سحر
امداد
رچي جي ريٽا ٿيا
ڪالهه مون تنهنجي اڱڻ ۾
بيٺل ڪرڙ جي
ننگي اُگهاڙي ٽار تي
(جيڪا مون کي پنهنجي ئي ڪنهن
انگ اُگهاڙي هموطن جي
دعا لاءِ کڄيل ٻانهن لڳي هئي)
پنهنجي چنيءَ مان ليڙ ڪا ڦاڙي ٻڌي هئي
ڇا گهُريو هئم
مون کي ڪونهي ياد سو
پر اهو مون سوچيو هو
منهنجي چنيءَ جي لِيڙ
(آد، وچ ۽ انت سوڌي)
ستن آسمانن تائين ويندي تاڻجي
يا اهائي لِيڙ
ڪنهن ننگي اُگهاڙي
بُک وگهي مئل ٻار لاءِ ٿيندي ڪفن!
اڄ وري او ڀٽ ڌڻي
سهسين صدين کان پوءِ به خالي هٿين
تنهنجي اڱڻ ۾ بيٺي آهيان
اڄ اها ئي ليڙ مون لئي اجنبي آ
منهنجي چهري جا سمورا انگ رنگ
چنيءَ جي روپ ۾
ڪو نه ڄاڻان ڪير چورائي ويو!
تو ته چيو هو ڀٽ ڌڻي
کُنڀ کاريندو نه تنهن کي
پر او منهنجا پرين
کُنڀ ريءَ آهي کري پيو
منهنجي چنيءَ جو لال رنگ
چِٽ سمورا
منهنجن هٿن جي اَڻ چِٽين لِيڪن جيان
ٻاٽ واٽن ۾ ڪٿي گم ٿي ويا
تن کي ڳولهيندي وتان
منهنجين اکين ۾
وقت جي ڇڙواڳ گهوڙي جي
سُنبن جي ڇڏيل
ڌوڙ آ ڀرجي وئي!
ڀِٽ ڌڻي او لال لاکيڻا لطيف
تنهنجي قُبي تي
رنگا رنگ ڪاوا جڙيل
سهس گل ٻوٽا ۽ ڪيڏا چِٽ چِٽيل
منهنجي چنيءَ جا چِٽ سڀ ڪيڏانهن ويا
ڪيڏانهن ويا
ڪيڏانهن ويا!
دک + مان
=
ٽهڪ
هيءُ بي جان
بي روح، بي سُرا ٽهڪڙا
هيءُ ڪوٽن مان اٿندڙ
گهٽيل ٽهڪڙا
هي مجبورين جا
مئل ٽهڪڙا
هيءُ زخمن سان چُور
ڦٽيل ٽهڪڙا
هيءُ بازار ۾ نيلام ٿيندڙ
بي پِتا، بي حيا ٽهڪڙا
هيءُ ننگا، اُگهاڙا، فحش ٽهڪڙا
ڄڻ حياتيءَ جي پاڪيزگي تي ٺٺولي
خالق دو جهان تو ٻڌا
هيءُ تخليق انسان تي
ٽوڪ جا ٽهڪڙا
ڪن فيڪون
اي اَڀاڳا ستل مسافر جاڳ
وقت اڳتي وڌي رهيو آهي
پوئتي ڌوڙ جو ڪڪر آهي
ٻڌ –
اي رات جا مسافر ٻڌ
ڏور پربت تان هيءَ اچي ٿي صدا
نچندي
چپڙين جي تال تي مست
ڪوئي جوڳي پيو ٿو آلاپي
”وَيل وِڇڙي وِيَل
اڙي غافل!
سرءُ جي پيلي پيلي پن وانگي
وري موٽي ڪڏهن نه ملندي آ“
اي اَڀاڳا
ستل مسافر جاڳ
وقت اڳتي وڌي رهيو آهي
وقت جنهن جي
انڌين گفائن ۾
تنهنجي منهنجي وجود جي ڌارا
راهه جي پٿرن تان ٿاٻڙجي
ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي
ٽڪرائجي وئي آهي
اهو پل اَپل جو سنگم ئي
(رات جي بي رحم اُجالن ۾
درد جي ڏينهن جي سويرن ۾
زندگانيءَ جو هڙ ۽ حاصل آ)
اُتم آهي جُڳن جي جاپ ڪنان!
کن – پل جي انهيءَ وٿيءَ مان ئي
روشنيءَ جي سنهڙي لڪير
منهنجي ڪُک ۾ لهي وئي آهي
۽ سڀاڻي
اهائي سنهڙي لڪير
سون – ورن سورج جو روپ ڌاريندي
وقت جنهن جي
انڌين گفائن ۾
اهو جيئرو جاڳندو سورج
زندگيءَ جو موت کان پلاند آهي!
ڇو نه اڄ رات جو وري گڏجي
هست ۽ بود جا وهم لاهي
ٻاٽ راهن کي روشني بخشيون
رات جا پاپ، پڃ ڪجهه ناهي
رات جا تنهنجو منهنجو گهر آهي
رات جا نينهن جو نگر آهي.
نيريون سوچون – رڙهندڙ جيون
صدين کان
جنمن کان
منهنجي هر ڪا سوچ لوچ
نانگ جان پيئي ڏنگي
منهنجو سمورو جسم آهي نِير نِير
ساهه ساهه
ساڻو وساڻو
روح رتوڇاڻ آ
پر تڏهن به
زهر جي –
ڪڏهن نه ٻجهندڙ پياس آ
منهنجو جيون
اَڻ کُٽندڙ واٽ تي
ڪنهن آس تي
رڙهندو وڃي
رڙهندو وڃي.
سانوڻ، سيارو ۽ ساجن
پرسال گذاريو هئم سانوڻ
توريءَ ساجن –
هيل به سانوڻ گذري ويو
پر هيءُ سيارو –
توريءَ ساجن
ڪونه گذاريو ٿيندو مون کان!
سرءُ جو گيت
مان ويراڳي هان
مون کان تنهنجا گيت رُسي ويا آهن
پَل پَل پيڙا جي پاڇولي ۾
ٻه لُڙڪ رُنا هئم
پر جيڪي دُک
ناسي نيڻن منجهه سُڪي ويا
تن ئي منهنجي سوچ لوچ جي
تار تار کي زنگي ڇڏيو آ
(پريت ريت جي ڄاتل اَڻڄاتل گيتن جي ڪاڻ
جندڙيءَ جو مون روهه رُليو هو)
ڪينر جي اڄ تند تند
۽ تار زنگيل آ
ڳر ڳاتل اَڻڳاتل گيت
گيڙو ڪفني پائي
سرءُ جي سُڪي وڻ هيٺان
مئو پيو آ
منهنجين ڪپيل آڱرين مان
رت ٽمي پيو
رت ٽمي پيو
رت ٽمي پيو
نظم
هر ڪا ياد وساريندين
گوندر منجهه گذاريندين
جيسين تائين جواڻي آهي
تيسين جيءُ جياريندين
نيٺ تي آءٌ وسري وينديس
ڪيسين تائين ساريندين
پل پل پياس نه ٻجهندئي
ساعت ساعت ساريندين
من – ساگر جو انت نه ملندئي
ڪيڏو گهور نهاريندين
پَل اَپل هن هستيءَ ۾
ڪهڙا واعدا پاريندين
چريا، چنڊ کي چاهڻ وارا
پنڇيءَ جيئن پڪاريندين
ٻڏندڙ جيون – ٻيڙيءَ کي
ڪهڙي پار اُڪاريندين
روئندڙ کِلندڙ راتين کي
ڪهڙي ريت وساريندين
مئي متي مهراڻ ۾ ميهر
ٻوڙيندين يا تاريندين
سڪرات
لفظ سارا کُٽا
سَڱ سَرها ٽُٽا
لُڙڪ – ساگر سُڪا
مُرڪ پاتو ڪفن
راهه لٽجي وئي
موت ۽ زندگي
ويا رسي
ڇا ڪريان؟
ڇا ڪريان؟
ڪجهه به اُڄهي نٿو!
ڪجهه به اُڄهي نٿو!!
ڪجهه به اُڄهي نٿو!!!
موت جا سڏڪا
تنهنجي ياد
ڄڻ ته ڪنهن ويران اونداهي سماڌيءَ تي
ڪو ماچيس جي تيلي ٻاري
۽ سارو شمشان
کن – پل لاءِ کلي پوي
سندس ننڍڙا معصوم ٽهڪڙا
پَل اَپل لاءِ گونجي
رانڀاٽ ڪندا هوا جي شور ۾ بدلجي ويا
تيليءَ جي لاٽ رڙ ڪري
هيسيل ٻار جيان
تاريڪيءَ جي هنج ۾ لڪي ويئي
۽ پوءِ پولار ۾ موت جا سُڏڪا
آس
هيءَ تلخ ۽ تاريڪ رات
هن ويراني ۾ اٿندڙ ڪوئي ڪُوڪرو
منهنجي تن من کي لوڏي
ذهن کي ڌوڏي ڇڏي ٿو
ڊپ وچان
ڌڙڪندي دل سان
سوچيان ٿي
هيءَ ڪُوڪرا
اٿاهه اونداهه جي سيني کي
ڇني، چيري، ڦاڙي
نيٺ ته پرهه پَسندا
لُڙڪ مرڪ جي راند
تون اوري آ، تون اوري آ
مان تنهنجا گهايل لڙڪ اُگهان
تو ڌرتيءَ تي جي سُور سٺا
جن سرتين توکي سُور ڏنا
جنهن جانيءَ توکي جوڳ ڏنا
جن راڻا توکي روڳ ڏنا
تن ويرين کي ويراڳ ڏيان
تن روڳن کي مان راڳ ڪيان
مان مومل ناهيان اي راڻا
جو پُورن بدران سُور ڏيان
مون وٽ ڪاڪ ڪڪوريل ناهي
ڪا ناتر جهڙي نار نه آهي
ڪنهن مانڊي جي مانڊاڻ نه آهي
هِت جهُوپا جهُوپا جاڙ اٿئي
ڪو محل، نه ڪائي ماڙ اٿئي
هِت مُشڪ، عنبر، هٻڪار نه آ
پر کِلڻين جي کيڪار اٿئي
هِت هر ڪو ماڻهو ميت اٿئي
هر ڪا جِيت اَجيت اٿئي
ڪو جادوئي تلاءُ نه آ
جت پاڻي جَر جَر جَرڪي ٿو
لُڙ لُڙاٽيل سنڌوءَ جو
ڪنهن نيل ڪنول کان گهٽ نه آ
ڪو اَمرت هِن جو مَٽ نه آ
هيءَ ڌرتي منهنجي جنت آ
هن جنت جو ڪو انت نه آ
هيءَ ڌرتي سونا سنگ ڪڍي
هِت هر ڪو راڻو رنگ ڪڍي
هن ڌڃاڻي ڌرتيءَ جا
ماڻهو آهن سڀ موچارا
سهڻا، پيارا، نيارا نيارا
هرڪنهن لئه آهن جيءُ جيارا
هن ڌرتيءَ جا چنڊ ۽ تارا
هيءَ ڌرتي نياري ڌرتي آ
جا منهنجي جيڏي سرتي آ
هن ديس انوکي اربيلي جي
مان ڪائي الهڙ ناري هان
سون سريکي ساري هان
مومل توکي سور ڏنا ها
سي سورسڀيئي تون مون کي ڏي
سورن بدران اي راڻا
مان توکي پنهنجو مرڪڻ ڏينديس
لڙڪن بدران نيڻن کي
مان تارن جهڙي جهرمر ڏينديس
مان ڄاڻان ٿي تون راڻو آهين
توکي ڪنهن مومل جي ڪاڻ؟
مان ڄاڻان ٿي، مان ڄاڻان ٿي
مان جڳ جي ريت سڃاڻان ٿي
تون اوري آ، تو اوري آ
او منهنجا راڻا، اوري آ
مان تنهنجا گهايل لڙڪ اُگهان
ميرو سيرو جهول جهليان
مان تنهنجا سانڍيل سُور سليان
تنهنجا سُور سلينديس مان
تنهنجا ڏُک ونڊينديس مان
آدجڳاد کان ڄاڻان ٿي
مان توکي راڻا
من مُرڪ ڏيان، سِڪ سُرڪ ڏيان
مان ساهن جي سُرهاڻ ڏيان
پيار ونڊيان
۽ تنهنجا گهايل لُڙڪ اُگهان
راڻا، راڻا، موتيءَ داڻا
مان ٿي ڄاڻان مومل ماڻا
مومل ماڻا مان ٿي ڄاڻان
ڌاڃ – ڌڻي ڌرتيءَ جا راڻا
هن ديس انوکي اربيلي جي
مان ڪائي الهڙ ناري هان
سون سريکي ساري هان
اوري آ، تون اوري آ
آ ڏورانهين کي ڏوري آ
مان تنهنجا گهايل لڙڪ اُگهان
۽ توکي مٺڙي مُرڪ ڏيان
(لڙڪ مُرڪ جي
مُرڪ لڙڪ جي راند!)
سنسان اڪيلين راهن تي
هن جيون جي
سُنسان، اڪيلين
راهن تي
ٻانهن کي ڦهلايو
هيڪل وياڪل
بيٺي هُيَڙِس
ڪوئي ساٿي –
ميت نه ڪوئي
ڪوئي دوست، نه ڪو همدم
نيڻ – نهار رڳو هو غم
اوچتو –
ان سنسان اڪيلائيءَ ۾
تون جو آئين
مُرڪي مُرڪي من جي مُکڙي
ٽهڪ ڏيئي آ ٽڙي پئي
منهنجو پريتم، منهنجو ساٿي
منهنجو همدم، دوست بڻين تون
گيتن جا گُل گونچ ڦُلاريا
تارن پنهنجا
جهُمر پائي
جهِرمِر جهِرمِر ڏيئا ٻاريا
”تاج“ بلوچ
اديب
جري سپاهي
سواءِ لشڪر
ترار جنهن جي هٿن ۾ ناهي
۽ ايڏو بيباڪ، همتون ڀي حضور جنهن جي
جهُڪي جهُڪي ٿيون ڀرن سلامي
اگر هي مُرڪي
ڪليون ٿيون ٻهڪن
اگر هي غيض ۽ غضب ۾ ٻولي
ائين لڳي ٿو:
ڄڀيون ٿيون ڄرڪن
اگر هي اٿلي
زمين لرزي ٿي نيٽ وانگر
سمونڊ اٿلن.
هي دشمنن جي اکين جو ڪنڊو
۽ دوستن لئه گلاب هردم
رڳو قلم جي وسيلي جيڪو
ازل ابد کان ئي ظلمتن جي خلاف وڙهندي
هي نفرتن ۽ محبتن جو شڪار ٿيندي
سڄي شهر جا سمورا پٿر
وجود پنهنجي مٿان وسائي
هي ٻاٻري ڪنڊ جو مسافر
تمام زخمي تمام زخمي:
تڏهن به آهي اڳي کان اڳرو
حقيقتن جي صليب پنهنجي
ڳچيءَ ۾ پايو
هي روشنين جو سفير هردم
صداقتن جا چراغ ٻاريو
هي ڀونءِ پنهنجي ۽ پنهنجي ماڻهن جا سُور سارا
سمائي دل ۾
اچي نڀائيندو نينهن ناتو
جيئڻ جي خاطر مَري هي ڄاڻي
مصيبتن سان مقابلي ۾
سدا جيئڻ لئه رهي ٿو آتو
ڏسڻ ۾ ڪيڏو نه گلبدن آ
مگر هي جرئت ۾ پيلتن آ
اديب آهي اديب آهي!
اديب ناهي، سپاهي آهي
جري سپاهي
سواءِ لشڪر
ترار جنهن جي هٿن ۾ ناهي
۽ ايڏو ويڙهاڪ، جرئتون ڀي
حضور جنهن جي
جهُڪي جهُڪي ٿيون ڀرن سلامي.
نيرو لفافو
ڪليءَ جهڙي ڪومل ۽ نازڪ هٿن سان لکيل
جڏهن مون کي نيرو ۽ خوشبو سان واسيل لفافو مليو
تڏهن دل ۾ ڪيئي ٽِڙي پيا گلاب |