اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾
مولانا فضل احمد غزنويءَ، ٻڌايو ته-
جيڪڏهن اسين، حديث شريف کي ڇڏي ڏينداسون ته پوءِ
قرآن پاڪ جو ڪو به حڪم، ڪنهن به خاص امر لاءِ
متعين ۽ محدود نٿا ڪري سگهون، ان سان گڏ قرآن پاڪ،
حديث شريف جي تصريحات، تشريعات، تعينات ۽ تحديدات
کان سواءِ، انسانذات لاءِ ڪا به رهبري نٿو ڪري
سگهي. ڇو ته قرآن پاڪ جي معاني ۽ مطالب کي جيڪڏهن
صرف ’عربي ادب‘ ۽ ’لغت‘ جي مدد سان متعين ڪبو، ته
پوءِ عربيءَ جي هڪ هڪ لفظ جون تمام گهڻيو معنائون
آهن. ۽ جيڪڏهن ڪو عربي دان، قرآن پاڪ جي ڪنهن به
لفظ جي؛ ’عربي ادب‘ ۽ ’لغت‘ جي خيال سان معنيٰ
متعين ڪندو، ته پوءِ ٻيا به سوين ماڻهو، هڪ ئي لفظ
کي سَوَن معانئن ۾ متعين ڪري سگهن ٿا. ۽ جنهن صورت
۾ عربي ادب ۽ لغت ان معنيٰ جي تائيد ۽ تصديق ڪندا،
ته پوءِ ڪنهن کي به ان جي رد ڪرڻ جي مجال نه آهي.
”اسلام جو سڀني کان وڏو رڪن ’نماز‘ آهي. نماز لاءِ
قرآن پاڪ ’صلواة‘ جو لفظ آندو آهي.“ اسين جڏهن لفظ
’صلواة‘ جون معنائون، عربي ادب ۽ لغت ۾ ڏسون ٿا،
تڏهن اسان کي هيٺئين ريت معنائون ملن ٿيون. 1-مصري
ناچڻي جو ناچ ڏسڻ. 2-گوشت کي ٽانڊن تي پچائي کائڻ.
3- گهوڙن جي ڊوڙ جي، ۽ گهوڙن تي شرط لڳائڻ. 4-
دعوت عام ڏيڻ. 5-باهه ۾ سڙڻ. 6-دعا ڪرڻ وغيره.“
هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته جڏهن مان مصري رقاصه جو
ناچ ڏسان ٿو، ۽ ان سان گڏ شاهي ڪباب ۽ ’پشاوري
تڪا‘ کاوان ٿو، تڏهن پڻ مان گويا نماز ۾ آهيان،
ٻيو شخص چوي ٿو ته جڏهين مان ’گهوڙي ڊوڙ‘ لاءِ،
’ريس ڪلب‘ ۾ وڃي شرط لڳايان ٿو ۽ کٽڻ واري گهوڙي
تي سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايان ٿو تڏهن مان نماز ۾
ڇو نه آهيان؟ ڇو ته صلوات جي هڪ معنيٰ تاڙيون ۽
سيٽيون وڄائڻ پڻ آهي؛ وچان ئي ٻيو چوي ٿو ته
جڏهين مان هڪ ’دعوت عام‘ ڏئي. ’محفل رقص وسرود،
ڏسان ٿو، تڏهن مان نماز ۾ آهيان. ٻڌايو ته اهڙن
ماڻهن کي توهان ڪهڙن دليلن سان، انهن معنائن ڪرڻ
کان روڪي سگهو ٿا؟ ڇو ته ’عربيت ۽ لغت‘ ۾ ان جي
تائيد موجود آهي. ان ريت جيڪڏهن ’حديث‘ شريف سان
صلواة جي معنيٰ کي، رسول پاڪ جن جي معنيٰ ڏيکاريل
موجب، محدود ۽ متعين نه ڪبو ته پوءِ اسلام مان
نماز جو تخيل ئي نڪري ويندو. ان کان سواءِ هيءَ
ڳالهه به ظاهر آهي ته اسلام کان اڳ، سڄي’عربي ادب
۽ لغت‘ ۾ اسلامي نماز لاءِ ڪو هڪ اڌ لفظ يا عبارت
يا عبادت آهي ڪانه!“
”روزي لاءِ قرآن پاڪ ۾ ’صوم‘ جو لفظ آيل آهي. ۽
عربيت ۽ لغت جي خيال سان، لفظ صوم لاءِ هيٺيون
معنائون ڏنل آهن:
1-ماٺ ڪرڻ. 2-هوا جو روڪجي وڃڻ. 3- گهوڙن جو ماٺ
ڪري بيهي رهڻ. 4- ماٺ جو روزو رکڻ وغيره.
هاڻي جڏهن ڪو شخص چوي ٿو ته مان ماٺ ڪري ويهان،
تڏهن مان ڄڻ ’روزو‘ رکي رهيو آهيان؛ ٻيو چوي ٿو ته
مان جڏهن ماٺ ڪري بيٺل گهوڙن کي ڏسان ٿو، ته گويا
روزو رکي رهيو آهيان؛ ٽيون چوي ٿو ته جڏهن هوا
روڪجي ٿي وڃي ۽ حبس ٿئي ٿو. تڏهن مان ڄڻ روزو ٿو
رکان. ته پوءِ انهن کي ڪهڙن دليدلن سان رد ڪري
سگهجي ٿو؟ جڏهن عربيت ۽ لغت انهن جي تائيد ۾
موجود آهن.“
”ان طرح ’زڪواة‘ کي ڏسو. عربيت ۾ ان جون معنائون
آهن: 1- وڌڻ. 2-پاڪيزو ٿيڻ. 3- واڌارو ڪرڻ. 4-نشو
و نما حاصل ٿيڻ. 5- ذبح ڪرڻ. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو
چوي ٿو ته مان مال گڏ ڪري وڌائي رهيو آهيان؛ ٻيو
چوي ٿو ته منهنجي پوک وڌي اُسري سٺي ٿي ٿئي، ته
مان گويا زڪواة ڏيئي رهيو آهيان. ته پوءِ انهن کي
ڪهڙن دليلن سان روڪي سگهندؤ؟ ڇو ته اسلامي ’زڪواة‘
لاءِ سڄي عربي لٽريچر ۾ ڪو لفظ ئي ڪونهي، نڪا ڪا
عبادت ئي آهي، ۽ نڪو اسلام کان اڳ، عرب ۾ اسلامي
زڪواة جو تخيل ئي هو. ان ريت گويا زڪواة به ويئي!“
”ان طرح اچو ’حج‘ تي. حج جون لغت ۾ هيٺيون معنائون
آهن: 1-ارادو ڪرڻ 2-قصد ڪرڻ. 3-حجت اٿارڻ. 4-دليل
بازي ڪرڻ. 5- جهڳڙو ڪرڻ، 6- بحث مباحثو ڪرڻ.
هاڻي جيڪڏهن ڪوماڻهو چوي ٿو ته مان جڏهن ’چوريءَ‘
جو ارادو ڪريان ٿو؛ ٻيو چوي ٿو ته ڌاڙي جو قصد ٿو
ڪريان؛ ٽيون چوي ٿو ته حُجتبازي ٿو ڪريان؛ چوٿون
چوي ٿو ته جنگ و جدال ٿو ڪريان، ته گويا حج ٿو
ڪريان! ته اهڙن ماڻهن کي ڪهڙن دليلن سان روڪي
سگهبو؟ ڇو جو ’عربيت‘ ته انهن جي تائيد ڪري رهي
آهي. ان ريت گويا ’حج‘ به ويو! وري مزي جي ڳالهه
هيءَ آهي ته حج ڪعبة الله ۾ ڪونه ٿيندو آهي. بلڪ
ٻارهن ميلن کن پري ’عرفات‘ ۾ ٿيندو آهي. ان لاءِ
سڄي قرآن پاڪ ۾ ڪٿي به ڪونهي ته حج وڃي عرفات ۾
ڪريو!
لهٰذا جيڪڏهن قرآن پاڪ جي حقائق، سريحات تشريعات ۽
تعينات لاءِ، حديث پاڪ کان مدد نه وٺبي ۽ حديث
شريف کي ڇڏي رڳو لغت ۽ عربيت کي دليل وٺبو ته پوءِ
نڪو قرآن رهيو نڪواسلام! بلڪ اسلام ۽ قرآن بازيچئه
اطفال (رانديڪو) بنجي ويندا، ۽ ميڻ جي نڪ وانگر
جنهن جي جيڏانهن مرضي هوندي پيو اوڏانهن ورائيدو ۽
نوان نوان مسئلا بنائيندو!
لهذا نهايت ضروري آهي ته قرآن پاڪ جي مطالب ۽
معاني کي ۽ سندس احڪام جي تعينات کي، حديث پاڪ جي
ڏيکاريل معنائن ۽ مطالب جي روشنيءَ جي متعين ڪجي
ته پوءِ قرآن جا الفاظ ۽ حديث جا معاني ۽ مطالب،
ٻئي گڏجي اسلام کي دين ڪامل ڪري پيش ڪندا.
اسلامي قانون ۽ غلامي
سيد رضوان علي رضوي، ليڪچرر شعبهء سياست، سنڌ
يونيورسٽيءَ، چيو ته: ”هن موجوده دور کي هر لحاظ
کان، ترقيءَ جو زمانو تصور ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾،
برطانيه ۽ امريڪا انساني عظمت ۽ حقن جو عَلم بلند
ڪيو، ۽ ٻنهي، وقتاً فوقتاً رنگ ۽ نسل، آقا ۽ غلام
جي فرق کي مٽائڻ لاءِ قانون پئي لاڳو ڪيا آهن، ۽
انهن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ پنهنجي قوّت آهر جدوجهد
ڪئي. انهيءَ ضمن ۾ 1938ع ۾ اقوام متحده هڪ ڪميٽي
مقرر ڪئي جنهن جو ڪم هو 1928ع تائين تقريباً
پنجاهه لک غلامن جي حالت تي غور ڪرڻ. بهرحال
انهن تمام ڪوششن جي باوجود رنگ ۽ نسل جي بنياد تي،
ڪارن سان جيڪي انسانيت سوز ظلم، ۽ برطانيه ۽
امريڪا ۾ اڄ تائين نمايان طور تي ٿيندا رهن ٿا،
جن کان ڪير آهي جو واقف ڪونهي؟ تازو گذريل سال
انگلنڊ ۾ ’غلام‘ بنائڻ جا متعدد واقعات سامهون اچي
چڪا آهن. امريڪا ۾ شيدين سان جيڪو ناروا سلوڪ
ٿيندو اچي، اهو سڀ ڄاڻن ٿا.“
”1960ع ۾ پنڊت جواهرلال نهروءَ هي انڪشاف ڪيو ته
’چين ۽ برما‘ جي سرحدي علائقن ۾ اڄ به، غلامي رائج
آهي. انهن حقيقتن جي سامهون اچڻ سان ئي. ذهن اها
ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي، ته انهن ترقي يافته
ملڪن ۽ عيسائي پيشوائن، محض معاشره جي اصلاح،
انساني فلاح و بهبود جي خاطر ئي غلاميءَ کي فروغ
ڏنو آهي! هرگز نه، ڇو ته، اهي قومون جن جو مذهب
عيسائي آهي، غلامن جي تجارت وڏي پيماني تي ۽
سربازار ڪنديون هيون. انهن قومن جي بادشاهن،
قانوني طور غلامن جون قيمتون مقرر ڪيون، ته جيئن
واپار جومعيار هڪ رهي.“
سيد امير علي فرمائي ٿو ته: ”روم ۾ عام طور تي هي
دستور هوندو ته جڏهن ڪنهن غلام جي ڌيءَ جي شادي
ٿيندي هئي ته پهرين رات آقا سان هم بستري ٿيندي
هئي، انهيءَ شرمناڪ حرڪت مان عيسائي بشپ به دامن
نه بچائي سگهيا.“
”آگسٽن (St.
Augston)
غلاميءَ کي انساني گناهن جي سزا لاءِ هڪ قدرتي
نظام قرار ڏنو آهي؛ جنهن جي برائي ڪرڻ به برائي
سمجهي وڃي ٿي. (Herbert
Spensir)
پنهنجي ڪتاب
(The
Prenciple of Socialogy)
۾ لکي ٿو ته: ”غلاميءَ کان بغير سياست جو مرحلو
تڪميل تي نٿو پهچي سگهي.“
”الفريد لکي ٿو ته: رياستهائي متحده آمريڪا ۾ کيس
وحشت انگيز نطارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪنهن به
آمريڪيءَ لاءِ باعث فخر ڪينهن. هنن وٽ هڪ قانون
هوندو هو ته ڪو به نيگرو (شيدي) ڪنهن سفيدفام عورت
سان نه ڪو ملي ٿو سگهي ۽ نه ڪو شادي ڪري ٿو سگهي.
اگر ڪو اهڙو واقعو ٿي پيو ته پوءِ انهيءَ غريب کي
تارڪول سان ليپ ڏئي ائين جلايو وڃي ٿو جيئن چراغ
جلي! ۽ مزو اهو ته آفريڪي حڪومت کي پڻ مجبور ڪيو
ويندو ته هن موقعي تي پنهنجو ڪو نمائندو موڪلي!“
”مذهب ۽ اخلاق جي انسائيڪلو پيڊيا“ جي تحقيق موجب،
”غلامي هڪ معاشرتي رواج آهي، جنهن جي باعث هڪ شخص
ٻئي جي ملڪيت ٿي وڃي ٿو.“ اين-گلبرسٽن، غلاميءَ جي
عام پسنديده تعريف هيءَ ٿو ڪري ته، ”هيءَ هڪ اها
طاقت آهي جا لامحدود آهي.“ غلاميءَ جي مٿي ڪيل
تعريف انهيءَ معاشرتي رواج جي تعريف آهي جو غير
اسلامي معاشري ۾ عام هو. انهيءَ جو اُن غلاميءَ يا
اُن معاشرتي رواج سان ڪو به واسطو ڪونهي، جنهن جي
اسلام بحالت ِ مجبوري اجازت ڏني آهي.“
”غير مسلم قومن ۽ انهن جي معاشري، پنهنجي گذريل
تاريخ ۾ جنهن غلاميءَ جو تجربو ڪيو آهي، ان جو
تصور يقيناً، هيبت ناڪ آهي. تڏهن ته غلاميءَ جي
نالي ايندي ئي مغرب زده ۽ غير مسلم اهو سوچڻ لڳن
ٿا ته هڪ نهايت ئي لاچار ۽ مجبور جانور تي ڦٽڪا
لڳايا پيا وڃن، انهن کان هر جائز ۽ ناجائز ڪم
ورتو پيو وڃي ۽ انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو
وڃي. انهيءَ کي هر قوم روا رکيو، مگر اسلام جو
دامن اهڙي غير انساني سلوڪ کان پاڪ آهي. مقصد اهو
آهي ته اسلامي ۽ غير اسلامي ذهن غلاميءَ جي باري ۾
به متضاد تصور پيش ڪن ٿا.“
”هاڻي اچو ته ڏسون ته اسلام ۾ غلاميءَ جي متعلق
ڪهڙا قوانين آهن. انهيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي يا
فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، انهيءَ مسئلي کي،
سڀ کان پهرين قرآن جي روشني ۾ ڏسڻو آهي، ڇو ته
’قرآن‘ اسان جو سڀ کان وڏو دستوري ڪتاب آهي، جو
غلام بنائڻ جو حڪم قطعي نٿو ڏئي، چنانچه ’سوره
محمد‘ (صلي الله عليه وسلم) ۾ ارشاد خداوندي ٿئي
ٿو ته ” قيدين تي احسان ڪريو يا معاوضو وٺي ڇڏي
ڏيو ته جنگ موقوف ٿي وڃي.“ هن سورة مان اها ڳالهه
صاف ٿيو وڃي ته انهيءَ وقت تائين هواسير رکي سگهجي
ٿو؛ جيستائين اسلامي مفاد کي هن جي آزاديءَ مان
خطري جو انديشو هجي، پر هن کي مستقل غلام نٿو
بنائي سگهجي ۽ اهائي مشيت ِايزدي آهي.“
ليڪن انهيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي،
ته اسلام سڀ کان پهرين دنيان جي سامهون اهو اصول
پيش ڪيو ته ’فديو‘ وٺي ۽ ’احسان‘ ڪري ڇڏيو وڃي.
ليڪن، جڏهن انهيءَ اصول تي به غير قومون رضامند نه
ٿيون ۽ اسلام کي شديد نقصان پهچندو رهيو، تڏهن
اسلام مجبوراً ’جنگي قيدين‘ کي غلام بنائڻ جي
اجازت عارضي طور تي ڏني آهي. هتي، هيءَ ڳالهه
ضرور سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هيءَ صرف ’اجازت‘ آهي پر
’حڪم‘ ناهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ’طلاق‘ خدا وٽ
ناپسنديده شيءِ آهي. مگر انهيءَ جي اجازت ناگزير
حالتن ۾ ڏني وئي آهي. هاڻي اسين انهيءَ نتيجي تي
پهتاسين ته غلاميءَ جي مسئلي ۾ قرآن اهڙو حڪم ڏنو
آهي؛ جهن ۾ وقت جي حالتن جي رعايت رکي وئي آهي ۽
آئندي جي لاءِ هڪ ٺهيل ٺڪيل اصلاحي نظام به عطا
ڪيو آهي، جيئن غلامَ، آهستي آهستي اسلامي معاشري ۾
جذب ٿي وڃن.“
”انهيءَ لاءِ ’فقهائي ڪرام‘ فرمائين ٿا ته جيڪڏهن
ٻن شخصن کي جن مان هڪ مسلمان آهي ۽ ٻيو ڪافر، هڪ
ٻار رستي تي پيل ملي ۽ انهيءَ متعلق مسلمان دعويٰ
ڪري ته منهنجو غلام آهي، ۽ ڪافر چئي ته منهنجو پٽ
آهي؛ ته پوءِ ان کي آزاد رکڻ لاءِ ۽ غلاميءَ کان
بچائڻ لاءِ ’ڪافر جو پٽ‘ قرار ڏنو ويندو، ۽ فيصلو
مسلمان جي خلاف ٿيندو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته
’آزادي‘ اسلام کي ڪيڏي عزيز آهي. اها ڄاڻ انهيءَ
خط مان به پئي ٿي جيڪو حضرت عمر؛ عمرو بن العاس
کي، جيڪو مصر جو گورنر هو، لکيو هو ته ”اي عمرو!
تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو آهي،
حالانڪ انهن کي انهن جي مائرن ته آزاد ڄڻيو هو!“
هڪ حديث آهي، توهان جا غلام توهان جا ڀائر آهن،
جن کي خداوند تعاليٰ اوهان جي قبضي ۾ ڏنو آهي. بس،
جنهن شخص کي الله تعاليٰ ڪنهن ڀاءُ جو مالڪ بنائي،
انهيءَ کي کپي ته هو پنهنجي غلام کي اها شيءِ کائڻ
لاءِ ڏئي جيڪا پاڻ ٿو کائي ۽ اهڙو ئي ڪپڙو پائڻ
لاءِ ڏئيس جهڙو پاڻ پائي ٿو؛ ۽ هن کان اهو ڪم نه
وٺي جو هنجي طاقت کان ٻاهر هجي، ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو
ڪم ورتو وڃي ته هن جي مدد ڪئي وڃي.“
(بخاري-مسلم)
ٺهراءَ، 14-جنوري 1963ع
ٺهرائن جي آخري اجلاس جي صدارت، سيد حاجي علي اڪبر
شاهه صاحب، سابق صدر فيڪلٽي آف دينيات، سنڌ
يونيورسٽيءَ ۽ جناب رضي الدين صديقي وائس چانسيلر
سنڌ يونيورسٽي ڪئي. ٺهرائن ۾ سڀني مندوبين خاص طرح
سان، يونيورسٽين جي شعبهء دينيات جي سربراهن حصو
ورتو. مولانا منتخب الحق ڪراچي، قاضي نورالحق
پشاور، علامه علاءالدين صديقي، مولانا عبدالله
بهاولپوري، مولوي سيد محمد جميل ايم. اي، صدر آل
پاڪستان هولي قرآن سوسائٽي ڪراچي، ڊاڪٽر امير حسن
صديقيءَ پارن عالمن جي تحريڪ، تائيد ۽ ترميمن سان
ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جي هي آهن:
_ هيءَ اجلاس، حڪومت جي ان قدم کي ساراهي ٿوم جنهن
۾ اٺين جماعت تائين سڀني اسڪولن ۽ مدرسن ۾،
’دينيات‘ کي لازمي، ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ اسلامي
سيرت و ڪردار رکندڙ افراد جي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾،
عرض ٿو ڪري ته ’ثانوي تعليم‘ ۾ ٻارهين جماعت ۽
اعليٰ تعليم ۾ ڊگري ڪورس تائين دينيات کي لازمي
مضمون جي حيثيت ڏني وڃي ۽ نصاب پڻ بنايو وڃي، ان
طرح ئي نصاب ۾ تسلسل ۽ ربط پيدا ٿيندو.
_هي اجلاس، هن ڳالهه جي به سفارش ڪري ٿو ته اعليٰ
درجن ۾، لازمي دينيات کان علاوه، اختياري مضمون کي
اختيار ڪندڙ طالبن جي پڻ هر طرح حوصله افزائي ڪئي
وڃي.
_ هي اجلاس، ابتدائي تعليم ۾ غير عناصر جي
سرگرمين تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري. ۽ مطالبو ٿو
ڪري ته هت هر منزل تي، خصوصاً ابتدائي تعليم،
پنهنجي هٿ ۾ هئڻ گهرجي. جئن طلباء ’شعائر اسلامي‘
۽ پنهنجي تهذيب و تمدن کان چڱيءَ طرح سان واقف ٿي
سگهن.
_هي اجلاس، تعليمي ادارن کان مطالبو ٿو ڪري ته هو
هر تعليمي اداري جي احاطي اندر مسجد جوڙائن، جيئن
شاگرد ۽ اُستاد با جماعت نماز ادا ڪري سگهن.
_ هي اجلاس، مسلمان طلباء ۽ طالبات لاءِ عربي زبان
جي تحصيل ۽ ڪم از ڪم قرآن جي تعليم جي استعداد
پيدا ڪرڻ جي، خاص طور تقاضا ٿوڪري.
_هي اجلاس، مخلوط تعليم جي نقصانن جي پيش نظر؛
پنجين درجي کان وٺي، مٿي ڪاليجن تائين تعليم جي
انتظام لاءِ جداگانه انتظام جي تقاضا ٿو ڪري. جيئن
تعليم جو اصل مقصد، پاڪيزگي-اخلاق جو نظام، اسلامي
نصب العين مطابق ٿي سگهي.
_هي اجلاس، ملڪ جي سڀني ادارن ۾ اُچر جي بجاءِ جمع
جي موڪل جي تقاضا ٿوڪري.
_هي اجلاس، سنڌ يونيورسٽيءَ کي استدعا ٿو ڪري ته
هڪ علمي ۽ ديني ماهنامي جي اشاعت تي غور ڪري.
_ هي اجلاس، عربي مدرسن جي امداد لاءِ ’محڪمهء
اوقاف‘ کي امداد لاءِ خاص طور استدعا ٿو ڪري ۽
غريب طالبن لاءِ ماهوار فطائف جاري ڪرڻ لاءِ پڻ
توجهه ٿو ڏياري.
_هي اجلاس، ’محڪمهء اوقاف‘ جي پيش نظر عربي اسلامي
يونيورسٽيءَ جي خيال کي ساراهي ٿو.
_هي اجلاس، حڪومت ۽ يونيورسٽين کان تقاضا ٿو ڪري
ته اسلاميات ۾، آنرز ۽ ايم.اي ڪندڙ شاگردن لاءِ
خاص وظيفا جاري ڪيا وڃن . جئن پشاور يونيورسٽيءَ
ڪيو آهي.
_ هي اجلاس، مختلف هنڌن تي اهڙن ڪانفرنسن لاءِ
حڪومت ۽ جامعات تي زور ٿو آڻي ته دل کولي امداد
ڪئي وڃي.
_هي اجلاس، 64ع لاءِ، پشاور يونيورسٽيءَ ۽ 65ع
لاءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جي دعوت ۽ پيشڪش کي شڪريي
سان قبول ٿو ڪري.
حرف آخر، گذارش، شڪريه
مقالات جي فهرست، ۽ مقررين جي فهرست، ۽
ڪارگذاريءَ، تقريرن جي انتخاب ۽ ٺهرائن ڏسڻ کان
پوءِ، محسوس ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر هاليپوٽي اسلام ۽ ان
جي علوم و فنون متعلق، جنهن جامعيت سان ماڻهو گڏ
ڪيا آهن، ۽ جي عنوانات، مقرر ڪيا آهن، اهي جديد
تقاضائن موجب آهن.
اسان جي راءِ آهي ته سائنسي علوم متعلق به ٻه-چار
مقالا اڃا به وڌيڪ هئڻ گهرجن. ها ’دين الفطرت‘ ۽
’مطالع ڪائنات‘ جي ضمني مباحث ۾ ڪن بزرگن اشارات
کان ڪم ورتو آهي، تاهم اهي مباحث ناڪافي ۽ تشنه
آهن.
ان طرح تاريخ، ۽ ان جو مادي تعبير،-’انسان جي
ارتقا‘ ۽ ’نظريه ارتقا‘ از روئي قرآن،-’اسلامي
تاريخ جو تجزيو‘، ’ابطال دهريت وزندقه‘ ’قرآن ۽
دور حاضره جا مسائل‘-’نبوت ۽ ختم نبوت‘،’قرآن جي
جمع و ترتيب‘،’قرآن جو تحفظ‘، ’مسلمان عورت ۽
موجوده عائلي نظام‘، ’نڪاح حلاله ۽ جديد دور‘،
’طلاق ۽ خلع‘ موجوده قانون ۾‘، ’قرآن جي نزولي
ترتيب‘، ’حديث ۽ اصول حديث‘،-ان طرح ’اجتهاد جا
اصول‘، ’اجتهاد جا حدود‘، ’قانون تعزيرات‘، ’اسلام
۽ مارڪسزم‘،-’اسلام جو نظام اقتصاديات، جديد دور
۾‘،-’اسلامي زنده قدرون‘، ’اسلام ۽ دور جديد جا
الجهيل مسئلا‘،-ان طرح، ’اسلام ۽ ان جي جامعيت‘،
’اسلام جو نظريه خلافت‘، ’اسلام ۽ نظريه امامت‘،
’اسلامي فڪر جي ارتقاء‘،-’ڇا اسلام جديد دور ۾
قابل عمل آهي؟‘-’تصوف جي ارتقاء‘، ’تصوف ۽ فلسفه
اشراق‘، ’تصوف ۽ ويدانت‘، ’تصوف ۽ قرآن‘، وغيره.
ان طرح ٻيا ڪيئي علمي ۽ سائنسي مسئلا آهن، جي هن
جديد دور ۾ اهل-اسلام کي حل ڪرڻا آهن. اميد آهي
ته آئينده انهن مسئلن متعلق به اهڙن زرين موقعن
تي، علمائي اسلام کان ڪجهه استفادو ڪيو ويندو، ۽
اهڙو انتظام اگر سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ٿئي ته
چڱو، في الحال جو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو غنيمت آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽي ۽ سندس رفيقن، ٻه رسالا
پڻ شايع ڪيا، جي آهن ”ارمغان“ به ”يادگار جشن“،
”ڪل پاڪستان تعلميات اسلامي ڪانفرنس 1963ع“-اهو
اردوءَ ۾ آهي ۽ ٻيو ’سطعات‘ جو انگريزي ۾ آهي.
’ارمغان‘ مختصر رسالي ۾، سنڌ ۽ سنڌي عالمن ۽ سنڌي
مدرسن، ۽ حيدرآباد شهر متعلق مختصر مقالا ڇاپيا
ويا آهن. اهو تعارف اگرچه تمام مختصر ۽ ناڪافي
آهي، تاهم جو ڪجهه کين بجيٽ ۾ مليو، ان حيثيت سان
غنيمت آهي، حالانڪ سنڌ ۽ سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي
عمراني ۽ ادبي حيثيت تي، مدلــّل، جامع ۽ بصيرت
افروز تعارف نامو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شايان شان
شايع ڪرڻ گهربو. ان قسم جا موقعا روز روز ڪين
ايندا آهن، ٻين خرچن، ڀاڙن ڀتن، طعام ۽ قيام جي
انتظام، پنڊالن جي تيزئين ۽ آرائش کان وڌيڪ؛ هن
اهم ڪم تي توجهه ڏيڻ گهرجي ها. ٻيءَ حالت ۾ ايتري
مختصر ڪتابچن جي ڪا خاص ضرورت ته ڪانه هئي!_’سنڌ‘
۽ سنڌ جي تهذيب، کي دنيا ڄاڻي به ٿي ۽ سڃاڻي به
ٿي. اسان جو عرض آهي ته آئينده انهن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ
کان ڪيٻائڻ نه گهرجي.
ان سلسلي ۾ انگريزي رسالو ’سطعات‘، به قابل قدر
آهي، پر اهو به مختصر!_ خرچ ان لاءِ به شايد گهٽ
هو.
اسان کي ’ارمغان‘ لاءِ رڳو ايترو عرض ڪرڻو آهي ته
اگر زياده خرچ جي گنجائش نه هئي، ته پوءِ به
جامعيت سان، تاريخي دورن مطابق، فن وار ۽
سلسليوار، سنڌ جي قديم تهذيب و تمدن کان وٺي،
فتوحات اسلاميه جي مختصر جائزي وٺڻ کان پوءِ؛
اسلامي دور جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ها. فقط نالن
ڳڻائڻ ۽ بزرگن ۽ عالمن ۽ مدرسن جي فهرستن شايع ڪرڻ
کان وڌي ڪري؛ سنڌي علماء جي ’انفراديت ۽ مجتهدانه
حيثيت‘ تي ڪجهه لکيو وڃي ها. سنڌ جي عالمن جي
انهن فقهي موشگافن کي پيش ڪيو وڃي ها، جن مسئلن ۾
هو باقي ’فقهاءِ ائمه‘ سان اختلاف رکن ٿا. ان طرح
تفسير، حديث، فقہ ۽ تصوف متعلق معياري، محققانه،
مستند ۽ معتبر پيشڪش جو شايع ڪرڻ لازمي امر هو.
هن ’ارمغان‘ ۾ ’تعارف‘ اگر سنڌ، جو مقصود آهي ته
پوءِ ان ضمن ۾ فقط مخدوم امير احمد صاحب جا 4
مضمون آهن، سنڌ، حيدرآباد، سنڌ کي ديني کتب خاني،
سنڌ کي چند مشهور علماء- مزو اهو آهي ته مضمون
نگار هڪ آهي، پر اهو به غنيمت سمجهڻ گهرجي. حالانڪ
يونيورسٽيءَ جي فاضل اساتذه بزرگن کان مختلف النوع
موضوعات تي مضمون لکائجن ها. ٻيو نه ته ڊاڪٽر بلوچ
صاحب کان مدد وٺجي ها. اگر اتي به پهچ مشڪل ٿئي
ها، ته پوءِ ’سنڌي ادبي بورڊ ۽ ادارهٰ مهراڻ‘ به
پري ڪين هئا!- رڳو ’الوحيد جو آزاد نمبر‘ اڳيان
رکي ٻه چار سلسليوار مضمون لکجن ها ته به فني ۽
تاريخي اعتبار سان، هڪ مستقل باب بنجي پوي ها.
صفحات جي ڪوتاهيءَ جي ڪري، مخدوم امير احمد صاحب،
ڪو به بحث جامعيت سان نه ڪري سگهيو آهي، ان جي
شڪايت ڪنهن سان ڪجي!
ٻيو ته اردو زبان، جنهن معيار تي اڄڪلهه لکي وڃي
ٿي، اها به ارمغان ۾ موجود نه آهي، ان لاءِ تمام
ضروري هو ته ان حيثيت سان ’شعبهء اردو‘ کان تصحيح
ڪرائجي ها. ان ۾ ڪو به عيب نه سمجهڻ گهرجي ها.
هڪ سنڌيءَ ۽ اهل-زبان جي انشاء ۾، هر حال ۾ فرق
رهڻو آهي، رڳو لفظن جي ادائگيءَ ۽ مواد جي
موجودگيءَ کي ترجيح ته ڏيڻ گهرجي ها. ان طرح هر
هنڌ ’پاٽ‘ کي ’پاتر‘ لکڻ به ذوق سليم گي گوارا نٿو
لڳي. اردوءَ ۾ ’پاٽ‘ کڻي لکجي ها ته به صحيح رهي
ها! باقي مواد معلومات افزا آهي. اميد ته اها
تلافي ضرور ڪئي ويندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جا ارباب
بست و ڪشاد، تذڪره مشاهير سنڌ، لکائي سنڌي عالمن
جي فن ۽ ديني خدمات تي ڪا جامع ۽ مستند چيز پيش
ڪندا.
ان طرح ’سطعات‘ پنهنجي مواد جي حيثيت سان بلند
آهي. ان جا مباحث ۽ موضوعات، علمي ۽ معياري به
آهن، ۽ لکندڙ به فاضل دقت پسندا معلوم ٿين ٿا.
’سطعات‘، جو تائيٽل، جنهن تي ’گنبد خضريٰ، ڇاپيل
آهي، ۽ ان مان ست ڪرڻا ڪڍيا ويا آهن، هر هڪ ڪرڻي
سان، هر مذهب جو مذهبي نشان پڻ ڇاپيو ويو آهي،
افسوس اهو آهي ته اڄڪلهه جي سطحي ۽ قدامت پسند
گروه جي ڊول ۾، ڪورت جي علامات متعلق زندقه ۽
لادينيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ايندوئي ڪونه! اهي ست
نشان آهن،. ’صيلب‘،- يهودين جا ست ابعاد،-ٻڌ ڌرم
جو هشت مارگ،-هندن جو ’اوم‘- چين جو ظلمات ۽ نور
جو نشان، ۽ جپاني مذهب شنٽو جو ’دروازو‘.
انهن نشانن جو گنبد خضريٰ مان نڪتل ڪرڻن ۾ بيهارڻ
مان مقصد آهي؛ اسلام جي جامعيت ۽ سڀني مذهبن جي
اصولن ۽ صحيح تعليمات جي تصديق. ۽ سڀني مذهبن،
سندن پيشوائن ۽ سندن تعليم جي احترام ڪرڻ ڏانهن
اشارو.
ڪاش اڄڪلهه جا عالم سڳورا، اسلام جي عالمگير ۽
جامع حيثيت کي سمجهي سگهن. ان طرح سطعات ۾ ’اطلبو
العم ولوڪان باالصين‘ کي هڪ هنڌ حديث، ڪري آندوويو
آهي، حالانڪ معنوي حيثيت سان صحيح آهي، پر فن جي
حيثيت سان موضوعات ۾ شمار ڪئي ويئي آهي.
ان طرح هڪ هنڌ ’من عرف نفسہ فقد عرف ربہ‘، کي به
’حديث‘ ڪري آندو ويو آهي. حالانڪ اهو قول آهي.
بهرحال ارمغان، کان ’سطعات‘ جو پايو بلند آهي،
اگرچه آهي اهو رسالو به مختصر!
هن سلسلي ۾ اسان مسٽر رضي الدين صديقي وائس
چانسيلر، ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي صاحب، ۽ سندن رفقاء
ڪار، منتظمين، اراڪين کي مبارڪ ڏيون ٿا جن هيڏي
ڪانفرنس جو انتظام سنڀاليو. خواجه احمد علي،
مهمانن جي خاطر داريءَ، رهائش، ۽ سندن اچڻ وڃن جي
انتظام متعلق بهترين نطام رکيو. ان کان سواءِ
يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ عظيم الشان پنڊال ۽
مندوبين ۽ سامعين جي نشت جو انتظام به سندس حوالي
رهيو. اهڙيءَ طرح مندوبين جي مقالات کي جمع ڪرڻ ۽
انهن جي ڇپائي ڪرائڻ، به سندس ئي ذميدارين ۾ هو__
ان طرح سيد پناهه علي شاهه صاحب، ڪانفرنس متعلق
دعوت ناما ۽ اشتهار ڇپايا، ۽ پوري ملڪ جي مشاهير ۽
علماء اهل ذوق تائين، جنهن سهڻي نموني ۾ پهچايا،
ان جو داد ڏيڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح مسٽر
حيسباڻيءَ، به پوري جدوجهد ۽ جانفشانيءَ سان رات
ڏينهن ڪانفرنس جي ڪم ڪار ۾ پاڻ پتوڙيو، مختلف حلقن
۾، مقررين کي پهچائڻ ۽ انهن جي خاطر داري ڪرڻ سندس
حسن انتظام جو ثبوت آهي.
نوجوان ۽ باحوصله پروفيسر عبدالوحيد صديقيءَ سان
گڏ سيد احمد اقبال ۽ امام بخش ملاڻا به مبارڪ جا
مستحق آهن، جن سطعات، جي ترتيب ۽ طباعت ۾ پنهنجي
حسن ذوق جو ثبوت ڏنو آهي. نهايت معياري ۽ جذب
نگاهه مخزن ڇاپائي، تقسيم ڪئي اٿن.
اهڙيءَ طرح اردو رسالي ”ارمغان“جي ترتيب ۾؛ سيد
پناهه علي شاهه، مخدوم امير احمد صاحب، صغير الدين
عزيزي ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽو صاحب مبارڪ جا مستحق آهن،
جن مختصر ۽ جامع رسالي ۾، سنڌ ۽ ان جي علماء ڪرام
جو تعارف ڪرايو آهي.
وري به کين مبارڪ ڏيندي عرض ٿا ڪريون ته شال سندن
جدوجهد سان، تعليمي ادارن ۾ ديني ۽ اسلامي ماحول
پيدا ٿئي، ۽ ذهن و فڪر جي ارتقاء ۽ پاڪيزگيءَ سان
گڏ، عمل ۽ اخلاق جي حيثيت سان به نئون نسل وڌي،
ويجهي ۽ ملت لاءِ قابل فخر سرمايو بنجي.
آخر ۾ ايتري ڳالهه ضرور ڪبي ته سنڌ جي علماء مان
ڪو به ’عام-خطاب‘ لاءِ اسٽيج تي ڪونه آيو. نڪو
مولانا چشتي ۽ نڪو مولانا عبدالحق رباني. ان طرح
مولانا يوسف بنوري، مولانا ظفر احمد عثمانيءَ پارا
علماء به حاضر ڪين رهيا. حالانڪ انهن کي به دعوت
موڪليل هئي. سنڌي عالمن کي ته نمايان بهرو وٺڻ
گهرجي ها! جي ’باب الاسلام‘ سان نسبت رکن ٿا!_
يونيورسٽيءَ کان غير متعلق اشخاص مان جناب سيد
حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، سقابق ايم، ايل، اي سنڌ،
خاص مبارڪ جو مستحق آهي. جنهن شخصي طور علماء ڪرام
جي خرچ پکي لاءِ، سنڌ ۽ حيدرآباد جي اهل-خير
حضرات کان، پنهنجي ذاتي واقفيت سان، هزارين روپيا
جمع ڪري ڏنا. ڇو ته يونيورسٽيءَ جي پاران، ان
سلسلي ۾، علماء جي خرچ ۽ طعام و قيام لاءِ ڪنهن به
انتظام جي گنجائش ڪانه رکي ويئي هئي. شاهه صاحب،
جي ان مخلصانه خدمات جو ذڪر، افسوس آهي ته ڪنهن به
منتظم نه ڪيو آهي.
ان طرح حضرت شاهه صاحب جي ترغيب تي، انڊس گلاس
ورڪس حيدرآباد، ۽ فتح ٽيڪسٽائل مل حيدرآباد پڻ مند
و بين لاءِ طعام جو بندوبست ڪيو، اهي به مبارڪ جي
لائق آهن. انشاءالله، ڪي معياري مقالا ايندڙ پرچن
۾ ڏيندا رهنداسون. __غ، م، گ.
ويهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه
(15، 16-ڊسمبر 62) (زيراحتمام جميعت الشراء سنڌ)
16،15-ڊسمبر 1962ع تي ويهين (20) سنڌي ادبي
ڪانفرنس جو پهريون اجلاس نئشنل اسٽيڊيم ميدان تي
زير صدارت جناب عبدالمجيد خان افغان ڊپٽي ڪمشنر
صاحب لاڙڪاڻي جي ٿي گذريو. هن اجلاس جي صدارت جناب
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن کي ڪرڻي هئي پر
سندس عدم موجودگيءَ سبب تبديل ڪئي ويئي. هي اجلاس
جناب غلام مصطفيٰ دادوي جي تلاوت ڪلام پاڪ ڪرڻ سان
ٺيڪ ساڍي 6 بجه شام کان شروع ٿيو جنهن جي شروعات ۾
جناب عبدالفتاح ’عبد‘ عاقليءَ چيئرمئن استقباليه
خطبه پڙهيو ۽ ان بعد جناب افغان صاحب صدارتي
تقرير ڪرڻ فرمائي. تنهن بعد طرحي مشاعره جناب
علينواز ’وفائي‘جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن جي
مصرع طرح هن ريت هئي ته_
”ڪندس جان قربان وطن تان، زبان تان.“
طرحي شعر، شروعات ۾ جناب محمد علي جوهر پڙهيو. ان
بعد صالح شاهه ’بادل‘ ڪراچي، جناب رشيد احمد
لاشاري ڪراچي، جناب ’آتش‘ ڪراچي، جناب محمد رمضان
’راز‘ ٽنڊو رحيم يار خان، جناب سليمان ’ناظم‘،
جناب نياز صاحب ڪراچي وارن پنهنجا طرحي ڪلام پيش
ڪيا. چند منٽن جي وقفي ۾ ٻن ڪاليجي شاگردن اشرف
علي ۽ اڪرم علي سنڌي سازن تي شاهه صاحب جي ڪلامن
جون ٻه ڌُنون پيش ڪيون. وقفي بعد ڪانفرنس جي جنرل
سيڪريٽريءَ ماستر غلام دستگير، طرحي مشاعره جو
اعلان ڪيو ۽ جناب مولا بخش فدا ڏوڪري واري پنهنجو
ڪلام پيش ڪيو. ان بعد جناب ’ساجد‘ سرشاري ڪراچي،
’نسيم‘ صاحب ڪراچي، جناب استاد بخاري دادو، مولوي
غلام سرور صاحب عاقلي، جناب ’نشتر‘ ناٿن شاهي،
’مومن‘ مليرائي، حڪيم محمد صادق ’طالب‘ ناٿن شاهي،
جناب محمد رمضان ’آزاد‘، ماستر علي حسن ’گدا‘،
جهامنداس ’عاشق’ شڪارپور، ’نياز‘ رجباڻي شڪارپور.
عليشير ’راز‘ مشتاق علي ’وفا‘، ممتاز علي ’ممتاز‘،
جناب ’امير‘ قريشي جنرل سيڪريٽري جمعيت الشعراءِ
سنڌ ۽ جناب ’فيض‘ بخشاپوري پنهنجا بينظير شعر پيش
ڪري خراج تحسين حاصل ڪيو. هن مشاعري جي نشست جي
ڪاميابي جي تعريف ايتري قدر ٻڌڻ ۾ ٿي آئي جو ڄاڻو
حلقا هن کي پهريون مثال چئي رهيا هئا ۽ واقعي هيءَ
نشست تعريف جي قابل هئي، جيڪڏهن ڪا ڪمي محسوس پئي
ڪئي وئي، سا جناب مخدوم صاحب جن جي عدم موجودگي
هئي. نشست جي اختتام کان اڳ سنڌي راڳ جي ماهر
فنڪار رسول بخش ڀٽ سکر واري شاهه صاحب جا ٻه ڪلام
پيش ڪيا ۽ ٽيون ڪلام سامعين جي تقاضا تي پيش ٿيڻ
بعد نشست کي، برخاست ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ٻئي
ڏينهن 16-ڊسمبر جي پروگرام جي اعلان ڪرڻ سان
سيڪريٽري سامعين کان رخصت ورتي.
ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن تاريخ 16-ڊسمبر هو. ان کان
اڳ رات جو آسمان مان ڪرم جا ڪڪر تيز هوا سان بوندا
باندي ڪري رهيا هئا جا لاڳيتو جاري رهڻ سبب
ڪانفرنس ۽ ميٽنگن جا هنڌ تبديل ڪيا ويا يعني
مديران جرائد سنڌ جي ميٽنگ 11 بجي صبح تي انصاف
پريس ۾ جمعيت الشعراء جي ميٽنگ مدرسي هاءِ اسڪول
۾ 3 بجي شام کان ۽ ڪانفرنس جي ٻي نشست به ساڳئي
هال ۾ 8 بجي رات کان مقرر ڪئي ويئي.
ٺيڪ 11 بجي صبح جو انصاف پريس ۾ انجمن مديران
جرائد جي ميٽنگ جناب علينواز ’وفائي‘ جي زير صدارت
منعقد ٿي جنهن ۾ انجمن جي تنظيم ۽ رجسٽر ڪرائڻ جا
فيصلا ڪيا ويا. ان بعد چار اهم ريزوليشن پاس ڪري
پوڻين 3 بجي ڪاروائي ختم ڪئي ويئي.
ان بعد 3 بجي منجهند کان مدرسه هال ۾ ’جمعيت
الشعراء سنڌ‘ جي ميٽنگ زير صدارت ’فيض‘ بخشاپوري
نائب صدر جمعيت جي شروع ٿي صدارتي ڪرسي والارڻ شرط
جناب ’فيض‘ صاحب تقرير ڪندي، جناب مخدوم صاحب جن
جي عدم موجودگيءَ تي غم جو اظهار ڪيو. جناب ’امير‘
قريشي جنرل سيڪريٽري ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ تقرير
دوران ٻڌايو ته مون کي فقط سفيد ڪاغذ تي چارج ملي
آهي. اڳوڻو سمورو رڪارڊ اڳئين سيڪريٽري جناب اظهر
گيلاني صاحب وٽ آهي.
جناب سيد جمال الدين بخاري، امير قريشيءَ بعد
فرمايو ته جمعيت جو روح لاڙڪاڻو شهر هو، مرحوم
حاجي محمود ’خادم‘ جنرل سيڪريٽري جا فرائض محبت ۽
خلوص سان بجا آڻي ميمبرن سان رابطو قائم ڪندو هو.
لاڙڪاڻي جي هن ويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جمعيت جي
تنظيم لاءِ ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو تيار ڪري ڏنو
آهي.منزل تي پهچڻ لاءِ نئين تنظيم ۽ ضابطي لاءِ
ڦيرڦار جي وڏي ضرورت آهي.
جناب رشيد احمد لاشاري، بخاري صاحب جي تجويز سان
متفق ٿي سندس تائيد ڪندي فرمايو: اڳ جمعيت جي ڪوشش
سان ’اديب سنڌ‘ گل دستو ۽ ٻيا ادبي ڪتاب ۽ رسالا
نڪرندڙ هئا. پر گذشته ڪيترن سالن کان عهديدارن
ڪڏهين تنظيم لاءِ سوچيو به ڪو نه آهي، جنهنڪري
سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. عهدن کي چهٽي پوڻ
نه گهرجي پر قومي مفاد کي برقرار رکڻ خاطر فقط
خدمت کي آڏو رکڻ گهرجي. هن وقت خبر ڪانه آهي ته
جمعيت جو مرڪز ڪٿي آهي، جيستائين مرڪز قائم نه ٿي
سگهيو آهي تيستائين ڪو به عملي قدم کڄي ڪونه
سگهندو. ان ڪري، تجويز آهي ته ڪراچي، حيدرآباد يا
لاڙڪاڻي ۾ مرڪز قائم ڪيو وڃي. لاشاري صاحب به
محمود ’خادم‘ جي خدمات کي ساراهيو، جناب مولوي
غلام مصطفيٰ دادوي، پنهنجي تقرير دوران هن ويهين
سنڌي ادبي ڪانفرنس جي اڻٿڪ ڪوشش بابت ماستر غلام
دستگير، باني ِ ماسٽر ۽ مخلص رضاڪار جي همت تي کيس
مبارڪباد ڏيندي فرمايو: ته سندس ڪوششن سان جمعيت
جي تنظيم ۽ عملي پروگرامن جو هي بهترين موقعو پيدا
ٿيو آهي. تنظيم بابت مولوي صاحب فرمايو ته ضلعيوار
ڪميٽيون ٺاهي ڪم شروع ڪجي، ساجد، سرشاري، مولوي
دادويءَ جي تجويز جي تائيد ڪندي فرمايو ته
جيستائين اسان جا شعراء ۽ اديب پاڻ ۾ سادگي پيدا
نه ڪندا تيستائين ترقي مشڪل آهي. ڏسجي ٿو ته ادبي
ڪانفرنسون نهايت مهانگيون ثابت ٿيون آهن، جنهنڪري
ڪو به مخلص ڪوٺائي نٿو سگهي، منتظمين تي کاڌي جو
بار وجهڻ ختم ڪريو، جيڪڏهن اسان ڀاڙا خرچ ڪري
سگهون ٿا ته پوءِ کاڌو به پاڻ کائي ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿي سگهون ٿا. تنظيم تي زور ڏيندي هن صاحب پڻ هن
ڪانفرنس ڪوٺائيندڙن جو شڪريو بجا آندو.
جناب عبدالفتاح صاحب ’عبد‘ عاقليءَ، تقرير دوران
هن جي مخالفت ڪئي ته ڪن دوستن پاران جماعت جي نالي
تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏنل هئي. هن چيو ته هي نالو
انهن بزرگ هستين جو رکيل آهي، جنهن کي اسان ڪڏهن
به فراموش ڪري نٿا سگهون.
آخر ۾ جناب ’فيض‘ صاحب تنظيم تي زور ڏنو ۽ اپيل
ڪئي ته شعراء ڪرام بيحد دلچسپي وٺي ’جمعيت‘ کي
رجسٽرڊ ڪرائين. ان بعد قريشي صاحب ريزوليشن پيش
ڪيا جي چند ترميمن بعد يڪراءِ بحال ڪيا ويا.
ٺهراءَ:
_ پهرئين ٺهراءَ ۾، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان،
مسٽر ذالفقار علي ڀٽي، سنڌ جي صحافين، رسالن،
شاگردن ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو ويو، جن جي ڪوششن
سان سنڌي زبان کي سندس حق مليو.
_ ٻئي ٺهراءَ ۾، حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌي
زبان کي هن علائقي جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي.
_ ٽئين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته سنڌي اسڪولَ،
جي زبون حالت ۾ آهن تن جي حالت بهتر بڻائي وڃي ۽
جيڪي ڪن سببن جي ڪري بند ڪيا ويا آهن تن کي وري
جاري ڪيو وڃي.
_ چوٿين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته جيئن ”ماه
نو“ (بنگالي) رسالو اتان جي هڪ ادبي جماعت جي
حوالي ڪيو ويو آهي، تيئن جمعيت الشعراءِ سنڌ کي به
هڪ ادبي رسالو ڏنو وڃي.
_ پنجين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته لسٻيلي،
تحصيل نصيرآباد ۽ ڪن ٻين جڳهين تي، جتي سنڌي
ڳالهائي وڃي ٿي، اتي به ابتدائي سنڌي اسڪول کوليا
وڃن.
_ ڇهين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته حيدرآباد
ريڊيو اسٽيشن جي توسيع ڪئي وڃي ۽ سنڌي پروگرامن کي
وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. ساڳيءَ طرح ڪراچي ريڊيو اسٽيشن
تان به سنڌي زبان ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن.
_ ستين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته سنڌيءَ جي
شاگردن کي به ٻاهرين ملڪن لاءِ وظيفن ۽ ڪاليجن جي
داخلا وغيره ۾ پوري نمائندگي ڏني وڃي.
_ اٺين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته اردوءَ ۽
بنگاليءَ وانگر سنڌي زبان ۾ به اطلاعاتي فلمون
بڻايون وڃن.
_نائين ٺهراءَ ۾، مطالبو ڪيو ويو ته ٻين ادارن
وانگر جمعيت الشعراءِ سنڌي کي به گرانٽ ڏني وڃي.
_ ڏهين ٺهراءَ ۾، ’فيض‘ بخشاپوريءَ کي هڪ سؤ رپيا
ماهوار وظيفي مقرر ڪري ڏيڻ تي صدر مملڪت فيلڊ
مارشل محمد ايوب خان جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ هن
علائقي جي ٻين مستحق اديبن لاءِ به وظيفي جو
مطالبو ڪيو ويو. (ياد رهي ته مولائي شيدائي ۽
عبدالڪريم گدائيءَ جا وظيفا نئين سر جاري ٿي چڪا
آهن)
مديران جرائد سنڌ جي اهم نشست.
20، آل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه جي پهرين نشست
کان پوءِ، انجمن مديران جرائد سنڌ، جو هڪ اهم
اجلاس، انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻه ۾، انجمن مديران
جرائد سنڌ جي صدر مسٽر علي نواز وفائيءَ، ايڊيٽر
’آزاد‘ (هفتيوار) ڪراچيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري.
گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هڪ ”انقلابي دستور“ ٺاهڻ
لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جا انجمن جي اغراض و
مقاصد جي پڌرائيءَ واسطي، سنڌ جي مختلف علائقن جو
دؤرو ڪندي. ان کان پوءِ هيٺيان ٺهراءَ يڪراءِ بحال
ڪيا ويا:
1_پهريون ٺهراءُ سنڌي زبان بابت هو. جهن ۾ سنڌيءَ
کي هن علائقي جي سرڪاري زبان بنائڻ واسطي حڪومت
کان مطالبو ڪيو ويو هو.
2_’گيان باغ‘ لاڙڪاڻي جو نالو بدلائي سنڌ جي نامور
اڳواڻ مرحوم ’جان محمد‘ جوڻيجي جي نالي تي رکيو
وڃي.
3_سنڌ جي ٽن نامور اديبن مولائي شيدائي، فيض
بخشاپوري ۽ عبدالڪريم گدائيءَ کي ماهوار هڪ هڪ سؤ
رپيا وظيفي ڏيڻ تي صدر مملڪت فيلڊمارشل محمد ايوب
خان جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ درخواست ڪئي وئي ته
سنڌ جي ٻين مستحق اديبن کي به وظيفا ڏنا وڃن.
ڪانفرنس جي آخرين نشست 8 بجه رات مدرسي هاءِ اسڪول
هال ۾ ٿي جنهن ۾ غير طرحي مشاعرو ٿيو. هيءَ نشست
رات جو هڪ بجه تائين هلندي رهي. اختتام تي ڪانفرنس
جا سمورا اجلاس نهايت خيروخوبيءَ سان ختم ٿيا.
مهمان حضرات منتظمين جي انتظام کي ساراهيندي سندن
شڪريه بجا آڻيندي واپس وڃڻ لاءِ کانئن ڀاڪر پائي
موڪلايو ۽ چيو ته زنده رهياسون ته پيا ملنداسون.
ڪتابن جي بين الاقوامي نمائش:
ڊسمبر 1962ع جي پهرئين هفتي ۾، اولهه پاڪستان جي
اداري ’قومي تعمير نؤ‘ جي ڪوششن سان لاهور ۾ ڪتابن
جي بين الاقوامي نمائش منعقد ٿي.
پاڪستان کان علاوه ڪل ڏهه ملڪ نمائش ۾ شريڪ ٿيا:
برطانيا، روس، چين، متحده عرب جمهوريه، اولهه
جرمني، جپان، چيڪوسلواڪيا، فلپائننس، آمريڪا ۽
يوگوسلاويا.
پاڪستاني ناشرن مان چوڏهن ادارا نمائش ۾ شريڪ
ٿيا: سنڌي ادبي بورڊ، آئينه ادب، عبدالمجيد خان ۽
ڪمپني، ڊپارٽمينٽ آف فلمس پبليڪيشن، فيروزسنس،
اداره ثقافت اسلاميه، ڪراچي ايڊيوڪيشن سوسائٽي،
لانگ مئن گرين ائنڊ ڪمپني، مڪتبه فرئنڪلن، آڪسفورڊ
يونيورسٽي پريس، پاڪ-آمريڪن پبلشنگ انڪ،
پاڪستان-لا هائوس، پيپلس پبلشنگ هائوس، ۽ ويسٽ
پاڪستان پبلشنگ ڪمپني، يونيسڪو.
|