سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :15

عالم هجي، اديب هجي، شاعر هجي يا مولوي ۽ مدرس، جڏهن به ڪو صاحب، ايران مان نڪتو تنهن پهريون اچي سنڌ جو سلام ڪيو. ڪن هتي رهڻ ۾ سعات سمجهي، ته ڪو هندستان هليو ويو. جن جا هت پساهه پورا ٿيا انهن مان ڪيترن جون قبرون سنڌ جي پراڻن ۽ مکيه شهرن ۾ موجود آهن، مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ ايران قريباً هر معروف شهر جا مڪين مدفون آهن، جن جي ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي تبريزي هو، هي مرحوم شيراز مان آيو، هي لاديجاني هو ته هي ڪاشاني يا سبزواري غريب الوطن هو.

اڳئين زماني ۾ اصفهان ۽ شيراز ايران جا ٻه مکيه علمي، تمدني ۽ سياسي مرڪز هئا. انهن ٻنهي شهرن جا ڪيترائي اديب، عالم ۽ شاعر هتي آيا، جن سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو.

هڪ لڱا ايران جي گاديءَ جو هنڌ اصفهان ٿيو ۽ تڏهن کان ”نصف جهان“ سڏجڻ لڳو. انهيءَ سمي ۾ سنڌ سان اصفهان جو سڌو سنئون سياسي ۽ علمي تعلق وڌيو. ڪيترا شاعر ۽ اديب سنڌ اندر پهتا، جن مان ڪن شاعرن جا نالا پاڻ کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ: جودت اصفهاني، امتياز خان خالص اصفهاني، صالح اصفهاني، امتياز اصفهاني، صدر اصفهاني، شڪيبي اصفهاني، عاشق صفاهاني، مشرب صفاهاني، مير معز صفاهاني، مقبل اصفهاني، مهدي اصفهاني، وحشت اصفهاني، هوشيار ۽ آصف صفاهاني. اهي ته اصفهان جا اُهي شعر آهن، جن پنهنجو ديس ڇڏي اچي سنڌ جو پرديس وسايو ۽ سندن نالا ڪتابن جي ذريعي پاڻ تائين پهتا. جيڪي غريب الوطن هن سرزمين ۾ بي نام و نشان رهيا ۽ مئا، اهي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا هئا، سا خبر خاوند کي آهي!

اسان جي سياسي تاريخ جا پڻ ڪي واقعا اصفهان جي دامن سان ٻڌل آهن. آءٌ ڪيترا ڀيرا اصفهان ويو آهيان، ليڪن انهن ماڳن ڏسڻ جو موقعو ملي ڪونه سگهيو آهي.

هن دفعي جڏهن 17 مارچ (1974ع) صبح جو آءٌ اصفهان جي هوائي اڏي تي لٿس، تڏهن مون ڀاڪر پائڻ شرط پنهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر لطف الله هنرفر کي (تصوير 1) – جنهن جي سموري حياتي اصفهان جي آثارن کي ڏسڻ ۽ انهن جي تاريخ لکڻ ۾ صرف ٿي آهي ۽ سندس ڪتاب گنجينہء آثار تاريخي تاريخي اصفهان“ ڪلاسيڪ حيثيت رکي ٿو – چئي ڇڏيم ته هن ڀيري آءٌ اصفهان ۾ فقط چند خاص جاين کي ڏسڻ آيو آهيان، جن مان ٻن جو تعلق سڌو سنئون سنڌ جي تاريخ سان آهي:

(1) جي _ ۽

(2) مسجد علي.

ڊاڪٽر هنرفر اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ۽ فنون لطيفه جو استاد ۽ انهيءَ شعبي جو رئيس آهي. اصفهان جي ”ڪوچئه شهزادگان“ ۾ رهي ٿو ۽ سچ چئبو ته پاڻ به شهزادو مڙس آهي. جهڙو آهي صورت جو سهڻو اهڙو ئي وري آهي سيرت جو صاحب. اصفهان جي خوبصورتيءَ، عمارتن مٿان ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ، جهار باغن جي سر و نازن ۽ سهي سرون جي بيهڪ ۽ بهاريءَ، باغن ۽ بستانن جي رنگ برنگي نظارن، گلاب ۽ گلن جي رنگين طوفانن سندس طبيعت ۾ نزاڪت، فڪر ۾ سونهن ۽ سوچ ۾ سوڀيا پيدا ڪري ڇڏي آهي. نزاڪت ۽ نفاست سندس ٻه خاص علامتون آهن. اصفهان جي تاريخ برزبان ۽ اصفهان جي هڪ هڪ سر ۽ هرهڪ پٿر سان عشق اٿس. اصفهان جي ڳالهه ڪبي ته ٽڙي پوندو.

هنرفر هميشه مون تي مهربان رهيو آهي. اسان جي پاڻ ۾ دوستي آهي. جڏهن مون کيس پنهنجو مطلب بيان ڪيو، تڏهن عالمن جي قطار ڇڏي _ جيڪي يورپ جي اٺن ملڪن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا _ فوراً مون سان اچي ڀيڙو ٿيو.

جي:

تاريخ معصوميءَ جي مصنف، بکر ۽ سکر جي خونخوار، ظالم ۽ جابر حاڪم ۽ حڪمران، سلطان محمود بکريءَ جي گهراڻي جو مذڪور ۽ سندس ظالمانه طبيعت جو بيان ڪندي ابن ڏاڏن جي اصلوڪي وطن بابت لکيو آهي:

”و محل سڪونت اجداد او موضع ”خراسان“ بوده، و اصل ايشان از ”ملوڪ چين“ من اعمال دارالسلطنت اصفهان بود“.

انهيءَ عبارت ۾ خراسان، ملوڪ چين ۽ اصفهان جو نالو ۽ جغرافيائي فاصلن ۽ تضاد جو مسئلو مدت کان منجهائيندڙ هو. ليڪن مضمون ۾ گهرو وڃي انهيءَ ڳجهارت کي اڄ سوڌو ڪنهن ڪونه پروڙيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تضاد ڏانهن يا ته ڪنهن جو ڌيان نه ويو يا مرڳوئي اڇاترو _ جيئن پنهنجي عادت اٿئون _ اک ترڪائيندا اڳتي هليا ويا آهن، اها خبر ڪنهن ڪانه لڌي ته:

ڪاڏي منهه مريم جو، ڪٿي ٽنڊو الهيار!

ڪٿي خراسان، ڪاڏي اصفهان ۽ ڪٿي رهيا ملوڪ چين؟ _ جڏهن وري تاريخ معصوميءَ جو سنڌي ترجمو ٿيو تنهن وقت به ڇڙو مک مٿان مک ماري وئي، بلڪ هڪ وک وڌائي مرڳو غلط عبارت جو ترجمو به غلط ڪيو ويو:

”سندس وڏا خراسان ۾ رهندڙ هئا ۽ سندس بنياد چين جي بادشاهن سان ملي ٿو، جو اصفهان جي شهنشاهت جو هڪ پرڳڻو هو“.

گويا اصفهان جي شهنشاهت ايران جي بادشاهت کان الڳ شئي هئي، ۽ چين جو ملڪ انهيءَ ولايت جو هڪ پرڳڻو هو، ۽ خراسان ڳوٺ هو جتان جا رهاڪو سلطان محمود جا ابا ڏاڏا هئا.

ٻه سال اڳ ايران جي عالمي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ مون ”سلطان محمود ۽ شاهه طهماسپ جي باهمي تعلقات“ تي هڪ مقالو لکيو. مقالو لکندي جڏهن انهيءَ عبارت تي پهتس ان وقت ڪن کڙا ٿيا. خراسان؟ اصفهان جي بادشاهت؟ چين جا مُلوڪ؟ ٻئي ڏينهن مٿي ۾ ڀئَونڙاٽي رهي، نيٺ ڪتابن جا ورق ورائيندي هن نتيجي تي پهتس ته مير معصوم عبارت غلط ڪانه لکي هوندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪي ٻه ٽي ڏينهن اصفهان ۾ رهي چڪو هو، انهيءَ عبارت ۾ ضرور ڪاتبن پنهنجي ڪرامت ڏيکاري هوندي، جنهن عبارت کي هن شعر جي مصداق بنائي ڇڏيو آهي:

چه خوش گفته است سعدي سعدي در زليخا،

الايا ايهاالساقي ادرڪاساً و ناولها.

ڪتاب جاميءَ جو، شعر حافظ جو، چيو شيخ سعديءَ.

ڪتابن اٿلائيندي معلوم ٿيو ته اصل عبارت هن ريت هجڻ گهرجي ۽ مير معصوم پڻ ائين ئي لکي هوندي:

”محل سڪونت اجداد او موضع خوراسڪان و اصل ايشان از بلوڪ جي من اعمال دارالسلطنت اصفهان بوده“.

سندس مائٽن جي رهڻ جو ماڳ خوراسڪان هو، جيڪو جي جي تحصيل جو ڳوٺ آهي ۽ جي اصفهان جو تعلقو آهي.

ڪتاب ۾ جي به ملي، ان جو ڳوٺ خوراسڪان به موجود هو، ۽ هو به واقعي اصفهان جي حدن اندر.

انهيءَ عقدي حل ٿيڻ بعد مون کي جي ۽ خوراسڪان ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. ڪانفرنس ختم ٿيڻ بعد اصفهان ته ويس، ليڪن ”جي“ ڏسڻ جو اوٽار دل تان لهي ويو. اصفهان هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي پهچڻ بعد حيرانيءَ ۾ ماڻهو سڀ ڪجهه ڀلايو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن انساني عقل ايترو خطا ٿيو وڃي، جو پنهنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو.

هن ڀيري هتان ڪراچيءَ مان ئي رومال کي ڳنڍ ڏئي نڪتو هئس، سو سترهين مارچ جو پهريون ڪم اهو ڪيم جو شام ٿيڻ کان اڳ ئي اها تاريخي تشنگي پوري ڪري ورتم.

اصفهان جي ٻاهران، ليڪن لڳولڳ، ڪنهن زماني ۾ جيڪي وٿاڻ شهر جي حيثيت رکندا هئا، انهن مان هڪ ”جي“ آهي. درحقيقت انهيءَ ڳوٺ کي اسان جي اصطلاح ۾ تعلقو چئي سگهجي ٿو، جنهن سان ڪيترائي واهڻ ۽ وستيون متعلق هئا، جن مان هڪ خوراسڪان هو جتان جي پيداوار زياده تر ڪپهه هئي ۽ ملڪان ملڪ مشهور ۽ معروف هئي ۽ هاڻي به آهي. خود جئي جي ڦٽل ڳوٺ جي زمين پڻ نهايت شاداب ۽ سرسبز آهي. مختلف قسمن جو فصل سائو جهڙو چهچ بيٺو هو. خوراسڪان پرڀرو هو اوستائين ته پهچي ڪونه سگهيس باقي ”جي“ جي ڳوٺڙي ۽ انهن جي ڦٽل آثارن کي ڏاڍو گهمي ڦري ڏٺم.

هخامنشي دؤر ۾ ان جو نالو ”گي“ يا ”گابه“ هو. جڏهن ”جي“ ڦِٽي ۽ ڀرسان ٻيو شهر آباد ٿيو، تڏهن رفته رفته ان جو نالو اصفهان ٿيو. صفوي سلطانن جڏهن ”ميران شاه“ ۽ ان جا محل ۽ ماڙيون ٺهرايون ۽ گاديءَ جو هنڌ ڪيو ان وقت مٿس ”نصف جهان“ جو لقب پيو . درحقيقت ’جي‘ اصفهان جو پهريون نالو چئي سگهجي ٿو. عربن جڏهن اُن تي قبضو ڪيو، تڏهن (گاف) ڦري (جيم) جي جاءِ ورتي ۽ ’گي‘ جي بجاءِ ’جي‘ ٿي ويو. جي قديم پهلوي اکر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي فتح، نصرت ۽ زندگي. اهو ساڳيو لفظ هنديءَ ۾ جيء آهي، بنگالي ۾ جئو ۽ سنڌيءَ ۾ جئي چيو وڃي ٿو. معنيٰ توڙي مفهوم ۽ بڻ بنياد به هڪ ئي اٿس.

وڌيڪ ۽ تاريخي معلومات جنهن کي حاصل ڪرڻي هجي سو ته اصفهان جون تاريخون ۽ عربيءَ جو معجم البلدان يا انهيءَ قسم جا ٻيا جغرافيائي ڪتاب پڙهي. آءٌ هتي اهو لکي رهيو آهيان جيڪي پاڻ اکين سان ڏٺو اٿم.

جي ”زائنده رود“ درياهه جي ٻنهي ڀرن تي آباد آهي. انهيءَ درياهه جي پراڻيءَ شاخ (تصوير 5) تي تاريخي ۽ قديمي پُل آهي، جنهن تان هرڪو فاتح لنگهي اصفهان تائين پهتو آهي. آخري دؤر ۾ افغانن انهيءَ پُل کي پار ڪري اصفهان مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ نادر افشار اهائي پُل اُڪري افغانن کي ماري باقي بچيلن کي انهيءَ پل تان ٽپائي ڀڄائي ڪڍيو. ”زائنده رود“ تي الهوردي خان جي پل (تصوير 2 - 3) ۽ خواجوءَ جي پل پوءِ ٺهيون. اصفهان جو جڳ مشهور ”چهار باغ“ مسجد مادر شاه کان ٿيندو ٻيئي پليون ٽپندو ”جي“ تي اچي کٽي ٿو. ”باغ هزار جريب“ جي ايراضي به ”جي“ ڏانهن ويندي ٽپڻي پوي ٿي. ”جي“ جي انهيءَ پُل کي هن وقت ”پل شهرستان“ چيو وڃي ٿو. قديم دؤر ۾ انهيءَ کي ”جسر حسين“ ۽ ”پل جي“ (تصوير 4) سڏيو ويندو هو.

جڏهن آءٌ گهُمي ڦري پل تي پهتس، ان وقت ”زائنده رود“ ۾ سج ٻڏي رهيو هو ۽ اولهه سڄو ڳاڙهو رتائون لڳو پيو هو. انهيءَ پل مٿان ٽپي جن ظالمن پنهنجي دٻدٻي ۽ بالادستيءَ لاءِ انسانن جو قتلام ڪيو آهي، انهن سڀني بيگناهه شهيدن جي ياد گويا تازي ٿي رهي آهي.

ڳوٺ ۾ نيون جايون معمولي قسم جون موجود آهن (تصوير 6). ماڻهو گهڻو ڪري زراعت ۽ ٻئي پورهئي تي گذارو ڪن ٿا.

”جي“ جي چوگرد قديم زماني ۾ شهر پناهه لاءِ مٽيءَ جو قلعو موجود هو، جيڪو هاڻي تباهه ٿي چڪو آهي. هڪ جاءِ تي ديوار جا ڪي نشان موجود آهن، جنهن مان قلعي جي بيهڪ ۽ عظمت جي چڱيءَ پر پروڙ پوي ٿي.

ڪٿي ڪٿي رهڻ جي قديم جاين جا آثار به آهن، جن جون ديوارون ٿلهيون ۽ اندران ٻاهران ڀتين ۾ سنڌ جي پراڻين جاين جهڙيون ميريون ۽ جارا (تصوير 11 تا 21) موجود آهن.

مسجدون ته پراڻي شهر ۾ _ جيڪو ايترو اهم ۽ تاريخي آهي – گهڻيون ئي هونديون، ليڪن اڄ ڪا به سلامت ڪانه آهي؛ ايستائين جو جامع مسجد جيڪا اڌ ميل ۾ پکڙيل کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اها اهڙيءَ ريت ڊهي وئي آهي، جو جيڪڏهن کوٽائي ڪري ان جون حدون نروار نه ڪن ها ته هوند نالو نشان ڪونه لڀي ها. هن وقت فقط زمين آهي ۽ منجهس بنيادن جا ڪٿي ڪٿي نشان.

مسجد جي سرزمين جي سڃاڻپ هن ڪري ٿئي ٿي جو انهيءَ جي لڳو لڳ عباسي خليفي الراشد بالله (529-530هه) جو مقبرو موجود رهجي ويو آهي، جنهن کي ماڻهو، شهزادي ابراهيم ۽ حسين بن زيد بن حضرت علي (رضه) جو آرامگاهه سمجهي عقيدت سبب برباد ٿيڻ کان بچائيندا رهيا آهن (تصوير 7 تا 10).

حقيقت ۾ اهو مقبرو المسترشد بالله جي پُٽ الراشد بالله جو آهي. پڻس 18 ذي القعد 529 هجريءَ جو هڪ باطنيءَ جي ڇُري سان فوت ٿيو. الراشد بالله ساڳئي مهيني ۾ بغداد جي خلافت تي ويٺو پر نوَن مهينن کان مٿي اهو به هلي نه سگهيو. سلطان مسعود (529 – 547) بن مسعود محمود سلجوقي بغداد مٿان ڪاهي آيو. خليفي اتان ڀاڄ کائي اچي ”جي“ ۾ پناهه ورتي. ٻه سال آوارگيءَ ۾ گذاري، دائود بن سلطان محمود سلجوقيءَ (525 – 526) وٽ آذر بائيجان ويو، کانئس لشڪر جي مدد وٺي اصفهان جي محاصري لاءِ اچي دوبارو ”جي“ ۾ لٿو. محاصري جي حالت ۾ باطني فدائين اڱاري ڏينهن ڇويهين رمضان 532هه جو ٽپهري وقت اوچتو حملو ڪري کيس ماري وڌو.

خليفي جي لاش کي جامع مسجد جي هڪ گوشي ۾ دفن ڪيو ويو. بروقت ته خلافت سان عقيدت سبب ماڻهو انهيءَ مقبري جو احترام ڪندا رهيا، پر بعد ۾ جڏهن صفوي سلطانن جي بادشاهت قائم ٿي ته ٻين ڪيترن مقبرن وانگر هن مقبري کي به هڪ امام زادي جو نالو ڏيئي مذهبي مرتبو ڏنو ويو.

مقبري جو اوسو پاسو ايامن کان ڊهي ويو آهي، ليڪن مقبري جي خاص عمارت کي وقت بوقت مرمت ڪري اڄ تائين قائم رکيو ويو آهي.

سال 1316هه ۾ مقبري جي مرمت افتخار الدولہ نالي هڪ قاچاري خاتون نئين سر ڪرائي ۽ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو. ڪاشيءَ تي تاريخي ڪتبو ۽ آيات قرآني لکيل آهن. اصل گنبد سلجوقي دؤر جو ۽ اندران سادو پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ قائم آهي.

سج لهي چڪو هو، ٻي ڪا شئي ڏسڻ جهڙي ڪانه هئي، اسان جو قافلو اها آخري جاءِ هئي جا ڏسي سڙڪ تي بيٺل موٽر ڏانهن واپس ٿيو. آءٌ ڪڻڪ جي سائيءَ پوک جو ٻنو ورتيون هيٺ ڪنڌ ڪيون اڳتي هلندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته هيءُ ئي اهو ماڳ آهي جتان تيمور، محمود بکريءَ جي ڏاڏن کي تڙي ڪڍيو، جن هرات ۾ اچي لڏا لاٿا ۽ جائز ناجائز ملڪيت ۽ مال هٿ ڪري وڃي مانيءَ رسيا.

ارغونن کي جڏهن تيمور جي پوٽي بابر ڪابل ۽ قنڌار مان تڙي ڪڍيو، تڏهن فاضل ڪوڪلتاش ۽ پُٽس سلطان محمود، انهيءَ رولو ٽولي سان گڏجي آيا ۽ اسان جي خانه جنگيءَ جو موقعو وٺي سنڌ مٿان قابض ٿي ويا ۽ هي انهيءَ خونيءَ ظالم ۽ خونخوار جو اصلوڪو وطن آهي جنهن لاءِ مير معصوم لکي ٿو:

”درخونريزي ملاحظه نداشت و به اندڪ توهم و بدگماني خان و مان مردم برمي انداخت“.

بکر جي قلعي ۾ ”خوني برج“ اڃا تائين سندس ظلمن جا داستان اسان کي ياد ڏياري، اسان جي ضمير ۽ حميت کي ڌانڌولي رهيو آهي.

تاريخ نويس به عجيب ماڻهو ٿين ٿا. جڏهن پنهنجيءَ تي اچن ٿا ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪيو وجهن. مير معصوم ابتدا ۾ وٽس ملازم هئو، جڏهن سلطان محمود بکري جلندر جي مرض ۾ مبتلا ٿي مئو تڏهن مير تاريخ ڪڍي!

”در بهشت آسود“ – 982هه

گويا اهڙن ماڻهن جي جاءِ بهشت ۾ به هوندي! مير صاحب مرحوم، بهشت ۽ ڏيجيءَ جي ڪوٽ ۾ - ارمان آهي جو ٿوري عرصي جي ملازمت خاطر – فرق ڪري ڪونه سگهيو!

مسجد علي:

هن کان مٿي سلطان محمود بکريءَ جي سلسلي ۾ مير معصوم بکريءَ جو ذڪر اچي چڪو آهي. مير مرحوم سنڌ جي هڪ عجيب و غريب ۽ جامع الصفات شخصيت هو. هڪ ئي وقت امير هو، شاعر هو، مصنف هو، مورخ هو، سياح هو، سفير ۽ سياست مدار هو. سنڌ مٿان سندس وڏا احسان آهن. هڪ ته ظاهري اولاد اهڙي صالح ڇڏيائين، جن دليؤن جانيؤن سنڌ کي پنهنجو ماڳ ۽ مڪان سمجهي ڪا دوئي دل ۾ ڪانه رکي ۽ پهرين ڏينهن کان ئي تانيءَ پيٽي پٽ سنڌي ٿي ويا. ٻيو هن علمي اولاد ڇڏي، جن مان ”تاريخ سنڌ“ اسان جي تاريخ لاءِ هڪ صحيفي جي صورت رکي ٿي. سندس اهو عظيم علمي ڪارنامو رهنديءَ سنڌ تائين اسان کي سنڌ جي هڪ نهايت ئي خوفناڪ، ڀيانڪ ۽ ڀوائتي باب جون يادگيريون ڏياريندو رهيو.

جيڪڏهن مير معصوم پنهنجين اکين ڏٺيون ۽ اهي ڪَنن ٻڌيون ڪهاڻيون ۽ روايتون نه لکي وڃي ها ته هوند – سنڌ مٿان پوري هڪ صدي، ڌارين جيڪي ڌاڙا هنيا، جيڪي ظلم زبردستيون ۽ مَن مستيون ڪيون، انهن جو اهو سمورو ڪارو باب علمي دنيا جي ڄاڻ کان رهجي وڃي ها.

مير معصوم سڄي ڄمار هلندو چلندو رهيو. اميريءَ جي عهدي سبب ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ويو ۽ ويندو رهيو. تاريخي ذهن ۽ ذوق رکڻ سبب هن جي عادت هئي ته رستي ويندي جتي ڪا نظاري جهڙي جاءِ، ڪا مسجد، ڪا تاريخي عمارت يا ڪو چڱو ٽڪر ڏسندو ان تي تاريخي عبارت ۽ پنهنجي چند شعرن جو ڪتبو هڻي ڇڏيندو هو، جيئن ايندڙ نسلن کي ڄاڻ پوي ۽ هو اڳتي هلي نه ڇڙو سندس پنهنجي زندگيءَ جا پر هن برصغير جي تاريخ جا نقش قدم ڏسندا رهن. هندستان پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪيترين راهن ۽ ۽ رندن تي، عمارتن ۽ مسجدن تي اهڙا ڪتبا اڄ تائين موجود آهن ۽ سندس روشن دماغيءَ، علمي ذوق ۽ تاريخي ذهن جي عظمت جي ڄاڻ ڏئي رهيا آهن.

آءٌ مير معصوم جي شخصي، سياسي ۽ علمي زندگيءَ تي مفصل ڪتاب ڇاپي رهيو آهيان، جنهن ۾ سندس انهن ڪتبن، تاريخي واقعن جي ڪيترن ئي منجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين مدد ڏني آهي.

مير معصوم 1012 - 1013هه ۾ اڪبر بادشاهه طرفان سفير ٿي ايران جي بادشاهه شاهه عباس صفويءَ (996 – 1038) جي دربار ۾ ويو هو. پنهنجي عادت مطابق هن انهيءَ سفر جي رندن راهن ۽ آمد و رفت جي تاريخن کي اهڙن پٿر جي ڪتبن ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ تاريخ معصومي 1009هه ڌاري ختم ڪري چڪو هو، تنهنڪري انهيءَ ۾ اهو مذڪور ڪونه آندو اٿائين. ٻين ڪتابن مان ايران جي انهيءَ سفر جو احوال ملي ٿو، پر واقعات جي تاريخن جو تعين وري به سندس ئي ڪتبن ذريعي ٿئي ٿو.

مير معصوم جڏهن ايران پهتو، ان وقت ايران جي سرحد تي پادشاهه جنگ ۾ مصروف هو، جنهنڪري مير کي ڪيئي مهينا انتظار ڪرڻو پيو ۽ انهيءَ فرصت جو فائدو وٺي هن ايران جا ڪيترائي شهر ڏسي ورتا. انهن جي شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ۽ رهاڻيون ڪري ڪيترن سان دائمي دوستيون رکيائين. انهن جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول مٿان انهن ملاقاتن جو تمام چڱو اثر پيو، بلڪ ڪن ڳالهين ۾ ته ايران ۾ مستقل اثر ڇڏيائين.

شاهه عباس جڏهن جنگ تان موٽي ايروان ۾ اچي منزل انداز ٿيو، ان وقت مير معصوم پنهنجي سموري سفارتي عملي ۽ شاهي سوکڙين ۽ سوغاتن سميت پيش ٿيو. ڪجهه وقت شاهي پڙاءُ ۾ مهمان ٿي رهيو ۽ جڏهن موٽ جي اجازت مليس ان وقت اصفهان ۾ اچي ڪجهه وقت لاءِ رهيو. اصفهان ۾ پنهنجي انهيءَ قيام جو يادگار هڪ ڪتبو ڇڏيو اٿائين، جنهن جي ڏسڻ ۽ انهيءَ ماڳ ۽ مڪان کي – جنهن کي مير معصوم ڏٺو، جتي رهيو ۽ جن رستن تي هليو چليو – ڏسڻ جي سڪ، سالن کان دل ۾ سانڍيو ٿي وتيس. اڄ اهو ڏينهن هو، جڏهن منهنجي اها آس ۽ اميد پوري ٿي رهي هئي.

مسجد علي ۽ گنبد هارون ولايت ٻه گڏيل تاريخي عمارتون اصفهان جي پراڻي حصي ۾ موجود آهن – اهو پاڙو سلجوقي دؤر جو يادگار آهي.

گنبد هارون ولايت ۾ امام زادو هارون بن علي دفن آهي، جيڪو امام علي نقيءَ جي اولاد هو. گنبد يا آسپاس واري عمارت نهايت خوبصورت آهن، جنهن کي 918هه ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ نئين سر تعمير ڪرايو، صفوي دؤر جي عمارتن ۾ عمارتي فن ۽ ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ سبب اها عمارت شاهڪار شمار (تصوير 26 تان 32) ڪئي وڃي ٿي.

انهيءَ درگاهه سان گڏ سلجوقي دؤر جي هڪ جامع مسجد – مسجد عليءَ – جي نالي سان موجود آهي. سلجوقي زماني ۾ شهر جي آباديءَ جو اهو اهم ترين ۽ آباد حصو هو، تنهنڪري ظاهر آهي ته صفوي دور واري اصفهان ۾ جڏهن ته عمارتون اڃا نه ٺهيون هيون، مير معصوم شهر جي انهيءَ ئي حصي ۾ غالباً رهيو هوندو، گنبد هارون ولايت جون زيارتون ڪيون هوندائين ۽ نمازن جي ادائگي به انهيءَ مسجد ۾ ٿي هوندي. انهيءَ عمارتي مجموعي ۾ هڪ ڪاروان سراءِ آهي، ڀانئجي ائين ٿو ته انهيءَ دؤر جي رواج مطابق انهيءَ سراءِ ۾ مير صاحب جي قافلي قيام ڪيو هوندو.

مير پنهنجي عادت کي پوري ڪرڻ لاءِ سوءِ ادب سببان گنبد هارون ولايت ۾ ته ڪتبو هڻي ڪونه سگهيو تنهنڪري مسجد عليءَ ۾ محراب جي مشرقي ديوار تي (تصوير 33 – 34) پٿر هڻي ان تي ڪتبو اُڪري پنهنجو يادگار قائم ڪيائين.

مسجد عليءَ جي تعمير لاءِ مختلف روايتون آهن. صحيح روايت مطابق ان کي سلطان محمود (511 – 525) بن محمد بن ملڪ شاهه سلجوقيءَ اصفهان تي پنهنجي چوڏهن ورهين جي حڪومت دوران جوڙايو، جنهن صورت ۾ سلطان سنجر (511 – 552) سان ويجهي مائٽي هيس، تنهنڪري ان تي ”مسجد سنجريه“ نالو رکيائين. محمود سلطان سنجر جو ڀائٽيو هو، ۽ ڄائو به اتي هو. صفوي دؤر ۾ مذهبي اثر سبب ان تي حضرت علي عليه السلام جي احترام سبب ”مسجد علي“ (تصوير 35) نالو پئجي ويو، جيڪو اڄ تائين هليو اچي ٿو .


[1]  ڏسو مقالات الشعراء جا صفحا 162-188-193-341-331-362-390-760-764-766-784-826-850.

[2]  پهريون ڇاپو 1344، ٻيو ڇاپو 1350.

[3]  تاريخ معصومي 218.

[4]  سنڌي ترجمو 258.

[5]    گنجينہ آثار تاريخي اصفهان ص 16-17 تا 27

اصفهان تي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجن:

(1)     نصف جهان في تعريف الاصفهان – محمد مهدي اصفهاني.

(2)     محاسن اصفهان – مافروخي.

(3)     تاريخ اصفهان – ابو نعيم اصفهاني.

(4)     الاصفهان – مير سيد علي.

(5)     جغرافيائي اصفهان – مرزا حسين خان.

(6)     سلجوقي ۽ صفوي پادشاهن جون تاريخون.

[6]  گنجينہء آثار ص 392 تا 454.

[7]  باغ هزار جريب جي ايراضيءَ تي هاڻي يونيورسٽي ٺهي آهي.

[8]  ڏسو تاريخ دولت آل سلجوقي عماد کاتب و گنجينہء آثار ص 207.

[9]  گنجينہء آثار ص 209.

[10] فيروز ۽ صدرالدين سمن جي تخت نشينيءَ واري ڪشمڪش.

[11]  معصومي، ص 226.

[12]  ايروان: ارمنستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي (U.S.S.R) شاهه عباس ۽ عثماني ترڪن جي وچ ۾ جنگيون ٿيون. آخر 1013هه ۾ شاهه عباس فتح ڪيو. اهو زمانو هو جڏهن مير معصوم ايران ۾ هو. ڏسو خلافت شرقي لي اسٽرينج (ترجمو فارسي ص 196) دهخدا الف ص 566 کلمه ايروان.

[13]  گنجينہء آثار ص 360 انهيءَ مقبري تي هڪ شعر اُڪريل آهي:

با قبال خان دور مش کامگار،          بماند از حسين اين بنا يادگار.

انهيءَ درمش خان ۽ ميرزا حسين جو احوال ڏسو روضة السلاطين جو ديباچو از راقم ص 19 – 20

[14]  گنجينهء آثار ص 369

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com