سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :8

منو تولارام گدواڻي

سنڌيت

(گدواڻي صاحب،’سنڌيت‘ کي جنهن نظر سان ڏٺو آهي، اها يقيناً مبارڪ جي لائق آهي. هو ’سنڌ‘ کي پراچين ۽ پوتر، آستان سڏي ٿو ، ۽ ’سنڌ‘ جي مسلمانن ۽ اسلام متعلق صوفي مت. جو ذڪر ٿو ڪري، ٻوليءَ جي ٿوري ڦير گير ۽ اصلاح کان پوءِ، ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا)_گرامي

 سچ پچ  ته خود  هيءَ ’سنڌيت‘ لفظ تڏهن کان زبان تي جاري رهيو آهي، جڏهن اسين ’سنڌ‘ ڇڏي آيا آهيون. اها گهڻن کي اٽپٽي ڳالهه لڳندي، پر آهي بلڪل ٺيڪ. ڇو ته سنڌ ڇڏڻ بعد پهريائين اهو سوال جاڳيو ته سنڌ واريون ڳالهيون به ڇڏڻيون آهن ڇا؟ انهن ’سنڌ‘ وارين ڳالهين کي اڳي چئبو هو ”سنڌو سڀيتا“ مگر پوءِ ’سنڌ‘ مان ئي اسم ڪيو ويو ”سنڌيت“. ’سنڌ‘ کان ڄڻ وڌيڪ سهڻي پئي لڳي اها ’سنڌيت‘. ڪارڻ ته اها پنهنجي سنڌ جون يادگيريون ٿي ڏياري، ته اسان جو سنڌ سان ناتو ڪڏهين نه ٽٽندو ۽ لاشڪ اهو ناتو ڪنهن ڏينهن کينچي ان سان ملائيندو.

سڀيتا جي پوري وصف ڏيڻ ته مشڪل آهي، پر ٿلهي ليکي ته اهي ڌارائون ۽ لهرون جي تهذيب ٿيون گهڙين، پنگتي ۽ مذهبي عقيدا، ريتون رسمون، رواج ۽ نيتي، ادب ۽ فن، هنر ۽ ڌنڌا، ڪاريگري ۽ واپار، تمدن ۽ ملڪي معاملا، تهذيب ۽ سڀيتا جو سانچو آهن، وري  ڇاڪاڻ ته انهن سڀني تي ملڪ ۽ ان جي ماحول جو گهرو اثر رهي ٿو تنهنڪري اهي به سڀيتا ۾ سمايل آهن.

انهن حقيقتن  جو پتو تڏهن پوندو، جڏهن سنڌ جي قديم اتهاس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي. اسين چاهيون ٿا ته جنهن ڪڙيءَ تي پهچي، اسان هتي آيا آهيون، اها قائم رهي. جڏهن  ته سڀيتا ۾ لچڪ ٿئي ٿي. تنهنڪري ان تي ڪي نه ڪي اثر ضرور پوندا. اهي اثر ملڪ ۽ ان جي ماحول، نفسياتي ويچارن ۽ خود ان مذهب جي زور ۽ ٻل آهر ضرور ٿيندا رهندا.

ڀلا ’سنڌيت‘ ڪا قديم هند جي تهذيب کان نرالي آهي ڇا جو ان جي تعريف الڳ ڪئي وڃي ٿي؟ حقيقت اها آهي ته جيئن ڀارتي تهذيب جا، ڪيترا پهلو ظاهري طرح سان نيارا نظر اچن ٿا، مگر انهن  ۾ بنيادي ايڪتا آهي. تيئن ’سنڌيت‘ ’صورت‘ ۾ هڪجهڙي آهي، پر ’سيرت‘ ۾ وڏو فرق اٿس. جئن ڪنهن رنگين داڻن جي مالها ۾ هڪ ئي ڌاڳو سندن وچ مان لنگهي کين ملائي ٿو، تيئن اهي قديم ۽ پراچين جهلڪون، هندي تهذيب جي نيم آهن، جَڙَ هڪ آهي، جنهن جون شاخون جدا جدا آهن ۽ ڦول رنگين آهن.

آڳاٽو سنڌ ديس قه گهڻو وسيع هو، جنهن کي ’سپت سنڌو‘ ڪري چوندا هئا. ڇو ته ان مان مکيه ست نديون وهندڙ هيون. اهي هي آهن:

شتدرو (ستلج)، پرشڻي (راوي)، اسڪني (چناب)، وتستا (جهلم)، ارجڪئا (بياس)، سوما(وهندا) ۽ ”سنڌو“.

آڳاٽي زماني ۾ ’سنڌو‘ جي معنيٰ ’ساگر‘ هو. مهاڀارت، رامائڻ ۽ ٻين شاسترن ۾ به اهو شبد وري وري اچي ٿو. عجب اهو آهي ته ٻين سڀني ندين جا نالا بدلجي ويا آهن، مگر ”سنڌو“ نالو اڄ تائين  دائم قائم آهي. اڄ جڏهن ’رام باغ‘ کي ’آرام باغ‘ مسلمانن ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي طرف ’درگاهه_بزار‘ کي ’درگا_بزار‘ هندن ڪيو آهي، تڏهن به مجال نه آهي جو هن ’سنڌو‘ نالي سان ڪا هٿ چراند ٿي سگهي.

اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جي اولهه مان وهندڙ ٻيون ست نديون به  هيون، ترشڻا (تربو)، سسرتي (سراستر)، روسا، شوپتي (Swqi)، (ارجني)، ڪنڀا  ( ڪابل)، گومتي ۽ ڪرم- ان طرح اتر اولهه کان  وهندڙ هيون، آرڻاوتي‘ هرڻمئي، واجني وتي، سيلملوتي، ايڻي ۽ چترا، ’هرڻمئي‘ نديءَ جي هاڻوڪي وهڪري مان 1940ع ڌاري، هڪ سنڌيءَ انجنير ڪوٽيا جي ڀرسان ظاهر ڪيو هو ته ڪيئن اتي جا ماڻهو ان جي لَٽَ مان [سون جا ذرڙا ٿا ڪڍن. آڳاٽيءَ سنڌيءَ ۾ ’سون‘ کي ’هُرَن‘ چوندا هئا.] جنهن مان سنسڪرت شبد ’سورن‘ نڪتو جو اڄڪلهه سون چيو وڃي ٿو، ’هُرَن‘ (سون) جي نسبت سان، ان نديءَ کي ’هرڻمئي‘ چوندا هئا.

قديم زماني ۾ ’سپت سنڌوءَ‘ جو الڳ کنڊ هو، جنهن جي چوگرد سمنڊ  هو. هاڻوڪو’سامڀر‘ جي ڍنڍ ۽ سنڌ ۾ ’ڍليار‘ جي سڪل ڍنڍ، ان سمنڊ جا نشان آهن.

’ٻڌڪا جي ٽڪر‘ ۽ خود ’گنجي ٽڪر‘ جي ڏاکڻئي ڀاڱي ۾ ڪوٽڙي براج خاطر ٽاڪيندي مون کي ان مان  اهي پٿر جا ڍانچا (Fossils) مليا هئا،جي سمنڊ جي زندگيءَ ۽ ماحول جا چئي سگهجن ٿا.

ڪو زمانو هو جو جهرڪن وارو ٽڪر ۽ ٻڌڪا ٽڪر پاڻ ۾ گڏيل هئا. ۽ سنڌو ندي ان وچ مان پنهنجو رستو ٺاهيو هو. اڄ تائين به ان ڀيڻيءَ تي اٽڪل جهرڪن جي سامهون اهڙو هنڌ آهي جتي سنڌو نديءَ جو ترو پٿرائون آهي، ٻنهين ڪپن جي پٿرائين ۽ سوڙهي لنگهه مان درياءُ به تانگهو آهي، تنهنڪري سندس وهڪرو تيز هوندو آهي.

سنڌ ۾ ان زماني جون نشانيون جڏهن ڪه انسان اڃا غفائن ۽ غارن ۾ رهندو هو؛ سي صرف ان منڇر جي آس پاس ئي ملن ٿيون.

سو سنڌ ڀارت جو هڪ اهم دروازو ۽ نگهبان پئي رهيو آهي. عربن ان کي ’باب الهند‘ به ان ئي نسبت سان پئي ڪوٺيو آهي. ان چوڻ ۾ به ڪو مبالغو ڪين آهي ته ”ڀارتي سڀيتا جي شروعات سنڌ کان ٿي.“

ويدن جي رچنا، سنڌوءَ جي پوتر ڪنٺن تي ٿي. ساڌ ٻيلي جو پراچين اتهاس جا چيو ته نهايت ئي اوچ آهي.

شري رامچندر جي ڏاڏي ’يياتي‘ جي ڪل مان راجا ’اشيز‘ جي پنجن  پٽن ’ورشادرو‘، سوير‘، ’ڪيڪئه‘، ’مدرڪ‘ ۽ ’شبيءَ‘، ”سنڌوءَ“ جي ڪناري تي پنهنجن نالن سان ملڪ وسايا. هي اهو راجا ’شبي‘ هو جنهن پنهنجو شرير، ڳڀا ڳڀا ڪرايو هو. ۽ جنهن جي ملڪ جو نشان اڄ تائين ’سبي‘ قائم آهي.

 اهو ’ڪشيپ‘ جي وڏي پٽ ’پرهلاد ڀڳت‘ جي چئن ڀائرن مان وڏو هو. ’هرڻ ڪيشپ‘، ستجڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ راجا ’دکيه پر جا پتيءَ‘ جو ڏوهٽو هو. جنهن جي راڄڌاني ملتان ۾ هئي. ان کي تنهن وقت ’ڪيشپ پري‘ ڪري چوندا هئا.

قديم سنڌي ٻوليءَ۾ ڪڻڪ ’ڪيڪيه‘ چوندا هئا. مون کي ڪافي ثبوت مليو آهي ته دنيا ۾ پهريائين پهريائين ڪڻڪ سنڌ ۾ پيدا ٿي. هينئر جي حقيقت به ائين ئي مڃي چڪي آهي ته ڪڻڪ جي پوک تاريخ جي زماني کان گهڻو آڳاٽي آهي (1)

مستر ’انگرڪي‘ ڪڻڪ جا داڻا، داشور جي پرئمڊ ۾، هڪ سير ۾ ڏٺا. ۽ ان جي تاريخ 3359 قبل مسيح قائم ڪئي. چيني ماڻهو، ڪڻڪ کي بهشتي سوغات سڏيندا آهن ۽ اها ڪڻڪ هو پاڻ وٽ (2700 سو سال) قبل مسيح کان  پوکيندا هئا. جيئن اسين شتانا (Shatana ) پوکيندا آهيون تيئن هو جڏهن پجانا (Pajana)  پوکيندا آهن تڏهن ان ۾ ڪڻڪ به وجهندا آهن. اهو رواج هنن ۾ ’شين ننگ‘ يا ’چن نانگ‘ شهنشاهه کان شروع ٿيو. ٻيا چار انءَ آهن. چانور، سور گم، سيتارنا (ايکئليڪا) ۽ سوءَ. باقي اها تصديق نه ٿي سگهي آهي ته ملڪ تي نالو پوک تان پيو يا پوک تي ملڪ تان پيو. پر مان به وسهان ٿو ته ملڪ تي ئي نالو پوک تان پيو هوندو، ڇو ته اڄ تائين به جنهن ديش جو ’ڪيڪيه‘ نالو هو تنهن ۾ ڪڻڪ ساري ملڪ  ۾ سڀني کان سٺي ۽ گهڻي انداز ۾ پيدا ٿي ٿئي.

ڪو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ چوماسو زور هو، جنهنڪري اتي گهاٽا ٻيلا هوندا هئا. ۽ جهنگلي جانور جام رهندا هئا، هاٿي به گهڻي انداز ۾ هئا. جنهنڪري سنڌي شبد آج (عاج) ڀارت جي سڀني ڀاشائن ۾ خاص اهميت رکي ٿو. اڄڪلهه ته سنڌ ۾ ٿوري ۾ ٿوري برسات پوي ٿي 1947ع کان اڳ سالياني ورکا جي مد نظر تي هندستان جا جدا جدا پرڳڻا نمبروار رکجن ته سنڌ ۽ بلوچستان جو ستون نمبر اچي ٿو. ان لحاظ سين مون جڏهن انهن کي انڊلٺ جا رنگ ڏنا تڏهن ڏٺم ته انهيءَ حق ۾ به هي ملڪ هڪ ڪره يا گولي (sphre)  وڃي بيٺو آهي، ڇو ته جڏهن ڪونڪن ۽ ملبار ملي ٿو؛ آسام ۽ بنگال سان، ۽ ٻيءَ ڏس ۾ بلوچستان ۽ سنڌ سان! اهوئي سبب آهي جو بنگال ۽ سنڌ ڪيترين ڳالهين ۾ ملن جلن ٿا. انڊلٺ جو پهريون رنگ وائليٽي ملي ٿو پوين پنجن پرڳڻن کي.

اها هڪ کوجنا لائق ڳالهه آهي ته سنڌ جون حدون، جيئن ڪ هينئر وڃي بيٺيون آهن يا هيون،سي ڪڏهين ۽ ڪهڙيءَ ريت ٿيون، اتهاس ان باري ۾ هڪ وڏو پارٽ ادا ڪيو آهي. پر طبعي بناوٽون هر حال ۾ پنهنجو پرڀاءُ ۽ اثر پيون وجهن. ڏاکڻي حد ته سمنڊ ٺاهي ۽ الهندي حد جبلن جي پاڻيءَ جي ڇيد سان ٺهي، مگر اتر اوڀر جي حدن ۽ سندن مقرر ڪرڻ ۾ تاريخ پنهنجو اڌ کان وڌيڪ ٻل ڏيکاريو آهي. ٿلهي ليکي سنڌ جا پنج طبعي ڀاڳا آهن: سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ريگستان. مگر باريڪيءَ سان ڏسبو ته انهيءَ ۾ هر ورق جي زمين آهي: جابلو به، ٽڪرائتي به، پڪي به، ڪچي به، ڦيڙ به، ڊسڙ به، چيڪي به، ڪلراٺي ۽ وارياسي به ۽ بياباني زمين به.

اهڙيءَ طرح آبهوا به ٿڌيءَ کان وٺي معتدل ۽ گرم به، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي گهڻي نباتات ’سنڌ‘ جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڱي ۾ آباد ڪري سگهجي ٿي. ان سبب ڪري، قدرتي طرح سان، ’سنڌ‘  ۾ گهڻن قسمن جا وڻ ٻوٽا اڀريل آهن. ۽ جو ’وڻ‘ يا ٻوٽو هڪ ملڪ ۾ آهي، سو ٻئي ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو. کٻڙ، جو اتر ۾ ڊگهو وڻ وانگر ٿئي ٿو، سو لاڙ ۽ ٿر ۾ ٿئي لَئيءَ وانگر، ۽ زمين تي جهڳٽي وانگيان ٿئي، جنهنڪري ڪوٺينس ڄار. (سنڌ جي ونسپتي) (1)

ان نموني ڏسبو ته ٻئي هندستان سان ’سنڌ‘ سوليءَ ريت ’پنجاب‘ دواران گڏيل آهي. جنهنڪري اتان جو قومي ۽ ذات پات جو فرق ڦير، سنڌ ۾ ديروڄمائي نه سگهيو. قومي ڀيدن ۾ ورڻن جا اپڀيد آهن، ۽ انهن ۾ ڌرمي ۽ مذهبي اختلاف به آهن. هر ڪنهن ڌرم کي تلڪ لڳائڻ جو پنهنجو پنهنجو نمونو آهي. ۽ ٻيو ته ڇڏيو پر گڏجڻ جو به پنهنجو طريقو آهي. جيڪڏهن ’ڪرشڻ پنٿيءَ‘ سان اتي ڪنهن ’رام رام‘ ڪئي ته هڪدم ڏمر جي پوندو.

پر سنڌ ۾ اها مذهبي ۽ ڌرمي نه ڪا ڇڪتاڻ نه ڪا ڇوت ڇات. سنڌ جو برهمڻ، آزاد طرح سان سڀني ذاتين ۽ ڌرمي ماڻهن سان هڪجهڙو پيو اٿندو ويهندو. ڪهڙو به ودوان برهمڻ، پير پٿوري ( جو چيو  وڃي ٿو ته مينگهواڙ آهي) اڳيان به نمي ٿي سگهيو. ’سنڌ‘ ۾ چارئي جاتيون (برهمڻ، کتري، ويش، شودر) هڪ ٿي رهيون ۽ اها نُگري ’جاتي ڀيد‘ جي بيماري سنڌ ۾ نه ڦهلجي سگهي.

وري ان ڏِسَ ۾ ’سنڌيت‘ ايڏي ته وسعت واري آهي، جو ڪئين تهذيبون ۽ سڀيتا جا  ڪئي نمونا جذب ڪندي  ويئي. ايراني، يوناني، سٿين، هڻ، شاڪ، عربي، ترڪي وغيره ايتريقدر جو ويجهي وقت ۾ آيل ’اسلام‘به ٻين تهذيبن سان گڏجي، ڄڻ ’سنڌي تهذيب‘ سان ملي هڪ بنجي ويو. سنڌ جو اسلام، باقي دنيا جي اسلام کان نيارو ۽ صوفين ۽ سنتن جو پيارو آهي. ۽ اسلام جي اها تصوف مت، جا سنڌ ۾ پيدا ٿي، تنهنجو ويدانت سان وڏو سٻنڌ آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو ’اسلام‘ آهي؛ تصوف ۽ ويدانت جو سنگم، جنهن ۾ نه وير نه وروڌ، نه تعصب نه فساد. سنڌ ان اسلام جي لاءِ ’باب الاسلام‘ آهي.

’سنڌ‘ جي پراچين  دور کان اڄ تائين هتي جي دريائن جي وچور ته اوهان پڙهي چڪا آهيو، ايترن دريائن جي وچ ۾ رهندي، هتي جا رهواسي، انهن دريائن کي پار ڪري، پوڄا وري به ’امر‘ پير (زنده پير) جي ڪندا رهيا، جنهن کي مسلمان سڏن ٿا خواجه خضر! ۽ هندو چونس امر پير، وغيره. اڄ به اها زيارتگاهه سکر ۽ روهڙيءَ وچ ۾ ’درياءَ شاهه‘ ۾ موجود آهي.

هندو چون اڏيرو لعل، ته مسلمان سڏين شيخ طاهر! هندو چون لالو جئسراج، ته مسلمان چون پير منگهوپير، جنهن جي زيارت اڄ به موجود آهي. ان لاله جئسراج عرف منگهي پير لاءِ اها روايت به موجود آهي ته ملتان وارو غوث بهاءالحق والدين جلال سرخ، لال شهباز قلندر ۽ منگهوپير، چارئي پاڻ ۾ ساٿياري هئا. سندن چوياري ’سيوهڻ‘ ۾ موجود آهي. ان طرح منگهي پير وٽ به چوياري جا نشان موجود آهن. بهرحال اها روايت تاريخي طور ڪيئن به هجي، پر ان مان اهو ته پتو پوي ٿو، ته هت هندن ۽ مسلمانن جا پيرن، صوفين ۽ سنتن سان هڪجهڙا وسطا هئا.

ان طرح هندو چون ’راجا ڀرتري‘ ۽ مسلمانن وٽ ’لعل شهباز قلندر‘ مشهور  معروف آهي. ان طرح ’ستين جي آسٿان‘ (روهڙي)، کي سڀ سنڌي، بنا ڪنهن فرق ڦير جي مڃيندا هئا. اهي آهن بنيادي ڳالهيون جن ’سنڌو سڀيتا‘ کي نيارا رنگ بخشيا آهن.

صوفي طريقي جنم ڀلي ڪٿي به ورتو، پر زور سنڌ جي زمين تي پڪڙيائين. ۽ اتيئي ڪامل ٿيو، ڇا لاءِ ته اتي اڳيئي اهي عناصر ۽ اثر موجود هئا.

شاهه ۽ سواميءَ کي هر فرد هڪ نگاهه سان ڏسڻ لڳو، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم به سنڌ ۾ آيا. پر پنهنجو نج سڪو نه ڄمائي سگهيا. انهن کي به ’سنڌيت‘ جي سگهه سوگهو ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو هن ’ڀڳتي ڪال‘ ۾ ’سک پنٿ‘ به پنهنجو  ’اڪالي روپ‘ سنڌ ۾ ڄمائي نه سگهيو.

اسلام جي  پوئلڳن ۾، تعصب ۽ڪٽرپڻو توهان کي سنڌ ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ايندو. 1942ع تائين، مون سنڌ ۾ سومرن کي ڳوٺن ۾ ڏياري ۽ دسهڙو ڪنهن روپ ۾ ڪندي ڏٺو! ...اهڙي آهي اسان جي ”سنڌيت‘ جنهن جي فقط هڪ پهلوءَ تي مون مس روشني وڌي آهي.

شيخ محمد اسماعيل

لغت ڊپارٽمنٽ، سنڌي ادبي بورڊ

سنڌي زبان

’سنڌي زبان‘ متعلق هيءَ مختصر علمي تحرير، پنهنجي تحيقيق ۽ افاديت جي لحاظ سان توجهه طلب آهي. مضموم نگارن جو چوڻ آهي ته، ’سنڌي زبان‘ پنهنجي مٿي، هڪ قديم، ۽ مستقل زبان آهي. سندس الف بي ۾ ٻ، ڃ، ڄ، ڏ، ڳ، ڱ، ۽ ڻ حرف اهڙا آهن. جي نه فقط پالي، پراڪرت ۽ سنسڪرت، پر ان کان سواءِ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود ڪين آهن. البته ”ڻ“ سنسڪرت ۾ هو، پر اهو به نئين دور ۾ سنسڪرت ۾ اچي، اچارجڻ کان پڙڪڍي بيٺو، صرف ’ويدڪ دور‘ ۾ ئي سندس وجود ملي ٿو. انهن ستن حرفن جو هجڻ،ڇا اهو ثبوت نٿو پيدا ڪري ته ان دور جي ’سنڌي ٻولي‘ پنهنجي جاءِ تي ڪا مستقل ٻولي هئي؟_ هيءَ تحرير لسانيات سان ذوق رکندڙن لاءِ توجهه طلب آهي. _غ ، م، گ

ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص پنڊت ’پاڻني‘ آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي صرف نحو تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو.  جنهن ۾ سنسڪرت  جا ڌاتو پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’ڌنپال آچاريه‘ ۽ ’هيمچندر آچاريه‘ جون تصنيفون ”پايلڇي، ۽ ديسي نام مالا“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان عبراني هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو.

انڊو يورپين ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بنياد ۽ درجي متعلق هن  وقت تائين هر هڪ مؤرخ، محقق ۽ علم السان جي ڄاڻوءَ جو جدا جدا رايو آهي، ڪو صاحب ’هنديءَ جي شاخ سمجهي ٿو ته ڪو صاحب ’پالي‘ يا ’پراڪرت‘ جي بگڙيل صورت مڃائڻ لاءِ ڪوشان آهي، ته ڪو وري ’لهندا‘ ٻوليءَ جي هڪ شاخ تسليم ڪرائڻ تي بَضـِد آهي، لٿي پٿي ’اپ ڀرنش‘ يعني  کريل ٻوليءَ جي نالي قبول ڪرائڻ لاءِ به جتن ڪيا اٿن. آقي باقي رهيل کهيل ڪسر شاهه ڀٽائي جي هڪ شارح پوري ڪري ڇڏي. هن صاحب ايترو سو واضح ڪونه ڪيو آهي ته سنڌي فلاڻي يا فلاڻي زبان جي شاخ آهي، پر شاهه جي رسالي جي شرح لکندي، بيتن ۾ ڪم آيل لفظن جا بنياد يا ڌاتو هندستان جي ڪن ادبي يا غير ادبي ٻولين جهڙوڪ پنجابي ملتاني، بلوچي گجراتي، مراٺيءَ سوراشٽري، ڪڇي، هندي پوربي وغيره مان وٺي پس پرده اهو  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جملي الفاظ آسپاس جي انهن ٻولين مان ورتا ويا آهن، ۽ بذات خود سنڌي ڪابه بنيادي حيثيت نٿي رکي. بهرحال اڪثريت انهن صاحبن جي آهي، جي سنڌيءَ جو بنياد ’سنسڪرت‘ مان ۽ ٻوليءَ جي عمر وڌ ۾ وڌ ست سؤ ورهيه، يعني ٻارهين صديءَ جي پيدائش يقيني طور ٺهرائين ٿا.

انهيءَ تڪرار جو خاص سبب اهو آهي جو، صاحب ’هنديءَ‘ کان متاثر آهي، انهي سنڌيءَ ۾ هندي لفظن جي آميزش ڏسي فتويٰ ڏيئي ڇڏي ته سنڌي، هنديءَ جي دختر آهي. وري جنهن ماهر لـِسان سنسڪرت جو اڀياس ڪيو آهي، تنهن  هروڀرو به سنڌي لفظن کي ڀڃي ٽوڙي وڃي سنسڪرت سان ملائي يقين سان چئي ڇڏيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بنياد سنسڪرت آهي. پالي ۽ پراڪرت جي کوجنا جي شوقينن وري انهن ٻولين جي شاخ هجڻ جو يقين ڪري ڇڏيو! پر مون کي انهيءَ رقيبانه تڪرار ۾ اصليت جو هڪ الڳ پهلو نظر اچي رهيو آهي- تاريخ عالم جا اوراق بار بار چئي رهيا آهن، ته  جي نشوونما، تغير ۽ تبدل ائين نه ٿيندو آهي، جيئن سنڌيءَ لاءِ سمجهيو ويو آهي. فارسيءَ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ ڪثرت سان آهن، انهيءَ ڪري ائين ڪونه چئبو ته فارسي ’سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي، يا اڙدوءَ ۾ عربي ۽ انگريزي ٻولين  جا لفظ ججهي انداز ۾ آهن، انهيءَ ڪري اڙدو، عربيءَ يا انگريزيءَ ٻولين جي بگڙيل صورت آهي. اهو مسئلو تڏهن حل  ٿيندو جڏهن اسين تاريخ جي روشنيءَ ۾ مختلف نظرين کي جاچيون.

هي ڳالهه ته بلڪل ظاهر آهي، ته اڄ کان چار هزار ورهيه اڳ ’آريا‘ وچ ايشيا کان واديءَ-سنڌ ۾ پهتا. هڪ  هزاز سالن جي رهائش بعد، انهن جا ڪي قبيلا گنگا نديءَ ڏانهن وڌيا، ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪري ويٺا. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ گنگانديءَ جي ڪپن تي رهندڙ آرين پنهنجي مذهبي شلوڪن کي وڻن جي پنن، کلن ۽ ڇوڏن تي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول سنسڪرت زبان جو مرتب ڪتاب ”رگ ويد“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ باقي ”ويد“ ان کان گهڻو عرصو پوءِ لکيا ويا. جنهن زماني ۾ ويد لکيا ويا ۽ جيستائين ويدن واري ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهي ويندي هئي. ان زماني کي ”ويدن وارو زمانو“ ۽ ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ”ويدڪ ٻولي“ سڏيو وڃي  ٿو. ويدڪ ٻوليءَ کان پوءِ ’سنسڪرت‘ جو دور آيو. آسان يا صاف ڪيل ويدڪ ٻوليءَ کي ’سنسڪرت‘ چيو ويو.

’سنسڪرت‘ جا ٽي دور آهن پهريون دور، ٻيو دور ۽ ٽيون دور. انهن ٽنهي دورن جي سنسڪرت زبان ۾ ايترو فرق آهي. جيترو وچولي جي سنڌيءَ ۽ ڪوهستان جي سنڌيءَ ۾. سنسڪرت جي دور کان پوءِ ’پالي‘ زبان جو اوج ۽ پڇاڙيءَ ۾ ’پراڪرت‘ ٻوليون آهن. ڏٺو ويو ته سنسڪرت کان اڳ ۾ پڻ هڪ ٻولي ’ويدڪ ٻوليءَ‘ نالي هندستان ۾  موجود آهي، تنهنڪري سنسڪرت کي ايڏي تقديس ۽ تعظيم ڏيڻ اجائي آهي. پر سنسڪرت زبان جو  مشهور پنڊت ’پاڻني‘ ته اڃا به اڳتي وک وڌائي ويو آهي. هو صاحب سنسڪرت لفظن جا ڌاتو يا بنياد ڳوليندي ڪيترن لفظن جا بنياد ڇڏي ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته ”اهي لفظ خود ويدن ۾ ئي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ مان آيا آهن“ ۽ اها ٻولي سواءِ هتي جي قديم ٻوليءَ جي ٻي ٿي نٿي سگهي جا آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي هتي رائج هئي. جنهن جي شاهدي ’موهن جي دڙيءَ‘ يا ’هڙپا‘ جي دڙي جا ڪتبا آهن. ياد رهي ته موهن جي دڙي مان ظاهر ٿيل تهذيب کان ٻه هزار ورهيه پوءِ ’ آريه‘ واديءَ-سنڌ ۾ داخل ٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي، آرين جي آمد کان اڳ هجڻ بابت هڪ انگريز محقق گورڊن چائلڊ، ثابت ڪيو آهي ته ”وادي-سنڌ“ شروع کان ئي جغرافيائي، نسلي، لساني، تهذيبي ۽ ثقافتي اعتبار کان هڪ مستقل وحدت رهي آهي، ۽ واديءَ-سنڌ جي تهذيب عراق ۽ مصر جي تهذيب کان زياده ترقي يافته  هئي، هن ئي وادي کي اهو شرف حاصل آهي جو هن دنيا جي پهرين ۽ قديم تهذيب کي جنم ڏنو آهي“. سرجان مارشل جي راءِ آهي ته ”موهن جي دڙي جي تهذيب، هڙپا کان دجله، فرات ۽ نيل تائين پکڙيل هئي مگر اهو فيصلو ڪرڻ دشوار آهي ته انهن مان ڪهڙي واديءَ جي تهذيب اڳ ۾ آهي ۽ ڪهڙي پوءِ؛ ليڪن ايترو واضح آهي ته سنڌ جي تهذيب کي اول هجڻ جو فخر ضرور حاصل آهي“. حاصل ڪلام ته اهڙيون هزارين شاهديون آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ جي قديم تهذيب نقطهء عروج تي هئي، ۽ سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ تهذيب کي امتيازي خصوصيت حاصل هئي. اها به حقيقت آهي ته  هرشيءَ جي ابتدائي صورت، ڪجهه نه ڪجهه هر وقت ۽ اخير زماني تائين، چاهي ڪهڙي به رنگ ۾ هجي، موجود نظر اچي ٿي، ۽ هر ’فن ۽ اثر! جو ڪونه ڪو مثال دنيا ۾ موجود ضرور آهي يعني هن دنيا ۾ شايد اهڙي ڪا شيءَ نه ملي، جنهن جي اصليت ۽ ارتقاء متعلق ڪو مواد نه ملي سگهي. دنيا جي هر تهذيب ۽ هر ٻولي ڪي قدر پنهنجي اصلوڪي رنگ ڍنگ ۽ ڪجهه بدليل نموني ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي.

ٻوليءَ متعلق موجود  مواد مان في الحال ڪجهه مثال اسان جي آڏو آهن  آهن:1-سنڌي الف ب جا ست حرف ”ٻ ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، چ، ڻ“؛ 2-عيسوي يارهين صديءَ ۾ ’ڌنپال آچاريه‘ جي تصنيف ڪيل ’پايلڇي‘ لغات ۾ ديشي يا ديسي لفظ؛ 3- آرين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ . 1-سنڌي ٻوليءَ جا خاص ست حرف پالي، پراڪرت، سنسڪرت ته بجاءِ خود، پر هندستان يا دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ ملي نٿا سگهن، ۽ جملي زبانون اهي هلڪا مخارج ادا ڪرڻ کان قاصر ۽ عاجز آهن. پوءِ جڏهن ته اهي بنيادي حيثيت رکندڙ ٻوليون خود ئي انهن اکرن اُچارڻ کان معذور آهن، تڏهن اهي پنهنجي ڪنهن ’شاخ‘ کي ڪٿان اهڙا حرف ۽ لفظ ڏيئي سگهن ٿيون؟ البته سنسڪرت ۾ هڪ اکر ”وڻ“ جي جهلڪ ڏسجي ٿي، پر اُهو به ويچارو ٽئي دور جي سنسڪرت ۾ اچي اُچارجڻ کا پڙ ڪڍي بهي رهيو آهي. تنهنڪري صرف قديم ’سنسڪرت‘ ۽ ’ويدڪ ٻوليءَ‘ جي الف، ب جي بڻيو بيٺو آهي. انهيءَ هڪڙي اکر جي آڌار تي ائين چوڻ تن سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي، محض اڻڄاڻائي آهي. اهي ئي خاص ’سَتَ‘ حرف آهن جن  هر دور ۾ ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي حملن وقت محفوظ رکيو آهي.

 عيسوي يارهين صديءَ ۾ پنڊت ’ڌنپال آچاريه‘ پنهنجي مشهور تصنيف ’پايلڃي‘، يعني پراڪرت ٻوليءَ جي ڊڪشنري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي: پهريان، تَتسم يعني  اهي لفظ جي هوبهو سنسڪرت جا قائم آهن، جهڙوڪ سوريه، اٻلا، گَئو وغيره؛ يا تدڀو----اهي لفظ جن جو بنياد آهي، سنسڪرت تي، پر شڪل اصل لفظن  کان بدلجي ويئي اٿن،جهڙوڪ بَيل، چَنڊُ، ڊيگهه، وغيره، ٽيان آهن؛ ديسي يا ديشي لفظ، يعني اهي لفظ جي آرين جي آمد کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ چالو هئا، جهڙوڪ ماني، پاڻي، ڀَتُ، گهوڙو ڄڃ، گهَرُ وغيره. اهي ديشي لفظ جي روز مرهه استعمال ۾ ايندڙ لفظ آهن، انهن جو تعداد ويهين صدي عيسويءَ ۾ به ’پادري شرٽ‘ ساڍا ٽي هزار ٻڌائي ٿو. پر سنڌي ڊڪشنريءَ جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ اسان وٽ اهو تعداد  ’چوڏهن هزارن‘ تائين پهچي چڪو آهي. جڏهن  هزارها ورهين جي خرد برد  بعد به هن وقت چوڏهن  هزار لفظ موجود آهن تڏهن آڳاٽي زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ، پنجاهه هزار لفظن جوهجڻ عوامي زبان لاءِ زنده رهڻ لاءِ ڪافي ذخيرو آهي.

عيسوي سن کان هزار ورهيه اڳ ايران جو بادشاهه دارا سنڌ تي ڪاهي آيو هو، هو پنهنجي ’تزڪ‘ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ٻه ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون: هڪڙي ٻولي ته البته اسان جي سمجهه ۾ آئي ٿي، پر ٻي ٻولي اسان ڪانه سمجهي.“ دارا بادشاهه ايراني هو، انهيءَ وقت ۾ ايران ۾ قديم پهلوي يا زنداوستا جي زبان ڳالهائي ويندي هئي، سنسڪرت خود ايران کان آيل هئي، ٻنهي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو هو، جنهنڪري گمان غالب آهي ته دارا بادشاهه فقط ’سنسڪرت‘ سمجهي سگهيو آهي ۽ قديم سنڌي زبان سمجهڻ کان قاصر رهيو هجي!

آرين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ:

هندستان جي جملي ٻولين ۾ سنڌيءَ جا الفاظ يا سنڌي لفظن سان مشابهت رکندڙ لفظ گهڻي ڀاڱي ملن ٿا. جيئن ته انهن ٻولين جو سلسلو سنسڪرت سان آهي، تنهنڪري يقيناً انهيءَ بنيادي ٻوليءَ کان ورثي ۾ اهي لفظ مليا اٿن. ۽ سنسڪرت زبان آرين جي زبان آهي تنهنڪري آرين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

آريه  واديء-سنڌ ۾ روزگار جي تلاش ۾ آيا. واديء-سنڌ جي رهاڪن هنن سان همدردي ڪئي ۽ کين ڌنارن ۽ هارين جي حيثيت سان رهڻ ڏنو. آريه، هلندي هلندي ٽولين جون ٽوليون ٿي وچ ايشيا کان ايندا رهيا ۽ آباد ٿيندا رهيا. هي ڪو حمله آور لشڪر ته هوئي ڪونه، جو وچ ايشيا کان هلي؛ بنا دم پٽڻ جي هماليه جي چوٽين کي عبور ڪري، دڙن ۽ وادين مان اوچتوئي اوچتو نڪري، طوفان خيز ۽ سيلاب انگيز ڪڪرن وانگر وادي سنڌ تي ڇانئجي ويو هجي، ۽ حاڪم بڻجي ويهي رهيو هجي، ۽ سنڌين يا دنيا جي ٻي ڪنهن قوم لاءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اصلي باشندا جي هر حالت ۾ هن کان تعداد ۾ وڌيڪ هئا، متمدن ۽ مهذب هئا، آلات حرب جا موجد ۽ ماهر هئا، ۽ واديء-سنڌ جي لکها ميلن ايراضيءَ تي قابض به هئا، سي اک ڇنڀ ۾ نڪري سنڌ خالي ڪري ڏيئي، پاڻ چپٽيون وڄائيندا وڃي دکن هندستان ۾ گوشه نشين ٿيا! پر سنڌ ۾ هي اهو زمانو هو جو سڄي دنيا جو مذهب عموماً بت پرستي هو. خود آريه به تارن، پٿرن، نباتات، جمادات ۽ حيوانات جي پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ئي آرين سنڌ جي اصلي باشندن درميان ڪنهن مذهبي جنگ و جدل جو سبب ئي ڪونه هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هي ماڻهو قديم سنڌين سان ملي جلي هڪ ٿي ويا. انهيءَ عرصي ۾ آرين کي هتي  جي به نيون شيون ڏسڻ ۾ آيون هونديون، جن لاءِ وٽن لفظ هوندائي ڪونه اهڙي حالت ۾ هنن ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ ملڪي يا ديشي زبان کان نالا اڌارا ورتا هوندا ۽ اهي لفظ بعد ۾ سنسڪرت يا ويدڪ ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ طرح داخل ٿي ويا هوندا جو انهن کي جدا ڪرڻ نهايت مشڪل امر هوندو؛ ڪجهه اهڙا لفظ پيش ڪجن ٿا جي آريا پاڻ سان يقيناً نه کڻي آيا هوندا پر هتي جي رائج زبان مان ورتا ويا آهن: مينهن= ميگهه، گهوڙو=گهوٽڪ، ڪمند=گنڊڪ، هاٿي= هستن، ڪانگ = ڪاڪ، ڪنڀار= ڪنڀڪار=ڄمون= جمبو،=ڪنول= ڪمل وغيره_۽ يقيناً ”ڻ“ به ويدڪ ٻوليءَ واري دور جي ڪنهن ’ملڪي ٻوليءَ‘ کان ئي ورتو ويو آهي. اهڙي طرح سان سنڌي ٻوليءَ، پالي پراڪرت، هندي پنجابي ۽ ٻين ٻولين کي پنهنجي لفظن سان مالا مال پئي ڪيو آهي.

مٿيان منقول يا معقول دلائق واضح ڪن ٿا ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص حرف، الفاظ ۽ محاورا، اسان وٽ انهيءَ عظيم ۽ قديم، تهذيب ۽ تمدن جي امانت آهن؛ جنهن جي گود ۾ هو ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا، زماني جي هر دور ۾ انهي شان شوڪت سان سربلند رهيا جئن اڄ آهن. کين نه سامي ختم ڪري سگهيا، نه منگول ۽ آريه. اڃا تائين اسان کي انهن لفظن جي پس-پشت انهن جا ڳالهائيندڙ نظر اچن ٿا. انهن جا آواز اسان جي ڪنن ۾ وڃن ٿا، ۽ اسان کي عهد ماضيءَ جي تاريڪ پردن ۾ گهلي وڄن ٿا. مگر زمانو بدلبو رهندو. جيئن جيئن بني نوع انسان جا اعمال ۽ اطوار بدلجن ٿا. رهڻي ڪهڻي جي طريقن ۾ جدت ۽ اختراع جو ڪار گر هٿ قطع بُريد ڪري ٿو. تيئن تيئن انهن جو اقتصادي معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي ماحول پڻ بدلجي ٿو،انهيءَ سان گڏوگڏ زبان به هر روز بدلجي ٿي، نوان نوان پهلو اختيار ڪري ٿي، نين نين ايجادن ۽ نون نون  نظرين لاءِ، نوان لفظ ٺاهيندي وڃي ٿي. اهڙا لفظ هزارن جي تعداد ۾ ٺهن ۽ پيدا ٿين ٿا، وڌن ٿا، نشو و نما حاصل ڪري ’اظهار خيال‘ جي مصرف ۾ اچن ٿا. مگر اهي الفاظ صرف اهائي زبان پيدا ڪري ٿي جا زندهه زبان چوائڻ جي مستحق آهي. جنهن کي ماڻهو ڳالهائين، ٻڌن ۽ تحرير ڪن ٿا، جا زورمرهه جي ڳالهين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ استعمال ٿئي، جا خيلات جي خط  و خال جي اڻ لَکن فرقن ۾ امتياز رکڻ جو استعداد رکي ٿي.

سنڌي ٻولي فطري ۽ خصوصي صلاحيت سان ضرورت مطابق لفظن ٺاهڻ کان سواءِ جدا جدا ٻولين کان هر دور ۾ لفظ کسي پنهنجا ڪندي رهي ٿي. انهيءَ جو اهو ثبوت آهي جو اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لک الفاظ، محاورا چوڻيون ۽ پهاڪا موجود آهن ۽ اسان جي ٻولي، ان ڏس ۾ جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿي وڌندي ۽ ويجهندي.

ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب ’خليل‘

فن شاعري

(هن دور ۾’آزاد نظم‘ ڪنهن به فن ۽ عروض سان وابسته نٿو سمهيو وڃي. اميد ته ان متعلق آئينده مفصل طور بحث ڪنداسون. هت ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ صاحب، جو مضمون پيش ڪجي ٿو. جو ’عروض‘ سان وابسته شاعرن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو علم  عروض جي استادن کي هن موضوع تي طبع آزمائيءَ جي دعوت ڏجي ٿي._گرامي

شاعري، قومي جذبات جي نشر ۽ اعلان جو هڪ مخصوص ذريعو آهي ۽ مذهبي اثرات کي ڪنن تائين پهچائڻ ۽ دل نشين ڪرڻ جو به  هڪ خاص وسيلو آهي. نثر جي عبارتن جون ترڪيبون ڪيتريون ئي سٺيون ڇو نه هجن پر وات مان نڪرڻ  کان پوءِ دلين ۾ يا حافظي ۾ محفوظ نٿيون رهن، پر هڪ درد سان ڀريل شعر ٻڌڻ کان پوءِ انسان گهڻي وقت تائين پيو جهولندو آهي ۽ اهو شعر دل ۾ اهڙو گهر ڪري ويندو آهي جو سڄي ڄمار ياد رهندو آهي.

اڳئين زماني ۾ فوجي نغمو نه هوندو هو، جيئن هاڻي آهي پر اڳين وقتن ۾ فوج جي اڳيان شاعر رجز پڙهندا ويندا هئا، تاڪ هر هڪ سپاهيءَ جي دل ۾ جوش پيدا ٿيندو رهي. تنهنڪري شاعريءَ کان آڳاٽي زماني ۾ دلين ۾ جوش پيدا ڪرڻ جو ڪم وٺندا هئا. جڏهن لفظن جي رڳو آوازن ۾ ايترو اثر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اصل لفظن جو ڇا حال هوندو ۽ اُنهن جي ٺاهڻ وارن جو ڇا مرتبو چئجي؟ اسان جي ملڪ ۽ قوم کي شاعريءَ جي عظمت ۽ اهميت جو اڃا پورو پورو احساس نه ٿيو آهي.

شاعر سماج جو هڪ اعليٰ رڪن، هڪ مظبوط ٿنڀو ۽ هڪ سچو ترجمان آهي. تنهنڪري ان کان بي نياز رهڻ سماج کي علمي ۽ ادبي قوتن کان محروم رکڻو آهي.

شاعريءَ جو ملڪ جي تمدن، معاشرت، سياست ۽ عمراني زندگيءَ تي گهڻو احسان رهيو آهي. مرده قومن کي اُڀارڻ ۽ وساڻل احساس کي مشتعل ڪرڻ کان سواءِ، لفظن جا صحيح اُچار ٻڌائڻ، تذڪير ۽ تانيث جي پروڙ، ڏيڻ ٻوليءَ جا محاورا محفوظ ڪرڻ، ستل فضائن کي جاڳائڻ، جاڳندڙن کي عمل جي لاءِ  تيار ڪرڻ ۽ تخيل کي انهيءَ ارتقائي حدن تي پهچائڻ جتي ڪنهن ٻئي فن لطيف جو پهچڻ ناممڪن آهي؛ شاعريءَ جي ٿورين خوبين مان آهن.

شاعري جي بالڪل مختلف ۽ هيتري مختصر تمهيد کان پوءِ ناظرين جو ذهن ٻئي طرف منتقل ڪندي عرض ڪنداسين ته موجوده سنڌي شاعريءَ جنهن جو بنياد عربي عروض تي قائم آهي سا رڳو تقليدي شاعري آهي؛ سواءِ ڪن ٿورن فطري شاعرن جي. اڄوڪي سنڌي شاعري عموماً اردو جو ترجمو آهي، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته سنڌي شاعر جي شاعرانه زندگي اصولاً غلط شروع ٿئي ٿي. اردو شاعرن وانگر، سنڌي شاگردي ۽ اُستادي جو قائل نه آهي، تنهنڪري شروعات کان وٺي هو فن شاعريءَ ۽ علم عروض کان ناواقف هوندو آهي.ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي  ٿوري  گهڻي علميت جي آڌار تي رڳو ترجمن تي اڪتفا ڪندو آهي، ۽ فطرت کان مليل ڏات يعني موزونيءَ طبيعت کي وڃائي ٿو ويهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو ٿئي ته اڳتي هلي ان ۾ شاعرانه صلاحيتون پيدا ئي نٿيون ٿين يا سلب ٿيو وڃن ڪنهن به شاعر ۾ جڏهن موزونيءَ طبيعت  پيدا ٿئي  تڏهن اُن کي ترقي ڏيئي وڌائڻ گهرجي، مگر بنا اُستاد جي هو انهيءَ ڳالهه کي پروڙي نٿو سگهي ۽ محروم رهجيو وڃي.


(1) Origin of Cultivated Plants. Page 345

(1) سنڌ جي ونسپتي ، مصنف منو تولارام گدواڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com