سال 1843ع ۾ جڏهن هيءُ ملڪ انگريزن جي راڄ ۾ شامل
ٿيو، تڏهن سنڌ بابت انگريزيءَ ۾ بيشمار ڪتاب لکجڻ
لڳا. افسوس جو سنڌ جي ماڻهن کي ”بمبئي“ ۾ شامل هجڻ
ڪري (سياسي ۽ اقتصادي نقصانن کان علاوہ) زبردست
گهاٽو پيو. پنجاسي ورهين ۾، سنڌ صرف ٻه ڊاڪٽر (سند
يافته عالم) پيدا ڪري سگهي. جڏهن 1936ع ۾ سنڌ جو
جدا صوبو بنيو، تڏهن سنڌ جي علم، ادب ۽ تاريخ تي
ڪم ڪرڻ جو پروگرام به ٺهيو؛ ته سنڌي ادبي بورڊ
لاءِ به مجلسون ويٺيون؛ ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا
بنياد به پوڻ لڳا ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ به سنڌ تي
تحقيقي ڪم ٿيڻ لڳو.
هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا: چڱائي ۽ برائي.
انگريزن جي زماني ۾ بهرحال سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري
سرپرستي نصيب ٿي ۽ سنڌ تي معلوماتي مواد به مهيا
ٿيو، ته قديم آثارن جي کوٽائي ۽ کوجنا به ٿي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي تاريخ پنج هزار سال
پراڻي قبول ڪئي وڃي ٿي. سنڌ اندر جديد ڪتبخانن جو
بنياد به هن زماني ۾ پيو. ”فريئر هال لائبريري
ڪراچي“ جو بنياد 1851ع ۾ پيو. افسوس ته سنڌ جو هي
صدي کن پراڻو ڪتبخانو، پوءِ ون يونٽ جي بک ٿي ويو.
نادر جي ڦرلٽ بعد، سنڌ کي هي ٻيو وڏو علمي نقصان
برداشت ڪرڻو پيو. قدرت جو قانون به نرالو آهي، هڪ
در پوريو ته ٻيو کليو. يونٽي زماني ۾ سنڌالاجي جو
بنياد پيو، جتي سنڌ بابت معلوماتي سرمايو ڪٺو ڪيو
پيو وڃي. ون يونٽ ٽٽڻ بعد، سنڌ تي ڪيئي ڪتاب ڏيهه
توڙي پرڏيهه ۾ لکجي رهيا آهن ۽ ڪافي نادر ڪتاب وري
وري ڇپجي نروار ٿي رهيا آهن. بهتر آهي ته نئين نسل
يا سنڌ جي شائقين کي ان قسم جي معلومات پهچائڻ
لاءِ سنڌالاجي ڪو جوڳو قدم کڻي. هونئن به
لائبرريون، اطلاعات جو اهم ذريعو سمجهيون وڃن
ٿيون. هينري ڪوزنس جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“
(The Antiquities of Sind)،
جنهنجو ذڪر هيٺ ايندو؛ سو پڻ اهڙن ڪتابن ۾ شامل
آهي جيڪي تازو وري ڇپيا آهن.
برطانوي راڄ ۾ قديم آثارن جي تحفظ لاءِ
”آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ“ قائم ٿيو ۽ ننڍي کنڊ جي
قديم آثارن تي ڌيان ڏنو ويو. محترم ايم.ايڇ. پنهور
لکي ٿو ته هيءُ کاتو هر سال هيٺين ٽن قسمن جو
اشاعتي مواد جاري ڪندو هو:
(i)
انڊين آرڪيالاجيڪل جائزي جي سالانه رپورٽ،
(ii)
اولاهين حصي (سرڪل) جي آرڪيالاجيڪل جائزي جي
سالانه رپورٽ ۾
(iii)
انڊين آرڪيالاجي متعلق سالانه ببليو گرامي.
]”سنڌ
تي مواد“ صه 462، ناشر سنڌالاجي[
جائزي هيٺ آيل ڪتاب به خاطري آهي ته کاتي جي
اشاعتي پروگرام جي پهرين ڪڙي تحت گورنمينٽ آف
انڊيا جي سينٽرل پبليڪيشن برانچ ڪلڪتي پاران
پهريون ڀيرو سال 1929ع ۾ ڇپيو ۽ اشاعتي سلسلي جي
ڇائيتاليهين(46) جلد طور نروار ٿيو. سنڌ متعلق هي
جڳ مشهور ڪتاب، ٻيو ڀيرو سال 1975ع ۾ سنڌ سرڪار جي
سعيي سان، ڪراچي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن
نروار ڪيو آهي.
ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت:
اڪثر ڪري آڪسفورڊ، وري ڇپجندڙ ڪتابن تي تعارفي نوٽ
لکرائيندو آهي، پر خبر نه آهي ته ڇو مسٽر ڪوزنس جي
هن اهم ۽ لاثاني ڪتاب تي ڪو مهاڳ وغيره لکڻ جي
ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. بهرحال سنڌ جي قديم آثارن
تي هڪ جامع ۽ مستند ڪتاب هجڻ ڪري، ڪنهن به تعارف
جو محتاج نه اهي. ڪتاب جي ڪور تي، نامعلوم ليکڪ
تعارفي نوٽ ۾ لکي ٿو: ”ڪوزنس آرڪيالاجيڪل
ڊپارٽمينٽ جي اولهه سرڪل جي سپرنٽينڊنٽ طور 1910ع
۾ رٽائر ڪيو ۽ پوين سٺ سالن ۾ خاص طرح سان موهن جي
دڙي، هڙاپا ۽ ڀنڀور جي کوٽاين ۽ کوجنائن سان سنڌ
جي قديم آثارن جي خزانن متعلق اسان جي ڄاڻ ڪوزنس
جي لکت کان تمام گهڻو وڌي آهي. ان جي باوجود، هن
جو ڪتاب (موضوع تي) بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو،
جنهن تي پوئين ڪم جو بنياد رکيو ويو.“ تعارف
ڪرائيندڙ خاص طرح سان موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ڀنڀور
جي کوٽاين جو ذڪر ڪيو آهي. هن ان حقيقت کي وزن نه
ڏنو آهي ته پوئين دور ۾ آمري ۽ ڪوٽ ڏجي به کوٽايا
ويا ته چانهونءَ جو دڙو به. ان کان علاوه محترم
سيد حسام الدين راشدي صاحب مڪليءَ تي سالن جا سال
ڪم ڪيو آهي (مڪلي نامه) ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه آرٽيڪل
ڊاڪٽر بلوچ صاحب به تحرير ڪيا آهن.
پوين ٻنهي عالمن ان موضوع تي نهايت ئي قابل فخر ڪم
ڪيو آهي، ان هوندي به ڪوزنس جي هن ڪتاب جي اهميت
پنهنجي جاءِ تي باقي آهي:
“As a comprehensive illustrated survey of Sind’s
antiquities it remains unsurpressed”.
ڪتاب بابت هينري ڪوزنس جي پنهنجي راءِ:
جيئن مٿي ذڪر آيو آهي، ڪوزنس سال 1910ع ۾، اندين
آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ جي اولاهين سرڪل جي
سپرنٽينڊنٽ طور رٽائر ڪيو. ذڪر هيٺ آيل ڪتاب کان
علاوه سندس هي ڪتاب به ٻڌجن ٿا:
(1) Antiquities of Kathiawar and Kachh.
(2) Portfolio of illustrations of Sind Tiles,
London 1906.
(3) Progress report of Archaeological survey of
westerw India for 1895-97.
[Source Material on Sndh P.52]
لائق ليکڪ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”هن وقت سنڌ جي
قديم آثارن تي مونو گراف لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو ته
اڃا ڪيترا دڙا کوٽائيءَ جي انتظار ۾ آهن. هن صوبي
۾، ته هن ڪم جي شروعات مس هاڻي ٿي آهي. اولاهين
سرڪل ايڏي ته طويل آهي، جو سپرنٽينڊنٽ لاءِ اهو
مشڪل آهي ته هو پنهنجي وقت جو ٿورو حصو به هر هڪ
ضلعي کي ڏئي. نه وري اسان کي هن معاملي ۾ مقامي
آفيسرن جو ڪو تعاون حاصل آهي.
بمبئي سان شامل هجڻ ڪري، سنڌ کي تمام گهڻو
نظرانداز ڪيو پئي ويو. ان ڏس ۾ هن خطي سان هن کاتي
۾ به انڌير پئي ٿيو. هينري ڪوزنس مهاڳ لکندي، هن
راز تان پردو کڻندي لکيو ته:
“… for these reaons Sindh ha sbeen to a great
extent neglected.”
آخر ۾ هو صاحب لکي ٿو ته، ”اگر هتي ڪو ڪم ڪرڻو آهي
ته پوءِ سنڌ لاءِ خاص کوٽائي ڪرائيندڙ آفيسر ۽ جدا
عملو ضروري آهي.“
سنڌ جا قديم آثار (تعارف):
هينري ڪوزنس جي هن جڳ مشهور ڪتاب تي نظر وجهڻ سان
خبر پوي ٿي ته هي تاريخي دستاويز ڪل ٽيويهن عنوانن
تي مشتمل آهي. پهريون عنوان آهي ”سنڌ، نديون ۽
قديم آثار“، جيڪو ٻارهن صفحن تي پکڙيل اهي. هن ۾
نيرون بابت ريورٽيءَ جي راءِ تي خيال آرائي ڪيل
آهي؛ سنڌ جي قديم آثارن جي نوعيت ٻڌايل آهي ۽
مهاڀارت واري دور ۾ سنڌ جو ڪردار ٻڌائيندي، ليکڪ
هن عنوان جي پڄاڻي ان بحث تي ڪئي آهي ته سنڌ جو
قديم ورثو ڪيڏانهن ويو؟
ڪتاب جو ٻيو عنوان آهي ”سنڌ جي تاريخ جو اختصار“
جيتوڻيڪ ليکڪ هن خطي جي قديم تاريخ تي روشني وجهڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي؛ تاهم سرسري طرح خاڪو اهوئي ڏسجي
ٿو، جيڪو ”چچ نامي“ ۾ آيل آهي. سنڌ تي عرب حملن جو
قدري تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪوزنس ان جو قائل
ڏسجي ٿو، ته سومرا، سامري نسل جا عرب آهن.
هن موضوع جي پڄاڻي مير مراد علي جي سڪي تي ڪئي وئي
آهي.
”سنڌ جا قبل از تاريخ يادگار“ ۽ ”پنڊ ٿيل جسم“ هن
ڪتاب جو ٽيون عنوان آهي، جيڪو پنجن صفحن تي پکڙيل
اهي. هن عنوان تحت پٿر جي قديم قبرن توڙي سيوهڻ جي
هڪ ٿنڀي (غار) جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
ايندڙ موضوع آهي ”برهمڻ آباد- منصوره-محفوظه“.
برهمڻ آباد قبل مسيح ۽ منصوره بني اُميه دور جا
تاريخي شهر آهن، جيڪي هاڻي کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪا
آهن. مزي جي ڳالهه ته هتي جيڪا کوٽائي 1854ع ڌاري
ميشرز بيلاسس ۽ رچرڊسن شروع ڪرائي؛ سا اڃان تائين
هلندي اچي. آثار قديمه پاڪستان جي محڪمي پاران،
ڪڏهن ڪڏهن حيرت انگيز دريافتون، اخبارن ۾ شايع
ٿينديون رهنديون آهن. ڪوزنس چوي ٿو ته: ”اولهه
سرڪل ۾ هن جڳهه کان وڌيڪ ٻي ڪابه تڪراري
(Controversial)
جڳهه نه آهي.“
”ونجهروٽ“
(Vijrot)
ڪوزنس جي ڪتاب جو ايندڙ موضوع آهي. هي پراڻو مقام،
ريتي ريلوي اسٽيسن کان پنج ميل ڏکڻ طرف آهي.
کوٽائيءَ دوران، هتان پراڻا سڪا ۽ مڻيا مليا هئا.
ان بعد جڳ مشهور شهر ”اروڙ“ جو ذڪر اچي ٿو. ياد
رهي ته عربن جي آمد وقت هي شهر سنڌ جو تختگاهه هو.
هن علائقي جي کوٽائي ڪڏهن به نه ٿي آهي. ڪوزنس ان
ڏس ۾ رقمطراز آهي ته:
“Hearefter rain, the people still pick up coins,
which are said to be more bit of metal”
هيءَ صورتحال رشيد ڀٽيءَ جي مقالي لکڻ تائين جاري
هئي ۽ شايد اڃا به هجي.
تازي دور ۾ جن کوجنائن سنڌي تهذيب، تاريخ ۽ ٻوليءَ
تي ڪم ڪرڻ لاءِ نئون مواد مهيا ڪيو آهي، تن مان
ڀنڀور به هڪ آهي. اروڙ کان پوءِ پڙهندڙن کي هن
ڪتاب ۾ ڀنڀور جو متخصر ذڪر ملي ٿو. ڪوزنس لکي ٿو
ته، ڪي محقق هن راءِ جا آهن ته ڀنڀور پراڻو ”ديبل“
شهر آهي- پر سندس خيال ۾ هيءَ تمام ننڍي بستي آهي،
جيڪا عظيم ديبل ٿي نه ٿي سگهي. ديبل جي سڃاڻپ به
سنڌ جي عالمن لاءِ هڪ تڪراري مسئلو پئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي ٿيسز ۾ ڀنڀور کي ديبل سان
متعارف ڪرايو آهي، پر جڏهن موصوف ادبي بورڊ واري
تاريخ جو ٽيون جلد لکيو ته مٿين راءِ اجهو هيئن
تبديل ڪري ٿو:
“Hypocritical and unscholarly conjectures have
been put forward by certain quartera to connect
the ruins of Bhambhor with Al-Dayhal (P-352)
سنڌ ۾ ٻڌ مت جا جيڪي به قديم تهذيبي مرڪز هئا، تن
مان ”ڪاهوءَ جو دڙو“ به هڪ آهي. ڪوزنس پنهنجي ڪتاب
۾، هن دڙي ۽ ڏيوري جو ذڪر ”ميرپور خاص ۾ ٻُڌ مت جو
ڏيورو“ عنوان تحت ڪيو آهي. هن دڙي جي سڀ کان اول
کوٽائي جان جيڪب (قائم مقام ڪمشنر) ڪرائي هئي.
پوءِ مسٽر مئڪنزي (1907-1909ع) جي لکپڙهه تي، مسٽر
ڪوزنس، جيڪو ان وقت اولهه سرڪل جو سپرنٽيڊنٽ هو،
پنهنجي سر 1910ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي. هتان
چڱو خاصو تهذيبي ورثو دريافت ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌ
کان ٻاهر جي عجائب گهرن کي ڏنو ويو.
خوش قسمتيءَ سان سنڌ جا ڪجهه قديم تاريخي ۽ تهذيبي
آثار اڄ به پنهنجي مڪمل صورت ۾ موجود آهن.
نوابشاهه ضلعي جو ”ٺل مير رڪن“ به انهن مان هڪ
آهي. هن ٺل جي ذڪر بعد، ڪتاب ۾ ”سوڌرن جي دڙي“ ۾
”جهرڪن ڀرسان ٻڌ جا نشان“ عنوان آيا آهن.
مسٽر ڪوزنس هاڻي همت ڪري ٺٽي پهتو آهي. موصوف ٺٽي
جي قدامت تي هن عنوان تحت، ابتدا توڙي انتها ۾ سٺو
بحث ڪيو آهي. سنڌ جي مقبرن، فن تعمير ۽ ڪاشيءَ جو
ذڪر ڪندي، مڪليءَ جي احوال جي ابتدا سيد علي شاهه
شيرازي جي مدفن کان ڪندي، وڃي مرزا جاني بيگ جي
مقبري تي پهچي ٿو. ليکڪ ٺٽي جي جامع مسجد، دابگيرن
جي مسجد ڪلان ڪوٽ کان ٿيندو، قديم يورپين قبرن تي
پهچي، هن عنوان جي پڄاڻي ڪري ٿو.
ان بعد قديم شهر ”نيرون“ ۽ هاڻي ”حيدرآباد“ جو ذڪر
اچي ٿو. ياد رهي ته سنڌ جي بادشاهه ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي، هن عظيم شهر جو بنياد وڌو هو. ميان صاحب
پوءِ پاڻ به هتي ئي دفن ٿيو. حيدرآباد جو احوال
لکندي، ليکڪ انوقت ميرن ۽ ڪلهوڙن جي مقبرن جي حالت
اجها هيئن لکي آهي:
“While the Kalhoras mausoleam are in rather a
dikpidated condition, those of the Talpurs are
in very good repair, being kept in order by
descendents of that family.”
پر هاڻي جهڙي سٺ، تهڙي ٽي ويهون! جهڙو حشر ڪلهوڙن
جي قبن جو، تهڙو آهي ميرن جي مقبرن جو! ننڍي کنڊ ۾
اسلامي فن تعمير جا جيڪي به نادر يادگار آهن، تن
مان حيدرآباد جو پڪو قلعو به هڪ آهي. ويهين صديءَ
جي اوائل ۾، قلعي جي حالت ڪجهه چڱي ٿي ڏٺي:
“It is still in a tolerable state of
preservation.”
پر هاڻي قلعو به پنهنجي اوج تي نوحه خواني ڪندي
ڏسجي ٿو. آخر ۾ ڪوزنس، قلعي جي مکيه دروازي جي
سامهون چاليهه فوٽ ڇهه انچ ڊگهي قبر جو ذڪر، بنان
ڪنهن تشريح جي ڪيو آهي.
قرون وسطيٰ ۾ (1520 – 1700) سنڌ جا جيڪي اهم شهر
هئا، تن مان سيوهڻ به هڪ آهي. هيءُ شهر سنڌ جي
موجود جملي شهرن ۾ وڌيڪ ڄمار جو آهي. مذڪوره دور ۾
اگر بکر ”سلطان محمود“ جي ظلمن ڪري ياد ڪيو وڃي
ٿو، تيئن هاڻي سيوهڻ به هن ئي زماني ۾ ”احمد بيگ“
جي ظلمن ڪري نمايان ٿي بيٺو آهي. ”سيوهڻ“ عنوان
تحت، قلندر لعل جي قلعي جو چڱو ذڪر ڪيو ويو آهي.
بکر چنگيزي دور ۾، فوجدارن ۽ جاگيردارن جو مرڪز
هو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ بعد هن شهر کي کنيو ويو آهي،
جنهن جو موضوع آهي ”وچ درياءَ ۾ بکر جو قلعو“. اڄ
جڏهن ڪراچيءَ جا عالم، هن شهر جو ذڪر ڪن ٿا ته
لکندا آهن
(Bhakhar)
يعني ڀڪر! خبر نه آهي ته اهو اُچار هنن ڪٿان سکيو
آهي؟ بکر جي تعارف کان پوءِ، ان جي تاريخ تي روشني
وجهندي، ليکڪ کي خوني برج اکين آڏو ڦري آيو:
“It was at shah Beg’s orders that Sultan
Muhammad or Mahmud slew the Dhareijah cheifs one
dark night, and pitched their bodies from one of
the towers intothe, which was thence forth
called the Khunin Burj or the “Bloody Tower”.
(شاهه بيگ هن سخن ٻڌڻ شرط انهن ماڻهن جي قتل جو
حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽
راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کان
هيٺ ڪيرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي-
معصومي صه 163). ساڌ ٻيلي ۽ زنده پير کان پوءِ
اليگزينڊر بزنس جي بکر جي قلعي ۽ هتي جي پلي متعلق
ڏنل بيان تي، هن عنوان جو خاتمو ڪيو ويو آهي.
ايندڙ عنوان سکر آهي، جنهنجو ذڪر ڪندي، اهميت
مناري کي ڏني وئي آهي. ڪوزنس جو خيال آهي ته مناري
جي اڏاوت 1594ع/1003هه ۾ شروع ٿي ۽ ڪم جي تڪميل
1618ع/1027هه ۾ ٿي. تاريخ معصوميءَ جو سنڌي مترجم
ان ڏس ۾ چوي ٿو ته اڏاوت 1594ع/1003هه ۾ شروع ٿي ۽
ڪم جي تڪميل 1617ع /1026هه ۾ ٿي. مير معصوم جو
سوانح نگار، محترم حسام الدين راشدي صاحب اڳين
محققن جي غلطيءَ جي اصلاح اجهو هيئن ٿو ڪري: ”ڪم
جي ابتدا 1594ع/1002هه ۾ ٿي ۽ مير پنهنجي زندگيءَ
۾ 1604ع/1013هه ۾، ڪم جي پڄاڻي ڪرائي.“
”روهڙيءَ“ جي ذڪر بعد، هن ڪتاب جو ايندڙ موضوع آهي
”لاڙڪاڻو“. هتي ليکڪ جي نظر انتخاب سنڌ جي عظيم
مدبر ۽ سپهه سالار ”شاهه بهاري“ جي مقبري تي پئي
آهي. ياد رهي ته ڪتاب جي مهڙ ۾، سندس مقبري جي
گنبذ جي روشندان
(Lantern)
جي خوبصورت ۽ رنگين تصوير
(Plate)
ڏنل آهي.
سيوهڻ واري ”خدا آباد“ ڪتاب جو ايندڙ موضوع آهي.
اسان هن عنوان جو ترجمو ڪري، مٿس وضاحتي حاشيه
لکيا؛- جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڪوزنس کانپوءِ سنڌ
تي ڪيترو نه نئون مواد موجود ٿيو آهي.
DRAKHAN
۽ ”بلوچن جا مقبرا ۽ مدفن“ ايندڙ ٻه عنوان آهن. هي
مقبرا جهرڪن ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پکڙيل آهن. هن ۾ هڪ
تصوير
(Illustration)
ذريعي ڏيکاريو ويو آهي ته جنگجو گهوڙي سوار تير
ڪلهي تي ڪيو، پنهنجي منزل ڏي راهي آهي. ان بعد
”متفرقه يادگار“ عنوان آهي؛ جنهن ۾ ڪل ٽيويهن
موضوعن تي قلم کنيو ويو آهي. ڪتاب جو آخري عنوان
آهي- ”سنڌ جا سڪا“
متن ۾ جيڪي تصويرون آيل آهن، تن جو تعداد ويهه
آهي. ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ سنڌ جي قديم ثقافتي ورثي
بابت ڪل هڪ سئو ٻن تصويرن
(Plates)
جو رنگين ۽ سهڻو سيٽ ڏنل آهي، جنهن ۾ هڪ عدد سنڌ
جو نقشو به ڏنل آهي. ڪتاب جو هي ڇاپو (ٻيو) آرٽ
پيپر تي شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 184 صفحن تي پکڙيل
آهي. ڪلاٿ بائينڊنگ ۽ ٻن رنگن واري سهڻي ۽ من
موهيندڙ ڪور پڻ ڪتاب جي تاريخي اهميت کي چڱيءَ طرح
چٽو ڪيو آهي.
جيئل راءِ اوڏ لاڙڪاڻوي
اوڏ قوم – تاريخي پس منظر ۽ رسم و رواج
]قومن
جي تاريخي تحقيق ۽ کوجنا جو اصل مطلب اهو ئي هوندو
آهي ته ان قوم جي پوئين کي سندن شاندار ماضي
ڏيکارجي. ان لحاظ سان اسين اوڏ قوم جي تاريخي
حيثيت تي سرسري تحقيق ڪري، ان باب جي ابتدا ڪيون
ٿا، مون کي اميد آهي ته ان موضوع تي سنڌ جا اهل
علم پنهنجو اثرائتو قلم کڻي، هن قوم بابت وڌيڪ
تاريخي حقائق گڏ ڪري منهنجي مدد ڪندا. انکان علاوه
پنهنجي قوم کان به معذرت ڪندس، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪِن
لڪل رسم و رواج جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو تحقيقي
نقطهء نطر سان مذڪور ڪرڻ، بهرحال ضروري آهي.[
اوڏ قوم جو تاريخي پس منظر:
اوڏ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي اڏيندڙ. سنڌ جي عظيم
لافاني شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي
رسالي ۾ اوڏن متعلق ڪيترا بيت ڏنا آهن، جن مان هڪ
هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ چٽيءَ طرح سان اوڏ جومطلب
ڄاڻايل آهي، يعني اوڏ معنيٰ اڏيندڙ يا جوڙيندڙ.
اڏيو جو اوڏن، سو ڍينگهر ڍلو مَ ٿئي،
جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
(شاهه)
اوڏ قوم بابت قديم تاريخون لکن ٿيون ته سنڌ ۾ هن
وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي
اصل ڏکڻ هندوستان ۾ هئا، اتر هندوستان ڏي اچڻ کان
اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن
نالي پٺيان ”اوڏر ديس“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهنجو اُچار
پوءِ ڦري ”اوڙيسا“
(Orisa)
ٿيو. بمبئي کاتي جي ذاتين جي ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت
اينٿون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان ڪي مارواڙ
ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا
دراوڙ ڪٿان آيا:
دراوڙ لوڪ اصل ڪٿان آيا؟ تنهن بابت عالمن جا جدا
جدا رايا آهن. هڪڙا چون ته دراوڙ لوڪ به ڏکڻ
هندوستان کان آيا ۽ پوءِ اتر هندوستان ڏي وڌيا.
ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن پٽاندڙ
ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ لوڪ ڀونچ سمنڊ طرف رهندڙ
قومن مان هئا. اهي پهريائين ڪجهه وقت ميسو پوٽيما
طرف رهي، پوءِ بلوچستان واري واٽ وٺي هندوستان ڏي
آيا.
منجهائن ڪي گنگا نديءَ واري ماٿري ته ڪي سنڌو
نديءَ واري ماٿري والاري ويٺا. موهن جي دڙي مان
حيرت جهڙيون حقيقتون هٿ آيون آهن، تن جو ذڪر ڪندي
سرجان مارشل چيو آهي ته ”سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ جي
اها سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي.“
سنڌ ۾ دراوڙ لوڪ:
”قديم سنڌ“ جو ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته قديم
هندوستان جون تاريخون جيڪي يورپي عالمن کوجنائون
ڪري ٺاهيون آهن، تن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪولن ۽ سنٿالن
جي صاحبيءَ ۾ دراوڙ لوڪ ڪاهي آيا، جن ڪولن ۽
سنٿالن کي هٽائي، وچ هندوستان ڏي ڪيو ۽ پاڻ اتر
هندوستان جا والي ٿي ويٺا. قديم سنڌ جو ليکڪ وڌيڪ
لکي ٿو ته هن وقت جيڪي ”اوڏ“ ۽ ماڃر ذات وارا
مهاڻا سنڌ ۾ رهن ٿا، سي دراوڙ ڪل مان آهن. ان کان
علاوه موهن جي دڙي مان کوٽائيءَ وقت ڪن دراوڙن جا
لاش لڌا ويا آهن.
پنهنجن وڏڙن ۽ خاص ڪري ڍاٽين (جن کي خاص ڪري قومن
جا شجرا ياد هئا) کان معلوم ٿئي ٿو ته ڀاڳيرٿ
مهراج اوڏ قوم جو باني آهي ۽ سمورا اوڏ سندس ڪل
مان آهن، ۽ سڀ اوڏ ان کي ڏاڏو ڀاڳيرٿ ڪري چوندا
آهن. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته هندوستان ۾ ڀاڳيرٿ
جا مجسما ٺهيل آهن. بنگله ديش ۾ هڪڙي ندي
”ڀاڳيرٿي“ وهي ٿي، جنهن جو نالو به ڀاڳيرت جي نالي
پٺيان رکيل آهي.
اوڏ قوم جون ذاتيون
هر هڪ قوم ۾ ذاتيون ۽ پاڙا هوندا آهن، اهڙي طرح
اوڏ قوم به ڪيترن ذاتين ۾ ورهايل آهي، جن مان ڪي
هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) کَروڙَ، (2) سَروَڻ، (3) مَجوڪا، (4)
ڪَلِيهَا، (5) بيروڪَا، (6) جيپڙوت، (7) ڏَيواتَ،
(8) گَڏائِي، (9) نگيئا، (10) چوڙا، (11) مڏاهي،
(12) گونڏڙي، (13) ڊَهاگَ، (14) جيئاڻي، (15)
ساڏِي، (16) ڏوڏيئا، (17) اُڏيسِي، (18) گَڙگٽ ۽،
(19) پَاڻيهِيا وغيره.
اوڏ قوم جون مکيه هستيون ۽ درويش:
جيئن ته هر مذهب ۽ ڌرم ۾ ڪافي بزرگ هستيون ۽
اولياء ۽ درويش پيدا ٿيا، جن جا روضا ۽ مقبرا هر
هنڌ نظر اچن ٿا، جن تي زائرين جا ميلا لڳا پيا
آهن.
اهڙيءَ طرح اوڏ قوم ۾ به ڪي درويش ۽ بزرگ هستيون
پيدا ٿيون ۽ پنهنجون ڪرامتون ڏيکاريون ۽ پنهنجي
روحاني طاقت سان پنهنجي قوم کي فيض رسايو.
هن وقت تائين جيئن اوڏ قوم گمنامي ۾ گذاري رهي
آهي، تهڙيءَ طرح اهي درويش به گمنام رهيا. گهڻي
ڳولا بعد ڪجهه نالا ملي سگهيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا،
هي سمورا وفات ڪري ويا آهن:
(1) کٽڻ فقير: ذات کڏائي، خانپور گهوٽڪي، سندس
سماڌ آهي.
(2) ڀڳت سائين: کٽڻ فقير جو والد.
(3) ڏکڻ فقير: کٽڻ فقير جو ڀاءُ، ٻئي ڀائر هڪ ٻئي
جي ڀرسان رکيل آهن.
(4) ڪَرَل فقير: کٽڻ فقير جي خاندان مان آهي.
(5) ڪلياڻ فقير: ذات جو پاڻيهو، آدم شاهه جي آمهون
سامهون، آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي سکر ۾ پوريل آهي.
(6) ڪوجهو فقير: جاڳڻ، ضلع شڪارپور ۾ سندس سماڌ
آهي.
(7) ٽِلُو فقير: ذات سروڻ، ڳوٺ لال چوهڙ تعلقه
مديجي.
(8) جِيئو فقير: ڪنڌ ڪوٽ شهر، ضلع جيڪب آباد.
(9) ڏينڀو فقير: ڏينڀو فقير ذات گڙه گٽ، سيٺار جي
جي ڀرسان. هن درويش تي جڏهن به اوڏ گڙگٽ ذات وارا
ويندا آهن ته ريلوي اسٽيشن تان لهڻ سان عورتون
(جيڪي نُهرون هونديون آهن) رَئي سان گهونگٽ
ڪڍنديون ۽ فقير جي زيارت تائين سندس گهونگهٽ (منهن
لِڪل) رهندو آهي ۽ واپسي تي به اسٽيشن تائين سندن
گهونگهٽ نڪتل هوندو آهي، ورنه کين نقصان پهچندو
اٿن.
(10) منشا فقير: ذات جو گڙگٽ، ابوبڪر مقام،
لاڙڪاڻه، جتي سندس سماڌ آهي.
(11) ڏاڏا ولي: خانپور ضلعي دادو جي ڀرسان.
(12) هيرو فقير: ذات ڪليهو، ڀورٺي تعلقه ڪنڊيارو.
سماڌي بابت معلوم ٿيو ته ان بزرگ کي ويهاري، ان جي
چوڌاري لوڻ وجهي، پوءِ مٿان مٽي وجهي پوريو ويندو
آهي.
اوڏن جو مذهب:
موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ديويءَ جا پُتلا لڌا
ويا، جن مان سمجهجي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي
ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئا.
اوڏ ٻه ديويءَ جا پوڄاري آهن ۽ هندو ڌرم سان واسطو
رکن ٿا. ڪن ڪن اوڏن وٽ پراڻي وقت کان ديويءَ جا
پتلا هلندا اچن ۽ ديويءَ جا ٿانَ آهن. جڏهن به
ٻارن جون شاديون وغيره ڪرڻيون هونديون آهن ته
پهريائين پَٺِ يا سَهيبا ديويءَ تي ڏيندا آهن.
پَٺِ جو مطلب آهي ڇيلي جي قرباني، جيڪا ديويءَ جي
منَت ڏيندا آهن. ٻيا وري سَهيبا ڏيندا آهن، اُهي
نقد پئسن جي صورت ۾ ڏنا ويندا آهن. مطلب آهي صرف
ديويءَ کي خوش ڪرڻ، ته جيئن هوءَ خوش ٿئي ۽ ڪارج
بلڪل سٺي نموني ۾ ٿئي ۽ ڪابه تڪليف نه ٿئي.
ان کان علاوه هر هڪ گهر ۾ ”پِتَر“ ٺهيل هوندا آهن.
پِتَر ڇا آهن؟ پِتَر خاندان جي وڏڙن جا روح آهن يا
وري جيڪي ننڍڙا ٻار مري ويندا آهن، انهن جي روحن
کي ”پتَر“ چيو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه جيڪي به
مرد شاديءَ کان سواءِ اڳ ۾ مري ويندا آهن، انهن کي
به پتَرن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
|