خدا بخش مغل ”مير“ سنڌي
رات جي سناٽي ۾ اڪثر پل پل پُور ستائن ٿا!
سُور مڙي ڄڻ سيني اندر، باهه وڏي ڀڙڪائن ٿا!
خبر نه ڪيئن ٿو ساهه وڃي آخر ڪو سانت ڪري،
جڏهن وڃي ڪو نيڻ نڀاڳا ڇم ڇم نير وسائن ٿا!
هر هر مَليان سينو، ساعت ساعت پر نه ٽَري!
خبر نه ماڻهو ڪيئن دل پنهنجي باتين سان بَهلائن
ٿا!
خبر نه ڇو ڄڻ محب ڇڙي پيا، چَريا ٿي ارمان!
خبر نه دل کان ڪهڙو آخر پنهنجو وير چُڪائن ٿا!
ڪهڙو مقصد! ڪهڙي نيت، پڇبي تن جي دوست!
قدم قدم تي، جي ڄڻ هر هر سئو سئو رنگ مٽائن ٿا!
وصل جا وعدا اُڏري اُڏري، نيٺ ته ٿي خاموش!
موٽي عرش منجهان ڄڻ هن ڌرتيءَ سان سر ٽڪرائن ٿا!
عجب وفا جا سڏ پڙاڏا، گرجي ڄڻ گجگوڙ!
سوچ ته ڄڻ ڪو هن ڌرتيءَ جو جنم جنم جاڳائن ٿا!
عجب ارادا، دردونديءَ دل جا ارڏا ۽ بي خوف!
ڏس ته اچي ڪيئن عام اڳيان ڄڻ سر جو هوڪو لائن ٿا!
عجب دکن جا داغ پريان کان پڌرا پڌرا عام!
مگر تڏهن پڻ دامن آڏو ڏيئي ڄڻ ته لڪائن ٿا!
سيئي ”مير“ ڏٺاسون منزل، مڙندي، ٿيندي ”مير“!
عقل ڇڏي جي عشق تي پنهنجو سڀڪجهه داو لڳائن ٿا!
الطاف حسين آگرو
واٽ ويندي مون ڏٺو،
هڪ ڇوڪر ڇولا وڪڻندي،
مون سوچيو،
هي ڇوڪر ڇولا نه پر،
پنهنجو آئيندو ٿو وڪڻي.
فتح محمد چانگ ”راهي“
اڱڻ يار پنهنجا اوتارا ڇڏياسون،
سڄڻ جي ڪري سڀ سهارا ڇڏياسون.
اُگهڻ ڪونه آئيين تون ڳلڙن تان ڳوڙها،
ڪري پاند آلا پيارا ڇڏياسون.
ڪيون ياد هڪ جاءِ تي ويٺا هردم،
اچڻ ۽ وڃڻ جا اشارا ڇڏياسون.
ڏسي حال هيڻو ڪا آثت ڏيو ها،
بهارن ڪئي بس نظارا ڇڏياسون.
هوائن سندا رخ سگهياسون نه موڙي،
ڪٿي ڏور سائين ڪنارا ڇڏياسون.
اچي راهه ۾ ڪو مليو هوم ”راهي“،
نه ڄاڻان ڪٿي قرب وارا ڇڏياسون.
”بيوس“ بازيد پوري
سڄڻ جي سونهن تي سهسين ستارن پئي ڌڪا کاڌا،
محبت ۾ محو ٿي ماہ پارن پئي ڌڪا کاڌا.
ڪَچو ڪَڇَ ۾ کڻي ڪامڻ، گهڙي ريءَ گهيڙَ درياه ۾،
ٻُڏي پو ٿي پيا ٻيڻا، ڪنارن پئي ڌڪا کاڌا.
سسئي سر جو کڻي سانگو، پنهل لئيه پَنڌَ پو پيئي،
پُڇائيندي وئي پِرَ جو، ڌنارن پئي ڌڪا کاڌا.
مِٺن مارن سندي مارئي، ملائي مولا مارن کي،
گلن سان ويو ملي گُل، باقي خارن پئي ڌڪا کاڌا.
نه ڀُورن سان ڏٺم ڀيڙا، نه ڪارن جي هئا ڪَڇَ ۾،
هتي سُهڻن توڙي ڪوجهن ۽ ڪارن پئي ڌڪا کاڌا.
سڄو ڏينهن رات آهُن ۽ ايلاهُن ۾ گذاري پو،
روئي رستا نهاري، رهگذارن پئي ڌڪا کاڌا.
شهنشاهه شوق ۾ شيدا، گداگر گهوٽ جي دَر تي،
ٻاراڻا ٻول ٻولي ڄڻ ته ٻارن پئي ڌڪا کا.
متان محبوب منڱرين ڏي، ميارون ڪي مُنجو، مٺڙا،
درِ دلبر تي مون پارن، هزارن پئي ڌڪا کاڌا.
محمد رمضان ڪمبوهه ”زلفي“
سڄڻ جي سونهن تي سهسين ستارن پئي ڌڪا کاڌا!
نه هو ثاني سندس ڪو، ماهه پارن پئي ڌڪا کاڌا!
حسن تنهنجي جي جڳ ۾ هاڪ اڄ اهڙي متي آهي،
سندءِ ديدار لئي سهڻا، هزارن پئي ڌڪا کاڌا!
ٻڌي دلبر جي آمد جو ٿيو پيدا اشتياق اهڙو،
انهي ڏس ۾ پريشان رهگذارن پئي ڌڪا کاڌا!
حسن جي اڄ لڳي آهي عدالت عاشقن جي لئه،
پنهنجي شنوائيءَ جي لئه، عرضدارن پئي ڌڪا کاڌا!
لب بام اڄ ٿيو نروار حسن آهي ته صدين ۾،
سندس هن ديد لئي يارو! نظارن پئي ڌڪا کاڌا!
منهنجي ڪشتي کي ساحل جي نه ڪا حسرت هئي هرگز،
انهيءَ ئي شوق ۾ ساگر ڪنارن پئي ڌڪا کاڌا!
ڪيا وعدا وفا تو ڪين صنم سان دلربائي جا،
وفا جي آس ۾ ور ور قرارن پئي ڌڪا کاڌا!
فضا ۾ گونججن آهون ۽ دانهون درد وارن جون،
نه توکي رحم آيو، دلفگارن پئي ڌڪا کاڌا!
گهلي ظالم هوا ڪهڙي، جو ٿيو گلشن سڄو ويران،
جو غلبو ٿيو خزان جو ۽ بهارن پئي ڌڪا کاڌا!
تنهنجي هن ڪج ادائي کان ٿيو بيزار آهه ”زلفي“،
نه ٿيو واهر وسيلو، سازگارن پئي ڌڪا کاڌا!
امير بخاري
ڪارڻي
نور مبارڪ
ڪيو عرض جابر ته: يا مصطفيٰ!
اول چيز ڪهڙي بڻائي خدا؟
ٻڌائي جوابن حقيقت حضور،
”سندم نور پيدا ڪيو اڳ ۾ نور .
هي مانڊاڻ سارو مَنڊيو پو ويو،
جهانن شروع پنهنجو ڪم پو ڪيو“.
ابن ساريه جو هي آهي بيان:
ته فرمائيو شاه هر دوجهان،
”چڪو هوس ٿي خاتم الانبيا،
تهان پوءِ آدم جا جڙيا جزا“.
ٻڌائي خبر ٿو عمر رضه بن خطاب:
”ٿيو ڀُلَ جو آدم کان جيئن ارتڪاب.
چيائين خدا يا معافي ملي،
وسيلي محمّد مٺي ڄام جي.
خدا پاڪ آدم کان تنهن دم پڇيو:
محمد مٺي کي تو ڪاٿي ڏٺو؟
اڃا جيڪو پيدا ڪيو ناهه مون،
انهي جي خبر ڪيئن ڄاڻين ٿو تون؟
ڪيو عرض آدم ته يا ذوالجلال،
ڏني مون کي جيئن سونهن تنهنجي جمال.
ڏٺو مون کڻي تيئن منهن عرش ڏي،
ته پهرين نطر پئي سندس نانو تي.
حقيقت ٻڌائي ٿو حاڪم ٻڌو
لکيل عرش تي نانءُ آدم ڏٺو.
چيو کيس خالق اي ابوالبشر،
انهي جي ئي صدقي اچين ٿو نظر.
امان آمنه ٻن جيئن سان هئي،
ته ان خواب ۾ هي بشارت ٻڌي.
سندءِ پيٽ ۾ آهه حضرت حضور،
ڄمي تيئن چئجان اعيذڪ ضرور.
سندس نانءُ رکجان محمد کڻي،
اها ڳالهه مون کي پسند آ گهڻي.
لکيو آهه سيرت ۾ ابن هشام،
امان آمنه جو سڳورو ڪلام.
”سندم پيٽ ۾ هئو محمد مٺو،
تڏهن مون نئون نُور هڪڙو ڏٺو.
سندس روشني ۾ ٿي نظريو شهر،
چٽي مون کي آئي ٿي هر شئي نظر.
ولادت مبارڪ
لکن ٿا ڄميو ڄام سومر جي ڏينهن،
ڪئي وس پره ويل رحمت جي مينهن.
لکن ٿا ته ٻاويهه تاريخ هئي،
اڪتهر ۽ پنج سو جي اپريل جي.
مڪي پاڪ ۾ نور ظاهر ٿيو،
محمد ۽ احمد سڏيو جو ويو.
امان آمنه جي ڀري رَب جهول،
ٻڌايا ڄمڻ سان مٺي مٺڙا ٻول.
شفا شاهدي هي ڏئي ٿي سچي،
ڄميو ڄام رحمڪ ڀڻڪ مون ٻڌي.
قصائص ۾ تحرير آ هي قصو،
ملائڪ ٿي پينگهو سندس لوڏيو.
ڪري ڪوٽ ڪسريٰ جا ڪنگرا پيا،
وسامي ويا فارس جا آتشڪدا.
ولادت سندس تي اهو معجزو،
انهي دور جي خلق ساري ڏٺو.
چيو هر بشر؛ شان وارو آ ٻار،
وڏو ٿي وڏو ٿيندو با اختيار.
ورهايون مٺايون سڄي خاندان،
مبارڪ مبارڪ چيو هر زبان.
اٺين ڏينهن آئي حليمه هلي،
مليو هنج ۾ کيس سهڻو نبي.
ننڍپڻ مبارڪ
حليمه ٻڌائي ٿي هن ريت حال،
اهو سال ڏاڍي ڏُڪر جو هئو سال.
سڄي طائفه ۾ هئي بک ئي بک،
وٺا مينهن وانگر ٿي هر طرف ڏک.
بکن ۾ سُڪي وئي هئي هر سُئا،
سندم لَپ چُڪي جا رهيا ها بُبا.
رهيو ٿي بکيو منهنجو لختِ جگر،
چيم ٻيو کپي پيٽ خاطر مگر.
ملي ڪو ستابي سکئي گهر جو ٻار،
سٺو ٿي وڃي جيئن سندم روزگار،
مڪي ٿيس رواني گڏهه تي چڙهي،
گڏهه جيڪا مڙهه جيئن ڏٻري هئي.
ويون عورتون تيز اڳتي وڌي،
حليمه شُدي پٺتي رهجي وئي.
اڳي سو تَڳي واري ٿي ويئي ڪار،
مليا عورتن کي رئيساڻا ٻار.
يتيمي محمد جي مون کي ملي،
کنيم پر کنيم سا گهڻو رنج ٿي.
بُبُا منهنجا ڀرجي ويا کير سان،
محمد جي برڪت ڏٺي مون عيان.
سڳوري سندم پيتو هڪڙو بُبو،
کڻي اک نه هن ٻئي بُبي ڏي ڏٺو.
مون سمجهيو، نه کاڌائين حق ڀاءُ جو،
ڪيو ڪنهن نه اهڙو ڪڏهن فيصلو.
ڏٺم ڏاچي مڙسم جي وهڪي ويل،
ڏُهڻ بعد ڀي کير سان دَڇ ڀريل.
چيو مڙس منهنجي حليمهَ هي ٻار،
وڌائيندو پنهنجو رزق، روزگار.
مڪي مان روانا ٿياسين جڏهن،
گڏهه واءُ وانگر ٿي ويئي تڏهن،
چيو سرتين اي حليمه ٻڌاءِ،
گڏهه جي حقيقت سموري سڻاءِ،
چيم: ٻار هن جون اٿم برڪتون،
محمد جون اهن اهي رحمتون.
ڀڳس گهر ڀريل اوه ٻڪريون ڏٺم،
ٿيا ٿڻ نه خالي ڏُهي ٿي ڏُڌم.
وڌايو ائين ڀاڳوند منهنجو ڀاڳ،
حياتي وئي ٿي خوشين وارو راڳ.
محمد اسان وٽ رهيو جيڪي سال،
اسان جا ڀلي جا ٿيا کوڙ ڀال،
سندس ڳالهائڻ جي ٿي ابتدا،
ته الله اڪبر اکر مون ٻُڌا.
سينه چاڪ واقعا
رضائي برادر سان گڏ مصطفيٰ،
حليمه جو ڌڻ جيئن چارڻ ويا.
اڇي ويس وارن اچي اجنبين،
محمد کي ليٽائيو ٻن ڄڻن.
ڏسي ڏيک ڏهڪاءُ جو ٻارڙي،
کڻي ڊوڙ پاتي تکي ماءُ ڏي.
ٻُڌي حال پُٽ کان حليمه ڊني،
محمد ڏي حارث سان گڏ واءُ ٿي.
نظر آيو نينگر انهن کي ڊنل،
سندس منهن مبارڪ هئو ڊپ کان لٿل.
حليمه پڇي ٻار کان ماجرا،
محمد ٻُڌايا اُهي واقعا.
”ڄڻن ٻن کڻي مون کي ليٽائيو،
انهن سينو چيري اُتان ڪجهه ڪڍيو.“
-
حليمه ٻڌائي ٿي پنهنجو قصو،
ته منهنجو ويو ٿي مٿو وائڙو.
محمد جي مون کي ٿي ڳڻتي پئي،
وٺي کيس ورتم مڪي جي گهٽي.
وڃي نيٺ پهتيس محمد جي گهر،
امانت امڙ جي ڏنم کيس، پر.
چيو آمنه ”اي حليمه! هي ڇا؟
اڃا سال کن ڪو رهائينس ها.“
چيم ”ٿي ويو چست چالاڪ آهه،
سندس تربيت ۾ ڪمي ڪابه ناهه.“
چيو پاڪ بيبي ”حقيقت ٻڌاءِ!
حقيقت جو ذرو نه مون کان لِڪاءِ.“
ٻڌايم امڙ کي ڪهاڻي سڄي،
محمد تي جيڪا وهي واپري.
چيو مُرڪندي آمنه ”اي ادي!
اجائي تو ڳڻتي ڪئي آ چري.
سندم لاڏلو آ خدا جو حبيب،
مٿاهون سندس آهه رتبو نصيب.
انهي جو نگهبان آهي خدا،
ڪندا کيس بدروح، انسان ڇا؟
نه ڪر ڪوبه ڊپ ڊاءُ خوف ۽ خطر،
وڃي پال منهنجو پيارو پسر.“
وٺي کيس آيس وري طائفه،
وسايو سندم گهر دُرء آمنه.
لکيو آهه سيرت ۾ ”ابن هشام“،
دفعا چار ٿيو ”سينه چاڪ“ اهتمام.
دفعو پهريون مرسل جڏهن ٻار هئو،
عمر سال ڏهه هئي تڏهن ٻيو دفعو.
نبوت ملڻ وقت ٽين واردات،
دفعو چوٿون ٿي ڪا معراج رات.
لکيو آه سيرت ۾ عبدالعزيز ،
هئا لاهڻا چار پردا دبيز .
ٿيو ننڍپڻ ۾ اول واقعو،
انهي شوق کيڏڻ جو دل مان ڪڍيو.
جواني جي واقعي سان شوخي وئي،
خدا جي رضا ٿي طبيعت پئي.
جراحت حرا غار ۾ ٽين هئي،
وحي جي کڻڻ جي انهي سگهه ڏني.
وري ”وَدٺُڪ“ ٿي جا معراج رات،
محمد تي تنهن ڪئي عيان ڪائنات.
جواني کان نبوت تائين
جڏهن سال پندرهن سندن ٿي ڄمار،
قريش ۽ يهودين ۾ چمڪي ترار،
انهي جنگ ۾ پاڻ شامل هئا،
قريشين جي ويرين سان وڙهندا رهيا.
بچايائون تيرن کان ڪيئي جوان،
وڙهيا جنگ چاچن جا ٿي نگهبان.
ڄمڻ کي ٿين جيئن پنجويهه سال،
لڳا تاجرن جا ٻَڌڻ پاڻ مال.
مڪي پاڪ جي هڪ وڏي شاهوڪار
ٻڌي شوق صادق جي جيئن جو پچار،
اُماڻيو محمد ڏي پنهنجو غلام،
تجارت جا طئه ٿيا شرائط اصول.
روان کڻي مال ٿيا شام ڏي،
روانا قافلو هو سڌي راهه تي.
ڏٺو ميسره ڏيک ڪيئي دفعا،
ملائڪ محمد تي ڪن ڇانوَ پيا.
وڃي شام ويجهو رسيو قافلو،
اتي هڪڙي وڻ هيٺ ڊاٻو ٿيو.
نظر پئي محمد تي نسطور جي،
پڇا ميسره کان انهيءَ هيءَ ڪئي:
”ڀلا نوجوان هي نئون ڪير آ؟
سندس ۽ قبيلي جو نالو آ ڇا؟“
چيو ميسره ”هيءُ قريشي جوان،
محمد، وڏو رحمدل مهربان.
سندم ڪاروان جو نئون آ امير،
سندس شخصيت ڏاڍي آ دلپذير.“
چيو ميسره کي عبادت گذار:
”محمد اٿيئي وڏو نامدار.
وهي ٿو سگهي هت فقط ڪو نبي،
اها وڻ هن جي آ شهرت رهي
اوهين نوجوان جي حفاظت ڪجو،
رسائي متان هن کي تڪليف ڪو.“
تجارت سندن ٿي گهڻي سودمند،
دَيانت محمد جي ڪئي جڳ پسند.
خديجه (رضه) ڪمايو نفعو ٻِيڻ تي،
خوشي ٿي سڳوريءَ جي ساهه کي.
سفر جو خديجه سمورو قصو،
وڏي ڌيان سان ميسره کان ٻڌو.
خديجه محمد جي سيرت سڄي،
بيان سوٽ
پنهنجي وڏي سان ڪئي.
چيو ورقہ جي آ سچو هي بيان،
محمد نبي ٿيندو آخرالزمان.
خديجہ ڪري پنهنجي دل سان صلاح،
مُڪو مصطفيٰ ڏي پيامِ نڪاح،
”گهران ٿي اوهان مون سان شادي ڪريو،
پڇاڙي ۾ دل کي خوشي بخشيو“.
محمد پيامِ محبت مڃيو،
ٿيو جلد شادي جو طئه مرحلو.
عمر گهوٽ جي سال پنجويهه هئي،
تڏهن ڪنوار هئي وره چاليهه جي.
رهبو ساٿ جوڙي جو پنجويهه سال،
تهان پوءِ بي بي جو ٿيو انتقال.
انهيءَ ماءُ جي ڌيءَ زهره بتول،
وڏي مان واري هئي بنت رسول.
پرين جي عمر جيئن پنجٽيہ ٿي.
سندس سونهن سرهاڻ پکڙي گهڻي.
ڪيائون ٿي ڪعبي جي تعمير نو،
ٿي پيدا پٿر جو پيو مسئلو.
چيو هڪ اهو مان کڻي کوڙيان،
چيو ٻئي ته مان ڇونه ڀت ۾ رکان؟
وڌو گوڙ ڏاڍو انهي اختلاف،
ترارن ڇڏيا پنهنجا لاهي غلاف.
اتي هڪڙي پوڙهي مشورو ڏنو،
اهو هر ننڍي ۽ وڏي کي وڻيو.
”سڀاڻي هتي جيڪو اڳ ۾ اچي،
اهو فيصلو هن ڦڏي جو ڪري.
ڪئي ڳالهه سڀني مڙهي جي قبول،
ويو ختم ٿي بحث تنهن دم فضول.
صبح جو ڏٺو لوڪ حاضر حضور،
سڀن جو ويو شڪ شبهو ٿي دور.
ڪيو حڪم صادر امانت ڌڻي،
اچو ڪا وڏي هڪ چادر کڻي.
اچي ويئي چادر وڏي ان مهل،
رکيو ان تي ”اسود حجر“ خود مٺل.
کڻارائي چادر سڀن کان سڄڻ،
لڳا پاڻ پٿر سو ڀت ۾ رکڻ.
چيائون اوهان کان اجازت ملي،
ته جيئن حجر اَسود رسي جاءِ تي.
خوشي سان سمورن اجازت ڏني،
محمد ڇڏيو ائين جهڳڙو ڇني.
(باقي آئنده)
ڪهاڻيون
ڪبر سومرو
پيار ۽ حقيقت
”هن دنيا ۾ زندگيءَ جو راز هٿ ڪرڻ ئي اهم آهي!“
جبل جي چوٽيءَ تان وهندڙ آبشار چيو. ”عشق ئي
زندگيءَ جو راز آهي، اهم اصول آهي، ان کي ورتو
وڃي.“ جبل ڄڻ پنهنجي ٿلهي آواز ۾ رڙ ڪئي.
|