ڪمل ”سرتاج“
هر سمي رهه مشڪندو!
گل چوي ٿو، هر سمي رهه مشڪندو!
روز ڪنڊن ۾ گذر ٿئي زندگي،
پر روئي ٿو ڪين هو گهٻرائجي؛
ماڪ جو خطرو به هن جي گود ۾،
خود کي ڀلجي آهه هر دم چمڪندو:
گل چوي ٿو، هر سمي رهه مشڪندو.
هو ڏئي سرهاڻ ٿو سڀ کي جڏهن،
جڳ ڪري ساراهه ٿو هن جي تڏهن؛
هو جئي جڳ لئه، نه پنهنجو پاڻ لئه،
مُشڪ سان آهي سڀن کي خوش ڪندو:
گل چوي ٿو، هر سمي رهه مشڪندو.
لال! آفت ۾ نه همت هار تون،
پيڙهه پنهنجيءَ تي ته آنسون ڳار تون؛
زندگيءَ جي راهه آ ڏک سان ڀريل؛
پر هميشه هل انهيءَ کي طئه ڪندو:
گل چوي ٿو، هر سمي رهه مشڪندو.
تاج بلوچ
ڏڍ
تيره و تار دل جي دنيا ۾، |
نيٺ اڄ نور جي ڪرڻ چمڪي، |
منهنجي دل جي تباهه گلشن ۾، |
نيٺ اميد جي ٽڙي مکڙي. |
روشنيءَ جي تلاش ۾ اڪثر، |
مون لتاڙيا نجوم و شمس و قمر؛ |
مشتري، زهره و سُهيل و زحل، |
باغ صحرا، سمنڊ، دشت، جبل. |
گلعذارن سان دل جو حال ڪيم، |
ماهپارن کي ڀي سوال ڪيم؛ |
الغرض هر طرف ٿيس مائل، |
پر نه افسوس ڪجهه ٿيو حاصل. |
تيرگي ساڻ جو ٿيس مانوس، |
روشني لئي گهڻو هيس مايوس؛ |
نااميدي و حسرت و ارمان. |
آرزو، رنج، درد، ڪم، حرمان. |
مستقل قلب ۾ هئا آباد، |
وقف ِ آزار هئي دل ِ برباد؛ |
زندگي سربسر اداس هئي، |
محو ِ حرمان رهين-ياس هئي. |
روبرو رشڪ، ماهتاب آيو، |
دل جي دنيا ۾ انقلاب آيو؛ |
جنهن جي هر هڪ نظر ۾ مئه جو جام، |
جنهن جي هر هڪ نظر اسلام و پيام. |
نيٺ اڄ نور جي ڪـِرڻ چمڪي، |
نيٺ اميد جي ٽَڙي مکڙي. |
آزاد نظم
”امداد“ حسيني
ٿڦڙ
هي فقيرن جا هجوم،
هي نڀاڳن نامرادن جا هجوم،
بي ضميرن جا هجوم،
هي بکيا نانگا اگهاڙا بد فضيلت بي ضمير،
پيٽ جي تاريڪ زندان جا اسير،
دامن، صد چاڪ ۾ مانيءَ جا ڀور........ساهه کان
سوگها جهلي،
ڪهڙي بيدرديءَ سان گنديون آڱريون،
هاءِ ڦيرائن پيا، صاحب جي صوفه سيٽ تي،
ڪيئن نه پاٿولي وجهي وهندا وڃن_
کير جهڙي فرش تي،
ڄڻ پڻهن جو راڄ آهه!
ڪيئن نه هڻندا ٿا وڃن...
...هٿ جي ڌڄ سان چمڪندا ايراني قالينن تي ٿاڦوڙن
جا زخم!
جانور جهنگي ڪتا!
بي ادب جاهل ڪميڻا بد معاش،
بد دماغ و بيوقوف__
اشرف المخلوق جي هستي تي طنز،
چنڊ وانگر چمڪندڙ ڌرتيءَ تي داغ،
زندگيءَ جي مرمرين ٻانهن تي بار،
سائنس جي عهد زرّين تي مسلسل زهر ِ خند،
۽ ترقي يافته انسان جي تهذيب و تمدن جي جگر
تي گهري چوٽ!
هي فقيرن جا هجوم__
گدلا گدلا جسم بي رونق بدن__
جن کي ڏسندي ئي اٻڙڪا ٿا اچن!
موت جي گر ههڙي جسمن تي نظر پئجي وڃي__
سچ ته ميري ٿي وڃي،
تف هڻي، ههڙن جي منهن تي، ها وڃي اڳتي
وڌي!
(بگلي ۾ لکيل نظم تان ورتل)
نعيم دريشاڻي
پراڻيون يادون
اڄ ڇو الائي پنهنجا پرين ياد پيا اچن،
اڄ ڇو الائي هر ڪا گهڙي پنهنجي پاند ۾؛
ڪيئي پراڻيون يادون لڪائي پئي اچي.
ڪئن وسرنديون ڀلا اهي جادوءَ ڀريون اکيون،
جن، ماڻڪين جي چور درين مان لُڇي نگاهه،
(هائو، نگاهه جوان ۽ مستي ڀري نگاهه)،
پنهنجي دلين جو چين تڳائي کڻي ويون.
چپ چاپ ڪئن ڪنهن جي ذري ديد لاءِ، دوست،
پنهنجي دريءَ جا تاڪ پٽي ويٺو هوندو هوم.
غزل
”سرشار“ عقيلي
بغلگير-مسّرت جي وڃي ماتم، ٿئي ڪنهن دم،
ته حسن و عشق جو هڪ فيصلو باهَم، ٿئي ڪنهن دم.
طواف-چهره وچاه-ذَقن ڪريان ٿو، حاجين جئن،
گذر منهنجي لَبَن جوڀي لب-زمزم، ٿئي ڪنهن دم.
به هَر مينَوش پهچي ٿو وڃي جام-سفال آخر،
مثال-جام مَي هرگز نه جام-جَم، ٿئي ڪنهن دم.
ٻڌان ٿو، حسن جي خيرات ڏئي ٿو خوبرو خوش ٿي،
الاهي! منهنجي حق ۾ ڀي ته هو حاتم، ٿئي ڪنهن دم.
ڪَرَم جي ڪوهَ کان بارش وسي ٿي وادئي دل تي،
ته ڇا لئي بَند هي سيلاب چشم-نم، ٿئي ڪنهن دم.
شب-فرقت وڃي ٿئي همڪنار-صبح وصل-يار،
مبارڪ ڏينهن مون لئي اِهڙو اي همدم! ٿئي ڪنهن دم.
بُتن وٽ برهمن جئن، عمر گذري سَر جهڪائيندي،
نه آن جو ڪم ٿيو ڪڏهن، نه منهنجو ڪم، ٿئي ڪنهن دم.
خـِرَد مَحو-طبابت ۽ جنون، محو-نَمَڪپاشي،
ته مشڪل اي دل-مجروح، ڪو مَرهَم، ٿئي ڪنهن دم.
نماڻو عشق هستيءَ ۾ جو آهي ڏيڏريءَ کان گهٽ،
زڪام ايندو نه ويجهو ۽ نڪي بَلغم، ٿئي ڪنهن دم.
حقيقي عشق اي ’سرشار‘! آهي دولت-ايمان،
نه دل دنيا تي خوش آهي نه دل کي غم، ٿئي ڪنهن دم.
تنوير عباسي
ڪنهن به نه ورنايو آ تن کي، ڪونه ڪو ورنائيندو
تڏهن ڀي،
ماندا مورک مور، ٿرن ۾، دانهن ڪرڻ کان ڪين رهن ٿا.
داڻي پاڻيءَ جي دوکي ۾، هڪ ڀيرو جي ڄار ۾ ڦاٿا،
عمر سموري، اهي پکيئڙا، چوڳي کي چڳندي به ٽهن ٿا.
هي دستور هليو آ هميشه، هي دستور هليو ئي ايندو،
ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو، وهه جا پيالا پئندا رهن
ٿا.
سور اتي محسوس ٿئي ٿو، ڪنڊو جنهن ڀي جاءِ چڀي ٿو،
ڪنهن جا دک ڪو ٻيو ڇا ڄاڻي، جن تي اچن ٿا، سي ئي
سهن ٿا.
گل باندي ٿي سگهندا پر، سرهاڻ ته سرڪي نڪري ويندي،
روح سدا آزاد گهمن ٿا، ڪوٽ ۾ قيدي ڪين رهن ٿا.
”خواب“ حيدرآباد
سر زمين-سنڌ تان گذريا هزارين انقلاب،
پنهنجي ارمانن جو ليڪن ڪونه ڪو آيو جواب.
ڪاڏي ويو اڄ نوجوانن مان وطن جو ولولو،
ماٺ ۾ ارباب- دل جو آهه ڇو چنگ و رباب،
’آئي ٽانڊي لاءِ سا ڪيئن بورچياڻي ٿي پئي‘،
گردش-ايام پڻ آندو نه اهڙو انقلاب.
ڪنهن جي اڄ جذبات سان رانديون ٿا کيڏن راهزن،
ڪنهن جي حق تلفي ڪري ٿا ملڪ لئي بڻجن عذاب.
ويل ڪيئن واهيا قَلَم ۽ ڪيئن ڪيي پنهنجي زبان،
ڪنهن جي ماءُ ماٽيجي پڻ ڪنهن سان نه ڪيو هي
احتساب.
وقت سر جي غير کي پنهنجو ڪري ٿا پيش ڪن،
تن کي ڪم ڪڏهين نه ايندو ڪوبه قانوني ڪتاب.
شاد ٿي شادي ٿا ڪن، جي گهوٽ جي مرضيءَ بنا،
زور جي ميندي لڳائڻ سان نه ٿيندا ڪامياب.
حق تلف ڪنهن جا ڪري حقدار جي آهن ٿيا،
غاصبن اهڙن تي لعنت ٿو ڪري ”ام الڪتاب“.
محبوب سروي
آندي قاصد خبر خوشيءَ جهڙي |
اڄ اسان جي به آهه اک ڪڪڙي! |
پير ميخانه ۾ اٿئي پاتو، |
شيخ! مضبوط پنهنجي ڪج پڳڙي! |
جهڙي واعظ سان ميڪده ۾ ٿي، |
دشمنن سان به شل نه ٿئي اهڙي. |
سانوِرَن ۾ به حُسن هوندو آهه، |
صرف مقصود ڇو اڇي چمڙي؟ |
واڻين جئن ڪٿان سکئين سهڻا، |
دم وڃي، پر وڃي نه هڪ دَمڙي. |
موت فنڪار سان ٿو فن جو ٿئي، |
هاءِ! ماحول جي ”سَتي لڪڙي“. |
هن جا آهن سدائين شعر نوان، |
ڳالهه ’محبوب‘ جي ڪجي ڪهڙي! |
بشير مورياڻي
دل دل نه آ، جا تنهنجي تمنا کان آ خالي،
اک اک نه آ، جا ياد ۾ تنهنجي نه ٿي آلي.
تصوير ڏسي تنهنجي، نظر ٿي آ نطارو،
تصوير به آ گرچ حقيقت ۾ خيالي.
هي نيڻ ٿيا نار، زبان تي آ خموشي،
الفت ۾ سندءِ، ڪهڙي مصيبت مون آ پالي.
پيماني جي پَت ڪانه رهـِي، ساقيءِ بدمست!
ديدن سان پيارج، جو آ هر ديد سوالي.
نياز علي شاهه ”محسن“
عشق ۽ آرام؟ تو کان ئي ٻُڌم،
هي خيال خام، توکان ئي ٻُڌم.
جنهن جي نفرت تي بنا آهي، اُهو،
واعظا، اِسلام، توکان ئي ٻُڌم.
عشق ڀي هڪ قسم جي آهي هوَس،
عشق جو هي نام، توکان ئي ٻُڌم.
شُڪريو، مجبورين جو نام آهه،
اي دل ِ ناڪام، توکان ئي ٻُڌم.
حُسن خود حُسن-خدا آهي ميان!
حُسن تي الزام، توکان ئي ٻُڌم.
عشق کي جُز عشق ٻي ڪهڙي خبر؟
خطرهء انجام، توکان ئي ٻُڌم.
هي چڱو آهي ۽ ’محسن‘ هي بُرو،
نيڪ ۽ بدنام، توکان ئي ٻُڌم.
ولي محمد ”وفا “
سهي سختيون وڃ حياتي گذاري،
مگر بيوفا جي شڪايت نه ڪر دل،
نه سينو سهائي سگهين تون ٿي جنهن سان،
انهيءَ سان ڪڏهن تون عداوت نه ڪر دل.
محبت ۽ نفرت جو هي سلسلو آ،
جهان ۾ ازل کان ئي آيو، ۽ رهندو،
اگر هو خفا آ، رهڻ ڏي خفا تون،
مگر پنهنجي رسوا محبت نه ڪر دل.
ٻڌي راز دل جو خفا هو ٿي ويندو،
رهڻ راز کي تون اڃان راز ڏي ڀل،
ٻڌڻ سان ئي ساجن رسي توکان ويندو،
تون ظاهر ستم جي حقيقت نه ڪر دل.
ادائن ۾ شوخي شگفته آ چهرو،
مليو حسن هن کي غضب جو آ همدم،
ڪري جڳ ۾ وصف وثنا يار جي تون،
جهان لاءِ برپا قيامت نه ڪر دل.
رهي شاد هو ٿو سدائين عدو سان،
مگر مون ڏي ايندي خفا ٿي پوي ٿو،
گر غير سان هن کي آهي محبت،
ته پوءِ تون کڻي هن سان الفت نه ڪر دل.
ڪڇڻ بند ڪر، ماٺ ۾ رهه هميشه،
سڄڻ صبر وارن جو ساڻي سدائين،
جفا جي عوض ڪر ’وفا‘ هن سان هر دم،
۽ ڀلجي ڪڏهن ڀي شڪايت نه ڪر دل.
عبدالڪريم پلي
بيوفا! ۽ بي مرّوت، اچ وري،
مضطرب ٿي منهنجي چاهت، اچ وري.
زيب توکي ڪانه ٿي هرگز ڏئي،
بي سبب ايڏي شڪايت، اچ وري.
سنگدل سهڻا صنم، توکان پري،
زيست آهي بي حقيقت، اچ وري.
سچ ته سورن جي سهڻ جي ناهه ڪا،
هاڻ مون ۾ يار طاقت، اچ وري.
ياد تنهنجيءَ کان نه آهي هڪ گهڙي،
پُر الم دل کي فراغت، اچ وري.
هجر جي ماريل ’ڪريم‘ آشفته لئي،
بنجي تون باران ِ رحمت، اچ وري.
نيون طرزون
ترائيل
سج اڀريا به لکين پر نه وئي اونداهي،
شب ديجور اڃا ڪانه ٿي پوري ڇا لئي؟
علم هوندي به وئي عام ٿي هت گمراهي،
راهبر هوندي نه ٿي راهه ڇو نوري ڇا لئي؟
لکين موسيٰ به ٿيا، ڪانه ٿي پر ساڃاهي،
طور هوندي نه ٿيو تاب ڪو طوري ڇا لئي؟
جام و مئي آهه ۽ ساقيءَ ۾ آهي، آگاهي،
پر نه پيتوسين اڃا جام بلوري ڇا لئي؟
فڪر طاري ٿو رهي، خلق مٿي خر گاهي،
پيٽ پوڄا ٿي اڃا عام، ضروري ڇا لئي؟
طوق زرين ڇو وڌو ڪنڌ ۾ هر خرگاهي،
۽ اسان لاءِ رهي خاص ٿي سوري ڇا لئي؟
*
زندگي ٻاٽ انڌاري ۾ ٿي گذري اي نديم،
ڇو شب غم نه ٿي پوري، ڪٿي اميد جو سـِجُ؟
اڃا انسانُ وسوڙل آهي در عهد ِ قديم،
بار آور نه ٿيو آهه ڇو احساس جو ٻـِجُ؟
آهه مغموم چمن، گرچه گهلي باد ِ نسيم،
ڇو خزان ديده ثمر آهه،ڪٿي آهي نـِجُ؟
لکين داناءُ ۽علاّم ٿيا، ويدَ، حڪيم،
پر ٿيو روڳ جو دارون،نه دوا، ويڄ نه ٽج.
رباعيات
حافظ محمد احسن چنا
دنيا ۾ ڏٺم دوست سچو ڪوڪو آهه،
هر ڪنهن کي وفادار چوڻ دوکو آهه،
هڪ دوست هزارن مان ملي ٿو مشڪل؛
همراز ۽ غمخوار ٿيڻ اوکو آهه.
اڄ ڪنهن ۾ محبت ۽ صداقت ناهي،
ڏيکاءُ گهڻو پر ڪا حقيقت ناهي،
سابق نه ڏسڻ ۾ ٿي وفاداري اچي؛
۽ عشق حقيقي جي علامت ناهي.
تو عشق کي آسان اڙي نادان سمجهو،
اُف اُف،! تو غمِ يار کي مهمان سمجهو،
الفت ۽ محبت هـِي ازل کان آهي؛
پر جنس ِ وفا کي متان ارزان سمجهو!
هڪ دل تي سوين سور ستم غم سهڻا،
ديدار بنا ڪين ڪڏهن سي لهڻا،
دلدار سوا سور اٿم سر ساٿي؛
فرقت ۾ اٿم غم سي ڳچيءَ جا ڳهڻا.
اُف! حسن کي نادان سڏن ناداني،
۽ عشق کي آسان چوڻ ناداني،
ڏس حسن جڏهن آهه صفت مجبوبي؛
پوءِ ان جي شڪايت به ڪرڻ ناداني.
احساس ڪنهين جو نه وسارڻ گهرجي،
وعدو جو ڪجي ڪنهن سان سو پارڻ گهرجي،
تعريف ڪرڻ منهن تي ۽ پرپٺ شڪوو؛
خصلت نه اها ڪنهن کي به ڌارڻ گهرجي.
قطعات
امداد حسيني
هي لطف هي احسان رهڻ ڏي سائين،
نادان کي نادان رهڻ ڏي سائين،
صوفي ڀلي صوفي هجي مّلا مّلا؛
انسان کي انسان رهڻ ڏي سائين.
دنيا ۾ رڳو آءٌ ئي رسوا آهيان،
محفل ۾ رڳو آءٌ ئي تنها آهيان،
انسان جي نظرن ۾ ته انسان ناهيان؛
قدرت جي نگاهن ۾ ڀلا ڇا آهيان.
هيءَ جرئت ِ اظهار، مبارڪ يارو!
هيءَ قوّت ِ گفتار، مبارڪ يارو!
تازي ٿي وئي سرمد و منصور جي ياد؛
شان رسّن و دار، مبارڪ يارو!
رهبر جو هجي، صاحب ِ ادارڪ هجي،
ٻارن جي دل و ذهن جيان پاڪ هجي،
واعظ هجي، ساقي هجي، يا رند هجي؛
حق ڳالهه چوڻ ۾، رڳو بيباڪ هجي!
ڪجهه ميڪدي تي طعن تڇيندي گذري،
ڪجهه ڪفر جون فتوائون ٿي ڏيندي گذري،
باقي جا بچي واعظ-ديندار جي عمر؛
تسبيح جي داڻن کي ڳڻيندي گذري.
مسجد کان جدا آهه جي رستو ڪنهن جو،
مّلا ٿو چئي، حشر نه ٿيندو تنهن جو،
هر هنڌ مليو رند قلندر کي خدا؛
مّلا جو خدا پنهنجو، اسان جو پنهنجو!
قمر شهباز
ازل کان اُڃايل نگاهون اسان جون،
نه مُرڪن، نه ڪُرڪن، نه ڳوڙها وهائن،
نماڻيون نماڻيون، اُجهاڻيون اُجهاڻيون؛
خدا ڄاڻي ڪنهن سان ٿيون وعدو نباهن.
تاج بلوچ
عشق تنهنجي ۾، پرين ابيات جي لکڻا پيا،
مفلسيءَ کان، گيت سي بازار ۾ ڏيڻا پيا.
پر ملي ڇا گوهر ِ ناياب جي قيمت ڏسو،
چند چانديءَ جا سڪا مجبور ٿي وٺڻا پيا.
منهنجي شعرن کي چيئن ٿي ڪيئن ڀلا خواب و خيال،
صورت ِ اشعار ۾ لڙڪن سندي تحليل ڏس.
منهنجي حال-زار تي سائين!ڀلي تون لک مگر،
منهنجي ارمانن ڀريل تصوير جي تشڪيل ڏس.
فرد
محمد حسن ”ساز“ ڪراچي
نغمهء ساز
ڪهڙي تڪليف مون ڏٺي ناهي؛
ڪنهن به تڪليف جو تون نانءُ ته وٺ.
__
رئاڙيو مون کي اچي آهي ڇو جواني تو؛
ٻڌاءِ ڪير ڀلا روئي ٿو جواني ۾.
__
خوبيون انسانيت جون سڀ هجن تو ۾ ڀلي؛
ڪونه ڪونڪري ئي پوندو چوندو جو تو کي خراب.
__
مرڪ هن جي لب تي آهي، لڙڪ منهن جي چشم ۾؛
مون گهريو جيڪي خدا کان سوملي مون کي ويو.
__
ڏجي ٿو هوند مان دستور آهي دنيا جو؛
غم-حبيب رکيو ڇاهي جو ڏيان توکي.
__
خوشيءَ جي گود ۾ هر دل رهي مسرور ٿي ليڪن؛
رئڻ، تڙڦڻ، ٻرڻ ڦٿڪڻ ۾ دل منهنجي رهي ٿي خوش.
ملايو ڪين هو هٿ ئي، اڃاخوش قسمتيءَ سان مون؛
اچي بدقسمتيءَ وچ ۾ ملايو هٿ کلي مون سان.
__
نه ڪراي ’ساز‘ الفت، مڃ مري ويندي چون ٿا سڀ؛
الاهي ڇا اڃا مون کي زمانو زنده سمجهي ٿو.
سيد نياز علي شاهه ”محسن“
گهڙا ۽ ٻيلهڙا ڀربا پيا، گر زندگي آهي؛
مري وياسين ته هرڪوئي چوي پنهنجي نصيبن کي.
عشق خود مختار، ضدي، هُوڙهه ۽ اڻموٽ آهه؛
عشق کي نفعي جي ۽ نقصان جي ڪهڙي خبر؟
__
جيستائين دم ۾ دم آهي ۽ آهي زندگي؛
تيسئاين جوڳين وارو پيو ڀيرو ڪندس
2
1.ريل(پراڻي ڊائريءَ جو هڪ ورق) |
-ع. ق. شيخ |
2ـ ـ ـ ـ؟ـ ـ ـ ـ ـ |
- محمد عثمان ’ناطق‘ |
3ـ هاٿيءَ جا ڏند |
- خواجه احمد عباس |
|
مترجم: ’تاج‘ بلوچ |
4ـ ادائگي(عربيءَ مان) |
- مصطفيٰ الطفي منفلوتي |
|
مترجم: محمد علي سولنگي |
5ـ ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان
|
- پروفيسر سنتداس جهانگياڻي |
ناٽڪ |
|
6ـ دعوت نامو |
-ڪيرت ٻاٻاڻي |
ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ڪهاڻي، سڀ کان
زياده، زندگيءَ جي عميق راز جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي.
سڀ کان وڌيڪ معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي وهڪري کي
تيز ڪري ٿي، سڀ کان زياده انسانيت جي سچي تصوير
ڪڍي ٿي. ڇا لاءِ ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾، هر طرح هي
نقش نگاريءَ کي سمائي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت
جي آميزش، زمان ۽ مڪان جو ڀرپور احساس، انساني
فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي
مقصدن جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه
ملندي. اهوئي سبب آهي جو افساني ۾ هر دور جي
زندگيءَ ۽ طرز معاشرت جو عڪس رهجي وڃي ٿو، جو نه
رڳو ’ادبيات‘ جو، پر تمدني قدرن جو اهم ترين جزو
پڻ بڻجي وڃي ٿو.
سيد احتشام حسين
ع.ق. شيخ
پراڻيءَ ڊائريءَ جو هڪ واق
”ريل0000000000۽
زندگي“
ساڍا ڏهه ٿيا هئا. ٽڪيٽ وٺي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس.
گرمي ڪافي هئي. تنهن کان سواءِ گاڏيءَ به يارهين
بجي ڇُٽڻي هئي. ڪتاب کولي پڙهڻ لڳس. آخر سيٽي وڳي
۽ گاڏي آهستي آهستي چُري. چوڌاري ڏٺم: مسافر
هئا،پر ايتري سوڙهه ڪانه هئي. ڪي ڪاروباري ماڻهو
پئي ڏٺا؛ڪي وڏيرا ۽ زميندار هئا. ڳچ جيترا مهاجر
پڻ هئا. واندا مسافر پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. اُنهن جا
آواز آمهون سامهون هوٽلن جي لائوڊ اسپيڪرن وانگر
هڪ ٻئي سان ٽڪرجي، اڌ سڄا پاڻيهي پاڻيهي منهنجي
ڪنن تائين پهچڻ لڳا.
”هاڻي ته فرحت آهي. ايتري گرد ِي ڪانهي. اڄ لوءَ
ضرور لڳندي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ پناهگير اچي ويا آهن.ڪپهه
وارو ڪارخانو ڪاٺيا واڙي ميمڻ ورتو آهي. ڪڻڪ جو
اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي، ولائتي ڪپڙي جا جهاز ڀرجي
آيا آهن.ٻهراڙين ۾ اڄ ڪلهه سلامتي ڪانهي. پوليس
ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري. وڏيرا ۽ وزير ڇا ٿا ڪن.
ڪشمير جو معاملو جهڙو منجهيل سُٽ جي ڦوري. رپئي جي
قيمت نه گهٽائڻ ڪري چون ٿا ته پاڪستان کي فائدو
پيو آهي. وڏو وزير روس ڪين ويندو. ڪپڙي تان ڪنٽرول
صفا لهي ويو آهي. کنڊ ڪيوبا کان اچي رهي آهي. قاسم
رضوي کيءَ ڪافر ضرور سزا ڏيندا. جهونا ڳڙهه ۽
حيدرآباد دکن هضم ٿي ويا. آمريڪا دنيا جي ملڪن کي
مالي مدد ڏيئي رهي آهي. روس وٽ به ائٽم بم آهي.
واپاري جاوا ڪري رهيا آهن. زمينداري ۽ جاگيرداري
ختم ٿي ويندي. هندستان ۾ گڙٻڙ متي پئي آهي. گانڌي
جهڙي ماڻهو مان ڪين گُٿا، جواهر لعل کي ضرور ڪونه،
ڪو ماريندو .“
ريل جو گاڏو ڦري هڪ سياسي آکاڙو ٿي پيو هو. هر هڪ
مسافر ڄڻ ته ڪو سياسي پهلوان هو. جنهن کي جيڪي ٿي
منهن ۾ آيو تنهن تي وار پئي ڪيائين. گاڏي ڍري ٿي
هڪ اسٽيشن تي اچي بيٺي، ڪي مسافر لٿا ڪي مسافر
چڙهيا گاڏي هلڻ لڳي. گفتگو وري شروع ٿي ويئي. هن
دفعي ڪتاب پڙهڻ ۾ اهڙو محو ٿي ويس جو ايترو ٻڌي نه
سگهيس. ننڊاکي ماڻهوءَ وانگي، ڪنن ڪجهه جو ڪجهه
پئي جهٽيو.
”هيترا پناهگير اچن ڪٿان ٿا! جتي ڏسو اتي پناهگير.
ويچارن تي ڏاڍا ظلم ٿيل ٿا ڏسجن هر ڪنهن کي ساڻن
همدردي ڪرڻ گهرجي—مسلمان ڀائر آهن. پنهنجو پنهنجو
ڪري ڦاٽي ٿا مرو، ڪير آهي ڪنهن جو ۽ ڏاڍي آبادي ٿي
پيئي. غريب ۽ مسڪين ته ساڳئي گهاڻي ۾ پيا پيڙجن!!
اهو ڏينهن خالي ڪونهي جو چوريون ۽ ڌاڙا نٿا لڳن.
اُهي ئي لچايون، اُهيئي بدمعاشيون. زميندارن ۽
شاهوڪارن ۽ واپارين جون پنجنئي گيهه ۾ آهن. ڀلا
پناهگيرن به رڳو کڻي سنڌ ڏانهن رخ رکيو آهي. اُنهن
جو ڇيهه ڪڏهن ٿيندو؟ پناهگير نه چئو، مهاجر چئو
مهاجر.“
گاڏي وري اچي ٻيءَ اسٽيشن تي بيٺي. هن ڀيري گاڏيءَ
مان نڪو ڪير لٿو، نڪو وري ڪو چڙهيو. اسٽيشن چڱيري
هئي. اسان وارو گاڏو اسٽيشن جي بلڪل سامهون اچي
بيٺو هو. ٽي چار ٽولا رنگ به رنگي برقعن سان
اسٽيشن کان ٻاهر نڪري رهيا هئا. سڀني عورتن جا
منهن کليل هئا. اسان جي گاڏي مان اڪثر مسافرن جون
اکيون منجهن کتل هيون. ڪنهن وڏي وات واري ڳالهائڻ
شروع ڪيو. گفتگو جي مجلس وري چالو ٿي ويئي. انجڻ
سيٽي هنئي ۽ گاڏي اسٽيشن ڇڏڻ لڳي.
”برقعا آهن يا مسخري. برقعا يا تنبو آهن يا نمائش
شرم نه ٻيو سڀڪجهه آهي. نانگ ويو نڪري باقي ليڪو
پيو ڪُٽجي. اهڙن برقعن پائڻ مان ڪهڙو فائدو، فئشن
جو آهي!اهڙي فئشن کان سُڃ ڀلي آهي. ٽنڊ ته ٿيندي
اهو نفعو گهٽ آهي. انهيءَ کان ته غرارو سٺو آهي.
غرارو يا گراڙو؟ ڪهڙو ٿيندو آهي گراڙو؟ سمجهو کڻي
گهاگهرو اهڙو ڪجهه ٿيندو آهي. غراروڏسڻا هجنوَ ته
ڪراچيءَ وڃو. توهان جون هيرا آباد واريون
عاملاڻيون انهن جي اڳيان ڪجهه به ڪونهن. ڀلا هيءُ
مرض ته اڳي سنڌ ۾ ڪونه هو. سچ پڇو ته اسان جون
سنڌي زالون به انهن کي ڏسي نقل ڪري رهيون آهن.
وقت وقت کي سلام آهي. اسان جي وڏن ماڻهن ۽ ڏسڻن
وائسڻن جون بيگمون جي ائين ڪنديون وتنديون ته پوءِ
ٻين جو ڪهڙو گناهه. پر پردي ۾ رکيو به ڇا آهي؟
اسٽيشن تي سڀني اکيون ڦاڙي پئي ڏٺو. پردو ته الله
رکي بندي کي ڪهڙي مجال آهي. پر قانون کي مڃو ها ته
پوءِ پڪ آهي ته اوهين اهڙي گفتگو به نه ڪري سگهو
ها. انسان جي اهڙو ساڌ هجي ها ته قانون جي ضرورت
ئي ڪانه ٿئي ها. پر ڪونه ڪو قانون ته ضروري آهي.
هيءَ قانوني حڪم هلائي به ڪير؟ هت ته سڀئي هڪڙي
ڍڳي جا چور آهن. اسان جيڪڏهين سنئي رستي تي پورا
هجون ها ته ههڙا حال نه ٿين ها. اڳي ته انگريز
بهادر هئا. جن اسان جي قلبن کي ڪارو ڪري ڇڏيو هو.
هينئر ڪير آهي جو اسان کي جهلي ۽ روڪي ٿو ته چڱا
نه ٿيو. جڏهين ڏوهه ۽ گناهه رڳو اسان جو آهي ته
ڀوڳيون به اسين پيا. جي اڃا به سبق نه سکياسين ته
تباهه ۽ برباد ٿي وينداسين. اسين هوند سڌري پئون
جي اسان جا اڳواڻ سڌري پون. حڪومت جيڪڏهن چاهي ته
ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟ انهن وڏن ماڻهن کي ڪهڙي خبر،
هو ته هوائي جهازن تي چڙهي اچي هت نازل ٿيا هئا.
صدقي جون ٻڪريون ڪير ٿيا. اهي ويچارا مسڪين ۽ مفلس
۽ سفيد پوش ئي هئا جيڪي دربدر ٿيا. ديس هوندي
پرديسي ٿيا. ملڪيتون ڇڏي فقير ٿيا. ٺوڪرون
کاڌائون، معصوم ڪهارائي، عزتون وڃائي، لڄون لٽائي_
کين نصيب ڇا ٿيو! اڳئي يا اَئندهه وري کين ڇا
ملندو.نا اُميدي وڏو گناهه آهي. توهان جي، منهنجي
نه، پر سڀني جي ڪوشش اهڙي بدانتظاميءَ جو طلسم
ٽوڙي سگهي ٿي.“
برقعن وارو بحث ڪٽجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي. نڪتو ڪتاب
منهنجي هٿ ۾ ائين ئي پوريل رهجي ويو. گرمي ڪافي
تيز ٿي چڪي هئي. لوءَ پئي لڳي، ڀر ۾ ويٺل نوجوان
سگريٽ دکائي سوٽا هڻڻ لڳو، سرڪاري ملازم ٿي ڏٺو.
سوٽ بوٽ جو چڙهيل هوس! گاڏي ڍري ٿيڻ لڳي. مون
دريءَ کان ٻاهر ڏٺو، ڪا ننڍڙي ويران اسٽيشن هئي.
پاسي واري گاڏي مان هڪ ڳوٺاڻو اُوٻهرو ٿي جهڙو ٿي
لٿو، تهڙو منهن ڀر وڃي ڪريو. هو تڪڙو اُٿي کڙو
ٿيو. هن جي سٿڻ جا وَرَ اهڙي طرح کنجيل هئا، جهڙو
ڪنهن ملاکڙي جو ملهه. هو پٽڪو کڻي ٻڌڻ لڳو، گاڏي
اڃا مس بيٺي ڪين ته هڪ پوليس وارو الائي ڪٿان اچي
نازل ٿيو. هو کيس ٿڦڙ واهيندو گهليندو اڳتي وڌڻ
لڳو، هن جو پٽڪو ڪجهه هن جي هٿن ۾ هو ته ڪجهه
پٺيان پڇ وانگر لٽڪندو گهلبو پي ويو. گاڏيءَ مان
مسافرن جو ڳچ جيترو ولر هيٺ لٿو. سڀيئي ٻهراڙيءَ
جا پئي ڏٺا. زالون ۽ ٻار مڙيئي گهڻا هئا. ڪيترن جا
پير اُگهاڙا هئا. زالن ۾ بَس پـِٽڪو پئجي ويو. ٻڙي
هيءُ ڪهڙو بغداد! مڙس کي پوليس وارو وٺيو پيو وڃي!
ڪوڙ، ڪنڊا! وارو ڪيو، گهوڙا ڦرجي ويس! ڪهڙو ناحق
ٿيو! مٿو ڪارو ٿئيوَ، ڊوڙو نه ٿا! هو پوليس وارو
گاڏيءَ ۾ ٿو چاڙهيس. مُٺيس آءٌ نپٽي ڪيڏانهن وڃان؟
ههڙو انڌير! هاءِ منهنجا الله...! هڪ پوڙهيءَ
ٻاڪاريو. ٻارڙا به اوڇنگارون ڏيڻ لڳا. ڪرڙ ۽ ڪنڊو
مٿي تان هڙون اُڇلائي وڃي پوليس واري وٽ پهتا.
جانان، گيسيون، ايلاز ڪيو هٿ پيا جوڙينس، نوڙيو
پيرين پيا پونس، کيسي ۾ هٿ وجهي شايد پيسا به پئي
آڇيائونس. پر پوليس واري بار بار ڪنڌ پئي لوڏيو.
سڄي ساري گاڏيءَ مان انهيءَ واقعي کان پوءِ ڪو به
ڪونه لٿو. آءٌ خود عجب ۾ هوس ته معاملو ڪهڙو آهي.
ٻاهر هر زالون ۽ ٻار اُس ۾ سڙي ۽ لُڪَ ۾ لولڙاٽ
ڪري رهيا هئا. هيءُ اک ڇنڀ ۾ ڇا ٿي ويو! چوري ڪئي
اٿس؛ ڌاڙو هنيو اٿس يا خون ڪري ڀڳو آهي! يا
هلنديءَ گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي ڏوهه جو ڪم ڪيو اٿس.
بيوقوف مري پوي ها ته؟ ويچاري وٽ ٽڪيٽ ڪانه هوندي،
ٽڪيٽ به هجيس ها ته اسٽيشن تي اچي هروڀرو ٽپو ڪونه
ڏئي ها. هيترن ماڻهن زالن ۽ ٻارن سان گڏ آهي، ٽڪيٽ
ضرور ورتي هوندائين. منهنجي ڀر وارو ويٺل نوجوان
سگريٽ اُڇلائي اُٿيو ۽ لهي وڃڻ لڳو، شيرشاهه جو
شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري.ههڙا اٻوجهه ته پوليس وارن
کي شل هٿ چڙهن! گاڏيءَ سيٽي هنئين. نوجوان ڊوڙي
وڃي پوليس واري وٽ پهتو.گهڻي ردعمل ۽ آزيءَ
نيزاريءَ کان پوءِ هن ويچاري جي جند ڇُٽي.
هن کي پنهنجي اُٻهرائيءَ جوعيوضو ملي چڪو هو. ڌڪي
کائيندي نرڙ ۽ گوڙا رهڙجي پيا هئس، ويتر جو پوليس
واري مرمت ڪئي هئ، تنهن ته سندس رت ئي سڪائي ڇڏيو
هو. هو نڪي خوش ٿي ڏٺو ۽ نڪي رنج ٿي نظر آيو زالن
رئڻ بند ڪيو. ٻارڙا چپ ٿي ويا. هو پنهنجو پَٽڪو
ٻڌڻ لڳو. گاڏي هلڻ لڳي زال وري رڙ ڪئي.
ابا........منهنجي هڙ ته آهيئي ڪانه. ڪرڙ ڪنڊا ...
وارو ڪيو گاڏي ته ڇُٽي ويئي. هاءِ منهنجا نوان
ڪپڙا،نئين جُتي، وکر وڙا سڀ انهيءَ ۾ آهن. پر هنن
مان گاڏيءَ ڏي ڪنهن به ڪين سنڍيو. هنن کي گاڏيءَ
تي چڙهڻ جو عيوضو ۽ سکيت ملي چڪي هئي. پر هيءُ
ڇا، گاڏي وري ڇو بيهي رهي. ڇا ڊرائيور کي قياس
پيوهو. گاڏيءَ جي پٺئين پاسي کان هڪڙوماڻهو گارڊ
واري گاڏي ۾ ڪاٺين جون ڀريون چاڙهي رهيو هو. هن
دفعي پوليس وارو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. اسان
جي گاڏي مان اهو نوجوان وري لٿو ۽لٿل مسافرن جي
گاڏي ۾ چڙهي هن هڪڙي اجرڪ ٻڌل هڙ هيٺ ڪيرائي.
ڪاٺين واريون ڀريون چڙهي چڪيون هيون. پوليس وارو
غائب هو. گارڊ جهنڊي ڏيکاري، انجڻ هڪ وڏي ڪُوڪ
لڳائي. ڪڪو ڪو، ڇُو ڇُو، ڇڪه ڇڪه، گاڏي وري هلڻ
لڳي. مون کان ڪتاب پڙهڻ ته وسري ويو هو. منهنجي
اکين اڳيان زندگيءَ جي ڪتاب جو هڪ اهڙو ورق وري
ويو هو جنهن کي آءٌ ڪڏهين به وساري ڪين سگهندس.
محمد عثمان ”ناطق“
اسپتال جي صدر دروازي اڳيان ۽ پخته ديوارين تي صحت
متعلق وڏا وڏا پوسٽر چسپان هئا، جن ۾ مرض جي وڌڻ ۽
ان جي ڪارڻ جون تصويرون، ڊاڪٽرن ۽ عوام جي رابطه
جون تصويرون نڪتل هيون. ماڻهن لاءِ صفائيءَ ۽
بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ قاعدا قانون لکيل هئا.
اسپتال جا ملازم، ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، ڊريسر ۽
پٽيوالا، نرسون وغيره سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل
هئا. ۽ وڏو ڊاڪٽر خيالن ۾ غرق پنهنجي ڪمري ۾
هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو، ڪنهن مهل ويٺو ٿي،
ته ڪنهن مهل هليو ٿي. ڪنهن مهل غير اداري طور
ڊاڪٽرن کي سڏي هدايتون ڏيندو رهيو. ۽ وري خيالن ۾
ٻڏي ٿي ويو. ائين پي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪو جوالا
مکي ڦاٽڻ وارو آهي!
پريان هڪ فقيرياڻي جنهن جي هٿ ۾ جست جو وٽو ۽ هنج
تي ننڍو ٻار هو. هوءَ جوان هئي ۽ شڪل و شباهت ۾
هرون ڀرون گهٽ نه هئي، پر زماني جي حالتن سندس
ٽڙيل حسن ۽ جوانيءَ کي ڪومائي ڇڏيو هو. فقيرياڻي
اسپتال جي دروازي کان ڌوڪيندي، ڊاڪٽر ڏانهن وڌي
رهي هئي. اڃا ٻه-ٽي قدم مس کنيائين، ته سندس ڪنن
تي گرجدار آواز پيو ته ”مائي ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
فقيرياڻي هيڪر ته دهلجي ويئي، پر پوءِ نماڻي لهجي
۾ پڇڻ لڳي ته ”سائين! وڏو ڊاڪٽر صاحب ڪٿي آهي؟ آءٌ
بيمار آهيان، مون کي دوا گهرجي“. هو سڀ يڪ ساهي ۾
چئي ويئي. ”مائي اڄ دوا ڪانه ملندي، ڇاڪاڻ ته شام
ٿي چڪي آهي ۽ صبحاڻي وزير به اچي رهيو آهي؛ جنهن
لاءِ بندوبست ٿي رهيو آهي. تنهنڪري تون جلدي ٻاهر
نڪري وڃ؛ ڇو ته وڏو ڊاڪٽر ڪاوڙبو.“ ڪمپائونڊر
ائين چئي وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. ۽ پاڻمرادو
چوندو رهيو ته ”هنن پينن ته تپائي ڇڏيو آهي. کين
رڳو مفت جي دوا گهرجي، ڀلا مفت جي دوا به ڪڏهين
اثر ڪيو آهي؟ چوندا آهن ته ”ٺلها ڦيڻا، سور پيڻا“
هي فقير آهن، يا چٽي. ڄڻ ته اسپتال انهن جي لاءِ
کليل آهي.“
فقيرياڻيءَ تي نمونيا جو اثر پوري زور سان غالب هو
۽ سرديءَ کان ڏڪي رهي هئي. پوءِ ڪمپائونڊر جو چوڻ
ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، وري به آهستي آهستي ڊاڪٽر جي ڪمري
ڏانهن وڌڻ لڳي. ڊاڪٽر وزير جي آمد جي خيال کان
هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو ۽ فقيرياڻي بنان
اجازت جي ڪمري اندر لنگهي ويئي. ۽ نهايت ملتجيانه
انداز ۾ غرض ڪرڻ لڳي ته ”سائين! آءٌ بيمار آهيان،
منهنجي حالت ڏينهون ڏينهن ڪري رهي آهي؛ مهرباني
ڪري ڪا دوا ڏيوم. فقيراڻي جا لفظ بجليءَ جيئن سندس
ڪنن ۾ گهڙي ويا ۽ خيالي تسلسل ٽٽي پيس، ۽ چوطرف
نهارڻ لڳو، ڏسي ته ڪمري اندر ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل
فقيراڻي بيٺي آهي؛ جنهن جي هٿ ۾ جست جو وٽو ۽ هنج
۾ ٻار آهي. ڊاڪٽر جو رنگ ويو ڳاڙهو ٿيندو ۽
ڪڙڪيندار آواز ۾ چيو ته ”توکي اندر اچڻ جي اجازت
ڪنهن ڏني، جو ائين اندر لنگهي آئي آهين؟ هڪدم
نڪري وڃ! گيٽ آئوٽ........!“ ڊاڪٽر وري خيالن ۾
غرق ٿي ويو.
”اوسائين! مون مسڪين تي رحم ڪريو...ديا ڪريو...مون
اڀاڳڻ جي ڪمائي تي ٽن جيون جي حياتي جو مدار آهي.
جي آءٌ بيمار هونديس ته انهن جي پيٽ قوت جي ڪير
ڪندو؟ مهرباني ڪري دوا ڏيو! الله سائين اوهان کي
آباد رکي، ٻچن مان لک ٿيئيوَ. ڊاڪٽر ذرو به توجهه
ڪونه ڏنو ۽ هلندو رهيو؛ پر سندس چهري جو رنگ ڦري
ويو ڳاڙهو ٿيندو.
__فقيرياڻي بيهي نه سگهي ۽ ويهي رهي. وري ساهي پٽي
چوڻ لڳي، ته سائين! مان هي رپيو کن پني آئي آهيان،
اهو وٺو، مون کي دوا...ڏيو!“ ”گيٽ آئوٽ...نڪري وڃ،
ڪميڻي...تو ڇو اچي، اسان جو سر کپايو آهي؟“ هڪ طرف
وزير جي اچڻ جو بندوبست ته ٻئي طرف هنن بکين فقيرن
کڻي مٿو کپايو آهي!
”پٽيوالا! ڊريسر!..... اوهين ڪاڏي مري ويا آهيو،
جو هي ڪم بخت بنا اجازت جي اندر لنگهي آئي آهي؟“
”پٽيوالا!...پٽيوالا!...ڊاڪٽر جي آواز سان سڄو
ڪمرو گونججي اٿيو ۽ پريان ڪمپائونڊر، ننڍا ڊاڪٽر،
ڊريسر ڊوڙندا آيا ۽ صاحب جي اڳيان خاموش بت بنجي
بيهي رهيا؛ ڄڻ ته بيجان آهن؟ ڊاڪٽر مٿن اڇاتري نظر
وجهي ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو ته ”اوهين ڇا ڏسي رهيا
آهيو؟ انڌا آهيو؟ هن ڏائڻ کي هڪدم هتان ڌڪي ڪڍو.
وڏي آئي آهي دوا وٺڻ! ڪميڻي!...ڊاڪٽر پاڻمرادو
ڳالهائيندو رهيو ۽ سندس ذهن وري وزير جي آمد ڏانهن
منتقل ٿي ويو.
فقيرياڻي نهايت عاجزيءَ ۽ نماڻائيءَ سان چيو ته
”سائين! مون غريب کي دوا ته ڪانه ڏنوَ، پر هاڻي
لوڌيو ته نه؛ آءٌ پاڻيهي ٿي وڃان! اهي دوائون
اوهان کي نيبهه هجن! اسان غريبن جي لاءِ دوا موت
آهي، جو بيماري جي سخت تڪليفن ۽ دوائن جي ڳاٽي ڀڳن
خرچن کان جند آزاد ڪرايو ڇڏي!“ ائين چوندي فقيراڻي
ڪمري مان ٻاهر نڪري، اسپتال جي صدر دروازي ڏانهن
وڌڻ لڳي ۽ پاڻمرادو چوندي رهي ته ”اسين غريب
آهيون، مفلس آهيون؛ در در تي صدا هڻندڙ ۽ پيٽ لاءِ
هر ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگيندڙ آهيون! مانيءَ جي ڀور ۽
ٽامي جي ڏوڪڙ تي به راضي رهون ٿا.
هي اوهان جون دوائون، صاف سٿرا ڪمرا ۽ نرم نرم
بسترا ٻين جي لاءِ آهن. باقي امان غريبن لاءِ
بهانو ته وزير ٿو اچي؛ دوا گهر، ته ڄڻ ٽـِيڙَ تپ
ٿو اچيو وڃين!
آءٌ تپ ۾ ورتي پيئي آهيان ۽ سيءَ کان منهنجو ساهه
نڪري رهيو آهي ۽ هـِتِ دوا ڪانهي! پوءِ جي هي
هيترا سارا ڊاڪٽر ۽ هي دوائن جا انباز؛ سي سڀ ڇاجي
لاءِ آهن؟“
ائين چوندي دروازي کان ٻاهر نڪري، اسپتال جي بلند
عمارت تي هڪ حسرت ڀري نظر وڌائين؛ ان مهل سندس گول
۽ وڏين اکين مان موتين جهڙا سفيد لڙڪ ڳڙي ڳلن تان
ڌار ڪري وهڻ لڳا، بخار جي شدت ڪري پاڻ ۾ هلڻ جو ست
نه سنڀاري، اتيئي ٻاهر ديوار جي اوٽ ۾ زمين صاف
ڪري، پنهنجي مٿا ڦاٽل ڪمبل وجهي پئجي رهي.
سج غروب ٿي ويو ۽ ڏينهن واور شور ۽ گوڙ گهٽ ٿيندو
ويو، پر تپ ۾ ڪا به ڪمي ڪانه ٿي.
بخار جي شدت جي ڪري سندس ذهن ۾ ڪيئي خيال ڊوڙي
رهيا هئا. ڄڻ ته هي جهان، لاٽئون جيان پنهنجي
ڪُنڌتي ڦري رهيو آهي. اسپتال جا ڊگها ۽ وڏا پٿرن
جا گول منارا ڪر زمين دوز ٿي رهيا آهن! اسپتال جا
صاف بسترا، دوائون وغيره غريبن جي لاءِ نه، پر
دولت جي گرد ڦري رهيا آهن! هي ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر،
ڊريسر۽ نرسون وغيره سڀ ڦري رهيا آهن. پنهنجي محور
جي گرد؛ اسپتال جي اندر، ڪمرن جي اندر، دوائن جي
گرد بيمارين جي چوڦير، هن دنيا جي اندر! پر افسوس!
جومون اڀاڳڻ لاءِ دوا به ڪانه آهي! اتي کانئس ڇرڪ
نڪري ويو ۽ اک کُلي پيس. رات گهڻي گذري چڪي هئي ۽
ان مهل قريبي ٽاور تان 12 بجن جي لڳڻ جو آواز
ٿيو. اتر جي ڏڪائيندڙ هوا بدستور لڳي رهي هئي. وڻن
مان زرد ۽ سُڪل پن سـرَ سـرَ جو آواز ڪري، ڪـِري
رهيا هئا. برقي بلبن جي روشني اسپتال جي درين
مان لنگهي ٻاهر جهاتيون پائي رهي هئي، رکي رکي
مريضن جي ڪراهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. ان مهل
آمدورفت بند هئي، پر ڪنهن مهل ٽانگن جي گڙ گڙاهٽ
خاموشيءَ کي ٽوڙيو ٿي.
فقيرياڻي وري پاڻ کي سنڀالي ۽ پنهنجي ٻچڙي کي
سيري، کيس سيءَ کان بچائڻ لاءِ ڀاڪر ۾وٺي ڇاتيءَ
سان لڳائي مٿان ڪمبل اوڍي سمهي رهي. بخار گهٽجڻ
بدران وڌيڪ ٿيندو ويو ۽ هن جو ذهن وري ماضيءَ جي
تصوير ڏانهن گهلجي ويو. ڄڻ ته سندس دماغ مان ريل
جي انجڻ لنگهي رهي آهي ۽ ريل جا ڦيٿا ڦري رهيا
آهن ۽ پاڻ انهن ڦيٿن ۾ ڦري رهي آهي. اهو گذريل
زمانو، جڏهين پاڻ اڻڄاڻ ابهم معصوم هئي. ۽ وقت جي
رفتار سان وڌندي وڌندي، ماءُ پيءُ جي محبت ڀري
گود ۾ پرورش پائيندي جوانيءَ جي بهار ۾ قدم رکندي
آئي. اهو ٻاروتڻ ۽ البيلائي جو وقت گذري ويو.
بيخبري ۾ سَهي جي چال جيان. سرتين ۽ هڪ جيڏين جي
جهرمٽ گهارڻ جي ياد جا نه مٽندڙ نقش دل تي باقي
رهيا. آغاز جوانيءَ ۾ قدم رکڻ سان، شاديءَ جي
ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ويئي.
زماني جي گردش ۽ انقلاب جي چپيٽ ۾ اچي، مصيبت جي
وهڪري ۾ لڙهي ويئي، سرتاج به انهيءَ موذيءَ مرض ۾
گرفتا ٿي. مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ جي حالت ۾ کڙيون
گهرڙي گهرڙي ساهه ڏنو هو!
اڄ__. آ۽ به هن عاليشان اسپتال جي ڀرسان مري
ويندس! جنهن ۾ ڊاڪٽر آهن، نرسون آهن، جت مرض جي
تشخيص تي بحث ڪيا وڃن ٿا. جت آپريشن ٿين ٿا ۽ هر
ڪنهن مرض جون دوائون موجود آهن. اهي سڀ انسان ذات
جي علاج خاطر مفت گڏ ڪيل آهن. جيئن انهيءَ مفت جي
سنهج مان غريب ۽ بي پهچ ماڻهو فائدو وٺي. پر اهو
فائدو الائجي ته ڪهڙن انسانن جي لاءِ؟ ڪهڙن خوش
نصيب ماڻهن جي لاءِ؟ ته فقير آهيون! جانور آهيون!
گندگيءَ جا رهندڙ جيوڙا آهيون! مفلس ۽ مسڪين
آهيون؛ پر افسوس! جو سندن ٽامي ۽ ڊاگي ڪتن جهڙا به
ڪين آهيون!
”ڊاڪٽر صاحب! مون کي دوا ته ڪانه ڏنيون، پر هاڻي
ڌڪي ته نه ڪڍو؛ آءٌ پاڻهي وڃان ٿي!“ ان مهل کانئس
هڪ زوردار چيخ نڪري ويئي، جا خاموش فضا کي چيري،
سامهون بيٺل وڏين جاين مان نڪري، هوا جي جهوڪن ۾
گم ٿي ويئي. ان مهل بخار جو اثر دماغ تي وڌي چڪو
هوس ۽ سيءَ جي ڪري ڏڪي رهي هئي. اتر جي ڏڪائيندڙ
ٿڌي هوا مٿس ڀرپور وار ڪيو.نمونيا ۽ سخت سيءَ،
سندس بدن ۾ وڌيڪ سردي سَهڻ جي سگهه ڪانه ڇڏي هئي.
هن پنهنجا نماڻا نيڻ مٿي آسمان ڏانهن کنيا، پر وري
هيٺ ڪري پنهنجي لخت جگرتي حسرت ڀريءَ نظر وڌائين،
جو بيخبر گهري ننڊ ۾ هو. سندس نرگسي نيڻن ۾ ڳوڙها
ڀرجي آيا، هن پنهنجي سڀ طاقت گڏ ڪري، اٿڻ جي ڪوشش
ڪئي‘ پر موت جي ڀيانڪ فرشتي کيس سدائين لاءِ گهري
ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو!
رات جي ڪاراڻ هوريان هوريان، روشني ۾ تبديل ٿيندي
ويئي. سج منوّر مکڙي سان نمودار ٿيو ۽ سندس سون
ورڻا ڪرڻا هر طرف پکڙجي ويا. رات جي خاموشي موٽرن،
ٽانگن ۽ بسن جي گڙگڙاهٽ ۾ بدلجي ويئي. صبوح ٿيڻ
سان اسپتال ۾ خاصي چهل پهل ٿي ويئي. هر ڪا شيءَ
قريني سان ۽ صاف سٿري ڏسڻ ۾ پئي آئي. ڊاڪٽر، نرسون
۽ ٻيا ملازم نهايت چست ۽ چالاڪ هوڏانهن ڦري رهيا
هئا. صبح جو ٺيڪ اٺين بجي مهل وزير صحت آيو. جنهن
اسپتال جو معائنو ڪري اسپتاڪ جي انتظام ۽ اسٽاف جي
حسن اخلاق ۽ فرض جي پوريءَ طرح بجا آوريءَ کي
ساراهيو. تقرير ۾ چائين ته ”اسان پڪو فيصلو ڪيو
آهي ته دوائن جو ذخيرو اڃا به وڌيڪ موجود ڪيو
ويندو ۽ جديد قسم جا سرجري آلات خاص آرڊر تي
گهرايا ويا آهن. جن جي پهچڻ تي، علاج ڪرڻ ۾ وڌيڪ
سهولت ٿيندي. پوءِ اسان جي ديس ۾ بيماريءَ جو نالو
نشان به نه رهندو! اڄ به هن صحت جي مفت سرچشمي مان
ڪو به نراس ٿي ڪونه ٿو وڃي. ڇو ته ڊاڪٽر جومقصد
آهي، انسان ذات جي بنا لالچ ۽ ڀيد جي خدمت ڪرڻ؛
”قوم صحت ياب ته ملڪ صحت ياب.“ ان بعد وزير صحت
پنهنجي گرين ڪلر جي بيوڪ ڪار تي چڙهيو. موٽر
اسپتال جي صدر دروازي مان ڦرڙاٽ ڪندي شاهي روڊ تان
مڙي، برق رفتاريءَ سان هلي ويئي. وزير صحت جو آواز
اسپتال جي گول گنبذن مان ٽڪري هن بسيط فضا ۾ گونجڻ
لڳو ته ”هن مفت جي سرچشمي مان ڪو به اڙيال نراس ٿي
واپس نٿووڃي. ۽ اسٽاف جو حسن اخلاق ۽ فرض جي بجا
آوري تحسين جي لائق آهي.“
پريان اسپتال جي ڀت جي اوٽ ۾ فقيرياڻيءَ جو بي جان
لاش سواليه(؟) نشاني بنو پيو هو. ۽ سندس ابهم
ٻچڙو خالي سڪل ٿڻن کي چوسي رهيو هو. ڀرسان پيل
خالي شيشي دوا لاءِ واجهائي رهي هئي! ۽ فقيرياڻي
جو لاش چئي رهيو ته ”ها ها...هاها...! انهيءَ مفت
جي...سرچشمي مان...هر ڪو سيراب...ٿي سگهي
ٿو...!...هاها...هاڻ هن ملڪ ۾...ڪو به بيمار...نه
رهندو! جديد آلات ذريعي...علاج ڪيا ويندا...۽ پوءِ
ڪوبه...انسان بي موت...بيماريءَ وگهي نه مرندو؟ |