سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :7

مولانا سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب"خطبات مدراس" جي چوٿين خطبي ۾ لکي ٿو ته"ڪا به شخصيت خواه ڪيتري قدر تاريخي هجي، جيستائين اها ڪامل نه هوندي، اسان جي لاءِ مثالي نمونو ٿي نه سگهندي. ڪنهن به شخصيت جو ڪامل ۽ هر نقص کان پاڪ ايستائين ثابت ٿي نه سگهندو، جيستائين ان جي زندگي جا سمورا واقعا سامهون نه هوندا. پيغمبر اسلام ﷺ جي زندگي جو هر لمحو ڄمڻ کان وٺي وفات تائين ان وقت جي ماڻهن جي سامهون ۽ وفات بعد دنيا جي تاريخ اڳيان آهي. ڄمڻ، ٿڃ پيڻ، ٻاراڻي عمر، هوش و تميز، جواني، واپار، شادي، امين ٿيڻ، خانهءِ ڪعبه ۾ پٿر رکڻ، اڪيلائي اختيار ڪرڻ، غار حرا ۾ گوشه نشيني، وحي جو اچڻ، دعوت تبليغ، مخالفت، معراج، هجرت، لڙايون، صلح حديبيه، اسلام جي اشاعت، دين جي تڪميل، آخري حج، وفات، انهن مان ڪهڙو زمانو آهي جيڪو دنياجي سامهون نه هجي ۽ سندن ڪهڙي حالت آهي جنهن کان تاريخ واقف نه آهي." فاضل مصنف اڳتي لکي ٿو ته "سندن نجي زندگي جي هڪ هڪ ادا معلوم ۽ محفوظ آهي. اٿڻ ويهڻ، سمهڻ جاڳڻ،  شادي برات، ٻار ٻچا، دوست سڄڻ، نماز روزا، عبادت رياضت، صلح و جنگ، سفر حضر، کائڻ پيئڻ، وهنجڻ ڌوئڻ، ڍڪڻ اوڍڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ملڻ جلڻ، خوش طبعي، خلوت جلوت، طور و طريق، خط و خال، قد و قامت هر ڳالهه پوري روشني ۾ مذڪور، معلوم ۽ محفوظ آهي".

 پاڻ سڳورا اڪلائي ۾ هجن يا ماڻهن ۾ مسجد ۾ هجن يا ميدان ۾، هر وقت هر شخص کي اهو حڪم فرمائيندا هئا ته سندن جيڪا به ڪيفيت يا حالت هجي اها منظر عام تي آندي وڃي. نجي گهرو زندگي جي اشاعت لاءِ ازواج مطهرات کي تاڪيد فرمايو ويو ته جيئن امت سندن نقش قدم تي هلي، زالن، اولاد ۽ عزيزن جا حق ادا ڪن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندن زندگي جو ڪهڙو پهلو هوندو جيڪو پوشيده رهيو هوندو اڄ به سندن مخالف پوري ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن خلاف آڱر به کڻي نه سگهيا آهن. پوءِ اهڙيءَ زندگيءَ کي پاڪ معصوم نه چئجي ته ٻيو ڇا. سندن اخلاق مبارڪ سندن ڪامليت جو روشن دليل آهي، سندن سيرت اسلامي دنيا جو عالمگير آئينو آهي، جنهن کي سامهون رکي هر ڪو شخص پنهنجي جسم ۽ روح، ظاهر ۽ باطن، قول ۽ فعل جي درستي ڪري سگهي ٿو.

پاڻ سڳوراﷺ اخلاق ۽ عمل جي اها تعليم ڏيندا هئا، جنهن تي پاڻ عمل ڪندا هئا. حضرت عائشه رضه فرمائي ٿي:"ان خلق رسول الله ﷺ کان القرآن". يعني سندن اخلاق سراپا قرآن هو، ۽ قرآن حڪيم ان ڏس ۾ شاهدي ٿو ڏئي:"وانڪ لعليٰ خلق عظيم" خود پاڻ ڪريمن فرمايو ته:"بعثت لا تمم مڪارم الاخلاق"(موطا امام مالڪ) يعني آءُ بهترين اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهيان.

سندن اخلاق مبارڪ جو دائرو صرف رحم و ڪرم تائين محدود ڪو نه هو پر پوري معاشرتي زندگيءَ تي ڇانيل هو. اُم المومنين حضرت خديجه رضه فرمائي ٿي ته پاڻ رحمدل هئا، قرضدارن جو بار کڻندا هئا، غريبن جي مدد ڪندا هئا. حق جي حمايت ڪندا هئا، مهمانن جي ضيافت ڪندا هئا  مصيبت ۾ ماڻهن جي ڪم ايندا هئا. اُم المومنين حضرت عائشه صديقه رضه فرمائي ٿي ته"پاڻ ڪريمنﷺ ڪنهن کي گهٽ وڌ ڪو نه ڳالهايو، برائي جو بدلو برائي سان ڪو نه ڏيندا هئا، پر معاف ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن کان بدلو ڪو نه ورتائون. پاڻ ڪڏهن ڪنهن غلام نوڪر يا نوڪرياڻي تي هٿ ڪو نه کنيائون. گهر ۾ گهڙندا هئا ته سدا مسڪرائيندا هئا. دوستن ۾ ڪڏهن به ٽنگون ڊگهيري ڪو نه وهندا هئا ۽ هميشه آهسته ۽ جهلي جهلي ڳالهائيندا هئا".

حضرت علي ڪرم الله وجہ فرمائين ٿا ته پاڻ سڳورا خنده جبين، نرم خو ۽ مهربان طبع هوندا هئا. ڪڏهن به زبان مبارڪ مان ڪو خراب لفظ ڪو نه ڪڍيائون. ڪنهن جي عيب جوئي نه ڪيائون ۽ ڪنهن سان به سخت مزاجي سان پيش ڪو نه آيا. ٻين جي واتان پنهنجي ساراهه ٻڌڻ پسند ڪو نه فرمائيندا هئا". پاڻ نهايت فياض، نهايت سچار، نهايت نرم طبع ۽ نهايت خوش اخلاق هئا.

پاڻ سڳورا ٻاجهه ۽ رحمت جا ڪڪر هئا. سندن رحمت ۽ شفقت جي خزاني ۾ دوست ۽ دشمن، ڪافر ۽ مسلمان، ٻڍا ۽ ٻار، عورتون ۽ مرد، آقا ۽ غلام، فقير ۽ امير، انسان ۽ حيوان سڀ برابر جا حصيدار هئا. دشمنن کي به معاف ڪرڻ سندن حسن اخلاق هو. مناظراحسن گيلاني لکي ٿو ته" 8 هجري ۾ مڪو فتح ٿيو، اهو مڪو جنهن پاڻ سڳورن ۽ سندن صحابه ڪرام کان سڀ ڪجهه ڦريو. پاڻي ڦريو، کاڌو ڦريو، گهر ڦريو، در ڦريو، نيٺ باهه مان چمڪندڙ تلوارن مان، ڇڪيل ڪمانن مان بچي هجرت ڪري ويل ساڳيا مسلمان وري چمڪندڙ تلوارن سان، ڇڪيل ڪمانن سان، اُڀن نيزن سان، ڦڙڪندڙ جهنڊن سان فاتحانه انداز ۾ مڪي ۾ داخل ٿين ٿا، پر وٺن ڪجهه نٿا، ڏين ٿا، تڪبر سان نه بلڪ سر جهڪائي نوڙت سان داخل ٿين ٿا، بدلو وٺڻ لاءِ نه بلڪ معاف ڪرڻ لاءِ".

خانهءڪعبه ۾ چو طرف ماڻهن جا انبوهه نظر اچي رهيا آهن. پاڻ ڪريمن ﷺ ماڻهن جي ميڙ کي ڏٺو جيڪي ڪعبي جي اڱڻ تي ويٺا هئا. انهن ۾ قريشين جا اهي ظالم به ويٺا هئا، جيڪي اسلام کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳتي هئا. انهن ماڻهن ۾ اهي به هئا جن جون زبانون شان رسول ۾ گستاخانه لفظ ڪڍنديون هيون، اهي به هئا جن تلوارن ۽ ڀالن سان پيڪر قدسيﷺ سان گستاخيون ڪيون، اهي به هئا جيڪي سرڪار دو عالمﷺ جي شان ۾ گستاخانه شعر جوڙي زور زور سان بازار ۾ پڙهندا هئا. اهي به هئا جن خدا جي هن نور کي ڦوڪن سان اجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جن لاءِ قرآن حڪيم فرمائي ٿو: يريدون ليطفئو ٰ نورالله..... کره الکافرون.(يعني اهي چاهين ٿا ته الله جي نور کي ڦوڪن سان اجهائين پر الله تعاليٰ پنهنجي نور کي پوري طرح روشن ڪري ٿو ۽ پوءِ کڻي انهن ڪافرن کي ڪيترو به برو لڳي.) انهن ماڻهن ۾ اهي به هئا جن محبوبن ڪريمن ﷺ جي رستي تي ڪنڊا وڇايا، اهي به هئا جن سرڪار مدينه کي خانئه ڪعبه ۾ نماز پڙهندي ڳچي ۾ چادر وجهي گهوگها ڏنا، اهي به هئا جن محبوب ڪبريا جي مٿان بيت الله ۾ سجدي ڪرڻ وقت اوجهري وجهي ٽهڪ ڏنا ۽ تاڙيون وڄايون، اهي به هئا جن يتيم عبدالله کي وعظ ڪرڻ مهل پنين ۾ پٿر هڻي رتو ڇاڻ ڪيو، اهي به هئا جن جي اڃ خون نبوت کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ مان لهڻ واري ڪونه هئي، اهي به هئا جن دارالندوه ۾ گڏ ٿي صاحب التاج و البراقﷺ کي شهيد ڪرڻ جي سازش سٽي هئي، اهي به هئا جن سرور ڪشور رسالت کي وطن کان بي وطن ڪيو، اهي به هئا جن قاب قوسين جي تاجدار سان بدر ۽ احد ۾ لڙايون ڪيون، اهي به هئا جن شمع نبوت کي اجهائڻ جون اجايون ڪوششون ڪيون، اهي به هئا جن مسلمانن سان ڏيتي ليتي بند ڪئي، اهي به هئا جن جگر گوشئه آمنه ﷺ ۽ سندن عزيزن سان قطع تعلق ڪري شعب ابو طالب ۾ محصور ٿيڻ تي مجبور ڪيو، اهي به هئا جن جي حملن جو سيلاب مدينه جي ديوارن سان اچي ٽڪرايو هو، اهي به هئا جن صحابن سڳورن کي حق جو ڪلمو پڙهڻ تان تتل واريءَ تي پٺن اگهاڙو ليٽائي گهليو هو، اهي به هئا جن شاه حرم جي دوستن کي باهه جا ڏنڀ ڏنا، اهي به هئا جن بلال حبشي جهڙن مانجهي مردن جي سيني تي ڳرا باهه جهڙا گرم پٿر رکي عذاب ڏنا.

رحمت للعالمينﷺ انهن کي ڏٺو ۽ کانئن پڇيو"اوهان کي خبر آهي ته مان اوهان سان ڪهڙو معاملو ڪرڻ وارو آهيان؟" اهي ڪافر جيتوڻيڪ ظالم هئا، شقي هئا، بي رحم هئا، ليڪن مردم شناس هئا ۽ چيائون"اخ ڪريم وابن اخ ڪريم"(تون شريف ڀاءُ آهين ۽ شريف ڀائيٽيو آهين). رحمت جي درياءَ ۾ جوش آيو ۽ رئوف رحيم فرمايو."لاتثريب عليکم اليوم اذهبوا فانتم الطلقاء" اڄ اوهان تي ڪو به الزام ڪونهي، وڃو اڄ اوهين سڀ آزاد آهيو). ڪيترا دشمن ته موت جي ڊپ کان ڀڄي ويا هئا. وحشي جيڪو حضرت حمزه رضه جو قاتل هو طائف ڀڄي ويو، عڪرمہ بن ابوجهل يمن ڏانهن ڀڄي ويو. صفوان بن اميته اسلام جو وڏو ويري جنهن حضور جن کي شهيد ڪرائڻ لاءِ عمير بن وهب کي انعام جي لالچ ڏني هئي سو جده ڀڄي ويو، پر پاڻ ڪريمنﷺ سڀني کي معافي ڏني ۽ پوءِ اهي سڀ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا.

الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ سڳورن کي سمورن جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي، جنهن جي شاهدي قرآن حڪيم ڏئي ٿو:"وما ارسلنک الا رحمة للعالمين." اها سندن رحمت ۽ شفقت هئي جو سندن حڪومت نه صرف جسمن تي هئي، بلڪه انسان ذات جا قلب ۽ ذهن، ارواح ۽ نفوس به سندن محبت سان ٽمٽار هئا. پاڻ دين ۽ دنيا جا شهنشاهه هئا مگر سندن انڪساري ۽ نوڙت جي اها حالت هئي جو جڏهن پاڻ پنهنجي خادمن جي وچ ۾ هوندا هئا ته صحابه ڪرام رضه فرمائين ٿا ته حاڪم ۽ محڪوم جو پردو کڄي ويندو هو ۽ ڏسندڙ  اهو اندازو لڳائي ڪو نه سگهندو هو ته  آقا ڪير ۽ غلام ڪير، خادم ڪير ۽ مخدوم ڪير، تابع ڪير ۽ متبوع ڪير.

علامه مناظر احسن گيلاني پنهنجي جڳ مشهور تصنيف"النبي الخاتم ﷺ" ۾ لکي ٿو ته "فتح مڪہ کان پوءِ پاڻ سڳورا بيشڪ پوري عرب جا شهنشاهه به هئا، پر ڇا مدينه ۾ منبر بدران ڪو تخت وڇايو ويو؟نه- اهو ئي منبر هو، اها ئي مسجد هئي، اها ئي جهوپڙي هئي، اهو ئي چمڙي جو گاديلو، نه حاجب هو نه دربان هو، امير به ايندا هئا ته غريب به ايندا هئا. سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ . عجب درٻار هئي.

بادشاهه چوندا ته شاهي درٻار هئي، ڇو ته حڪومت هئي، فوج هئي، جهنڊو هو، پوليس هئي، جلاد هو، محتسب هو،  گورنر هو، ڪليڪٽر هئا، قاضي يعني جج هئا، نظم و نسق هو، قانون هو،

مولوي چوندا ته مدرسو هو، ڇو ته درس هو، وعظ هو، قضا هئي، تصنيف هئي، تاليف هئي، محراب هو، منبر هو.

صوفي چون ٿا ته خانقاهه هئي، دعا هئي، ورد هو، وظيفو هو، ذڪر هو، شغل هو، خوف خدا هو، راز هو، نياز هو، وجد هو، حال هو، ڪشف هو، ڪرامت هئي، فقر هو، فاقو هو، زهد هو، قناعت هئي، پٿريون پڙهي کاري کوهه ۾ وجهبيون هيون ته پاڻي مٺو ٿيندو هو. ٻارن جي مٿي تي هٿ ڦيرايو ويندو هو ۽ جيڪي فرمايو ويندو هو سو پورو ٿيندو هو.

مگر سچ آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري جو سڀني لاءِ هو، آئينده جنهن کي هلڻو هو، جتان هلڻو هو، جنهن زماني ۾ هلڻو هو، ان ئي روشني ۾ هلڻو هو.

پوءِ جنهن جي روشني ۾ هلڻو آهي ان جي سيرت طيبه کي قرآن حڪيم اسان جي لاءِ بهترين نمونو قرار ڏنو آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:"لقد کان لکم في رسول الله اسوة حسنة" يعني"سچ پچ اوهان جي (هدايت) لاءِ خدا جو رسول سٺو نمونو آهي". گويا سيرت محمدي دنيا جو آئينو آهي جنهن کي ڏسي هر شخص پنهنجي جسم ۽ روح، ظاهر ۽ باطن، قول و فعل، زبان ۽ دل، رسم و رواج ۽ عادات و اطوار سڌاري سگهي ٿو جيئن ته سيرت محمدي عالمگير آئينو آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي ادب ۽ اخلاق لاءِ پنهنجي مذهب کان ٻاهر، پنهنجي رسول جي  سيرت کان جدا ڪنهن به شيءِ جي گهرج ڪونهي. قرآن حڪيم ۾ ڪيترين ئي جاين تي حڪم ڪيو ويو آهي ته انسان ڪامل، محسن انسانيت، حضور سرور عالم محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ ﷺ(فداه امي و ابي ونفسي) جي مثالي ڪردار ۽ ڪامل تعليم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري  ڪئي وڃي. خدا جي محبت جو اهل ۽ هن جي پيار جو مستحق اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو رسول پاڪ ﷺ جي پيروي ڪندو. جهڙي طرح قرآن حڪيم فرمائي ٿو:" ان ڪنتم تحبون الله فاتبعوني يحببکم الله". وري ٻي جاءِ تي فرمايو ويو آهي ته رسول جي اطاعت ڪيو اميد ته اوهان تي رحم ڪيو ويندو. اطيعوا الرسول لعلکم ترحمون.

جيئن ته حضرت نبي ڪريمﷺ جي سيرت طيبه عالمگير ۽ مثالي نمونو آهي، ان ڪري سندن تعليم به دائمي ۽ عالمگير آهي، جيڪا ڪاري ۽ گوري، عرب ۽ عجم، ترڪ ۽ تاتار، آقا ۽ غلام سڀني لاءِ عام آهي. جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ سڄي دنيا جو پروردگار آهي"الحمدالله رب العالمين" اهڙي طرح رسول به سڄي دنيا جو رسول رحمة للعالمين سڄي دنيا جي لاءِ رحمت آهي. سندن پيغام به سڄي دنيا جي لاءِ پيغام آهي.

سندن تعليم ته هڪ وسيع مضمون آهي جنهن کي ڪنهن مضمون ۾ پيش ڪرڻ مشڪل آهي پر نموني طور سندن ارشادات گرامي هيٺ ڏجن  ٿا، جن مان قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪريمن ﷺ جي ڏنل نظام حيات ۾ ايمان، اخلاق ۽ عمل کي ڪهڙي ريت پيش ڪيو ويو آهي.* ايمان جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، ان جي پاڙ اها آهي ته اوهين خدا کانسواءِ ڪنهن کي به معبود نه سمجهو ۽ آخري شاخ اها آهي ته اوهين رستي تي جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شيءَ کي ڏسو جيڪا خدا جي بندن کي تڪليف ڏيندي هجي ته ان کي هٽايو ۽ حياء به ايمان جو حصو آهي. * مؤمن اهو آهي جنهن مان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو نه هجي. * بهترين ايماني حالت اها آهي جو تنهنجي دوستي ۽ دشمني خدا جي واسطي هجي، تنهنجي زبان تي خدا جو نالو جاري هجي ۽ تون ٻين لاءِ اهو ڪجهه پسند ڪرين جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو.* توهان مان سڀ کان وڌيڪ ڪامل ايمان ان شخص جو آهي جنهن جا اخلاق سڀني کان سٺا آهن ۽ گهر وارن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۾ سڀ کان سرس آهي.* مؤمن ڪڏهن به طعنو ڏيندڙ، لعنت ڪندڙ، زبان دراز ۽ ڳالهائڻ جو خراب نه هوندو آهي.* اهو مومن ڪونهي، خدا جو قسم مومن ڪونهي، جنهن  جي بڇڙائي کان سندس پاڙيسري امن ۾ نه هجي. جيڪو ماڻهو ڪنهن ظالم کي ظالم ڄاڻي ان جو ساٿ ڏيندو ته اهو اسلام مان خارج ٿيندو. * جنهن ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نماز پڙهي ان شرڪ ڪيو، جنهن ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ روزو رکيو ان شرڪ ڪيو ۽ جنهن ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خيرات ڪئي ان شرڪ ڪيو. * اوهين ڇهن ڳالهين جي مون کي ضمانت ڏيو، مان اوهان کي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو. ڳالهايو ته سچ ڳالهايو، وعدو ڪيو ته وفا ڪيو، امانت ۾ خيانت نه ڪريو، بدڪاري کان پاسو ڪيو، بدنظري کان بچو ۽ ظلم کان هٿ کي روڪيو.* دوکي باز، بخيل ۽ احسان ڪري بيان ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به جنت ۾ نه وڃي سگهندو.* جنت ۾ اهو گوشت نه وڃي سگهندو جيڪو حرام جي لقمن مان تيار ٿيو هجي. حرام خوري مان پليل جسم جي لاءِ ته باهه ئي زياده موزون آهي.* ڪو شخص ڀلي ڪيترائي دفعا زندگي حاصل ڪري ۽ جهاد جي راه ۾ جهاد ڪري جان ڏيندو رهي، پر اهو جنت ۾ نه وڃي سگهندو، جيڪڏهن مٿس قرض هجي اهو ادا نه ڪيو هجيس. اهو شخص جنت ۾ داخل ڪو نه ٿيندو جيڪو پنهنجي ماتحت عملي تي خراب نموني حڪم هلائي.* جيڪو واپاري قيمتون چاڙهڻ لاءِ پنهنجو مال روڪي رکي اهو ملعون آهي. جنهن چاليهه ڏينهن اناج کي ان نيت سان روڪيو ته قيمتون چڙهن، ته هن جو خدا سان ۽ خدا جو هن سان ڪو تعلق ڪو نه رهندو. چاليهه ڏينهن اناج روڪڻ بعد جيڪڏهن ڪو ان انجاج کي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندو ته به معاف نه ڪيو ويندو.

دفتر تمام گشت و بيايان رسيد عمر

ماهمچنان در اول وصف تو مانده ايم

 

-------

حافظ خير محمد اوحدي

نَبِي سَردَار جِي سَارَاهه

 

هزار بار بشويم دهن بمشک و گلاب

هنوز نام تو گفتن کمال بي ادبي است

 

الله جي آخري رسول ۽ حبيب ٻنهي جهانن جي سردار حضور پرنور محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰﷺ جن جو مبارڪ نالو، جيئن سڀني کي معلوم آهي، محمد آهي يعني ساراهيل يا جنهن جي ساراهه ڪئي وڃي. اچو ته هن مقدس هستي ۽ ان جي ڪيل ساراهه تي مختصر نظر ڪريون. مگر ان کان اول اهو ڏسون الله جي حبيب کي ايڏي عزت ۽ عظمت ڇاجي ڪري حاصل ٿي آهي. جو خود خالق اڪبر به کيس ساراهي رهيو آهي ۽ مخلوق به سندس ساراهه ۾ رطب اللسان آهي؟.

حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن الله جا بندا صراط مستقيم ڇڏي، راهه کان بي راهه ٿي ويندا آهن ته الله تعاليٰ پنهنجن بندن مان هڪ خاص بندي کي منتخب ڪندو آهي جو راهه کان بي راهه بندن کي الله جي پاران راهه راست تي واپس اچڻ جو پيغام پهچائيندو آهي ۽ سندن ظاهري ۽ باطني اصلاح ڪري کين دوباره الله ڏانهن متوجہ ڪندو آهي. اهي خاص بندا الله جا رسول ۽ نبي هوندا آهن. اسان جو آقا ۽ موليٰ الله جو آخري رسول آهي. سندن ظهور  پر نور جي وقت سڄي انسان ذات لاءِ راه کان بي راه ٿي چڪي هئي. جنهن ڪري الله تعاليٰ پنهنجي آخري رسول تي سڄي انسان ذات جي هدايت ۽ اصلاح جي ذمه داري  رکي، جا حضور ﷺ جن پوري عزم ۽ حوصلي سان نباهي، جنهن جي صله ۾ الله تعاليٰ کين ايڏي عزت ۽ عظمت جو لائق ٺهرايو.

نبي سردار الله وٽان سندن بي راه بندن جي هدايت ۽ اصلاح جو جيڪو پيغام آندو، ان ۾ الله جي الوهيت، وحدت ۽ ربوبيت جو اظهار هو، محمد رسول الله جي رسالت جو اعلان هو ۽ اسلام کي الله جو پسنديده دين ٺهرايو ويو. انهيءَ پيغام قبول ڪرڻ يعني الله ۽ الله جي رسول جي فرمان برداري ڪرڻ جي صورت ۾ دنيوي  فلاح آخروي نجات جي بشارت ڏني وئي ۽ انڪار ۽ نا فرماني جي صورت ۾ آخرت جي غذاب جي ڌمڪي.

الله جو پيغام

بسم الله الرحمٰن الرحيم ط

ِان الدين عندالله الاسلام.

سچ پچ الله وٽ(پسنديده دين فقط اسلام آهي .

_______________

_______________

و الهڪم ِالہ واحد لا ِالہ ِالا هوالرحمن الرحيم

اوهان(سڀني) جو معبود (فقط) هڪ الله آهي، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. هو وڏو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي.

_______________

_______________

ان الله ربي و ربڪم فاعبدوه هذا صراط مستقيم.

در حقيقت الله(ئي) منهنجو(به) پروردگار آهي ۽ اوهان سڀني جو(به) پرودگار آهي تنهن ڪري(فقط) انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. اها(ئي) سڌي راه آهي.

_______________

_______________

شهدالله اَنہ لا اِلٰہ الا هو والملائڪة و اولوا العلم قائما بالقسط لا اِلٰة الا هو العزيزالحڪيمo

الله تعاليٰ  هن ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته سندس ذات پاڪ کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ”(اها شاهدي) ملائڪن ۽ علم وارن ماڻهن به ڏني آهي. هو اهڙو معبود آهي جو سڄو نظام ۽ انتظام اعتدال ۽ انصاف سان سنڀاليو ويٺو آهي. انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ڪو نه آهي. هو زبردست ۽ حڪمت وارو آهي.

_______________

_______________

قل اِنني هداني ربي ِاليٰ صراط مستقيم دينا قيما ملة  ابراهيم حنيفا وما ڪان من المشرڪين قل ان صلواتي و نسڪي و محياي و مماتي لله و رب العالمين.  لا شريڪ لہ و بذالڪ اُمرت وانا اول المسلمين.

(اي رسول!) اوهان(هنن کي ٻڌايو ته منهنجي پروردگار مونکي سڌي راه ڏيکاري اهي، جا ابراهيم (عليہ السلام) جي صحيح سڌي ۽ مستحڪم دين جي راه آهي. (۽ ابراهيم) مشرڪ نه هو.(اوهان هنن کي اهو به) ٻڌايو ته منهنجي نماز، منهنجي قرباني، منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ(فقط) الله جي واسطي آهي، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. هن جو ڪو به شريڪ ڪو نه آهي. مونکي انهيءَ اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ۽ مان سڀني کان پهريون مسلمان آهيان.

_______________

_______________

قل يا ايهاالناس اِني رسول الله ِاليڪم جميعان الذي لہ ملڪ السماوات والارض لا ِالہ ِالا هو يحيي و يميت فامنوا بالله و رسولہ النبي الامي الذي يؤمن بالله و ڪلماتہ واتبعوه لعلڪم تهتدون 0

(اي رسول!) اوهان (سڄي دنيا جي) انسانن کي ٻڌايو ته سچ پچ مان اوهان سڀني ڏانهن الله جي پاران موڪليل رسول آهيان، جنهن جي حڪومت آسمان ۽ زمين ۾ آهي ۽ جنهن کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ڪو نه آهي. اهو ئي جياري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو. تنهن ڪري اوهان اهڙي الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول تي به، جو نبي امي آهي ۽ جيڪو( پاڻ به) الله تي ۽ سندس احڪامن تي ايمان ٿو رکي. انهيءَ رسول جي پيروي ڪريو. اميد آهي ته اوهين سڌي راه تي اچي ويندا.

_______________

_______________

وعدالله الذين آمنوا منڪم وعملوا الصالحات ليستخلفنهم في الارض ڪما استخلف الذين من قبلهم وليمڪنن لهم دينهم الذي ارتضيٰ لهم وليبدلنهم من بعد خوفهم امنا يعبدونني  لايشرڪون بي شيئا و من ڪفر بعد ذالڪ فاولئڪ هم الفاسقون 0 و آقيموا الصلواة و آتوا الزڪواة و اَطيعوا الرسول لعلڪم ترحمون 0

الله تعاليٰ انهن ماڻهن سان وعدو ڪيو آهي، جن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا اٿن، ته کين دنيا ۾ بادشاهه بڻائيندو، جيئن هنن کان اڳين کي بادشاهه بڻايو هئائين ۽ سندس دين کي پختو ڪندو، جنهن کي هنن لاءِ پسند ڪيو اٿس ۽ هنن جي خوف کي امن ۾ بدلائيندو. هو (فقط) منهنجي بندگي ڪندا ۽ ڪنهن کي به مونسان شريڪ نه ڪندا ۽ هن کانپوءِ جيڪي نا شڪر گذاري ڪندا، اهي نافرمان آهن. نماز جي پابندي ڪريو. زڪواة ڏيندا رهو ۽ رسول الله جي فرمان برداري ڪريو. اميد آهي ته اوهان تي رحم ڪيو ويندو.

_______________

_______________

يا اَيهاالذين آمنوا اطيعوالله واِطيعوا الرسول و اولي الامر منڪم فان تنازعتم في شيءِ فردوه ِالي الله والرسول ِان ڪنتم تؤمنون بالله واليوم الآخر ذالڪ خير و اَحسن تا ويلا 0

اي ايمان وارو! الله ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهان مان جيڪي (اوهانجا) حاڪم آهن، انهن جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ جيڪڏهن پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ڪريو ته ان کي الله ۽ الله جي رسول ڏانهن رجوع ڪريو(سندن حڪمن موجب فيصلو ڪريو). بشرطيکه اوهانکي الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين هجي. اها چڱي ڳالهه آهي ۽ ان جو نتيجو تمام چڱو آهي.

_______________

_______________

لقد ڪان لڪم في رسول الله اَسوة حسنة لمن ڪان يرجوالله واليوم الاخر و ذڪرالله ڪثيرا0

سچ پچ اوهان جي لاءِ يعني انهن شخصن جي لاءِ جيڪي الله جي، ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکن ٿا ۽ الله کي گهڻو ياد ٿا ڪن، رسول الله جي رهڻي ڪهڻي ۾ بهترين نمونو آهي.

_______________

_______________

ما آتاڪم الرسول فخذوه و ما نهاڪم عنہ فانتهوا0

(اي مسلمانو!) رسول الله اوهانکي جيڪي ڏئي، سو هن کان وٺو ۽ جنهن کان منع ڪري، ان کان رڪجي پئو.

_______________

_______________

قل ِان ڪنتم تحبون الله فاتبعوني يحببکم الله ويغفر لڪم ذنوبڪم والله غفورالرحيم0

(اي رسول!) اوهان(هنن کي) چئو ته جيڪڏهن اوهان الله سان محبت ڪريو ٿا ته(مان) رسول جي پيروي ڪريو، ته الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهانجا گناهه بخشيندو. الله بخشڻهار ۽ مهربان آهي.

اسلام جي تبليغ

الله تعاليٰ نبي سردار کي مٿي ڄاڻايل پيغام ڏيڻ بعد حڪم ڏنو ته:

و اَنذرعشيرتڪ الا قربين

(اي رسول!) پنهنجن ويجهن عزيزن کي (الله جي عذاب کان) ڊيڄار.

ڪجهه عرصي کانپوءِ کين ان کان وڏي ۽ وسيع پيماني تي حڪم ڪيو ويو ته:

قم فانذر و ربڪ فڪبر

(اي رسول!) اُٿ تيار ٿي ۽ ماڻهن کي سندن بد عقيدتي ۽ بد عملي جي نتيجن کان ڊيڄار ۽ پنهنجي پروردگار جي عظمت ۽ ڪبريائي جو اعلان ڪر.

ٻنهي جهانن جي سردار الله تعاليٰ جي انهن حڪمن جي پوري پوري تعميل ڪئي. اول پنهنجن عزيزن قريبن کي گڏ ڪري، بت پرستي کي ترڪ ڪرڻ، الله کي هڪ ڪري مڃڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي هدايت ڪيائون، جا ڪن مڃي ۽ ڪن نه مڃي. پوءِ عام تبليغ شروع ڪيائون. سندن دستور هوندو هو ته مجلسن ۾، ڳوٺن ۾، ميلن جي موقعن تي ۽ قافلن جي پڙاءَ وارن هنڌن تي ويندا هئا ۽ ماڻهن کي اسلام جي تبليغ ڪندا هئا. مڪي جي مشرڪن (قريشن) کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي ته سندن دين ۽ سندن ابن ڏاڏن جي دين(بت پرستيءَ) جي بيخ ڪني ڪئي وڃي ۽ هڪ نئين دين(اسلام) جي پيروي ڪرڻ ۾ اچي. جنهن ڪري حضور ﷺ جن جي مخالفت ڪئي. هو حضور ﷺ جن جي پٺيان ويندا هئا ۽ ماڻهن کي حضور ﷺ جن کان برغلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

حضرت ابو طالب سائين جو ڪردار

بار بار سندن چاچي حضرت ابو طالب سائين وٽ وڃي، کيس حضور جن کي اسلام جي تبليغ کان منع ڪرڻ لاءِ  چوندا هئا. مگر حضرت ابوطالب حضور ﷺ جو سچو عاشق هو. انهيءَ ڪري پاڻ مسلمان نه هجڻ جي باوجود هميشه حضور ﷺ جن جي حمايت ڪندو هو ۽ سندن عزم ۽ استقامت ڏسي، کين تبليغ کان منع ڪرڻ بدران مشرڪن کي ٽاري ڇڏيندو هو.

آخر مشرڪ حضرت ابو طالب کان اها تقاضا ڪرڻ لڳا ته پنهنجي ڀائٽي جي مدد تان دست بردار ٿيءِ ۽ کيس اسانجي حوالي ڪر. مگر حضرت ابوطالب پنهنجي ڳالهه تي ثابت قدم رهيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ حضور ﷺ جن جي حمايت تي سندرو ٻڌي بيٺو. پنهنجي مشهور قصيدي جي آخر ۾ چوي ٿو:

لعمري لقد ڪلفت وجدا با حمد

 واخوانہ راب المحب المواصل

مونکي پنهنجي حياتيءَ جو قسم، جهڙي حالت دائمي محبت ڪرڻ وارن جي هوندي آهي (منهنجي حالت به اهڙي آهي) ۽ مان احمد (ﷺ) ۽ سندس ڀائرن جي عشق ۾ مبتلا آهيان.

فلا زال في الدنيا جمالا لاهلها

وزيناً لمن والده رب المشاڪل

هڪ ٻئي سان مشابهه شڪل ۽ صورت بنائڻ وارو پروردگار، احمد(ﷺ) ۽ سندس ڀائرن سان تعلقات رکڻ وارن جي لاءِ دينوي حسن و جمال کي هميشه قائم رکي ۽ هن، جن ماڻهن جي سرپرستي ڪئي آهي. انهن جي زيب زينت کي بقاءَ ۽ دوام عطا ڪري.

فمن مثلہ في الناس اي مؤمل

اذا قاسہالحڪام عندالتفاضل

احمد(ﷺ) جهڙو ماڻهن ۾ ٻيو آهي ڪير؟ فيصلي ڪرڻ وارن جڏهن فضائل ۽ محاسبن جو مواز نو ڪرڻ واسطي هن(جي عزت ۽ مرتبي) جو اندازو لڳايو ته انهن ماڻهن، جن سان اميدون وابسته  ڪيون وينديون آهن، منجهس هڪ قسم جي عظمت ڏٺي.

حليم، رشيد، عادل، غير طائش

يوالي الهاً ليس عنہ بغافل

(هو بردبار، سڌي رستي تي هلڻ وارو ۽ منصف مزاج آهي، جلد باز نه آهي ۽ اهڙي معبود سان تعلقات قائم رکڻ وارو آهي، جو هن کان غافل نه آهي).

فوالله ان اجيءُ بسبة

تجر عليٰ اشياخنا في المحافل

(خدا جو قسم، جيڪڏهن منهنجي اسلام قبول ڪرڻ سبب مونکي مجلسن ۾ منهنجن وڏن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو خوف نه هجي ها).

لڪنا اتبعناه عليٰ ڪل حالة

من الدهر جدا غير قول التهازل

(ته اسين هن جي پيروي ضرور ڪريون ها، خواه زماني جا حالات ڪهڙا به هجن ها. مون اها حقيقت بيان ڪئي آهي. مذاق نه ڪيو اٿم).

لقد علموا ان ابننا لا مڪذب

لدينا ولا يعنيٰ بقول الاباطل

(سڀني کي خبر آهي ته(حضور ﷺ تي ڪوڙ جو الزام لڳائڻ وارو اسان ۾ ڪو به ڪو نه آهي، ۽ ڪوڙن الزام لڳائڻ وارن جي ڳالهه تي ته ڪو توجهه ئي نه ڏيندو آهي.

فاصبح فينا احمد في ارومة

تقصر عنہ سورة المتطاول

(اسان ۾ احمدﷺ) اهڙن جڙن مان ظهور ڪيو آهي(اهڙي پيءَ ماءُ مان پيدا ٿيو آهي) جو مخالفن جون سختيون هن کي نقصان پهچائڻ ۽ سندس رتبو گهٽائڻ کان قاصر آهن.)

حد بت بنفسي دونہ وحميتہ

ودافعت منہ بالذر او الڪلاڪل

(هن جي مدافعت خاطر مون پنهنجي جان خطري ۾ وڌي ۽ پنهنجي پٺيءَ جي سڀ کان بلند حصي ۽ پنهنجي سيني جي سڀ کان وڏي حصي(پنهنجي سڄي جسم ۽ سموري قوت) سان هن جي حفاظت ڪئي اٿم).

فايده رب العباد بنصره

و اظهر دينا حقہ غير باطل0

(پوءِ بندن جي پروردگار سندس مدد ڪئي ۽ پنهنجي سچي دين کي جو باطل نه آهي، غلبو عطا فرمايائين).

قريشن حضور ﷺ جن کي بت پرستيءَ جي مخالفت يا اسلام جي تبليغ تان دست بردار ڪرڻ لاءِ هر قسم جا حربا ڪيا. لالچون ڏنائون. عرب جي بادشاهي، دولت، خوبصورت ڪنواري زال وغيره جون آڇو آڇيائون. جڏهن حضور ﷺ جن سندن سموريون آڇو ٺڪرايون ته دٻاء کان ڪم ورتائون. ذهني ۽ جسماني اذيتن ڏيڻ جون ڪوششون ڪيائون. تهمتون رکيائون ۽ قتل جو منصوبو ٺاهيائون. مگر هنن جي ڪنهن به حرڪت حضور ﷺ  جن کي متاثر نه ڪيو پاڻ ڏينهون ڏينهن اڳي کان به وڌيڪ عزم ۽ استقلال سان ڪم ڪندا رهيا. حضرت ابوطالب ڪڏهن ڪڏهن کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اسلام جي تبليغ کي ترڪ ڪرڻ لاءِ نه، پر تبليغ ۾ نرمي اختيار ڪرڻ يعني بت پرستن ۽ بت پرستيءَ  جي مذمت نه ڪرڻ لاءِ. هڪ دفعي قريشن کي ڪنهن وڏي فتني تي آمادو ڏسي، حضور ﷺ جن کي چيائين ته "پٽ! پاڻ تي به رحم ڪر. مون تي ايڏو بوجهه نه رک، جو مان کڻي نه سگهان". ان تي حضور ﷺ جن کي خيال اچڻ لڳو ته شايد چاچو منهنجي حمايت تان دست بردار ٿيڻ جو ويچار ڪري رهيو آهي. سو حضرت ابو طالب کي چيائون ته:

ياعم، والله لو و ضعوا الشمس في يميني والقمر في ليساري عليٰ ان اترڪ هذا الامر حتيٰ يظهرالله اواهلڪ فيہ ما ترڪتُہ0

چاچا سائين: الله جو قسم، جيڪڏهن هو منهنجي ساڄي هٿ تي سج ۽ کاٻي هٿ تي چنڊ آڻي رکن، ته مان هن ڪم(اسلام جي تبليغ) کي ترڪ ڪريان، ته مان ان کي ترڪ نه ڪندس. جيستائين يا ته الله تعاليٰ اسلام کي غلبو عطا ڪري، يا مان تبليغ ڪندي مري وڃان.

اها ڳالهه چوڻ وقت حضور ﷺ جن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ وڃڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا، ته حضرت ابو طالب کين دوباره ويهاري، سندن دلجوئي ڪئي ۽ کين چيائين ته"پٽ! وڃ ۽ جيئن وڻيئي ، تيئن وڃين چؤ، خدا جو قسم، مان ڪڏهن به تنهنجي حمايت تان دست بردار نه ٿيندس ۽ نه توکي دشمنن جي حوالي ڪندس".

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com