سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :2

ان سلسلي ۾ ’ايران سرڪار‘ پڻ پير صاحب جن ۽ ملڪ جي مشهور عالم ممتاز حسن، اقبال ايڪڊميءَ کي ’نشان سپاس‘ پيش ڪيو آهي. ان متعلق ڪراچيءَ جي ايراني سفارتخاني ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪري، سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي، کين نشان سپاس، پيش ڪيو آهي. ان تقريب جي ڪارگذاري ’مهران‘ ۾ شايع ٿيل آهي.

اعزاز ۽ القاب

* علمي ۽ ادبي، سائنسي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾، ان قسم جا امتيازي القاب ۽ اعزاز، هر دور ۾ ڏنا ويا آهن، تاريخ جا دفتر  شاهد آهن ته اسان   جي ملڪ ۾، انگريزن جي دور ۾ به مختلف قسم جا ’لقب‘ ڏنا ويندا هئا. ۽ اڄ به صدر مملڪت جي طرفان، سال بسال لائق ۽ واجب الاحترام ماڻهن  کي سندن خدمتن جي سلسلي ۾، لقب ڏنا وڃن ٿا.

ان قسم جا ’القاب‘ ڪڏهن خود پنهنجي ’حڪومت‘ جي طرفان ڏنا وڃن ٿا، ۽ ڪڏهن ٻاهريون حڪومتون ڏين ٿيون، ڪڏهن ادارن جي طرفان پيش ڪيا وڃن ٿا.

انگريزن پنهنجي دور ۾، ڪن سياسي ۽ ملڪي مصلحتن کي مدنظر رکي، ’خان صاحب ۽ خانبهادر‘، ’راءِ صاحب ۽ راءِ بهادر‘ جا لقب ڏيندا هئا. ۽ ڪن کي ڪمشنر ۽ گونر ۽ وائسراءِ جي ’ڪرسين‘ جو اعزاز بخشيو ويندو هو؛ ڪن کي ’تلوار ۽  لنگي‘ يا ’اَفرين نامن ۽ جاگيرن سان نوازيو ويو هو.

علمي طور ’شمس العلماء، جو لقب ۽ خلعت فاخره ڏيندا هئا. برصغير هند-پاڪ ۾ اهو لقب، مولانا محمد حسين آزاد، مولانا حاليءَ، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نظير احمد، مرزا قليچ بيگ، پير سائين پاڳاره، ۽ علامه دائود پوٽي پارن عالمن کي مليا.

ان سلسلي ۾ ڪي اعزاز ۽ القاب، قومي ۽ اجتماعي تحريڪن پاران پيدا ٿيا ۽ اهي اعزاز، غير سرڪاري رهيا.

ان طرح سيد احمد کي ’ابوالڪلام‘، مولانا ٿانويءَ کي ’حڪيم الامت‘، اڪبر الهه آبادي کي ’لسان العصر‘ علامه اقبال کي ’ترجمان حقيقت‘ بهادر جنگ کي ’قائدملت‘، محمد علي جناح کي ’قائد اعظم‘، لياقت  علي خان کي ’شهيد ملت‘، علي برادران کي ’رئيس الاحرار‘، مولانا سنڌي کي ’امام الانقلاب‘، ظفر علي خان کي ’ظفر الملت‘، اجمل خان کي غير سرڪاري طور ’مسيح الملڪ، ۽ سرڪاري  طور ’حاذق الملڪ‘ ابو سعيد عبدالمجيد (اجمل خان جي وڏي ڀاءُ) کي قوم ’ارسطوئي زمان‘ سڏيو حسرت موهانيءَ کي ’رئيس الاحرار‘، ۽ گانڌيءَ کي ’مهاتما‘، عطاءالله شاهه بخاريءَ کي ’امير شريعت‘، انور شاهه ڪاشميريءَ ’امام اعظم  ثاني‘، مولانا محمود الحسن کي ’شيخ الهند‘، حسين احمد مدنيءَ کي ’اسير مالٽا‘، عبدالحق کي ’بابائي اردو‘، مولوي فضل الحق کي ’شيربنگال‘، کهڙي کي ’قائد سنڌ‘، سروجني نيڊو کي ’بلبل هند‘، غلام محمد خان ڀرڳڙي کي ’ستاره مشرق‘، مرحوم بلبل کي ’حالي سنڌ‘، جان محمد جوڻيجي کي ’رئيس المهاجرين‘، واسواڻي نولراءِ ۽ هيرانند کي ’ساڌو‘، ’جگر‘، مراد آباديءَ کي ’رئيس المتغزلين‘ ۽ حفيظ جالنڌريءَ کي ’فردوسي اسلام‘، ’جوش‘، کي ’شاعر انقلاب‘، نياز فتحپوري کي ’پدما ڀوشن‘ سڏيو ويو آهي.

ٻاهرين دنيا جي اعزاز ۾ ’نوبل پرائز‘ هڪ وڏو اعزاز آهي، جو اسان جي ملڪ ۾ فقط ٽيگور کي مليو، ۽ علامه مشرقيءَ کي ان شرط سان ڏنو ويو ته هو ’تذڪره‘ کي عربيءَ ۽ اردوءَ مان ترجمو ڪري،انگريزيءَ ۾ پيش ڪري. علامه صاحب ائين نه ڪيو. ان طرح اڄ تائين سائنس، آمن، آدب، ثقافت ۽ مذهبي خدمات جي سلسلي ۾ گهڻن ماڻهن کي ’نوبل پرائز‘ ملي چڪو آهي.

ان طرح انگريزن جي دور ۾، ’نواب‘ جو لقب، جهوناڳڙهه ۽ ڀوپال جي حاڪمن کي مليو، سنڌ ۾ غيبي خان کي پڻ ’نواب‘ جو لقب ڏنو ويو.

ان سلسلي ۾، والي دکن کي ’هز اگزاليٽڊ هائينس‘-- ۽ ملا سيف الدين طاهر (بوهر پيشوه) کي ’هزهائينس‘، ۽ سر آغا خان (اسماعيليه پيشوا) کي ’هزهائينس‘ جا لقب ڏنا ويا.

ان طرح ’علامه‘ به ڪن عالمن جي علمي وقار ۽ خدمات جي سلسلي ۾ قوم پاران چيو ويو آهي. جئن علامه قاضي، علامه مشرقي،علامه علاء الدين صديقي، علامه شبلي، علامه مودودي ۽ علامه سيد سلمان ندوي.

اڳئين دور ۾، ’ملا‘ هڪ وڏو اعزاز هو. ان سلسلي ۾، ملا علي قاري، ملا عبدالرحمان ’جامي‘، ملا معين ٺٽوي، ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي، ملا شوربازار، ملا باقر مجلسي (شيعو)، ملا عبدالقادر بدايوني، ملافيضي ۽ ملا ابولفضل مشهور آهن.

ان سلسلي ۾ وزيرن ۽ اميرن کي دبيرالملڪ، اميرالدوله، نجيب الودوله، سالار جنگ، بهادريار جنگ، وقار الملڪ، عمارالملڪ به لقب ڏنا ويا آهن.

مذهبي عالمن کي رئيس المحدثين، خاتم المحدثين، خاتم الفقراء، قلم الفقراء، وغيره سڏيو ويو آهي.

ان طرح ’سر‘ جو خطاب به انگريزن عام جام ڏنو. ان سلسلي ۾ سر فضل حسين، سر عبدالقادر، سر سيد احمد، سر عبدالرحيم، سر حسن امام، سر ساپرو، سرشاهنواز خان ڀٽو، ۽ سر غلام حسين مشهور معروف ماڻهو ٿي گذريا آهن.

هن تازي دور ۾، مرحوم رستم ڪيانيءَ، چيف جسٽس کي ’لسان پاڪستان‘ ۽ ’لسان قوم‘ سڏيو وڃي ٿو.

ٻاهرين ملڪن  جي ڏنل اعزاز ۾، ترڪيءَ پاران مرحوم حسن عليءَ کي افندي، جو لقب مليو.

موجوده دور ۾، ڊاڪٽر سليم الزمان صديقيءَ کي، جرمن سرڪار ’ڊاڪٽر آف ميڊيسن‘ جو اعزاز 1958ع ۾ ڏنو آهي. ان طرح مشهور  يوناني حڪيم، نيرّ واسطي لاهوريءَ کي ترڪيءَ مان ’ڊاڪٽر آف ميڊيسن‘ جو اعزاز بخشيو ويو آهي، ان طرح ڊاڪٽر عبدالسلام؛ جو لنڊن يونيورسٽي ۾ فزڪس جو پروفيسر آهي. کيس ’ائٽمڪ انر جي ڪانسل جو وائس چيئرمين‘ چونڊيو ويو آهي. ۽ تازو فيض کي روس ۾ ’لينن پرائز‘ مليو آهي.

لقبن جي ان اجمالي تذ ڪري مان واضع ٿئي ٿو ته ماڻهن جي ذاتي خدمتن جي اعتراف ڪندي، سرڪاري ۽ قومي اعزاز، ڪهڙا ڏنا ويا آهن، ۽ ڪهڙن مقصدن سان ڏنا وڃن ٿا.

سنڌ جي هنن ٻن اديبن، حضرت طالب الموليٰ، ۽ پير صاحب راشديءَ کي، علي الترتيب پاڪستان پاران حضرت مخدوم صاحب جن کي پرسال، ’ تمغه پاڪستان‘ ۽ ايران پاران جناب پير صاحب کي تازو مليل، ’نشان سپاس‘ تي مبارڪ ڏيندي عرض ٿا ڪريون ته: شال سنڌ جي هنن جليل القدر فرزندن کي رب ڪريم  عمر خضري عطا ڪري، جئن سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪري سگهن. ۽ ملڪ و ملت، علم و ادب، تاريخ ۽ تحقيق، تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ تن، من، ڌن جي بازي لڳائين ۽ هن معرڪ آرا ۽ تاريخي دور ۾ سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ قومي اعزاز کان سرفراز رهن.

مواد جو تعارف

·                   مهراڻ جو هي پرچو، پنهنجي مخصوص ۽ معياري مقام جي خيال کان سنڌي ادب ۽ سنڌي  تهذيب ۽ سنڌي زبان جي محققانه مسئلن تي، انفرادي حيثيت جو مالڪ آهي. اميد آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هي پرچو، هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت سان يادگار رهندو.

حصه نظم ۾: اصناف سخن جي سڀني صنفن تي، سنڌ جي وڏن شاعرن جو ڪلام؛ بيت دوها، ڪافيون، وايون، گيت نظم، آزاد نظم، عزل، ترائيل، رباعيون، قطعا ۽ فرد، ڏنا ويا آهن. شاعرن ۾، مرحوم خليفو نبي بخش لغاري، غني، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، عبدالجبار شام، سيد ميران محمد شاهه مير، قمر شهباز، مرحوم سردار بهادر محمد بخش ڪوجهي، نثار بزمي، محمد هاشم نجار، احمد خان اختر، آصف، گوورڌن مجبوباڻي، شيخ اياز، نياز همايوني، سليم ڳاڙهوي، ڪمل سرتاج، تاج بلوچ، امداد حسيني، نعيم دريشاڻي، سرشار عقيلي، خواب حيدر آبادي، محبوب سروري، بشير مورياڻي، نياز علي شاهه محسن، ولي محمد وفا، عبدالڪريم پلي، حافظ احسن ساز ڪراچي، ۽ علي بخش رضا، اچي وڃن ٿا.

افسانن ۾، ريل، ع.ق. شيخ-...؟...محمد عثمان ناطق-هاڻيءَ جا ڏند، خواجه احمد عباس- ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان!، پروفيسر جهانگياڻي- ۽ اَدائگي، مصطفيٰ لطفي منفلوطي مصري نهايت معياري آهن.هن ڀيري ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو لکيل ناٽڪ دعوت نامو، پڻ ڏنل آهي. هر  خيال سان هي حصو مطلعه جي قابل آهي.

مقالن ۾ جي به مقالا ڏنل آهن. اهي سنڌي ادب ۽ تهذيب، زبان ۽ شاعريءَ متعلق  فڪر انگيز به آهن ۽ محققانه به. ’سنڌ ۽ سنڌي زبان‘، مرحوم مولانا وفائيءَ جو اهو مقالو آهي، جو موجوده دور جي برودت ۽ جمود کي ٽوڙي، دلين ۾ حدت ۽ حرارت پيدا ڪندو.’منهنجي سنڌ‘ ريس ضياء الدين ايس بلبل جو مقالو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيبي عظمت ۽ ثقافت متعلق شرح ۽ بسط سان بحث ڪري ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي قوم ’امن پسند‘ غيوّر ۽ مهذب قوم آهي، سندس روايات ۽ ثقافت جو معيار انسانيت جي همه گير اصولن موجب آهي، ان کان پوءِ ’سنڌيت‘، منو تولاراماڻي جو مضمون آهي، هن صاحب سنڌيءَ جي قديم سڀيتا کي نرالي ۽ دلنشين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ان کان پوءِ،  ’سنڌي زبان‘ شيخ محمد اسماعيل لغت آفيس حيدرآباد، جو مضمون آهي. جنهن ۾ اهو بحث ڪيو ويو آهي ته ’سنڌي زبان‘ بذات دوخ، هڪ معياري ۽ مستقل زبان آهي. ان جو پيوند، ٻين زبانن سان ملائڻ صحيح نه آهي. اميد ته لسانيت سان تعلق رکندڙ حضرات لاءِ اهو بحث  نهايت دلچسپ ۽ قابل توجهه ثابت ٿيندو. ’فن شاعريءَ‘ تي ڊاڪٽر خليل جو بحث آهي. جنهن ۾ ’علم عروض‘ تي بحث ڪيل آهي. اميد ته هن دور جي شاعرن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ ”قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا“، محمد خان غنيءَ جو مختصر مضمون آهي. جنهن ۾ چند پراڻا بيت، تاريخي پس منظر سميت بيان  ڪيا ويا آهن. اهو پڻ هڪ نئون اضافو ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ اوائلي سنڌي ناول ۾ ’عبارت آرائي‘ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو مضمون آهي. ان ۾ قديم ليکڪن جي زبان ۽ انداز بيان جا چيدا ۽ دلچسپ اقتباس ڏنل آهن. ان کان پوءِ، ’ڪوٽ ڏيجي‘ تي مولابخش سومري جو مختصر مضمون آهي. جنهن ۾ موهن جي دڙي کان 700 سؤ سال اڳ جي ’سنڌي تهذيب‘ تي روشني پوي ٿي. ان مان سنڌ جي قدامت ۽ تهذيبي عظمت جو هڪ نئون باب کلي ٿو، ڇا لاءِ ته اڄ تائين فقط موهن جي دڙي جي عظمت کي ئي بين القوامي طور، ’دنيا جي پهرين ۽ جهوني تهذيب‘ سڏيو ويو آهي. ’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ جي تهذيب، ’موهن‘ کي 700 سؤ سال پوئتي ڇڏي ويئي آهي. آخر ۾ ’زندگيءَ جون ناقابل فراموش گهڙيون‘، لسان القوم مرحوم جسٽس ڪيانيءَ جو اهو مضمون ڏنل آهي. جنهن ۾ ڪيانيءَ مرحوم پنهنجي خاص اسلوب سان زندگي بخش نشترون هنيون آهن.

ان طرح ’مهراڻ جا موتي‘، ’سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا‘، ’لافاني ڪلام‘ ۽ ٻيا علمي، ادبي، ۽ فڪر انگيز حوالا ۽ مقولا، ’مهراڻ‘ جي مختلف جاين تي پڻ ڏنل آهن، جن جو لفظ لفظ، اصلاحي ۽ انقلاب انگيز ثابت ٿيندو.

هن ڀيري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبهء دينيات جي اهتمام هيٺ، ”2-آل پاڪستان  تعليمات اسلامي ڪانفرنس،“ حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن وڏن عالمن شرڪت ڪئي ۽ ’اسلام‘ کي جديد دور جي تقاضائن آهر بيان ڪيو. ان جو افتتاح مولوي تميز الدين، اسپيڪر قومي اسمبليءَ ڪيو ۽ صدارت علامه، آءِ، آءِ، قاضي صاحب جن ڪئي. پوري پاڪستان جي يونيورسٽين جي انگريزيدان عالمن، ۽ ٻين عالمن مختلف موضوعات تي  بحث ڪيو. اها پوري ڪارگذاري، تفصيل سان قلمبند ڪئي وئي آهي. اها فخر جي ڳالهه چئبي  جو پوري پاڪستان جي انگريزي ۽ اردو اخبارن ۽ رسالن مان سڀ کان اول، ’مهراڻ‘ ۾  اها پوري  ڪارگذاري ڏئي رهيا آهيون. ازانسواءِ ان ڪانفرنس متعلق پڻ گذارشون ڪيل آهن. جي هن دور ۾  تقاضائن کي اڳيان رکي. عالمن کي سمجهڻ گهرجن.

ادبي ڪانفرسن جي سلسلي ۾ ’ويهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه‘،  جي پوري ڪارگذاري، تقريرون ۽ ٺهراءَ ڏئي، سنڌي ادب جي سلسلي ۾، علمي مواد کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان طرح ’مديران جرائد سنڌ‘ جي اهم ڪانفرنس جي ڪارگذاري پڻ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌي زبان ۽ سنڌي صحافت متعلق تعميري ڪوشش موجود آهي.

ان سلسلي ۾، لاهور ۾ ڪتابن  جي بين الاقوامي ڪانفرنس ٿي گذري آهي. جنهن ۾ پاڪستان کان سواءِ برطانيه، روس چين، متحده عرب جمهوريه، اولهه جرمني، جپان، چيڪو سلواڪيا، فلپائنس ۽ آمريڪا ۽ يوگوسلوواڪيا، حصو ورتو. ان ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جو  بڪ اسٽال پڻ کوليو ويو. اها سموري ڪارگذاري پڻ ڏنل آهي.

پاڪستان جي ٻن عالمن حسام الدين راشديءَ ۽ ممتاز حسن کي، ايران پاران ’نشان سپاس‘ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ ايراني سفارتخاني ۾ جا تقريب ڪئي وئي، ان جو پورو احوال ڏنو ويو آهي.

’آديسي اٿي  ويا‘ جي عنوان هيٺ، ٻن فوت شده بزرگن، ’ٻڍل شاهه بخاري‘ ۽ صوفي ’ڌڻي بخش‘ مرحوم جي سوانح ۽ علمي خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

هن ڀيري، سنڌ جي فوت شده بزرگن، عالمن ۽ اديبن جي ’ورسين‘ جو نئون ڪالم، ”اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا“، قائم ڪيو ويو آهي. ان ۾ شاهه  عبدالطيف جي ورسي، لاهور، سکر، نوابشاهه جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ۽ علامه دائود پوٽي متعلق، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي مختلف هنڌن تي ملهايل ورسين جي ڪارگذاري ڏئي؛ انهن جي ياد کي تازو ڪيو ويو آهي.

”سنڌي  زبان جا مسئلا“ جي مستقل عنوان هيٺ، قومي تعليمي ڪميشن متعلق، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ۽ خاص  طور حيدرآباد ۾ جيڪي جلسا ٿيا ۽ ٺهراءَ پاس  ٿيا. اهي سڀ هڪ خاص ترتيب سان جمع ڪري پش ڪيا ويا آهن. اهو رڪارڊ سنڌي زبان لاءِ جدوجهد جي باب ۾ تاريخي حيثيت  حاصل ڪندو.

’سلام ۽ سنيها‘ پڻ نئون ڪالم قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي اديبن  جي علمي ۽ ادبي خطن ۽ مسئلن کي شايع ڪري، انهن کي اداري پاران جواب ڏنا ويندا. هن ڀيري، ريڊيو پاڪستان جي ’راڳ‘ متعلق توجهه طلب امور زير بحث آڻي، ٻڌايو ويو آهي ته ’راڳ‘  جي نشر و اشاعت، ۽ فن جي صحّت متعلق، ڇا ڇا ٿي  رهيو آهي. اهو خط ۽ جواب، پڙهندڙن جي دلين ۾ سنڌي فنڪارن  متعلق، موجوده ورتل روش خلاف ڪا عملي ڪوشش ڪندو. اسان ’مهراڻ‘ جي پيارن پڙهندڙن  کي عرض ڪنداسون ته هو هن ڪالم لاءِ رسالن اخبارن، ۽ ريڊيو  پروگرام ٻڌڻ سان، سنڌي ادب متعلق اصلاحي ۽ تنقيدي مواد تيار ڪن ۽ اسان کي موڪلي ڏين.

ان طرح هن ’مهراڻ‘ ۾ ’خبرنامه‘ هڪ نئون عنوان قائم ڪيو  ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت متعلق،اهم ۽ توجهه طلب ’خبرون‘؛ سنڌي، اردو انگريزي، اخبارن ۽ رسالن مان انتخاب ڪري ڏنل آهن. جنهن ۾ سنڌ جي آثار قديمه  کان وٺي، اديبن جي حالات، ۽ سنڌي زبان جي مختلف النّوع مسئلن تائين، هڪ خاص علمي زوايه نگاهه سان سوچڻ لاءِ مواد پيش ڪيل آهي. اميد ته اسان جا ناظرين ان متعلق پڻ مواد موڪليندا رهندا.

هن ڀيري ’تبصرا‘ به ڏنا ويا آهن. ’بورڊ‘ جي ڪتابن متعلق جڏهن ته ’بورڊ‘ سان  وابسته ماڻهن جي ’تبصرن‘ کي خوشامدئي سڏيو وڃي ٿو، تڏهن ڪوشش ڪري، ٻاهرين دوستن کان تبصرا حاصل ڪيا ويا آهن.

بورڊ جي ڪتابن مان، ’مثنوي چنيسر نامه‘، مثنوي مظهرال آثار، مثنويات هير و رانجها، تاريخ مظهر شاهجهاني، جيڪي سڀ فارسيءَ ۾ آهن، تن تي اسان جي نوجوان اهل قلم، مسٽر ڪريم بخش خالد جا تبصرا ڏنا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان، ’سنڌي ادب جو واڌارو‘ جي عنوان سان، مشهور  اهل-قلم اديبن جا لکيل،مشهور ڪتابن تي ’تبصرا‘ نشر ٿيندا آهن. هن پرچي ۾ ’فرهنگ جعفري‘- ’ٽيهه اکريون‘- ’اکڙيون مينگهه ملهار‘- ’دنيا درنگي‘- ’منا قبا‘-، ’سيف الملوڪ‘ ۽ ’عبرت ڪده‘ تي ’سراج‘ ’بشير‘ مورياڻي ۽ مير محمد نظاماڻيءَ جا تبصرا ڏنا ويا آهن، ۽ اهي هوبهو ڪنهن به ڦير ڦار کان سواءِ شايع ڪجن ٿا. ان لاءِ ڊئريڪٽر ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جا ٿورائتا آهيون. اميد ته آينده به ان طرح مهرباني ڪندا ايندا. ان سلسلي ۾ ’ٻيو قدم‘ حيدرآباد تي، ت.ع- جو تبصرو ڏنل آهي. جو فني لحاظ سان مطالع جي لائق آهي. اسان جي نوجوان افسانه نگارن لاءِ هڪ قسم جي اصلاحي مهميز آهي. ان طرح ’بهار ادب‘ سانگهڙ، تي، م. ع جو ۽ ’بادل ۽ بوندون‘، ’امريڪا جو سفر‘، ’تذڪره شعراءِ سکر‘، تي پڻ تبصرا ڪيل آهن.

*ان سلسلي ۾ اهو خاص عرض آهي ته، مصنفن ۽ ناشرن کي آينده لاءِ، هر هڪ ڪتاب جون ٻه ٻه ڪاپيون موڪلڻ  گهرجن. هڪ تبصره نگار لاءِ، ٻي آفيس مهراڻ لاءِ.

تبصرن جي باري ۾ معذرت خواهه آهيون. جو سنڌ ۽ هند، جا ڪافي ڪتاب ۽ رسالا، تبصرن لاءِ پهتل آهن، ’مهراڻ‘ جي ضخامت جي رعايت سان آينده باقاعده تبصرا ٿيندا رهندا.

سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ

·                   نئين تصنيفات جي سلسلي ۾ جناب محترمي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو محققانه ۽ مورخانه ڪتاب، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ ڇپجي آيو آهي. ڊاڪٽر صاحب، جنهن محققانه ڪاوش ۽ علمي ڇنڊڇاڻ سان، سنڌي ٻوليءَ جي موضوع تي، منتشر مواد کي سهيڙيو آهي، ۽ انهن خالن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جي اڄ تائين موجود رهندا آيا آهن، ان  جو مثال گهٽ ٿو نظر اچي. ڊاڪٽر صاحب هن علمي بحث جون منتشر ڪَڙيون ملائي، بحث کي مربوط ڪري، تاريخي ۽ لساني تاليف لاءِ نهايت جديد ۽ مثالي، فني ۽ دلنشين ٽيڪنيڪ جو بنياد وڌو آهي. اميد ته مفصل تعارف ۽ تبصرو ايندڙ اشاعت ۾ ڏينداسون.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي محققانه ۽ عالمانه مقالات ۽ تحقيقي انڪشافات جي سلسلي ۾، سنڌي ادب  ۽ ان جي علمي، تهذيبي ۽ ثقافتي ڇنڊڇاڻ ۾، جي نوادرات پيش ڪيا آهن، اهي قابل قدر آهن. لوڪ ادب جي ڪتابن جا ’مقدما‘ ۽ چچ نامه، جي تعليمات ۽ تشريحات کي ڏسي، اهوداد ڏيڻو  ٿو پوي ته ڊاڪٽر صاحب، اگرچ  ڪثيرالمشاغل آهي، تاهم سندن وسعت نگاهه، تاريخ ۽ ادب جي مختلف النّوع مسئلن تي، محققانه به آهي ۽ ناقدانه به-

ڊاڪٽر صاحب َ، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ پڻ پنهنجي مخصوص اسلوب تحرير ۽ انداز تحقيق سان لکي آهي.

اسان وٽ، ان موضوع تي ٻه-چار ڪتاب موجود آهن، ۽ ٻه-چار مقالا به آهن. بالخصوص ڀيرو مل جي ’سنڌي زبان جي تاريخ‘، جنهن جو مواد ججهو آهي؛ پر منتشر ۽ غير مرتب-ان کي دوباره ايڊٽ ڪرڻ لازمي امر آهي. ان طرح سراج جا مقالا، علمي حيثيت سان توجهه طلب  آهن: پر انداز بيان جي حيثيت سان، اعتدال ۽ احتياط کان ڪٿي ڪٿي، ڪجهه نه ڪجهه متجاوز. انهن کي سڌارڻ  کان پوءِ ڇپائڻ پڻ اهم اضافو چئبو. اهي ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، ان ڪري انهن جو ذڪر ڪيو ويو.

 ڀرومل جي فقط ’ٻوليءَ جي تاريخ‘، نه پر قديم سنڌ‘ به مواد ۽ تحقيق جي حيثيت سان وڏي معيار جون چيزون آهن، البته سندس نتائج سان اگر ڪنهن کي اختلاف آهي ته پوءِ اختلاف راءِ جو ته هر ڪنهن کي حق حاصل آهي؛ ايئن، جيئن ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق سان، ’سراج‘ ۽ ٻين ڪيترن ٻين کي سخت اختلاف آهي. اهڙو اختلاف، ادبي دنيا ۾ جائز به آهي ۽ افادي به.

يورپ، ۾ محققانه اختلاف کي علمي سرمايه  جي حيثيت سان، تحقيق جي سلسلي ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پر اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ته ’تنقيد‘ جي جاءِ تي غير علمي ’تحقير ۽ تنقيص‘ موجود آهي؛ تنهن ڪري اسان جو تنقيدي سرمايو، نه تعميري آهي ۽ نه علمي، نه افادي نه ادبي افسوس جو اڄڪلهه ان کان، ڪو به ناقد بچيل  نه آهي.

لسانيات، هونءَ به ڪو معمولي موضوع نه آهي- زبان ۽ ان جي ذخيرهء ادب جي علمي ۽ لغوي تعلقات کي پرکڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ مختلف زبانن جي نشونما ۽ ارتقاء، سٽاءَ ۽ جٽاءَ جي حالات، روابط، عوامل، ملڪي معاملات، معاشي محرڪات، سماجي ۽ زماني اثرات، صوتي ۽ مخارج جي اختلاف، لفظن  جي اصل نسل ۽ مشتقات کي اڳيان رکي ئي، ڪنهن زبان متعلق ڪا فيصله ڪُن راءِ قائم ڪري سگهبي آهي.

هن دور ۾ اسان کي اهڙا محقق آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا جي مٿين اصولن کي سمجهن په؛ ۽ انهن  تي بحث به ڪري سگهن.

مشرقي؛ باالخصوص هندستاني ۽ اردو دان اديبن جي ڪتابن ۾، ’نقوش سليماني‘، ’هندستاني لسانيات، بنگال ۾ اردو‘، ’پنجاب  ۾ اردو‘ ’اردو زبان کا ارتقا‘، ’الفاظ کي سرگذشت‘، ’اردو ادب کي تاريخ‘ وغيره سٺا ڪتاب آهن. پر افسوس اهو آهي ته منتشر مواد ۽ رٽيل ۽  ورجايل روايات کان علاوه ڪي به مثبت  نتيجا ڪين ڪڍيا ويا آهن.

ڊاڪٽر  بلوچ صاحب جي نظريات سان، ڪنهن کي ڪيترو به اختلاف ڇو نه هجي؛ پر ’هند ۽ سنڌ‘ جي ديسي عالمن ۽ مستشرقين مان گريئرسن، ٽرمپ، واٽن، سٽيڪ، ايسٽوڪ، ليچ، برٽن، گولڊ سمڊ ۽ ٻين سنڌي هندو ۽ مسلمان عالمن جي متفق عليه فيصلن سان اختلاف ڪرڻ، ڪا معمولي دعويٰ نه آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب پڙهڻ سان، اهو ته چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب َ هڪ ناقد، محقق ۽ متجسس عالم جي نگاهن سان، ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي ڏسندو آيو آهي. جديد ۽ قديم ذخيرن کي ’ڪسوٽيءَ‘ تي پرکيندو آيو آهي. ان ڪسوٽيءَ جو بنياد پنهنجي ذاتي نظريي ۽ تحقيق تي رکندو آيو آهي. طرفين جي دلائل کي ’فن ۽ اصول‘، ’تاريخ ۽ لغت‘، ’تهذيب ۽ ثقافت‘، جي سلسلن ۾ جڪڙيندو آيو آهي. ايتري دقت پسند مطالع کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي ڪو اهڙو ’فني خال‘ ۽ ’تاريخي انتشار‘ نظر آيو آهي، جن جي ربط ۽ تسلسل پيد اڪرڻ لاءِ نه ڪي آهن دليل دلائل ۽ نڪو آهي مواد ۽ ذخيرو.

ڊاڪٽر صاحب( 600-500) ق، م کان وٺي، سمن جي دور (1350-1520) تائين، ’سنڌي زبان ۽ ادب ‘، ’تهذيب ۽ تمدن‘ متعلق، ’روايات‘، ’ڏند ڪٿائن‘، ’تاريخي دلائل‘ ’علم آثار قديمه‘ جي اڪتشافات، پراڻن دڙن مان لڌل چيزن جي ’ڪَتَبات‘، عربي ۽ فارسي تاريخن جي  تحقيق، مستشرقين جي ’تاليفات‘ سنڌ جي سينه به سينه هلندڙ محفوظ ۽ ڪجهه غير محفوظ ’اشعار‘، اُن پوري دور جي ’لساني ارتقاءَ‘، مختلف لهجن ۽ رسم الخطن جي بدلجندڙ سٽاءَ، کي اڳيان رکي، بحث ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ متعلق  پنهنجو  نظريو بيان ڪيو آهي ۽ چيو آهي:

”سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ۽ وارچڊ اپڀرنش بابت، نئين تحقيق، اڳين  لکندڙن جي هيٺين عام نظريي کي رد ڪري ٿي ته ”سنڌي وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل آهي، وارچڊ اپڀرنش پراڪرت مان، ۽ پراڪت، سنسڪرت مان نڪتل آهي“.

بحث کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن ٻڌايو آهي ته-

   ”سنڌي زبان، بنيادي طور، سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي“-__

اميد ته لسانيات سان تعلق رکندڙ دوستن لاءِ هي ڪتاب قابل لطالع ثابت ٿيندو. ڏاڍو چڱو ٿئي ها، اگر ’سراج‘ جي مهراڻ وارن مضمونن ۽ ڀيرومل جي ’قديم سنڌ‘ ۽ .سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ متعلق به  تنقيدي طور ڪجهه لکيو  وڃي ها! خير... بهرحال ’سراج‘ جي مقالن ۽ ڀيرومل مهرچند جي ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۽ ’قديم سنڌ‘ پڙهڻ کان پوءِ، هن ڪتاب جي مطالع لاءِ، اهل علم حضرات کي خاص طور توجهه ڏيار جي ٿو.

تصحيح

·                   ’مهران‘ ۾ هڪ اڌ  لفظي غلطي رهجي ويئي آهي. ’سلام ۽ سنيها‘ واري ڪالم ۾ واپڊا جي ايس. اي جو نالو ميان نسيم اختر صاحب نه پر، ميان سليم اختر صاحب، پڙهڻ گهرجي.ان طرح روشن آرا جو مڙس صوبيدار نه، پر ڊي. ايس. پي پڙهڻ گهرجي.

حصه نظم ۾ امداد الحسيني جي نظم ’ٿڦڙ‘ ص 21 جي آخر ۾ ”بنگلي ۾ لکيل نظم تان ورتل“ کي درست ڪجي. بنگلي ۾ لکيل نظم، متعلق اهو اشتباه رفع ڪرڻو آهي ته نظم، هڪ بنگلي ۾ ويهي لکيل آهي ۽ نه ڪنهن بنگالي نظم تان ورتل آهي.

ان طرح ’مهراڻ‘ نمبر 2، 62ع ۾ ’هندستان ڇڏي وڃو‘، ناٽڪ ص 101 موهن ڪلپنا جي نالي ڇپيو آهي، حالانڪ ان جو ليکڪ تيرٿ ٻاٻاڻي آهي.

بهرحال اسان پنهنجي حال آهر، ’مهراڻ‘ کي  معياري ۽ محققانه ، فڪر انگيز ۽ صحتمند مواد سان شايع ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه  ڇڏي آهي.

گذارش جي پهرين پيرا ’سڪندر ۽ ٻڍڙي‘، اهل نظر لاءِ فڪر و دانش جو اهو شاهڪار آهي، جنهن جو مثال اوهان اڳ  نه ٻڌو هوندو. حال کي ماضيءَ جي سرگذشت ۾ بيان ڪيو  ويو آهي، تان ته اسان لاءِ ڪو فڪر انگيز سبب پيدا ٿي سگهي.

انشاء الله، مهراڻ جئن 61-62ع ۾ باقاعده شايع ٿي چڪو آهي، اميد ته 63ع به ان باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو.

هن ڀيري مهراڻ ۾ 3 رنگين تصويرون ڏنل آهن. اول ۾ ’ڪنول جو گل‘ جنهن لاءِ شاهه، ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ چئي اسان جي زندگيءَ ۽ ان جي تهذيبي قدرن جي بقا ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڪنول گويا اسان لاءِ هڪ زندگي بخش علامت آهي.

ٻي تصوير لاهور جي بين الاقوامي  ڪتابي نمائش تي، صدر مملڪت پاڪستان جي، سنڌي ادبي بورڊ بوڪ اسٽال جي معائني وقت ورتل آهي.

سندس پيغام آهي:

”شاهه لطيف جهڙو ڪو ٻيو به ماڻهو پيدا ڪريو،

جو اوهان ۾ زندگيءَ جو احساس پيدا ڪري.“

ٽين تصوير، پير حسام الدين راشديءَ ۽ ممتاز حسن کي، ايران سرڪار پاران ڏنل، نشان سپاس، جي تقريب جي تصوير آهي، اها به هڪ تاريخي يادگار رهندي.

شڪريو:

·                   ’مهراڻ‘  جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾، ان جي طباعت ۽ اشاعت جي ڪم ڪار ۾، آءٌ جناب سيد ميران محمد شاهه صاحب ’مير‘، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، ۽ محترمي شيخ علي محمد صاحب، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ۽ انچارج ادبي بورڊ پريس حيدرآباد؛ ۽ مسٽر علي بخش احمد زئي، مينيجر پريس؛ ۽ پروف ريڊر مسٽر ولي  محمد طاهر زاده ۽ مسٽر ڪريم بخش شيخ؛ سڀني جو  شڪر گذار آهيان، جن جي دلي تعاون سان ’مهراڻ‘ دستور موجب،نهايت حسين ۽ معياري قدرن جو جامع رهندو آيو آهي، ۽ تمام جلد ڇپجي نڪتو آهي. مسٽر علي بخش احمد زئي، جي  عمر ڀر جي تجربه، ۽ خلوص ۽ سندس اسٽاف، مان ’مهراڻ‘ جي ڪم تي مقرر ٿيل ماڻهن؛  نورالدين احمد، غلام مرتضيٰ، الهه رکيو، محمد صالح ميمن، گل محمد مغل، نهايت ڪارائتا ۽ محنتي ماڻهو آهن جن جي محنت  ۽ فنڪارانه ڪوشش ’مهراڻ‘ کي جلدي شايع به ڪيو آهي ۽ سينگاريو به آهي. ان طرح  رسالي جي ظاهري حسن، صحّت ۽ صفائي لاءِ ڇاپيندڙ، مستري نور محمد ۽ مستري نظام پڻ شڪريه جا مستحق آهن. ان سلسلي ۾، مسٽر امداد حسيني، (عارضي اسٽنٽ ايڊيٽر مهراڻ) جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن مواد جي ترتيب ۾ منهنجي قابل تحسين مدد ڪئي.

آءٌ خصوصي طور مسٽر غلام رباني، اسسٽنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جو شڪر گذار آهيان، جنهن  دلي تعاون ڪري، ’مهراڻ‘ لاءِ تمام جلدائيءَ سان لاهور ’بين الاقوامي ڪتابي نمائش‘ ۽ ’نشان سپاس‘ وارين تقريبن جون تصويرون هٿ ڪري جلدي بلاڪ ٺهرائي پهچايا ۽ وقت سر، اهي مهراڻ ۾ ڇپايا ويا. ان کان سواءِ، سندس ’مهراڻ‘ جي انتظامي  امور مواد جي جمع و ترتيب، اشاعت ۽ طباعت جي مختلف مرحلن تي، سندس تعاون، نهايت ڪارآمد ۽ ثمر آورپئي ثابت ٿيو آهي، اميد ته مسٽر غلام رباني، ايندڙ دور لاءِ پڻ  مهراڻ جي تزئين ۽ ترتيب جي سلسلي ۾، اسان سان تعاون ڪندو ايندو.

 ان ئي سلسلي ۾ مسٽر محمد امين بلوچ، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال به خاص شڪرئي جو حقدار آهي، جنهن جي ڪوشش سان ’مهراڻ‘، سنڌ، پاڪستان ۽ ان کان ٻاهر هندستان، بلڪ يورپ ۽ آمريڪا تائين اديبن ۽ خريدارن کي فوراً پهچايو وڃي ٿو. جنهن جي مخلصانه ڪارڪردگيءَ ۽ خريدارن سان ’محبت آميز‘ رويه جي ڪري، نه فقط مهراڻ جا گراڪ جيئن پوءِ تيئن  وڌي رهيا آهن، پر ان سان گڏ، سندن سوالن ۽ مسئلن جو حل به فوراً ڪيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ’مهراڻ‘ متعلق نه ڪو خريدارن کي شڪايت آهي ۽ نه  بوڪ سيلرس ۽ اديبن کي. ان سلسلي ۾ ’ادبي بورڊ‘ جي گشتي نمائندي ماستر عنايت الله جو پڻ خاص شڪر گذار آهيان، جنهن جي خدمت ۽ ڪارگذاري، مهراڻ لاءِ مقبوليت جو باعث بڻي آهي ۽ تمام گهڻا خردار پيدا ڪيا اٿس. اميد ته مهراڻ لاءِ سندس خاص عنايت شامل حال رهندي. –غ. م. گ

اي جاني، هي جڳ فاني اَٿوَ، ڪن سائين لوڪ صَدا، بابا!

هي عمر روان ته، رواني ٿَوَ، آخر ته فنا هي فَنا، بابا!

گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا، ڪيئي جوتش لاثاني نه رهيا،

ٿيا آخر سڀ فاني نه رهيا، فانيءَ کي نه آهه بقا، بابا!

ڏس  ڪهڙا ڪهڙا شاهه ويا، افسوس نه تن جا باقي رهيا،

 نه نشان رهيا نه مڪانَ، نه مڪين، بنگلا بستان نه سرا، بابا!

نه ڪو شاهه رهي، نه وزير رهي، نه ڪو دانشمند دبير رهي،

نه امير رهي، نه فقير رهي، هڪ رهندو پاڻ خدا، بابا!

ڌن دولت خواب خيال اَٿَوَ، اقبال ڪمال زوال اَٿَو،

هي مـِلڪ پرائو مال اَٿوَ، پنهنجي نه اَٿوَ شيء ڪا، بابا!

هن دم جو قدم ٿيو سوئي عدم، هن موت ڪيا ڪئي مرد هضم،

هي ناز نـِعَم، يا جاهَ حَشمَ، ڪنهن سان بـِه ڪندا نه وفا، بابا!

هل هيڻو ٿي، ڪر هورو هڏ، ڇڏ ماڙيون ڪر نه خزانو گڏ،

ٿـِئي آخر نيٺ اَجل جو سڏ،هيءَ ٽرندي ڪين قضا، بابا!

اَچي سڀ جي قضا ۾ مرگ بلا، آدنيٰ، اَعليٰ،نه ڇڏي اَصلا،

فُقرا، اَغنا، شُعرا، اُمرا، حُڪما، عُلما نه بچا، بابا!

گلزار ۾ گل گل ڪين رهي، هن باغ ۾ ”بلبل“ ڪين رهي،

هي غوغا غلغل ڪين رهي، نه ادا، نه صدا، نه ندا، بابا!

مرحوم شمس الدين ”بلبل“

توهه تنهينجو منگان

توهه تنهينجو منگان...يا الله

توهه توڙائون، تنهنجو.

 

ڀيڙي ٿيان ڀتارَ سان، انگي لاهي انگا.

مولا مون  کي ميڙئين، دور ڪري درنگا.

 

ڇيٽون جت ڇرين ٿا، چٽ چترخن چنگا.

سيڻن چرون چاڙهيا، رچن رنگ سرنگا.

پنهنجا پاڻ فضل سان، پار لنگهائين لنگا.

”قاسم“ ڪرم منجهانئين، سايم پنهنجي سنگا.

خليفو نبي بخش خان لغاري مرحوم

1

بيت

خليفو نبي بخش خان  لغاري مرحوم، محمد خان ’غني‘، ’نثار‘ بزمي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي اَنجهاني.

دوها

عبد الجبار ’شام‘، قمر شهباز.

ڪافيون

ميران محمد شاهه ’مير‘، سردار بهادر محمد بخش ’ڪوجهي‘، محمد خان ’غني‘، محمد هاشم ’نجار‘، ’نثار‘، بزمي، احمد خان ’اختر‘، علي بخش ’رضا‘،

وائي

 خليفو نبي بخش خان لغاري مرحوم، احمد خان ’اختر‘، احمد خان ‘آصف‘.

گيت

گوورڌن محبوباڻي، ’نثار‘ بزمي.

نظم

شيخ ’اياز‘، ’نياز‘ همايوني، سليم ڳاڙهوي، ’تاج‘ بلوچ،ڪمل ’سرتاج‘، نعيم دريشاڻي، ’امداد‘ حسيني.

آزاد نظم

’خواب‘، ’محبوب‘ سروري، بشير مورياڻي، نياز علي شاهه ’محسن‘،ولي محمد ’وفا‘، عبدالڪريم پلي.

غزل

’سرشار‘ عقيلي، ’تنوير‘ عباسي، ’خواب‘، ’محبوب‘ سروي، بشير مورياڻي، نياز علي شاهه ’محسن‘، ولي محمد ’وفا‘، عبدالڪريم پلي.

نيون طرزون

قطعا

ترائيل

’امداد حسيني، ’تاج‘بلوچ قمر شهباز.

رباعيون

فرد

حافظ محمد ’احسن‘.

محمد حسن ’ساز‘، نياز علي شاهه ’محسن‘.

”جو ڪلام، مستقبل تي روشني وجهندڙ، ۽ ترقيءَ لاءِ ايندڙ نسل کي اڀاريندڙ آهي، صرف اهوئي ڪلام قائم رهندو ۽ جٽاءُ ڪندو. باقي ٻيو سڀ بي سود هئڻ سبب مٽجي ويندو!“

علامه، آءِ، آءِ، قاضي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com