غلام رباني آگرو
سيرت طيَبهَ جَاڪَي پهلوُ
ولادت، ننڍپڻ ۽ جواني
حضور ﷺ جن جي ولادت، با سعادت، سومر ڏينهن، 12
ريبع الاول تي سنه عامه الفيل ۾ ٿي
(1)
. سندن والد بزرگوار عبدالله اڳيئي وفات ڪري چڪو
هو. پاڻ ڇهن ورهين جا ٿيا، ته سندن والده بيبي
آمنه پڻ هي جهان ڇڏي ويئي. چنانچه، پاڻ سڳورا
پنهنجي ڏاڏي عبدالمطلب بن هاشم سان گڏ رهندا هئا.
پر جڏهن اٺن ورهين جي عمر جا ٿيا، ته عبدالمطلب پڻ
وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ سندن پرورش سندس چاچي
ابوطالب ڪئي.
عربن ۾ دستور هوندو هو ته کير پياڪ ٻار کي ٿڃ لاءِ
ڪنهن قبيلي ۾ موڪلي ڏيندا هئا. هڪ دفعي مڪي ۾ بني
سعد جون ڏهه زالون آيون. ٻين مڙني کي ته ٻار ملي
ويا پر هڪ رهجي ويئي، جنهن جو نالو حليمه هو. اها
سعادت دائي حليمه جي ئي قسمت ۾ لکيل هئي ته حضور ﷺ
جن کي ٿڃ پياري. چنانچه حضور ﷺ جن کي هنج ۾ کڻي
گهر رواني ٿي. حضور ﷺ جن ان طرح ننڍپڻ جا ڪجهه سال
قبيلي بني سعد ۾ گذاريا.
مڪي ۾ بني لهب قبيلي جو هڪ شخص هوندو هو جو
پيشنگويون ڪندو هو. آسپاس جا ماڻهو جڏهن مڪي ايندا
هئا ته پنهنجن ٻارن کي انهيءَ شخص وٽ وٺي ويندا
هئا. چنانچه ابوطالب پڻ هڪ دفعي حضور ﷺ جن کي
انهيءَ شخص وٽ وٺي ويو. هن حضور ﷺ کي ڏسي چيو:"خدا
جو قسم، هن يتيم جو وڏو شان ٿيندو".
اهڙي ساڳي ڳالهه ابوطالب سان ٻئي هڪ شخص پڻ ڪئي.
ابوطالب واپار ڪندو هو. هڪ دفعي واپاري قافلي سان
شام ملڪ ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪيائين. حضورﷺ جن به
سفر جو شوق ظاهر ڪيو. ابوطالب کين ساڻ ڪري سفر تي
نڪتو. قافلو منزلون ڪندو، شام ۾، بغرا نلا هڪ هنڌ
پهتو، جتي بحيرا نالي هڪ عيسائي راهب رهندو هو، جو
تمام وڏو عالم هوندو هو.
بحيرا واپاري قافلي جي دعوت ڪئي، سڀ ماڻهو وٽس
دعوت کائڻ ويا، پر حضور ﷺ جن ننڍڙيءَ ڄمار سبب،
اٺن جي ڪجاون وٽ، هڪ وڻ هيٺان ويٺا رهيا. بحيرا
مهمانن کان پڇيو ته ڪو پٺتي رهجي ته ڪو نه ويو
آهي؟ مهمانن چيو ته سڀ آيا آهيون، رڳو هڪ ننڍي ٻار
کي ڪجاون وٽ ڇڏي آيا آهيون. بحيرا چين ته ان ٻار
کي به وٺي اچو مجلس مان هڪ شخص ويو ۽ حضور کي وٺي
آيو. بحيرا حضور ﷺ جن کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ
سندن جسم مبارڪ تي ڪو خاص نشان ڳولڻ لڳو. جاچي
جاچي نيٺ حضور ﷺ جن جي پٺيءَ تي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾
اهو نشان(مهر نبوت) ڏٺائين.
پوءِ ابو طالب کان پڇيائين ته هي ٻار تنهنجو ڇا
ٿئي؟ هن وراڻي ڏنس ته منهنجو پٽ آهي. بحيرا چيس ته
ائين ٿي نٿو سگهي. هن ٻار جو والد پڪ ئي پڪ هي
جهان ڇڏي چڪو آهي. اهو ٻڌي ابو طالب چيس ته برابر
ائين آهي. هي منهنجو ڀائٽيو آهي، پر مان پيار سبب
کيس پٽ سمجهندو آهيان. بحيرا چيس تڏهن منهنجي
ڳالهه ٻڌ. تون پنهنجو سفر جلد پورو ڪري، واپس مڪي
وڃ ۽ پنهنجي ڀائٽي کي يهودين کان بچاءِ. جيڪڏهن
هتي ڪن يهودين کيس ڏسي ورتو ته کين به اهو سڀ ڪجهه
معلوم ٿي ويندو، جنهن جي مون کي خبر پئجي وئي آهي.
پوءِ متان هو کيس نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪن. مون کي
خدا جو قسم آهي ته تنهنجي ڀائٽي جو وڏو شان ٿيندو.
جڏهن حضور ﷺ جن جوانيءَ ۾ قدم رکيو ته الله پاڪ
سندن حفاظت ڪئي ته جيئن جاهليت جي قباحت کانئن پري
رهي، ڇو ته الله پاڪ سندن شان بلند ڪرڻ ٿي گهريو ۽
کين رسالت جو اعليٰ منصب عطا ڪرڻ ٿي چاهيو.
چنانچه، جڏهن پاڻ بلوغت جي سن کي پهتا ته پنهنجي
قوم ۾ مروت جي لحاظ کان بهترين، اخلاق ۾ سڀني کان
سٺا، حسب نسب ۾ سڀني کان شريف، علم ۽ فضل ۾ مڙني
کان مٿي، ڳالهه ٻولهه ۾ سڀني کان سچا، ايمانداريءَ
۾ سڀني کان اڳتي ۽ پاڪ دامني ۾ بي مثال هئا ۽ انهن
مڙني عيبن کان، جيڪي مشهور ماڻهن جي دامن کي
داغدار ڪندا آهن، ڪوهين دور هئا. چانچه، انهن
خوبين جي ڪري سڄيءَ قوم ۾"امين" جي لقب سان مشهور
ٿي ويا.
نڪاح ۽ اولاد
جڏهن پان سڳورا پنجويهن ورهين جي ڄمار جا ٿيا ته
بيبي خديجه رضه سان نڪاح ڪيائون. بيبي صاحبه مڪي
جي هڪ شريف مالدار ۽ تاجر خاتون هئي، ماڻهن کي مال
ڏيئي ڏيساورن ڏانهن واپار لاءِ موڪليندي هئي.
بيبي صاحبه جڏهن حضور جن جي ايمانداريءَ جي هاڪ
ٻڌي تڏهن کين آڇ ڪيائين ته منهنجو مال کڻي واپار
تي وڃن.
حضور ﷺ جن بيبي صاحبه جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ واپار
جي سانگي سان شام ڏانهن ويا. اتي مال نيڪال ڪري،
وري اتان جو واپاري مال وٺي، مڪي موٽي آيا. بيبي
صاحبه جڏهن اهو مال مڪي ۾ نيڪال ڪيو ته کيس ٻيڻو
فائدو ٿيو. اهو ڏسي بيبي صاحبه حضور ﷺ جن جي حسن
اخلاق ۽ ذهانت کان ڏاڍي متاثر ٿي ۽ کين نڪاح لاءِ
پيغام موڪليائين. حضور ﷺ جن پنهنجن چاچن سڳورن سان
مشورو ڪري بيبي صاحبه سان نڪاح ڪيو.
حضور ﷺ جن کي ابراهيم نالي هڪ فرزند کانسواءِ
(ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو) باقي سمورو اولاد بيبي
خديجه رضه مان ٿيو، جيئن ته قاسم - طاهر - طيب -
رقيه - زينب - ام ڪلثوم ۽ فاطمه رضه.
سندن صاحبزادي ابراهيم جي والده بيبي ماريه صاحبه
هئي. حضور ﷺ جن جا ٽيئي فرزند، کين نبوت ملڻ کان
اڳ وفات ڪري ويا. پر، سموريون صاحبزاديون عهد نبوت
تائين زنده رهيون، مسلمان ٿيون ۽ حضور ﷺ جن سان
مديني ڏانهن هجرت ڪري ويئون.
ڪعبي جي تعمير
جڪڏهن حضور ﷺ جن پنجٽيهن ورهين جي ڄمار جا ٿيا ته
مڪي جي قريشن ڪعبي شريف جي نئين سر اڏاوت ڪئي.
جڏهن اوساري حجر اسود جي هنڌ تائين پهتي ته ماڻهن
۾ اختلاف ٿي پيو. هر ڪنهن قبيلي جي مرضي هئي ته
حجر اسود کي صحيح جاءِ تي رکڻ جو شرف کيس ملي.
ڳالهه ايتري وڌي ويئي جو جهڳڙي جو خطرو ٿي پيو.
آخر چئن چڱن وچ ۾ پئي فيصلو ڪيو ته جيڪو شخص سڀ
کان اول مسجد جي دروازي کان داخل ٿئي، اهو هن
معاملي ۾ امانت ڪري. خدا جي قدرت، حضور ﷺ جن ئي سڀ
کان اول مسجد ۾ داخل ٿيا. سڀني هڪ زبان ٿي چيو:
اهو امين آهي. اهو ئي صحيح فيصلو ڪندو.
حضور ﷺ جن پڇيو ته ماجرا ڇا آهي؟ جڏهن کين سڄي
ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن فرمايائون ته ڪا چادر کڻي
اچو جڏهن چادر آئي ته پاڻ حجر اسود کڻي چادر تي
رکيائون ۽ قبيلن جي سردارن کي چيائون ته سڀ چادر
کي ڪنڊن ۽ پاسن کان جهلي، حجر اسود کڻي هلن. جڏهن
حجر اسود پنهنجيءَ جاءِ تائين پهتو ته پاڻ چادر
تان کڻي اڏاوت واري هنڌ تي رکيائون. اهڙي ريت،
جهيڙو به ٽري ويو ۽ سڀ قبيلا به خوش ٿيا.
رسالت
مڪي شريف کان اٽڪل ٽن ميلن جي پنڌ تي هڪ غار آهي،
جنهن کي "حرا" ڪوٺيندا آهن. حضور ﷺ جن مهينن جا
مهينا انهيءَ غار ۾ وڃي رهندا هئا ۽ مراقبي ۾ ويهي
غور ۽ فڪر ڪندا هئا. هڪ دفعي ان طرح مراقبي ۾ هئا
ته مٿن وحي نازل ٿي:"اقراء"(پڙهه).
پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان،
جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو.
جنهن انسان کي گوشت جي لوٿڙي مان پيدا ڪيو.
پڙهه تنهنجو رب ڪريم آهي.
جنهن انسان کي قلم سان علم سيکاريو،
جنهن انسان کي اهو سيکاريو جو کيس معلوم نه هو.
حضور ﷺ جن جڏهن"غار حرا" مان موٽي گهر آيا ته
وحيءَ جي اثر ڪري سندن جسم مبارڪ ۾ ڏڪڻي هئي. بيبي
خديجه رضه سان سڄي حقيقت ڪيائون، جنهن کين تسلي
ڏني ۽ پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي ويئي. هو
وڏو عالم هو ۽ توريت ۽ انجيل جو ماهر هو. هن ڳالهه
ٻڌي، حضور ﷺ جن جي نبوت جي تصديق ڪئي. سڀ کان اول
جن ماڻهن حضور ﷺ جن تي ايمان آندو ۽ ڪلمو پڙهي
مسلمان ٿيا، تن ۾ بيبي خديجه رضه، حضرت علي رضه،
حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت زيد رضه شامل آهن.
شروعاتي دور ۾ حضور ﷺ جن کي فرض نبوت ادا ڪرڻ ۾
ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش هيون، سو دين جي تبليغ
جو ڪم پوشيده نموني ۾ ٿيندو هو. هڪ دفعي پاڻ حضرت
علي رضه کي دعوت ڪرڻ لاءِ چيائون. اهو تبليغ اسلام
جو پهريون موقعو هو. عبدالمطلب جو سڄو خاندان دعوت
تي آيو. حضور ﷺ جن کاڌي کانپوءِ اٿي بيٺا ۽ سڀني
جو ڌيان ڇڪائي چيائون ته،"مان اهو پيغام کڻي آيو
آهيان جو دين ۽ دنيا ٻنهي لاءِ ڪافي آهي. هن نيڪ
ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڪير ڪير ڏيندو؟" سڄي محفل ۾
خاموشي ڇانئجي ويئي. حضرت علي رضه پنهنجي جاءِ تان
اٿيو ۽ چيائين،"توڙي جو مون کي اک جو عارضو آهي،
ٽنگن ۾ تڪليف اٿم، سڀني ۾ ننڍو آهيان، پر مان
اوهان جو ساٿ ڏيندس". قريشن کي جڏهن ان واقعي جي
خبر پئي تڏهن کلڻ لڳا ته ٻه ڄڻا هليا آهن دنيا جي
قسمت جو فيصلو ڪرڻ. پر کين خبر ڪانه هئي ته قدرت
کي اڳتي ڇا منظور آهي.
تاريخ ان حقيقت تي شاهد آهي ته سچ کي جيترو زور
سان دٻائبو آهي ايترو ئي زور سان اڀرندو آهي.
چنانچه، قريشن ۽ ڪافرن مسلمانن کي هيسائڻ شروع
ڪيو. پر ائين ڪرڻ سان مسلمانن جو ايمان هيڪاري
مضبوط ٿيو ۽ هو بي ڊپا ٿي دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ
لڳا. ستت ئي حضرت حمزه رضه ۽ حضرت عمر رضه مسلمان
ٿيا. جن هيڪاري مسلمانن جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا.
حضرت عمر جو مسلمان ٿيڻ در حقيقت تاريخ اسلام جو
هڪ اهم واقعو هو. ان کانپوءِ مسلمان کليو کلايو
ڪعبة الله ۾ نماز پڙهڻ لڳا. ڪجهه وقت بعد مسلمانن
جي هڪ چڱي جماعت بنجي ويئي، جنهن ۾ تقريباً چاليهه
ڄڻا شامل هئا. حضور ﷺ جن ڪعبة الله ۾ وڃي توحيد جو
اعلان ڪيو. ڪافرن کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي وڏو
هنگامو برپا ٿي ويو. حضور ﷺ جن جو ساٿي حضرت حارث
بن ابي هاله ان وقت گهر ۾ هو، سو هنگامي جي خبر
ٻڌڻ شرط حضور ﷺ جن جي بچاءَ لاءِ ڪعبي ڏانهن
ڊوڙيو. رستي تي مٿس ڪافرن تلوارن سان حملو ڪيو،
زخمي ٿي ڪري پيو ۽ خدا جي راهه ۾ دم ڏنائين. حضرت
حارث اسلام ۾ پهريون پهريون شهيد هو.
قريشين مسلمانن تي ظلم جي باهه ٻاري ڏني. جڏهن سج
ڪاپار تي چڙهي ايندو هو ۽ تپت وڌي ويندي هئي تڏهن
غريب مسلمانن کي تتل واريءَ تي دسي، ڇاتيءَ تي وڏا
وڏا پٿر رکي ڇڏيندا هئن ته پاسو نه ورائي سگهن.
لوهه جي سيخن کي باهه ۾ تپائي ڏنڀ ڏيندا هئن يا
وارن کان جهلي پاڻيءَ ۾ غوطا ڏيندا هئن ته هاڻي
ٻڌايو ته ڇا ٿا چئو؟ مسلمان جواب ۾ هڪ ئي ڳالهه
چوندا هئا: "لا الہ الاالله محمد رسول الله ﷺ".
جڏهن ڪافرن جا عذاب حد کان وڌي ويا تڏهن حضور ﷺ جن
مسلمانن کي اجازت ڏني ته حبش ڏانهن هجرت ڪري وڃن.
حبش ۾ نجاشي نالي هڪ انصاف پسند بادشاهه هو. هن
مسلمانن جي وڏي تعظيم ڪئي ۽ پاڻ وٽ هر طرح سکيو
رکيو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ابو طالب ۽ بيبي خديجه رضه هڪ
هڪ ٿي هي جهان ڇڏي ويا. حضور ﷺ جن لاءِ ڏاڍا ڏکيا
ڏينهن اچي ويا. هاڻي قريشي بي ڊپا ٿي کين ستائڻ
لڳا. آخر جڏهن قريشين جو ظلم وڌي ويو ۽ مڪي ۾ حضور
ﷺ جن جي رهائش ڏکي ٿي پئي تڏهن پاڻ طائف ڏانهن
روانا ٿيا، جتي وڏا وڏا رئيس ۽ خانداني ماڻهو
رهندا هئا. حضور ﷺ جن وٽن ويا ۽ کين اسلام جي دعوت
ڏنائون. پر هنن ظالمن سخت رکائي ڏيکاري ۽ حضور ﷺ
جن جي حد درجي دل آزاري ڪئي. حضور ﷺ جن واپس مڪي
موٽي آيا. اتي ته ڪافرن تي ڪا به جهل پل نه هئي.
هو حضور ﷺ جن کي جسماني تڪليفون ڏيڻ لڳا، سندن
رستي ۾ ڪنڊا اڇلائيندا هئا، سندن جسم مبارڪ تي گرم
خاڪ ڦٽي ڪندا هئا، نماز پڙهندا هئا ته مٿن اوجهري
اڇلائيندا هئا، مطلب ته کين طرح طرح جون تڪليفون
ڏيندا هئا ته جيئن پاڻ دين اسلام جي تبليغ ڇڏي
ڏين.
ائين به چوندا هئا ته پاڻ سڳورا دين اسلام جي
تبليغ نه ڪن ته اسان کين مڪي جو امير بنايون. پر
حضور ﷺ جن جو جواب هو ته جيڪڏهن قريشي مون کي هڪ
هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ آڻي ڏين، تڏهن به مان
اهو ئي چوندس، جنهن جو مون کي الله جي طرفان حڪم
مليل آهي.
معراج
حضور ﷺ جن جي طائف کان واپسيءَ کان پوءِ معراج جو
واقعو پيش آيو، يعني الله پاڪ جي حڪم سان کين راتو
رات زمين ۽ آسمانن جو سير ڪرايو ويو ته جيئن پاڻ
قادر جي قدرت ۽ سلطنت عظيمه جو معائنو فرمائين.
مطلب ته الله پاڪ جيتري قدر گهريو، اوتري قدر
پنهنجي پياري ۽ نوازيل ٻانهي کي پنهنجون نشانيون
ڏيکاريون.
معراج جي واقعي کي سيرت ۾ خاص اهميت آهي ان ۾
عقلمندن لاءِ عبرت، هدايت ۽ رحمت آهي. مڪي جي
ڪافرن کي ته معراج جي واقعي تي اعتبار ڪو نه آيو.
سڀ کان پهريون شخص جنهن معراج جي معاملي ۾ حضور ﷺ
جن جي تصديق ڪئي، اهو ابوبڪر رضه هو. چنانچه، ان
ڳالهه ڪري کيس صديق(سچي) جو خطاب مليو.
هجرت
جڏهن مڪي ۾ مسلمانن جو رهڻ اصل ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو
ته حضور ﷺ جن کين مديني ڏانهن هجرت جو حڪم ڏنو.
ڪجهه وقت بعد پاڻ به حڪم الاهيءَ سان هجرت جو
ارادو فرمايائون.
هجرت کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ پاڻ سڳورا حضرت ابوبڪر
صديق رضه جي گهر ويا ۽ کيس پنهنجي ارادي کان واقف
ڪيائون. پٺيان ڪافرن سندن گهر کي گهيري ۾ ورتو. هڪ
رات ساعت سڳوري ڏسي پاڻ ۽ حضرت ابوبڪر رضه ٻاهر
نڪتا. ڪعبي تي نظر وڌائون ۽ فرمايائون:"اي مڪي جا
شهر، تون مون کي سڄيءَ دنيا کان پيارو آهين. پر
تنهنجا فرزند مون کي رهڻ نٿا ڏين." پاڻ سڳورا ۽
حضرت ابوبڪر رضه مڪي شريف کي الوداع چئي ٻاهر
نڪتا. پٺيان حضرت علي رضه، حضور ﷺ جن جي بستري تي
آرام فرمايو. صبح ٿيو ته ڪافر، حضرت علي کي حضور ﷺ
جن جي بستري تي ڏسي حيران ٿي ويا، ۽ حضور ﷺ جن جي
پٺيان ڊوڙيا، پر جنهن کي رب رکي، ان کي ڪهڙو لهر
لوڏو. چنانچه ڪافر مڙني حيلن وسيلن هوندي به سندن
وار ونگو ڪري نه سگهيا ۽ پاڻ خير سلامتيءَ سان ٽن
سو ميلن جو سفر، پنهنجي يار غار، حضرت ابوبڪر صديق
رضه سان گڏ پورو ڪري، مديني تشريف فرما ٿيا.
مديني جو سڄو شهر سندن استقبال لاءِ منتظر هو. هر
دل جي اها ئي تمنا هئي ته الله جي رسول جي
ميزبانيءَ جو شرف کيس نصيب ٿئي.هر قبيلو اڳواٽ اچي
کين عرض ڪرڻ لڳو ته منهنجو گهر ۽ مال سڀ ڪجهه
اوهان جي ملڪيت آهي. پاڻ دعا ڏيندا اڳتي وڌندا ٿي
ويا. جيئن جيئن حضور ﷺ جي سواري مديني شهر کي
ويجهي پوندي ٿي ويئي، تيئن تيئن انصارن جو جوش
خروش وڌندو ٿي ويو. هو شمع رسالت تان پتنگن وانگر
پاڻ گهورڻ لڳا. مديني جي رهواسين جي خوشيءَ ۽ جذبي
جي اها حالت هئي، جو پرده نشين خاتون ڇتين تي چڙهي
ڳائي رهيون هيون:
طلع البدر علينا: اسان تي چنڊ اڀريو آهي.
من ثنيات الوداع: وداع جبل جي گهاٽين مان.
وجب الشڪر علينا: اسان تي خدا جو شڪر واجب آهي.
مادعيٰ لله داع: جيسين دعا گهرڻ وارا دعا گهرن.
معصوم نينگريون دف وڄائي، ڳائي رهيون هيون:
نحن جوار من بني النجار: اسان نجار خاندان جون
نينگريون آهيون.
يا حبذا محمد اً من جار: محمد ﷺ ڪهڙو نه سٺو
پاڙيسري آهي!
جتي اڄڪلهه مسجد نبوي آهي، اتي حضرت ابو ايوب
انصاريءَ جو گهر هوندو هو. حضور ﷺ جن جنهن ڏاچيءَ
تي سوار هئا، ان کي آزاد ڇڏيو ويو. ڏاچي خود بخود
اچي حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر وٽ پهتي ته حضور
ﷺ جن حضرت ايوب انصاريءَ واري گهر ۾ ٽڪيا. جڏهن
مسجد نبوي ۽ آس پاس جا حجرا ٺهي ويا، تڏهن اتي لڏي
وڃي ويٺا.
قبلي جي مقرري
هر گروهه، هر قوم، هر مذهب لاءِ هڪ خاص نشان
هوندو آهي، جنهن کانسواءِ ان جي مستقل هستي قائم
رهي نه سگهندي آهي. اسلام ۾ اهو نشان "نماز جو
قبلو" آهي. مسلمانن لاءِ هجرت جي وقت تائين نماز
جو قبلو بيت المقدس هوندو هو. هجرت ٿيڻ بعد الله
پاڪ جو حڪم آيو ته پنهنجو منهن ڪعبة الله ڏانهن
ڪريو ۽ جتي به هجو اتي ڪعبي شريف ڏانهن منهن ڪندا
ڪريو. انهيءَ حڪم ملڻ بعد مسلمانن ڪعبي شريف کي
پنهنجو قبلو بنايو.
غزوه بدر
قريشين حضور ﷺ جن جي مديني ۾ سڪونت پذير ٿيڻ شرط
جنگ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون هيون، مديني تي
حملي لاءِ سڀ کان وڏي ضرورت جنگي سامان جي هئي.
جڏهن قريشين جو هڪ وڏو واپاري قافلو شام ملڪ ڏانهن
ويو ته مڪي جي قريشين پنهنجو سمورو گڏ ڪيل سرمايو
جنگي سامان جي خريداري لاءِ شام موڪليو. حضور ﷺ جن
کي جڏهن اها خبر پيئي ته 12- رمضان سنه 2 هجري تي
پاڻ ٽن سون جان نثارن سان ڪافرن جي مقابلي لاءِ
مديني مان نڪتا.
هوڏانهن مڪي ۾ جڏهن اها خبر پهتي ته قريش هزار
ماڻهن جو انبوهه ساڻ ڪري، مسلمانن جي مقابلي لاءِ
نڪتا.
بدر وٽ مقابلو ٿيو. ڪافرن جي فوج ۾ ڪا به ترتيب ۽
صف بندي ڪا نه هئي، هوڏانهن حضور ﷺ جن پنهنجن هٿن
سان مسلمانن جي صفن کي درست ڪري رهيا هئا. زبردست
جنگ لڳي. قريشي پنهنجي ناموس لاءِ وڙهي رهيا هئا،
مسلمان الله جي دين جي سوڀ لاءِ لڙي رهيا هئا.
الله پاڪ سندن منهن مٿي ڪيو. ڪافر ميدان جنگ مان
ڀاڄ کائي مڪي پهتا. مسلمان پنهنجي رب جو شڪر ۽ ثنا
ڪندا، ڪامياب ۽ ڪامران، مديني منوره ۾ موٽي آيا.
غزوه احد
عربن ۾ اهو دستور هوندو هو ته انتقام ڪڏهن ڪو نه
ڇڏيندا هئا. بدر ۾ قريشين جا ستر ماڻهو مئا هئا،
جي قريشين جي مٿي جا موڙ هئا. چنانچه، جڏهن قريشين
ساهه پٽيو ته بدر جو انتقام وٺڻ لاءِ وري جنگ جي
تياري ڪيائون. جڏهن سڀ تياريون مڪمل ڪيائون، تڏهن
مديني روانا ٿيا ۽ اربع ڏينهن اچي احد جبل وٽ منزل
انداز ٿيا.
حضور ﷺ جن ڪافرن جي مقابلي لاءِ هڪ هزار مسلمانن
سان مديني مان نڪتا ۽ احد جبل کي پٺيان رکي،
پنهنجي لشڪر جي صف بندي ڪيائون.
سخت جنگ لڳي، نيٺ مسلمانن ڪافرن جا پير اکيڙي وڌا.
مسلمانن ڀائيو ته ڪافر اجهي ڀڳا، سي فتح جي خوشيءَ
۾ حضور ﷺ جن جي حڪمن کي وساري، دشمنن جو ڇڏيل مال
اسباب ميڙڻ ۾ لڳي ويا. هوڏانهن، ڪافرن اهو وجهه
وٺي، جبل جي پٺيان مٿن اهڙو ته اوچتو حملو ڪيو جو
ڪنهن کي ڪل ڪا نه رهي ته ڇا ٿي ويو. اک ڇنڀ ۾
مسلمانن جي سوڀ هار ۾ تبديل ٿي ويئي. جڏهن ٻئي
فوجون الڳ ٿيون ته مسلمان زخمن ۾ چور هئا. جڏهن
مديني پهتا ته هر طرف جنگ احد جو افسوس هو.
غزوه خندق
غزوه "خندق" تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو حضور ﷺ جن
پنهنجي صحابيءَ حضرت سلمان فارسيءَ جي مشوري تي
انهيءَ جنگ ۾ بچاءَ لاءِ ”کاهي“ کوٽائي هئي.
يهودين جڏهن اهو ڏٺو ته مسلمان مديني ۾ زور وٺي
رهيا آهن، تڏهن هنن مڪي جي قريشن سان ملي سازش ڪئي
ته هڪ زبردست لشڪر گڏ ڪري مديني تي حملو ڪجي ۽
مسلمانن کي ختم ڪري ڇڏجي. پر کين سخت ناڪامي ٿي ۽
وڏي ساري لشڪر جي باوجود جاني ۽ مالي نقصان پرائي
ناڪام موٽيا.
جنگ خندق ۾ حضور ﷺ جن ٻين عام مسلمان سپاهين سان
گڏ مٽي ڍوئي ۽ پيٽ سان پٿر ٻڌا. ان موقعي تي اهڙو
ته زبردست طوفان آيو، جو ڪافرن جي تنبن جون پاڙون
پٽجي ويون ۽ چلهين تي چڙهيل ديڳيون اونڌيون ٿي
ويون.
چنانچه انهيءَ ڳالهه ڏانهن خود قرآن مجيد ۾ اشارو
آهي ته "مسلمانو خدا جو احسان ياد ڪريو، جڏهن
اوهان تي فوجون چڙهي آيون ته اسان انهن تي طوفان
موڪليو ۽ فوجون موڪليون، جي اوهان کي ڏسڻ ۾ نٿي
آيون."
صلح حديبيه
سنه ڇهه هجري ۾ حضور ﷺ جن عمري لاءِ مديني منور
مان نڪتا ۽ مڪي ڏانهن روانا ٿيا. پاڻ سڳورا جڏهن
مڪي کان نون ميلن جي پنڌ تي حديبيه وٽ پهتا، تڏهن
وٽن مڪي وارن جو هڪ وفد آيو ۽ ٻڌايائين ته مڪي جا
ماڻهو اوهان کي عمرو ڪرڻ ڪو نه ڏيندا. حضور ﷺ جن
جواب ۾ چيو ته اسان ڪنهن سان وڙهڻ ڪو نه آيا
آهيون، اسين ته بيت الله جي طواف لاءِ آيا آهيون.
ان کان پوءِ مڪي جي قريشين ۽ حضور ﷺ جن جي وچ ۾
قاصد نياپا کڻي ايندا ويندا رهيا. آخرڪار ٻنهي هڪ
صلح نامو تيار ڪيو، جيڪو تاريخ اسلام ۾ "صلح
حديبيه" جي نالي سان مشهور آهي. صلح حديبيه جا ٽي
شرط هئا:
1- مڪي جي قريشين مان جڏهن ڪو به شخص مديني ۾ حضور
جن وٽ پناهه لاءِ ويندو ته ان کي واپس ڪيو ويندو.
2- مديني جي مسلمانن مان جڏهن ڪو به شخص مڪي جي
قريشين وٽ پناهه لاءِ ويندو ته ان کي واپس ڪو نه
ڪيو ويندو.
3- مسلمان ان سال عمرو ڪرڻ بنا واپس هليا ويندا ۽
ايندڙ سال ڪعبة الله جي طواف لاءِ ايندا، پر
مسافري جي هٿيارن جهڙوڪ: تلوار ۽ تيرڪمان کان
سواءِ وٽن ٻيو ڪو به هٿيار ڪو نه هوندو، هو مڪي ۾
فقط ٽي ڏينهن ٽڪندا.
بظاهر صلح نامي جا شرط مسلمانن جي خلاف هئا، ان
ڪري هو ان تي خوش نه هئا. حضرت عمر رضه ته اعتراض
به ڪيو، پر حضور ﷺ جن صلح نامي کي بحال رکيو ۽
حديبيه ۾ قرباني ڪري مديني واپس روانا ٿيا. رستي
تي مٿن وحي نازل ٿي ته"اسان اوهان کي کليل فتح
عنايت ڪئي آهي".
اڳتي هلي صلح حديبيه مسلمانن لاءِ فائديمند ثابت
ٿيو ۽ درحقيقت مڪي جي فتح جو پيش خيمو بنيو.
مڪي جي فتح
10- رمضان سنه 8 هجري تي حضور ﷺ جن مسلمانن جي ڏهه
هزار لشڪر سان مديني مان نڪري مڪي ڏانهن وڌيا.
ڪافرن کي مقابلي جي همت ڪا نه ٿي. جڏهن حضور ﷺ جن
مڪي پهتا ته ڪعبة الله مان بت ڪڍرائي، اندر نماز
ادا ڪيائون. ان موقعي تي پاڻ ارشاد فرمايائون ته:
هاڻي جاهليت جو غرور ۽ نسب جي وڏائي خدا ختم ڪري
ڇڏي.
سڀ انسان آدم جي اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ مان خلقيو
ويو آهي.
ان کانپوءِ قرآن مجيد مان هيءَ آيت پڙهيائون:
"اي انسانو! مون اوهان کي مرد ۽ عورت مان پيدا
ڪيو،
۽ اوهان جا قبيلا ۽ خاندان بنايا ته جيئن پاڻ ۾
هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو.
پر خدا وٽ شريف اهو آهي جو وڌيڪ پرهيزگار هجي.
خدا دانا ۽ سڀ شيءَ جو ڄاڻندڙ آهي".
حضور ﷺ جن جنهن وقت خطاب فرمائي رهيا هئا، ان وقت
عرب جا رئيس ۽ قريشن جا وڏا وڏا سردار سندن سامهون
هئا. پاڻ کين ڏسي چيائون:
"اوهان کي معلوم آهي ته مان اڄ اوهان سان ڪهڙو
سلوڪ ڪرڻ وارو آهيان".
هنن چيو ته شريف ڀاءُ آهين شريف ڀاء جو اولاد
آهين".
ارشاد فرمايائون:
"وڃو، مون سڀ ڪجهه بخش ڪيو. اوهان آزادو آهيو"
اسلام جي تبليغ
جڏهن ملڪ ۾ حضور ﷺ جن جو اسم مبارڪ مشهور ٿي ويو،
تڏهن ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو معلوم ڪرڻ جو شوق ٿيو
ته اصل ڳالهه ڇا آهي؟ چنانچه پري پري کان ماڻهو
منزلون ۽ مسافريون ڪري وٽن حاضر ٿيڻ لڳا ۽ دين
اسلام جي سچائيءَ کان متاثر ٿي مسلمان ٿي موٽڻ
لڳا. هزارها ماڻهن جا قبيلا ۽ قبيلن جا اڳواڻ پڻ
ان ريت دربار نبويءَ ۾ حاضري ڏيئي اسلام سان مشرف
ٿيا، جهڙوڪ قبيله غفار، قبيله اسلم، قبيله اوس ۽
خزرج، قبيله اشجع، قبيله جهينه وغيره. ان کان
علاوه اسلام جي تبليغ لاءِ پاڻ ملڪ جي چئني طرفن
ڏانهن مختلف جماعتون ۽ وفد موڪلڻ لڳا.
فتح مڪي کانپوءِ انهيءَ تبليغ ذريعي هر هنڌ اسلام
تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو ۽ ماڻهو خوشيءَ سان مسلمان
ٿيڻ لڳا. قرآن ڪريم جي هيءَ آيت انهيءَ موقعي
ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
"جڏهن خدا جي فتح ۽ نصرت آئي ۽ اوهان ڏٺو ته ماڻهو
فوج در فوج دين ۾ داخل ٿيڻ لڳا."
حجة الوداع ۽ نبوت جي فرضن جو اختتام
آخري حج جي موقعي تي حضور ﷺ جن جيڪو خطبو ڏنو ان
کي اسلام جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي. پاڻ
فرمايائون:
"اي انسانون! اوهان جو رب هڪ آهي. بيشڪ اوهان جو
پيءُ هڪ آهي. هاڻ، عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ
کي عربيءَ تي، گوري کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي گوري تي
ڪا به فضيلت ڪانهي، سواءِ پرهيزگاريءَ جي.
مڙئي مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. جيڪو اوهان پاڻ کائو،
سو غلامن کي کارايو، جو پاڻ ڍڪيو، اهو هنن کي
ڍڪايو.
جاهليت جا سڀ خون معاف آهن. سڀ کان اول مان پنهنجي
خاندان جو خون معاف ڪريان ٿو. جاهليت جا سڀ وياج
حرام آهن. سڀ کان اول مان پنهنجي خاندان جو سود
معاف ڪريان ٿو.
عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو. مردن جو حق عورتن
تي آهي ۽ عورتن جو مردن تي.
مان اوهان وٽ هڪ شيءِ ڇڏي وڃان ٿو. جيڪڏهن اوهان
ان کي هٿان نه ڇڏيو ته اوهان گمراهه نه ٿيندا. اها
شيءِ آهي ڪتاب الله(قرآن مجيد).
جڏهن حضور ﷺ جن خطبو ختم ڪيو ته الله پاڪ قرآن
مجيد جي اها آيت نازل ڪئي ته،"اڄ مون توهان لاءِ
دين مڪمل ڪيو ۽ پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان لاءِ
دين اسلام پسند ڪيو."
وفات
حضور ﷺ جن وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ اڌ رات جو مديني
کان ٻاهر بقيع الغرقد ڏانهن ويا ۽ قبرستان ۾ اهل
ممات لاءِ دعا خير گهريائون. بعد ۾ گهر موٽي آيا.
صبح جو آرام مان اٿيا ته کين مٿي ۾ سور جي تڪليف
ٿي. اهو مرض جو آغاز هو. ڏينهون ڏينهن مرض وڌندو
ويو. جڏهن بيماريءَ شدت اختيار ڪئي ته مختلف کوهن
مان پاڻيءَ جو ست مشڪون ڀرائي، غسل ڪري، ماڻهن سان
ملاقات ڪيائون. جڏهن بيماري تمام زور وٺي ويئي،
تڏهن حڪم ڪيائون ته نماز جي امامت ابوبڪر رضه ڪري.
هڪ ڏينهن صبح جو سوير ماڻهو حضرت ابوبڪر جي امامت
۾، فجر جي نماز پڙهي رهيا هئا ته پاڻ سڳورن مسجد
جي دروزاي تان پردو هٽائي، جماعت کي ڏٺو. ٿوريءَ
دير بعد واپس موٽي ويا. مسلمانن ۾ سرهائيءَ جي لهر
ڊوڙي ويئي ۽ ڀانيائون ته سندن صحت بهتر ٿي رهي
آهي. پر رب کي ڪجهه ٻيو منظور هو. چنانچه، ٻنپهرن
جي مهل هئي، جو الله پاڪ جي آخري رسول ۽ مسلمانن
جي ٻنهي جهانن جي سردار، هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
اوصاف ۽ اخلاق حسنه
حضور ﷺ جن وچولي قد جا هئا. سندن رنگ سفيد ۽ سرخ
هو. پيشاني کليل هئي ۽ چهرو هلڪو هو، يعني ان تي
گوشت گهڻو نه هو. مٿي جا وار ڪلهن تي پوندا هئا.
پوئين زماني ۾ سندن سونهاريءَ ۾ ٿورڙا سفيد وار
نظر ايندا هئا.
سندن عام لباس چادر، قميص ۽ گوڏ هئي. ڀانئجي ٿو ته
ڪڏهن ڪڏهن پاجامو به استعمال ڪيو اٿن. پيرن ۾
جورابن جي عادت ڪا نه هئي، پر نجاشيءَ کين ڪارا
جوراب تحفي طور موڪليا هئا، جي استعمال فرمايائون،
عرب جي دستور موجب مٿي تي عمامو ٻڌندا هئا، جو
اڪثر ڪاري رنگ جو هوندو هو. کين يمن جون ڌاريدار
چادرون پسند هيون. رنگن ۾ سفيد رنگ وڌيڪ وڻندو هو.
وقت جي بادشاهن ڏانهن جيڪي خط پٽ ويندا هئا، تن ۾
مهر هڻڻ جي ضرورت پيش ايندي هئي. چنانچه، ان مقصد
لاءِ چانديءَ جي منڊي ٺهرايائون، جنهن جي ٽڪ
تي"محمد رسول الله" اکر اُڪريل هئا. اها منڊي ساڄي
هٿ جي آڱر ۾ پائيندا هئا.
کاڌو سادو کائيندا هئا. ڪدو، کجور، ڇاهين، گوشت،
کير، ماکي ۽ ٿڌو پاڻي کين وڻندو هو. اڪثر ڪري کاڌو
پنهنجن ساٿين سان گڏ کائيندا هئا. ضرورت کان هميشہ
گهٽ کائيندا هئا ۽ بعضي ڏينهن جا ڏينهن بنان کاڌي
گذاريندا هئا.
سواريءَ ۾ کين گهوڙي جي سواري پسند هئي. ڪڏهن ڪڏهن
گهوڙن ۽ اٺن جي گوءِ به ڪرائيندا هئا. ان ڪم جو
بندوبست حضرت علي رضه جي بلي هوندو هو.
حضور ﷺ جن پنهنجي وقت جا ٽي حصا مقرر ڪيا هئا، هڪ
حصو عبادت الاهيءَ لاءِ ، ٻيو حصو عام خلق لاءِ، ۽
ٽيون حصو پنهنجي ذاتي معاملن لاءِ.
فجر جي نماز کان پوءِ مصلي تي پلٿي ماري وهندا
هئا. جماعت جا ماڻهو چوڌاري حقلو ٻڌي وهندا هئا.
اها ئي دربار نبوي هوندي هئي. اڪثر ان موقعي تي،
پاڻ خلق کي هدايت ۽ نصيحت ڪندا هئا. بعضي بعضي
صحابين ۽ ساٿين کان پڇندا هئا ته اوهان رات ڪو
خواب ڏٺو آهي؟ پوءِ پاڻ ان جي تعبير ڪندا هئا. ان
موقعي تي عام گفتگو ٿيندي هئي- ماڻهو جاهليت جي
زماني جا قصا به بيان ڪندا هئا يا کل خوشيءَ جون
ڳالهيون ڪندا هئا. حضور جن رڳو مشڪندا هئا.
سج جي مٿي چڙهي اچڻ بعد چاشت جي نماز ادا ڪندا
هئا. پوءِ گهر وڃي پنهنجي ذاتي ڪم ڪارين سان لڳندا
هئا، جيئن ته کير ڏهڻ، ڪپڙن کي چتيون هڻڻ وغيره.
ٽن پهرن جي نماز بعد پنهنجين بيبين مطهرات وٽ وڃي
گهڙي ساعت ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا. پوءِ مسجد ڏانهن
ويندا هئا ۽ سومهاڻي جي نماز کانپوءِ گهر اچي آرام
ڪندا هئا. ننڊ ڪرڻ کان اڳ ڪلام پاڪ جي ڪا نه ڪا
سورت پڙهندا هئا. اسر جو اٿي عبادت ڪندا هئا. ڪڏهن
ڪڏهن ته سڄيون سڄيون راتيون به عبادت ڪندا هئا.
ماڻهن سان ملاقات وقت اول پاڻ سلام ڪندا هئا ۽ هٿ
ڏيندا هئا. ايران ۾ دستور هوندو هو ته جڏهن مجلس ۾
ڪو معتبر ماڻهو ايندو هو ته سڀ ادب کان اٿي بيهندا
هئا. ائين به ٿيندو هو ته امير جڏهن درٻار ڪندا
هئا ته ماڻهو سيني تي هٿ رکي نمي بيهندا هئا. حضور
ﷺ جن انهن ڳالهين کان منع ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته
جنهن کي اهو پسند آهي ته ماڻهو سندس اڳيان ادب ۾
بيٺا رهن، ان کي پنهنجي جاءِ دوزخ ۾ ڳولڻ کپي.البت
جوش محبت ۾ پاڻ مجلس ۾ ڪنهن ڪنهن لاءِ اُٿي بيهندا
هئا. چنانچه، سندن نياڻي حضرت فاطمه زهرا جڏهن به
ايندي هئي ته پاڻ سڳورا اڪثر اٿي بيهندا هئا ۽ سڪ
سان نياڻيءَ کي نرڙ تي چمي ڏيندا هئا. اهڙي طرح
هيڪر پنهنجي ننڍ پڻ جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ لاءِ اٿي بيٺا
۽ کيس پنهنجي آمهون سامهون وهاريائون.
حضور ﷺ جن جي گفتگو نرم ۽ آهستي هوندي هئي. جڏهن
پاڻ ڪنهن مجلس کي خطاب ڪرڻ نڪرندا هئا ته بادشاهن
وانگر نه ڪو خاص لباس زيب تن ڪندا هئا، نه ڪو ٻيو
جاهه جلال پسند ڪندا هئا. سندن هٿ ۾ هڪ لٺ هوندي
هئي يا ڪمان، جنهن کي ٽيڪ ڏئي خطبو ڏيندا هئا.
جڏهن فتوحات جو سلسلو شروع ٿيو ته هر هنڌان مال
غنيمت اچڻ لڳو. سندن سخاوت جي حد اها هئي ته سمورو
مال دولت مسلمانن کي ورهائي ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽
پنهنجي لاءِ ڪا شيءَ نه بچائيندا هئا. هڪ دفعي
بحرين مان ايترو مال غنيمت آيو، جيترو ڪڏهن به
ڪٿان ڪو نه آيو هو. حڪم ڪيائون ته مسجد جي صحن ۾
رکي ڇڏيو. فجر جي نماز پڙهي جڏهن فارغ ٿيا ته مال
غنيمت جي تقسيم شروع ڪيائون جڏهن سڀڪجهه ورهائي
چڪا، تڏهن اٿي کڙا ٿيا.
هڪ دفعي سندن حرم پاڪ بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ
عنه گهر کي سينگارڻ لاءِ ڀتين تي ڪو ڪپڙو هنيو.
پاڻ ان کي نا پسند فرمايائون ۽ بروقت لهرائي
ڇڏيائون.
سندن اخلاق حسنه ۾ سڀ خوبيون ۽ وصفون هيون، پر جا
ڳالهه سڀني کان زياده نمايان هئي، سا هيءَ ته کين
ٻين لاءِ ايثار ۽ قرباني پسند هئي.
پاڻ سڳورن کي اولاد سان بي انتها محبت هئي. سندن
نياڻي حضرت فاطمه زهرا کين ايڏي تي پياري هئي جو
جڏهن به تشريف فرما ٿيندي هئي ته پاڻ اٿي بيهندا
هئا ۽ کيس پنهنجيءَ جاءِ تي وهاريندا هئا. پر بيبي
صاحبه جي تنگدستيءَ جي اها هالت هئي جو گهر ۾ ڪا
نوڪرياڻي ڪا نه هئن. جنڊ ڪاهي بيبي صاحبه جي هٿن ۾
لڦون پئجي وينديون هيون. هڪ دفعي حضور ﷺ جن کان
نوڪرياڻي گهرڻ لاءِ آئي پر لڄ ڪري پاڻ ڪجهه ڪڇي نه
سگهي. اهو ڏسي حضرت علي رضه حضور ﷺ جن کي حقيقت
حال کان واقف ڪيو ۽ عرض ڪيو ته فلاڻي هنڌ تان
ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون آيون آهن. اتان اسان کي هڪ
عنايت ٿئي. حضور ﷺ جن چيو ته ائين ٿي نٿو سگهي ته
مان اوهان کي نوڪرياڻي ڏيان ۽ اصحاب صفه جي غريب
۽ نادار مسلمانن لاءِ ڪو به خدمتگار نه رهي ۽ هو
بک ۾ پيا هجن. حضور ﷺ جن جي مسڪينن سان ايڏي ته
محبت هوندي هئي جو پاڻ دعا گهري اٿن ته:
"يا الله، مون کي ڏينهن قيامت جي مسڪينن سان گڏ
اٿار"
*
اسان توکي سڀني جهانن لاءِ رحمت بنائي موڪليو آهي.
(القرآن)
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
اِمامُ ِالاَنبيَاء صَليّ اللهُ عَلَيهِ وَآله
وَسلمُ
انسان ذات جي سڌاري ۽ سنئين واٽ وٺي هلڻ جي هدايت
لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان جيڪي به نبي ۽
رسول هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، انهن مان هر هڪ
پنهنجي منصب نبوت جي لحاظ کان ڪنهن خاص وصف سان
متصف هو. حضرت نوح عليہ السلام پنهنجي ساڍا نو سو
سال زندگي توحيد جي تبليغ ۽ شرڪ و ڪفر جي بيخ ڪني
ڪندي گذاري، حضرت ابراهيم رب سائينءَ جي خليل هئڻ
سان گڏ، انسان جي بنايل هٿرادو خدائن يعني بتن جي
پوڄا جي خلاف جهاد ڪيو ۽ ڪعبة الله جي تعمير ڪري،
انسانيت کي مرڪزيت بخشي.
حضرت موسيٰ عليہ السلام جبر ۽ استبداد جي نظام کي
ختم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾کنيو ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي
تائيد ۽ مدد سان، فرعونيت جي سڀني هٿڪنڊن جون جڙون
اکوڙي پنهن جي امت کي ظلم کان نجات ڏياري. حضرت
عيسيٰ مسيح عليہ السلام، الله تبارڪ تعاليٰ جي
طرفان مليل مسيحيت سان گڏ توحيد، سچ، نياز ۽ نوڙت،
صبر و تحمل ۽ حلم خواه بردباري جو نمونو ٿي سندس
امت جي اڳواڻي ۽ رهبري ڪئي.
حضرت سليمان عليہ السلام پنهنجي سياڻپ جو سڪو
ڄمائي انسان ذات کي ڏاهپ جو نمونو ٿي ڏيکاريو ۽
گڏو گڏ دنيوي بادشاهي ڪندي، ڪائنات جي اڪثر مخلوق
مٿان حڪم هلائي، دنيا ۾ مثالي بادشاهت جو نمونو
پيش ڪيو. حضرت دائود جي زندگي انساني بهتري ۽
بهبوديءَ لاءِ حق ۽ توحيد جي تبليغ سان گڏ رب جي
تعريف جا سريلا نغما آلاپيندي گذري. حضرت ايوب
عليہ السلام رب جي رضا تي راضي رهي صبر ۽ شڪر جو
مجسمو ٿي ڏيکاريو ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان
مٿن جيڪي به آزمائشون آيون، انهن ۾ ثابت قدمي ۽
ايثار جو نمونو پيش ڪيو. ساڳئي وقت پنهنجي قوم جي
اڳيان رب سائينءَ جي معرفت جي تبليغ پڻ ڪئي.
حضرت يعقوب عليہ السلام جي زندگي اميد ۽ توڪل جو
سچو نمونو هئي ته حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجي
حسن و جمال سان گڏ اخلاق جي بلندي، دانائي ۽ خدا
جي خوف ۾ رهي هر لغزش کان بچي انسان ذات لاءِ سچ ۽
سياڻپ خواهه خدا جي معرفت جو نمونو پيش ڪيو.
هن حقيقت جي قرآن حڪيم ۾ نهايت چٽائيءَ سان وضاحت
ڪيل آهي ته "لانفرق بين احد من رسلہ". انهيءَ
مشاهدي سان گڏ هي به بيان ٿيل آهي ته "تلڪ الرسل
فضلنا بعضهم عليٰ بعض." جنهن جو مفهوم آهي ته
رسولن جي وچم ڪو به فرق نه آهي، پر فضيلت ۽ مراتب
جي لحاظ کان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ۽ مٿاهين حاصل
آهي.
هر هڪ دور ۾ سڀني پيغمبرن پنهنجو پنهنجو منصبي فرض
نهايت احسن طريقي سان پوريءَ طرح ادا ڪيو. هنن مان
هر هڪ پنهنجي وقت ۾ انسانيت جي انهن پهلوئن کي
اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، جنهن لاءِ سندن بعثت
وجود ۾ آيل هئي. جڏهن انسانيت ترقي ڪندي پنهن جي
ڦوهه جوانيءَ کي پهتي، تڏهن رب سائينءَ اهڙي رسول
جي بعثت جا اسباب پيدا ڪيا، جنهن جي ذات جامع صفات
هجي ۽ جنهن جي تعليم ۽ سنت ۾ انهن سڀني نبين ۽
رسولن جي تعليم، فضيلتن ۽ عمل جو نچوڙ ۽ روح اچي
وڃي جيڪي ابتدا کان ان وقت تائين مبعوث ٿي چڪا
هئا. نيٺ الله تعاليٰ جي قدرت ڪامله ۽ منشا مبارڪ
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
بعثت مبارڪ جي صورت ۾ هن دنيا ۾ جلوه افروز
ٿي.دنيا جي سموري مخلوق تي الله تبارڪ و تعاليٰ جو
اهو عظيم احسان آهي. وما ارسلناڪ اِلا رحمة
للعالمين.
محدث خطيب بغدادي جي هڪ روايت پيش ڪندي سيد سليمان
ندوي"خطبات مدراس" جي پنجين خطبي ۾ لکي ٿو ته"سندن
ولادت وقت آواز آيو ته سندن ذات پاڪ ۾ آدم عليه
السلام جو خلق، شيث عليه السلام جي معرفت، نوح
عليه السلام جي شجاعت، ابراهيم عليه السلام جي
دوستي، اسماعيل عليه السلام جي زبان، اسحاق عليه
السلام جي رضا، صالح عليه السلام جي وضاحت، لوط
عليه السلام جي حڪمت، موسيٰ عليه السلام جي سختي،
ايوب عليه السلام جو صبر، يونس عليه السلام جي
طاعت، يوشع عليه السلام جو جهاد، دائود عليه
السلام جو آواز، دانيال عليه السلام جي محنت،
الياس عليه السلام جو وقار، عيسيٰ عليه السلام جو
زهد ۽ يحيٰ عليه السلام جي پاڪدامني واريون
سموريون وصفون ۽ صفتون جمع ڪيون وڃن."
حسن يوسف، دم عيسيٰ يد بيضا داري آنچه خوبان همه
دارند تو تنها داري
علامه شبلي نعماني لکي ٿو ته حضور پر نورﷺ جن جي
ولادت با سعادت کان اڳي الله تبارڪ و تعاليٰ جي
پيغمبرن جي معرفت موڪليل دين جو حقيقي روح زماني
جي تبديلين ۽ اٿل پٿل سبب ماڻهن بلڪل مٽائي ڇڏيو.
الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل دين جو روح بلڪل گم
ٿي چڪو هو، ان ڪري انهيءَ روح کي وري اجاگر ڪرڻ ۽
ظاهر ڪرڻ لاءِ ۽ انهيءَ سڪي ويل گل کي وري تازي
ڪرڻ ۽ منجهس خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ انسان جي ستل
بخت کي سجاڳ ڪرڻ خاطر رب سائينءَ پنهنجي خاص بندي
۽ پياري رسول حضرت محمدﷺ جن کي نبوت جو تاج پهرائي
هن دنيا ۾ موڪليو. سندن ڄمڻ واري ڏينهن، دنيا جي
ان وقت اجڙيل باغ ۾ روح پرور بهار آندو. هي اهو
ڏينهن هو، جنهن جو هن ڌرتيءَ کي لکين سالن کان
شديد انتظار هو. ستارا هزارين ورهين کان هن ڏينهن
جي نور کي ڏسڻ لاءِ اکيون ڦاڙي انتظار ڪندا رهيا.
آسمان به انهيءَ ڏينهن ۽ ساعت جي ڏسڻ جو منتظر هو
۽ رات ڏينهن جي گردش ۾ پاسا پلٽائي رهيو هو.
اهڙيءَ طرح ڪائنات جي ذره ذره کي هن ڏينهن ڏسڻ جي
َسڌ هئي ۽ هر شيءِ سڪ ۾ سرشار ۽ بيقرار هئي.
حضور ﷺ جن جي هن دنيا ۾ تشريف آوريءَ جو ڏينهن،
اهو ڏينهن هو جڏهن ايوان ڪسريٰ جا ڪنگرا ڪري وڃي
پٽ تي پيا، فارس جو آتشڪده جيڪو هزارين ورهين کان
دکندو ٿي رهيو ۽ ڪڏهن به ڪو نه اجهاڻو هو سو به
وسامي رک ۾ تبديل ٿي ويو، ساوه جي ڍنڍ(طبريه جي
ڍنڍ) جنهن لاءِ عقيدو هو ته ڪڏهن به خشڪ نه ٿيندي،
اها به سڪي رڃ ٿي ويئي. اها ساڳي حالت عجم جي شان
۽ شوڪت، روم جي رعب ۽ دٻدٻي توڙي چين جي اوج ۽
عروج سان ٿي. رڳو زردشتين جا آتشڪده ٿڌا ڪو نه
ٿيا بلڪه جتي به ڪفر ۽ شرڪ، گمراهيءَ ۽ شر جو واسو
هو، اتي جي حالتن ۾ ڦيري اچڻ جا آثار نمودار ٿي
ويا. بت خانن جا در و ديوار بي رونق ٿي ويا ۽
عيسائيت خواه يهوديت جي ايوانن جي حالت اهڙي ٿي،
جهڙي باغن ۽ باغيچن جي خزان جي موسم ۾ ٿيندي آهي.
هي اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن سيد المرسلين، شفيع
المذنبين، رحمت للعالمين، صاحب معراج، مالڪ مقام
محمود، نور مجسم، محسن اعظم، ساقيءَ ڪوثر، شافع
محشر، رحمت عالم، سيد العرب والعجم، امام
الانبياءَ، سردار دوجهان، مديني جو مير، هيڻن جو
همراه، يتيمن جو يار، اڙين جو آڌار، مسڪينن جو
مددگار، بي واهن جو ڀرجهلو، بي وسيلن جو وسيلو،
مٺڙو مرسل، مرسلن جو مهندار حضرت نبي ڪريم محمد
مصطفيٰ احمد المجتبيٰ صلي الله عليہ وآلہ واصحابہ
وبارک وسلم(فداه امي وابي) عالم قدس مان عالم
امڪان ۾ تشريف فرما ٿيا. سندن حليو مبارڪ اهڙو هو
جنهن لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام فرمايو هو"خلو
محمديم زه دودي، زه رعي". يعني: هو سراپا قابل
تعريف آهي ۽ هي منهنجو محبوب آهي، منهنجي جان آهي.
قرآن حڪيم ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ فرمائي ٿو:"لقد
جاء کم رسول من انفسکم عزيز عليہ ما عنتم حريص
عليکم بالمؤمنين رؤف الرحيم". يعني بيشڪ اوهان وٽ
اوهان مان ئي رسول اچي ويو آهي، جنهن کي پنهنجي
امت جي تڪليفن جو گهڻو اونو آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ
گهڻو خواهشمند آهي ۽ مومنن لاءِ ٻاجهارو ۽ رحم دل
آهي.
هن آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب پاڪ شهنشاهه
ڪونين ﷺ جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو ته امت جي تڪليف
کين ڏکي لڳي ٿي ۽ رات ڏينهن کين اهوئي اونو آهي ته
سندن امت سنئين واٽ وٺي هلي. تاريخ شاهد آهي ته
پاڻ ڪريمن ﷺ امت جي هدايت ۽ ڀلائي لاءِ سخت
تڪليفون سٺيون. آخر کين وطن ڇڏي هجرت ڪرڻي پئي پر
ڪڏهن به ڪنهن کي پٽ پاراتو نه ڏنائون، بلڪه انهن
جي هدايت لاءِ دعا فرمايائون. اَحد جي لڙائي ۾ به
جڏهن پاڻ سڳورا ڪافرن جي هٿان زخمي ٿي پيا ته ان
وقت به سندن زبان مبارڪ تي هي لفظ هئا: اللهم اغفر
لقومي فانهم لايعلمون". يعني اي الله منهنجي قوم
کي معاف فرماءِ، ڇاڪاڻ ته هو ڪو نه ٿا ڄاڻن.
طائف جي سفر دوران جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ ماڻهن کي
اسلام جي دعوت ڏني ته انهن ظالمن حضور جن کي ايترا
ته پٿر هنيا جو سندن سڄو جسم مبارڪ رت ٿي ويو. پاڻ
ڪريم ﷺ فرمائين ٿا:"کان اشد مالقيت منهم يوم
العقبہ" يعني سڀ کان سخت تڪليف انهن(ڪافرن) کان
مون کي طائف جي وادي ۾ پهتي. جڏهن پاڻ قرن الثعاب
جي موڙ وٽ پهتا ته ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ويهي
رهيا. اتي پاڻ سڳورن وٽ جبلن جو فرشتو آيو جنهن
کين سلام ڪري عرض ڪيو ته:"يا محمد ذالک لک" يعني
اي محمدﷺ اوهان کي پورو اختيار آهي. وڌيڪ اجازت
طلب ڪيائين ته ڇا هن طائف شهر جي انهن پٿر هڻندڙن
مٿان اهي ٻئي جبل، جنهن ۾ طائف گهيريل آهي، اونڌا
ڪريون- "ملاء اعليٰ ۾ جنبش پيدا ٿئي ٿي ۽ سلسلئه
ملڪوت جي ارتقائي نقاط جي آخري ڪڙي يعني جبريل
امين کي ڏيکاريو ويو جيڪو پڪاري رهيو هو"قد بعث
اليک ملک الجبال" يعني الله اوهان کي جبل جو فرشتو
موڪلي ڏنو آهي، جنهن کي "هواني علي الناس" جي لفظن
سان روڪيو ويو، ان کي سڀ ڪجهه ڏنو پيو وڃي. مناظر
احسن گيلاني لکي ٿو ته "کين پورو پورو اختيار هو،
جيڪي چاهين سو ڪري سگهيا ٿي، ليڪن ان ئي تاريخ
جنهن نوح جي طوفان ، عاد جي آنڌي، ثمود جي رڙ،
شعيب جي زلزلي ۽ موسيٰ جي درياءَ کي محفوظ رکيو
آهي، ان ۾ رڪارڊ ڪيو ويو ته پهاڙ جي فرشتي کي
فرمايو پيو وڃي: مان مايوس ڪو نه آهيان. انهن جي
پٺي مان اهڙا نسل نڪرندا جيڪي الله جي عبادت ڪندا
۽ رب سان ڪنهن کي به شريڪ ڪو نه ڪندا. انهن لفظن
جبل کي به پاڻي ڪري ڇڏيو. ان هڪڙي آواز باهه کي
باغ بنائي ڇڏيو، جي مري رهيا سي بچي ويا، جيڪي ختم
ٿي ويا سي وري شروع ٿي ويا".
دنيا ۾ ڪيترائي نبي آيا، ڪيترائي بادشاهه آيا، پر
اهو ڪير آهي جنهن جي زندگيءَ جا ڪارناما اهڙيءَ
ريت ڪتابن ۾ محفوظ ٿي وڃن، جو هڪ طرف ته صحت جو
اهڙو انتظام جو ڪنهن صحيفئه آسماني کي به نه مليو
ته ٻئي طرف وحي ۽ تفصيل جي لحاظ کان سندن هڪ هڪ
ادا معلوم ۽ محفوظ آهي ته جيئن سندن زندگي اسان
اُمتي پنهنجي لاءِ هڪ مثالي نمونو وٺي اختيار
ڪريون. جهڙيءَ طرح قرآن حڪيم ۾ آيو آهي: لقد کان
لکم في رسول الله اُسوة حسنة" يعني(سچ پچ اوهان جي
لاءِ خدا جو رسول سٺو نمونو آهي.) گويا سيرت محمدي
دنيا جو آئينو آهي، جنهن کي ڏسي هر شخص پنهنجي جسم
۽ روح، ظاهر ۽ باطن، قول و فعل، زبان ۽ دل، آداب ۽
رسوم توڙي طور و طريق سڌاري سگهي ٿو.
|