گهر جي هڪ صاف ۽ ڪنڊائتي جڳهه تي مٽيءَ جا هڪ يا
ٻه کُڏڪڻا ٺاهيا ويندا آهن ۽ اهي پوءِ ٿي پيا
پَتَر. پوءِ اُن کُڏۡڪڻي ۾ هر روز سج لٿي مهل
ننڍڙي صاف گلاس سان وڏي احترام سان مٿي تي ٽوپي
پائي يا ڪپڙو رکي ۽ پيرن مان جُتي لاهي، پاڻي
وجهڻو آهي ۽ ان بعد مٿو ٽيڪي هٿ ٻَڌي سلامتيءَ
لاءِ دعا گهرڻي آهي.
اوڏن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پترن کي پاڻي نه ڏبو
ته گڏهه منڊا ٿيندا ۽ تڪليفون درپيش اينديون. ان
ڪري پترن کي خوش ڪرڻ لاءِ هر روز پاڻي ڏيڻ ضروري
آهي ۽ خاص ڪري عيدن ۽ خوشيءَ جي ڏڻن تي پترن تي
چڙهاوا پڻ ڏنا ويندا آهن ۽ اوڏن جو آواگون تي يقين
آهي.
عمرانيات جا مفڪر اگست ڪرنت ۽ ايس.بي لُبڪ ان خيال
جا حامي هئا ته پراڻي دور جا انسان پنهنجي ابن
ڏاڏن کي بيپناهه طاقتن جو مالڪ سمجهندا هئا،
تنهنڪري روحن جي پرستش عام طور تي ڪئي ويندي هئي،
۽ اها رسم اوڏ قوم ۾ اڃان به موجود آهي (مان خود
جڏهن ننڍڙو هئس ته پترن کي پاڻي ڏيندو هئس).
سنڌ ۾ اوڏ قوم پنهنجي مذهب سان گڏ مسلمان اوليائن
۽ درويشن جي وڏي عزت ڪن ٿا ۽ انهن جي درگاهن ۽
روضن تي حاضري ڏين ٿا، خيرخيراتون ڪن ٿا، خاص ڪري
پيران پير دستگير کي ڏاڍو مڃيو وڃي ٿو، قرآن پاڪ
جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي رومال ۽ پوتيون پارايون
وڃن ٿيون.
راما پير اوتار کي به ڏاڍو مڃيو وڃي ٿو. ان جو
ميڙو (روزو) جيڪو 9 ڏينهن جو ٿئي، اهو رکيو ويندو
آهي. ان ميڙي ۾ ماس ۽ مڇي يعني ساهه واري شيءِ نه
کاڌي ويندي آهي. اِهو ميڙو آخرين ڏينهن تي ناريل ۽
ڪَنڊيءَ جي ٽاريءَ تي ڇوڙيو ويندو آهي.
اوڏ قوم جو ڌنڌو:
اوڏ قوم جو اصلي ڌنڌو آهي ڀتيون جوڙڻ ۽ ٺاهڻ، ڇو
ته اوڏ لفظ جي بنيادي معنيَ ئي آهي اڏيندڙ. اوڏ
ويچارا خانه بدوشن وانگر اڄ هِتِ ته سڀاڻي هُتِ،
جتي ڪم لڳو اُتي وڃي پنهنجا پکا اڏين.
پکي کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ”سَرڪي“ چيو ويندو آهي. پکو
ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪڙو سَرَ جي تيلين مان
ٺهيل ۽ ٻيو پَنِ جي تيلين مان ٺهيل، ليڪن ٻنهي مان
سَرَ جي تيلين وارو وڌيڪ مقبول آهي ۽ وزن ۾ به
هلڪو ٿئي. پَکي مان چڱو ڀلو مينهن وَهي نه سگهندو
اهي، باقي جيڪڏهن تيليون وغيره ڀڳل هونديون ته
مينهن وغيره وَهي هلندو. گهڻا اوڏ جيڪي ڪچي ڀرسان
رهندا آهن، جتي ٻُوڙا وغيره جام ٿين ۽ پکي لاءِ
تيليون ملي سگهن ته پوءِ پکا پاڻ ٺاهيندا آهن،
ورنه بازار مان خريد ڪيا وڃن ٿا.
مٽي ڍوئڻ لاءِ گڏهه ڌاريا ۽ پاليا وڃن ٿا، ان ڪري
هر هڪ گهر وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ۽ ان کان وڌيڪ گڏهه،
ڪمائڻ لاءِ هوندا آهن. ڪٽنب جي ڀاتين آهر به گڏهه
ڌاريا وڃن ٿا. جيڪو وڏو ڪٽنب هوندو ته لازمن ان ۾
ڪمائيندڙ ماڻهو به گهڻا هوندا ۽ انهن گهڻن ماڻهن
جي ڪري گڏهه به گهڻا ڌارڻا پوندا آهن.
گڏهه ئي هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو پهاڙن جا پهاڙ
مٽيءَ جا پنهنجي پُٺيءَ تي ڍوئي اوڏ قوم جي خوشحال
زندگيءَ ۾ اضافو ڪري ٿو.
اوڏن کي پنهنجي گڏهن جو خيال ڏاڍو ٿئي ٿو ۽ انهن
جي کاڌ ۽ خوراڪ جو به اونو هوندو اٿن. بُوسي،
ڪٽيءَ ۽ سارين جون ٻوريون، خوراڪ ۽ داڻي واسطي
اڳواٽ وٺي رکندا آهن ته جيئن گڏهه لانجها نه ٿين.
ڏِير گاهه به گڏهن لاءِ وڻندڙ غذا آهن، جنهن کي
گڏهه چاهه سان کائيندا آهن، پراڻي وقت ۾ گڏهن لاءِ
ڏِير گاهه به آندو ويندو هو، ليڪن هن وقت ان جو
رواج گهٽ آهي.
عام گڏهن کان علاوه هڪ ٻيو قسم گڏهن جو به ٿئي،
جنهن کي ”لاسي“ چيو وڃي ٿو، جن کي چڙهيءَ يا
سواريءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. هي گڏهه ڏاڍا قيمتي
ٿين ۽ انهن جي قيمت عام گڏهن کان پنجوڻي يا ڇهوڻي
ٿيندي آهي. هن وقت ڪوبه غريب اوڏ لاسي گڏهه وٺي
نٿو سگهي، صرف شوقين ئي انهن گڏهن کي پالي ۽ ڌاري
سگهن ٿا. انهن گڏهن جون ڊوڙون به ٿين ۽ هزارين
روپين جون شرطون رکيون وڃن ٿيون.
ڪمائڻ ۽ مٽي ڍوئڻ ۾ عورتون به مردن سان گڏ
ڪلهوڪلهي سان ملائي ڪم ڪن ٿيون. کاٽيءَ جو ڪم هجي
يا ڀتين جوڙڻ جو، ٻنهي ۾ عورتون مردن سان گڏ ڪم ڪن
ٿيون.
آلي مٽي گڏهن تي ڍوئڻ لاءِ پاکڙو ڪم آڻبو آهي. ان
کي اوڏڪي ۾ ”جِتِري“ چيو ويندو اهي. هي عام کٻڙ جي
ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي، ڇو ته کٻڙ جي ڪاٺي
چيڙهي ٿئي ٿي ۽ پاکڙو مضبوط رهندو آهي ۽ گهڻو وقت
هلي ٿو. هي پاکڙا اوڏ پاڻ ٺاهيندا اهن ۽ انهن وٽ
واڍڪو سمورو سامان هوندو اهي. جنهن سان پنهنجن
پاکڙن ۽ کٽولين کي گهڙيندا آهن.
مِٽيءَ کي پَٽڻ ۽ ڊاهڻ لاءِ اوڏ قوم جون ڪوڏاريون
نراليون آهن، جيڪي صرف اوڏ ئي پاڻ وٽ رکن ۽
استعمال ڪن. اوڏڪي ڪوڏر کي ٻيو نه وهائي سگهندو.
آلي مٽيءَ لاءِ ڪوڏر الڳ هوندي آهي ۽ ڀَنجهو ۽
کاٽيءَ لاءِ وري ٻي ڪوڏر هوندي آهي، ان کي
”ناگوري“ چيو ويندو آهي، هن ڪوڏر سان گڏهه جو ٻورو
ٻن لَپن سان ڀرجيو وڃي.
اوڏڪي ڪم جي پائيداري ۽ مضبوطيءَ جي ڪهڙي تعريف
ڪجي، ان جي تعريف ته خود شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ به هيٺين ريت ڪئي آهي:
”اڏيو جو اوڏن، سو ڍينگهر ڍلومَ ٿئي.“
ٻهراڙيءَ ۾ سموريون ڪچيون جايون، مال جا واڙا،
پناهه ۽ چار ديواريءَ جا ڪوٽ، اوڏڪا ڏسڻ ۾ ايندا.
توهان کي اهو ٻڌي تعجب ٿيندو ته ڪيترين پڪين ۽
ڪچين سِرن جي جاين جي پيڙهه يعني چريءَ کان وٺي هڪ
ٻه بار مٿي، اوڏڪي ڀت جا ڏنل هوندا آهن. ان جا ٻه
سبب آهن، پهرين ته جاءِ جي پيڙهه جي مضبوطي ۽ ٻيو
سبب ته ٻهراڙيءَ ۾ چوريءَ ۽ چڪاريءَ جو مرض عام
آهي ۽ اوڏڪي ڀت کي چور کاٽ وغيره آسانيءَ سان
لڳائي نٿا سگهن.
اوڏڪي ڀتين جو جيڪڏهن اسان تاريخي جائزو وٺنداسين
ته معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ جيڪي به پراڻي وقت ۾ ڪچا
ڪوٽ ۽ ڪچا قلعا، سنڌ جي حاڪمن دشمنن جي بچاءِ لاءِ
جوڙايا ته اهو گهڻو ڪري اوڏن جا جوڙيل آهن ۽ انهن
مان ڪوٽن جا ڊٺل نشان هن وقت تائين به موجود آهن.
ان کان علاوه ڪيترا تاريخي پاڻيءَ جا تلاءَ به
اوڏن جا کڻيل آهن، جن ۾ ”لاکاسر“ ۽ ”ٻيلاسر“ ٻه
وڏا تلاءَ پاڻيءَ جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڄام
لاکي اوڏن کان کڻايا.
”ٻيلاسر“ تلاءَ جو نالو به ٻيلي اوڏ جي نالي پويان
رکيو ويو.
اوڏڪي ٻولي:
اوڏڪي ٻولي مارواڙي ٻولي سان گهڻو ملي جلي ٿي چند
جملا هيٺ ڏجن ٿا.
سنڌي اوڏڪي
(1) تون ڇا پيو ڪرين؟ (1) تون ڪا،
ڪري، تا؟
(2) مان پڙهان ٿو. (2) مين، پَڙهين،
پَلا.
(3) تنهنجي پيءَ جو نالو ڇا آهي؟ (3) تڌي، ٻا، چي،
نا، ڪا، هي؟
(4) تون ڪٿي ويٺو آهين؟ (4) تون ڪٺي ٻيلها،
هتا؟
(5) تو وٽ گهڻا گڏهه آهن؟ (5) تو، کن، گهڻين،
گاڙهين هتسين؟
(6) تون ڇا تي ڪمائيندو آهين؟ (6) تون ڪي، ڦر،
ڪماوي تا؟
(7) مان گڏهن تي ڪمائيندو آهيان. (7) مين، گاڙهان
پر، ڪماوين هين.
ان کان علاوه گڏهه کي ”گاڙو“، لَسيءَ کي ”ڇاڇڙي“،
مڇيءَ کي ”ماڇڙي“، کٽ کي ”کاٽ“، ڪوڏر کي ”پاوڙا“،
مسلمان مرد کي ”گوچا“ واڻئي کي ”باڻئا“، وارن کي
”چوڻي“، هٿن کي ”هاٿ“، پيرن کي ”پڳ“، مٿي کي
”ٺوڏ“، سلوار کي ”سُوٿڻ“، رلهي کي ”کَنڌولي“، باهه
کي ”جاکتي“، پکيءَ کي ”سَرڪِي“ ۽ پاکڙي کي ”جتري“
چيو وڃي ٿو.
کاڌ ۽ خوراڪ:
کاڌ ۽ خوراڪ ۾ هر اها شيءِ جيڪا حلال آهي ۽ جيڪا
هندو ڌرم ۾ جائز آهي. اوڏ جيترا محنتي آهن، اوترا
کائڻ جا به شوقين آهن. ڇيلا ۽ گهٽا شوق سان کائين.
اٽو وغيره گهر ۾ هٿ جي جنڊ سان پيٺو ويندو هو. صبح
جو بلڪل سوير عورتون اٿي اَن پيهنديون هيون.
گهر ۾ مهمان اچي ته ڇيلو ڪُهي ان کي کارائين. ڇيلو
مسلمان کان ڪهرايو ويندو آهي، ان بعد وڌيڪ وڍ ڪٽ
پاڻ ڪن. ڄنگهن وارين نَرين مان خاص ننڍيون نريون
وڍي ٺاهيندا آهن ۽ انهن ٺاهيل نَرين کي چون
”گوڙيئين“ يا ”نَگَ“.
انهن جا چار قسم ٺهيو پون: (1) سائو، (2) بَهو
مار، (3) ريڍيئي ۽ (4) بندوق.
سائو گوڙيئو قدر ۽ لحاظ کان چئني قسمن کان وڏو
ٿيندو آهي، جيڪو مهمان کي ڏنو ويندو آهي، ان کان
بعد باقي ٻيا عمر ۽ مرتبي آهر ٻين مرد ڀاتين کي
ڏنا ويندا آهن.
مهمان لاءِ الڳ ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي، ان
ڀاڄيءَ کي چون ”لوڻ ماس“. اها ڀاڄي بغير داڳ جي
رڌي ويندي آهي (ليڪن هينئر ڪٿي ڪٿي. داڳ جو به
رواج آهي).
اوڏ ڇيلي جي آنڊي مان هڪ خاص شيءِ تيار ڪن، جنهن
کي چون ”آنتر ٻيڙي“ ۽ پوءِ اها ”لوڻ ماس“ سان گڏ
رڌي ويندي آهي ۽ کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿئي.
مهمان کي ان مانيءَ کان علاوه ٻي ماني به کارائين،
جنهن کي چون ”گهين مٺائي“ يعني ڳهه ۽ مٺائي واري
دعوت.
اوڏن وٽ خاص قسم جا ڪُٽ جا وڏا وٽا آهن، جن کي
”ڀيڻيئي“ چيو ويندو آهي، جيڪي سائيز ۾ وچولي ٿالهه
جيترا وڏا ۽ اونهان ٿيندا آهن.
مهمان کي ماني ڏيڻ وقت اُن وَٽي ۾ پنج ۽ ڇهه ڪڻڪ
جون مانيون وجهي، ان جي مٿان مٺائي يا کنڊ وجهندس
۽ ان مٿان اصلي گيهه رجائي کڻي وَٽو ڀريندس، پوءِ
ڏيندا مهمان کي ته هاڻي کاءُ. مهمان ويندو کائيندو
ته هوڏانهن کنڊ ۽ گيهه جي پرٽ ٿيندي ويندي. بس
تڏهن ڪبي، جڏهن مهمان پاڻ انڪار نه ڪري.
اوڏ مهمان کي ماني کارائڻ ۽ سندس چاڪري ڪرڻ ۾
پنهنجو فخر سمجهن ٿا.
ڪيترين اوڏ ذاتين ۾ ڪي کاڌي پيتي جون شيون کائڻ
ممنوع آهن، جيئن جيپڙوٽ ذات وارا اوڏ ٿوم نه کائن،
ته ڪي وري مڇي نه کائن.
لباس:
مرد پَٽڪو ٻَڌن ۽ هيٺ لاءِ ڌوتي استعمال ڪن.
ڌوتيءَ کي چون ”بيٺڻي“. اوڏ جي پٽڪي جو ڀير نرالو
آهي، جيڪو پري کان پڌرو آهي.
عورتون پَڙو ۽ گَج پائين، پڙي کي ”گهاگهرا“ ۽ گَجَ
کي ”ڪانچِڙي“ چيو وڃي ٿو. ليڪن هن وقت ۾ ڌوتيءَ جو
رواج ڪونهي، صرف ڪي ڪي پراڻا پوڙها ڌوتي ٻڌن ٿا.
اهڙيءَ طرح عورتن ان پَڙي ۽ گَج پائڻ جو رواج
نڪرندو وڃي ٿو ۽ سلوار ۽ قميص استعمال ڪن ٿيون.
سلوار ۽ قميص جي استعمال جو اهو رجحان علم پڙهيل
طبقي ۾ آهي، باقي ٻيا پورهيت پراڻي لباس پائڻ ۾
فخر سمجهن ٿا.
زيور:
پراني وقت کان وٺي اوڏن ۾ هيٺين زيورن پائڻ جو
رواج عام رهيو اهي. شادي ۽ خوشيءَ جي موقعن تي
عورتون اهي زيور پائينديون هيون:
چوڙيون، هَس، ڪٺمال، چندن هار، ٻانهيون، ٻانهوٽا،
پيرن جون ڪڙيون، نسبيون، لُڪڙي، تائيٿ، پنڙا،
مُنڊيون ۽ ٻارکيون وغيره.
شاديءَ جي وقت گهوٽ کي سينگارڻ مهل ان کي هَس،
ڪيوٽيون، چندن هار، ڪَٺمال ۽ مُنڊيون وغيره
پارايون وينديون آهن:
مردن کي ڪنن ۾ ڪيوٽين پائڻ جو رواج آهي. ٻارن جا
ننڍي هوندي ڪن ٽوپايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ سونيون يا
چانديءَ جون واليون پارايون وينديون آهن. جيئن ته
ٻار جي ڪَنَ واري نبض جو ڪنيڪشن انڊڪوس (خصين)
تائين آهي، اها ٽوپي، انهن ۾ سونا والا پارائڻ سان
انهيءَ ٻار کي هرنيا وغيره جي بيماري عمر ڀر نه
ٿيندي.
ڇَني:
پُٽ ڄمڻ تي سندس ڇٺي ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڌام ڌوم
سان ٿئي ٿي. ان ۾ سمورن عزيزن ۽ سِڪ وارن کي سڏ
ڏنو ويندو آهي. ڇٺي ڪرڻ ۾ ڪيترا هزار روپيا
خرچ-چيو وڃي، حالانڪ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ فضول خرچ
آهي. ان کان علاوه ڪيترا غريب اوڏ جهالت جي ڪري
وياج تي پئسا وٺي به پنهنجن پُٽن جون ڇٺيون ڪن ۽
پوءِ هميشه لاءِ قرض ۾ ٻڏل رهن ٿا.
پُٽ ڄمڻ تي سندس ٽئين ڏينهن ”ڌوڪ“ ڏني ويندي آهي.
اوڏن وٽ هڪ خاص وڏو ڪاٺ جو ٿالهه ٿئي، جنهن کي
اوڏڪي ۾ ”ڪونڏيئي“ چيو وڃي ٿو، جيڪو خاص ڪري ڌوڪ
ڏيڻ جي ڪم ايندو آهي ۽ هن کي پاڪ سمجهيو ويندو
آهي. اهو ڪاٺ جو ٿالهه پشت با پشت هلندو اچي.
ڌوڪ جو نمونو اهو آهي ته ان ڪاٺ جي ٿالهه ۾ ڳُڙ
وجهي، هڪ لوٽو صاف پاڻيءَ جو ڀري ان ۾ ٿورا چانورن
جا داڻا وجهندا ۽ ان سان گڏ ڪجهه ٽامي جا سڪا به
وجهندس. ان بعد هڪ ڳئون جو سڪل ڇيڻو به آڻيندا،
پوءِ ان مان ٿالهه مان ٿورو ڳُڙ کڻي ڇيڻي تي رکندا
ته پوءِ اها ڌوڪ ٿي ويئي. ان کي ”گوسائين جي ڌوڪ“
چون.
ان بعد اهو ٿالهه وارو ڳڙ سڀني کي ورهائي ڏين ۽
مبارڪباد ڏني ويندي آهي. اها گوسائين جي ڌوڪ هيمشه
قبيلي جو وڏو يا ٻن چئن پنهنجن گهرن جو وڏوڏيندو
آهي. ٻار جو نالو به ان ڏينهن رکيو ويندو آهي.
پراڻي وقت ۾ ٻار جو نالو پنڊت کان پڇا ڪندا هئا،
ليڪن هينئر اهو رواج ڪونهي.
شادي:
اوڏ قوم ۾ ننڍپڻ جي شادين جو رواج آهي، شايد اهو
رواج صدين کان هلندو اچي رامچندر سان شادي ڪرڻ وقت
سيتا جي عمر ڇهه سال هئي (”تاريخ تمدن سنڌ“ صفحو
76- رحميداد خان مولائي شيدائي)
هن قوم ۾”ڏي وٺ“ يعني ”بدي“ جي شاديءَ جو رواج
آهي، ان کان علاوه ڇوڪرين کي ٽڪن تي به وڪيو ويندو
آهي، ڪيترا والدين تمام ننڍي عمر ۾ پنهنجن نياڻين
کي ٽڪن تي وڪڻيو ڇڏين.
هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ٻانهن جي قيمت ويهه هزار روپيه
آهي ۽ شاديءَ جو خرچ ان کان علاوه.
هن قوم ۾ ”پَسِ“ جو رواج به عام آهي. اهو بدي جي
شاديءَ ۾ ٿئي ٿو، ان جو مطلب اهو آهي ته جنهن طرف
جي ڇوڪري ننڍي هوندي ته اهو ٻئي طرف کي (جنهن جي
ڇوڪري وڏي هوندي) مقرر ٿيل مدي جا پئسا ڀري ڏيندو.
هن وقت هڪ سال جا هڪ هزار روپيا ”پس“ جي رسم هلي
رهي آهي.
اوڏ قوم ۾ ”گهر جوائي“ يا ”گهر ڄاٽي“ جو به رواج
آهي. اوڏ قوم ۾ شاديون هميشه ڌارين مان ٿين ۽
پنهنجي ذات ۾ نه ڪن. کروڙ ذات وارو ڇوڪرو، کروڙ
ذات واري ڇوڪريءَ سان ڪڏهن به شادي نه ڪندو، چاهي
ملڪ جي ڪهڙي به ڪنڊ جو رهواسي هجي.
هن قوم ۾ اهو مقرر ٿيل ناهي ته هڪ مڙس کي هڪ گهر
واري هجي، جنهن کي
(Monogamy)
چئجي ٿو. ان ڪري گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اوڏن کي ٻه
ٻه-ٽي ٽي گهَر واريون هونديون آهن، جنهن کي
(Polygymy)
چيو وڃي ٿو. اوڏ قوم ۾ سڀ ”رٿيل شاديون“
(Arranged Marriages)
ٿين ٿيون، جيڪي وڏن جي مرضي مطابق ڪيون وڃن ٿيون.
لاڙڪاڻي ضلعي، جيڪب آباد، شڪارپور دادو ۽ سکر ضلعن
جي رهواسي اوڏن ۾ هيءَ رسم به آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار
کي شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ يعني هفتي يا ٻن اندر قلندر
لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ لازمي آهي، ورنه ميندي نٿي
لڳي سگهي. زيارت ڪرڻ کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار کي
ميندي لائي وڃي ٿي.
وهانءَ جو طريقو:
گهوٽ ۽ ڪنوار کي موڙ ٻڌي، ٻيا ساٺ ۽ سنوڻ ڪري، هڪ
ٻئي جا پلئه ٻڌي، پوءِ هڪ ٻئي جو هٿ جهلي، باهه جي
چووڌاري ست ڦيرا ڏياريا وڃن ٿا ۽ ان وچ ۾ برهمڻ
چونڪ مَڏي ويڏي پڙهندو آهي، اهڙيءَ طرح سان پرڻو
ٿي ويو.
مرڻو:
اوڏ مئل ماڻهوءَ کي پوريندا آهن. ڪٿي سامي ٺاهين
ته ڪٿي ائين پورين. اوڏن جو خاص مقام ڪونهي، جتي
صرف اوڏ پورين، ان ڪري هر هڪ قبرستان ۾ اوڏُ پوريو
ويندو آهي ۽ ان جي قبر ٺاهي ويندي آهي. ڪي ڪچيون
قبرون ٺاهين ته ڪي پڪيون.
هتي واضح هجي ته ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته اوڏ
مئل ماڻهوءَ کي پورڻ وقت حقو وغيره ڏيندا آهن،
جيڪو بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي.
طلاق:
جنهن کي اوڏڪي ۾ ”ڀنج“ چيو وڃي ٿو. طلاق جهڙو موذي
مرض اوڏن ۾ تمام گهڻو آهي. پنجن ٻارن واري عورت جي
به ڀنج ٿيو وڃي.
موجوده ڪي تازا مثال آهن ته اوڏن جون هڪ-ٻه شاديون
ٿيون، جن کي هڪ مهينو به پورو نه گذريو ته ڀنج ٿي
ويئي آهي. اهڙيءَ طرح والدين پنهنجن نياڻين کان هڪ
مڙس ڇڏائي ٻيو مڙس ڏين ۽ جي ٻئي مان به خوش نه ٿين
ته ٽيون ڏين. اها هڪ تمام خراب ۾ خراب ڳالهه آهي،
ليڪن اوڏن جا مُکي (چڱا مڙس) ان ڳالهه کي ڇو نه ٿا
خراب سمجهن، جڏهن ته هو پنهنجن هٿن سان پنجن-پنجن
ٻارن وارين عورتن جون ڀنجون بلڪل ڪريو ڇڏين.
ڀنج دراصل بي جوڙ شادين جي ڪري ٿئي ٿي، ان ڪري
آئنده لاءِ اوڏ قوم کي گهرجي ته سوچي سمجهي پنهنجي
اولاد جون شاديون ڪرائين ۽ پئسن جي لالچ ۾ نه اچن
۽ بي جوڙ شادين کان پرهيز ڪن.
پڄاڻي:
آخر ۾ مان پنهنجن سرواڻن کان هڪ سوال پڇڻ ٿو
گهران، جن پنهنجي مرضيءَ مطابق، پنهنجي مفاد خاطر،
اشرف المخلوقات جي درجي واري ورڇ ڪئي، تنهن ۾ ڪِن
کي اوچو بڻايو ويو ۽ ڪِن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي
اڇوت جو لقب ڏنو! جهڙي ريت سنڌ جي ٻين قومن جهڙوڪ:
جتن، موچين، ميربحرن، ڪورين، ڪنڀرن ۽ لنگهن يعني
منگتن سان به اِهو سلسلو هن وقت تائين هلندو اچي،
جيڪي قوم جا محنت ڪش آهن. جڏهن ته نبي آخرالزمان
حضرت مُحمد صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن به مزودر
يعني محنت ڪش کي خدا جي دوست ”الکاسب حبيب الله“،
جو لقب ڏنو آهي.
وري مان انهن تاريخدان حضرات کان به اهو سوال پڇڻ
ٿو گهران، جيڪي دراوڙن کي اڻ سڌريل قرار ڏين ٿا،
جڏهن ته موهن جي دڙي واري سڀيتا جا رهواسي دراوڙ
ثابت ٿيا آهن؟
عزيز الله ”عزيز“ بروهي
بروهڪي زبان جا گرامر
عيسوي اڻويهين صديءَ جو زمانو بلوچستان جي تاريخ ۾
غير معمولي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته برٽش شهنشاهيت
جون حدون سنڌو ۽ ستلج ندي تائين هندستان اندر پهچي
چڪيون هيون. برٽش فارورڊ پاليسيءَ متعلق سنڌ،
پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان فرنگي فوجن اڳيان
جولانگاهه بنجي چڪا هئا. انگريز سياحن مٿين ملڪن
جي سياحت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. تجارت جي بهاني سان
مٿين ملڪن جا حالات گڏ ڪرڻ لڳا. ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جا فوجي عملدار سمورا عالم فاضل هئا، جن
جن ملڪن تي سندن قدم پيو تن جا هنن حالات قلمبند
ڪيا. سرجان مالڪوم، مانسيورٽ ايلفنسٽن، وليم ڪائي،
اليگزينڊر برنس، سر هينري پاٽينجر وغيره جون
تاريخون ۽ سفرنامن پڙهڻ سان سندن علمي مذاق جي خبر
پئجي سگهي ٿي. سن 1838ع ۾ برطانوي وزيراعظم لارڊ
پامرسٽن، وائيسراءِ هند، لارڊ آڪلنڊ کي افغانستان
تي فوج ڪشي ڪرڻ لاءِ منظوري ڏني. هن ناڪام مهم ڪري
دنيا جي اخبارن ۾ بلوچستان متعلق چرچو شورع ٿي ويو
خاص ڪري لنڊن جي ڏهين نمبر ڊائوننگ اسٽريٽ جي
سياستدانن ۽ انگلينڊ جي يونيورسٽين جا شاگرد افغان
جنگ لڳڻ ڪري بلوچستان مان واقفيت رکڻ لاءِ منتظر
ٿيا، پر بدقسمتيءَ سان بلوچ قوم جي بي علميءَ سبب
ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود ڪونه هو جنهن تان مغربي
سياستدان ۽ شاگرد ڪا روشني وٺي سگهن. اهڙي خامي کي
مٽائڻ لاءِ لارڊ پامرسٽن برطانوي فوجي عملدارن کي
حڪم ڏنو ته هو جتان به لنگهن ۽ جيڪي ڏسن سو قلمبند
ڪن. سندن قلمي ڪاوشن کي انڊيا آفيس شايع ڪرائڻ
لڳي. پهرين افغان جنگ ۾ انگريزن سخت شڪست کاڌي،
سندن سڄي دنيا ۾ بي عزتي ٿي ۽ فوجي وقار کي سخت ڌڪ
لڳن. مٿين بي عزتيءَ کي مٽائڻ ۽ پنهنجي فوجي وقار
کي هندستانين جي نظر ۾ بحال رکڻ لاءِ هنن سنڌ ۽
بلوچستان تي قبضو ڪيو. بلوچن ۽ بروهين جي آزاديءَ
جو خاتمو ٿيو. بلوچن کي مٿين سياسي انقلاب ۾ سخت
نقصان رسيو، مگر هڪڙو فائدو ضرور پهتو. سندن
لٽريچر ۽ تاريخ، جيڪي اڳ صفحه هستيءَ تي غائب هئا
تن کي مغربي ماهرن جي دقيق بين نگاهن ۽ قلمي ڪشالن
صفحه هستيءَ تي نمودار ڪيو.
جيئن بلوچي زبان جو وجود ته هيو، ليڪن سندس ڪيفيت
کان دنيا غير واقف هئي، تيئن بروهڪي جو به وجود
هيو، ليڪن سندس ڪيفيت کان دنيا غير واقف هئي.
بلوچن وانگر بروهين وٽ سندن زبان تي ڪوبه لٽريچر
موجود نه هو، جيتوڻيڪ براهوئي ڪنفيڊريسي جي سرڪاري
زبان فارسي هئي. انگريزن جي بلوچستان ۾ وارد ٿيڻ
وقت شاهي حڪمران قوم جي زبان بروهڪي هئي، تنهن ڪري
ناممڪن هو ته هيءَ زبان مغربي محققن جي نظر کان
غائب رهجي وڃي. اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جا عملدار مورخ، اديب، عالم فاضل ۽
زباندان به هئا. ڪپتان آر-ليچ صاحب جرنل ايشياٽڪ
سوسائٽيءَ جي جلد ستين ۾ سنه 1838ع ۾ بروهڪي،
بلوچڪي ۽ پنجابي زبانن جي گرامرن تي هڪڙو بصيرت
افروز مضمون پنهنجي قلم سان شايع ڪرايو. تنهن
کانسواءِ ڪاشعري، لغماني، تيراهي ۽ دير علائقن جي
اشعار ۽ سندن لب و لهجه کان به دنيا کي واقف
ڪرايو.
(Journal of Asiatic Society of Bengal Vol. VII,
1838)
هن ڄاڻايل جرنل مطابق بلوچڪي ۽ بروهڪي توڙي افغاني
زبانن هڪڙي ئي وقت ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. ليچ جي
مضمون براهوئيت جي مسئلي جي علمي محفلن ۾ نقاب
ڪشائي شروع ڪئي ۽ اهو مسئلو ويندي اڄ تائين ناقابل
حل پرولي آهي. سندن مضمون تي جرمن، اٽالين ۽ فرينچ
زبان دان بروهڪي ۽ بلوچڪي زبانن ڏانهن رجوع ٿيا.
سنه 1844ع ۾ جرمن محققن ليسن
(Lassen)
جي قلم سان هندوستان جي اولهندي وارين قومن تي
هڪڙو ضرب المثل مضمون جرمن زبان ۾ شايع ٿيو، منجهس
هڪڙو خلاصو باب
“Die Brahui Und ihre Sparche”
جي عنوان سان شايع ٿيو. سنه 1870ع ۾ اٽلي جي هڪ
جاگرافيڪل رسالي ”بيليٽينوڊيلا جاگرافيا
اِٽاليسنا“ ۾ فنزي، فيلائيس جي قلم سان براهوئي
زبان متعلق هڪڙو مضمون
“Brahui, Studio Di Entologlia Linguistica”
جي عنوان سان شايع ٿيو. بلوچڪي زبان وانگر بروهڪي
زبان مغربي محققن ۽ اڻويهين عيسوي صدي ۾ ايتري
دلچسپي پيدا ڪئي جو گهڻائي ڪتاب انگريزي رومن الخط
۾ ڪپتان نڪاليسن ترجمو ڪيا. سنه 1877ع تائين
بروهڪي زبان ۾ ڪراچي کان ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا
(ڪپتان نڪالسن جنگ مياڻي، نيپئر جي ڪتاب ”فتح سنڌ“
تان اقتباسات ۽ گرانٽ ڊف جي مشهور تاريخ ”مرهٽا“
تان ڪي مضمون براهوئي زبان ۾ سنه 1877ع ۾ انگريزي
رومن الخط ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪرايا) ساڳئي سال
مسٽر الله بخش ڪراچيءَ مان هڪڙو ڪتاب براهوئي زبان
متعلق شايع رايو.
(Allah BuxL Hand Book of the Brahui Language
Karachi 1877)
ڊاڪٽر ارنيسٽ صاحب جو سنڌين ۽ بلوچن کي شڪر گذار
ٿيڻ گهرجي. هن صاحب نه رڳو سنڌي گرامر سنڌين لاءِ
تيار ڪيو، پر بلوچن ۽ بروهين تي به احسان ڪيو.
سندس بروهڪي زبان جو گرامر سنه 1880ع ۾ ميونچ مان
شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جي مٿين گرامر
شايع ٿيڻ کانپوءِ ٻئي هڪڙي جرمن محقق ڊاڪٽر ڊيوڪا
ٿيوڊور جو مضمون رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾
بروهڪي گرامر متعلق سنه 1887ع ۾ شايع ٿيو.
ويهين صديءَ جي شروعات تائين دنيا جي ايشيائي ۽
مغربي علمي محفلن تائين براهوئيت جو چرچو پکڙجي
ويو. صحيح براهوئي زبان ڪيئن ڳالهائجي ۽ لکجي تنهن
کان دنيا واقف ٿي مگر ناظرين ڏسي رهيا آهن ته
بلوچن توڙي براهوئين لاءِ ٻيا ڪوشش وٺي رهيا هئا،
ليڪن بلوچ بروهي خود بي خبر هئا ته دنيا ۾ سندن
زبانن جو ڪهڙو چرچو هلي رهيو آهي. سن 1902ع ۾ مسٽر
بگ ودر
Bigg-Wither
الله آباد مان براهوئي سکڻ لاءِ هڪڙو ڪتاب ”اي
گائيڊ ٽو دي اسٽڊي آف براهوئي“ جي نالي سان شايع
ڪرايو تان جو مشنري پادرين کي به براهوئي زبان جي
ڪتابن لکڻ لاءِ شوق ٿيو. پادري ٽي.جي.ايل کي
بلوچڪي ۽ بروهڪي زبانن سان ازحد دلچسپي هئي. ٻه
پريسون آگره ۽ فورٽ منرو ۾ هيون. سن 1906ع ۾ سندس
ڪتاب ”اي براهوئي ريڊنگ بڪ پارٽ فرسٽ“ لڌيانه مان
شايع ٿيو. تنهن کان پوءِ سن 1907ع ۾ راءِ صاحب
ديوان جمعيت راءِ جو ڪتاب ”نوٽس آن دي اسٽڊي آف دي
براهوئي لئنگوئيج“ ڪوئيٽا مان شايع ٿيو. اوهان
سمجهي سگهندا ته براهوئي زبان جنهن کي ڪردي يا ڪرد
گالي زبان سڏين ٿا، تنهن جي گرامر ۽ لٽريچر کي
ترقي ڏيارڻ لاءِ ڌاريا ڪشالا ڪري رهيا هئا مگر
بلوچ يا سندن پاسيري متمدن قومون بلڪل خاموش هيون.
البت قومي اشعار ڊوم لنگهن کي ايامِ جاهليت وانگر
برزبان ياد هئا. ويهين صدي ترقي ۽ تمدن جو نئون
دور کوليو، ناممڪن هوته علم اللسان جا ماهر خاموش
رهي سگهن. سن 1901ع جي آدمشماري جو ڪم سرڊينز بري
جي حوالي هو جيڪو بلوچستان جي سول ۽ پوليٽيڪل کاتن
۾ رهي چڪو هو. کيس مرزا شير محمد جهڙو منشي مليل
هو جيڪو بلوچستان جو رهاڪو زهري خاندان مان هو.
مرزا موصوف جي مدد سان ڊينز بري جو پاڻ زباندان
هو، براهوئي زبان جو هڪڙو گرامر ”دي براهوئي
لئنگوئيج پارٽ فرسٽ“ نالي تيار ڪيو جيڪو سن 1909ع
۾ گورنمينٽ پريس ڪلڪته مان شايع ٿيو. کانئس اڳ
جيڪي گرامر شايع ٿيا هئا تن کان هي بهترين ۽ آسان
نسخو رومن براهوئي زبان ۾ هو
ڊينز بري، جرمن محقق ليسن جي ڪتاب کان وٺي ويندي
جمعيت راءِ جي ڪتاب تائين اڻويهين صديءَ ۾ جيڪي به
ڪتاب شايع ٿيا هئا، تن تان روشني ورتي هئي، مگر
خوشقسمتيءَ سان مرزا شير محمد جهڙو تجربيڪار رفيق
سندس هن علمي ڪاوش ۾ مددگار هو، تنهنڪري سندس نسخي
جي هاڪ پئجي ويئي. جيڪي به بنگالي محقق هئا تن
لاءِ ڊينزبري شمعِ راهه بنجي ويو. ڊينزبري کي
براهوئيت سان تمام گهڻي دلچسپي هئي، ڇاڪاڻ ته
بروهڪي زبان مشرق جي هڪ وسريل زبان هئي، جنهن لاءِ
لنڊن ۽ يورپ توڙي آمريڪا جي مستشرقين کي دلچسپي
هئي. اهي يورپ جون اورينٽل ڪانفرنسون هيون، جن
براهوئيت ۽ بلوچيت جي مسئلي کي علمي محفلن ۾ بساط
تي آڻي بيهاريو. بلوچستان ڇڏڻ کان پوءِ مسٽر ڊينز
بري، سر جي لقب سان انڊيا جو فارين سيڪريٽري ٿيو.
سندس براهوئيت متعلق ٻيو ڪتاب ”د براهوئي پرابلم“
سن 1934ع ۾ نيو دهلي جي گورنمينٽ پريس مان شايع
ٿيو.
(Denys Bray SIR: The Brahui Problem Part II New
Delhi 1934, oMdren Review, July 1918, Calcutta.
هن ڀيري وري مرزا موصوف سندس رفيق هو. ڪتاب مسئله
براهوئي در حقيقت مڪمل گرامر آهي، مگر منجهس اها
به خوبي آهي جو هن جي پهرين باب ۾ احمد زئي خاندان
جي مختصر تاريخ به ڏنل آهي. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ
بعد محققن جي نظر ۾ بروهي ڊرويڊي دراوڙ شمار ٿيڻ
لڳا.
ثريا مخدوم
]خبر
نامو[
سنڌي ساهت سال ڪانفرنس
سنڌي ساهت سال (1981ع) جي جيئن شروعات شانائتي
نموني ٿي، شاهه سائين ۽ ڀٽ شاهه تي موجود ٻين
بزرگن ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ مير عبدالحسين سانگي جي
مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهڻ سان، تيئن ان جي
پڄاڻي به مانائتي نموني ٿي.
هن سال ۾ هونءَ ته گهڻائي ميڙ، مذاڪرا ۽ ڪتابن جا
نماءَ وغيره ٿيا، پر سڀ کان شاندار ميڙ هو ”سنڌي
ساهت سال ڪانفرنس“، جيڪا 26 کان 28 نومبر 1981ع
تائين سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ شاهه عبداللطيف ڪلچرل
سوسائٽي پاران ڪوٺائي ويئي. ساهت سال جي شروعات
شاهه سائينءَ کان ٿي ته پڄاڻي به سندس نالي پويان
قائم ڪيل سنگت پاران ٿي. بهرحال هت ڳالهه آهي
شاندار پڄاڻيءَ جي.
شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي جي سرواڻ، سائين
غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، ڪو مهينو کن اڳ هڪ پريس
ڪانفرنس ۾ مذڪوره ميڙ ڪوٺائڻ جواعلان ڪيو هو. ان
کان پوءِ پاڻ سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۽ ٻين سڄاڻ سڄڻن
سان ڪم کي لڳي ويا. ڪن تنظيمن به سهڪار ڪيو، جيئن
ته ساهت سال ڪميٽي، جنهن جو ته بنيادي ڪم هو ان
قسم جي سڀني ڪمن جي نظرداري ڪرڻ ۽ سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن، جيڪا اهڙن موقعن تي هميشه اڳڀري هوندي
آهي.
افتتاحي اجلاس
ٽي ڏينهن ڪانفرنس ۾ پهرين ڏينهن افتتاحي اجلاس ۽
موسيقي جي محفل، ٻئي ڏينهن ڪتابن جي نمائش، ٽي
نشستون-سنڌي ساهت ۽ سنڌي اديب، سنڌي ساهت ۽ سنڌي
صحافت، سنڌي ساهت ۽ سنڌي عورت، ۽ مشاعرو، ٽئين
ڏينهن پڻ ٽي نشستون- سنڌي ساهٿ ۽ سنڌي عالم، سنڌي
ساهت ۽ سائنس، سنڌي ساهت ۽ اُميدون، ۽ آخر ۾
ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي پروگرام ۾ شامل هئا.
هڪ ڳالهه جي کوٽ بهرحال محسوس ٿي ۽ اها هيءَ ته
ٻارن لاءِ ڪا نشست رکيل نه هئي، جڏهن ته ٻارن جون
تنظيمون ۽ اشاعتون به آهن ۽ ٻين وانگر سنڌي ٻار ۽
سندن ادب پڻ انيڪ مسئلن جو شڪار آهن.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اديبن، عالمن، شاعرن،
تعليمدانن، شاگردن ۽ صحافين کان سواءِ سنڌ جي
تقريباً سڀني علمي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن، تعليمي
ادارن ۽ معلومات عامه جي شعبن کي دعوت ڏني وئي
هئي. سو ڪانفرنس واري ڏينهن سڄي سنڌ پلٽجي پئي
پنهنجي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ڏانهن.
سنڌ مدرسي جي وسيع ميدان ۾، پنڊال ۾ هونءَ ته پنج
هزار ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام ڪيل هوئي، پر هڪ
اندازي پٽاندڙ ڪي اٺ هزار ماڻهو موجود هئا.
پروگرام پٽاندڙ افتتاحي اجلاس خميس 26- نومبر تي
شام جو سوا چئين لڳي ٿيو. اجلاس جو مک مهمان مرڪزي
وزير داخله جناب محمود هارون هو ۽ اسٽيج سيڪريٽري
هئي ڊاڪٽر نسرين لطيف. ان موقعي تي هڪ شاندار
سووينئر، جنهن ۾ ميڙ جو تفصيلي پروگرام ۽ سنڌي ۽
انگريزي ۾ مضمون هئا، ورهايو ويو.
اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، ان کان
پوءِ حيدرآباد مان آيل دادي ليلا ۽ سندس ساٿياڻين
داديءَ جو ئي لکيل هڪ گيت ڪورس جي انداز ۾ ”سنڌڙي
سونهاري، او جيجل“ ڳايو.
مقررين مان جناب مولانا قاسمي چيو ته کيس ساهت سال
ڪميٽيءَ جو چيئرمن فقط سائين غلام مصطفيٰ شاهه
صاحب سان هم نام هجڻ ڪري ڪيو ويو آهي، حقيقت ۾ سڄو
ڪم شاهه صاحب جن جو ڪيل آهي.
قاسمي صاحب پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي افضليت تي نهايت
عالمانه روشني وڌي ۽ چيو ته ٻوليءَ جي حيثيت ۽ بقا
جو دارومدار ٻن شين تي آهي: قدامت ۽ وسعت.
جيستائين قدامت جو تعلق آهي ته دنيا جي ڪابه ٻولي،
سواءِ هڪ ٻن جي، سنڌي زبان جيتري قديم نه آهي.
موهن جي دڙي جي ٻولي جي اڃا صحيح سڃاڻپ ٿي نه سگهي
آهي. اڳ سمجهيو ويندو هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان
نڪتل آهي، پر جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته اها ان
سان گڏ ويجهندڙ، ان جي هم عصر ٻولي آهي. وسعت ۾ به
سنڌي ٻولي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ گهڻائي علم پاڻ ۾
سمائي سگهي ٿي. اسلام کان اڳ ته سنڌي ٻولي اوج تي
هئي، پر ان کان پوءِ به وسعت جو ثبوت ڏنائين. قرآن
پاڪ جو پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو. سنڌيءَ ۾
لڳاتار شاعر ۽ اديب پيدا ٿيندا رهيا. وڏي ڳالهه ته
شاهه لطيف جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪارنامو سرانجام
ڏنو، دنيا جو ڪو به شاعر ورلي ايئن ڪري سگهيو
هوندو. هو پنهنجن بيتن کي آيتن جو درجو ڏئي ٿو،
چي:
”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهن.
قاسمي صاحب چيو ته ساهت سال جي سلسلي ۾ هو مختلف
ڳوٺن ۾ ويا آهن ۽ جيترا ڪتاب، قلمي نسخا وغيره
حاصل ڪيا اٿن ۽ ڏٺا اٿن، تن کين وڌيڪ يقين ڏياريو
آهي ته اسان جي زبان ڪڏهن به ختم ٿيڻ واري نه آهي.
قاسمي صاحب ٻوليءَ جي ئي حوالي سان ڪجهه ذڪر عورت
جي ڪردار جو به ڪيو ۽ چيو ته عورت ڪڏهن به پنهنجي
زبان نه ٿي ڇڏي سگهي. ان ڪري ئي ٻولي ”مادري ٻولي“
هوندي آهي ۽ نه ”پدري ٻولي“. انسان جي اصلي ٻولي
اها آهي، جيڪا هو ماءُ وٽان سکي ٿو.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جيڪو ساهت
سال ڪميٽي جو سيڪريٽري هو، اول ساهت سال ۾ ٿيل ڪمن
جو تفصيل ٻڌايو ۽ چيو ته سندن خاص مقصد هئاِ
(1) ادبي ميڙ ڪوٺائڻ. (2) سنڌي ڪتاب ڇپائڻ. (3)
سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سگا ۽ ٻين
ادارن طرفان شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪتابن جون نمائشون
ڪرائڻ. (4) انهن ادارن پاران گشتي نمائش ڪرائڻ.
(5) ماڻهن ۾ مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ مهم
هلائڻ. (6) اسڪولن ۽ ڪاليجن کان سواءِ لوڪل باڊيز
جهڙن ادارن ۾، ۽ ٻيءَ طرح خانگي لائبرريون قائم
ڪرائڻ لاءِ مهم هلائڻ. (7) سنڌي ڪتابن جي سستي
ڇپائي، وڪري ۽ ورهاست لاءِ ڪوشش ڪرڻ. (8) سنڌي ادب
جي مختلف صنفن تي ليڪچر منعقد ڪرائڻ. (9) سنڌي
اشاعتن لاءِ ڊڪلرئيشن ۽ اشتهارن ۾ سولائي لاءِ
حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچڻ. (10) سگا، سنڌي ادبي
سنگت ۽ ٻين متحرڪ جماعتن کي ساهت سال جي سلسلي ۾
ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ڪوٺائڻ لاءِ عرض ڪرڻ.
الانا صاحب پوءِ انهيءَ پروگرام پٽاندڙ سڄي سال
دوران ڪيل ڪم، يعني منعقد ڪيل ادبي ميڙن، نمائشن ۽
ليڪچرن وغيره جو ذڪر ڪيو.
|