سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :4

نئون نسل

ٺوٺ ڌرتي، چار جيوَ:

ماءُ ۽ پُٽ،

نُنهن ۽ ننڍڙو ٻارڙو.

ماءُ:

پوڙهي جهُورُ، ڪُٻڙي ۽ نٻل

ڄڻ ته موهن جو دڙو

ڄڻ دُٻي جي جنگ جو –

آهي ڊٺل ڪو مورچو.

پُٽ:

ڏاڍو مڙس، ليڪن

ڏاڍ ۽ ڏهڪاوَ سان ويڙهاند ۾

گهاوَ پيشاني ۾ ۽ سينو سٽيل –

زخمي بدن

پوءِ ڀي ايڏو اڏول

ڄڻ ته سنڌوءَ جا ڪنارا

ڄڻ ته ڪارونجهر جي ڪورَ

آڻ اڄ تائين نه جنهن آهي مڃي.

نُنهن:

جيڪا صرف هڪ ٻالڪ ڄڻي

ڪُکَ جنهن جي وئي سُڪِي.

ٻارڙو:

هئڊو صفا، ڪمزور ۽ بيمار ٻارُ

پوءِ ڀي اکيون انهيءَ جون ڄڻ ٻه سجَ

جنهن گهڙي ڪاڏي تڪي

ائين اُلا ٿا ٻَرَنَ

ڄڻ ته ڪي ٻرندڙ جبل.

جنهن گهڙي پائي ٿو نينگر بانبڙا

ساري ڌرتي ٿي ڌُڏي

ڏار کاڌل ٺوٺ ڌرتيءَ مان ٿا نڪرن –

سُرخ رنگ جا ڦوڪڻا.

سُرخ رنگ جا ڦوڪڻا، ڇمرن جيان –

آڪاش ڏي اڏريو وڃن

ڄاڻ ڦاٽا، ڄاڻ برسيا سُرخ رنگ جا ڦوڪڻا

ارءُ ڌرتيءَ کي رجائيندا وڃي

سرءُ ٿيندي –

زندگي پئي مرڪندي.

ٺوٺ ڌرتي، چار جيوَ:

ماءُ ۽ پٽ،

نُنهن ۽ ننڍڙو ٻارڙو.

ڏٻرو لاش

هن ڏُٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟

ڪفن دفن لئه تڙپو ڇو ٿا؟

ڊوڙو ڇو ٿا؟

هن ڏُٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟

ڌرتي تنگ –

لَٺو، ڪورو ڏاڍا مهانگا

ٻيڻي تنهن کان آهي قبر جي کوٽائي!

. . .

قبرستان جو رستو

ڏور گهڻو ۽ ڏاڍو اوکو.

قُلَ انهيءَ تي پڙهندو ڪير؟

گُلَ انهيءَ تي چاڙهڻ خاطر

پئسو پنجڙ ڏيندو ڪير؟

. . .

ڌپ اچي ٿي!

پنهنجي دانوڻ ۾ جهاتي پايو

ڪيڏا بدبودار آهيو!

                         . . .

هي لاش کڻي جي پوريندا:

ڌرتي ڏاڍي بکايل آهي

پيٽ انهيءَ جو ڀرڻو ناهي

ڇا به ڪيو ڪجهه ورڻو ناهي.

. . .

هن ڏٻري لاش کي او سائين!

گند جي ڍيرَ مٿي اڇلايو

جيئن ڪتا، ڪانوَ، ٻليون

۽ جيت جڻا ڪو پيٽ ڀَرنَ

ڪا بُکَ مٽي

ڪا بُکَ مٽي

هي به مُئو آ بُکَ وگهي

هي به مُئو آ بُکَ وگهي.

ڪائي چنچل سانوري

منهنجي دل آ ٿَـرَ مثال.

منهنجي دل آ ٿَـرَ مثال.

وڏ ڦڙي جي ڳالهه ڇڏ

جنهن تي ڪائي بوند ڀي برسي نه آ؛

منهنجي دل آ ٿَـرَ مثال.

سال گذريا، ڪائي چنچل سانوري،

دل جي وارياسي مٿان،

ڪي گهڙيون برسڻ سوا ترسي هئي؛

ڪائي چنچل سانوري.

اڄ به هيڏي اُٻ ۾،

ڏَڍُ اُن جو ڇانورو.

 

جي اوهان کي اي هوائو، بادلو

واٽ ۾ چنچل سا ناري سانوري گڏجي وڃي

تنهن کي هي نياپو ڏجو:

”هڪ دفعو، بس هڪ دفعو

ڪين سا برسي ڀلي،

دل جي وارياسي مٿان،

هڪ دفعو بس هڪ دفعو

ڪي گهڙيون ترسي وڃي،

ڪي گهڙيون ترسي وڃي،

ڪنهن جي دل آ ٿَـرَ مثال.“

منهنجي دل آ،

ٿَرَ مثال.

اوسيئڙو

سانجهيءَ ٽاڻي

جيئن ڪا ناري

سَرنَهن جي ڳنرن جو ساڳ پچائي

ڪنهن جي واٽ تڪي

من جا ويڄَ ائين:

تنهنجي اوسيئڙي ۾

ويٺو آهيان

پنهنجو پاڻ ڦٽي،

پنهنجو پاڻ ڦٽي.

 

ڪوڙ ۽ سچ

کُلئي بازار ۾ -

چانديءَ جي ورقن سان

ڳريل ميوو وڪامي ٿو!

مگر هن دؤر ۾ -

سچار ڪنهن فنڪار جي هستي:

ائين بيسود ۽ سستي

هجي چوپيل ۽ چٻاڙيل –

جيئن ڪائي انب جي ککڙي!

جيون سمنڊ اجهاڳ

سچا موتي چونڊڻ ڪارڻ

ساري ڏينهن جوسمنڊ اجهاڳ

جهاڳي

جهاڳي

سنجها ٽاڻي

ٿڪل ٿڪل

ماندو

ماندو

ويراني ۾ تنها گهر جو

ڪنڊو کولي

بلب جلائي

ساري ڏينهن جي هڻ – هڻان جو

ليکو ليکڻ ويٺو آهيان

ائين لڳي ٿو

ڄڻ ته ڪٿي مان

پاڻ وڃائي آيو آهيان!

. . .

چَڪُ چنبيءَ ۾ ڏاڍيان پائي

پنهنجي هجڻ جي پڪ ڪيان ٿو

اکيون ٻوٽي

ٿَڪُ ڀڃان ٿو

ياد ڪيان ٿو

ائين لڳي ٿو

ڄڻ مان آهيان

ليڪن ڪاٿي

پاڻ ڦرائي آيو آهيان.

. . .

ڳورو ڳورو

منهنجو کيسو

جنهن ۾ آهن

ڄڻ ته ڀريل ڪي

ڪچ جون ڪوڏيون.

سچا موتي پائڻ خاطر

روزانو مان

ڀوڳيان ڀوڳيان

جهاڳيان جهاڳيان

ساري ڏينهن جو سمنڊ اجهاڳ

ساري ڏينهن جو سمنڊ اجهاڳ.

ٽريفڪ جو سگنل

پيٽ ۾ پيڙا پالي

ڪنواري ڪنيا

ٽريفڪ جي سگنل جي پاسي ۾

چوواٽي تي نيڻ وڇائي

ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهي.

سامونڊيءَ ڪنهن لهر جيان

وقت وڏي تيزيءَ سان وهندو ٿو وڃي

پيٽ جي پيڙا وڌي رهي آ.

هن جي ساٿيءَ کيس ٻڌايو هو:

”ڪٽنبي رٿابنديءَ جي نرس ڏي هلڻو آ –

پيٽ جي پيڙا ختم ٿي ويندي!“

پاڇا به لڙي ويا آهن

ليڪن هن جو ساٿي موٽيو ناهي!

تنها سمجهي

چؤواٽي جو واڳو

کيس ڳِهڻ لئه آتو آ

پر هُنَ پاڻ سڃاتو آ:

هوءَ ڀي ٽريفڪ جو هڪ سگنل آهي

جيڪو ڳاڙها، ساوا، پيلا رنگ پکيڙي

چؤواٽي جي سونهن وڌائي ٿو

. . .

پيٽ ۾ پيڙا پالي

ڪنواري ڪنيا چؤواٽي تي

ٽريفڪ جو سگنل بڻجي

ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهي!

 

وائي

جوڀن پڪِي ٻير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

جيڪو ايندو ڪنڪر هڻندو، ڪنهن کي روڪي ڪير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

گَس مڙيئي انهيءَ گلِي ڏي، ٿَڙَڪَن توئي پير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

ساڙ سڙيو آ پاڙو سارو، پيار سان تنهن کي وير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

پيراڍُن ڀي ڪين سڃاتا، ڪنهنجا ها سي پير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

جو کُڏ تي بيهِي واجهائي، سو ڳڀرو آهي ڪير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

ڪليءَ ڪليءَ تي ماڪ پئي آ، هجي گُلن ڏي خير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

ڌَڪ ڌَڪ ڌَڪ ڌَڪ ساهه جو سهڪو، ڇمڪِي ڪاٿي ڇير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

گَجَ ۾ ساڳي بوءِ بدن جي، ڌوٻيءَ ڌوتِي مير، الو ميان:

جوڀن پڪِي ٻير.

غزل

ڪنهن جي بدن جي سرهاڻ،

ڇا ته منڊيو آ مانڊاڻ؟

وار ڦڳڻ جون راتيون،

 

چهرو چوڏهينءَ چانڊاڻ.

اڄ ته سڃاڻي به نه ٿي،

 

ڪالهه هئي جا مون ساڻ.

ڪيسُ ٿيو آ ڪنهن سان،

 

دل منهنجي رتو – ڇاڻ.

آهه ڪويءَ جو سينو،

 

ڄڻ لوهر جي سانداڻ.

سو به اسان جو نه ٿيو،

 

’تاج‘، مئاسين جنهن ڪاڻ.

”سرويچ“ سجاولي

سلام سنڌ لئه لکان…

هجان کڻي ڪٿي به مان، ڀُلائبو نه ديس کي،

هجان کڻي ڪٿي به مان، وساربو نه ويس کي،

وساري ڪيئن ٿو سگهان، کٿي، لُنگي ۽ کيس کي،

 

سُرو پيا سَنڌ سَنڌ ۾، سدائين منهنجي سانگيو،

هُرو پيا هَڏ هَڏ ۾، وَالله منهنجي وانگيو،

چُرو پيا نَس نَس ۾، سدائين سورهيه ساٿيو،

 

اوهين ته پيا سدا جِيئو، اوهان کي خوش ڏسان ڏسان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان، ڪلام قوم لئه لکان.

 

اوهين ته سنڌ ديس ۾، وڌو وڌو، وَڻو وَڻو،

اوهين ته سنڌ ديس کي، اکين مٿي کڻو کڻو،

وطن جي حُبّ جون جڙون، هينئين اندر هڻو هڻو،

 

وڙهو نه پاڻ ۾ مِٺا! کِلو ۽ کير کنڊ ٿيو،

سُخن ۾ صاف سون ٿيو، چمن ۾ چار چنڊ ٿيو،

اوهين اوهان جي عزم ۾، جبل ٿيو ۽ جنڊ ٿيو،

 

ڏڪايو دشمنن سنديون دليون دليون، هينئان هينئان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اَڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان، ڪلام قوم لئه لکان.

اوهين نه وسرڻا ڪڏهن، اوهان سان جيءُ جڙيل اٿم،

اوهان سان دل اڙيل اٿم، اوهان سان من مڙهيل اٿم،

اوهان جي پيار جون پَٽيون پڙهيل اٿم، پڙهيل اٿم،

 

اوهين ته اي عجيبڙا! اکين ڪنان به اوڏڙا،

اوهين ته ساهه جا سڳا، سٻاجهڙا سٻاجهڙا،

اوهين ته مور من جا، ملوڪڙا ملوڪڙا،

 

اوهان تان گهورجي وڃان، اوهان تان سر ڏيان ڏيان،

جو دم ته ٿو جتي جيان، سو دم ته پيو اڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان، ڪلام قوم لئه لکان.

 

اوهان جي سور ڏک کي ڏسيو ڏسيو ڏريو وڃان،

اوهان تي مَچّ ٻاٻرا، ٻُڌيو ٻُڌيو ٻريو وڃان،

ڪڏهن ته ان عذاب ۾ صفا ٿيو چريو وڃان،

 

اوهين ته سڀ وڌو وڌو، اوهان جا کيٽ شل کِڙن،

اوهان جا چيٽ ۽ ڪتيون، ٽِڙيو ٽِڙيو وريو ٽِڙن،

اوهان جي گهر اڳيان ته مال جا وَلر مِڙيو مَڙن،

 

اوهان سان کيرَ جون وَٽيون کِليو کِليو پيان پيان،

جو دم ته ٿو جتي جيان سو دم ته پيو اڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان، ڪلام قوم لئه لکان.

 

اوهان جا ڳوٺ  ڳوٺ ۽ ڳليون وسن، الله ڪري،

اوهان جي وانڍ واڙ ۽ وسيون وسن، الله ڪري،

اوهان جا گهيڙ گهاٽ ۽ گهٽيون وسن، الله ڪري،

 

اڱڻ مٿي جيئن جيڏڙيون کِلن کِلن ڪُڏن ڪُڏن،

هو سائي سائي ويس سان ته پينگهه ۾ لُڏيو لڏن،

صبح ۽ سانجهه ساهيڙيون، مِٺا مِٺا ڳيا چون،

 

جيئو جيئو وَريو جيئن، جيئي سڄو جهان جهان،

جو دم ته ٿو جتي جيان سو دم ته پيو اڙي ميان!

سلام سنڌ لئه لکان، ڪلام قوم لئه لکان.

وائي

اُٿ، سنڌ جي واڳ سنڀال، او هاري!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

هيءَ ڌرتي تنهنجي پنهنجي آهي، ٻئي جي ناهه مجال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

هيءُ جو وڏيرو وچ جو ويري، تنهن کي ٺوڪ دُنال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

لوهر، واڍا، ڪنڀر، موچي، تن جو رکجان خاص خيال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

درزي، ڌوٻي، رازا، گاهيا، تن سان ڀي ڪر قرب ڪمال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

ڌنارن ۽ ڪاٺيرن سان ڀائُن جهڙا ڪج تون ڀال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

 

پيار ڪجان هر پورهيت سان ۽ چورين ڦُرين جي ڇڏ چال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

سنڌڙيءَ جو ”سرويچ“ سچو تون، سنڌ جو آهين لاشڪ لال!

سنڌ جي واڳ سنڀال. . .

ڪافيون

( 1 )

سهي تنهنجا وينديس، عمر! سور سٽڪا،

ڪنديس پَرَ نه ڪارا، پنوهارن جا پٽڪا!

 

گذاري هي وينديس، گهڙيون گنگهرن ۾،

سڙي ڀل تي ساري، وڃان سنگهرن ۾،

مگر ڳالهه مارن، ڪريان ڪيئن؟ گهٽ ڪا!

 

ويڙهيچن جون مونکي، نه وسرن ٿيون واڙيون،

لڳن ماڙين ۾ ٿيون من کي اُماڙيون،

وجهين ڇو ٿو مونکي، اباڻن کان اَٽڪا

 

ڪڙولن ۾ تو جا، ڪڙي قيد ڪيئڙي،

حياوند مارن، ڌنارن جي ڌيئڙي،

اچن جيءَ ان جي کي جيڏين ري جهٽڪا!

 

نباهي نيان ننگ شل جهانگين جو،

رهي سيل ثابت سدا سانگين جو،

لڳي شل نه ”سرويچ“ لوئي کي لٽ ڪا!

( 2 )

جتن کان ته مونکي، نه جيڏيون جهليو ڙي!

پُڄان من پنهونءَ کي، وڃي ڊوڙي ڊوڙي!

 

هي ڀنڀور وَرَ ري، بُرو پيئي ڀانئيان،

پٽولا نه پايان، کٽون هنڌ کانئيان،

وِرِهه آهي منهنجي، هتي دل ولوڙي!

وهان هوت ڌاران، اهو وڙ نه آهي،

وڃان ڪيچ ڪاهي، هتي هاڻ ڇاهي؟

ٿئي ڀل ته ڇُلڻان، ڇپر منجهه ڇوڙي!

 

برهه باهه ٻاري، وڌي بيقراري،

ڏسان جلد آري، لهي انتظاري،

گهُٽي پئي نِڙيءَ کي، سندي نينهن نوڙي!

 

اچي هوت حامي، ته ”سرويچ“ ٿيندو،

وٺي نال نيندو ۽ گولي گڏيندو،

ڪندو پاڻ سائين، سڄڻ سان سجوڙي!

( 3 )

پنهل پنڌ ۾ تون ٿجئين ٻانهن ٻيلي،

اچان پيئي توڏي، اڪيلي اڪيلي!

 

لڳي لوهه ڪوسي، لڪن منجهه لٽڪان،

سندءِ ڀروسي تي، برن ۾ پئي ڀٽڪان،

کنيم پاڻ سان ڪا نه سرتي سهيلي!

 

رلان رائي ۾ پئي، سڄا ڏينهن راتيون،

جبل جي جهُرين ۾ ڏيان جام جهاتيون،

ڇڏيم هوت تو لئي، حرم ۽ حويلي!

 

جبل جون ته جاڙون، جهلينديون نه مونکي،

هي پٿريون پرينءَ کان، پلينديون نه مونکي،

پيل نيش نينهن جي آءٌ نڪ ۾ نڪيلي!

 

سفر منجهه ”سرويچ“، سورهيه سٻر ٿي،

سڄڻ جي ته پويان، سُران سينڌ ڀر ٿي.

پُڄي من وڃان، اَن اويلي سويلي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com