ
تدبير کي ڪم نه آڻي ۽ ٻئي ڏينهن مسلمانن تي حملو
هجي ها، ته ڪير چئي سگهي ها، ته ڪاميابيءَ جو اُٺ
ڪهڙي موڙ تي بيٺو آهي، ۽ پوءِ جيڪي بي پناهه
خونريزي ٿئي ها، انهيءَ جي اندازي ڪرڻ لاءِ ڪنهن
حساب دان جي ضرورت نه آهي.
خونريزي اسلامي دستور جي روءِ سان بدترين عمل آهي،
جيڪڏهن ڪو مسلمان ٻئي مسلمان کي بنا سبب جي قتل
ڪري ته قصاص کان علاوه ان کي دائمي جهنم جي بشارت
ڏني ويئي آهي. جيڪڏهن ڪو مقتول غير مسلم آهي ته
خون بها ادا ڪرڻي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن فرد يا
جماعت کي امن عامه جو خطرو آهي ته اهراق دم (رت
وهائڻ) فرض ٿي ويندو آهي. ان ۾ ڪفر ۽ اسلام جي ڪا
به تخصيص نه آهي، ”الفتنة اڪبر من القتل“ هن بنا
تي، هڪ اهڙي غلط بياني کي، جنهن جو مقصد اڪيلو
مسلمانن جي ڪامراني ۽ اسلام جي سربلندي هجي، ان کي
ڪير نا درست چئي سگهي ٿو.
فوجي مهارت جي تڪميل لاءِ پهرين شرط اخفاءِ راز
آهي. جيڪڏهن بالفرض ڪو به مسلمان سپاهي دشمن جي هٿ
چڙهي وڃي، ته ڇا ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچڻ خاطر ان سان
سمورا راز کولي ڏيڻ گهرجن؟ سچ ڳالهائڻ ۽ ديانتداري
انسان جي بهترين اوصاف ۾ شمار ٿيندا آهن، پر مهل ۽
موقعي جو لحاظ رکڻ نهايت ضروري آهي، جن صورتن ۾ بي
دريغ انسانن کي قتل ڪرڻ جي اجازت آهي(و اقتلواهم
حيث ثقفتمواهم) جنگي قيدين کي غلام بنائڻ درست هو،
دشمن جو مال متاع ڦرڻ ناروا نه هو، اتي اهڙي
معمولي ڳالهه کي جيڪا الحرب خدعة جي ماتحت اچي
سگهي ٿي. ناجائز چوڻ انسان جي فراست جي تحقير آهي،
تلوار هلائڻ، هوائي جهاز سان بم ڪيرائڻ، ۽ توبن
سان انساني آباديءَ کي نابود نيست ڪرڻ، انهيءَ
لاءِ قابل اعتراض نه آهن، جو هيءُ لڙائي جا هٿيار
آهن، ته انسان جي صحيح تدبير ۽ بجا استعمال ڪرڻ
جنهن کي فوجي چال چوڻ گهرجي، ۽ جو بلاشبه دانائيءَ
جو بي خطا تير ترڪش ۾ آهي، ڪهڙي طرح ان کي غلط
قرار ڏنو وڃي، انهيءَ ڪري ان روايت جي صحت ۾ قطعاً
ڪنهن به شبهي جي گنجائش نه آهي. پر ان حقيقت ۾ ذرو
به مبالغو نه آهي، ته جيڪو ڪم ٽي هزار مسلح
مجاهدن جي تيرن ۽ نيزن سان نه ٿي ٿيو، اهو اُن مرد
مؤمن جي تدبير ڪري ڏيکاريو.
طوفاني هوا
هاڻي هڪ اهڙو عنصر باقي آهي، جنهن ڪافر قريش جي
ناپاڪ منصوبي کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ انهن جي شيطاني
اسڪيمن کي ناڪام بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جيئن
ته ان جو ذڪر نه ڪرڻ ۽ انهيءَ جي ڪارگذاري کي داد
نه ڏيڻ تمام وڏي بي انصافي ٿيندي. هيءَ اها برقي
رفتار طوفاني هوا هئي،. جنهن جهٽ پٽ جنگ جي نقشي
کي بدلائي ڇڏيو، ۽ جنهن جي بي پناهه يلغار جي
سامهون هر شيءَ جا پير نڪري ويا. چنانچه خيمن جون
قناطون ۽ ڪچيون پڪيون جهوپڙيون مقابلي جو تاب نه
جهلي سگهيون ۽ هوا ۾ اڏري ويون، اٺن ۽ گهوڙن ۾،
گڏهن ۽ خچرن ۾ افراتفري پئجي وئي، لشڪرن جي جان ۾
ڦلڪڻا پئجي ويا ۽ ڪنهن کي ڪنهن جو هوش نه رهيو.
جيڪڏهن انهيءَ رات طوفاني هوا ڪنڪريٽ(واري يا
بجري) سان پنهنجو رول نه ادا ڪري ها، ته ٻئي ڏينهن
تصادم ضرور ٿئي ها، ڇو ته اسلامي لشڪر جي حالت حد
کان زياده سقيم هئي، ان ڪري انهن جي تقاضائن سان
فرض پورو ٿيو. انهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، ڇو ته
انهن ڏهه هزار ماڻهن ِکي کروکر ڪرڻ جي لاءِ موجوده
اسلامي جماعت کان ڪيئي ٻيڻا ٽولا به ناڪافي هئا،
ان ڪري باد صرصر(تيز هوا) جي طوفان چند ڪلاڪن ۾
ڪري ڏيکاريو، عام حالت ۾ ان جي تصور ڪرڻ به مشڪل
هيو. قرآن حڪيم جو ارشاد آهي: فارسلنا عليهم ريحاً
صر صرً و جنوداً لم تروا ها(احزاب ع 2) ترجمو:
پوءِ اسان هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر(موڪليا) جنکي
اوهان نه ٿي ڏٺو.
پروفيسر منٽگمري واٽ ڪافر قريش جي ناڪاميابيءَ جا
هيٺيان سبب بيان ڪيا آهن:(1) مسلمانن جي فوجي رنگ
ڍنگ ۾ اعليٰ درجي جو اتفاق هو. انهن ۾ ڪنهن به قسم
جي سستي نه هئي، اهڙي طرح نظام جاسوسي تمام مڪمل
هو، هو انهن دشمنن جي هر چال کان گهڻو ڪري واقف
هوندا هئا.
(2)غزوه احد جي موقعي تي ڪفار جي لشڪر نهايت اهم
ڪردار ادا ڪيو هو، هن جي باري ۾ ڇهه سؤ گهوڙا آندا
هئا، پر خندق انهن جي افاديت کي ختم ڪري ڇڏيو.
(3) گذريل جنگ اهڙي وقت سامهون آئي، جنهن وقت فصل
پچي راس ٿيا، هئا، تڏهن مسلمان فصلن کي دشمنن کان
بچائڻ خاطر شهر کان ٻاهر نڪري آيا هئا. هن دفعي
فصل لڻجي ويا هئا ۽ گاهه جو ڏڪر هو، ڇهه سؤ گهوڙا
۽ ڪيئي هزار اُٺ بک جي وگهي مرڻ لڳا، ته حمله ڪرڻ
وارن کي مجبوراً محاصرو ڇڏڻو پيو، ۽ مهم ناڪام ٿي.
(4)حضور اڪرم ﷺ جي طفيل مسلمانن جي صفن ۾ مڪمل طرح
اتحاد هو، پر قريش جي حالت انهن کان مختلف هئي. هر
قبيلو ٻئي کان بد ظن هو. جيڪڏهن بنو قريظ تي هر
طرف کان دٻاءُ پئجي رهيو هو، ليڪن انهن کي ڪنهن
ٻئي محاذ جي کولڻ جي جرائت نه ٿي، اهڙي طرح مسلمان
هڪ خطرناڪ مصيبت کان بچي ويا.
*
حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته اوهان مان
ڪو دعا گهري ته هن ريت نه گهري: ته الله تعاليٰ
مونکي بخش ڪر جيڪڏهن تون چاهين يا رحم ڪر جيڪڏهن
تون چاهين. پر هينئن چوي ته: مونکي بخش ڪر، ڇو ته
الله جل جلالہ تي ڪو ئي جبر ڪرڻ وارو ڪونهي.(موطا) |