هنن شاگردن جي مسئلن، تعليمي مسئلن، سنڌي زبان جي
مسئلن، هارين نارين، مزورن ۽ محنت ڪش ماڻهن جي
مسئلن تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو. هن ڏس ۾ سرويچ
سجاوليءَ جي ڪلام مان ڪي بند مثال طور پيش ڪجن ٿا:
سور سهندي سور چرندي ٿيا گذر گذرن پيا،
سانگين جا سائين ڙي! سانوڻ سيارا سنڌ ۾!
مفلسيءَ مٺڙن کي ماريو، منهن کڻڻ جهڙا نه ٿيا،
لوڪ کان لڪندا گهمن، لالن لڄارا سنڌ ۾!
مال چٽ ۽ مان چٽ، مارن جون چٽ ٿيون محنتون،
هڙ لٽي هيڻن جي ويا، همراهه هچارا سنڌ ۾!
پورهيو پورهيت جو کائي پيٽ پيٽوڙين ڀريا،
پاپ جا هر پهر تي پسجن پسارا سنڌ ۾!
حاصل مطلب ته هن دؤر جو سنڌي ادب سنڌ جي مسئلن جو
هڪ رڪارڊ آهي. هن زماني جو سنڌي ادب سنڌ جي عوام
جي ڏکن ۽ سورن جو داستان آهي. هن دؤر ۾ نه فقط
موضوعن ۾ اضافو ٿيو، پر ساڳئي وقت نظم توڙي نثر ۾
نوان تجربا ٿيا. هن دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ جي ٻن دؤرن
’سومرا ۽ سما‘ تي لکيل اسٽيج ڊراما پيش ٿيا. انهن
ڊرامن ۾ دودو وري سنڌ جي تاريخ ۾ پرگهٽ ٿيو هو.
مائي ٻاگهل وري نئون جنم ورتو هو. ”دودو چنيسر“ ۽
”دولهه دريا خان“ ڊرامن ۾ وار ڪانڊاريندڙ ۽ دل
ڏاريندڙ منظر ڏيکاري ڏسندڙن ۾ جوش جاڳايو ويو.
مطلب ته ون يونٽ جي قيام کان وٺي 1970ع تائين سنڌ
۽ سنڌي ادب جي قسمت ۾ هڪ زبردست انقلاب اچي چڪو
هو. هن انقلاب سنڌي جيون ۽ سنڌي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي
اُٿل آڻي ڇڏي هئي. انهيءَ اُٿل سنڌي زبان جي
اديبن، شاعرن، دانشورن، عالمن توڙي فاضلن جي سوچ،
سوچڻ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ به ڦيرو آندو هو. سنڌ ۾ سنڌي
قوميت ۽ جاڳرتا جا سڪل سلا وري نئين سر نسريا ۽
اُسريا.
زندگي ترقي پذير آهي. زندگي هڪ وهڪرو آهي جو هرچيز
کي ٻوهاري سوهاري کڻي ويندو آهي. سنڌ جي
ڪهاڻيڪارن، اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن زندگيءَ جهڙي
اٿاهه مهاساگر جي وهڪري جو ڀون وگيان وانگر سير
ڪيو آهي، مطالعو ڪيو آهي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن
پنهنجي گهَري سوچ، تيز فهم، وڏيءَ سمجهه ۽ مشاهدي
واريءَ نظر سان سنڌي جيون جي هر پهلوءَ جو مطالعو
ڪيو آهي، ان جو اڀياس ڪيو آهي؛ هنن جي نظر ۾ زندگي
هڪ پوٺو آهي، جتي هنن شهسوارن وانگر پيهي، ان جي
ڌار ڌار حصن، رنگن، روپن، حادثن ۽ واقعن تي گهڻو
ويچار ڪيو آهي، ۽ ويچار کي لفظن جو ويس وٺايو آهي.
هنن ابهام ۽ فراريت کان پاسو ڪيو آهي. هنن اهڙن
اهڙن نون نون انوکن ۽ اڇوتن موضوعن ۽ مسئلن تي قلم
کنيو آهي، جن کي پڙهي حيرت وٺيو وڃي. هنن علامتن ۽
اشارن ذريعي پنهنجن خيالن جي اُپٽار ڪئي آهي.
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پيٽ کي پنهنجو مسئلو نه
بنايو آهي. هنن پيٽ پالڻ ۽ ڪمائيءَ خاطر ڪونه لکيو
آهي. هنن داد حاصل ڪرڻ لاءِ يا خوشامدڙين کي خوش
ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيو آهي. خوشامد ڪرڻ ۽ قصيده گوئي
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي طبعيت جي خلاف آهي. هنن
سماج سڌار بزرگن ۽ مصلحن وانگر مسئلن کي سڌارڻ ۽
سلجهائڻ خاطر، ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻڻ خاطر، ماڻهن ۾
ذهني سجاڳي، اخلاقي همت ۽ جرات اُجاگر ڪرڻ خاطر،
استادن، رهبرن ۽ رهنمائن جهڙو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جو
اديب ۽ شاعر هن دؤر جو مشنري، مبلغ، پرچاري ۽ قومي
درد رکندڙ آهي. پر هو نعرا نٿو هڻي، دانهون نٿو
ڪري. ان جي بدران هو نبض شناس حاذق حڪيم وانگر مرض
سڃاڻي، ان جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ نسخو ڏسي ٿو.
سنڌ جو موجوده ادب سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ
جي عڪاسي آهي، ان جي چٽي تصوير آهي. سنڌ جو موجوده
ادب سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي تاريخ آهي. سنڌي زبان
جو موجوده ادب سنڌ متعلق، سنڌ جي ماڻهن متعلق ۽
سنڌ جي ماڻهن جي روزمره جي مسئلن متعلق آهي. سنڌي
ٻوليءَ جي اديبن پنهنجي سماج کي چڱيءَ طرح سمجهيو
آهي. هنن پنهنجا ڪردار به عوام مان کنيا آهن. هنن
جا ڪردار زندگيءَ جي ڏکن سکن، امنگن ۽ جذبن سان
واسطو رکن ٿا.
موجوده وقت شعر ۽ ڪهاڻين کان سواءِ تحقيقي ادب ۾
به گهڻي ترقي ٿي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي
تنقيدي ادب جي تاريخ، سنڌ جي سياسي تاريخ، سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ تي جديد تحقيق جي طرز تي معلومات
سان ڀريل تحقيقي مقالا لکيا ويا آهن. آزاديءَ کان
اڳ ڊاڪٽر گربخشاڻي جديد اصولن موجب تحقيقي ادب جو
بنياد وڌو. آزاديءَ کان پوءِ سيد حسام الدين
راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ،
مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۽
ٻين عالمن جا مقالا ۽ تحقيقي مضمون سنڌ متعلق، سنڌ
جي تاريخ ۽ ٻوليءَ متعلق چڱو مواد رکن ٿا. سيد
حسام الدين راشديءَ سنڌ جي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو
آهي. ان کي قومي رنگ ۾ رڱيو آهي. الحاج سيد غلام
مصطفيٰ شاهه سنڌي معاشري ۽ تعليم تي لکيو آهي.
مولانا قاسمي صاحب جا مقالا سنڌ جي ديني ادب ۽
دينيات متعلق آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي
مطالعي ذريعي سنڌ جي سماجي زندگي ۽ سنڌ جي تمدن جي
تاريخ جي مطالعي لاءِ نئين مواد طرف اشارا ۽ اهڃاڻ
ڏنا آهن. سراج سنڌي ٻولي ۽ ان جي بڻ بنياد جي
سلسلي ۾ نيون کوجنائون ۽ نوان نظريا بيان ڪيا آهن،
تنهنڪري عام سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ نئين سر لکڻ
لاءِ مجبور ٿي پيا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين مقالن ۽
مضمونن ۾ سنڌ جي باري ۾ گهڻوئي مواد ملي ٿو.
نثر ۾ مختصر افساني پنهنجو خاص معيار ۽ مقام قائم
ڪيو آهي. اڄ جي سنڌي افساني ۾ حقيقي واقعن جو
بيان وڌيڪ آهي. اڄ جي سنڌي افساني ۾ انقلابي
ڳالهيون آهن. اڄ جي سنڌي افساني ۾ هاڻ عشق ۽ محبت
جون ڳالهيون گهٽ نظر اچن ٿيون. اڄ جي سنڌي افساني
۾ عورت کي جنسي هوس لاءِ رانديڪي طور پيش نٿو ڪيو
وڃي، پر اڄ جي سنڌي افساني ۾ سنڌ جي سماجي مسئلن
جو ذڪر وڌيڪ آهي. اڄ جي افساني ۾ بين الاقوامي
مسئلن جو ذڪر آهي. اڄ جو سنڌي اديب بين الاقوامي
ادب جو مطالعو ڪندڙ آهي، ۽ ان کان گهڻو متاثر ٿيو
آهي. انهيءَ ڏس ۾ هرمهيني ڪيتريون ئي پرڏيهي
ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن، ۽
پرڏيهي ليکڪن جا ناول سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيا ويا
آهن.
سنڌي افساني ۾ نه فقط موضوع ۾ نواڻ آئي آهي، پر
سنڌي ٻوليءَ جي افسانه نگارن افساني جي فن ۾ به
نوان تجربا ڪيا آهن. هن ڏس ۾ امر جليل صاحب لکي
ٿو:
”اڄ جو سڀ کان مقبول ۽ ڪامياب افسانو ’رٿا کان
سواءِ‘ يعني
Plotless
افسانو آهي. ’رٿا کان سواءِ‘ افسانو ليکڪ لاءِ
تجربن جو لامحدود ميدان ٺاهي ڇڏي ٿو، ۽ ليکڪ پاڻ
کي فني پابندين ۾ جڪڙيل محسوس نٿو ڪري، جيتوڻيڪ
’رٿا کان سواءِ‘ افسانو لکڻ لاءِ به جدا ۽ سخت قسم
جون پابنديون آهن. جيئن ته اهڙن افسانن ۾ ليکڪ کي
زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگهڻيون پونديون آهن،
تنهنڪري اهڙن افسانن لکڻ مهل ليکڪ کي خبردار رهڻو
پوندو آهي، ڇو جو ٿوري غفلت افساني کي فني نقطه
نگاهه کان ناڪام ڪري ڇڏيندي. اهڙا افسانا خيالن جي
ڪڙي – در – ڪڙي (Association of Ideas)
جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. اُنهن افسانن ۾ مرڪزي
خيال ساڳيو هوندو آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ تسلسل نه
هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو
Plotless
يعني ’رٿا کان سواءِ‘ افسانن ۾ خيال اهم هوندو
آهي.“
اهڙيءَ طرح اسٽيج ڊراما، ريڊيائي ڊراما ۽ ٽي – وي
ڊراما هن دؤر جون اهم صنفون آهن. ريڊيائي ڊرامن ۾
منظور نقوي، مراد علي مرزا، آغا سليم، امر جليل،
غلام حيدر صديقي ۽ علي بابا نوان تجربا ڪيا آهن.
منظور نقويءَ ڊرامن کان سواءِ جاسوسي، لوڪ ڪهاڻين،
تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان جي پلاٽ تي ريڊيائي
ڊراما پيش ڪري، ٻڌندڙن ۾ نئون جذبو جاڳايو آهي.
آغا سليم به هن سلسلي ۾ اڳرو رهيو آهي. سندس ڊراما
’دودو چنيسر‘، ’دولهه دريا خان‘ ۽ ’گل ڇنو گرنار
جو‘ اهم ڊراما آهن. علي بابا جو ’رُڃ جا راهي‘
ڊرامو سنڌ جي تاريخ ۽ وطنيت جي جذبي کي اجاگر ڪندڙ
۽ هڪ نه وسرندڙ ڊرامو آهي.
اهڙيءَ طرح ٽي – ويءَ تي به ڪافي سماجي ڊراما پيش
ٿيا آهن. هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڪهاڻين کي
ڊرامائي صورت ڏيئي ٽي – ويءَ تان پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح مرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ کي به
ڊرامي جي صورت ۾ ٽي – ويءَ تان پيش ڪيو ويو آهي.
10 – هن دؤر جو سنڌي ادب مقصد سان ڀريل آهي. اهو
مقصد علامتن ذريعي سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر تنوير
عباسي لکي ٿو:
”هن دؤر جي شاعري وقت جي وندر يا ’فردوسِ گوش‘ رهڻ
بجاءِ پنهنجي ماحول ۽ حالت لاءِ هڪ روشن لاٽ ٿي
پيئي آهي، هڪ پيغام ٿي پيئي آهي.“
سنڌيءَ جي موجوده دؤر جي شاعريءَ ۾ سنڌي ماحول ۽
سنڌي زندگيءَ جي هڪ جهلڪ گهڻي قدر نظر اچي ٿي. هن
دؤر جي شاعرن جي تخيل ۽ موضوعن جي انتخاب ۾
تبديليءَ سان گڏ وسعت به آئي آهي. هنن ايراني
شاعريءَ وارن لفظن ۽ زمين کي غير فطري ۽ غير وطني
لفظ ۽ زمين سمجهي انهن جو استعمال ڇڏي ڏنو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته علم عروض ۽ عروضي ماپا ۽ بحر،
اسان جي ٻوليءَ جي مزاج ۽ سٽا توڙي بيهڪ لاءِ
اوپرا آهن.
هن دؤر جا سنڌي شاعر پنهنجا مسئلا، پنهنجي سماج جا
مسئلا ۽ پنهنجي چوڌاري ماحول جا مسئلا پنهنجي ڪلام
۾ بيان ڪن ٿا. هنن جا اشارا، ڪنايا ۽ علامتون سنڌ
متعلق، سنڌ جي ماڻهن متعلق ۽ سنڌ جي مختلف مسئلن
متعلق آهن. سنڌ جي جديد فڪر وارن شاعرن يا نثر
نويسن جي محبوبه ڪا پري پيڪر، حسين و جميل، نوجوان
نينگر يا ڪا جواڻ جماڻ عورت نه آهي، پر هو سڀ
سنڌڙيءَ کي پنهنجي محبوبه سمجهن ٿا. هو سنڌ سان
عشق ڪن ٿا. سنڌ هنن جي نظر ۾ سدا سهاڳڻ آهي. سنڌ
سان سندن نينهن ازل کان آهي. هنن جي هر ڪلام ۾،
ڪلام جي هر شعر ۾، شعر جي هر مصرع ۾، مصرع جي هر
چرڻ ۾، ۽ چرڻ جي هر لفظ ۾ سنڌ سان پيار جو اظهار
آهي. هنن جي لفظ لفظ ۾، هر اشاري ۾ سنڌ جي سِڪ جا
اُهڃاڻ ملن ٿا. مثال طور ڊاڪٽر تنوير عباسي فرمائي
ٿو:
رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام،
سنڌ وارن کي ڏجان منهنجا ڳڻي سؤ سؤ سلام،
سنڌ مٺڙي جنهن جي خاطر ساهه مون ڪؤڙو ڪيو،
تنهن جو اڄ ڪوئي نه اوهي ۽ نه واهي آ رهيو.
___ ___
هيءَ ڌرتي آ سنڌ جي هن کي آهي سلام،
هن جي ذهن ضمير کي ڪري ڪير غلام،
نڪو خاص نه عام، سڀڪو سِر صدقو ڪري.
___ ___
گهٽي گهٽي آ سنڌ جي ڄڻ مياڻيءَ جو ميدان،
ڳڀرو ڳڀرو ڳوٺ جو ڄڻ هوشوءَ جهڙو جوان،
ٿيندو اڄ ميدان، نعرا ٻُڌبا نينهن جا.
شيخ اياز فرمائي ٿو:
باغي آهيان، باغي آهيان، تُنهنجو آءٌ سماجَ،
توسان وڙهندي رهندي منهنجي هرهڪ رَت ڦُڙي.
ڪيئي ڏاڙهونءَ جا گل آندم ڪاڪِ ڪَڪوريءَ تان،
سنڌڙي، منهنجي مومل! مون کي توئي ڏات ڏني.
___ ___
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.
هن ڀوميءَ جو ويرُ، مات نه کائي موت کان،
سدا سهاڳڻ سنڌڙي، کريو نه تنهنجو کير،
توڙي نيڻين نير، ته به ڳاڙها ڳوڙها رت سان.
مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ هيئن فرمايو آهي:
اي مِٺي سنڌ! اي سونهاري سنڌ،
جان منهنجي آ تو جياري سنڌ،
تو مِٺي ٿڃ آ پياري سنڌ،
مون کي تو بخش آ بهاري سنڌ،
تنهنجو آ فيض عام جاري سنڌ،
تو مٿان ساهه صدقي پياري سنڌ،
اي مِٺي جيجل، اي سونهاري سنڌ.
شاد رهه، مادر وطن منهنجي،
منهنجي آرائش ۽ عدن منهنجي،
جان ۽ تن ۽ من ۽ ڌن منهنجي،
آخري قبر ۽ ڪفن منهنجي،
تو مٿان ساهه صدقي پياري سنڌ،
اي مِٺي جيجل، اي سونهاري سنڌ.
سنڌ جي شاعرن سنڌ جي ماڻهن جي ڪردار، اخلاق، همت،
سوچ ۽ سُڀاءُ جو به مطالعو ڪيو آهي. تنوير فرمائي
ٿو:
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هرڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻڄاڻ،
ويجهو ويجهو واجهائي ڏس،
ماڻهوءَ جو من ڇاهه،
سنگهي ته ڏس تون خوشبو ان جي،
سرهو آ هر ساهه،
گهڙيءَ جي لئه جو گُل ساماڻو،
آهي امر اُن جي سرهاڻ.
سنڌ جا جديد شاعر بين الاقوامي امن جا پرچاري آهن.
هو سڄيءَ دنيا جي انسانن کي هڪ ڪري سمجهن ٿا. هو
مذهبي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات جي خلاف آهن. هو انسان
دوست آهن. هو هر انسان جو ڏک پنهنجو ڏک ڪري سمجهن
ٿا. هن سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي جو سندس
شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽ حالات جي
تصوير ڪشي ڪن ٿيون، بلڪ اُنهن مان سندس پڙهندڙ
ساريءَ انسانذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جهلڪ پڻ ڏسي
وٺن ٿا. “
جديد شاعرن ۾ بردي سنڌيءَ جا گيت سنڌي ماحول جي
سادگي، سٻاجهائي، نماڻائي ۽ نهٺائيءَ جي مڪمل
تصوير آهن. امداد حسينيءَ وٽ بين الاقوامي شعور
آهي. هن جي نظمن ۾ سڄيءَ دنيا جي مظلومن جون
پڪارون آهن.
حاصل مطلب ته سنڌ جي جديد شاعرن وٽ بين الاقوامي
سماجي قدرن جهڙوڪ: عوام دوستي، امن، جمهوريت پسندي
۽ سماجي انصاف جي ترجماني ڪيل آهي. هنن وچ اوڀر،
اسرائيل جي سرڪشي ۽ ملڪ گيريءَ جي هوس، فلسطين جو
مسئلو، آفريڪا جي ڪارن ماڻهن سان همدردي ڏيکاري
آهي يا ويٽنام جي مجاهدن کي سلام ڪيو آهي ۽ هنن
هوچي من جا ڳڻ ڳايا آهن.
سنڌ جي جديد شاعرن سنڌي شاعريءَ ۾ وقت جي تقاضا
مطابق ڦير گهير ڪري پنهنجي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ
کي نئين سر ڳايو آهي. هنن ڪلاسيڪي ماپا، وايون،
وايون، ڪافيون، بيت، دوها ۽ سورٺا وري رائج ڪيا
آهن، ۽ انهن کي نئون رنگ ڏيئي سينگاريو ۽ سنواريو
آهي، هنن ڪافي، بيت، وائي ۽ دوهي جو موضوع به
بدلايو آهي. هنن وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي ڪلاسيڪي هيئتن
۾ فارسي ٽيڪنڪ وارن بحرن ۽ وزن کي ملائي، ڪي نيون
هيئتون به ٺاهيون آهن. هن ڏس ۾ شيخ اياز ۽ بردي
سنڌيءَ جا تجربا قابل قدر آهن. هنن روايتي شاعريءَ
جي صنف غزل ۾ نه رڳو سنڌي ۽ نج مقامي رنگ ڀريو
آهي، پر ان کي سنڌي مزاج مطابق بنايو آهي. هنن غزل
جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب، لهجو ۽ ماحول
مٽائي، ان کي ٺيٺ سنڌي ماحول ۽ اسلوب ڏنو آهي. هن
ڏس ۾ شيخ عبدالرزاق راز صاحب لکي ٿو:
”اڄ جي غزل ۾ ڪيتريون ئي نيون ۽ مقامي ترڪيبون ڪتب
آنديون وڃن ٿيون، جنهنڪري زير اضافت ۽ نون غني جو
استعمال گهٽجي ويو آهي، مثلاً اڳي اسان وٽ ”بحرِ
بيڪران“ جي ترڪيب استعمال ٿيندي هئي. هاڻي ان جي
جاءِ تي ’متو مهراڻ‘ ڪم آندو وڃي ٿو، جنهن ۾
مقاميت سان گڏ پنهنجائپ به آهي. اهڙا ٻيا به
ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ مقامي رنگ ۽ اشاريت به آهي؛
مثلاً لڙڪ، مرڪ، ڪاڪ، مومل، ٿر، ڪاريهر، سوري ۽
ماڪ وغيره.“
جديد شاعرن گيت جي هيئت ۽ ترنم ۾ مصراعن جي گهاٽي
واڌيءَ سبب فرق آندو آهي. موجوده وقت جي جديد فڪر
جي شاعرن مشرق توڙي مغرب جون مقبول صنفون جهڙوڪ:
سانيٽ، ترائيل، آزاد نظم ۽ هائيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾
رائج ڪيون آهن، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ کي هيئت
جي اعتبار کان بين الاقوامي سطح تي آندو. هنن سنڌي
لوڪ گيتن جهڙوڪ: مورو، ڇلڙو، ڍاٽيئڙو، جمالو، ڇيڄ،
جهِمر ۽ لاڏو نئين رنگ ڍنگ ۾ ورجايو ۽ ڳايو آهي.
اهڙيءَ طرح پاڪستان جي ٻين زبانن جي لوڪ گيتن
جهڙوڪ: پشتو جي لوڪ گيت ’ٽپو‘ ۽ پنجاب جي لوڪ گيت
’ماهيا‘ کي سنڌيءَ ۾ به منظوم ڪيو آهي.
جديد شاعرن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪردارن، مومل، سسئي،
سهڻي، مارئي، ليلان ۽ نوريءَ کي کڻي حسن ۽ عشق جي
لازوال افسانن ۾ نوان رنگ ڀري، سنڌ جي نيم تاريخي
۽ تاريخي ڪهاڻين کي تلميحن طور ڪم آندو آهي. انهن
پنهنجي شاعريءَ ۾ نوَن نوَن موضوعن، نوَن قدرن ۽
نوَن ماپن تي تجربا ڪيا آهن. هنن لفظن ذريعي جيڪي
چٽ چٽيا آهن، سي واکاڻ جوڳا آهن. انهن جو ڪلام
پڙهندي قدرت جا نظارا، جيئرا ۽ جاڳندا ڪردار اکين
جي اڳيان ڦريو اچن ٿا.
موجوده وقت جي شاعرن معنوي لحاظ کان به پنهنجي
شاعريءَ ۾ انيڪ خوبيون پيدا ڪيون آهن. روزمره جي
ٻوليءَ جي هڪ خوبي لفظن جو تڪرار (Reduplication)
آهي. لفظن کي معنوي لحاظ کان هڪٻئي پٺيان گڏوگڏ
وري وري دهرائڻ کي تڪرار چئبو آهي. هن جي استعمال
۾ وڏي هوشياري کپي. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن مان لطيف
سائينءَ هن خوبيءَ ۾ ڪمال ڪيو آهي. جديد شاعرن کي
اها قابليت قدرتي طور عطا ٿي آهي. شيخ اياز،
تنوير، امداد توڙي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ هن خوبيءَ
جا ڪئين مثال ملي سگهن ٿا. هت نموني طور فقط امداد
حسينيءَ جو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:
اسين پيٽ بکيا، اُگهاڙا اُگهاڙا،
اروکا اروکا، اٻالا اٻالا،
وساريل وساريل، ڌڪاريل ڌڪاريل،
نماڻا نماڻا، نرالا نرالا،
اڪيلا اڪيلا، توائي توائي،
سدا چاڪ دامن، سدا نيڻ آلا.
هن دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ جي هر صنف ۾ لفظن جو ترنم ۽
موسيقيت آندي ويئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لفظن ۾
سمايل موسيقيت جي لحاظ کان مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“ ۽ شيخ اياز جو ڪلام نمائنده ڪلام آهي.
مثال طور شيخ اياز جي هيءَ مصرع ڏسو:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي.
هن دؤرجي شاعريءَ ۾ اندروني قافين ۽ قافين جي
وارووار وارو انگ يعني صنعت ترصيع جو گهڻو استعمال
آهي، مثلاً اياز فرمائي ٿو:
تون جي ايندين رات، الا او رات، ته منهنجي
رات امر ٿي ويندي.
هن سلسلي ۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي ڪلام مان
ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا.
سنڌ جي جديد ۽ عوامي شاعرن ڪيترائي نوان لفظ به
گهڙيا آهن. انهن ۾ مفرد ۽ مرڪب لفظ تمام گهڻا آهن.
ڪلاسيڪي شاعرن وانگر هنن به ٻه يا ٻن کان وڌيڪ
مفرد لفظ گڏي مرڪب لفظ جوڙيا آهن؛ يا وري اڳياڙيون
۽ پڇاڙيون ملائي مرتب لفظ ٺاهيا اٿن. انهيءَ طريقي
سان هنن سنڌي زبان کي وڌيڪ مائيدار بنايو آهي.
انهن ۽ اهڙين ٻين خوبين جي ڪري جديد شاعري انفرادي
حيثيت ٿي رکي. مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ خصوصيتن جي
ڪري سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۾ فرق آيو آهي. ادائگيءَ
۾ رس ۽ ڀاو، ڪوملتا، نرملتا ۽ سندرتا پيدا ٿي آهي.
’مہ وش‘، ’مہ لقا‘ جهڙن لفظن جي بدران ’مٺڙا‘،
’سهڻا‘، ’سائين‘، ’ماکيءَ جهڙا‘، ’بانورا‘،
’سانورا‘، ’سپرين‘ جهڙا لفظ ڪم آڻي پڙهندڙ يا
ٻڌندڙ لاءِ ڪلام ۾ مٺاس ڀري ويئي آهي. مثال طور ڪي
شعر پيش ڪجن ٿا:
منهنجا پرين – او بانورا او سانورا. (شيخ اياز)
ڪيتري نه گذري ويئي راتڙي گهڻي سائين،
آءُ بي کڻي سائين!
او مٺڙا او ماکيءَ جهڙا، ايڏو دور نه گهار،
آءُ گهڙي تنوير جي ڀر ۾، ڪر ڪي ڳالهيون چار.
جيون ناهي جوا، او سپرين دلڙي ناهي داءُ.
ساجن توئي سينگاريو آ، سپنن جو سنسار،
تنهنجي دم سان ئي ٿي پوندو ڄڻ بر به هڪ بازار.
(شام)
پريت جي ويرين کان گڏجي ڪو، وير وٺون اڄ ٺاهي،
جوڙ اسان جو سهڻا سائين، سنڌ سڄيءَ ۾ ناهي.
حاصل مطلب ته سنڌي هڪ ترقي يافته ۽ زنده زبان آهي،
جا هر دؤر ۾ سياسي، سماجي توڙي اقتصادي اثرن کان
متاثر ٿيندي رهي آهي، انهن اثرن جي ڪري سنڌي زبان
جي ادب ۾ نت نوان موڙ ايندا رهيا آهن. جيستائين
هيءَ دنيا قائم آهي، تيستائين هيءَ زبان زنده
رهندي ۽ هن زبان جا اديب ۽ شاعر هر دؤر ۾ ان جي
خدمت ڪندا رهندا.
قاضي عبدالمجيد ”عابد“
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل سفرناما
[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان شمس العلماءِ ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽه يادگار ليڪچرس جي سلسلي ۾
31- آگسٽ تي محترم قاضي عبدالمجيد عابد ”سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڇپيل سفرناما“ جي موضوع تي جيڪا تقرير
ڪئي هئي، اها قارئين مهراڻ واسطي پيش ڪجي
ٿي. - ادارو]
جن تعريفي ۽ توصيفي ڪلمات سان منهنجو تعارف ڪرايو
ويو آهي، انهن جو نه مان اهل آهيان ۽ نه مستحق.
علم ۽ ادب جي ڪائنات هڪ بحر بي پايان آهي،جنهن ۾
مون جهڙي هيچمدان جي حيثيت سمنڊ جي ڪناري تي بيهي
پٿريون ميڙڻ وارن کان ڪنهن به صورت ۾ وڌ نه آهي.
اهي اديب، اهي دانشمند ۽ فهم وارا ٽوٻا ڪي ٻيا،
جيڪي تانگهيون تري، سمنڊ جون اونهايون جانچي، هيرا
۽ جواهر سموئي ادب جي اوسر ۽ ٻوليءَ جو سينگار ۽
سڌار ڪن ٿا. بهرحال ”جيڪو حال حبيبان سوئي پيش
پريان“ جي مصداق سامعين جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو
آهيان.
جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ سفرنامن جي
افاديت، موزونيت ۽ ڪارڪردگيءَ جو سوال آهي، دنيا
جي ٻين سڌريل ۽ شاهوڪار ٻولين جي ادب جيان سنڌي
زبان جي ادب جي اوسر، ترقي، ترجيح، توسيع، ترسيل ۽
تڪميل ۾ سنڌي سفرنامن به قدر لائق اضافو ڪيو آهي.
هن ڏس ۾ آءٌ بلڪل مطمئن ته نه آهيان، تاهم جيڪو
مواد ۽ جيڪي تحريرون، جيڪي تصويرون ۽ تشهيرون،
سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ذريعي سفرنامن جي شڪل
۾ پڙهندڙن جي ذوق سليم جي ضرورتن ۽ گهرجن کي پوري
ڪرڻ لاءِ منظر عام تي آيون آهن، انهن کي به پائي
تحقير سان ٺڪرائي نٿو سگهجي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي
ته اسان جي قلمڪارن ۽ اديبن کي سنڌي زبان جهڙي
مٺي، شاهوڪار ۽ وسعت رکندڙ ٻوليءَ جي ٻين ضرورتن
کي پوري ڪرڻ سان گڏ هن طرف به وڌيڪ توجهه ڏيڻ
گهربو هو، ليڪن ڪجهه ڇپيل سفرنامن ذريعي عوام
تائين پهتو آهي، انهيءَ کي به غنيمت چئي سگهجي ٿو.
هونءَ ته ادب جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ هرڪا ڪوشش لائق
ستائش آهي، چاهي اها نثر ۾ هجي يا نظم ۾، افسانه
جي شڪل ۾ هجي يا تحقيق ۽ تنقيد جي، مگر منهنجي
راءِ ۾ سفرنامن ذريعي هڪ ذهين ليکڪ پنهنجي ذاتي
تجربن، مطالعن ۽ مشاهدن جي بنياد تي جيڪا تاريخي،
ثقافتي، جاگرافيائي، موسمياتي، اقتصادي، صنعتي،
تجارتي، زراعتي ۽ ٻين مختلف موضوعن تي اهم
معلوماتي ذخيرو سموئي قارئين جي اڳيان پيش ڪري ٿو،
ان جي افاديت ۽ مقبوليت وڌيڪ مثبت ۽ پائدار ٿئي
ٿي. دنيا عجائبات جو گهر آهي. هڪ محدود وسائل واري
سوسائٽيءَ لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته ان جا فرد دنيا
جي مختلف حصن ۾ پهچي قدرت جي رنگارنگ نظارن، ديده
زيب تعميرات، مسحور ڪُن ايجادن ۽ انساني هنرمنديءَ
جي مختلف ڪمالن جو بنفس نفيس مشاهدو ڪري پنهنجي
معلوماتي جستجو، ذهني توانائي ۽ دلي سڪون جو
اهتمام ڪري سگهن. اهي خوش نصيب آهن، جن کي اهڙا
موقعا ميسر اچن ٿا. اهو انهن جو فرض آهي ته هو
جيڪي ڏسن ۽ پسن، جيڪي مختلف ملڪن جي باشندن جي
بودوباش، رهڻي ڪهڻي، اُٿڻي وهڻي، عادتن ۽ اظهارن،
راندين ۽ وندرن، تعليم ۽ تربيت، ادب ۽ ثقافت،
نيڪين ۽ بدين، چڱاين ۽ بدعتن، خوبين ۽ خامين،
صنتعن ۽ حرفتن، سياسي ۽ سماجي دلچسپين ۽ تحريڪن جو
نه فقط گهرو مطالعو ڪن، بلڪ ان مطالع ۽ مشاهدي کي
قلمبند ڪري ٻين زبان گو ڀائرن اڳيان به پيش ڪن ۽
ائين ڪندي اهڙو اسلوب، اهڙي شستگي، اهڙي سلاست،
اهڙي رواني ۽ اهڙي حقيقت نگاريءَ کان ڪم وٺن، جيئن
پڙهندڙن کي اهو احساس ٿئي ته لکندڙ کيس آڱر کان
وٺي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري رهيو آهي، جيڪو هو پاڻ ڏسي
رهيو آهي، يا ڏسي چڪو آهي. مطلب ته سفرناما اهي
ڪارآمد ۽ موثر هوندا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي سفر ۾
شراڪت ۽ ساٿ جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن.
سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ سفرنامن بابت اهو عرض ڪندس
ته سڀ کان اهم ۽ اُتم ته خود ڀٽائي گهوٽ جو رسالو
آهي، جنهن کي منظوم سفرنامو چئجي ته وڌاءُ نه
ٿيندو. لاکيڻي لطيف جو ڪلام ديني ۽ دنوي رازن جي
هڪ ذخيري هجڻ سان گڏ، سنڌ جي تفصيلي دوري، اتي جي
حالتن، مختلف ماڻهن، مختلف جاين، مختلف نظارن،
ڇپرن ۽ برن، ندين ۽ سمنڊن، وڻن ۽ ٻوٽن، پکين ۽
جانورن، ڍنڍن ۽ ڍورن، پتڻن ۽ لنگهن لَڪَن ۽
لَڪيُن، چڱن ۽ مٺن، ولين ۽ مشائخن، عابدن ۽ زاهدن،
طالبن ۽ مطلوبن، عاشقن ۽ عارفن، عملن ۽ فعلن جو هڪ
آئينو آهي، جنهن ۾ نصف صديءَ جي تاريخ سمويل آهي ۽
ان سان گڏ جنهن ۾ آئينده نسلن جي رهنمائيءَ ۽
آگاهيءَ لاءِ به بيشمار اشارا ۽ مشورا موجود آهن.
تازو ڇپيل تصنيفن ۾ سنڌ جي سلڇڻي اديب ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جو سفرنامو ”هنگلاج جو سفر“ علمي ۽
ادبي لحاظ کان هڪ گران مايه تحرير آهي. هنگلاج جو
ذڪر سنڌ جي اڪثر صوفي شاعرن پنهنجي شاهپارن ۾ ڪيو
آهي.
هنگلاج، هاڙو ۽ پٻ جهڙوڪر ڪي عاشقيءَ ۽ فقيريءَ
جون منزلون هجن، جن کي جن نه ڏٺو، انهن ڄڻ پنهنجي
جستجو تشنئه تڪميل ڇڏي ڏني. ڊاڪٽر بلوچ جو هي
سفرنامو جيتوڻيڪ 1961ع ۾ لکيو ويو هو، ليڪن شايع
اٽڪل 1971ع ڌاري سه ماهي مهراڻ ۾ ٿيو ۽ عوام وٽ
ڪافي پسند پيو. سفرنامي جي ٻولي قدرتي، سهڻي،
سلوڻي ۽ دلنشين آهي. جبل جو پنڌ، جهاڪن ۽ جهوپن،
اوجهڙن ۽ اوسيئڙن، ويرانين ۽ نيم ويرانين، اوجاڳن
۽ تڪليفن جو عاشقانه ۽ مشفقانه انداز ۾ بيان
قلمبند ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي علم ۽
دانش جو ئي ڪرشمو چئي سگهجي ٿو. بنان سونهين، بنان
اڳواٽ ڄاڻ جي، هنگلاج جي راهه ۾ ڪيتريون صعوبتون
سهڻيون پون ٿيون، تن جو انتهائي دلچسپ پيرائي ۽
ذهني متانت سان ذڪر ڪيل آهي. ڪراچيءَ کان وٺي حب،
پٻ، وندر، سون مياڻي، هاڙهي، هنڱور، ناني ۽ هنگلاج
تائين ڊاڪٽر صاحب پڙهندڙن کي ائين وٺي ٿو وڃي،
جيئن ساڻس ڪو هم رڪاب هجي. سفرنامو طوالت جي لحاظ
کان ڪو وڏو نه هجڻ جي باوجود لطافت، ظرافت،
معلوماتي ادب ۽ ثقافتي اهميت جو حامل آهي ۽ سنڌي
ادب ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي.
اهڙيءَ طرح ماستر الهبچائي سمي صاحب جو سفرنامو
”سير ڪوهستان“ به سنڌي ادب جي هڪ عمده تصنيف آهي،
جنهن ۾ مصنف جابلو ماڻهن جي سخت جان زندگي، هنن جا
ڏک سک، هنن جي ڀليڪار ۽ رهاڻ، هنن جا ڏوهيڙا ۽
اوهيڙا.، هنن جا قرب ۽ پاٻوهه، جرئت ۽ جوان مردي،
مزاح ۽ ظرافت، غربت ۽ سادگي، غرض ته ڪوهستاني
زندگيءَ جي هر شعبي کي بيحد سلاست ۽ خوبصورتيءَ
سان جهٽيو ۽ چٽيو آهي. استاد موصوف بنظر غايت ڇپر
جي مڪينن ۽ خود ڇپر جي جاگرافيءَ جو مطالعو ڪري،
شهرن ۾ رهندڙن کي انهن بدنصيب جابلن سان واقفيت
ڪرائي آهي، جيڪي هونءَ شايد هميشه گمناميءَ ۾ گم
هجن ها.
”سير ريگستان“ هڪ ٻيو ناپيد سفرنامو آهي، جيڪو
استاد محترم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي زور قلم جي
هڪ انمول پيدائش آهي. عرساڻي صاحب نه فقط هڪ اهلِ
قلم ۽ اهلِ علم هجڻ جو شرف رکي ٿو، پر هو هڪ عمدو
مشاهده نگار به آهي، جيڪو انساني ڪوتاهين ۽
ڪمزورين تي عميق نظر رکي ٿو. سندس قلم ۾ هڪ قدرتي
رواني ۽ منفرد انداز آهي، جيڪو سندس سڀني تصنيفن
کي دلچسپ بنائي ٿو. هڪ ريگستاني جي زندگي، هڪ
ڪوهستانيءَ کان ڪا گهڻي مختلف نه آهي. ٻنهي جون
زندگيون طوفان آشنا ۽ مصائب زده هونديون آهن. ٻنهي
جي زندگيءَ جي مسرتن، شادمانن ۽ غم و آلام جو
دارومدار آسمان جي مهرن ۽ ڪمهرين تي هوندو آهي.
”ڀيڄ مولا“ ۽ ”مولا مينهن وساءِ“ هنن ٻنهي جي ورد
زبان هوندو آهي. جي وسي ته شادي، جي نه وسي ته
بربادي. افسوس جو اسين شهر جا مڪين بجلين ۽ برفن
تي جيئڻ وارا انهن حال مستن جي حال کان بيخبر
آهيون ۽ جيڪڏهن محترم عرساڻي ۽ محترم الهبچايو اهي
ٻئي سفرناما لکي، منظر عام تي نه آڻين ها، ته شايد
ڪوهستاني ۽ ريگستاني باشندا هميشه هميشه لاءِ ڪنج
گمناميءَ ۾ زندگي بسر ڪندا رهن ها. انهن صاحبن جي
لکڻين، سنڌ جي انهن پسمانده علائقن ڏانهن توجهه
مبذول ڪرائي وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي.
سنڌي سفرنامن ۾ عزيز ڀاءُ حڪيم محمد احسن خلف قبله
محترم علامه حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم سابق
ميئر ڪراچي ڪارپوريشن ۽ حال مسقط ۾ سفير پاڪستان
جي ڪتاب ”پرين جي پار“ به سنڌي ادب ۾ هڪ قابل
ستائش ۽ بي نظير اضافو ڪيو آهي. ارض مقدس مان ڪهڙي
ديندار دل هوندي، جنهن کي روحاني ۽ ذهني لڳاءُ نه
هوندو. جنهن تفصيل سان هن اديب ابن اديب زيارت بيت
الله ۽ حرم نبي ڪريم جو ذڪر قلمبند ڪيو آهي، سو
واقعي انتهائي دلچسپ هجڻ کان علاوه بيحد سبق آموز
۽ معلومات افزا آهي. جڏهن هي سفرنامو لکيو ويو،
تڏهن اڃان حج بيت الله وڃڻ وارن لاءِ ايتريون
سهوليتون ميسر نه هيون، جيتريون هن عوامي دؤر ميسر
ڪيون آهن، تنهنڪري سندس قابل قدر تصنيف حج تي
ويندڙن لاءِ وڏي رهنمائي ۽ رهبريءَ جو ڪارڻ بني،
جنهن جو ثواب يقينن کيس دنيا ۽ آخرت ۾ نصيب ٿيندو.
انهن پاڪ جاين تي پهچڻ سان انسان جي اندر ۾ جيڪي
جذبا، جيڪي اڌما، جيڪي خوشي ۽ ندامت جا احساسات
پيدا ٿين ٿا ۽ جيڪا عجز ۽ عاجزيءَ واري ڪيفيت
انسان تي طاري ٿئي ٿي، انهن کي جنهن پيرائي ۾ ذهين
مصنف پيش ڪيو آهي، اهو واقعي سندس نشان امتياز
آهي. هن سفرنامه جو تعلق چونڪ ايمان، عقيدي ۽
مذهبي اصولن سان آهي، تنهنڪري به ان جي افاديت ۽
رتبو وڌي وڃي ٿو.
نوجوان الطاف شيخ به مختلف سفرنامن لکڻ سان سنڌي
ادب جي اوسر ۾ وڏو مفيد ڪردار ادا ڪيو آهي. طبعاً
۽ پيشي جي لحاظ کان هو هڪ مستقل سياح آهي. هن
ايترا ته ملڪ گهميا آهن جو جيڪڏهن هو پنهنجن تجربن
کي قلمبند نه ڪري ها ته سنڌي عوام ۽ ادب دوستن سان
سندس اها زيادتي ٿئي ها. سندس شروعاتي تحريرون
”عبرت“ ڏانهن لکيل خطن جي ذريعي مذڪور روزنامي ۾
باقاعدگي سان شايع ٿيون ۽ بيحد مقبول ويون. ٻاهرين
دنيا جي مختلف جاذب نظر شهرن، بندرن، بزارن،
منڊين، هوٽلن، ڪاروباري مرڪزن جا جيڪي قلمي نقشا
الطاف صاحب چٽيا آهن، سي واقعي هن نوجوان ليکڪ جون
تحسين لائق لکڻيون آهن. سندس تحرير ۾ ڏينهون ڏينهن
وڌيڪ پختگي ايندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن
باقاعدگيءَ سان ڪتاب لکڻ شروع ڪيا ۽ اڄ سندس ڇهه
تصنيفون ڪتابي صورت ۾ منظرعام تي اچي چڪيون آهن.
1– منهنجو ساگر منهنجو ساحل 2– سمونڊ جي سيوين 3–
سمنڊ جن ساڻيهه 4– دنيا آهي ڪاڪ محل 5– وايون
وڻجارن جون 6– بندر بازاريون.
هي اهڙا سفرناما آهن، جيڪي پڙهندڙن کي ڪيترن
ڏيساورن جي سير ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن.
انهن کان علاوه مقبول صديقيءَ جو سفرنامو ”ست سمنڊ
پار“، عزيز شيخ جو سفرنامو ”ڪجهه ڏينهن روس ۾“
[اهو سفرنامو ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ جي نالي سان
ڪتابي صورت ۾ تازو شايع ٿيو آهي]، خير محمد کوکر
جو عبرت ۾ ڇپيل سفرنامو ”پنجن ملڪن جو سير“، محمود
يوسفاڻيءَ جو هلال پاڪستان ۾ ڇپيل مضمون ”خوابن جو
سفر“، مير مراد علي خان جا ڪيليفورنيا مان موڪليل
عبرت ۾ شايع ٿيل خط، محترم سراج الحق ميمڻ جا هلال
پاڪستان ۾ شايع ٿيل مختلف ملڪن جي دورن بابت سندس
تاثرات، پرواني ڀٽيءَ جا مشرقي پاڪستان جي سياست
تي عبرت ۾ شايع ٿيل قسطوار تاثرات، سنڌي ادب جي
روشن مستقبل لاءِ حوصله افزا علامت آهن. انهن کان
سواءِ ڪجهه آڳاٽا لکيل سفرناما به قابلِ ذڪر آهن،
جن مان جناب حضرت قبله خواجه حسن جان سرهندي و
مجددي جن جو ”سفرنامه عرب و عراق“ انهن ٻن مقدس
ملڪن بابت معلومات جو خزانو آهي. حاجي ڪريمڏنه
راڄپر جو ”آمريڪا جو سفر“ انهيءَ ترقي يافته ملڪ
جي بيپناهه صنعتي، زرعي، تعليمي ۽ تجارتي تجربن ۽
ڪاميابن بابت سير حاصل حقائق جو مجموعو آهي، جنهن
کان پڙهندڙ بيحد محظوظ ٿئي ٿو. ڪهنه مشق اديب ۽
پراڻي سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو ”لنڊن جو
سفر“ به هڪ اهڙو سفرنامو آهي، جيڪو سالهاسال گذري
وڃڻ جي باوجود به پنهنجي جاذبيت برقرار رکي سگهيو
آهي، جيڪو مصنف جي اندازِ بيان لاءِ عوامي داد ۽
تحسين جي مترادف آهي. محترم آغا بدرالدين دراني
مرحوم جو ”مسافر حجاز“ مقامات مقدسہ بابت هڪ ٻي
قابل قدر تصنيف آهي، جنهن جو سنڌ جي ڪتاب بين عوام
پنهنجي وقت ۾ وڏو قدر ڪيو. ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ چين
جي انقلابي قيادت ۽ ڪرشمه ساز ڪارنامن بابت
پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي جو سفرنامو پڻ سنڌي ادب
۾ هڪ وڻندڙ اضافو آهي.
ماهر تعليم ۽ منفرد اديب جناب غلام مصطفيٰ شاهه جو
”سير ۽ سفر“ هر لحاظ کان هڪ عمدو سفرنامو آهي،
جيڪو پڙهندڙن جي دل تي لازوال ۽ نه مٽجندڙ اثر ڇڏي
ٿو. سندس قلم ۾ هڪ خاص جولان سان گڏ نفاست به آهي
ته نزاڪت به. محترم شيخ اياز سنڌي ادب جا اها مڃيل
شخصيت آهي، جنهن جي هر تصنيف پنهنجو مقام رکي ٿي.
شاعر خوش نوا ۽ انقلاب آفرين هجڻ کان علاوه نثر
نويسيءَ ۾ به سڀڪو سندس ڀر وٺي نه سگهندو. ”جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي“ سندس سفر دوران تاثراتي خطن تي
مشتمل هڪ اهڙو مجموعو آهي، جيڪو دماغ کان لهي
پڙهندڙن جي دل ۾ گهر ڪيو وڃي |