نمائش جو انتظام پنجاب يونيورسٽي هال ۾ ڪيو ويو
هو. هر ڪنهن ناشر پنهنجي اسٽال کي بهتر کان بهتر
نموني ۾ سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سڀ کان ديده زيب
اسٽال روس جو هو. اهو علامه اقبال جي مقبري جي طرز
تي ٺاهيو ويو هو.
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي بڪ اسٽال کي سنڌ جي روايتي
ڪپڙن_ ٺٽي جي لونگين، نصرپور جي کيسن ۽ هالن جي
اجرڪن سان سينگاري، نهايت دلڪش بڻايو ويو هو.
جيتوڻيڪ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي بڪ اسٽال تي، بنيادي
طور، بورڊ جي ئي ڪتابن جي نمائش ڪئي ويئي هئي، پر
غير سنڌي ماڻهن کي مجموعي طور سنڌي زبان ۾ ڪتابن
جي اشاعت جي ڪم کان واقف ڪرڻ جي خيال کان ڪن ٻين
سنڌي ناشرن جهڙوڪ آر_ايڇ_احمد برادرس حيدرآباد،
يوسف برادرس حيدرآباد ۽ ايڊيوڪيشنل بڪ ڊيپو
حيدرآباد جا ڇپايل ڪي چونڊ ڪتاب پڻ اسٽال تي رکيا
ويا هئا.
پهرين ڊسمبر 1962ع تي، صبوح جو فيلڊ مارشل محمد
ايوب خان صدر پاڪستان، نمائش جو افتتاح ڪيو. اولهه
پاڪستان جو گورنر ملڪ اميرمحمد خان پڻ صدر محترم
سان گڏ هو.
صدر جي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾، ناشرن ۽ اديبن کي
مشورو ڏنو ته هو عوام کي سائنس ۽ هنر جي شعبن ۾
ٿيل موجوده ترقيءَ کان واقف ڪن.
صدر فرمايو: ”اديبن تي ان ڳالهه جي ذميواري عائد
ٿئي ٿي ته هو نئين فڪر ۽ تحقيقات کان عام ماڻهن
کي واقف رکن. ساڳئي وقت ناشرن لاءِ اها ڳالهه
لازمي آهي ته هو ملڪ ۾ گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين
ڪتابن پهچائڻ خاطر، انهن جون قيمتون واجبي رکن.“
نمائش جي افتتاح جي رسم ادا ڪرڻ بعد صدر پاڪستان ۽
گورنر اولهه پاڪستان اٽڪل منو ڪلاڪ مختلف اسٽالن
جومعائنو ڪندا رهيا. صدر، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي بڪ
اسٽال کي خاص دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ بورڊ جي ڪم تي
سرسري نظر وڌي. بڪ اسٽال جي انچارج سان سنڌي زبان
جي عظيم شاعر، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ بابت گفتگو
ڪندي، صدر محترم شاهه ڀٽائيءَ
ڊسمبر 1962ع- ڪراچيءَ ۾ ايران جي سفارتخاني ۾، سيد
حسّام الدين راشدي، ميمبر ’سنڌي ادبي بورڊ‘ (کاٻي
پاسي)، ۽ مسٽر ممتاز حسن وائيس چيئرمن ’اقبال
ايڪيڊميءَ‘ کي ايران جي اعليٰ اعزاز ”نشان سپاس“
ملڻ جي موقعي تي ورتل هڪ يادگار تصوير.
[آقائي ڊاڪٽر مقتدري، ايران جي سفارتي نمائندي،
پاڪستان جي ٻن نامور عالمن کي، اعليٰ حضرت شهنشاهه
ايران طرفان ”نشان سپاس“ عطا ڪندي فرمايو، ” .....
سنڌي ادبي بورڊ ۽ اقبال ايڪيڊميءَ جي ڪتابن مان
انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته ايران ۽ پاڪستان
جا ثقافتي تعلقات نهايت قديمي آهي .... ڏهين صدي
هجريءَ جي آغاز ۾ سنڌ علم ۽ روحانيت جي مرڪز جي
حيثيت ورتي“.] مهراڻ 4، 1962ع.
بابت بورڊ جي ڪيل ڪم جي تعريف ڪئي ۽ ساڳئي وقت
ائين به فرمايو. ” اوهان(سنڌين) کي گهرجي ته هاڻي
اهڙو ماڻهو پيدا ڪريو، جو اوهان کي بيدار ڪري، روح
ڦوڪي ۽ اوهان ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ چاهه
وٺڻ لاءِ عملي حرڪت، ۽ ترقيءَ جو احساس پيدا ڪري.“
نمائش ڏهه ڏينهن رهي. انهيءَ ۾، اولهه پاڪستان جو
تڏهوڪو وزير قانون ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار، ملڪ
جا نامور اديب، عالم ۽ دانشور نمائش ۾ آيا. نمائش
ڏهين ڊسمبر 1962ع تي ختم ٿي.
پاڪستاني عالمن لاءِ ايراني اعزاز
ڊسمبر1962ع جي ٽئين هفتي ۾، ڪراچيءَ ايران جي
سفارتخاني ۾ اعليٰ پيماني تي هڪ تقريب منعقد ٿي،
جنهن ۾ عراق، سعودي عرب ۽ اولهه جرمنيءَ جا سفارتي
نمائندا، نامور پاڪستاني عالم، اديب، دانشور ۽
اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. انهيءَ تقريب ۾، ايران جي
سفارتي نمائندي، آقائي ڊاڪٽر مقتدري، ٻن پاڪستاني
عالمن سيد حسام الدين راشدي، ميمبر ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ ۽ مسٽر ممتاز حسن، وائيس چيئرمين ’اقبال
ايڪيڊميءَ‘ کي، سندن علمي خدمتن جي اعتراف طور ۽
ايران ۽ پاڪستان کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ،
تهذيبي ۽ ثقافتي ڪوشش کي ساراهيندي، اعليٰ حضرت
شهنشاهه ايران جي طرفان، ايران جو اعليٰ اعزاز
”نشان سپاس“ عطا ڪيو.
”نشان سپاس“ عطا ڪرڻ کان اڳ آقائي ڊاڪٽر مقتدري
پنهنجي تقرير ۾، چيو ته:_
”پير حسام الدين راشدي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽
مسٽر ممتاز حسن، وائس چيئرمين اقبال ائڪڊمي، فارسي
زبان جا نامور عالم آهن. هنن صاحبن ايران ۽
پاڪستان جي ثقافتي تعلقات کي مضبوط بنائڻ ۽ وڌائڻ
جي سلسلي ۾ اعليٰ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ايران
جي حڪومت انهن حقيقتن جي اعتراف ۾ کين ”نشان
سپاس“؛ ايران جو هڪ اعزاز، عطا ڪندي خوشي محسوس
ڪري ٿي.
”ايران ۽ هن سرزمين جا تعلقات هزارين سال پراڻا
آهن. هتان جي روحاني رهبرن، صوفين، عالمن، درويشن،
شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن انهن واسطن ۽ رابطن کي
وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ وقت بوقت وڏيون خدمتون
سرانجام ڏنيون آهن. هندستان جي مسلمان بادشاهن
فارسيءَ کي سرڪاري زبان مقرر ڪيو ۽ انهيءَ ۾ ڪو به
عجب ڪونهي ته پاڪستاني عوام جو چڱو حصو فارسيءَ
کان واقف آهي. لاهور ڪيترين صدين کان وڏو علمي
مرڪز ٿي رهيو آهي، ۽ اڄ به هن کي اهوئي ساڳيو
مرتبو حاصل آهي.
علامه اقبال کي شهرت هتي ئي ملي. سندس شعر ۽ ڪلام
جو معياري حصو فارسي زبان ۾ ئي آهي.“
”ارغونن جي اچڻ بعد، ڏهين صدي هجريءَ جي آغاز ۾،
سنڌ علم ۽ روحانيت جي مرڪز جي حيثيت ورتي. ايران ۽
هن سرزمين جي قديمي ثقافتي تعلقات جي ثابتي ”سنڌي
ادبي بورڊ“، ۽ ”اقبال ائڪڊميءَ“ جي ڪتابن مان ملي
ٿي.“ ”مون کي، اعليٰ حضرت شهنشاهه ايران طرفان،
مسٽر ممتاز حسن ۽ پير حسام الدين راشديءَ کي، هن
”نشان سپاس“ عطا ڪندي؛ وڏي خوشي ۽ فخر محسوس ٿئي
ٿو. آءٌ دعا گهران ٿو ته اسان جا ملڪ شال شاد ۽
آباد رهن. ۽ انهن جا هڪٻئي سان دوستانا تعلقات
وڌندا رهن.“
آخر ۾ پر تڪلف محفل- چانهه نوشيءَ بعد، هن تقريب
جو اختتام ٿيو.
_ارادو
”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“
(شاهه)
ٻڍل شاهه بخاري مرحوم
هيءَ خبر نهايت ڏک سان ٻڌي ويندي ته سنڌ جو مشهور
’صوفي‘ ۽ علم دوست. بزرگ، سيد ٻڍل شاهه بخاري، ستر
سالن جي طويل عمر ماڻي، 13-ڊسمبر 1962ع ۾ وفات
ڪئي، انا اللهِ وانا اليہ راجعون.
شاهه صاحب مرحوم، ڳوٺ تنيا، بقا شاهه جو رهواسي
هو. ۽ جهوڪ شريف جي بزرگن جو مريد هو. سلسله
قادريه کان سواءِ، چشتيه ۽ نقشبنديه ۾ به شغف
رکندڙ هو. ساري عمر سيرسياحت ۾ گذاريائين.
هندوستان جي سڀني وڏن وڏن بزرگن سان صحبتون ۽
رهاڻيون ڪيائون، هر مذهب ۽ مشرب جي عالمن ۽ درويشن
سان سندن قرب ۽ انس رهيو، پنهنجي اباڻي ڪکن ۾
زندگيءَ جا باقي ڏينهنءَ خاموشيءَ ۽ خلوت نشينيءَ
۾ گذاريائين.
مرحوم صوم و صلواة، ذڪر اذڪار، اوراد ۽ وظائف جو
پابند هو. پنهنجي تَرَ ۾ هڪ صاحب دل، ۽ مستحجاب
الدعوات درويش صفت ماڻهو ليکيو ويندو هو.
شاهه صاحب، پيرن فقيرن جي مزارن جو پانڌيڙو هو.
جتي به ڪنهن نيڪ مرد جو واسو ٻڌندو هو، اتي ڪهي
ويندو هو. پوئينءَ عمر ۾ ٻن سالن کان مٿس فالج جو
خطرناڪ حملو ٿيو هو. سندس لئبرريءَ ۾ نهايت عمدا ۽
علمي، ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتاب موجود آهن. اسان سندن
فرزندن، سيد الهه بخش شاهه (پي، پي، ريڊيو
حيدرآباد) ۽ احمد شاهه بخاريءَ کي توجهه ٿا
ڏياريون، ته هو مرحوم جي شعر ۽ مضمونن ۽ قلمي
ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڪوشش ڪن. ٿي سگهي ته ’مهراڻ‘
۾ ڇاپڻ لاءِ موڪلي ڏين. اسان جي دعا آهي ته رب
ڪريم کيس مرهي، ۽ پس ماندن کي صبر جميل عطا
فرمائي.
آه! صوفي ڌڻي بخش مرحوم
هيءَ خبر، سنڌي ادب ۽ اديبن لاءِ نهايت ڏک جو باعث
ٿيندي، ته مرحوم ڌڻي بخش سهاڳ صوفي، تاريخ
23-ڊسمبر 1962ع بروز آچر 3 بجي رات، داغ مفارقت
ڏيندي، درالبقاءَ ڏانهن رهي ٿيو. صوفي مرحوم، سنڌي
زبان، جو عاشق صادق هو. نهٺو ۽ نماڻو، متواضع ۽ ۽
بلند اخلاق شخص هو. ساري عمر تعليم ۽ علمي طلب ۾
گذاريائين. سندس شخصيت ۾ هڪ ’محب انسانيت‘ واري دل
هوندي هئي، تصوف ۽ فقيريءَ سان سندس والهانه شغف
هو. وڏن بزرگن ۽ عالمن جو صحبت يافته هو ۽ مرنجه
مرنجات طبع وارو نيڪ نيڪ ماڻهو هو. بنستن ۽ هندو
فقيرن کان به ويدانت فلاسافيءَ تي گهڻو ڪجهه
استفادو ڪيائين. مسٽر جئسنگاڻي جي سوفيانا سنگت
سان آخري دم تائين نباهيندو آيو، سندس ڪتابن تي
سندس مقدما به لکيل آهن. سندس انداز بيان سٻاجهو ۽
ٻاجهارو، سليس ۽ سادو هوندو هو. اول اول پرائمري
استاد ٿيو، ان کان پوءِ ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي، ۽
مٺياڻيءَ ۾ اٽڪل ڏهاڪو کن سال، استاد ٿي رهيو.
رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ سچل سرمست هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۾، اسسٽنٽ ماستر ٿيو. اتي سنڌي ادب ۽
زبان جي وڏي خدمت ڪيائين. صوفي صاحب جي اها هڪ
عجيب عادت هوندي هئي، ته ڪو به جلسو نه ڇڏيندو هو.
سنڌي ادب متعلق ڪابه ڪانفرنس نه گسايائين، لطيف ۽
سچل جو مداح هو. هر ورسيءَ ۾ شامل رهيو، جتي به
رهيو، چراغ انجمن ٿي رهيو. سندس مريدانو تعلق
عباسي خاندان سان توڙ تائين رهيو هو. مهتاڻي
(خيرپور ميرس) جي عباسي بزرگن جو پانڌيڙو هو، ان
خاندان جي هڪ فرد ڊاڪٽر رحم علي صاحب عباسي
(حيدرآباد) سان اهوئي مريدانو ناتو نباهيندو آيو.
صوفي صاحب، حيدرآباد مان موڪلائي جيئن لاڙڪاڻي
پهتو، تيئن بخار جي ڪري اوچتو وفات ڪيائين. دعا
آهي ته کين رب ڪريم جنت نصيب ڪري، ۽ سندس پس ماندن
کي صبر جميل عطا ڪري. مسٽر جئسنگاڻي ۽ سرلاديوي ۽
سندس احبابن کي عرض آهي ته سندس مضمون، مقدما ۽
مقالا گڏ ڪري ڇاپائين يا ’مهراڻ‘ ڏانهن اشاعت لاءِ
موڪلين. _غ. م. گ
ورسيون
”اڄ پڻ اکرين سڄڻ پنهنجا ساريا!“
نوٽ- هن ڀيري، سنڌ جي فوت شده بزرگن مان، شمس
الماء مرزا قليچ بيگ مرحوم، علامه شمش الماء دائود
پوٽه، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون ورسيون
ملهايون ويون آهن. ان طرح شاهه لطيف رحه جون
ورسيون ”لاهور ۽ سکر“ ۽ نوابشاهه ۾ پڻ ملهايون
ويون آهن. انهن جي پوري ڪار گذاري پيش ڪجي ٿي.
(ادارو)
”لطيف“ جي 210 ساله ورسي، لاهور
نومبر مهيني جي پڇاڙي جون تاريخون هيون. پگهار جي
پچار ۾ مان به ڪم کان ٿڪجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي،
اکيون ڇت ۾ وجهيو ويٺو هوس ته هڪ جنٽلمينن جو جٿو،
ڪوٽ، ٽائي ۽ سوٽ ۾ ملبوس ”اسلام عليڪم“ چئي اندر
گهڙي آيو. منهنجو ڌيان ڇڪائيندي، نياز ۽ نئڙت سان،
سنڌيءَ ۾ عرض ڪرڻ لڳا ته سائين! اسين لاهور ۾ حضرت
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ياد ۾ هڪ ادبي مجلس
مذاڪره منعقد ڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ جوان انهن مان هڪ
سفيد رنگو لفافو مون ڏي وڌائيندي عرض ڪيو ته
”سائين! هي دعوتي ڪارڊ آهي، اسين اميد ٿا ڪريون
ته توهين هڪ سنڌي هوندي هن مجلس کي ڪامياب ڪرائڻ
۾ اسان سان هر ممڪن تعاون ڪندؤ-“ ساڳئي وقت اهي
جوان وعليڪم السلام چوندا ورائيندا ويا.
مان به سنڌ جي نالي تي ساهه قربان ڪندڙ، سنڌي ادب
جو پروانو، اِن تاريخ جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ
لڳس. خدا خدا ڪري اِها تاريخ به ويجهي اچي پهتي.
مان به سهي سنبري ان وقت تي ڊويزنل آڊيٽوريم ۾ اچي
پهتس.
ڊويزنل آڊيٽوريم، لاهور جي شهرت يافته شاهراهه
’مال روڊ‘ تي آهي. ڏاڍو سهڻو ۽ ڪشادو آهي. اڳيان
بهترين ’لان‘ به اٿس. انهن ڏينهن عجائب-گهر ۾
”بيٽر هومس“ جي نمائش لڳل هئي، جنهن ان آڊيٽوريم
جي اڳئين ايراضي کي به ويتر گهڻو دلڪش بنايو هو.
آڊيٽوريم جي ٻاهران هڪ وڏو ويڪرو ڪپڙو لڳايو ويو
هو. جنهن تي وڏن سونهري اکرن ۾ هي لفظ لکيل هئا.
”شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي 210 ساله ورسي جي باري ۾
ادبي مجلس مزاڪره منعقد ڪيل پاران لطيف مجلس
لاهور“ بلڊنگ جي ٻاهران لطيف مجلس جا بيهاريل
رضاڪار ڏاڍي پيار ۽ حب وچان معزز مهمانن ۽ پبلڪ کي
وٺيو پئي ويا. سنڌين جي وري مٺڙي سنڌيءَ ۾ طرز
ڪلام ايڏو ته پئي متاثر ڪيو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر
آهي.
جلسي جي صدارت لاءِ مسٽر اي-ڪي بروهيءَ کي مدعو
ڪيو ويو هو. ڪجهه دير بعد جلسي جي سيڪريٽريءَ مسٽر
اي-ڪي بروهيءَ کي ڪرسيءَ صدارت وٺڻ لاءِ چيو.
صدارتي هستي جي قدم رنج فرمائيءَ سان مٿس گلن جي
ورکا ڪئي وئي. سڄو هال ٻن منٽن تائين تاڙين جي
آواز ۾ گونجڻ لڳو، مسٽر انوارلحق ”اسد“ جي تلاوت
قرآن بعد لطيف مجلس جي سيڪريٽري سپاسنامو پيش ڪيو.
جنهن ۾ شاهه لطيف جي سوانح حيات ۽ ڪلام بابت مڪمل
معلومات فراهم ڪيل هئي. آخر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
اڳوڻي حيثيت جي تسليم ڪرڻ تي گورنمينٽ جو لطيف
مجلس پاران شڪريه ادا ڪيو ويو هو. ۽ گورنمينٽ کان
پرزور مطالبو ڪيو ويو هو ته ڀٽ شاهه تي لئبريري ۽
ڪلچرل سينٽر جي تعمير لاءِ، ڪيل وعدي موجب حڪومت
کي 15 لک روپيه ڏيڻ کپن. لاهور شهر ۾ هڪ شاهراهه
جو نالو ”شاهه عبدالطيف روڊ“ رکڻ کپي. ۽ ’شاهه
عبدالطيف ياد گار ڪونسل سنڌ‘ کي صلاح ڏني ويئي ته
شاهه صاحب جون ورسيون سنڌ کان ٻاهر ملهائڻ جو
اهتمام ڪري.
سيڪريٽريءَ جي سپاسنامي دوران تقرير جو ڇپيل
انگريزي متن، هر ويٺل کي ڏنو ٿي ويو نه صرف اِهو
پر ارادوءَ ۾ ڇپايل ”ياد لطيف“- ”نغمات لطيف“
”گلستان لطيف“ ”پوئيٽ لئريٽ آف سنڌي ۽ ”شاهه
عبدالطيف، اين انٽرو ڊڪشن ٽوهز آرٽ“ جهڙا ڪتاب به
هر ويٺل کي ٿي ڏنا ويا. لطيف مجلس طرفان ڪتاب
مذڪور بلڪل گهڻي انداز ۾ گهرايل هئا. تنهنڪري پبلڪ
کي اُٻهرائيءَ سان ڦرڻ جو موقعو نٿي ڏنو ويو.
فاضل مقررين کان اڳ هڪ هوشيار نوجوان ڏاڍي
دانشمندانه انداز ۾ شاهه صاحب جي شعرن جو انگريزي
ترجمو پيش ڪيو. اهو ترجمو عوام ۾ ايڏو ته مقبول
ويو جو هر ويٺل هر شعر تي ٿي ڪنڌ ڌوڻي نذرانه
عقيدت پيش ڪيو. توڙي سامهون شاهه صاحب جي شعر
”سائينم سائين...“ جو انگريزي منظوم ترجمو سونهري
اکرن ۾ لکرائي وڏي بورڊ تي چسپان ڪيو ويو هو.
هاڻ وارو مقررين جو هو.
ڊاڪٽرعبدالسلام خورشيد-
سڀ کان اول مقرر ڊاڪثر عبدالسلام خورشيد، هڪ مقالو
پيش ڪيو، جنهن ۾ ’واديءَ سنڌ‘ جي تاريخ ۽ شاهه
صاحب جي همعصر شاعرن جو به ذڪر ڪيو هو. مقالو
گهڻو پسنديده هو. ڊاڪٽر صاحب آخر ۾ هر ادب جي
پياسيءَ کي اهو مشوره ڏنو ته هو شاهه صاحب جي شعر
کي سنڌ کان ٻاهر ڳوٺن خواهه شهرن ۾ مقبول بنائن،
جيئن سندس پيغام مان هر ماڻهو محظوظ ٿئي. تقرير جي
ختم ٿيڻ سان هال تاڙين ۾ گونجڻ لڳو. فوٽوگرافن ۾
وري ڦڙتي آئي ۽ عوام جون نظرون وري مقرر جو انتظار
ڪرڻ لڳيون.
ڊاڪٽر محمد باقر-
ساڳئي خوشپوش جوان، پنهنجي شيرين انداز ۾ ڊاڪٽر
محمد باقر، صدر ’پنجابي ادبي اڪيڊمي‘ کي اظهار
خيال لاءِ التجا ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جو نالو ٻڌندي ئي
عوام بيپناهه تاڙيون وڄايون، هر ويٺل ڪرسين تان
ڪنڌ کڻي ٿي ڊاڪٽر صاحب کي نهارڻ گهريو.
ڊاڪٽر محمد باقر پنجاب کان ٻاهرين ادبي حلقن ۾ به
گهڻو مقبول آهي. پاڻ پنجابي، اردو۽ انگريزيءَ ۾
جيڪي تصنيفون لکي چڪا آهن، سي ادب تي هڪ قسم جو
احسان رکن ٿيون. ازانسواءِ پنجابي ادب لاءِ جيڪا
سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيا آهن سا ڪڏهن به فراموش ڪري
نٿي سگهجي.
ڊاڪٽر صاحب شاهه صاحب تي مڪمل ادبي بحث ڪري، سندس
پيغام جي هر شعر کي ’الهامي‘ قرار ڏنو ۽ عوام کي
استدعا ڪئي ته هو شاهه جي شعر جو اصل سنڌيءَ ۾
مطالعو ڪن. پاڻ به گهڻا شعر سنڌيءَ ۾ پڙهيائين
۽انهن جو آسان فهم اردوءَ ۾ ترجمو ڪيائين. حڪومت
کي گهرجي ته عوام کي هر علائقائي شاعر جي پيغام
کان روشناس ڪرائي جئين قومي علاوه ازين ڊاڪٽر صاحب
هيءَ دانشمندانه صلاح ڏني ته استحڪام مضبوط بنجي.
علامه علاءالدين صديقي-
ساڳئي نموني ۾ تاڙين جو گونج ۾ ٻئي مقرّر علامه
علاءالدين صديقيءَ، کي اظهار خيال لاءِ استدعا ڪئي
ويئي، علامه صاحب به مذهبي حلقن ۾ گهڻو مقبول
آهي. هو صاحب پنجاب يونيورسٽيءَ جي شعبهء اسلاميات
جو رئيس آهي. علامه صاحب، شاهه جي پيغام کي قرآن
۽ حديث جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏيکاريو ۽ عوام اڳيان
اهو واضح ڪيو ته شاهه جي شعر کي عام ڪرڻ سان قرآن
جي تعليم به عام ٿي سگهي ٿي.
بروهي صاحب-
آخر ۾ جناب بروهي صاحب صدارتي تقرير ڪئي جنهن ۾ هر
قدم تي شاهه صاحب جي شعر جي تعريف جا ٿي ڍڪ
ڀريائون.
صاحب صدر چيو ته ”علاقائي زبانن کي نظر انداز ڪرڻ
عقلمندي ناهي. حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي ڪنهن هڪ
ٻوليءَ جي پرچار کي پاسيرو ڪري، علاقائي ادب،
تهذيب ۽ تمدن کي ترقي وٺائي. ائين ڪرڻ سان ئي ملڪ
۾ يڪجهتي ۽ يڪسانيت پيدا ٿي سگهي ٿي. شاهه صاحب جي
پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هر ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي
ان سان گڏ عوام کي به استدعا ڪئي ويئي ته هو
علاقائي تعصب کي وساري هر شاعر جي ڪلام جو سرسري
جائزو وٺن. ان موقعي تي بروهي صاحب جرمن خاتون
ڊاڪٽر اينمري شمل جومثال پيش ڪيو، جنهن ’شاهه،
اقبال ۽ گوئٽي‘ جو گهري طرح مطالعو ڪيو آهي ۽ ان
مان اهو نتيجو اخذ ڪيو اٿس ته ”شاهه لطيف، گوئٽي
کان به عظيم شاعر آهي“ صاحب موصوف چيو ته اگر
پنجابي، ادبي اتساهه کي خيال ۾ رکي سنڌي سکن ته
سنڌي ڪا ڏکي ٻولي ناهي جا کين نه اچي.“
آخر ۾ بروهي صاحب پيغام شاهه کي قرآن پاڪ جي
روشنيءَ ۾ آسان فهم انگريزي ۾ اهڙي عالمانه اندز ۾
پيش ڪيو جو هر ٻڌندڙ تاڙيون وڄائي داد ٿي ڏنو.
بروهي صاحب جي طويل تقرير دوران، اها ڪا گهڙي
خالي ڪانه هئي جو فوٽو گرافر آرام سان ويهن ها.
هرڪنهن فوٽو گرافر فرض کان به وڌيڪ ٿي فوٽا ورتا.
راقم الحروف فوٽو گرافرن جي ايڏي ڦڙتي ڪڏهن ڪانه
ڏٺي هئي. |