علي رضا قاضي
فليش فڪشن:
هڪ مختصر جائزو
تعارف:
دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان ٿيندي پئي وڃي، سماجي،
اقتصادي، سياسي ۽ ادبي طور ملڪ، قومون، ٻوليون ۽
انهن ۾ سرجندڙ ادب هڪ ٻئي سان سلهاڙيا پيا آهن.
انهن جا اثر هڪ ٻئي جي زبان ۽ ادب ۾ واضح طور نظر
اچن ٿا، جنهن جو هڪ مثال ’فليش فڪشن‘ پڻ آهي. فليش
فڪشن ڇا آهي؟
مختصر طور، فليش فڪشن هڪ ڇٽيءَ جو نالو آهي، جنهن
جي هيٺيان ڪهاڻين جون اهي لاتعداد صنفون اچيو وڃن
ٿيون، جن ۾ لفظن جي ڳڻپ يا انهن جي تمام گهٽ
استعمال کي فليش فڪشن جو معيار بڻايو ويو آهي. بين
الاقوامي سطح تي فليش فڪشن جي صنفن ۾ شارٽ- شارٽ
اسٽوري، سڊن فڪشن، ڊريبل، فڪشن-55، ڊرئيبل،
ٽوئيٽريچر،
پام سائيز اسٽوري، سموڪ لانگ اسٽوري، نينو اسٽوري،
ون- ورڊ اسٽوري وغيره. شامل آهن.
·
عالمي سطح تي فليش فڪشن جي وصف ۽ مفهوم:
ڇاڪاڻ ته فليش فڪشن، سڄي دنيا ۾ لکيو پيو وڃي، خاص
ڪري انگريزي ادب ۾ ان قسم جي ادب کي سائنسي بنيادن
تي تحقيق جي دائري ۾ آندو ويو آهي، انڪري ضروري
آهي ته فليش فڪشن متعلق ڪجهه نامور اسڪالرن جا
رايا رکجن ٿا.
انگريزي عالمن جا رايا:
×
ڪيٿرن سسٽانا:
’فليش فڪشن‘ ڪيترن ئي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو،
جهڙوڪ: مائڪروفڪشن، مائڪرو اسٽوريز، شارٽ- شارٽ
اسٽوريز، ويري شارٽ اسٽوريز، سڊن اسٽوريز، پوسٽ
ڪارڊ فڪشن، نينو فڪشن وغيره. جيتوڻيڪ اهو ڏکيو آهي
ته ’فليش فڪشن‘ کي لفظن جي ڳڻپ جي بنياد تي سڃاتو
وڃي. ها هن جا ٻيا ڪيترائي اهڃاڻ ٻڌائن ٿا، ته
هيءَ شارٽ اسٽوري جي ڳتيل صورت آهي، ’فليش فڪشن‘ ۾
مرڪزي خيال جي وڏي اهميت آهي. (1)
×
وليم هاءِ سمٿ:
’فليش فڪشن‘ جون تز تشريحون مختلف آهن، پر گهڻو
ڪري مڪمل ڪهاڻيون جيڪي 1500، 1000، 500 يا 300
لفظن تائين جون هجن، انهن کي ’فليش فڪشن‘ جي دائري
۾ آڻي سگهجي ٿو. فليش فڪشن لاءِ ٻيا اصطلاح به
استعمال ٿيندا رهيا آهن، جهڙوڪ: شارٽ- شارٽ
اسٽوري، اميڊيٽ فڪشن، سڊن فڪشن ۽ مائڪرو فڪشن؛
جيتوڻيڪ انهن جون تشريحون پبلشر پنهنجي مرضيءَ
مطابق به ڪن ٿا. (2)×
اليسا آڊري:
’فليش فڪشن‘ توهان کي ايڊيٽنگ
جو هنر به عطا ڪري ٿو.’فليش فڪشن‘ جي لکت توهان جي
لکڻيءَ
۾ نکار آڻي ٿي.
’فليش
فڪشن‘ توهان جي لکڻين کي مضبوط ڪري ٿو. مان پنهنجي
لکڻين ۾ رنگيني ڀرڻ لاءِ لفظن، فقرن، تصويرن،
موسيقي ۽ وڊيوز کي شامل ڪري 100 کان 500 لفظن جي
ڪهاڻي لکان ٿي. (3)×
مارڪ ٽوائن:
جيڪڏهن هن وٽ گهڻو وقت هجي، ته هُو ضرور ننڍڙي
ڪهاڻي لکندو… ڪجهه هزار لفظن ۾ پنهنجيون ڪهاڻيون
ٻڌائڻ سميت مختصر ادب پڻ هڪ فن آهي، جنهن ۾ هر لفظ
جي ڳڻپ ٿئي ٿي. مختصر ڪهاڻي هڪ ٿڦڙ مثل آهي. هڪ
نشست ۾ پڙهڻ کانپوءِ قاريءَ کي محسوس ٿئي، ته ڪجهه
صفحن ۾ هن سان ڇا ٿي ويو. (4)×
جي.ڊبليو ٿامس:
انٽرنيٽ جي آمد کانپوءِ ايڊيٽر مختصر ڪم ڏانهن
ڌيان ڏين پيا، جيڪو ڪمپيوٽر اسڪرين تي پڙهڻ وڌيڪ
آسان آهي. موجوده اصطلاح ’فليش فڪشن‘ هڪ ’ڳالهه‘جو
نالو آهي، جيڪا 300 کان 1000 لفظن تي ٻڌل ٿئي ٿي.
(5)×
رابرٽ وارن:
ننڍڙيون ڪهاڻيون جُڳن کان آهن، پر ’فليش فڪشن‘
ڪجهه نئون آهي؛ ان ڪري ڪجهه ان جي وضاحت پڇن ٿا،
جنهن جو هڪ سادو جواب آهي، ته هي فقط، هڪ تمام
مختصر ۽ محدود ڪهاڻي آهي، جيڪا
مختصر لفظن ۾ هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن به اشارو ڪري
ٿي. (6)×
تانيا هرشمن:
مان گهڻو ڪري، ناول کي ميمل سان ڀيٽيان ٿي، شينهن
جهڙو حملي آور يا ڳئون جيان تعبيدار، جڏهن ته
مختصر ڪهاڻيءَ جو مثال مڇي يا پکي آهي، اتي مائڪرو
اسٽوري هڪ جيت جيان ٿئي ٿي. (7)سنڌي
عالمن جا رايا:×
منظور ڪوهيار:
اهڙي ڪهاڻي، جنهن لاءِ لفظن جي پيمائش ضروري هوندي
سا مختصر مختصر ڪهاڻي ٿيندي ٿيندي، هاڻي مائڪرو
فڪشن، ’فليش فڪشن‘، فاسٽ فڪشن ۽ اسٽوري بائيٽ جي
نالي سان سڏبي زيرو ورڊ اسٽوري يعني ٻڙي ڪهاڻيءَ
تائين وڃي پهتي آهي.(8)×
ڊاڪٽر الطاف جوکيو:
وقت جي تيز سفر سبب بظاهر ماڻهو واندو هوندي به
پاڻ کي مصروف ٿو سمجهي؛ ان ڪارڻ پنهنجو پاڻ کي
ڪنهن ڊيگھ واري معاملي ۾ ڦاسائڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ
مختصر اسمن تي اڪتفا ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي جو
جديد دؤر جي نسبت ماڻهو’‘فليش فڪشن‘ جي وڌيڪ ويجهو
ٿئي ٿو.
(9)×
عزيز قاسماڻي:
جهڙي ريت
اک ڇنڀ ۾ ڪائي ڳالهه ڪري وڃڻ کي فليش ڪهاڻي چئجي
ٿو. هن ڪهاڻي ۾ واقعو ئي اهميت رکي ٿو. باقي فني
جزويات فليش ڪهاڻين ۾ ايتري ظاهري انداز ۾ نه
ملندا، ڇو ته انهن جزويات کي ڪهاڻيءَ ۾ اُڻڻ لاءِ
ڪردار جي باقي موومينٽ (حرڪتن) سان ئي ظاهر ڪري
سگھجي ٿو، جڏهن ته ڪردار خود فليش ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي
درجي جي جاءِ والاري ٿو ته باقي روايتي ڪهاڻي جي
جزويات کي ايتري جاءِ ڪٿان ملندي. (10)×
عباس ڪوريجو:
’فليش فڪشن‘ افسانوي ادب جي لکت جو هڪ انتهائي
اختصاريل نمونو آهي. ان جي اهڙي ڪابه قبوليل وصف
ناهي، جنهن مان ان جي مقرر ڪيل ڊيگهه جي صحيح خبر
پئجي سگهي. (11)اردو
عالمن جا رايا:×
قاسم يعقوب:
’فليش فڪشن‘ اها ڪهاڻي آهي جيڪا گهٽ لفظن اندر قصي
کي بيان ڪري ۽ ان ۾ ڪا ڏاهپ جي ڳالهه، ڪو انڪشاف
يا جذباتي انجام سامهون اچي. (12)
×
ابو فهد:
قرآني قصن ۾ تمام وڏن منظرن کي مختصر لفظن ۾ سمايو
ويندو آهي، جهڙي ريت حضرت يوسف عليہ السلام جو قصو
سالن تي ٻڌل آهي، پر ان کي به ڪجهه صفحن ۾ سموهيو
ويو، بلڪل اهڙي ريت جيئن فليش فڪشن يا افسانچن ۾
ڪيو ويندو آهي. ڪردارنگاري ۽ منظر نگاري ’فليش
فڪشن‘ جي سونهن آهن. (13)
×
سيد تحسين جيلاني:’فليش
فڪشن‘ هڪ دانش پاري يا ٽوٽڪي کان وڌيڪ ڪجهه ٿي
سگهي ٿو. اهو پڻ درست ته ’فليش فڪشن‘
فوري اثر ڪرڻ وارو پر جلد ضايع ٿيندڙ ادب آهي ۽
’فليش فڪشن‘ ۾
ڪو وڏو تخليقي تجربو ڪرڻ ناممڪن آهي.
فليش فڪشن‘ ۾ ايڊيٽنگ جو هنر اچڻ گهرجي، جيڪو
صحافت لاءِ ڪارائتو آهي.’فليش فڪشن‘ ڪهاڻيءَ جو
خلاصو نه آهي، جڏهن ته
’فليش فڪشن‘ ۾
ڪو وڏو تخليقي تجربو ڪرڻ ناممڪن آهي.
’فليش فڪشن‘ ۾ ون لائين تحرير، ٽوٽڪو، لطيفو،
حڪايات وغيره. شامل نه آهن. (14)
×
نعيم بيگ:
مائڪرو فڪشن يا مختصر ڪهاڻي اصل ۾ لفظن جي ڪنهن
خاص ڳڻپ جو نالو نه آهي، پر لفظن کي هنرمنديءَ سان
مخصوص مقدار ۾ سموهڻ آهي.’فليش
فڪشن‘ پڙهندڙ مڪمل ڪهاڻيءَ جيان محظوظ ٿئي ٿو، ان
جي
معرفت زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، يا ايئن
لکجي ته ’فليش فڪشن‘ ادبي ارتقاء جي اڳئين وک آهي.
(15)
·
’فليش فڪشن‘ بابت عالمن جي راين ۾ هڪجهڙايون:
×
’فليش فڪشن‘ محدود لفظن جي ڪهاڻي آهي.
×
’فليش فڪشن‘ ۾ مرڪزي خيال جي وڏي اهميت آهي.
×
ڪردارنگاري ۽ منظر نگاري’فليش فڪشن‘ جي سونهن آهن.
×
’فليش فڪشن‘ پڙهندڙ مڪمل ڪهاڻيءَ جيان محظوظ ٿئي
ٿو.
×
’فليش فڪشن‘ جي ڇٽيءَ
هيٺ ڪيتريون ئي صنفون اچي وڃن ٿيون. شارٽ- شارٽ
اسٽوري،
ڇهه لفظي ڪهاڻيون، 140 ڪريڪٽرس تي ٻڌل ڪهاڻيون، جن
کي ’ٽوئٽريچر‘ چئجي ٿو، ڊرئيبل (50 لفظي)، ڊريبل
(100 لفظي)، سڊن فڪشن (750) لفظي) ۽ مائڪرو-
اسٽوريز شامل آهن.
×
فليش فڪشن‘ ۾ ايڊيٽنگ جو هنر اچڻ گهرجي، جيڪو
صحافت لاءِ ڪارائتو آهي.
×
’فليش فڪشن‘ مختصر لفظن ۾ هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن به
اشارو ڪري ٿو.
×
’فليش فڪشن‘ ڪهاڻيءَ جو خلاصو نه آهي.
×
’فليش فڪشن‘ معرفت زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي سگهجي
ٿو،
×
’فليش فڪشن‘ ادبي ارتقاء جي اڳئين وک آهي.
×
ترقي پذير سماجن جي ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ ابهام جو
شڪار آهي.
·
’فليش فڪشن‘ بابت عالمن جي راين ۾ اختلاف:
×
’فليش فڪشن‘ جو بنياد اختصار تي آهي،
پر نالن ۾ اختلاف آهي.
×
’فليش
فڪشن‘ ۾ لفظن جي ڳڻپ بابت اختلاف آهن.
×
’فليش فڪشن‘ ۾ ڪهاڻيءَ جا بنيادي جزا منظرنگاري ۽
ڪردارنگاري ثانوي آهن.
×
’فليش فڪشن‘ ۾ ڇهه لفظي ڪهاڻين ۾ جزن جو خاص خيال
نه ٿو رکيو وڃي.
×
’فليش فڪشن‘ جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪردار ۽ منظر ڳجها
رکيا ويندا آهن.
×
’فليش فڪشن‘
لفظن جي ڪنهن خاص ڳڻپ جو نالو نه آهي، پر لفظن کي
هنرمنديءَ سان مخصوص مقدار ۾ سموهڻ آهي.
×
’فليش فڪشن‘ ۾
ڪو وڏو تخليقي تجربو ڪرڻ ناممڪن آهي.
×
’فليش
فڪشن‘ جي ڊيگهه ڪيتري هجڻ گهرجي؟ ان ڳالهه تي به
اختلاف آهن.
×
’فليش فڪشن‘ ۾ ون لائين تحرير، ٽوٽڪو، لطيفو،
حڪايات وغيره. شامل نه آهن.
×
’فليش فڪشن‘ لاءِ پڙهندڙن وٽ ابهام آهي.
·
’فليش فڪشن‘ بابت عالمن جي راين کان پوءِ حاصل
ٿيندڙ
نُڪتا:
مٿي ڄاڻايل اسڪالرن جي راين ۽ انهن مان حاصل ٿيل
نڪتن ۽ انهن تي ٿيل تجزين کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو،
ته ’فليش فڪشن‘ جي دائري ۾ هيٺيان پنج بنيادي عنصر
شامل آهن.
1- لفظن جي ٿورائي يا اختصار:اسڪالرن جي اڪثريتي
راءِ کانپوءِ،’فليش فڪشن‘ جي ڇٽيءَ هيٺايندڙڪهاڻين
۾ لفظن جو تعداد 1000 کان هيٺ بيهي ٿو. 1000 لفظن
جي اندر ايندڙ صنفن ۾ سڊن فڪشن 750 لفظن يا 500
لفظن تي ٻڌل آهي. جنهن کانپوءِ 100 لفظن جي ڪهاڻي
جنهن کي ڊريبل جو نالو ڏنل آهي. فڪشن 55، هن صنف ۾
55 لفظ شامل هوندا آهن. هاڻي ته ’فليش فڪشن‘ جي
دائري ۾ 140 ڪريڪٽرس اچيو وڃن، جنهنڪري ’فليش
فڪشن‘ جي پهرئين عنصر ۾ لفظن جي ٿورائي يا اختصار
شامل آهي. 2-
ڪردار:سڀني
ڪهاڻين ۾ ڪردار گهربل هوندا آهن، يا اهڙي ڪردار جي
موجودگي جيڪو ڪهاڻي ٻڌائي. ’فليش فڪشن‘۾ ڪردار
جوڙي انهن کي واضح ڪيو ويندو آهي، ان لاءِ رائيٽر
وٽ اهو موقعو هوندو آهي، ته ڪردارن کي عمل ۾
ڏيکاري، جيئن انهن جو تعارف پڙهندڙن جي ذهن ۾ اچي
سگهي.3-
ڇرڪائيندڙ انجام:’فليش
فڪشن‘ جي شهرت ان جو ڇرڪائيندڙ انجام رهيو آهي،
يعني قاريءَ کي هڪ پاسي وٺي وڃي، هُن
کي چمڪي سان ٻيو رخ ڏيکارڻ، جنهن سان هو حيران ٿي
وڃي. اها حيراني ڪنهن لطيفي يا خاص سِٽ
سان ڪرائي سگهجي ٿي.4-
سگهاري ٻولي:’فليش
فڪشن‘ ڪجهه صورتن ۾ شاعريءَ ۽ شارٽ اسٽوريءَ جو
ميلاپ پڻ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ شاعريءَ جي لفظن جو
استعمال ان کي سگهارو بڻائي ٿو، انڪري لفظن، ۽ خاص
ڪري سگهارن لفظن جو استعمال ’فليش فڪشن‘ جو اهم
عنصر آهي.5-
تبديلي:جيتوڻيڪ
’فليش فڪشن‘ ۾ گهڻا لفظ ناهن، ان هوندي به محدود
لفظن ۾ گهڻو عمل ڏيکاري سگهجي ٿو. رابرٽ ايلن جي
مطابق: ”ڪهاڻيءَ
۾ تبديلي جو ظرف موجود آهي.“ پوءِ اها تبديلي
ڪردار جي سوچڻ جي طريقي جي به ٿي سگهي ٿي، پر اهو
سڀ ڪجهه صورتحال تي انحصار ڪري ٿو.
(16)نتيجو:
·
’فليش فڪشن‘ جيئن ته هڪ ڇٽيءَ جي اصطلاحي نالي سان
معروف آهي، انڪري ڪنهن به صورت ان جو ترجمو نه ٿيڻ
گهرجي. زبردستي ترجمي ڪرڻ سان هي اصطلاح وڌيڪ
مونجهاري جو شڪار ٿيندو.
·
’فليش فڪشن‘ جي هيٺيان، مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ سميت
لفظن جي ڳڻپ واريون ڪهاڻيءَ جون ڪيتريون ئي صنفون
اچي وڃن ٿيون، جن ۾ ڊريبل (100 لفظن جي ڪهاڻي)
فڪشن-55 (55 لفظن جي ڪهاڻي) ڊرئيبل (50 لفظن جي
ڪهاڻي) وغيره، مقبول آهن.
·
فليش فڪشن جي ڇٽيءَ هيٺ ايندڙ ڪهاڻيون به شارٽ-
شارٽ اسٽوريءَ جيان عنصر رکن ٿيون، ’اختصار‘ ان جو
بنيادي عنصر آهي.
·
فليش فڪشن ۾ اختصار سبب، هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن
اشارو ڪرڻ جي خوبي شامل هوندي آهي.
·
سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ فليش فڪشن کي هڪ نئين
زندگي ملي آهي.
·
فليش فڪشن، وقت کي بچائي، پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جو
مڪمل سامان مهيا ڪري ٿو.
·
فليش فڪشن، دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ مختلف صورتن ۾
لکجندو رهيو آهي.
·
سنڌيءَ ۾ ننڍڙيون آکاڻيون، ٽوٽڪا، لطيفا، نقل-
نظير فليش فڪشن جي شروعاتي اهڃاڻن ۾ شامل آهن.
حوالا:
1.
Sustana, Catherine. “What is Flash fiction?” (Thoughtco).
August 27, 2017. Accessed
April 13, 2018.
(https://www.thoughtco.com/what-is-flash-fiction-2990523)
2.
Highsmith, William. “Flash
Fiction FAQs” (Writers digest) January
25, 2011.
Accessed April
13, 2018.
(http://www.writersdigest.com/writing-articles/by-writing-goal/....)
3.
Audrey, Alicia.
The Top Three
Benefits of Writing Flash Fiction. (diyMFA).
JAN 19, 2015.
Accessed April
17, 2018.
4.
Twain, Mark. “What is Flash fiction.” (Flash
fiction online). Feb 15, 2014. Accessed April
18, 2018.
(http://flashfictiononline.com/main/authors/mark-twain/)
5.
Thomas. G.W. “Writing
Flash Fiction”. (fiction factors).
Accessed Aril
20, 2018.
(http://www.fictionfactor.com/guests/flashfiction.html)
6.
Vaughan, Robert. “Interview
with Robert Vaughan” (Bath flash fiction award).
July- October 2016. Accessed
April 21, 2018.
7.
Hershman,
Tania. “What is flash fiction.” (Litrostories
transport you.) May 16, 2013.Accsed April 20,
2018.
(https://www.litro.co.uk/author/tania)
8.
قاضي، علي رضا. معذرت سان (پيش لفظ). ٺاروشاه: علي
پرنٽرس اينڊ پبليشرز. 2016. صفحو 07.
9.
Aziz Qasmani’s facebook account, accessed April
8, 2018.
(https://www.facebook.com/aziz.qasmani)
10.
ڪوهيار، منظور. ڀونئرن
جي انتظار ۾. قنبر:
ڪنول پبليڪشن. 2014ع. صفحو 23.
11.
ڪوريجو، عباس. جديد ڪهاڻي-
فن ۽ موضوع. قنبر:
ڪنول پبليڪيشن،2015ع.
صفحو
12.
12.
یعقوب،
قاسم۔
فلیش
کہانی:
آج کی
کہانی۔
(ايک
روزن.)
۔ 14
فروری،
2017ء.
رسائی،
اپريل 23، 2018ء.
(https://www.aikrozan.com.....)
13.
فہد، ابو۔ مختصر افسانے
کی حمایت۔ (ہدا فائونڈیشن)
05 اپريل، 2016ع.
رسائی،
اپريل 24، 2018ء،
(http://hudafoundation.org/afsana-by-abu-fahad/)
14.
گیلانی,
سید تحسین.
کیا مائکرو فکشن میں بڑا تخلیقی تجربہ ممکن ہے؟مارچ
20، 2016ء،
رسائی،مئی
02، 2018ء.
(http://hameedshahid.com/index.php/2016/20/03/flashfiction(
15.
بيگ، نعيم.
مائیکروفکشن یا مختصر ترین افسانہ،
(نعيم بيگ) فروری
11، 2016.رسائی،مئی،
03، 2018
ء.
(http://naeem-baig.blogspot.com/2016/02/blog-post_11.html)
16.
Michael. “5 Elements of Powerful Flash Fiction.”
( FLASH WRITING) October 12, 2011. Accessed
May 04, 2018. |