سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :10

هڪ ٻي لهر اُٿي، ٻيڙيءَ جو توازن بگڙي ويو ۽ نهايت خراب نموني لوڏا کائڻ لڳي. جهاز جي بٺيءَ ۾ ڪوئلا وجهڻ وارو هڪڙو ديوَ جهڙو حبشي ٿيڙ کائيندو وڃي ٿرڊ آفيسر سان ٽڪريو. ٿرڊ آفيسر جا پير نڪري ويا. هڪڙي خوفناڪ دانهن بلند ٿي ۽ هو سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڪريو. جوهن ليويا ان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. طوفاني موجون اک ڇنڀ ۾ ان کي ڪٿان جو ڪٿي کڻي ويون. عين انهيءَ وقت ڪنهن ملاح جي هٿ مان ونجهه ڇڏائجي ويو ۽ برلياڪ جي مٿي ۾ اچي لڳو. هو چڪرائجي وڃي ڪريو. کيس ڏينهن جا تارا نطر اچڻ لڳا ۽ پوءِ سندس ذهن تاريڪين ۾ گم ٿي ويو. ٻن ملاحن ان کي اتان اٿاري هڪ طرف آرام سان سمهاري ڇڏيو.

ٿرڊ آفيسر جي موت کانپوءِ سيڪنڊ انجنيئر جوهن ليويا ڪمان سنڀالي. اهو ڊگهي قد ۽ مضبوط جسم جو مالڪ هو. لوڏا لما کائيندڙ ٻيڙي آهستي آهستي جهاز کان پري وڃڻ لڳي.

پرهه ڦٽي ته هر شخص مٿي کان پيرن تائين پُسيل هو ۽ ناقابلِ برداشت  سرديءَ سبب هڏن جي مکُ به ٿڙڪي رهي هئي. سڄي رات طوفاني لهرن سان مقابلي سڀني کي بيحال ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن ۾ به رڳو هٿ پير چورڻ جي به طاقت نه هئي، تنهن هوندي به هو زنده هئا ۽ اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي.

سج جي گرمي جڏهن جسم ۾ پهتي تڏهن بيسل سٿرلينڊ اکيون مهٽيندو اٿي ويٺو. کيس ڪافي دير تائين پنهنجي زنده بچي وڃڻ تي ته يقين ئي نٿي آيو. آهستي آهستي ذهن تي ڇانيل ڌنڌ صاف ٿيو، ته پنهنجي اوس پاس جو به جائزو وٺڻ لڳو. سندس ڀر ۾ برلياڪ اڃان بيهوش پيو هو. رات ڪنهن شخص سندس مٿي تي رومال ڇڪي ٻڌي ڇڏيو هو. صبح جي روشنيءَ ۾ ان تي ڄميل رت جا وڏا وڏا داغ نظر اچي رهيا هئا. بيسل بي اختيار هٿ ڊگهيري ان کي ڪلهي کان پڪڙيو ۽ آهستگيءَ سان ڌونڌاڙڻ لڳو.

”بيوقوف! هن کي ڪجهه نه چئو.“ ڪرنل ڪارڊن دانهن ڪئي. ”ڏسين نٿو ته هو گهري ننڊ ۾ پيو آهي.“

ڪرنل ڪارڊن جي ڌيءُ بونيٽي ڪارڊن هڪ طرف نِوڙي، پنهنجي پيءُ جي آغوش ۾ مٿو رکي، ويٺي ئي ويٺي ننڊ ڪري رهي هئي....

بسيل يڪدم پنهنجو هٿ پوئتي هٽايو ۽ منهن ٻئي پاسي ڪري ويهي رهيو.

ڪرنل ڪارڊن جي رڙ تي ”ويدراس“ جي به اک  کلي وئي. هو هڪ سٺو خواب ڏسي رهيو هو. ڏکڻ آفريقه ۾ ان جي ڀاءُ جون سونَ جون کاڻيون نڪتيون هيون ۽ هو برازيل ۾ پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري، ان سان ڀائيوار بنجي ويو هو. ٻنهي جي وچ ۾ اڃان شرط طئي ٿي رهيا هئا ته ڪرنل ڪارڊن ۽ بسيل جي آواز سندس خواب جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي سينوليڊا ڏانهن ڏٺو. هوءِ اڃان تائين گهري ننڊ ۾ هئي...

ٻئي ڏينهن منجهند جو هوا جو زور ٽُٽي ويو ۽ ٻيڙي پرسڪون لهرن تي هلڻ لڳي. بسيل ۽ هانسي ٻئي ڄڻا ونجهه هڻي رهيا هئا. پري پري تائين پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي آيو. هانسي سمنڊ جي ويران وسعتن تي نظر ڊوڙائي چيو، ”صورتحال ڏاڍي تشويش ناڪ آهي جناب، دعا ڪيو ته اسان جلدي ڪنهن ٻيٽ يا سُڪيءَ تائين پهچي وڃون. ٻيءَ صورت ۾ بُک ۽ اُڃ اسان کي زنده درگور ڪري ڇڏيندي. جوهن ليويا صبح چوي پيو ته هزار يا پندرهن سئو ميلن تائين ته ڪنهن به ٻيٽ جي موجودگيءَ جو امڪان ئي ڪونهي.“ بسيل خاموش رهيو. هانسي وري چيو، ”شيدي ملاحن جي چرپر مشڪوڪ آهي. مون کي هارلم ته اصل نٿو وڻي. انکي سفيد فارم ماڻهن کان سخت نفرت آهي. جهاز تي به هر آفيسر سان ڳنڍجي پوڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هتي به ضرور ڪونه ڪو رنگ لائيندو. اسان کي بلڪل خبردار رهڻ گهرجي. هو متان سياه فام ملاحن کي ڀڙڪائي خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي ذخيري تي قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش نه ڪري. ٿرڊ آفيسر کي ڌڪو ڏئي سمنڊ ۾ ڪيرائڻ وارو به اهو ئي هو ۽ هو اتفاق سان نه، پر سايو ڪري انهيءَ مٿان ڪريو هو.“

انهيءَ حيرت انگيز انڪشاف بسيل کي نهايت خراب نموني ڇرڪائي خبردار ڪري ڇڏيو. ان جي ويڪري ۽ خوبصورت پيشانيءَ تي سوچ ۽ پريشانيءَ جا گهرا گهنج پئجي ويا، پر تنهن هوندي به هن زبان سان ڪجهه به نه ڪڇيو. گهڙي کن ته خاموشيءَ سان هانسيءَ کي گهوريندو رهيو، ڄڻ ته ان جي ڳالهه جي صداقت جو صحيح اندازو لڳائي رهيو هجي، پر پوءِ لاپرواهيءَ سان ڪلهن کي ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو.

ٻيڙيءَ ۾ پيڻ جي پاڻي ۽ خوراڪ جو ڪافي ذخيرو موجود هو، جو هن جي هدايت تي مس يونٽي ڪارڊن ۽ سينوليڊا اسٽوو ٻاريو ۽ چانهه تيار ڪرڻلڳيون. چانهه تيار ٿي وئي، ملاحن کي راشن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي ۾ سڏيو ويو. هر شخص جو راشن هڪ پيالي چانهه ۽ ۽ ٻه بسڪوٽ هو. واري واري تي سڀ ملاح پنهنجو حصو وٺي ويا. هارلم آخري شخص هو. هن کي سستي ڪپڙي جي نڪر ۽ گندي قميص پاتل هئي. رنگ ڪوئلي جهڙو ڪارو ۽ چمڙي چمڪدار هئي. ان جا چپ عام حبشين جي ڀيٽ ۾ سنها هئا. نَڪُ به گهڻو وڏو نه هو. پر اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي. مِس بونيٽي ڪارڊن چانهه ڏنس ته ان پياليءَ ۾ ڏٺو. پنهنجي ڀرسان بيٺل جوهن ليويا ڏانهن نهاريائين. معنيٰ خيز انداز ۾ مرڪيائين ۽ ڪنڌ لوڏي چيائين، ”باس! توکي ته وڌيڪ حصو مليو آهي.“ جو هن ڇرڪ ڀري پنهنجي پياليءَ تي نظر وڌي. چانهه بلڪل هڪجيتري هئي، پر... هن ڪجهه به ڪڇڻ کان سواءِ هارلم جي هٿن مان پيالي ورتي ۽ پنهنجي پيالي ان کي ڏني. هارلم جي منهن تي اطمينان سان گڏوگڏ فتحمنديءَ جي جهلڪ به صاف نظر اچي رهي هئي. هن پُٺ ورائي پنهنجي حبشي ساٿين طرف ڏٺو ۽ معنيٰ خيز اندا ز۾ مرڪيائين. بسيل جي سڄي جسم ۾ ڄڻ ته باهه ٻري وئي. هو سوچڻ لڳو ته هانسيءَ هن شيطان جي باري ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو غلط ٿي نٿو سگهي.

سومر جو ڏينهن هو. ويران ۽ سنسان سمنڊ ۾ سفر ڪندي پنج ڏينهن گذري ويا هئا. ناموافق اهو ۽ سامونڊي لهرون لڳاتار ٻيڙيءَ کي ڏکڻ طرف کڻي پئي ويون. مس ڪارڊن ۽ سينولڊا کان سواءِ ٻيڙيءَ ۾ چوڏهن مرد هئا. جوهن انهن کي مصروف رکڻ لاءِ مختلف ڪم سونپي ڇڏيا هئا. اهڙيءَ طرح انهن جو ڌيان گهڻو هٽيل رهندو هو. پر جيئن ئي اهي واندا ٿي دم پٽڻ لاءِ ليٽندا هئا ته سندن دماغ ۾ عجيب عجيب ۽ خوفناڪ خيال هجوم ٿي ايندا هئا. تصور ئي تصور ۾ انهن کي موت ۽ بيوسيءَ جون لرزه خيز، عجيب ۽ خوفناڪ تصويرون نظر اينديون هيون. ننڊ حرام ٿي ويندي هئن ۽ پريشان ٿي اٿي ويهي رهندا هئا. انهيءَ ڏينهن بسيل به ڪجهه اهڙي قسم جي ڪيفيت ۾ مبتلا هو. هو شراب جو ڏاڍو پياڪ هو. ٻيڙيءَ ۾ شراب جو هڪڙو دٻو پيو هو، پر جوهن سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي هئي ته ڪوبه ان کي استعمال نه ڪري. هن انهيءَ کي ڏکئي وقت جي لاءِ محفوظ ڪري رکڻ چاهيو ٿي.

بسيل پنهنجي ذهن مان شراب جو خيال ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ڪامياب ٿي نه سگهيو. سندس طلب هر گهڙيءَ وڌي رهي هئي. آخرڪار هن چوريءَ لڪي ڇپي ٻه – ٽي ڍُڪ پيڻ جو فيصلو ڪيو. جوهن ونجهه هلائڻ کان پوءِ هڪڙي ڪنڊ ۾ ستو پيو هو. ٻيو حبشي غيسٽو ۽ هارلم سڙهه جي پاڇي ۾ پير ڊگها ڪيون ستا پيا هئا. بسيل انهن کي اورانگهيندو عورتن واري حصي ۾ پهتو. مس ڪارڊن ننڊ ۾ پئي هئي. ٿوري دير منجهي بيهي رهيو. پر پوءِ دٻو کولي وات تي چاڙهيائين. اڃان هڪڙو ڍڪ مس پيتائين ته ڪرنل ڪارڊن جي مٿس نظر پئجي وئي ۽ ان دانهن ڪئي، ”جوهن، جوهن! بسيل کي روڪ، ڪمبخت سڀئي شراب پي ويندو.“

گوڙ ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ سڀئي ستل ماڻهو گهٻرائجي اٿي ويهي رهيا. هارلم ۽ سندس ساٿي شايد اهڙيءَ ئي ڪنهن موقعي جا منتظر هئا. ڪرنل ڪارڊن ۽ بسيل هڪٻئي سان ڳنڍجي پيا ته هارلم پنهنجي دوست غيسٽو ڏانهن معنيٰ خيز نطرن سان نهاريندي چيو، ”وقت اچي ويو آهي.“ ٻئي ڄڻا تختن مٿان ٽپ ڏيندا ويا. ٻئي طرف کان جوهن رڙ ڪئي: ”ڪرنل! هارلم کي پڪڙيو، مان به اچان ٿو.“

هارلم هڪدم بيهي رهيو. هن پنهنجي ڪارن شيدين کي دانهون ڪري چيو، ”دوستو! باس کي ٺڪاڻي لڳايو.“ ڏسندي ئي ڏسندي هنگامو برپا ٿي ويو. ڪارا شيدي ملاح، سفيد فام مسافرن سان ڳنڍجي ويا. هارلم پنهنجي پوري طاقت سان بسيل کي مڪ هنئي. بسيل به پاسو ورايو پر سندس وار خالي ويو.

هارلم جا ساٿي جوهن مٿان ٽٽي پيا جانسن غيسٽو سان هٿين پئجي ويو. ويدراس ڪجهه دير لاءِ لاتعلق ٿي ويهي رهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته هارلم شرارت تي آماده آهي، تڏهن ضبط ڪري نه سگهيو. اٿيو ۽ هارلم کي پٺيان وڃي ٽنگن کان ورتائين. هن ان کي کڻي سمنڊ ۾ ڪيرائڻ چاهيو ٿي، پر هارلم جبل وانگر ڄميو بيٺو رهيو. هن بسيل کي ڇڏي ڏنو ۽ خونخوار جانور وانگر ويدراس مٿان حملو ڪري ڏنائين. هن کي چيلهه کان وٺي مٿي کنيئاين ۽ هوا ۾ گهمائڻ لڳو. ويدراس پاڻ کي ان جي مضبوط گرفت مان آزاد ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. گهڻائي هٿ-پير هنيئاين، پر سڀ بيسود، هارلم هڪ خطرناڪ ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ ان کي گهمائي گهمائي کڻي ڦٽو ڪيئاين. ويدراس کان دانهن نڪري وئي ۽ سڌو وڃي سمنڊ ۾ پيو.

ويدراس سان مقابلي کان پوءِ هارلم وري ٻيو دفعو بسيل طرف وڌيو. اوچتو اوچتو ڪرنل جي ڏنڊي اچي سندس منهن ۾ لڳي. ٻئي طرف کان مس ڪارڊن گوشت جو هڪ دٻو کڻي پنهنجي پوري طاقت سان ان جي مٿان اڇلايو، جيڪو سندس ڪنڌ تي وڃي ڪريو. بسيل به غافل نه هو، هڪدم تيزيءَ سان هڪ زوردار ٺونشو ان جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيو. ديو جهڙو حبشي ڏاڍو طاقتور هو، پر ٽن طرفن کان حملي جو مقابلو ڪري نه سگهيو. ٺونشو اهڙو ته شديد هو جو بدحواس ٿي وڃي ڪريو. بسيل ڀرسان پيل ڪهاڙي کڻي ورتي. هن وار ڪرڻ ئي چاهيو ٿي ته پوڙهو ڪرنل ڪارڊن انهن جي وچ ۾ اچي ويو. انهيءَ مداخلت مان هارلم پورو پورو فائدو ورتو. هو هڪدم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ جو بسيل يا ڪرنل ڏانهن ڌيان ڏئي، ڪرنل جي مفلوج ٽنگ پڪڙي وٺي مروٽيائين. ڪرنل وٺي دانهون ڪيون ۽ ٿيڙ کائيندو وڃي بسيل جي مٿان ڪريو. بسيل جي هٿن مان ڪهاڙي ڇڏائي وئي ۽ ڪرنل سان وڃي ٽڪريو.

جانسن، غيسٽو جي سيني تي سوار هو. هارلم ان ڏانهن وڌيو. هن جانسن کي زور سان مڪ هنئي. جانسن جي وات مان آواز ئي نه نڪتو ۽ هو بيهوش ٿي ويو. ايتري ۾ بسيل پاڻ سنڀالي ورتو هو. هارلم به تيار بيٺو هو. هن جا چپ ڀڪوڙيل هئا ۽ اکين مان وحشت ۽ حيوانيت نطر اچي رهي هئي. بسيل ڊڄي ويو ۽ پوئتي هٽڻ لڳو. هٽندي هٽندي آخري تختي سان وڃي لڳو. هن جوهن کي مدد لاءِ سڏ ڪيو، پر سندس آواز نڙيءَ ۾ ئي ڦاسي پيو. هون به ڀلا ڪير اچي ها؟ سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هارلم جي ساٿين سان ڳنڍيا پيا هئا. بسيل کي هاڻي پنهنجو موت يقيني نظر اچي رهيو هو. اوچتو ئي اوچتو مس ڪارڊن تيل جو وزني چلهه کڻي پنهنجي پوري طاقت سان هارلم کي هنيو. هن پاسو ورائي وحشتناڪ نظرن سان مس ڪارڊن کي ڏٺو. بسيل ڪهاڙي کڻڻ لاءِ وڌيو، پر هارلم ان کي ايتري مهلت ئي نه ڏني ۽ چيتي وانگر ان جي مٿان وڃي ٽٽو. بسيل گهٻرائجي پوئتي هٽيو، پر پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ٿاٻڙجي وڃي سمنڊ ۾ ڪريو. هڪ ٻه غوطا کائي سمنڊ جي سطح تي آيو. ايتري ۾ ٻيڙي ٽي چار وال پري نڪري چڪي هئي. هو تيزيءَ سان تري ويجهو آيو ته ڏٺائين ته ٻيڙيءَ جي پوئين حصي سان اڳ ۾ ئي هڪڙو شخص چنبڙيو پيو آهي. غور سان ڏٺائين ته اهو ويدراس هو. بسيل اڳتي وڌي ٻنهي هٿن سان ٻيڙيءَ جي پاسي کي پڪڙي ورتائين ۽ مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر اتفاق سان ٻيڙيءَ جو آلو تختو سندس هٿن مان تِرڪِي ويو ۽ هو هڪ دفعو وري به وڃي سمنڊ ۾ پيو ۽ غوطا کائڻ لڳو. هن بي اختيار جوهن کي مدد لاءِ سڏ ڪيو.

جوهن پنهنجي ٽن وفادار ملاحن اسٽيفن، لارگر ۽ برمر سان گڏجي ٻن حبشين سان مقابلي ۾ مشغول هو. هانسيءَ جو هٿ سخت زخمي ٿي پيو هو ۽ ان مان رت وهي رهيو هو. حبشين جي هٿن ۾ چاقو هئا. جوهن ۽ برمر کي انهن ۾ هٿ وجهڻ جي همت ئي نه پئي ٿئي. خوشقسمتيءَ سان هڪڙو ونجهه جوهن کي هٿ لڳي ويو. حبشي جيئن ئي چاقو لوڏيندا اڳتي وڌيا، هن ونجهه کڻي هڪڙي حبشيءَ جي پيٽ ۾ گُدو هنيو. هن ڌڪ لڳڻ سان دانهن ڪئي ۽ ڪري پيو. ٻئي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڳيو ونجهه هن ان کي ڪنڌ ۾ وهائي ڪڍيو.

انهيءَ وچ ۾ مس ڪارڊن ۽ سينولڊا جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ جوهن کي اوڏانهن ڌيان ڏيڻو پيو. ڊڪ ڀري پوئين حصي ۾ پهتو ته ڏٺائين ته ڪرنل ڪارڊن رتو رت ٿيو پيو آهي ۽ غيسٽو ڇوڪرين سان ڳنڍيو پيو آهي. هارلم پاڻيءَ جو ڊرم کڻڻ وارو ئي هو ته جوهن رڙ ڪئي، ”ڊرم اتي رک، نه ته مٿو ڦاڙي ڇڏيندو سانءِ“ هارلم ڊرم کڻي رکيو ۽ ۽ ڏند ڪرٽيندو جو هن تي حملو ڪيائين. ٻئي هڪجهڙا هئا. هارلم جو ٺونشو جوهن جي ساڄي اک تي لڳو. جواب ۾ هن به هڪ زوردار مُڪ ان جي دل جي هيٺان وهائي ڪڍي. هارلم جي اکين ۾ اوندهه اچي وئي. هو ٿيڙ کائڻ لڳو. پوءِ ته جوهن ان جي مٿان مڪن جي برسات وسائڻ لڳو.

ڪرنل ڪارڊن اٿڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته غيسٽو ان جي پاسرين ۾ کڻي لت ٺڪاءُ ڪئي، پر هن انهيءَ ڌڪ جي پرواهه نه ڪندي، ڀر ۾ پيل ڪهاڙي کڻي ورتي ۽ هارلم جي کوپريءَ  کي نشانو بنائڻ لاءِ هوا ۾ بلند ڪئي. غيسٽو ان جي نيت سمجهي ويو. هن تيزيءَ سان پاسو ورائي پوڙهي ڪرنل تي فائر ڪيو. گولي ان جي دل ۾ لڳي. ڪجهه دير ڦٿڪندو رهيو ۽ پوءِ مري ويو.

گوليءَ جو ضير متوقع ۽ اوچتو آواز ٻڌي هارلم گهٻرائجي ويو. هن پوئتي نهاريو، جوهن ڄڻ ته انهيءَ ئي موقعي جي تلاش ۾ هو. هڪڙو ٺونشو چتائي ان جي کاڏيءَ تي ۽ ٻيو لوندڙيءَ تي وهائي ڪڍيو. هو ٿيڙ کائيندو اونڌو ٿي وڃي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هاڻي جوهن غيسٽو ڏانهن وڌيو. هن هارلم کي ان جي هٿان مارجندي ڏٺو هو. هن هڪدم پستول کڻي ڦٽو ڪيو ۽ هٿ مٿي ڪيا، جوهن حڪم ڏنو ته سڀني باغين جا هٿ پير ٻڌا وڃن ته جيئن ته جيئن آئنده ڪا شرارت ڪري نه سگهن. بسيل ۽ ويدراس کي ٻيڙيءَ ۾ ويهاريو ويو.

ٻئي ڏينهن ويدراس ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ بيٺو هو. هن اوچتو ئي اوچتو چرين وانگر دانهون ڪرڻ شروع ڪيون، ”جهاز... جهاز... جوهن! جهاز.... سڄي طرف، خدا جو قسم جهاز....“ سڀني جا ڪنڌ سڄي طرف ڦري ويا. اُفق تي پري پري تائين به ڪا شيءِ نظر نه آئي. سڀئي ويدراس کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا.

”هيءُ وقت آهي چرچي ڪرڻ جو.“ سينو لڊا جي سڪل چپن ۽ خشڪ گلي مان زوردار آواز آيو.

”سينولڊا! نه، ويدراس چرچو نٿو ڪري.“ بسيل تلخيءَ سان چيو، ”ويچارو دماغ خراب ٿي پيو آهي.“

پنهنجي دوستن جون دل جلائيندڙ ڳالهيون ٻڌي ويدراس وائڙو ٿي ويو. هن کي پنهنجي نظر تي يقين هو. چند منٽ اڳ ۾ هن سچ پچ هڪ جهاز جا مستول ڏٺا هئا، پر هينئر خبر نه آهي ته اهو اوچتو ئي اوچتو ڪيئن غائب ٿي ويو. جوهن سندس هٿن مان دوربيني کسي ورتي، ۽ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بنان ڪنهن چرپر جي بيهي ڏسندو رهيو. پوءِ ڏڪندڙ هٿ هيٺ ڪري چيائين:

”دوستو! توهان کي مبارڪ هجي، ويدراس غلط ڳالهه نه ڪئي آهي. اسان جي ٻيڙيءءَ جي ڏکڻ اولهه طرف واقعي هڪڙو جهاز نظر اچي ٿو، جيڪو سمنڊ جي ڇولين سبب نگاهن کان غائب ٿي وڃي ٿو.“

جوهن جي ڳالهه ٻڌي سڀني جي جسم ۾ ڄڻ ته بجلي ڊوڙي ويئي. دل ۽ دماغ تي ڇانيل اداسي ۽ نااميدي ڪافور ٿي ويئي. هو اٿي ويهي رهيا ۽ ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ هوندي به ونجهه تيزيءَ سان هڻڻ لڳا. جهاز انهن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ميل پري هوندو. سڄي رات جو سمهي به نه سگهيا ۽ اکيون ڦاڙي جهاز کي تڪيندا رهيا.

صبح ٿيڻ تائين انهن اڌ کان به گهٽ مفاصلو مس طئي ڪيو. هوا ناموافق هئي ۽ ٻيڙيءَ جي رفتار تمام سست. هارلم ۽ سندس باغي ساٿين کي کوليو ويو ۽ اهي به هاڻي سندن هٿ ونڊائڻ لڳا. شام تائين جهاز جي ويجهو پهچي ويا هئا، انهن زور زور سان سڏ ڪيا، هٿ ۽ ڪپڙا لوڏي جهاز وارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر ڪو به نتيجو نه نڪتو. جهاز تي هڪڙي عجيب ۽ پراسرار خاموشي ڇانيل هئي. ان جو کٻو پاسو ڪافي بلنديءَ تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل هو. جوهن انهيءَ کي ڏاڍي غور سان ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ زور سان تاڙيون وڄائيندي چيائين ته ”خدا جو قسم! هي ته اسان وارو جهاز  آهي- جافلبورگ.“

جافلبورگ طوفان سبب ناڪارو ٿي ويو هو. پر انهيءَ وقت ته ٻڏندڙ کي ته ڪک جي به سهاري جي ضرورت هوندي آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ جو وجود به هنن لاءِ غنيمت هو. جوهن سوچيو ته شايد جهاز کي گهڻو نقصان نه پهتو آهي ورنه گهڻو وقت اڳ ۾ ٻڏي وڃي ها. مرمت کان پوءِ انهيءَ کي استعمال جي قابل بنائي سگهجي ٿو. هن پنهنجي سڀني ساٿين کي جهاز تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

جافلبورگ جي مرمت ۾ چار ڏينهن لڳا، جيئن ئي تهه خاني جو وزني سامان ٻاهر ڪڍي اُڇلايائون ته جهاز خودبخود سڌو ٿي ويو. جوهن انجڻ کي هلايو ۽ جهاز روانو ٿي ويو. اميد هئي ته چند ڏينهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪناري تي هلي نڪرنداسين.

جهاز ۾ کاڌي پيتي جو سامان ڪافي هو. مس ڪارڊن ۽ سينولڊا بورچيخاني جو ڪم سنڀاليو، ليفو انهن جي مدد ڪرڻ لڳو. ڪنهن نجوميءَ ان کي ٻڌايو هو ته هو ٻيڙيءَ ۾ مرندو، انهيءَ ڪري طوفان آيو ته هو لڪي ويو ته متان ڪو ملاح زبردستي کيس ٻيڙيءَ ۾ کڻي ويهاري ۽ نجوميءَ جي پيشنگوئي سچي ثابت ٿئي. برلياڪ جي مٿي وارو زخم هاڻي ٺيڪ ٿي ويو هو، ان ۾ باقي ٿورو سور هو، پر تنهن هوندي به هلڻ چلڻ جي قابل هو. هو دوربين سان هيڏانهن هوڏانهن جي نظرداري ڪرڻ لڳو. بسيل به خراب ٿيل وائرليس سيٽ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو.

جهاز سڄي رات آهستي آهستي سفر ڪندو رهيو. صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪوهيڙي جي ٿلهي چادر ۾ ويڙهجي ويو. جوهن عرشي جي جهنگلي سان ٽيڪ ڏيئي بيٺو هو.

منجهند جي وقت اوچتو ئي اوچتو سامونڊي گاهه جهاز جي ويجهو ترندي نظر آيو. هن هڪڙي ملاح کي حڪم ڏنو ته هو ڪنهن رسيءَ جي ذريعي هيٺ لهي وڃي ۽ مُٺ کن گاهه جي پٽي اچي. اهو گاهه حيرت جهڙو نيرو ۽ چمڪندڙ هو، انهيءَ جون ٿلهيون ۽ پاڻ ۾ منجهيل تندون بلڪل ڪنهن ڄار جهڙيون هيون. جوهن سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ ڀڄندو ڪپتان جي ڪمري ۾ ويو، برلياڪ ۽ بسيل به ان جي پٺيان ڊوڙندا ويا، ڪمري ۾ پهچي هن دنيا جو نقشو کوليو، اُن تي نگاهه ڦيرائيندي هڪ جاءِ تي آڱر رکندي چيائين: “هي آهي ساموندي گاهه وارو ٻيلو، اهو ٻيلو ”پوتا گوينا“ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ هڪ هزار ميلن جي مفاصلي تي آهي. اسان جو جهاز آهستي آهستي انهيءَ طرف وڌي رهيو آهي.

”انهيءَ جو مطلب ته اسان جيئن جيئن اڳتي وڌنداسون ته اهو سامونڊي گاهه وڌيڪ گهاٽو ۽ ٿلهو ٿيندو، انهيءَ ۾ جهاز ڦاسي پيو ته پوءِ...؟“

برلياڪ جي لهجي ۾ تشويش هئي.

”پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي، جهاز جا  پنکا انهيءَ کي ڪٽي ڇڏيندا، يا جهاز انهن کي جهليندو اڳتي وڌي ويندو.“ جو هن چيو.

هارلم ۽ سندس ساٿين هٿيار کڻي ڦٽا ڪيا هئا، پر جوهن انهن مان پوريءَ طرح مطمئن نه هو. منجهند جي مانيءَ کان فارغ ٿيا ته هن مسافرن ۽ ملاحن جا ٻه گروپ بنايا، اهڙي طرح هارلم جا ساٿي هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. هرگروپ کي واري واري تي جهاز جي بٺيءَ ۾ ٻارڻ ۽ نطرداري ڪرڻ جا فرائض بجاءِ آڻڻا هئا. هڪڙو گروپ جانسن جي ماتحت هو ۽ ٻيو بلياڪ جي.

جلد ئي سامونڊي گاهه جا وڏا وڏا پلاٽ نظر اچڻ لڳا ڄڻ ته ڪي وڏا وڏا ٻيٽ هئا. چئني طرف خوفناڪ خاموشي ڇانيل هئي. شام جي اونداهيءَ انهيءَ کي اڃان به وڌيڪ خوفناڪ بنائي ڇڏيو هو. سڄي رات جهاز سامونڊي گاهه کان پاڻ بچائيندو، پاسا ڏيندو، آهستي آهستي هلندو رهيو- صبح جو سوير جوهن ۽ برلياڪ عرشي تي پهتا ته اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته سامونڊي گاهه جو تهه حيرت انگيز حد تائين گنجان ۽ گهاٽو ٿي ويو آهي. انهن کي اُتر طرف وڃڻو هو، پر سامونڊي گاهه سندن رستو روڪي ڇڏيو هو. جوهن دوربين جي مدد سان ڪافي دير تائين آس پاس جو جائزو وٺندو رهيو. پوءِ مايوسيءَ ۾ ٻڏل لهجي ۾ چيائين، ”سامونڊي گاهه جي هن گهاٽي ٻيلي ۾ ڪٿي به ڪو سوراخ نظر نٿو اچي. اسان کي انهيءَ کي ڪَٽي اڳتي وڌڻو پوندو.“

هاڻي انهن ٻئي طرف کان وڌڻ جي ڪوشس ڪئي، پر چند سئو گزن کان پوءِ وري ساڳيو حال ٿيو. سامونڊي گاهه جو تهه ايترو ته گهاٽو ۽ ٿلهو هو، جو پنکا انهن کي ڪٽي نه سگهيا. مجبوراً وري به کين پوئتي واپس موٽڻو پيو. هو جنهن به طرف کان اڳتي وڌيا ٿي ته گاهه جي ڍير سندن رستو روڪي ٿي ڇڏيو. جوهن تنگ ٿي نيٺ انجڻ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

منجهند کان پوءِ هو وري عرشي تي پهتو ته ڏٺائين ته سامونڊي گاهه جهاز کي چوڌاري گهيرو ڪري ڇڏيو آهي. هو وائڙو ٿي ويو ۽ گهٻرائيل آواز ۾ دانهن ڪيائين، ”پنکا هلايو ۽ پوئتي هٽو!“ گاهه آهستي آهستي ڪٽبو رهيو ۽ جهاز به آهستي آهستي پوئتي هٽڻ لڳو. اوچتو ئي اوچتو هڪڙو پنکو بيهي رهيو. گاهه جون ٿلهيون ٿلهيون ڏانديون ان جي چوڌاري ويڙهجي ويون هيون. ويدراس، لارگر ۽ ويدم کي حفاظتي ٻيڙيءَ ۾ وهاري، سمنڊ ۾ لاٿو ويو. انهن ڪهاڙين سان ان کي ڪاٽيو. پنکو وري هلڻ لڳو، پر ٿوري دير کانپوءِ وري بند ٿي ويو. ويدراس ۽ سندس ساٿي وري هيٺ لٿا. هينئر واريون ڏانڊيون وڌيڪ ٿلهيون هيون. هو انهن کي اڃان ڪپڻ ۾ مششغول هئا ته اوچتو ئي اوچتو گاهه جي چادر ڦاٽي پئي ۽ هڪڙي ڀوري رنگ جي ڊگهي سونڍ وليم کي پنهنجي گرفت ۾ کڻي قابو ڪيو. وليم ٻنهي هٿن سان ٻيڙيءَ جي ڪناري کي کڻي قابو ڪيو ۽ خوفناڪ رڙيون ڪرڻ لڳو. لارگر پنهنجي پوري قوت سان ڪهاڙي کڻي سونڍ ۾ هنئين، پر گهٻراهٽ ۽ بدحواسيءَ ۾ ڌڪ وڃي وليم کي لڳو ۽ ان جون پاسريون ڪپجي ويون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com