نواب شاهه کي 1936ع کان وٺي عيسائيت جي تبليغ جو
مرڪز بڻايو ويو. هتي سندن هڪ اسڪول، اسپتال، چرچ،
پئرش هائوس، ايگريڪلچرل سوسائٽي فار ڪئٿولڪ هاريز
۽ مارواڙي هائوسنگ سوسائٽي هوندي هئي. هتي هنن
ڪيترا ڀيل عيسائي بڻايا. سانگهڙ ۾ وري دهه بکرو ۾
پنهنجي زرعي ڪالوني ٺاهيائون. 1938ع ۾ پير پاڳاري
جي مريدن کين ايترو ته تنگ ڪيو جو هو تبليغي ڪم
ڇڏي هليا ويا. اتر سنڌ ۾ سکر سندن مکيه تبليغي
مرڪز رهيو. اتي سندن ٻه اسڪول ۽ هڪ سماجي تنظيم
هئي. هن هنڌ کين پنجابي ڀنگين ۾ مقبوليت حاصل ٿي.
(34) Fr. Valens Wienk: “In the land of Sindhi
and Baluchi”. Rotti press, Karachi 1947, P.8.
(35) هن جماعت جو پهريون اعزازي سيڪريٽري اين.جي
وي هاءِ اسڪول جو تڏهوڪو هيڊماستر جيمسٽجي آرديشر
هو. هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر هڪ
اربع شام تي ٿينديون هيون. سنڌ جا ڪيترائي نامور
اديب جهڙوڪ ڏيارام گدومل، ڪوڙو مل چندن مل،
هيرانند شوقيرام وغيره هن ئي جماعت جي گڏجاڻين ۾
شريڪ ٿيندا هئا. تفصيل لاءِ ڏسو:
]ڊاڪٽر
در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
ترقيءَ ۾ حصو“، پي.ايڇ.ڊيءَ لاءِ مقالو، 1979، ص
445[.
(36) سنڌ جي عيسائين جيڪي غير سنڌي اخبارون يا
رسالا جاري ڪيا، اهي هئا:
(a)
“The Rotti”
نالي ڪو ڪانين لاءِ ماهوار اخبار، جيڪا 1932ع ۾
ڪراچيءَ مان جاري ڪئي وئي. هن اخبار جو پهريون
ايڊيٽر ونسينٽ لوبو
(Rev. Vincent Lobo)
ٿيو. ان کان پوءِ فادر پيريرا
(Fr. Perira)
۽ فادر اي. مونز
(Fr. A. Moniz)
ان جا ايڊيٽر ٿيا. هيءَ اخبار سنڌ ۽ هند کان سواءِ
آفريڪا تائين پڙهي ويندي هئي.
(b)
“St. Anthony in India”
هي انگريزي ماهوار اخبار 1936ع ۾ ڪراچي مان جاري
ٿي. ائنٿوني آلميڊيا
(Rev. Anthony Almeida)
ان جو پهريون ايڊيٽر ٿيو.
(c)
“Standard”:
هي هفتيوار اخبار اڳتي هلي ماهوار ٿي. جنگ جي
زماني ۾ ان کي بند ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ
“The Catholic Chronicle”
نالي پندره روزه اخبار جاري ڪئي وئي.
(37) پرمانند ميوارام جا وڏا هندن جي منشياڻي آڪہ
مان هئا. سندن جنم 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس
ڏاڏو مورجمل پهريون عامل هو، جنهن دين اسلام قبول
ڪيو. هن جي عمر جڏهن ننڍي هئي ته سندس والد به
مسلمان ٿيو، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرمانند
ابتدائي تعليم مسلمان آخوند وٽان ورتي. ان کان
پوءِ انگريزي تعليم حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ
جي تعليمي ادارن مان ورتائين. کيس 1884ع ۾
”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ ملازمت ملي. انهيءَ سلسلي ۾
سکر ۾ ۽ ڏيپلي به وڃڻو پيس. ٽن سالن بعد تعليمي،
ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. ”ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“
حيدرآباد ۽ ”يونين اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ استاد ٿي
رهيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“
رکيو ويو. مذهب بدلائڻ سبب کيس ”يونين اڪيڊمي“
ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ”ڊسٽرڪٽ ڪورٽ“، حيدرآباد ۽
پوءِ 1894ع کان 1897ع تائين ”سينٽ پيٽرڪ اسڪول“
ڪراچي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو پيو.
هن نه رڳو ”جوت“ اخبار جاري ڪئي، پر ”گل ڦل“ ۽
”دلبهار“ ڪتاب به مرتب ڪيائين. سندس لکيل ۽ ترجمو
ڪيل ڪتابن مان ”سنڌي- انگريزي لغت“، ”انگريزي-
سنڌي لغت“، ”ڪرست جي پيروي“، ”يوسف مصري“، ”هيري
جي منڊي“، ”ڌرم مورتي“، ”آتمڪ امرت“، ”مياڻيءَ جي
جنگ بيتن سميت“، ”اپائڻهار جي هستي“، ”هيرو ۽
گلو“، ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“، ”لورڊ جي ناري“، ”سر
ڪاپائتي“ ۽ ”سنڌ باد سيلاني“ ڪافي مشهور آهن.
سندس وفات 29- نومبر، 1938ع تي ٿي.
]تفصيل
لاءِ ڏسو منهنجو زير ترتيب ڪتاب ”ايڊيٽر نامو“[
(38) فادر ڪوٽواڻي جو جنم 16- آڪٽوبر 1944ع تي ڳوٺ
عظمت تعلقي سکر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ۽
انگريزي تعليم ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول“ ڪراچي ۽ ”نو
ودياله هاءِ اسڪول“ حيدرآباد ۾ ورتائين. ارڙهن
سالن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو. انهيءَ
موقعي وارين ”اگني سنسڪار“ ۽ ”گنگا اشنان“ وارين
مذهبي رسمن کيس هندو ڌرم کان متنفر ڪري ڇڏيو.
پرمانند ميوا رام جي اثر هيٺ 1933ع ۾ عيسائي ٿيو.
هيءُ پهريون سنڌي ڪئٿولڪ آهي، جيڪو 1944ع ۾
پادريءَ جي منصب تي رسيو. پاڻ 1938ع ۾ ”جوت“ جو
ايڊيٽر ٿيو.
]حوالو
ساڳيو[.
(39) انهن کان سواءِ سنڌ جو هڪ ٻيو سنڌي عيسائي
عالم هو
(B. Animananda).
(40) ڪارسن 1913ع ۾ آشبرٽن، نيوزيلينڊ ۾ ڄائو. هي
صاحب 1940ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت ”چرچ مشينري
پريس“ ۽ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن
ٿي رهيو. هن ”خدا جو ڪٽنب“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا.
]تفصيل
لاءِ ڏسو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”پرڏيهي عالمن جا
خط“، هفتيوار ”آزاد“، ڪراچي، مورخه 3- ڊسمبر
1979ع، ص 2[.
(41) چارلس وليم هسڪل 1905ع ۾ بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾
ڄائو ۽ تعليم نيوزيلينڊ مان ورتائين. هي صاحب
1930ع ۾ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ جي ڪارڪن جي حيثيت
سان سنڌ ۾ آيو. 1933ع کان وٺي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري
سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿيو. ان کان پوءِ ”گرامر
اسڪول“ ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو. 1955ع ۾ نيوزيلينڊ
هليو ويو ۽ هاڻي اتي ئي رهي ٿو.
هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهيءَ موضوع تي اصلي ڪتاب به
لکيائين. هن صاحب سنڌي انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به
مرتب ڪيو. ان کان سواءِ ”سنڌي- انگريزي لغت“ مرتب
ڪرڻ ۾ هڪ سنڌي هندو اديب(؟) جي مدد به ڪيائين.
]تفصيل
لاءِ ڏسو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”پرڏيهي عالمن جا
خط“، هفتيوار ”آزاد“ ڪراچي، مورخ 19- نومبر 1979،
ص 4[
(41) Sec: Daily Gazette, Krachi, Dt: 7.4.1928,
P. 9 to 10.
(42) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“، پي.ايڇ.ڊيءَ
لاءِ مقالو، 1979، ص 516.
(43) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1828ع تي ايلزفيلڊ
(Elezfield)
جرمنيءَ ۾ ڄائو. سندس والد هڪ غريب هاري هو. هي
صاحب 1848ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ
(Liberal Movement)
۾ شريڪ ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس جيل
مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس
”انڊيا آفيس“ ۾ ملازمت ملي ويئي. اتان هيءُ ”چرچ
مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي
اچي بمبئيءَ پهتو. هن ”چرچ مشن سوسائٽي“ طرفان
سنڌ، فلسطين، پشاور ۽ ڪافرستان ۾ ڪم ڪيو. هي صاحب
ڪجهه وقت لاءِ ”ٽيومنگن يونيورسٽي“ ۾ مشرقي زبانن
جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1883ع ڌاري ميونخ
(Munich)
يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جي تعليم جو پروفيسر
ٿيو. سندس وفات 5- اپريل 1885ع تي ٿي.
ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي،
فرانسسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي پارسي، پنجابي،
پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي ٻولين تي به دسترس رکندو هو.
سندس لکيل ڪتابن ۾ ”ڪامن پرائمر بوڪ“
(Common Primer Book)،
”شاهه جو رسالو“، ”سنڌي ريڊنگ بوڪ ان دي سنسڪرت
ائنڊ عرئبڪ ڪرئڪٽرس
(Sindhi Reeding Book in the Sansikrat and Arabic
Characters)،
”گرو گرنٿ جو انگريزي ترجمو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ ذڪر
ڪرڻ جي قابل آهن.
]تفصيل
لاءِ ڏسو: حبيب الله مولابخش ڀٽو، ”سنڌي ساهت ۽
مشهور مستشرقين“، شڪارپور، 1973ع ۾ ص 78 – 85[
(43) هي صاحب سيپٽمبر 1842ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪراچيءَ
کان حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر کان ٿيندو پنجاب ويو.
ان جو سفرنامو جرمني زبان ۾ ڇپيو، ان جو انگريزي
ترجمو ايوانس لائڊ ڪيو، جيڪو
“Travels in India including Sind and Punjab”
جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو.
]تفصيل
لاءِ ڏسو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌ- مغربي
ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾“، ٽه ماهي مهراڻ، ڄامشورو
3-4/1979، ص 117[.
(44) ڪرسٽاف وان شمڊ 1768ع ۾ فرانڪونيا پرڳڻي جي
هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ سنه 1854ع ۾ وفات ڪيئاين.
هو وڏو پادري هو ۽ ڪجهه وقت سرڪاري اسڪولن جو
انسپيڪٽر به ٿي رهيو. هن ٻارن لاءِ گهڻائي ڪتاب
لکيا، جن مان ”انجيل جي تاريخ“، ”خدا جي بابت
پهرين تعليم“ ۽ ”گلن جي ٽوڪري“ ذڪر ڪرڻ جي قابل
آهن.
(45) يوهان ولف گينگ فان گوئٽي 28، آگسٽ 1749ع تي
فرينڪفرٽ اون ۾ پيدا ٿيو. ڄمڻ وقت ايترو ته ضعيف
هو، جو سندن مائٽن کي هن ٻار جي بچڻ جي ڪابه اميد
نه هئي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ڪمزور ٻار اڳتي
هلي ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندو. سندس والد بنيادي
طور تي ڪاريگر هو، جو ترقي ڪري وڃي ”امپيريل
ڪائونسل“ جو ميمبر ٿيو هو. هن جي والده وري وڪيلن
جي خاندان مان هئي.
گوئٽي انهن ٽن عظيم انسانن مان سڀ کان پهريون
ڄائو، جن اڳتي هلي جرمنيءَ جو نقشو ئي بدلائي
ڇڏيو. باقي ٻن شخصيتن ۾ شيلر 1759ع ۾ ۽ نيپولين
ڏهه سال پوءِ پيدا ٿيو. گوئٽي پنهنجي اکين سان
ڪيترائي اهم واقعا ڏٺا. هن انهيءَ ”جرمن
پارليامينٽ“ کي ختم ٿيندو ڏٺو، جيڪا قرون وسطيٰ
کان وٺي هن قوم جو مضبوط ادارو ٿي رهي هئي. کيس
آمريڪا جي جنگ آزاديءَ جي مشاهدي ماڻڻ جو به موقعو
مليو. فرانس جو انقلاب، نيپولين جو عروج ۽ زوال ۽
آخر ۾ 1830ع وارو پيرس جو انقلاب به ڏٺائين.
گوئٽي پنهنجي تعليم ليبزگ ۽ اسٽريبرگ ۾
ورتي. قانون جي سند وٺڻ کان پوءِ ويزلر جي سپريم
ڪورٽ ۾ نوڪري ڪيئاين. 1776ع ۾ ويمر ويو، جتي پريوي
ڪائونسلر ۽ وزير بڻجي ويو. هو هڪ ئي وقت وزير،
مصور، سائنسدان ۽ اديب هو. هن جرمنيءَ جي شاعريءَ
کي عوامي رنگ ڏنو، اتان جي ناٽڪي دنيا ۾ نئون روح
ڦوڪيو ۽ پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي علم ادب جي
تاريخ کي سينگاريو. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد
چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان ”پوئٽري ائنڊ ٽرٿ“
(شاعري)، گوزفان برلي شنگين“ (ڊرامو)، ”دي ساروز
آف ينگ ورڌر“ (ناول)، ”اگمانٽ سٽو“ (ناول)، ”افي
جنائي“ (ناول)، ”ميٽ امارفوسس آف پلانٽس“ (سائنس)
۽ ”فائوسٽ“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. سندس وفات 1833ع
۾ ٿي.
]تفصيل
لاءِ ڏسو: سيد سعيد احمد: ”مشاهير جرمني“، ڪراچي،
1970ع، ص ص 97 – 105[
(46) رچرڊ روس: هي صاحب نيوگريپ لڳ پرٽز ۾ 1851ع ۾
ڄائو. سندس والد ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو. هن 1840ع
واري جنگ ۾ شرڪت ڪئي. جينا ۽ روم ۾ پڙهڻ کان پوءِ
علم ادب ڏانهن توجه ڏنائين. ڪجهه وقت لاءِ
لائبيرين به ٿي رهيو. سندس لکيل ناٽڪن ۾
”انفيهلبار“
(Unfehlbar)
1874ع، ”رگولا برينڊ“
(Ragula Brand)
1884ع، ”اسڪلڊگ“
(Schuldig!)
1892ع ۽ ناولن ۾ ”ولا فالڪونيئري“
(Villa Falconieri)
1896ع، ”رومسڪز فائبير“
(Romisches Fiebor)
1902ع، ”زوي مينسڪين“
(Zwei Menschen)
1911ع، ”مٽ ونلئب ان هار“
(Mit weinlaub in Haor)
1915ع، ”ڊاءِ سيبنيرين“
(Die Sabinerin)
1890ع، ”سڊليچزبلٽ“
(Sudliches Blut)
1900ع ۽ سندس شاعري ۾ ”ڊاءِ اسڪربين گيساميلٽ ون
اينم مڊن مئن“
(Die Scherben gesammelt Von einem Muden Mann)
1847ع ۽ يادگيرين ۾ ”اس اينم فانٽيسٽيڪن ليبن“
(Aus einem Phantastischen Leben)
1920ع وغيره. تفصيل لاءِ ڏسو:
Henry & Mary Garland: “The Oxford Companion to
German literature”, Oxford, 1976, P. 908.
(47) جيڪب، ويلم کان وڏو هو. هو 4-جنوري 1755ع تي
ڄائو ۽ 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. وليم
1786ع ۾ ڄائو ۽ جيڪب جي وفات کان چار سال اڳ 1786ع
۾ وفات ڪيائين. هو پاڻ جيتوڻيڪ غريب هئا، ليڪن وطن
جي حب جي جذبي سان سرشار هئا. انهيءَ جذبي تحت هنن
جرمنيءَ جي قديم اتهاس، تاريخ، قانون، موسيقي ۽
اڳوڻي ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ انهن موضوعن تي
ڪتاب لکيائون. قومي شاعريءَ ۾ کين اعليَ مقام حاصل
هو. هنن 1816ع کان وٺي 1818ع واري عرصي دوران جرمن
قوم جي قديم رزميه شاعري گڏ ڪري شايع ڪرائي. 1812ع
۾ لوڪ ڪهاڻين جو پهريون جلد ”ڪنڊر- انڊهاس مارچن“
نالي سان ڇپرايو. پوءِ 1815 ۽ 1822ع ۾ انهن ڪهاڻين
جا ٻيا جلد به ڪڍيائون. سندس وفات کان پوءِ 1870ع
۾ جيڪب جي وڏي پٽ هرمئن، سندن اڍائي سو ڪهاڻيون
گڏي شايع ڪرايون. انهيءَ جلد مان پنجاهه ڪهاڻيون
پوءِ انگريزيءَ ۾
“Grims Fairy Tales”
جي نالي سان شايع ٿيون. گرم خاندان جي هنن فردن جي
انهيءَ ڪاوش مان 19 ڪهاڻيون چونڊي، خانصاحب مريد
علي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون. اهي ڪهاڻيون پهريون”گل
ڦل“ سنڌي رسالي ۾ شايع ٿيون، جن کي پوءِ ”گرم جون
آکاڻيون“ نالي ڪتاب جي صورت ڏني ويئي.
]
ڏسو: ناشر طرفان ٻه لفظ ڪتاب ”گرم جون آکاڻيون“
سنڌي ادبي بورڊ، ص 5[.
ضميمون نمبر 1
(1) سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪرايل
ڪن ڪتابن جو وچور.
”سانجهيءَ جي دعا ۽ لٽانيا ۽ ڪي زيور“ (1916)،
”انجيل“ (1923)، ”متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل“
(1930)، ”مسيحي مسافر جو احوال“ (1933)، ”هڪڙي
جاپانيءَ جو قصو“ (1934)، ”سچو سڄڻ“ (1934)،
”ڪگاوا جا آتمڪ آزمودا“ (1936)، ”دلپسند زندگي“
(1936)، ”معرفت جو راز“ (1936)، ”مسيح جي حقيقت“
(1940)، ”شروعاتي مٺا ميوا“ (1943)، ”اڳڪٿين جي
تڪميل“ (1943)، خدا جو خاندان (1744) ”جئسنگهه
بهادر“ (1945) ”ڪهنن پهڻ کي هٽايو“ (1945) ”ناتال“
(1946)، ”پرتما جي بادشاهت ۽ ان جا قاعدا“ (1946)،
”موت کان پوءِ ڇا ٿيندو“ (1946)، ”هڪڙو عجيب خواب“
(1946)، ”ڪاشيءَ جي ٻن تيرٿ واسين جو قصو“ (1947)،
”دنيا جي اميد“ (1947)، ”افضل راز“ (1947)، ”خدا
جي هستي“ (1947)، ”دعائن جو گلدستو“ (1947)، ”هڪڙو
عجيب ڪرڪيٽئر“ (1947)، ”جهاد جو سوجهرو“ (1947)،
”هڪڙو عجيب مڪاشفو“ (1947)، ”پتا جو پيار“ (1947)،
”مقدس لوقا جي معرفت پاڪ انجيل“ (1947)، ”رڻ پٽ جي
مسافري“ (1947)، ”هدايت نامو“ (1947)، ”پولس هڪڙو
غلام“ (سال؟)، ”پنڊتا راماٻائيءَ جو قصو“ (1947)،
”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ (سال؟) ”سلطان ۽
سلطانه“ (سال؟) ”نئون عهد نامو“ (سال؟)، ”خدا جو
پدرانه سلوڪ“ (سال ؟) مختصر مقدس بائبل (سال ؟)
”صليب جو“، ”پولس بهادر“ (سال؟)، ”عبدالله“
(سال؟)، ”هڪڙو عجيب پيچرو“ (سال؟) ۽ ”سوانح عمري
(سال ؟).
ضميمون نمبر 2
(2) مسيحي ادب جون صنفون
سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي،
جي ڪتابن تي نطر ڦيرائجي ٿي ته اهي اسان کي مختلف
صنفن ۾ ورهايل معلوم ٿين ٿا. سنڌيءَ ۾ مسيحي ادب
نثر توڙي نظم تي مشتمل آهي. صنف جي لحاظ کان اهو
مضمون، ڊرامي، افساني، قصي ۽ شاعري تي مبني آهي.
جيئن: افساني جا ڪتاب: ”جئسنگهه بهادر“، ”هڪڙو
عجيب ڪرڪيٽئر“ وغيره.
ڊرامي جا ڪتاب: ”ناتال“.
قصي جا ڪتاب: ”پندتا راماٻائي جو قصو“، ”جاپاني
قيديءَ جو قصو“ وغيره.
مضمون جا ڪتاب: ”دلپسند زندگي“، ”سانجهيءَ جي
دعا“، ”معرفت جو راز“، ”مسيح جي حقيقت“ وغيره.
شاعري جا ڪتاب: ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“.
ضميمون نمبر 3
(5) 1947ع ۾ سنڌ اندر عيسائين جا ادارا ۽ انهن جو
تعداد
ادارا تعداد
1. پئرشسز ۽ ريزيڊينس 13
2. فريئريز 1
3. ڪنوينٽس 9
4. هاءِ اسڪول 6
5. مڊل اسڪول 2
6. پرائمري اسڪول 10
7. اسپتالون 1
8. ويم گهر 2
9. يتيم خانا 3
10. پريسون 1
ڪئپٽن ڊاڪٽر زمان شيخ
سنڌ ۾ طب – صدين جي آئيني ۾
جڏهن موهن جو دڙو سجاڳ هو:
سنڌ بابت علم هيئت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌين
جو رنگ، سفيد فام قومن جي ڀيٽ ۾ سانورو آهي، پر
کين قديم قومن ۾ علم، حڪمت، هنر، تهذيب، اخلاق ۽
سياسي شعور جي فضيلت عطا ڪيل آهي. سنڌي جوتشي پاڻ
خيال ظاهر ڪن ٿا، ته زحل ۽ عطارد سنڌ جي طبعي
حالتن تي حڪمران آهن. زحل جي ڪري عقل، صفائي ۽
ذهني لطافت نصيب ٿي ۽ کين طب ۾ پڻ ڪمال حاصل ٿيو.
اڳ عالمن جي راءِ ۾ ڪلديا، بابل، اشور، سميريا ۽
مصر جون قومون قديم تهذيب جون نشانيون هيون؛ پر
1922ع ۾ سنڌو نديءَ جي الهندي ڪپ تي لاڙڪاڻي ضلعي
۾ ڏوڪري شهر ويجهو جيڪي کنڊر لڌا ويا آهن، تن کي
ڏسي مهذب ۽ ترقي يافته دنيا جي ڏندن ۾ آڱريون اچي
ويون آهن. کوٽائيءَ مهل ڪنهن جي ملائڪن کي به سُڌ
ڪانه هئي ته اتان ڪي اهڙيون شيون ملنديون، جي دنيا
جي تاريخ ۾ ڦيرو آڻينديون(1). خيال ظاهر ڪيو ويو
آهي ته انهيءَ تهذيب کي برباد ڪرڻ ۾ آريا قوم جو
هٿ هو، جن 2000 ق-م- ڌاري سنڌو ماٿر تي حملو ڪري،
ان کي تباهه ڪيو ۽ قتل عام ڪرايو يا وري اتي ڪو
خوفناڪ زلزلو آيو هو يا ان جي تباهيءَ ۾ سنڌو دريا
جي وهڪري جي ڦيري جو اثر آهي.
موهن جي دڙي جا کنڊر، جن تي ٽنن جا ٽن مٽيءَ جا
تهه چڙهيل هئا، صدين کان وٺي دنيا جي نظرن کان
لڪيل رهيا، تان جو 1922ع ۾ ڊاڪٽر آر-ڊي بئنر جيءَ
جي اک چڙهي ويا، جو ان وقت هند جي کوٽائي کاتي ۾
سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي فائز هو. خود موهن جو دڙو
نالو به ڊاڪٽر صاحب جو رکيل آهي، جيڪو سنسڪرت (۽
هندي) لفظ مَهَن مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
”مئل“. هاڻي انکي ”موهن جو دڙو“ به چون ته ”موئن
جو دڙو“ به. کوٽائيءَ جو ڪم 1924ع ۾ شروع ٿيو ۽
1931ع تائين جاري رهيو. دنيا جي مشهور کوٽائيءَ جي
ماهر سر جان مارشل ان جي نگراني ڪئي، جو ان وقت
هندستان جي آرڪيالاجي (کوٽائي) کاتي جو ڊائريڪٽر
هو. موئن جو دڙو تاريخ کان اڳ جي برانز (ڪَنجهو)
دور جو شهر آهي. تباهه ٿيڻ کان پوءِ به ان جا کنڊر
240 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. برانز دور ان ڪري ٿو سڏجي
جو ان وقت لوهه يا رڪ دريافت نه ٿيو هو، پر ٽامي ۽
قلعيءَ کي ملائي هڪ نئون ڌاتو ڪم آندو ويندو هو،
جنهن کي يورپي محققن ”برانز“ جو نالو ڏنو آهي. سر
جان مارشل پاڻ بيحد اچرج ۾ پئجي ويو ۽ ظاهر ڪيائين
ته پاڻ ڄڻ هاڻوڪي لئنڪشائر جهڙي جديد شهر جو سير
ڪري آيو آهي، جو زمين هيٺان دٻجي ويو آهي(2). وڌيڪ
تبصرو ڪيئاين ته 5000 سال ق.م. سنڌ جا باشندا
متمدن ماڻهن وانگر مهذب طرح خوبصورت ۽ پڪين جاين
وارن شهرن ۾ رهندا هئا. سندن تهذيب ۽ تمدن جو درجو
نهايت بُلند هو. قديم سنڌي معاشري جي انهيءَ اوچي
معيار کان متاثر ٿيندي ”الواح سوميري“
(Tabels of Sumir)
جو فاضل مصنف ۽ آثار قديمه جو ماهر ڊاڪٽر نوح
ڪريمر موهن جي دڙي جو ذڪر دهرائيندي، ان لاءِ
شاعراڻي انداز ۾ چئي ٿو:
”هي اهو شهر آهي، جتي ڪنواريون ڇوڪريون گهٽين يا
گهرن ۾ گندو پاڻي ڪڏهن به نه هارينديون آهن.
هتي ڪوبه بيمار نٿو رهي. هتي ڪنهن کي به مٿي ۾ سور
يا اکين ۾ آزار نٿو پيدا ٿئي.
هيءَ سرزمين بهشت جي زمين آهي.
هتي ديال جا خوشبودار وڻ آهن.
هن شهر ۾ ڪوبه پوڙهو پاڻ کي پوڙهو نٿو سڏائي.“(3) |