سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :11

جناب سائين جيجڪ جان رسمي سڃاڻپ وارين ڳالهين کي بلڪل بيرخي ۽ دلربائيءَ سان پورو ڪري وڏي شان و شوڪت ۽ بيپرواهيءَ سان منهنجي ڀرسان ميز وٽ ويهي رهيو. پنهنجي دوستن سان سندس تعارف ڪرائيندي مون چيو ته پاڻ پايه تخت طهران جي لائق ۽ فائق جوانن مان هڪ آهي. جڏهن ڏٺم ته هو منهنجو ڏسيل ڪردار چڱيءَ طرح ادا ڪري رهيو آهي تڏهن اندر کي آٿت آيو. ان کان پوءِ مون شراب جو هڪ گلاس ڀريو ۽ گهڻي نياز ۽ نوڙت سان چيو ”جناب اعليٰ جيجڪ جان! اصفهان جي هن شراب مان چُڪي چکيو، ان ۾ نشو به گهٽ اٿو.“ مکڙيءَ وانگر پنهنجا چپ ٽيڙي يعني هلڪي مسڪراهٽ سان چوڻ لڳو، ”جيتوڻيڪ مان فرانس جي شراب ’ڪنياڪ‘، جنهن تي تاري جو نشان آهي، پيئندو آهيان، پر جڏهن اوهان زور ٿا ڀريو ته مون کي اوهان جو چيو مڃڻوئي آهي.“

ايئن چئي شراب جي گلاس کي پنهنجي ڪرائيءَ جي هڪ ئي لوڏي سان نڙيءَ جي کڏ ۾ اوتي ڇڏيائين ۽ گلاس کي مون ڏانهن وڌائي چيائين ”شراب هروڀرو ويل ڪونهي ۽ روس واري لينن گراڊ جي شراب ’دوڪائي‘ جهڙو مزو اٿس، جنهن جون ڪجهه بوتلون روس جي نائب سفير تازو مون ڏانهن سوکڙيءَ طور موڪليون هيون. منهنجي يارن دوستن جي نجي ڪچهريءَ ۾ ان جي ڏاڍي واکائڻ ڪئي وڃي ٿي، پر اصفهان شراب به گهٽ ڪونهي!“

ايراني جڏهن شوق ڪندو آهي ته انگريز کي به کيسي ۾ وجهيو ڇڏي. ”چڱو هڪڙو ٻيو به گلاس ڀر ته ڏسون ته ڪهڙو آهي.“ ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيجڪ جان جي. اڃا گهڙي کن ڪونه گذري ته شيشي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو بهترين مشروبات سان ڪافي مقدار ملائي هن چڱي مڙس پنهنجي پيٽ جي مٽڪي ۾ اوتي ڇڏيو. ماني کائڻ ۾ ته هن تر جيتري به گهٽتائي ڪانه ڪئي. شراب ۾ ڀُڳل گوشت جي چشڪي ته ويتر کيس آپي مان ڪڍي ڇڏيو. هاڻي هو ٻٽاڪ سٽاڪ ۾ لڳي ويو. هن پنهنجي مٺڙن ٻولن، کل ڀوڳ، گهڻي ڳالهائڻ ۽ رس ڀريءَ رهاڻ سان سڀني جي زبان منڊي ڇڏي. محفل جو مور بنجي اهڙو ته ڇانئجي ويو جو ڪو به وچ ۾ ڳالهائڻ جي سمڪ نه پيو ساري سگهي. ويتر شراب جي مشڪل ڪشا چاٻيءَ کيس بي لغام بنائي ڇڏيو هو ۽ سندس زبان تلوار وانگر نيام مان نڪري معجزا ڏيکارڻ لڳي. هن بي حيا ۽ بي شرم جنهن ڪڏهن امام زاده داؤد ۽ حضرت عبدالعظيم جي درگاهن (اهي طهران جي آسپاس آهن) کان اڳتي پير ڪونه پاتو، سو شڪاگو، مئنچيسٽر، پئرس، يورپ ۽ امريڪا جي ٻين شهرن ۾ پنهنجا گذريل داستان دهرائڻ لڳو ۽ انهن ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه ڪانه ڪيائين جو ڪير کيس ڪوڙو ڪوٺي سگهي. سڀ کيس ڌيان سان ٻُڌي رهيا هئا ۽ هو ڳالهائيندو ويو. عجب جي ڳالهه وري اها جو هڪٻئي پٺيان گرهه هڙپ ڪندو ويو، پر سندس اواز ڪڏهن به بند نه ٿيو، ڄڻ ته سندس گلي ۾ ٻه ناليون هيون، هڪ گرهه ڳهڻ لاءِ ۽ ٻي لٻاڙ سٻاڙ لاءِ.

هن عيد نوروز جي تيرهين تاريخ بابت ڪچهريءَ سان ٺهڪي ايندڙ هڪ قصيدو پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڊاڙ هنيائين ته هن اهو ڪلهه جوڙيو هو. هر طرف کان واه واهه، شاباس ۽ آفرين جا آواز اُڀ ڦاڙڻ لڳا. مهمانن مان ٻن ڄڻن، جن کي پنهنجي ڄاڻ تي ناز هو، تن کيس ڪي شعر وري وري دهرائڻ لاءِ چيو. ڪچهري وارن مان هڪ ڄڻو، جيڪو شعر ۽ ادب ۾ برک هو، اهو کانئس ايترو ته متاثر ٿيو جو اڳيان وڌي سندس پيشاني چمڻ لڳو ۽ کيس چيائين: ”خدا جو قسم تون سچ پچ استاد ٿو لڳين“. ان کانئس پڇيو ته تخلص ڪهڙو اٿوَ. جيجڪ جان مُنهن ۾ گهُنڊ وجهي وراڻيو ”مان تخلص کي فالتو سمجهان ٿو ۽ منهنجي خيال ۾ تخلص انهن پراڻين عادتن ۽ رسمن منجهان آهي، جيڪي ڇڏي ڏيڻ گهرجن. پر مرهيات اديب پشاوري جي چوڻ تي، جيڪو مون تي گهڻو مهربان هو ۽ جنهن سان پوين ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ٿي، مون ’استاد‘ جو تخلص اختيار ڪيو، پر مان ان کي گهڻو استعمال ڪرڻ پسند نٿو ڪريان.“ ڪچهريءَ ۾ مڙني ملي چيو ته تخلص بلڪل موزون آهي ۽ سچ پچ سائين جن جي شان وٽان آهي. انهيءَ وچ ۾ گهر جي اڱڻ تان ٽيليفون جي گهنٽي ٻڌڻ ۾ آئي. حضرت ’استاد‘ نوڪر ڏانهن مُنهن ڪري چوڻ لڳو ”اڙي ادا، ڀانيان ٿو ته اها وزير داخلا جي فون هوندي. شايد مون کي پيو سڏي، چئينس ته فلاڻو هينئر ميز وٽ کاڌو کائي رهيو آهي ۽ پوءِ پاڻ ئي اوهان کي ٽيليفون ڪندو.“ خبر پئي ته ڪٿان غلط نمبر تي ٽيليفون ٿي آهي. جيڪڏهن ڪنهن وقت منهنجي اک سندس اکين سان ٿي ملي ته کيس اشارو ۾ ڇنڀيندو رهيس پر سندس اکيون، ڳچي وڍيل ڪڪڙ وانگر ميز تي رکيل هڪڙي پليٽ کان ٻيءَ پليٽ تائين پئي ڊوڙيون ۽ کيس دنيا جي ڪنهن به شئي جي پرواهه ڪانه هئي.

هاڻي جَون جي يخني، دُنبي جو ڀُڳل گوشت، پلاءُ، چانور ۽ ٻيون ضروري شيون کاڄي چڪيون هيون ۽ اوگراين جا بين باجا شروع ٿي چڪا هئا. هاڻي قاز جي ڀُڳل گوشت آڻڻ جي مناسب گهڙي هئي. مان ڏاڍو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس، پر اندر ئي اندر منهنجي دل ڏڪڻ لڳي. مرغابيءَ جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ دل ۾ فالله خيراً حافظا (الله تون خير ڪجئين) پڙهڻ لڳس. نوڪر به هٿ ۾ پليٽ کڻي آيو، جنهن ۾ هڪ عدد ٿلهي متاري ڀُڳل مرغابي پيل هئي، جنهن جي چؤطرف اڃا گيهه جا سوسٽ پئي ٿيا. پليٽ کي ميز جي وچ تي رکي نوڪر گم ٿي ويو.

منهنجو سڄو ڌيان جيجڪ جان ڏانهن هو ته متان ڪٿي مرغابيءَ جي سڳنڌ کيس اهڙو مست ڪري ڇڏي، جو همراه هٿان ئي نڪري وڃي. پر خدا جو شڪر جو اڃان سندس هوش ۽ حواس ٺيڪ هئا. جيئن ئي مرغابيءَ تي نظر پيس ته مهمانن ڏانهن نظر ڪري چوڻ لڳو ”دوستو! ڏسو اسان جي مان واري ميزبان جي اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. ڀلا ٻڌايو ته هي وقت مرغابيءَ جي کائڻ جو آهي؟ ٻيلي منهنجو ته پيٽ نڪ تائين ڀرجي ويو آهي، ۽ هاڻي ته جيڪڏهن منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪندا، تڏهن به هڪڙو گرهه وڌيڪ نه کائيندس، پوءِ کڻي آسمان مان من وسلويٰ جو دسترخوان ڇو نه لهي اچي. اسان نٿا چاهيون ته هتان سڌا وڃي سرڪاري اسپتال ڀيڙا ٿيون. انسان جو معدو ڪو نورمحل جي سراءِ ته ڪانهي جو جيڪي اندر وجهونس ته ڀرجي ئي نه.“ پوءِ نوڪر کي هڪل ڪري چيائين ”بابا، دوستن جي خواهش آهي ته هيءَ مرغابي صحيح سلامت وڃي گهر رک.“

مهمان به منجهي پيا ته هاڻي ڇا ڪجي. هڪ طرف تازي ڀُڳل گوشت جي خوشبو هنن جي نڪ مان لنگهي دماغ ۾ پهچي رهي هئي، ٻئي طرف هنن جي دل به نٿي چاهيو ته ڪو اهڙي کاڌي کي ائين موٽائي ڇڏين. پوءِ کڻي چشڪي خاطرئي مرغابيءَ جو هڪ گرهه چکي، دُنبي جي گوشت سان ان جي ڀيٽ ڪن. مگر حضرت ’استاد‘ جهڙي چالاڪ ۽ اٽڪلي ماڻهوءَ جي اڳيان مڙيئي مهمان اچي پريشان ٿيا. جيتوڻيڪ سندن اکيون مرغابيءَ ۾ کُتيل هيون، پر لاچار جيجڪ جان جي ڳالهه سان ها ۾ ها ملائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هئن. ڏٺم ته اسان واري چال ڪامياب ٿي رهي هئي. دل ۾ پئي چيم ته جيڪر جيجڪ جان کي جس ڏيان ۽ سندس بي ڊولا چپ ۽ اُٺ جهڙيون چوچيون اکيون چُمان. وري دل ۾ پهه ڪيم، ته هن کان پوءِ کيس پاڻ وٽ رکبو ۽ سندس لاءِ ڪو مناسب ڌنڌو ڳولبو. پر رڳو ٻاهريون پنو رکندي مان ڪاسائيءَ جهڙي هڪ ويڪري ۽ ڊگهي ڇُري هٿ ۾ اهڙيءَ طرح جهليو بيٺو هوس، جهڙيءَ طرح لڙائيءَ جي ميدان ۾ وڃڻ جي تيار ڪري رهيو هوس. هر هر ”غاز“ تي ائين پئي وار ڪيم، ڄڻ اجهو ٿو هن ويچاري بي سهاري حيوان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان. ان سان گڏوگڏ لڳاتار زور به ڀريندو رهيس، ڄڻ ته سائين جيجڪ جان جي پيٽ کي پئي منٿون ڪيم ته ڀلا منهنجي ڪري ئي کڻي ٻه – ٽي گرهه کائڻ فرمايو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ بورچيءَ جو پورهيو اجايو نه وڃي. ڀلو ٿئي ڪاسائيءَ جو جنهن مرغابيءَ جي زبان نڙگهٽ سوڌو وڍي ڇڏي هئي، نه ته اها زبان مون جهڙي بي حيا جون الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون ويهي خبرون چارون ڪري ها. مطلب ته مون پئي زور ڀريو ۽ جيجڪ جان جي ”نه بابا، نه بابا“ پئي پئي. آخر ڳالهه اتي وڃي پهتي جو مڙئي مهمان جيجڪ جان سان ها ۾ ها ملائي چوڻ لڳا ”مرغابي کي واپس کڻي وڃو ۽ ان کي ڪو به هٿ نه لائي.“

چال ته اسان واري ڏاڍي ڪامياب پئي وئي، پر اوچتو منهنجي وات مان نڪري ويو، ”يارو! ڇا اها ڏاڍائي ڪانه چئبي جو اهڙي مرغابي ڇڏي ڏجي، جنهن جو پيٽ برغان شهر جي پيلن پٽاٽن سان ڀريل هجي ۽ انگريزي مکڻ ۾ تَري ڳاڙهو ڪيو ويو هجيس.“ اڃا منهنجي چنڊي زبان مان اهي لفظ نڪتا ئي مس ته جيجڪ جان ائين اُڀو ٿي اٿيو، ڄڻ سندس اسپرنگ ٽٽي پيو هو ۽ هٿ وڌائي مرغابيءَ جي ڪنڌ وارو گوشت پٽي کڻي پنهنجي اڳيان رکيائين ۽ چوڻ لڳو ته ”جڏهن توهان پاڻ ٿا چئو ته برغان جي پيلن پٽاٽن سان ڀريل آهي ۽ انگريزي مکڻ ۾ تريل آهي ته پوءِ اهو نامناسب ٿيندو جو پنهنجي مان واري ميزبان جي مرضي نه رکجي. پوءِ ڇو نه کڻي سندس دل خوش ڪرڻ لاءِ هڪ گرهه ئي چڱيون.“ ٻيا همراه جيڪي رڳو اشاري لاءِ منتظر هئا، سي بنا ويرم جي ڏڪاريل بکين وانگر اچي مرغابيءَ مٿان ڪڙڪيا ۽ اک ڇنڀ ۾ ويچاري مسڪين مرغابيءَ جي گوشت ۽ هڏين کي قربانيءَ جي اُٺ وانگر هڪ درجن نڙين، ڦوڪيل پيٽن ۽ آنڊن جي تنگ پيچرن مان چٻاڙي، ڳهي، هاضمي ۽ تحليل جي منزلن مان وڃي پار پيا. مطلب ته هنن لُچن مرغابي کي اهڙيءَ ريت چٽ ڪيو ڄڻ هن آني مان ڦُٽي ڌرتيءَ تي پير ئي ڪو نه ڌريو هو. چون ٿا ته انسان گوشت کائيندڙ حيوان آهي. پر هيءَ عجيب مخلوق ته ڄڻ هڏن کي به کائڻ لاءِ پيدا ٿي هئي. سچ پچ ائين پئي لڳو ڄڻ هنن مهمانن مان هرڪو پاڻ سان هڪ فالتو معدو کڻي آيو هو. اها ماجرا ڏسي ان مهل ڪير اعتبار ئي نه ڪري ها ته ڪو هنن سڀني ٻن ڪلاڪن تائين ڇريون ۽ ڪانٽا هٿ ۾ جهلي ميز تي پيل گوشت جي ڍير، کلن، هڏين، ڀاڄين ۽ اناج کي پنهنجي پيٽ ۾ دفن ڪيو هوندو، پر پڇاڙيءَ ۾ ته پليٽن جا ترا به چٽي ڇڏيائون. هاڻي وري ٻارهن ئي ڄڻا ٺهي ٺڪي نئين سئين اچي ويچاري مرغابيءَ مٿان مڙيان ۽ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڳاڙهي رنگ جهڙي ڀُڳل مرغابي ٽڪرا ٽڪرا ٿي هنن ڳجهن جي ٽولي جو گراهه بنجي ويئي ۽ سندس پيٽ جي قبرستان ۾ اهڙيءَ طرح پورجي وئي، ڄڻ ته سندس وجود ئي ڪونه هو. منهنجي حالت وري اهڙي ٿي وئي جو اهو ڏڪائيندڙ ڏيک ڏسي منهنجو ڏيل ئي ڏڪي ويو ۽ سواءِ هٿرادو کل ۽ واه واه جي ٻيو ڪجهه به مون کان ڪو نه پڳو.

پر آقاءِ استاد جيجڪ جان بابت ٻه – چار اکر ٻڌو، جيڪو ان مهل ڏاڍو سرهو پئي ڏٺو ۽ منهنجي ريشمي رومال کي سوٽ مان ڪڍي، جيڪو پڻ منهنجو پائي آيو هو، ڏاڍي نٽ نخري سان پنهنجي سهڻي شڪل ۽ لڙڪيل چپ اگهڻ لڳو. ان کان پوءِ وري نئين شعر و شاعري شروع ڪري سوئرن جي شڪار جو ذڪر شروع ڪيائين، جيڪي سندس چوڻ موجب سئٽزرلئنڊ جي ٻيلن ۾ اتي جي اميرن ۽ وڏن ماڻهن سان گڏ ڪيا هئائين. ان ڏيهه جي هڪ وڏگهراڻي ڇوڪريءَ سان پنهنجي پريت جا اهڙا ته قصا بيان ڪيائين، جو ٻڌندڙ سندس هر ڳالهه کي اُڀ مان لٿل وحي وانگر سچ سمجهڻ لڳا ۽ هر هر واه ۽ شاباس پئي چيائون.

انهيءَ کاڌي پيتي جي دوران مرغابي (شال خدا مرهيس) جي تباهيءَ ۽ برباديءَ مون کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ رنگين آسمان جي بي ثباتي، ڪميڻن جي بدبختي، هن دُکي دنيا جي دولاب ۽ بدشڪل جيجڪ جان جي بي حيائيءَ تي ويچار پئي ڪيم ته ٽيليفون جي گهنٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مان ٻاهر ڊوڙي ويس ۽ جلدي واپس وريس. مرغابيءَ جي شڪاري جناب جيجڪ جان ڏانهن منهن ڪري عرض ڪيم ”سائين قبلا جيجڪ جان! وزير داخله پاڻ ٽيليفون تي اوهان سان ٻه – ٽي اکر ڳالهائڻ چاهين ٿا.“ همراهه ڳالهه کي تاڙي ورتو، پر ساڳيءَ ٽانءِ ڦون سان دل ٻڌي ڪمري مان نڪري منهنجي پٺيان اچڻ لڳو.

جيئن ئي ڪمري مان نڪتو، مون به کڻي در کي بند ڪيو ۽ کيس اهڙي ته اُڀ ڏاريندڙ آواز واري ٿڦڙ وهائي ڪڍيم جو منهنجي پنج ئي آکرين جا نشان هٿ جي تريءَ ۽ ڪرائيءَ سميت آقاءِ استاد جي سينگاريل شڪل تي ڇاپجي ويا. پوءِ چيومانس ”شل خانو خراب ٿيئي، نڙيءَ تائين تنهنجو پيٽ ڀريل هو، پر مرغابي ڏسنديئي پنهنجو دين ايمان وڃائي ويهي رهئين. مون تو جهڙي بدشڪل ڪميڻي کي پنهنجو راز ڏنو ۽ تو وري خيانت ڪري مون کي دوکو ڏنو؛ هي انهيءَ جو انعام اٿئي. ائين چئي وري ٻي ٿڦڙ به وهائي ڪڍي مانس. نيٺ پنهنجي اصلوڪي هٻڪ واري انداز سان، جيڪو کاڌي کائڻ مهل بنهه ظاهر ڪونه هو، هق هق ڪري چوڻ لڳو ”اي منهنجا سؤٽ! مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو! توهان کي ياد هوندو ته پاڻ هڪٻئي سان رڳو مرغابيءَ بابت ڳالهايو هو ۽ فيصلو ڪيو هو ته ان کي هٿ ڪونه لائبو. توهان ڪڏهن چيو هو ته ان کي انگريزي مکڻ ۾ ڳاڙهو ڪيوويو آهي ۽ ان جي پيٽ ۾ برغان شهر جا پيلا پٽاٽا پيل آهن. ياد ڪريو، ان ۾ اوهان جو ڏوهه آهي، منهنجو ته ڪو ڏوهه ڪونهي“. سندس انهن بهانن تي مون کي حيرت لڳي ۽ گهر جو دروازو کولي هن نمڪحرام کي اهڙيءَ طرح ڌڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍيم، جهڙيءَ طرح ڪُئي کي پُڇ کان جهلي تيل جي مٽ مان ٻاهر اُڇلبو آهي. پنهنجي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ اڱڻ ۾ ڪجهه چڪر لڳائڻ شروع ڪيم ۽ پوءِ هٿرادو کل واري شڪل ٺاهي ڪمري ۾ داخل ٿيس.

ڏٺم ته ساڄي کاٻي مهمان ڊگها ٿيا پيا آهن ۽ چوسر کيڏڻ ۾ رڌل هئا. کين چيم ته آقاءِ جيجڪ جان معافي گهري آهي، جو اوهان کان ريءَ موڪلائي هليو ويو. وزير داخله پنهنجي ذاتي موٽر موڪلي کيس جلدي پهچڻ لاءِ چوائي موڪليو هو. سمورن سڄڻن سندس وڃڻ تي ڏک ظاهر ڪيو ۽ سندس مٺڙن ٻولن ۽ اڪابريءَ جا گڻ ڳائڻ لڳا ۽ پنهنجي ڪچهرين ۾ کيس دعوت ڏئي گهرائڻ لاءِ مون کان سندس ٽيليفون نمبر ۽ بنگلي جو ڏس پڇڻ لڳا. مان به اوهان کان ڇا لڪايان، بلڪل بي حيائيءَ سان سڀني کي غلط ڏس پتو ڏيڻ لڳس. ٻئي ڏينهن خيال آيم ته پنهنجي نئين سبيل سٺن ڪپڙن جو هڪ جوڙو به ٻين شين سميت گهر کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيم، يعني بدمعاش آقاءِ استاد جيجڪ جان اهو به ڌڪ هڻي ويم. پر هاڻي ٿي ڇا ٿي سگهيو، تير ڪمان مان نڪري چڪو هو ۽ چيم ته پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيم. نيٺ توبهه ڪيم ته هاڻي جيسين جيئرو هوندس، وري ترقي يعني پروموشن جو نالو به نه ڳنهندس!

ٿامس هارڊي

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

ٽس

ها، سر جان! اصل ڳالهه هيءَ آهي ته…… پارسن، جيڪ ڊربي فيلڊ کي چيو، پارسن هڪ بزرگ شخص هو ۽ گذريل ٻن – ٽن نسلن جون ڳالهيون ۽ قصا ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندو هو. جيڪ ڊربي فيلڊ هڪ شرابي ماڻهو هو، جاهل هو، ڳوٺاڻو هو ۽ بليڪ مور جي سرسبز ۽ شاداب واديءَ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ مارلوٽ ۾ رهندو هو. پوءِ پارسن حيران ۽ پريشان جيڪ کي اهو قصو ٻڌايو ته تنهنجو اصل ۾ ڊربرويل جي قديم ۽ شريف خاندان سان تعلق آهي. اهو خاندان جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪو آهي، ان جي سڄي دولت، شان شوڪت ۽ شرافت مٽيءَ ۾ ملي چڪي آهي، پوءِ به ڪٿي ڪٿي ان جا نمونا نظر اچي ويندا آهن.

هڪڙو سادو سودو ڳوٺاڻو انهيءَ انڪشاف کان متاثر ٿي ڊوڙندو ڊوڙندو پنهنجي گهر پهتو، زال ۽ ٻارن کي اها خوشخبري ٻڌايائين ته ’اڙي توهان ته تمام اوچي ۽ شريف خاندان سان تعلق رکو ٿا!‘

هيڏانهن هو پنهنجي شيخي ظاهر ڪري رهيو هو، هوڏانهن سندس وڏي ڌيءَ ”ٽس“ جيڪا ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ ڏاڍي مخلص هئي، پنهنجي شرميلي ۽ بي چين نگاهن سان نوجوان ۽ خوبصورت ”اينجل ڪليئر“ کي گهوري رهي هئي، جو هڪ پادريءَ جو پٽ هو ۽ پنهنجي ڀائرن سان گشت ڪري رهيو هو ۽ چند ڏينهن لاءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ ترسي پيو هو، ته جيئن بهار جي موسم جا مزا ماڻي سگهي ۽ ڳوٺ جي حسين ڇوڪرين سان گڏ نچي ۽ ڳائي وڄائي سگهي. ’ٽس‘ پنهنجون خاموش نگاهون ڪليئر تي نثار ڪندي، خاموشيءَ سان آرزو ڪري رهي هئي ته ڪاش هو ساڻس رقص ڪري سگهي.

جڏهن هوءَ گهر پهتي ۽ ان کي به اها خوشخبري ٻڌائي ويئي ته اسان هڪ تمام اوچي خاندان سان تعلق رکون ٿا، تڏهن هن عجب مان پڇيو:

”امان! جيڪڏهن اسان واقعي ڪنهن اوچي گهراڻي سان تعلق رکون ٿا ته پوءِ انهيءَ مان اسان کي فائدو ڪهڙو ٿيندو؟“

سندس ماءُ، جون ڊربي فيلڊ، هڪ نرم دل ۽ شريف هجڻ جي باوجود پنهنجي مڙس وانگر غير ذميدار عورت هئي. هن اڳ ۾ ئي وڏا وڏا منصوبا ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. انهيءَ چيو:

”ڏس ٽس! ٽينرج شهر ۾ هڪ امير عورت آهي جنهن جو نالو ليڊي ڊربرويل آهي. تون وڃي ان کي چؤ ته تون به ڊربرويل خاندان مان آهين، ته پوءِ هوءَ توکي ڪنهن اهڙي ڪم سان لڳائيندي جو نه صرف اسان سڀني جو گذارو سٺو ٿي سگهندو، بلڪ تنهنجي شادي به ڪنهن شريف ماڻهوءَ سان ٿي سگهندي.

ٽس ڪجهه ته ماءُ جي خوشنوديءَ خاطر ۽ ڪجهه وري انهيءَ خيال سان ته شايد کيس پنهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ واقعي ڪوئي سهارو ملي وڃي، هوءَ ٽينرج هلي ويئي. اتي ”ايلڪ“ ڊربرويل پنهنجي انڌي ماءُ کي چئي کيس پنهنجي مال جي سنڀال ۽ کير ڏهڻ جي ڪم جي نوڪري وٺي ڏني. پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهو به چيائينس ته ٽس پاڻ کي ٽس ڊربي فيلڊ چوائي ۽ ڊربرويل خاندان سان ناتي ڳنڍڻ جي اجائي حماقت نه ڪري. ٽس ڏاڍي اعتماد سان چيو: ”مان پاڻ به اهو نالو پسند ڪيان ٿي.“

مزي جي ڳالهه اها هئي جو خود ’ايلڪ‘ به ڊربرويل خاندان مان هو. هو هڪ واپاريءَ جو پٽ هو جنهن اهو نالو اختيار ڪيو هو. ٽس جي جواني ۽ حسن کي ڏسي سندس وات پاڻي ٿيڻ لڳو، ۽ هن پهرين ئي ڏينهن ان سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ٽس هميشه کانئس نٽائيندي رهي، ۽ جيئن جيئن هوءَ ايلڪ کان پاڻ کي بچائيندي رهي، ايلڪ جو خيال جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو. ايلڪ پنهنجي ڄار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاطر ٽس جي ڀائرن ۽ ڀينرن ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون پڻ موڪليون. ٽس ڏاڍي احتياط سان پاڻ کي ايلڪ کان پري رکيو، ۽ نوڪري انهيءَ ڪري نه ڇڏيائين جو انهيءَ مان گهر جي خرچ جي تنگي دور ٿي رهي هئي. ايلڪ ڇيڙ ڇاڙ جاري رکي ۽ ويچاري اٻوجهه ٽس کي سبز باغ ڏيکارڻ شروع ڪيائين.

هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو ٽس جو ڪن ڳوٺ جي ڌنارن سان جهڳڙو ٿي پيو. ايلڪ کيس اتان ڪڍي، گهوڙي تي چاڙهي جهنگ جو رخ ڪيو، ۽ کيس هڪڙي وڻ جي هيٺان ڇڏي انهن جهيڙيڪار ڌنارن کي هيڏانهن هوڏانهن تلاش ڪرڻ جو بهانو ڪيائين. شام جو وقت هو، ٽس ڏاڍو ٿڪل هئي، سو اتيئي وڻ جي هيٺان سمهي پيئي، تان جو کيس ننڊ اچي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ايلڪ موٽي آيو ۽ ٽس کي ننڊ پيل ڏٺائين. هن اهو موقعو غنيمت سمجهيو ۽ ساڻس هٿ چراند نه ڪيائين.

هاڻي ٽس جو ڪنڌ ندامت کان جهُڪي ويو هو. هن ايلڪ جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏني ته هن التجا ڪئي:

”ٽس! تون ڪنهن رنج ۽ غم سهڻ لاءِ نه پيدا ٿي آهين. دنيا کي پنهنجو حسن ۽ جواني ڏيکار، انهيءَ کان اڳ ۾ جو مرجهائجي وڃين. چڱو منهنجي عزيز، خداحافظ!“

ٽس پنهنجي گهر پهتي. سندس ماءُ کيس خوب دٻايو ته جيڪڏهن توکي ايلڪ سان شادي نه ڪرڻي هئي ته پوءِ تو کيس ايتري گستاخي ۽ دست درازيءَ جي اجازت ڇو ڏني. ٽس وري پنهنجي ماءُ کي دل کولي گهٽ وڌ ڳالهايو: ”تو مون کي مردن جي طبيعتن ۽ ارادن کان اڳ ۾ خبردار ڇو نه ڪيو. جڏهن نوڪريءَ لاءِ نڪتيس تڏهن بلڪل ناواقف، بي خبر ۽ اڻڄاڻ هيس. ايترو لکڻ ۽ پڙهڻ جو ته موقعو به نه مليو هو جو ڪتابن مان ئي پرايان ها.“ سندس ماءُ چُپ ٿي وئي.

ڏينهن گذرندا رهيا ۽ مقرر مدت کان پوءِ ٽس هڪ ٻار جي ماءُ بنجي وئي. ٽس ٻنيءَ ۾ مزوري ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ اها جاري رهي. مگر هاڻي هوءَ ٻين عورتن کان پري رهندي هئي ته جيئن سندن حقارت ۽ ملامت کان بچندي رهي، مگر تقدير کي ٻيو ڪجهه منظور هو. ٽس جو ٻار، جنهن سان سندس بيحد محبت هئي، بيماريءَ ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ ۾ ئي ان تي گهري غم جو اظهار ڪيو، ڇو ته جيڪ ڪنهن پادريءَ کي گهرائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ نه وري ٻار کي ڪنهن ديول ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. ٻار جي مرڻ جو ٽس کي ڏاڍو رنج ٿيو. سندس ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي به سخت افسوس ٿيو، ڇو ته سندن رانديڪو غائب ٿي ويو هو.

ڏينهن ساڳيءَ طرح گذرندا رهيا. ٽس والدين جي گهر ۾ خانگي ڪم ڪار ڪندي رهي. اهي سڀ سوکڙيون، تحفا ۽ زرق برق ڪپڙا جي ايلڪ ان ڏانهن پرچائڻ خاطر موڪليا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به اهي استعمال نه ڪيا هئائين، سندس ننڍين ڀينرن جي ڪم آيا. ٽس هڪ پراسرار ۽ پيچيده عورت بنجي چڪي هئي. اها اڳين سادگي ۽ معصوميت ۽ بي فڪري غائب ٿي چڪي هئي. هاڻي اهوئي سوچيندي رهندي هئي ته ڇا عصمت هڪ دفعو لٽجي وئي ته هميشه لاءِ لٽجي وئي؟ انهيءَ کي غلط ثابت ڪرڻ صرف انهيءَ صورت ۾ ممڪن هو ته سندس ماضيءَ جي مڪمل پرده پوشي ٿئي ۽ اها پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي ناممڪن نظر ٿي آئي.

آخر مئي جي مهيني ۾ کيس هڪ ڊيري فارم مان پيشڪش آئي جو بلڪل پري ٽالبوٽيز ۾ هو. هن انهيءَ پيشڪش کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ نوڪريءَ تي هلي وئي. اتي ٻيا به ڪيترائي ڊيري فارم هئا ۽ کير ڏيندڙ جانورن جي ڪثرت هئي. اتي ڊيري فارم جي ڌنار مزورن ۾ کيس هڪڙي ڏٺل وائٺل شڪل نظر آهي. اهو اينجل ڪليئر هو، جنهن کي بهار جي موسم ۾ ٽس، هڪ دفعو پنهنجي ڳوٺ ۾ به ڳائيندي وڄائيندي ڏٺو هو. ڪليئر خوش خلق ۽ پڙهيل لکيل نوجوان شخص هو ۽ ڊيري فارم هلائڻ جي عملي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. سندس پيءُ ايمنسٽر ۾ پادري هو ۽ سندس ٻيا ڀائر به مذهبي خدمت لاءِ مامور هئا.

ڪليئر پنهنجي مرضيءَ خلاف مذهبي خدمتن کان منهن موڙي نوآباديءَ ۾ ڊيري فارم قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو ۽ انهيءَ لاءِ عملي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. پهرينءَ ئي ملاقات ۾ ڪليئر ۽ ٽس ٻئي هڪٻئي سان گهائل مائل ٿي ويا. ڪليئر چرچي طور ٽس کي زهره، ناهيد وغيره حسن جي ديوين جي نالن سان ياد ڪيو ته ٽس سندس علميت وغيره کان به مرعوب ٿي وئي ۽ رات جو جڏهن پنهنجن ٻين همڪار سهيلين سان گفتگو ٿي ته ٽس کي خبر پئي ته اهي سڀ ڪليئر تي مرنديون هيون ۽ پنهنجو پاڻ سندس حوالي به ڪري چڪيون هيون. تنهن هوندي به ٽس ان کي چاهڻ لڳي.

جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، ٻنهي جا جذبات هڪٻئي لاءِ جيئن پوءِ تيئن شديد ٿيندا ويا ڇو ته گڏوگڏ ڪم ڪندا هئا ۽ هر گهڙيءَ کين ملڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن جذبات جي شدت کان ڪليئر، ٽس کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ کڻي ورتو ۽ چوڻ لڳو: ”ٽس، مون کي معاف ڪر، مان توکي دل سان چاهيان ٿو،“ ٽس ڪو به جواب نه ڏنو. صرف مخمور اکين سان کيس ڏٺائين. ڪليئر چيو: ”ٽس! تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“ ٽس هڪدم جواب ڏنو، ”نه، ڪليئر! مان توکي دل ۽ جان سان چاهيان ٿي، پر شادي! مان توسان شادي ڪري نٿي سگهان.“ ڪليئر سبب پڇيو ته هوءَ ڪجهه به ڪڇي نه سگهي. سندس پڪو ارادو هو ته هوءَ ڪنهن سان به شادي نه ڪندي، ڇو ته هوءِ پنهنجو جوهرِ عصمت وڃائي چڪي آهي، مگر ڪليئر مايوس نه ٿيو. هر روز شاديءَ لاءِ اصرار ڪندو رهيو ۽ ٽس نٽائيندي رهي. ڪڏهن عذر پيش ڪندي هئي ته هوءَ ڊربي فيلڊ نه، بلڪ ڊربرويل آهي. ڪڏهن چوندي هئي ته مون شادي نه ڪرڻ جو قسم کنيو آهي. ڪڏهن چوندي هئي مان توسان انهيءَ ڪري شادي ڪري نٿي سگهان، ڇو ته مون کي توسان بيحد محبت آهي. هڪ دفعي ته هن اعترافِ گناهه ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، ليڪن لفظ زبان سان ادا ٿي نه سگهيا. پاڻيءَ جي لڳاتار ضرب سان پٿر به راهه ڏيندو آهي، ليڪن زبان دل جو ساٿ ڏئي نه سگهي.

آخر ٽس کي شاديءَ لاءِ راضي ٿيڻو پيو ۽ ٽس پنهنجي ماضيءَ کي دل مان ڪڍي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، مگر شاديءَ جي مقرر تاريخ کان چند ڏينهن پهرين هوءَ ڪليئر سان هڪ هوٽل ۾ ويٺي هئي ته اتي کيس پنهنجي ڳوٺ جو هڪڙو ماڻهو نظر آيو، جو کيس چتائي ڏسي رهيو ۽ سندس متعلق پنهنجي ساٿين سان ڪنن ۾ سُس پُس ڪري رهيو هو. اتفاق سان ڪليئر به ڪجهه ٻڌي ورتو ۽ جهيڙي لاءِ تيار ٿي ويو. جهيڙي کان بچڻ لاءِ انهيءَ اجنبيءَ معافي ورتي ته، نه مون کي ڪجهه غلط فهمي ٿي هئي. پر اتان نڪري جڏهن ٽس، ڪليئر سان گڏ واپس وڃي رهي هئي ته هن شادي ملتوي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، مگر ڪليئر انهيءَ تي آماده نه هو.

انهيءَ رات ٽس، پنهنجي ايلڪ سان تعلقات متعلق هڪ ڪاغذ تي اعترافِ گناهه طور لکي ڪليئر جي ڪمري ۾ دروازي جي هيٺان وجهي آئي ته جيئن کيس سڀڪجهه خبر پئجي وڃي، پر صبح جو جڏهن هوءَ ڪليئر سان ملي ته ان ۾ ڪا به تبديلي نظر نه ائي. هو اڳئين وانگر پرجوش ۽ جذبات سان ڀرپور هو. شاديءَ جو ڏينهن اچي ويو ۽ انهيءَ صبح جو ٽس کي ائين ئي اچي خيال ٿيو ته ڪليئر جي ڪمري جو چڪر لڳائي ۽ ڏسي ته اهو ”اعتراف“ ڪٿي آهي. دروازي ۾ اندر داخل ٿيڻ کان پهرين هن قالين جي ڪنڊ مٿي کڻي جو ڏٺي ته خط اتي ائين جو ائين پيو هو. هن تڪڙ ۾ اهڙيءَ طرح خط کي اڇليو هو جو اهو قالين جي هيٺان اچي ويو هو. پاڻ گويا ڪليئر جي لاءِ اڃا تائين به بلڪل معصوم ۽ پاڪيزه عورت هئي. کيس غشي اچي وئي. مگر هينئر هٿن مان وقت نڪري چڪو هو. هن پنهنجا هوش ۽ حواس درست ڪيا ۽ خط کي ڦاڙي ڦٽو ڪيائين.

شادي ٿي وئي ۽ هاڻيءَ هو مسز اينجل ڪليئر بنجي وئي. مگر اهو سوال سندس ذهن ۾ سدائين کٽڪندو رهيو ته ڇا کيس مسز ڪليئر سڏائڻ جو حق پهچي ٿو؟ انهيءَ ئي شام جو ڪليئر چانهه پيئندي اوچتوئي اوچتو کيس چيو:

”ٽس! مان هڪ اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو،“ ۽ انهيءَ کان پوءَ هن ٻڌايو ته لنڊن ۾ ٻه راتيون ڪنهن ٻيءَ ڌاري عورت سان گذاري چڪو آهيان. مون کي اميد آهي ته تون مون کي معاف ڪندينءَ. ٽس به انهيءَ موقعي تي اعتراف مناسب سمجهيو ۽ ندامت کان ڪنڌ جهڪائي ايلڪ وارو سڄو قصو ڪري ٻڌايائين ۽ معافيءَ لاءِ عرض ڪيائين. ليڪن عورت جي پاڪدامني ۽ مرد جي پاڪدامنيءَ ۾ دنيا وڏو فرق رکي ٿي ۽ دنيا وارا مرد کي معاف ڪن ٿا، باقي عورت کي نه. جيئن ڪليئر ٽس جو اعتراف ٻڌو، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اهو چئي نڪري ويو:

”مان هڪ گهڙيءَ لاءِ به هتي ترسي نٿو سگهان.“

ڪليئر تي انهيءَ غير متوقع انڪشاف جو ڏاڍو گهرو اثر ٿيو ۽ نيم مجنونانه حالت ۾ ٻه – ٽي دفعا بس رڳو اهو چوندو رهيو:

”ٽس منهنجي زال ته مري چڪي.“ ۽ حقيقت به اها آهي ته جنهن ٽس کي هو چاهيندو هو، جنهن کي زال بنائڻ چاهيائين ٿي، اها ته هڪ پاڪ ۽ معصوم دوشيزه هئي ۽ نه هيءَ بي عصمت عورت! جڏهن ڪليئر جو هوش ٺڪاڻي آيو، تڏهن کانئس جدا رهڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ ٽس کي ضرورت لاءِ ڪجهه رقم ڏنائين. ٽس رنجيده ۽ دل شڪسته پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر هلي وئي، جتي وري به سندس ماءُ کيس سخت تنبيہ ڪئي ته اعتراف ڪرڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت هئي.“

هيڏانهن ڪليئر به پنهنجي خاندان ۾ پهچي اتان برازيل جي لاءِ سفر جي تياري ڪئي. هوڏانهن ٽس جو اهو حال هو جو گهر جي خرچ خاطر کيس ڪا نه ڪا نوڪري ڪرڻي ٿي پئي. روزانو کيس پنهنجي مڙس جو انتظار رهندو هو يا گهٽ ۾ گهٽ سندس خط جو، جنهن ۾ هو کيس برازيل اچڻ جي دعوت ڏئي. ليڪن نه ڪليئر آيو ۽ نه وري سندس ڪو خط – ٽس مشڪل کان مشڪل ڪم ڪيا ۽ روزي ڪمائي، فقط انهيءَ اميد ۽ آسري تي ته ڪليئر کيس معاف ڪري ڇڏيندو ۽ ضرور ايندو يا کيس گهرائيندو. روزيءَ خاطر وري به کيس پنهنجي والدين جو گهر ڇڏڻو پيو. هڪڙي ڏينهن سندس گذر اهڙي هنڌان ٿيو، جتي هڪ پادري وعظ ۾ مصروف هو ۽ چئي رهيو هو ته ڪنهن زماني ۾ پاڻ به وڏو گنهگار هو، عياش هو، ليڪن آخر کيس هدايت نصيب ٿي ۽ نيڪ توفيق ملي. ٽس سڃاڻي ورتو ته اهو پادري ايلڪ ڊربرويل هو. ايلڪ جي منهن ۾ نور هو ۽ ٽس گهڻيءَ دير تائين کيس چتائي ڏسندي رهي ته اهوئي سندس سڀني مصيبتن جو باعث هو. ايلڪ به کيس ڏسي ورتو ۽ وعظ ختم ڪرڻ کان پوءِ ساڻس گڏيو. ٽس کان ٻار جي پيدائش ۽ موت جي خبر ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ٻن – ٽن ڏينهن کان پوءِ هن ٽس سان ٻنيءَ تي ملاقات ڪري شاديءَ جي پيشڪش ڪئي ۽ چيو ته آفريڪا ۾ هلون ۽ اتي هلي مسيحت جو پرچار ڪريون.

ٽس کيس ٻڌايو ته هوءَ شادي شاده آهي، پر پنهنجي مڙس کان جدا آهي. ڇو ته سندس مڙس کي ايلڪ سان تعلقات جي جڏهن خبر پئي تڏهن کيس ڇڏي ڏنو. ايلڪ جو شوق مرده نه ٿي ويو هو، پر صرف دٻجي ويو هو ۽ ٽس کي ڏسي سندس هوس پرستانه جذبات کي وري تحرڪ اچي ويو. تقدس سڄو ويندو رهيو ۽ وري به اها ساڳي روش اختيار ڪيائين، جا اڳ ۾ هڪ دفعو ڪري چڪو هو. چيائين: ”منهنجي محبوبه! مڙس تي لعنت وجهه ۽ هل مون سان گڏ. هاڻ ان جو خيال لاهي ڦٽو ڪر.“ ٽس ان کي ڪاوڙ ۾ چماٽ هڻي ڪڍي. تڏهن چوڻ لڳو، ”ياد رک ڏس، مان هڪ دفعو توتي فتح حاصل ڪري چڪو آهيان ۽ وري به توکي شڪست ڏيندس.“

اها ڌمڪي ٻڌي ڪليئر کي ٽس هڪ ڏاڍو درد ڀريو ۽ التجائن وارو خط لکيو ته مون کي بچاءِ. انهيءَ خطري کان بچاءِ جو منهنجي مٿان لٽڪي رهيو آهي. مگر اڳين خطن وانگر هن خط جو به جواب ڪونه آيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ٽس جو پيءُ مري ويو ۽ جيئن ته ٽس کي ڳوٺ ۾ چڱيءَ نگاهه سان نه ڏٺو ويندو هو، انهيءَ ڪري سندس ماءُ کي ڳوٺ ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻو پيو. ٽس کي محسوس ٿيو ته سندس ڪري ئي ان جي ماءُ کي ائين ڪرڻو پيو. ايلڪ مدد جي پيشڪش ڪئي، جنهن کي ٽس ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پوءِ غم ۽ غصي جي باهه جلندي اينجل ڪليئر کي لکيائين ته تو مون سان ڏاڍو برو سلوڪ ڪيو. ظالم، مان هاڻي توکي وسارڻ جي ڪوشش ڪنديس. سندس ساهيڙين به ڪليئر کي خط لکيا ته هو ايڏو ظلم نه ڪري. ٽس جي پٺيان هڪڙو دشمن لڳل آهي ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ جو هوءَ ان جو شڪار بنجي، هو ٽس کي اچي بچائي. مگر انهيءَ جو به ڪليئر جي طرفان ڪو جواب نه آيو.

ڪليئر جڏهن پنهنجي خاندان ۾ موٽي آيو، تڏهن سڀ ان کي ڏسي حيران ٿي ويا. هو بلڪل ڪمزور ۽ بيماريءَ کان بيحال هو. جڏهن کيس ٽس ۽ سندس ساهيڙين جا خط ڏنا ويا جي تازو اتي پهتا هئا ته هو سندس تلاش ۾ نڪري پيو. ڳوليندي ڳوليندي اچي ٽس جي گهر پهتو، پر هوءَ اتي ڪانه هئي. سندس هڪڙي ساهيڙيءَ کان ڪليئر ڏاڍي التجا سان ٽس جي خبر ورتي. تڏهن کيس معلوم ٿيو ته هوءَ سنيڊبرن ۾ آهي. پڇائيندي پڇائيندي ڪليئر اتي به وڃي هڪ گهر تي پهتو. کيس ٻاهر وهاريو ويو ۽ ٽس نمودار ٿي، زرق برق لباس پهريل ۽ زريءَ سان شال ويڙهيل – ڪليئر کي ڏسي چيائين:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com