سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :6

غزل

پساهن ۾ توکي پُڪاري وياسين،

ڦٽل ڀاڳ پنهنجو سنواري وياسين.

 

پِيڻ ۽ پِيارڻ جي حسرت رهائي،

سِڪِي توڏي ساقي! نهاري وياسين.

وڇوڙي جون ويلون ۽ گڏجڻ جون گهڙيون،

وساري وياسين، وساري وياسين.

 

اوهان جي اکين ۾ چتائي نهاري،

خُمارين سندو کيپ کاري وياسين.

اسان آئيندي کي به ’اڄ‘ ۾ مٽايو،

وِيل ويل جي واڳ واري وياسين.

 

نه ٻُوٽو ٻريو ڪو به جڏهين ٻين کان،

ٻري پاڻ، ٻارڻ ڪو ٻاري وياسين.

خِضر خوف کان ڏور ڏڪندو ڏٺوسين،

ٻُڏل ٻيڙي لهرين مان تاري وياسين.

 

سَسُئيءَ ساڻ ساڻي سفر ۾ ٿياسين،

پَهَڻ پَٻّ جا سڀ پگهاري وياسين.

سوين قافلا راهبر ويا ڦُرائي،

اسين چار ڪرها قطاري وياسين.

دو رنگي هي دنيا آ ڌُوتِي ڌمالڻ،

وجهي ڌُوڙ تنهنکي ڌِڪاري وياسين.

ڀريسين نه دنيا ۾ ڪنهن جي ڇهه – آني،

صفا لا اُبالي ٿي گهاري وياسين.

 

ڌرم دين جا پاسبانو! سنڀاليو!

سچو دين سڀ کي سيکاري وياسين.

نه فتويٰ جا زنجير هاڻي پکيڙيو،

ڳچين جا سڀئي ڳٽ ڳاري وياسين.

 

اوهان جي پٺيان هاڻ ڪوئي نه ايندو،

اسان واٽ حق جي ڏيکاري وياسين.

نماڻن سان ”نقاش“ جيان نينهن لائي،

هٺيلن سندي هوڏ هاري وياسين.

=

تنهنجو نالو ماکيءَ لار،

صورت تنهنجي اکڙين ٺار.

 

تنهنجي اُلفت جيءُ جيار،

سونهن – ننگر جو تون سينگار.

سُرها، سنهڙا، ارڏا يار،

تون آهين ڄڻ مينديءَ ڏار.

 

من کي موهيو تنهنجي مُرڪ،

دلڙي واڳِي تنهنجي پيار.

اڻ پيتي مان ٿيس اَلُوٽ،

خاصو بخشيئه خوب خمار.

جي ٿو پل تون ڌار ٿئين،

رُسي وڃي ٿو قلب قرار.

مون ريءَ ٻئي جو ڪين ٿجانءِ،

توڙي حيلا هلن هزار.

 

کر کامي شل خاڪ ٿئين،

ڏسي اسانجو برهه، بهار.

نينهن نباهيندو ”نقاش“،

توکان ڪڏهن نه ٿيندو ڌار.

”ذوالفقار“ راشدي

غزل

سوچيان ٿو ته مَري جي ويندس، مون تي رُئندو ڪيرُ،

منهنجا پنهنجا اڳي مري ويا، باقي سڀڪو غيرُ.

 

منهنجي بُٺيءَ تي ڪوئي ڏيئو ٻاري يا نه ٻاري،

مُئي پڄاڻان ڪهڙي ڳڻتي، سانجهي آ ڪ سوير؟

 

اڻڄاتو آ پنڌ، الائي ڪٿي وڃي ٿئي ڇيهه،

پويان ايندڙ لَهي نه سگهندو تنهنجو منهنجو پيرُ.

 

موت نڄاڻان ڇا هي، ڀائو، باهه جو ڪو ڀنڀٽ،

آيا لَهس لپيٽ ۾ جيڪي، بڻيا خاڪ جو ڍيرُ.

 

ڪولاچيءَ ۾ ڪُن ۾ ڪاهي ڪئي گهاتو گهوٽُ،

اجگر سامنهن سينو ساهي، مانجهي مُڙس مٿيرُ.

 

جذبن جي جو ڊَهه جهَلي سو آهي ڪو شهزور؟

احساسن جي ڄِڀَ وَڍي سو هوندو ڪو لکميرُ؟

 

اَندرَ جي جو اکِ ڪڍي، ڏِئي اُڌمن کي آرانڀي،

بارودن کي باهه ڏَئي پوءِ ڪونه بچيو مهميرُ.

 

سامنهن ڇاتي آهي، هچارا، ٺاهي جوڙِ ڪمان،

باقي آهي بچيل جي تنهنجي تُرڪش ۾ ڪو تيرُ.

 

غيرت جهڙو، سنڌو! ٻيو ڪو ٿيندو دين ڌرم؟

دَيوسيءَ جي پِٽَ نه لاهي ڪوئي پيرُ فقيرُ.

ڪوئي مائيءَ لال نه ڳاڙي مون تي ڳوڙهن – بوندَ،

ڀل ڪو دودو رَتُ ڇَٽائي، ڌرتيءَ جو ٿئي ويرُ.

 

ڪهڙي ڪنبڻي آهي اجل کان موت ته ايندو نيٺ،

مُڙس مُئو جي ڇاهي، پيارا، مري نه شامل ضميرُ!

علي محمد خالدي (مرحوم)

گنجو ٽڪر

سرزمينِ سنڌ ۾ آهي ٽڪر گنجو ٽڪر،

سوز و سڪ کان چوطرف آهي پڌر گنجو ٽڪر،

دل جليل ۽ سوخته جان و جگر گنجو ٽڪر،

وحشت و ديوانگيءَ ۾ چشمِ تر گنجو ٽڪر،

شمع وانگر آهي ڏسبو تا سحر گنجو ٽڪر.

 

نينهن کي آهي نهائينءَ ۾ پچائڻ واسطي،

دل جي ڪَٽ ۽ هوڏ هستيءَ کي مٽائڻ واسطي،

ڦيٽ ۽ ميرائي من جي کي وڃائڻ واسطي،

باهه ڏيئي برهه جي ”ڪُل سچ“ بنائڻ واسطي،

هنڌ آهي هر طرح موزون تر گنجو ٽڪر.

 

ٿا ٿين نروار نڪريو نينهن ۾ نانگا جڏهن،

سنگ، سياڪا ڇڏيو سر ساهه جا سانگا جڏهن،

ٿا اکين اڳيان اچن اوڙاهه تڙ تانگا جڏهن،

پار اُڪريو ٿا پون خوفائتا لانگها جڏهن،

ٿو ٿئي تڏهين انهن جو راهبر گنجو ٽڪر.

 

سڀ ميّسر ٿا شريعت جا ٿين اسباب هت،

ٿا وڃن پورا طريقت جا پڙهايا باب هت،

ٿا پون سَهڻا حقيقت جا هزارين تاب هت،

معرفت جا ٿا ملن نسخا سوين ناياب هت،

وصل جي وادئ جو آهي سنگِ در گنجو ٽڪر.

خودنمائيءَ کان صفا انسان جي ٿو دل ڪري،

ٿو پچائي پِرت ۾ پاڪيزه آب و گِل ڪري،

حق سان هڪ ٿي وڃڻ جي لاءِ ٿو قابل ڪري،

يعني انسان کي خدا سان ٿو ڇڏي واصل ڪري،

پِرت جي پالوٽ کان آهي پڌر گنجو ٽڪر.

 

تو وجود انسانَ جي کي نيستيءَ سان نم ڪري،

ڳاٽ اوچا عمر ڀر لاءِ ڇڏي ٿو خَم ڪري،

غم خوشيءَ کي ٿو ڪري ۽ ٿو خوشيءَ کي غم ڪري،

جامِ جم ٿو زهر ۽ ٿو زهر جامِ جَم ڪري،

صوفيانه ٿو رکي هردم نظر گنجو ٽڪر.

 

آدميءَ کي تارڪ الدنيا بنائي ٿو ڇڏي،

طالبِ خالق کي خالق سان ملائي ٿو ڇڏي،

مان ۽ تون جي فرق کي وچ مان وڃائي ٿو ڇڏي،

خالق و مخلوق جو ويڇو وڃائي ٿو ڇڏي،

ٿو رکي نس نس ۾ روحاني اثر گنجو ٽڪر.

 

آهي درويشن سندي مشهور بستي سنڌ ۾،

ڪاملن آهي ڪئي پُرنور بستي سنڌ ۾،

برڪتن سان آهي ٿي ڀرپور بستي سنڌ ۾،

نور سان آهي سڄي معمور بستي سنڌ ۾،

رحمتن جو آهي گهر هرهڪ پهر گنجو ٽڪر.

 

عابدن جي واسطي آهي عبادت جي جڳهه،

افضل و اعليٰ ترين آهي رياضت جي جڳهه،

طالبانِ حقّ لئه آهي اعانت جي جڳهه،

صبر و تلقين جي جڳهه، رُشد و هدايت جي جڳهه،

نام وارو، ناميارو، نامور گنجو ٽڪر.

عشق ۾ روحِ بشر جو ارتقا ٿي ٿو وڃي،

عرض تي اُن جو گذر صبح و مسا ٿي ٿو وڃي،

حق لئه حق ڪارفرما ٿي ٿو وڃي،

نور مليو نور سان نورِ خدا ٿي ٿو وڃي،

طورسينا ”خالدي“ آهي دگر گنجو ٽڪر.

ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

ڪافي

محبوب منهنجا ماهرو

 

مون کان ڇو وئين منهنڙو مٽي.

 

 

 

نيڻن جي نازڪ ناز سان،

 

مشڪي عجب انداز سان،

سينگار جي سَو ساز سان،

 

جهٽ پٽ وئين دلڙي جهٽي.

 

 

 

شهباز تنهنجو عشق ٿيو،

 

چائي چنبن ۾ چِت ويو،

هڪڙيئي تنهن حملي ڇڏيو،

 

چيري چٿي ڦاڙي ڦٽي.

 

 

 

سي محفلون سي مجلسون،

 

جن ۾ نه هئي ڪا تون ۽ مون،

افسوس! دلبر، تن سنديون،

 

ڇا کان ڇڏيئي پاڙون پٽي.

 

 

 

آخر ’اسد‘ آيو اجل،

 

مهلت ڏنئين هڪڙي نه پل،

ميٽي سندم خاميون خلل،

 

هيءَ لوڙهه شل لالڻ لٽي.

”سليم“ ڳاڙهوي

سنڌڙي منهنجو ساهه

سنڌڙي منهنجو ساه سراسر سنڌڙي منهنجو ساهه،

سنڌڙي منهنجو موهه برابر سنڌي منهنجو ماه!

سنڌڙي مُنهنجو ساهُ!

 

سنڌڙي منهنجي جِندڙي آهي، سنڌڙي منهنجو مَن،

سنڌڙي منهنجي رت سان رلمل، سنڌڙي منهنجو تَن،

سنڌڙي منهنجو روح بلاشڪ، سنڌڙي منهنجو راهه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

سنڌڙي منهنجي مٺڙي سنڌڙي، سنڌڙي سنڌڙي ڳايان،

سنڌ جو عاشق، سنڌ جو طالب، سنڌ جو خادم آهيان،

چارڻ بڻجي چنگ وڄايان، سنڌڙي منهنجو چاهُ!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

پاڻي جنهن جو امرت ڌارا، فردوسي گلشن،

سونن روپن سنگن اندر ماڻڪ موتي آن،

هر هر هير گهُلي ٿي مِٺڙي، ور ور تي وه واه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

رم جهم رم جهم بادل برسن، جَل ٿَل ساوا کيت،

جهرجهنگ ۾ ٿا جهانگي ڳائن وايون، ڪافيون، بيت،

جنهن ۾ جئرا آهن، سامي، شاه، سچل هرگاه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

سسئي سنڌڙي، سُهڻي سنڌڙي، مومل سنڌڙي مائي،

نوري سنڌڙي، مارئي سنڌڙي، سنڌڙي ٻاگهل ٻائي،

سُونهن ۽ سڪ جو ماڳ ۽ مرڪز، مهر جو منزل گاهه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

سنڌي ٻولي ديس جي دولت، ”سنڌو“ سنڌ جي سينڌ،

ڪاڪ ڪڪوريا مٺڙا ماڻهو، سنڌ جي آس اُميد،

دودا، دريا خان هزارين، هوشو هر همراه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

سنڌڙيءَ ۾ سڀ ظاهر باطن عظمت جا آثار،

سنڌڙيءَ ۾ لک سورهيه سالڪ، مانجهي مڻيادار،

جن جي جرئت آڏو ٿيندو ڪوه به آهي ڪاه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

سنڌڙي منهنجو ساه سراسر، سنڌڙي منهنجي سُونهن،

سنڌڙي منهنجو عشق عقيدت، سنڌڙي وِرد وِرونهن،

سنڌڙيءَ کي سينگاري هردم الفت سان الله!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

 

بيشڪ سنڌ صدين کان آهي قائم خوب قديم،

بيشڪ سنڌ عظيم اسان جي، بيشڪ سنڌ ’سليم’،

صانع جنهن جو ڪامل اڪمل، ٺهه پهه ٺاهي ٺاه!

سنڌڙي منهنجو ساهُ!

”انور“ هالائي

غزل

غيرن کي عشق ۾ نه ڪڏهن رازدار ڪر،

وهم و گمان نه تن جي اڳيان اشڪبار ڪر.

 

صدما سهي سهي نه اکيون اَشڪبار ڪر،

تارن سان داغ دل جا نه هرگز شمار ڪر،

 

تڪميلِ عشق جي ۾ جنون اختيار ڪر،

قدر و قضا سان پنهنجي رضا همڪنار ڪر.

 

رهبر ڪرين ته صرف تون گرد و غبار ڪر،

ٻي ڪنهن تي راهرو! نه ڪڏهن انحصار ڪر.

 

جنهن دل کي پاليو مون گهڻي لاڏ ڪوڏ سان،

کسجي وئي سا هاڻ، نه تون افتخار ڪر.

 

بختِ زبون جي پاڻ کي قابل بنائي ڏس،

سوزِ فراقِ يار ۾ دل بيقرار ڪر.

 

محرومئه نصيب، خوشين کي نه ڳول تون،

مشڪل ۾ ياس و غم تي رڳو اعتبار ڪر.

 

نه غم ڌار آهي نه غمخوار آهي،

حياتي به هاڻي رڳو بار آهي.

 

گُلن ساڻ لازم رهيو خار آهي،

نه گُل تُنهنجو بلبل سدا يار آهي.

 

ڪو جرمِ وفا جو گنهگار آهي،

۽ ڪو بزمِ جانان جو سينگار آهي.

 

مان آهيان ۽ مون سان غمِ يار آهي،

نه ڪو درميان ان جي اغيار آهي.

 

ڀلي رات ساري تون مهڻن سان مارج،

مون کي تنهنجي تڪرار سان پيار آهي.

 

نه تو ۾ رکان ڪا به اميد ٻي مان،

فقط ديد لئه دل طلبگار آهي.

 

هي تنهنجي اچڻ جي سعادت جي باعث،

بيابان ٿيو دل جو گلزار آهي.

 

غلامي قبوليسون ’انور‘ اوهان جي،

حقيقت جو سارو هي اظهار آهي.

”محبوب“ سروري

غزل

جو چوڏهينءَ جو چنڊ آهي ڄڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ،

جنهن ساڻ ثواب آ قرب ڪرڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

جنهن دل جي ڇانوَ ۾ ويهاريو، جنهن درسِ محبت سيکاريو،

جنهن پهرين اُڪاريو پار پتڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

جنهن جي چهري سان آباد چمن، جنهن جي وارن مان وڻ واس وٺن،

جنهن کان ئي سِکيو آ ڊيل ٽِلڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

”سهڻي“ ۽ ”سسئي“ ڪن رشڪ سدا، ”ليليٰ“ به چري، ”مومل“ به فدا،

جنهن جا پَريون چاهن پير چمڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

جنهن مونکي ٻين کان موڙي ڇڏيو، غيرن سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو،

جنهن سيکاريو هڪ در تي جهڪڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

جنهن عشق جي غيرت سمجهائي، جنهن پيار سان دلڙي پرڀائي،

جنهن جا واجب ٿيا احسان مڃڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

 

منهنجو درد اهو ۽ غم به اهو، ’محبوب‘ مٺو، همدم به اهو،

منهنجو جنهن لئه جيڻ ۽ جنهن لئه مرڻ، سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ.

الهداد ”عاصم“

کٽڪو

هي زَبرون هي تبرون –

هي زور آوريون!

هي ٻيڙيون هي ويڙيون –

هي ٽوڙها هي لوڙها!

اُهي ونگ پيرين ۽ هي پيڪڙا –

هي ڪانا ڪرائين هٿين سيڪڙا!

هي دڙڪا هي کُڙڪا –

۽ هيءَ ڇوڙ ٻَڌ!

هي اونداهيون گهاٽيون، هي سوڙهيون کڏيون –

هي ويڙا وهي ڦٽڪا هي سختيون هُڏيون!

هي گهنگهر –

هي ڍنگهر –

هي ڪنڊا سُئا –

۽ ٻوساٽ ٻوساٽ جهڙي هوا –

پري ڪيو!

هٽايو!

هٽايو پري ڪيو –

ته مان ڪجهه چوان!

ته مان ڪجهه لکان!

ڍنڍ ڀر تي

پوتڙين ۾ ڇوڪريون،

چولڙن ۾ ڇوڪرا،

ڪارڙا ۽ ڀورڙا ۽ سانورا هي ٻارڙا

ٻارڙا ئي ٻارڙا!

ڳالهڙيون ئي ڳالهڙيون،

ٽهڪڙا ئي ٽهڪڙا،

پيچرن تي ٻارڙا،

پيچرا ئي پيچرا.

هن طرح هڪڙو نسل اٿي هليو –

ڍنڍ جي ڀر تي.

----------

مينهن اَنڌاري لڙاٽ

ڍنڍ جو پاڻي وڏو

۽ پيچرو سوڙهو

موج مستيءَ ۾ ڪڏندو ٿو هلي منهنجو نسل

ڍنڍ جي ڀر تي.

”ڍنڍ ڀر تي جو ڪڏي، آخر ٻڏي!“

”نعيم“ تقوي

گيت

گيت خوشيءَ جا ڳايون، ساٿي! گيت خوشيءَ جا ڳايون،

ڍولڻ آيا، اچو وڄايون دلڙين جون شرنايون.

 

هِير نچي پئي نار البيلي جان جڳ اندر پيارا،

موٽي آيا ماڳ تي مٺڙا، جن جا مَن اجيارا،

ٻاجهاري ڪئي ٻاجهه، چپن تي آهن قرب جون وايون:

گيت خوشيءَ جا ڳايون.

 

اُتر هوا نازڪ ڪلونتي جيان گهُلي پيئي هر هر،

منهنجي سڪايل جندڙيءَ کي آرام مليو آ هيڪر،

ناز نماڻا ساهه سيباڻا آيا، جشن ملهايون:

گيت خوشيءَ جا ڳايون.

 

من مندر جي ويراني ۾ مُند بهار جي آئي،

دِل جون مکڙيون ٽڙيون خوشيءَ سان ٿي وئي هستي سجائي،

قرب جا سهڻا گل ڦل ”تقوي“ سهڻن کي پارايون:

گيت خوشيءَ جا ڳايون.

غزل

جيجل! تنهنجا نيارا ٻچڙا، مرد مٿير ۽ صاف سچار،

جوڌا دودا، ڳرٽ ۽ ڳڀرو، هوشو پارا مڻيادار.

 

سورهيه سوڍا تنهنجا پٽڙا دولهه ڍولڻ جُنگ جوان،

قرب ۽ مهر وفا ۽ غيرت ساڻ جني جو آهه وهنوار.

 

آڏو جن جي سج ۽ چنڊ ڪَتي ۽ تارا خاڪ جيان،

هوڏ سان تنهنجي هنج ۾ پليا آهن ڪهڙا جلويدار.

 

”تقوي“ جيجل تان ٻچڙن جو تن من ڌن قربان سدا،

آهي دلين ۾ غيرت، عظمت ۽ شوڪت جي سهڻي پچار.

بهاول خان لغاري

ڪافيون

مدد ٿيندئي الله، آس مَ لاهه،

ڪاهي هل تون ڪيچ ڏي.

پنهنجي پنهل تان سسئي، پيارو ڪر نه پساهه . . .

ٻَڌي سندرو سِڪ جو، صدقي ڪر تون ساهه . . .

وٺي واٽ وندر جي، ووڙج تون وڻراهه . . .

’بهاول‘ بدڪارِ سان، هادي ٿيندو همراهه . . .

 

اڪير اندر ۾ اٿم مارن جي،

 

وينديس پنهوارن پار،

وينديس پهنوارن پار،

 

هتي ساريان ويٺي سنگهار.

 

 

 

مند مينهن جي موٽي آئي،

 

ڪيا ڪڪرن ڪارونڀار،

ٿي پَٽن تي وئي گلزاري،

 

ساڻهه ۾ ٿيا سڪار.

 

 

 

ڪوٽن ۾ هت آهيان قيدياڻي،

 

ٻيو نئرن جو آزار،

راتو ڏينهان ٿم روڄ ۽ راڙو،

 

نيڻين وهايان نار.

 

 

 

کاڄ اسان جو سڱر ۽ کنڀيون،

 

پُسي، ڏونرا، ليار،

ڪين پهرينديس پٽ پوشاڪون،

 

مارو ڏيندم ميار.

 

 

 

ويڙهيچن کي ڪئن وساريان،

 

جن سان ڪٽيم ڄمار،

پلپل تن جي ياد ستائي،

 

ڪونهي دل کي قرار.

 

 

 

’بهاول خان‘ جو ڀرم تون رکجان،

 

لالڻ لڄادار،

قيد ڪٽي هن نماڻيءَ نڌر جا،

 

سانگي ميل سَتار.

 

 

 

 

 

عبدالقيوم ”صائب“

ڳالهه ڪندا ها ديوانا

ڪو نيڻ نشيلو هوندو هو،

ڪو انگ سجيلو هوندو هو،

ڪو حسن رسيلو هوندو هو،

ڪو يار رسيلو هوندو هو.

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪنهن پيلي پوتي پاتي هئي،

ڪنهن ميندي هٿ تي لاتي هئي،

ڪا ڦوهه جواني آتي هئي،

ڪا نار سڄي مڌ ماتي هئي،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪي وار وسيهر ٿيندا ها،

واسينگ سندا ور ٿيندا ها،

ڪي ڪاڪل نيئر ٿيندا ها،

ڪي پٽ پٽيهر ٿيندا ها،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪنهن حسن تي آئي سرخي هئي،

ڪا سونهن به ڏيندي مرڪي هئي،

ڪنهن تي ڪا دل سُرڪي هئي،

سوڀيا تي ڪا هرکي هئي،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

ڪا ياد ستائڻ ايندي هئي،

ڪا زخم چڪائڻ ايندي هئي،

ڪا سور سلائڻ ايندي هئي،

ڪا پاڻ نٽائڻ ايندي هئي،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪنهن ڪاڪ تي راڻي ڪاهيو هو،

ڪنهن سونهن تي سينو ساهيو هو،

ڪنهن دل سان ڪنهن کي چاهيو هو،

ڪنهن ڪين ڪنهين سان راهيو هو،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪنهن هار تي هرکي هاريو هو،

ڪنهن هار ڏئي سڀ واريو هو،

ڪنهن سوچي سمجهي کاريو هو،

ڪنهن سوچ سوا خود ماريو هو،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

 

ڪنهن حال سڄڻ سان اوريو هو،

ڪنهن چنگ کڻي ڪو چوريو هو،

ڪنهن ساهه سرن تان گهوريو هو،

ڪنهن جهوناڳڙهه کي جهوريو هو،

هي ڳالهه ڪندا ها ديوانا!

”تاج“ جويو

غزل

اڃا پيار تي وار ٿيندا رهن ٿا،

اڃا سچ تي مچ کورا ٻرن ٿا!

اڃا جاڳ کي آڳ ۾ ٿا جلائن،

اڃا ڏاتِ تي ڪاتَ ڪڙڪن ڪِرن ٿا!

اڃا ساز آوازَ ته آهه بندش،

اڃا هيرَ تي تيرَ تاڻيا وڃن ٿا!

اڃا سوچ ۽ لوچ تي آهه پهرو،

اڃا چَپَ تي چُپ جا تالا چڙهن ٿا!

اڃا گهاٽ تي ڳاٽ گولين سان ڇِلجن،

اڃا آس جا لاش گهاڻي گهُمن ٿا!

اڃا ڏاڍَ جي واڍِ سوگهي سِسين ۾،

اڃا نينهن وارا نظر بند ٿين ٿا!

اڃا سُونهن سختيون سهي پئي، سهي پئي،

اڃا ڪوڙ جا روز ڌوڙيا وَسن ٿا!

اڃا ڪنهن قلم کي عَلم ناهه ٺاهيو،

اڃا ٻول گوليون نه ڪنهن جا ٻُرن ٿا!

اڃا ’تاج‘ سوراج جو ٿيلهجي پيو،

اڃا ٽَهڪ ۽ چَهڪ ڌاريا ڏين ٿا!

 

پَسي چِڪ پنڌ کان نٽائين پيو ٿو،

اڃا پاڻ کي تون سڏائين ٿو سوڍو!

هي گوڙيون گگن ۾، ڇَما ڇَم ڇنن ۾،

وڄن جا وراڪا ڏسي ڇو ڏرين پيو؟

ڏنگا ڏيههَ راکا، وِنگي واٽ ساري،

وري وڃ سڌڙيا، اڳيان جيءَ جوکو!

پهاڙيءَ تي پويان وِڌا سج ڪِرڻا،

وڳر ووڙ ڪريون، اڃا آ سُهائو!

اڃا يارَ جا وارَ توکان نه وسريا،

نِبائڻ هليو آنهه ڌرتيءَ سان ناتو!

قلمڪار ڪوڙا! لکي لاڦَ ڄاڻين،

وڃي ٻک وهاڻي سکيو تون سمهين ٿو؟

گهُرين ديش ڀڳتي، پچارين ٿو ڇيهو،

اڙي لوٺيا! نينهن ڄاڻي نه ليکو.

”منير“ سولنگي

غزل

دل لُٽيندڙ قرار ڏيندو هل،

يا گهڻو انتظار ڏيندو هل.

بيقراري ۾ لطف ڪيڏو آه،

ڏَنڀ فرقت جا يار ڏيندو هل.

مون کي توسان نباه ڪرڻو پيو،

سو صدما هزار ڏيندو هل.

منهنجي دل جي اُجڙ گلستان کي،

بوند برکا بهار ڏيندو هل.

حُسن جي دلفريب دنيا ۾،

عشق کي تون وقار ڏيندو هل.

ڪنهن جي زلفن جي ڇانوَ ۾ ويهي،

زندگي کي نِکار ڏيندو هو.

غم غلط ڪر ’منير‘ جو سائين،

مئه جا ساغر ٻه – چار ڏيندو هل.

قطعو

ميخوار پيا دنگ ٿا لُٽن، مون کي نه هڪڙي بوند ملي،

ساقي جي بخيلي يار ڏسي اڄ جام کي چڪناچور ڪبو؛

لِڪبونه ڪڏهن خلقت کان سڄڻ، اچبوته اجل سان سودو ڪري،

توسان پرين جي پيار ڪبو، نِروار ڪبو، ڀرپور ڪبو.

مير محمد پيرزادو

گيت

سڳنڌ هوا ۾ سانوري سهڻي ڪنهن جي سار آ؟

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو،

مون کان دلبر ڌار آ!

تون جي ناهين سهڻا سائين، منهنجو من ڇڙواڳُ،

ائين ٿو هر هنڌ کائي ٺوڪر پورهيت جو جيئن ڀاڳُ:

توريءَ پيار جي راهن ۾، منهنجي جيتَ به هارَ آ،

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو، مون کان دلبر ڌار آ.

 

گهرن مٿان گهنگور گهٽا کي کنوڻ هڻي ٿي کاٽ،

مُنهن تي او منهنجا سائين! هاڻ پوي ٿي ماٽ:

تنهنجي راهه تڪي پئي ٿڪجي، منهنجي نيڻ – نهار آ،

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو، مون کان دلبر ڌار آ.

 

ٻاهر ڇاٽ ڇمر جي ڇوهي، ڪنهن لئه پنڌ پئين،

اهڙي اوندهه اوجهَڙَ ۾ تون ڪنهن جا دڳ تڪين:

آءُ مسافر، ترس گهڙي کن، ڪهڙي خبرچار آ،

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو، مون کان دلبر ڌار آ.

 

سڀڪنهن سک جو ساهه پٽيو ۽ سارنگ آئي ساٺ سريا،

سانجهي ڇائي پوءِ به مائي مون وٽ ڏيئا ڪونه ٻريا:

ڏاڍو هاڻي سارن ٿا پيا، ٻيلي توکي ٻارَ، آ،

 

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو، مون کان دلبر ڌار آ.

سڳنڌ هوا ۾ سانوري سهڻي ڪنهن جي سار آ؟

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو،

مون کان دلبر ڌار آ!

”عاجز“ اُڄڻ

وائي

منهنجي ڳالهه سلي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

سرتيون سُور سُميرَ ۾، پوندا جهول جهُلي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

آڏو اوکيون چاڙهيون، ڪانهي ڪا به ڳلي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

هوتن ڌاران حَب ۾، پوندا نيڻ ڇُلي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

حُجّ ته منهنجي هوت سان، هئه هئه ڪانه هلي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

ڪانڌ وڻي ٿي ڪينڪي،”عاجز“ هٿ ٺَلهي، ويندا جلي،

وڻ سڀئي وڻڪار جا.

گيت

روئي گذاريم رات، او ڍوليا! روئي گذاريم رات.

ڪل اوهان کي ڪهڙي ساجن،

ڪيئن گذاري رات مون رانجهن،

ڪيئن ڦُٽي پرڀات، او ڍوليا!

روئي گذاريم رات.

 

پل پل تنهنجا سُور ستائن،

گهايل دلڙي، گهايو ٿا گهائن،

ساهه لڳيم سڪرات، او ڍوليا!

روئي گذاريم رات.

 

تو بن دردن دل آزاري،

جال اکين مان جر آهي جاري،

ڳوڙهن جي برسات، او ڍوليا!

روئي گذاريم رات.

 

تو بن سانول، سُڏڪي سُڏڪي،

ڪين هٽي ”عاجز“ جي هڏڪي،

ڪين هٽي هيهات، او ڍوليا!

روئي گذاريم رات.

”ادل“ سومرو

غزل

زهر آ هر ڪا گهڙي،

زندگي ايڏي ڪڙي!

ماس تي ڳِجهُن جو مارو،

 

رت جي بدبوءِ ڇڙي.

مفلسيءَ جي موت تي،

 

ڪين آيو ڪو لڙي.

در تان بُکايل نينگري،

 

تو توَنگر! ڇو تڙي.

بک جو دوزخ تَتو،

 

سرڳُ ويو سارو سڙي.

وقت اسان سان ويل وَهايا،

پرکياسين سڀ پنهنجا پرايا.

هيلَ به هانءُ هٺيلو هو پر،

 

درد اسان جا درد وڌايا

سوچ اندر ۾ لوچ وڌائي،

 

ويڙهي ويا هِن وهم اجايا.

رات نسوري روڳ ٿي بڻجي،

 

ڏينهن اسان کي ڏنگ لڳايا.

ڪنهنجي ڪک مان ريٽا گُلڙا،

 

ڪنهنجي ڪک مان ٿوهر ڄايا.

زهر زندگي هرڪنهن پيئڻو،

 

هڪڙا ايندا، هڪڙا آيا.

پنهنجي پنهنجي سوچ جو ڦيرو،

 

پنهنجون ڳالهيون پنهنجا رايا.

سالن جي سڪ، پَل ۾ پُرزا،

قرب ڪسارو، مصري مايا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com