سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:13 

خليل جبران

سنڌيڪار: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

 

ماءُ جو دلاسو

نوٽ: هيءَ ڪهاڻي مشهور ليکڪ خليل جبران جي لکيل آهي، جنهن کي مون 1982ع ۾ ترجمو ڪيو هو. لبنان جو مشهور شاعر، ناول نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ مصور خليل جبران 6 جنوري 1883ع تي لبنان جي قادسيه واديءَ جي هڪ ننڍي ڳوٺ بشاري ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو جبران خليل جبران آهي، پر ادبي طور مشهور خليل جبران جي نالي سان آهي. انگريزي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولين تي عبور رکندڙ هن ليکڪ جون تحريرون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن. هن 5 ناول، سوين مختصر ڪهاڻيون، هڪ ڊرامو ”شداد جي جنت“ سميت فلسفي، حڪايتن، قولن، خطن ۽ شاعريءَ تي مشتمل مواد ڇڏيو آهي جو ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. سندس وفات 1931ع تي ٿي. خليل جبران جي ترتيب ۾ سندس ماءُ ڪامله رحمت جي محبت ۽ شفقت جو وڏو اثر آهي، کيس پنهنجي والدين سان گهڻي محبت هئي. هوءَ  کيس ننڍي لاڪون لبنان ۽ شام جون لوڪ ڪهاڻيون ۽ بائيبل جا قصا ٻڌائيندي هئي، جن سان سندس حساس ۽ فنڪارانه طبعيت ۾ هڪ اهم انقلاب آيو جو سندس تحريرن مان ظاهر آهي. هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڻ سندس زندگيءَ جو عڪس ڄاڻائي ٿي.[

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

قادسيه جي واديءَ ۾ جڏهن آسپاس جي ڳوٺن ۾ لاڳيتو برفباري وسي هئي تڏهن کين هتي ئي غالب ٿيڻ لاءِ رات پنهنجا پر تيزيءَ سان پکيڙي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هر شيءِ مسلسل ۽ مستقل برف ۾ ڍڪجي رهي آهي. جبلن جون قطارون، ٻنيون ۽ کليل ميدان سڀ انڌيري جي وڪڙ ۾ وڪوڙجي ويا هئا. هوائن جا سُوسَٽ  ماحول کي قدرت جي دهشت انگيزي ڄاڻائي رهيا هئا. ماڻهو گهرن ۾ وڃي لڪيا، جانورن جي واڙن ۾ موت جهڙي خاموشي هئي، انسان، پکي پکڻ هن سخت برفيلي سرديءَ ۽ خوفناڪ فضا ۾ عاجز ۽ قدرت جي مهربانيءَ لاءِ واجهائي رهيا هئا. ڪاري سرد رات جي طاقت ۽ موت کان سواءِ ڪجهه به باقي نه بچيو هو.

ڳوٺ جي آباديءَ کان الڳ هڪ اڪيلي گهر ۾ هڪ بيوه عورت سگريءَ جي سامهون اوني شال اُڻي رهي هئي. پاسي کان سندس ٻارڙو ويٺل هو، جو ڪيتريءَ مهل سگريءَ مان نڪتل باهه جي اُلن کي ڏسي رهيو هو ته ڪيڏيءَ مهل پنهنجيءَ امڙ جي پُرسڪون چهري ڏي. اوچتو طوفان تيز ٿي ويو ۽ گهر جون ڀتيون لڏڻ لڳيون. ٻارڙو ڊڄي ماءُ جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو، ماءُ پنهنجي شفقت ڀريءَ هنج ۾ کيس ڀري پاڻ سان چهٽائي پيار ڪيو ۽ گوڏي تي ويهاري چوڻ لڳي:

”او منهنجا ٻچڙا! ڊڄ نه، قدرت پنهنجي عظمت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪري اسان کي نصيحت ڪري رهي آهي ته سڄي ڪائنات سندس هٿ هيٺ آهي، نه ڊڄ منهنجا ٻچڙا! زمين تي ڪريل برف، ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان ۽ فضا کي تهس نهس ڪرڻ واريءَ هن آنڌيءَ ۽ طوفان جي تيز لوڏن جي پويان هڪ بزرگ روح آهي جيڪو ميدانن ۽ جبلن جي ضرورتن کي چڱيءَ پر ڄاڻي ٿو ۽ هتي رهندڙ انسانن تي رحمت ۽ محبت جو هٿ رکي ٿو.

انڪري تون خوف نه کاءُ، منهنجي دل جا ٽڪڙا! فطرت، جبلن ۾ مُرڪندي، گرمين ۾ ٽهڪ ڏيندي، سرءُ ۾ آهون ڀريندي روئڻ چاهي ٿي ته جيئن زمين جي انتهائي هيٺانهين طبقي ۾ پيل زندگي هن جي ٿڌن لڙڪن سان پنهنجي اُڃ اُجهائي. منهنجا پٽ! تون سمهي رهه، جڏهن تون جاڳندين تڏهن آسمان کي صاف ۽ ميدانن تي برف جي سفيد چادر اوڍيل ڏسندين، سمهي رهه، منهنجا پٽڙا! تنهنجو پيءُ هن وقت پاڻ کي ابديت جي رستن کان ڏسي رهيو آهي. مبارڪ آهي اها آنڌي ۽ اها برفباري جيڪا اسان کي غيرفاني روحن جي يادگيرين سان ملائي ٿي. انهن ئي قوتن جي شدت گذرڻ کان پوءِ جڏهن بهار ايندو تڏهن تون خوبصورت ترين گل هتان ئي ٽوڙيندين جيئن انسان بي انتها ڏکن، وڇوڙن ۽ حوصلو ٽوڙيندڙ صبر کان پوءِ محبت جو ميوو ماڻيندو آهي.

منهنجي اکين جا نور! سمهي رهه. تون سمهي رهه، ته جيئن سهڻا سهڻا خواب رات جي هيبت ۽ سرديءَ جي شدت کي ٽوڙي بي خوف ٿي تو وٽ اچن.“

ننڍڙي پنهنجي ماءُ ڏي ڏٺو، سندس اکيون ننڊاکريون ٿي رهيون هيون. ماءُ جي مٺن تسليءَ جي ٻولن، دعائن ۽ دلاسن، سندس خوف ۾ ڪمي آندي هئي، وري به ڏانهس نهاري چيائين: ”منهنجي مٺڙي ماءُ! ننڊ منهنجي اکين کي واري رهي آهي پر آءٌ ڊڄان ٿو ته ڪٿي صبح جي نماز پڙهڻ کان سواءِ سمهي نه رهان.“

مهربان ماءُ کيس ڳراٽڙي پائي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ اکين اکين سان چوڻ لڳي: ”منهنجا پٽڙا! تون مون سان گڏ دُعا گهر، يا رب! فقيرن تي رحم ڪر! انهن کي سخت سياري جي سختيءَ کان بچاءِ، انهن جي اُگهاڙن جسمن کي پنهنجي هٿن سان ڍڪي ڇڏ، جهوپڙين ۾ سُتل يتيمن کي هن بي انتها برف کان بچاءِ جا سندن جسمن کي چيري رهي آهي.

يا رب! بيواهن جي فرياد ٻڌ، جي موت جي هولناڪيءَ ۾ سيءَ ۾ ورتل آهن.

يا رب! پنهنجي هٿ کي سرمائيدار ڏي وڌاءِ ۽ هن کي ڏسڻ واريون اکيون ڏي ته جيئن هُو ڪمزورن ۽ مظلومن جي تباهه حالي ڏسي سگهن، يا رب! انهن بکايلن تي مهرباني فرماءِ، جيڪي هن اونداهيءَ رات ۾ درن تي بيٺا آهن ۽ پرديسين کي واٽ ڏسي رهيا آهن.

يا رب! ننڍڙين ننڍڙين جهرڪين جي طرف ڏسي، پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن وڻن جي حفاظت ڪر جي ٿڌين طوفاني هوائن جي لوڏن ۾ آهن.

يا رب اهو ڪر جنهن لاءِ آءٌ فريادي آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته توکي ئي سڀ قدرت آهي ۽ تون ئي قادر آهين.“

جڏهن ننڊ ننڍڙي کي مڪمل گهيري ويئي، تڏهن ماءُ ڏڪندڙ چپن سان سندس نراڙ تي چمي ڏني ۽ ان کان پوءِ سگريءَ سامهون ٻيهر ٻچڙي لاءِ اوني چادر اُڻڻ لڳي.

نور حسين ڪلهوڙو

 

 

 

زرينه

 

جُون جي ڪاڙهي ڄڻ ٽانڊا ٿي اُڇليا. ڳوٺ جون ڪچيون اگهاڙيون ڀتيون. تپي ٽامون ٿي ويون هُيون. گرميون سهندي ساڻيون ٿي هنڌان هنڌان ڏري پيون هيون. پيدا ٿيل سنهين وٿين بي پردگي ڪري ڇڏي هئي. مرد مايون سارين جي رونبي تي ويل هئا. ۽ ٻار مال سان ويل هئا. پوڙهو ونجڻون هڻندي، ننڊ ۾ الوٽ ٿي کونگهرا هڻڻ لڳو. سندس جواڻ جماڻ پوٽي زرينه گهر جو ڪم ڪار لاهڻ سبب، ٿڪجي پگهر ۾ شل ٿي وئي. گهر ۾ ٻي ڪا به پهر نه هئي. وهنجڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جو مٽ کڻي وهنجڻ جاءِ پُهتي. سندس جرڪندڙ جسم گهڻن کي موهت ڪري وڌو هو. سندس ويڙهي جي جوان مائٽن هن کي ماڻڻ لاءِ شرطون لڳايون. مرچو انهن ۾ سر فهرست هو. مرچو ٻن شادي شده ڀائرن جو دادلو ننڍو ڀاءُ هو. ٽي.بي هن جو ماس روڙي ڇڏيو هو. هُلا هڻي هلندو هو ۽ سهڪي ڳالهائيندو هو. رومال ويڙهي مٿي سان ڇڪي ٻڌندو هو. سدائين گوڏ قميص ۾ رهندو هو. هن ڪانچ ڪڏهن به نه پاتي هئي. پيرن ۾ کرڪڻا هُوندا هئس. قد جو ڊگهو ۽ رنگ جو ڪارو هئو. منهن تان ماس روڙيل ڦڪا ڏند سندس شبيهه کي ويتر بدتر ڪندا هئا. هن جو خاندان پئسي ڏوڪڙ، رزق مال ۾ پاڻ ڀرو هو، پر حد درجي جا ڪنجوس ۽ روپئي تي ساهه ڏيندا هئا.

تڏهن ته ٽي. بي سندس جسم ۾ گهر ٺاهي ويٺي هُئي. ڪمزور ڏيل هيڻو، پر ڪاني جي سيپٽي سان روز ڏاڙهي پٽ ڪندو هو. مڇون ڍنگر وانگر هئس. اکيون چُنجهيون ۽ لڪل هئس، پر گهڻي سرمي پائڻ سان ماڻڪيون چمڪنديون هئس. بيحساب بخيل ۽ ڦڏئي هو. ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو. بيرُخي ۽ شوخ طبعيت جو مالڪ هو حِرص ۽ ڊاڙ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

هن زرينه کي ماڻڻ جو پڪو پهه ڪيو.

زرينه هن کان شديد نفرت ڪندي هئي. زرينه کي مڃائڻ، ۽ هيٺ ڪرڻ لاءِ هن ڪيئي ٽڪساٽ جوڙيا هئا.

ڀائرن سان ساندهه گهپي، پٽڪو ۽ مانڌاڻ هئس ته منهنجي شادي زرينه سان ڪرايو. سڀ ملڪيت جهليو، نه ته مان خودڪشي ڪندس. ڀائر مجبور ٿيا. ڪيئي هيلا هلايا، پر هر دفعي کين کتو جواب ٿي مليو. زرينه اهڙي رشتي جو ٻڌي، وٺي کڻي پيءُ مان پار ڪڍندي هُئي، جيڪو نانگ ڏنگڻ سبب فوت ٿي چُڪو هو.

وهنجڻ جاءِ کي ڇت ڪانه هُئي. ڪاٺ جي پراڻي دروازي جي ڪُنڊي هڻي، ڪپڙا لاهي زرينه وهنجڻ لڳي، مرچوءَ جي نظر ڀت تي رکيل ڪپڙن تي پئي. اک وٺي گهر ۾ داخل ٿيو. رومال جو پلاند منهن ۽ ڏندن ۾ ڏئي وهنجڻ جاءِ جي ڀتين جي وٿين مان تڪڻ لڳو. سونهن تجلا ڏئي ڀتين جي سنهين ڏارين مان ٿي نڪتي. مرچوءَ جي دل ڦٿڪڻ لڳي. خشڪي وٺي وئي هئس. مرچو ڀتين جي سنهين وِٿين مان سُر ٻاٽ ڪري کيس سڏڻ لڳو. زرينه کي جيئن ئي کُڙڪ پئي سَٽ ڏئي ڪپڙا پائي دروازو کولي ٻاهر نڪتي.

مرچو اُتان ڀڄي ويو. زرينه ويچارڻ لڳي ته ڪير منهنجي پويان پيل آهي. گهر ۾ چپ چپات هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ۽ ڏسڻ لڳي، پر کيس ڪُجهه به نظر نه آيو. پريشانيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ جهڄڻ لڳي ته ڪنهن منهنجو  بدن ته نه ڏسي ورتو. رونبي تان واپس ايندي ماءُ کي ڪنڊ پاسي وٺي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ماڻس هڪي ٻڪي ٿي وئي. هاڻ سندس ماءُ هن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه سمجهيو ۽ پُٽن کي چيائين. ٻنين جا ڪم ڪار وڃي پاڻ سنڀاليو. منهنجي طبعيت خراب آهي. مان گهر کان نڪري نه ٿي سگهان. ماءُ ڌيءَ کي اچي اُڻ تڻ ورايو ته آخر  اها حرڪت ڪنهن ڪئي.....!!؟

اڃا مهينو مس گذريو ته مِرچوءَ جا ڀائر ۽ مائٽ ٻارين ٻچين، ڊنب ماڻهن جا ميڙ وٺي زرينه جي گهر ۾ داخل ٿيا. آزيون، نيازيون، قرآن مصحف، ميڙ منٿون.... ته زرينه جو سڱ مرچوءَ لاءِ ڏيو. جيئن چئو تيئن ڪريون.

زرينه ماءُ کي ڀاڪر وجهي اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳي. ماءُ جو هانءُ جهڄي جهري پيو. گهر جي ڪتن مرچوءَ جي مائٽن تي ڀونڪڻ شروع ڪيو. مايون ٻار هنجهه ۾ هَڻي، کٽن تي ٽيون. ڪُتا کين کائڻ تي آيا. زرينه جي ماءُ پٽن کي رئو لاهي پيرن تي وڌو، چار چڱا مائيءَ تي جهلون ڪرڻ لڳا چي: ڌيءُ کي ويهاري کارائيندئين ڇا...؟ نياڻي جو بار لاهي جان ڇڏاءِ، پر زرينه جي ماءِ کين چيو ته اهو رشتو اسان کي قبول نه آهي.

مرچوءَ جي ڀائرن 14 جريب ٻني ۽ بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جو چيو. زرينه جي ڀائرن لالچ ۽ حرص ۾ هار مڃي. ڏنڊو کڻي ماءُ ڀيڻ تي بيهي رهيا. ڪڇندؤ ته ٻئي مرندؤ. بيوسيءَ جي عالم ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ روئنديون رهيون.

ڀائرن ها ڪئي.... ڏاج ڏيوڻ گڏ ٿيا. سُتت ئي شادين جي تاريخ طئه ٿي. ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهاريو ويو. هيڏانهن سهرا شرو ٿيندا هئا. هوڏانهن زرينه جا پار شروع ٿيندا هئا. مال، رزق رنڀون ڪندا هئا. آخر شاديءَ جي ڏينهن دهل کي واڄٽ لڳا، ڦنڊريون ڪٺيون، وڏا ڀت ٻاٽ ٿيا. اچي خلق لٿي، پر ڪنهن به ماءُ ڌيءَ جي دانهن جو ازالونه ڪيو. شاديءَ رات جلال چانڊئي جا ڪلام لائوڊ اسپيڪر تي گونجي اُٿيا. گهور مبارڪون. ۽ بندوقن جا ٺڪاءَ شروع ٿيا. زرينه جا پار لائوڊ جي پڙاڏن ۾ گم ٿي ويا. شاديون ۽ نيکيٽي ٿي. زرينه مرچوءَ کي ويجهي نه ٿي ڇڏيو. مرچوءَ جي ڀائرن زرينه کي لٺين جي ڦيهه ڪڍي.

ڇوڪري جو دماغ خراب آهي...!! 14 جريب ٻني ڏنيسين- سڱ ڏنوسين، ته به ڇوڪري نه ٿي بيهي.....!!!

زرينه جي ڀائرن مارڪٽ جي دار رسي نه ڪئي. اڃا به کيس چيائون ته گهر اهو اٿئي، مڙس اهو اٿئي.

زرينه جون آسون، نراسيون، آدرش، خواب ۽ خيال سڀ ڌوڙ ٿي ويا. زرينه وٽ مرچوءَ جي قبولڻ کانسواءِ ٻه ڪا به واٽ نه بَچي. ڦوهه جواني جهڄڻ ۽ جُهرڻ لڳي.

مرچوءَ جو گهر زرينه لاءِ قيد خانو ثابت ٿيو.

اڃا ڇهه مهينا نه گذريا ها ته مرچو ٽي بيءَ جي مرض ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. چاليهه ڏينهن عدت ۾ گذريا. هر ڏينهن هڪ صديءَ وانگر گذريو.

عدت پوري ٿيڻ کانپوءِ مرچوءَ جي وڏي ڀاءُ خدن لٺ کنئي اچي: 14 جريب ٻني ۽ سڱ ڏنو اٿم ڀاءُ به ويو، هاڻ انهيءَ ڇوري زريءَ سان مان پاڻ شادي ڪندس. زرينه جي ڀائرن ۾ ستل غيرت جاڳي پئي. خدن جي ڏاڍ مڙسيءَ کي للڪار ڪيائون.

سڄو ويڙهو دشمنيءَ جي دنگ تي پهتو،

جهيڙا ٿيا. ڪهاڙين، ڏنڊن، لٺين ۽ سروٽن جا وسڪارا ٿيا. مايون مرد رت ۾ ڳاڙها ٿيا. سڄو ويڙهو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪيس فرياد، ڪورٽ ڪچهريون، ۽ جيلن کانپوءِ برادرين جا ڪٺ وچ ۾ پيا.

جرڳائي وڏيري جوڳي ۾ فيصلو ڏنو....

14 جريب ٻني خدن کي واپس ملندي، زرينه خدن کي نه ملندي، ته ڪنهن کي به نه ملندي.

ڌرين فيصلو قبول ڪيو.

زخميل زرينه واپس پنهنجي پيڪين پهتي. ڀائرن جي گهرن جا ڪم ڪار سِر تي کنيائين ڀاڄاين کيس ڄڻ نوڪر جي حيثيت ڏني.

زرينه، پنهنجي جواني، پنهنجو جوڀن. پنهنجو حُسن پنهنجي زندگي. ڀائرن ۽ برادرين جي فيصلن لاءِ وقف ڪئي. زرينه پنجاهه سال کي پهتي آهي. سندس اکيون سدائين آليون هُونديون آهن.

ڳوٺ ۾ ڪٿي به ڪنهن جو قضيو ٿئي. زرينه ۽ سندس پوڙهي ماءُ اوسارا ڪري پار ڪڍنديون آهن. ڄڻ قضيو ئي هنن جو ٿيو آهي....!!!

ارشادِ سومرو

 

 

 

 

ڪـــونــــج

 

ڪونج ۽ عليءَ جو رابطو فيس بڪ تي جُڙيو هو. هوءَ جڏهن به اُداس ٿيندي هئي ته فيس بڪ تي آن لائين ٿيندي هئي. دل وندرائڻ خاطر دير تائين ويٺي فيس بُڪ تي اَپ لوڊ ٿيل پوسٽن کي ڏسندي هئي ۽ انهن تي ٿيل ڪمينٽس پڙهندي هئي، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن پوسٽ تي ڪمينٽس نه ڪندي هئي.

اڄ جيئن ئي هوءَ آن لائين ٿي، ته عليءَ جي پوسٽ ڏسي، بي اختيار لکيو: ”سبحان الله“ ڇو جو پوسٽ ئي اهڙي هئي. قدرت جو شاهڪار نظارو ڪوبه ڏسي خدا جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهي. هُن جيئن ئي ڪمينٽس لکيو ته لائيڪ جو نوٽيفڪيشن ۽ ميسينجر ۾ ميسيج اچي ٽڙڪو ڪيو.

سائڻ قرب، لک لائق.

ٻئي ڏينهن ڪمن ڪارين کان واندي ٿي جيئن ئي آن لائين ٿي، ته اِن باڪس ۾ عليءَ جو ميسيج ڏٺائين، سائڻ! حق موجود.

سدا موجود.

ڪونج به جوابي ميسيج لکي سينڊ ڪيو.

عليءَ ۽ ڪونج جو ”حق موجود سدا موجود“
جي ميسيجن کي هڪ مهينو گذري ويو، پر اڳتي ڪابه ڳالهه نه وڌي.

اڄ وري عليءَ جي ميسيج آيو.

”سائڻ! حق موجود، جيڪر اوهان کي خراب نه لڳي، ته اوهان کي ڪونج چئي مخاطب ٿي سگهان ٿو؟“

عليءَ جو حق موجود کان وڌيڪ پهريون ميسيج هو، جنهن ۾ هن ڪونج چئي مخاطب ٿيڻ جي اجازت گهري هئي.

جي، بلڪل چئي سگهو ٿا.

”ڪونج“ مختصر جواب لکيو.

”ڪونج! لک قرب اوهان جا.“

”ڪونج! مان اوهان سان من اندر جون ڳالهيون ونڊڻ ٿو چاهيان، جيڪر اوهان مناسب سمجهو ته عرض ڪريان؟“

”من اندر جون ڳالهيون؟ مون سان ونڊڻ ٿا چاهيو! ڀلا ڪيئن؟“

”اهو انڪري جو اوهان تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ تي دل ٿي چوي. مون کي پڪ آهي ته اوهان جي دل رازن جي امين دل هوندي. بلڪ رازن جو کوهه هوندي.“

عليءَ جي اهڙي اعتماد تي ڪونج حيران ٿي وئي.

”مون لاءِ جيڪر اوهان اهڙي راءِ رکو ٿا ته اوهان جي مهرباني.“

”ڪونج! منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ جيڪا عزت آهي، ان جو ته اوهان سوچي به نٿيون سگهو.“

”وڏي مهرباني.“

ڪونج مختصر جواب لکيو.

”ڪونج! هاڻي موڪلاڻي ڊيوٽيءَ جو ٽائيم ٿيو آهي، زندگي رهي ته وري ملنداسين، ڪچهريون قائم، الله واهي.“

۽ علي آف لائين ٿي ويو.

”صبح جي باک ڦُٽيءَ ۽ سج جي سوجهري جهڙي ڪونج کي صبح جو سلام.“

”گلگت ڊيوٽيءَ تي واپس اچي ويو آهيان، موسم به ٿڌي ۽ سٺي آهي، روزا به ڊيوٽيءَ دوران آرام سان رکجي ٿا وڃن.“

”وعليڪم سلام.“

”ڪونج! اڄ خوش پيون لڳو.“

”لفظ ڳالهائيندا آهن“ اوهان سان ٻَٽن مهينن جي ساٿ، اوهان کي پرکڻ جو موقعو مليو آهي.

”اڇا! ڪيئن خبر پئي؟“ ڪونج وري به مختصر جواب لکيو.

”اوهان سان دل جون ڳالهيون ونڊڻيون هيون ڪي راز اورڻا اٿم“.

”جي حڪم ڪريو.“

”ڪونج! هت قبائلي علائقن ۾ عورت سان وڏو ظلم آهي، سنڌ جي عورت کان به وڌيڪ. مان ته حيران ٿي ويو آهيان، صبح جو مرد گهر کان هليا ويندا آهن، گهر جو سڄو ڪم ڪار عورتون ڪن، ته وري ٻاهران پاڻي به عورتون ڀري اچن، مون هڪ عورت کي ماءُ ڪيو آهي، جڏهن مرد هليا ويندا آهن ته پوءِ وڃي امڙ کي پاڻي ڀري ڏئي ايندو آهيان، ته لک لک دعائون ڏيندي آهي، واپس اچڻ تي قرب مان لسي ۽ مکڻ به ڏيندي آهي.“

”واهه! واهه! پوءِ ته اوهان جا مزا هوندا؟“

”هن کي هڪ جوان نُنهن به آهي، پر اولاد ڪونه اٿس!“

هڪ ڏينهن امڙ ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ وٺي ويس، ڊاڪٽرياڻيءَ کي چيو، ته منهنجي نُنهن کي اولاد نٿو ٿئي، شاديءَ کي ٻه سال ٿي ويا آهن.“

ڊاڪٽرياڻيءَ چيڪ اَپ ڪري ٻڌايس ته: ”امان! اوهان جي نُنهن جي ته شاديءَ ئي ڪونه ٿيل آهي، ٻار ڪٿان ٿيندو؟“

امڙ نراس ٿي واپس آئي، هتي عجب ڪهاڻي آهي. مرد نڪاح ڪري زالون گهر آڻين، باقي ڪوبه فرض پورو ڪونه ڪن، ڄڻ ته رڍون، ٻڪريون آنديون هجن، وڏو ظلم آهي عورت سان. معمولي ڳالهه تي سرِعام ڪوڙا هڻن. اسلام جي نالي ۾ جهالت جي زماني کي به مات ڏئي ڇڏي اٿن.

”بس! ڇا ٿو ڪري سگهجي؟“ ڪونج ڏک مان چيو.

”ها! ڇا ٿو ڪري سگهجي! مان هِتي عورت جي تذليل ڏسي، بيوسيءَ مان روئي ويهندو آهيان.“

”پوءِ اوهان ڪيئن ٿا بي ڊپا ٿي هنن جي گهر وڃو، هتان اوهان سان به ڪو ويل نه وهائينِ.“

”بس ڪونج! الله نگهبان آهي، منهنجي نيت صاف آهي، امڙ ته سڳن پٽن کان به وڌيڪ دعائون ڏيندي آهي، هڪ ڏينهن نه وڃان ته روئيندي آهي، هن جا آسائتا نيڻ منهنجيون راهون نهاريندا آهن، جڏهن امان کي گهر جو ڪم ڪار ڪري ڏيندو آهيان، ته هن جي نيڻن ۾ زندگيءَ جي شمع ٻري پوندي آهي، پوءِ ٻڌاءِ ڪيئن نه وڃان؟“

”ها! بلڪل اوهان ٺيڪ ٿا چئو.“ هن وري به مختصر جواب لکيو.

”ڪونج! هاڻي موڪلاڻي، زندگي رهي ته وري ڪچهري ڪبي، پنهنجو خيال رکجو، الله واهي.“

علي آف لائين ٿي ويو، ته ڪونج سوچن ۾ گُم ٿي وئي، هوءَ پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي.

”ڇا سنڌ کان به وڌيڪ دنيا ۾ عورت سان ظلم ٿي پيو؟“

”ڇا عورت صرف آدم جي نسل کي تخليق ڪرڻ ۽ وجود جي بقا لاءِ آهي، مرد جي ظلمن کي سهڻ لاءِ زمين تي آئي آهي، ڇا شاعر جون هي سٽون ڪوڙيون آهن:

”وجودِ زن سي هي تصورِ ڪائنات ۾ رنگ.“

ڇا عورت صرف شاعر جي تخليق تائين محدود آهي؟ عورت جون ادائون، خماريل اکين جي خمار جي واکاڻ ڪارڻ گهنگهور گهٽا، گهنگهور زلفن جي بند ڪمند جي اسيريءَ جي وڏي واڪي شڪايت ۽ صدائون، اهي صرف شاعرن جي شاعريءَ ۾ قيد آهن؟

هوءَ عورت جي مظلوميت تي سوچڻ لڳي، هن کي پنهنجي وجود ۾ دنيا جي هر مظلوم عورت نظر اچڻ لڳي. عورت سان ظلم جا به مختلف رنگ ۽ روپ آهن. مختلف انداز ۽ طور طريقا آهن، بس ظلم، ظلم ئي آهي، پوءِ ڪهڙي ئي روپ ۾ هجي.

عورت جي بيوسيءَ تي اکين مان لُڙڪ ڪِري پيس.

ڪيترن ڏينهن کان عليءَ جو ميسيج ڪونه آيو هو، ڪونج ڏاڍي اُداس هئي، هن جي دل ۾ طرح طرح جا خيال اچڻ لڳا، ڪٿي هو؟

”نه، نه الله نه ڪري، هن پنهنجي خدشي کي ئي، نه نه ڪري رد ڪري ڇڏيو. علي اوپرو هوندي به هن لاءِ سڀ ڪجهه هو. هنن جو رابطو فيس بُڪ تي جُڙيو هو. اهو تعلق اهڙو ته جُڙيو، جو جيءَ جون جَڙيون ٿي پيو، جڏهن ته هنن جي ڪا ملاقات به ڪونه ٿي هئي. بس عجيب ربط هو، هوءَ سوچن ۾ ئي گُم هئي ته موبائل جي اسڪرين تي عليءَ جو ميسيج ظاهر ٿيو.

”ڪونج! حق موجود، ايترا ڏينهن غائب رهڻ تي معذرت.“

”سدا موجود علي! خير ته هو؟“

”ها، ڪونج! خير هو، هت موبائل سروس ڪم ڪونه ٿي ڪري.“

”اڇا؟“ ڪونج مختصر جواب لکيو.

”ٻيو ته برف جي ڇِپ ڪِرڻ سان منهنجو ساٿي به شهيد ٿي ويو.“

”او! ڏک جي خبر، الله جي امانَ ۾ هجو.“

”اسان سرحدن جا سپاهي آهيون، اڄ غازي ته سڀاڻي شهيد.“

”ها، بلڪل اوهان ٺيڪ ٿا چئو.“

”ڪونج! هتي آپريشن پيو هلي، ڏينهن رات ۾ صرف ٻه ڪلاڪ ٿا آرام لاءِ ملن، اسان ڏاڍا مصروف آهيون، نيٽ ورڪ جو به مسئلو آهي، ميسيج نه اچي ته پريشان نه ٿجو.“

”ٺيڪ آهي، الله پاڪ جي امان ۾.“

ڪونج وري به مختصر جواب لکيو.

سرحدن جا سپاهي، سرحد تان سِر وارڻ ۾ به ويرم ئي ڪونه ڪن، جنگ جي ميدان ۾ فتح حاصل ٿئي ته غازي، سر ويو ته شهيد، وطن جي سپاهيءَ جا حوصلا به هماليه جبل جيڏا آهن، موت کي اکين سان ڏسي به دشمن جي اکين ۾ اکيون ملائي للڪاريندو، پوئتي موٽڻ هنن لاءِ مهڻو هوندو آهي.

علي به سرحدن جو سپاهي هو، وطن جي حفاظت سندس ايمان جو جزو هو، ته وري ڪونج سان ڪچهريون به زندگيءَ جو حصو هو. اڄ وري عليءَ ڪونج کان هڪ سوال ڪيو.

”ڪونج! هڪ ڳالهه چوان؟ ناراض ته نه ٿينديون؟ پهرين پڪ ڏيو، ڪاوڙ به نه ڪجو.

عليءَ جي اوچتي اهڙي سوال تي ڪونج ڪجهه حيران ٿي، پر هن جواب ڏنو.

”جي، حڪم ڪريو؟“

”بس ڇڏيو، اوهان ناراض ٿي وينديون.“

”پوءِ جيئن اوهان بهتر سمجهو.“

”علي! اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جو اوهان سمجهو ٿا ته مان ناراض ٿيندس؟“

ڪافي دير تائين جواب ڪونه آيو.

”ڪونج! معاف ڪجو سرحد تي ڪجهه مصروف هيس.“ ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته توهان مون کي ذهني طور ڊپريشن جو تمام گهڻو شڪار لڳنديون آهيو، اهي منهنجي ذاتي ٿنڪنگ آهي، پر مهرباني ڪري ناراض نه ٿجو.“

علي ناراض نه ٿيڻ جو وري به تاڪيد ڪيو.

”قرب لک ٿورا، پر اهڙي ڳالهه بلڪل به ناهي، اها اوهان جي ذاتي راءِ آهي.“

”مون کي ائين لڳو مون اوهان سان ڳالهه شيئر ڪئي، پر اوهان ناراض نه ٿجو، مون اوهان کي پنهنجو سمجهي پنهنجائپ ۾ ڳالهه ڪئي.“

علي وري به ناراض نه ٿيڻ تي زور ڏنو.

”خير آهي ڪو مسئلو ناهي، اهي ڳالهيون زندگيءَ جو حصو آهن، ناراضگي ڇا جي؟“

”مهرباني ڪونج! توهان کي سلام آهي.“

”سلام وري ڇا جو؟“

”سلام ان ڳالهه جو ته اوهان هڪ بهادر سنڌياڻي آهيو.“

”ڏک سک، اميري غريبي، زندگيءَ جو حصو آهن، بس صرف انسان جو ڪردار ميرو نه هجي.“

”ڪونج! توهان بهادر ۽ پاڪدامن سنڌياڻي آهيو، هيءُ جبل به گواهي ڏئي رهيا آهن، مان ساک سان چوان ٿو، ته توهان هن جهرڻي جي وهندڙ پاڻيءَ جيان پاڪ ۽ پوتر آهيو.“

”لک قرب.“ ڪونج وري به مختصر ميسيج لکيو.

”ڪونج! سچ پچ اوهان جي ساٿ مون کي هڪ بهادر سپاهي بڻائي ڇڏيو آهي، موت اکين سان ڏسي به، هڪ قدم پوئتي ڪونه ڪيو اٿم.“

”ڪونج! توهان جي حوصلي وارو ميسيج مون ۾ فولادي طاقت ڀري ڇڏيندو آهي، شل! سدائين آباد هجين.“

”سنڌ جون سرحدون پار ڪري وطن جي سرحدن تي هجڻ باوجود به توهان مون سان پل پل گڏ آهيو، هڪ لمحي لاءِ به توهان جي ياد کان غافل نه رهيو آهيان.“

علي جي اهڙن لفظن ۽ ڊگهن ميسيجن پڙهڻ تي ڪونج جي اکين مان لُڙڪ لارون ڪري وسڻ لڳا. هوءَ سوچڻ لڳي.

”ڇا دنيا ۾ رت جي رشتن کان اعتماد جا رشتا وڌيڪ مضبوط آهن؟“ هن پاڻ کان ئي سوال ڪيو.

”ڪونج ڇو خاموش ٿي ويون؟ ڇا پيون سوچيو؟“

”نه، بس ائين ئي ڪجهه به نه.“

ڪونج وري مختصر ميسيج ڪيو.

”ڪونج! هِتان جون حالتون ٺيڪ ناهن، دعا ڪجو.“

هنن جون سنڌ ۽ سنڌ جي حالتن تي ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون، ڪڏهن فيس بُڪ تي ڪڏهن موبائل جي اِن باڪس ۾. علي بي ساخته ٿي چوندو هو.

”ڪونج! سچ پچ اڄ جي مارئي آهين! جو هن دجالي دور ۾ به وطن ۽ مارن لاءِ ڪڙهين ٿي، نه ته ڪير ٿو ڪنهن لاءِ سوچي.“ عليءَ جي اهڙي تعريف تي ڪونج صرف خاموش ٿي ويندي هئي.

ڪونج کي عليءَ جا لفظ هٿوڙا بڻجي دل ۽ دماغ تي وسڻ لڳا. ”توهان مون کي ڊپريشن جو گهڻو شڪار لڳنديون آهيو.“

ڊپريشن جو لفظ هن جي ڪمري، جي ڀتين ۽ ڇِت مان به واڪا ڪرڻ لڳو، هن طنزيه مرڪ مُرڪي.

ڪونج لاءِ ڊپريشن جو لفظ ڏاڍو ننڍڙو هو، هوءَ ته چاڪيءَ جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ سرنهن هئي، جنهن مان نڪتل تيل مان ڏياٽيون ٻاري ديواليون ملهائي ۽ گهرن جي اونداهي ته مٽائي سگهجي ٿي، پر سرنهن جي اذيت کي ڪير به محسوس ڪري نٿو سگهي، ڇو جو هيءُ سماج صرف پنهنجن مفادن جي وڻ ويڙهي ۾ وڪوڙيل آهي، ڪير ٿو ڪنهن جي اذيتن کي محسوس ڪري.

ڪونج به چاڪيءَ جي گهاڻيءَ ۾ پيڙهجندڙ سرنهن هئي جيڪا رشتن جي گهاڻي ۾ روز پيسبي هئي.

هوءَ جڏهن سمجهه ڀري ٿي ته هن جي گهر جو ماحول غير فطري هو. سندس والد سڳو هوندي به ويڳو لڳندو هو، پنهنجي اولاد ۽ ونيءَ کان وڌيڪ ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ انهن جي ٻارن جا لاڏ کڻندو هو، ڀائٽي، پٽ جي نالي ڪيل هئس ته وري ڪونج پنهنجي موالي ڀائٽي جي نالي ڪئي هئائين، ڪپڙا يا ڪي ٻيون ضرورت جون شيون به پهرين ڀاڄائي کڻندي هئي، باقي بچيل شيون ڪونج جي ماءُ جي حصي ۾ اينديون هيون. بس صبر شڪر سان وقت گذاري جيءُ پئي ڳاريندي هئي، جنهن سبب جگر ۽ دم جي بيماريءَ اچي ورايو هئس. آخر هڪ ڏينهن ڪونج ان ناانصافيءَ بابت ماءُ کان پڇي ويٺي، ماڻس ٻڌايس ته:

”تنهنجو پيءُ يتيم هو، ڀاءُ، ڀاڄائي پالي پڙهائي جوان ڪيس. اُهو قرض ٿو لاهي، قرض لاهڻ ۾ هن پنهنجا فرض به وساري ڇڏيا هئا. اهڙي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ڪونج به ڪو سک جو ساهه ڪونه کنيو، نه ئي وري ڪو قرب ڀريو سج اڱڻ تي اڀرندي ڏٺو، بس اکين پسيا ته جهيڙي جا جُهڙ، ڪروڌ جا ڪارا ڪڪر وسڪارا ڪري وسندي ئي پسيا، ته نفرتن جون وِڄون وراڪا ڪري وسندي ئي ڏٺيون هيون.

جوانيءَ جي چانئٺ تي پير رکيو ته گهر جون ذميواريون اچي مٿي تي پيس، هن وهيءَ ۾ ٻار گلاس پاڻيءَ جو به ڀري نه پيئندا آهن، پر ڪونج سڄو گهر سنڀالڻ شروع ڪيو. سک ته هن جي نصيب ۾ ئي ڪونه هو، شايد امڙ ڪا سورن جي سُتي گهوٽي پياري هيس، جيڪا سندس نس نس ۾ اوتجي وئي هئس.

پڻس فوت ٿيو ته ڀاڻس کي گهر جي پڳ ٻڌايائون. ڀاڻس ته پيءُ کان به ٻه هٿ اڳتي نڪري ويو. هُو چاچي، چاچيءَ  ۽ سؤٽ جي چنبي ۾ جڪڙجي ويو هو، هنن ڪونج ۽ ماءُ جي خلاف ڪنن ۾ اهڙيون ته وِهه جون وٽيون اوتيون هيون جو ماڻس ۽ ڀيڻ کي پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳو، اهڙين ته خونخوار نظرن سان ڏسندو هونِ ڄڻ ته اِجهو ٿو ختم ڪرين، ڪڏهن ڪڏهن ته ماءُ ڀيڻ تي هٿ به کڻندو هو، پوءِ لوڪ جي لڄ کان وري ڇڏائڻ به چاچي ايندي هُينِ، ”جيڪي ويري اُهي ئي واهرو.“

پوءِ به ڪونج ۽ ماڻس پٽ کي لاڏن ڪوڏن سان پرڻائي نُنهن گهر وٺي آئي، ته ڪجهه ڏينهن خوشين جا گذريا، ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، ڀاڻس چوي ته ”ڪونج جي شادي به چاچي جي موالي پٽ سان ٿئي“، پر ڪونج ۽ ماڻس ان شاديءَ کان صفا انڪار ڪيو ته گهر هنن لاءِ ٽامڻي ٿي ويو. پٽ کليل لفظن ۾ چيس ته ”اوهان کي منهنجي ڳالهه منظور ناهي ته گهر مان نڪري وڃو، گهر ۽ ملڪيت بابا منهنجي ۽ منهنجي زال جي نالي ڪري ويو آهي، جنهن تي اوهان جو ڪوبه حق ناهي.“

اهڙين ڳالهين تي چاچو وچ ۾ پئي اچي ٿڌو ڪندو هوس.

”ابا! سياڻو ٿي گهر ڇڏي ڪيڏانهن وينديون؟“

باهه ڀڙڪائڻ ۾ به اڳڀرو، باهه تي ڇنڊو هڻڻ ۾ اڳڀرو. سياڻا چوندا آهن مڙس راڄ، ميڇ راڄ، پٽ راڄ، ڳَڙَ راڄ. ڪونج جي ماءُ سان مڙس ڏکيو ضرور هليو، پر مجال جو ڪڏهن مٿس هٿ کنيو هجيس، پٽ جي بادشاهي آئي، ته لٺ ۽ موچڙي کڻڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ڪندو هو، نه منجهند نه رات، پوڙهي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ تي وسڪارا ڪندو هو. مول متو ته توهان کان وڌيڪ دنيا ۾ منهنجو ڪوبه دشمن ناهي، اهڙي رويي تي ڪونج کي ماءُ چوندي هئي.

”ڪونج! منهنجو جگر رَجهي ويو اٿئي، هڪ ڏينهن ڦاٽي پوندو.“

۽ ٿيو به ائين، هڪ ڏينهن ڪونج جي ماءُ کي دريائن مُنهين رت جون اُلٽيون آيون ۽ هوءَ ڪونج کي اڪيلو ڇڏي رڻ جي راهي ٿي وئي. امڙ وئي ڏکن وري اچي ديرو ڄمايو، سک ته ڪونج جي نصيب ۾ ئي لکيل ڪونه هو، نصيب وارو ڪاغذ ئي ڪورو رهجي ويو هو، لکڻ واري نصيب ۾ سک ئي نه لکيا ته پوءِ ڪنهن کي ميار ڏي.

هن کي ڀاءُ جي گهر۾ ٽن ويلن جي مانيءَ کائڻ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ تي ڪوبه حق ڪونه هو، هوءَ پنهنجيون ضرورتون به ڪپڙا سلائي ڪري پوريون ڪندي هئي. پوءِ به سندس وجود گهر تي بوجهه هو. هوءَ هميشه ڀاءُ جي واتان ويڻ ئي ٻڌندي هئي، ڪڏهن ڪو قرب جو ٻول ٻوليندي نه ٻڌو، جنهن ڀاءُ کي ڪڇ کڻي کيڏايو، ڄمڻ جون باسون باسيون، ان به اکيون ڦيرائي ڇڏيون، هن جو وجود گهر ۾ بار هو. ڀلا! هن جو ڪهڙو قصور؟ لکڻ واري هن جو انگ ازل جو ڪنهن سان ڪونه لکيو هو.

جنهن ڀاءُ تان ساهه صدقي ڪندي هئي، اُهوئي نانگ جهڙا ڏنگ هڻي، روح کي زخمي ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن اُداس ٿيندي ته شاهه جو رسالو پڙهندي هئي ته ڏونگر ڏورڻ ۽ گوندر گهارڻ جي سگهه وڌي ويندي هيس، يا وري فيس بُڪ تي آن لائين ٿيندي هئي ته ٿوري دير لاءِ روح راضي ٿي ويندو هوس.

جڏهن عليءَ جو ميسيج نه ايندو هو ته ڪونج مُرجهايل ڪَليءَ جيان مُرجهائجي ويندي هئي. عليءَ جو ميسيج هن لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڪندو هو. جيئن اسپتال جي روم ۾ مريض کي ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن جو سيلنڊر هن جي بيڊ جي ڀر ۾ رکندا آهن، تيئن علي جو ميسيج به هن لاءِ آڪسيجن کان گهٽ نه هوندو هو.

اڄَ هوءَ اِلاهي پريشان هئي، ٻن ڏينهن کان عليءَ جو ميسيج نه آيو هو، موبائل تي ميسيج جي ٽيونُ وڳو ته هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، عليءَ جو ميسيج هو، هن جهڙپ ڏئي فون هٿ ۾ کنئي.

”ڪونج! هٿ ٻڌي معافي، ٻن ڏينهن کان سرحد تي هئاسين، ٻن فسادين کي جهنم رسيد ڪيوسين ته ڏاڍا خوش ٿياسين، اسان جون خوشيون ان وقت غم ۾ بدلجي ويون، جڏهن اسان جي ٽن دوستن مٿان ڊرون حملو ٿيو، منهنجا ٻه جاني دوست سنڌ واسي ڊرون حملي ۾ شهيد ٿي ويا، جن جا جسم خاڪي سڀاڻي هيلي ڪاپٽر تي اباڻن شهرن ڏانهن سنڌ ايندا.

عليءَ جو ڊگهي ميسيج پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيس. هن کي ميسيج اچڻ جي خوشي ئي ختم ٿي وئي، هن تي سڪتو طاري ٿي ويو.

”اوهان ڪاوڙجي ويو ڇا؟“

عليءَ جو ٻيو ميسيج اچي پهتو.

”نه، ڇو ڪاوڙبس؟“

هن مختصر جواب لکيو.

”اوهان مون سان ناراض نه ٿيندا ڪيو. ملڪ جي سرحد ۽ پٿريلي علائقن ۾ اوهان جا ميسيج ئي ته مون ۾ نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي ڇڏيندا آهن، نئون جذبو، نئون ولولو، دشمن سان وڙهڻ جي نئين سگهه پيدا ڪندا آهن.“

”منهنجيون دعائون اوهان سان گڏ آهن، جتي به هجو، رب پاڪ جي امانَ ۾ هجو.“

ڪونج، عليءَ کي ميسيج جو جواب ڏئي رات جي ماني ڪرڻ هلي وئي.

هوءَ ڏاڍي ٿڪجي پئي هئي، معاشري جي اصولن کان، رشتن جي روين کان، نصيب جي ستم ظريفين کان، والد جي ناانصافين کان، هن سڄي زندگي صحرا جي تتل واريءَ تي پيرين اگهاڙي پنڌ ڪيو هو. هن جي پيرن ۾ تتل واريءَ ڦلوڪڻا ڪڍي ڇڏيا هئا، ته اندر سڄو روين پروڻ ڪري ڇڏيو هو، هن جي زندگي ٿر ۾ ڦٽندڙ ٿوهر جهڙي هئي، نه ته ڪا ٿڌي ڇانوَ، نه ڪو ميويدار درخت، صرف ڪنڊن ۽ زهر سان ڀريل پوٺو، هٿ لاءِ ته هٿ ئي ڇلجي وڃن، ٿوهر جهڙي حياتي اندر سڄو پروڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي سهپ جي حد ختم ٿي چڪي هئي، پٿر تي پاڻي جا قطرا ڪِرندا آهن ته ان ۾ به سوراخ ٿي پوندو آهي، پر هت ته ڪونج جي دل پروڻ ٿي پئي هئي. ائين ڄڻ ته اٽي ڇاڻڻ جو ڪو پروڻ هجي.

هن دل تي پٿر رکي هڪ فيصلو ڪيو هو، سالن جي سوچڻ کان پوءِ، هن کي خبر هئي ته اهڙي قدم کڻڻ سان نتيجو ڇا نڪرندو! هن دل جهلي عليءَ کي دل جي ڳالهه ٻڌائي. عليءَ، ڪونج جي ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ اچي ويو ڄڻ ته مٿان ڪا برف جي ڇِپ ڪِري پئي هجيس، ڪافي سوچڻ کان پوءِ ڪونج کي دلاسو ڏنو.

”ڪونج! بس چار مهينا انتظار ڪر، پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“

”علي! چار مهينا؟“

”ڪونج! بس اوهان پريشان نه ٿيندا ڪريو، اوهان جي پريشاني مون کان برداشت ڪونه ٿِي ٿئي، چڱو هاڻي ڊيوٽيءَ جو وقت ٿيو آهي، موڪلاڻي، پنهنجو خيال رکجو، زندگي رهي ته وري ڳالهائبو، ڪچهريون قائم.“

علي، ميسيج ۾ ڪونج کي دلاسو ڏئي هليو ويو، پر ڪونج لاءِ اهي چار مهينا چئن صدين برابر هئا. عمر قيد جو قيدي جڏهن عمر قيد ڪاٽي آخري چار مهينا آڱرين تي ڳڻيندو آهي، اهي چار مهينا عمر قيديءَ کي عمر قيد کان وڌيڪ وزني لڳندا آهن، ڪونج به اهي چار مهينا هٿن تي ڳڻي گذاريا، عليءَ جو ميسيج آيو.

”ڪونج! حق موجود.“

”سدا موجود.“

”ڪونج! مون سڀ ڪم ٺيڪ ڪري ڇڏيا آهن، توهان صرف همت ڪري اچي وڃجو.“

ڪونج کي جنهن ڏينهن جو انتظار هو، اُهو ڏينهن اچي ويو، ڪونج جي ڊگهي خاموشيءَ تي عليءَ وري ميسيج ڪيو.

”ڪونج! گهٻرائجي ويون ڇا؟“

”جي! نه، نه.“

ڪونج گهٻراهٽ مان مختصر جواب لکيو.

”چڱو ڀلا اوهان آرام ڪريو، مان به آرام ٿو ڪريان. زندگي رهي ته صبح جو ملنداسين، ڪچهريون قائم، الله نگهبان.“

ڪونج به جوابي ميسيج ڪري ليٽي پئي، پر ننڊ هن جي نيڻن کان ڪوهين ڏور هئي، عجيب بيچينيءَ جو عالم هو، خوشيءَ ۽ ڪَرب هڪ هنڌ ميلاپ ڪري ته پوءِ گوشت جي ٽڪري دل جي ڇا حالت هوندي. هوءَ حسرت ڀريل نظرن سان گهر جي ڀتين ۽ درن کي ڏسڻ لڳي، جنهن مان سوالن جي يلغار ورائي ويس.

”تون! اُن گهر کي ڇڏي ويندينءَ، جنهن کي سنوارڻ لاءِ تو، رت ولوڙيو، جوانيءَ جو جوڀن نڇاور ڪيو، ان گهر لاءِ اوپري ٿي ويندينءَ؟“

هوءَ بيجان ڀتين ۽ درن کي ڪهڙو جواب ڏي، ته اَبي، امڙ جو گهر نياڻين جو گهر ناهي هوندو، انهن گهرن جا وارث پٽ هوندا آهن، نياڻين کي اَبي، امڙ جو گهر آخر ڇڏڻو آهي، ڇو جو نياڻيون نماڻيون، پرائو ڌڻ آهن، پوءِ روئي يا کِلي، پرائو ٿيڻو آهي، هن ٻئي هٿ پنهنجي اکين تي رکي ڇڏيا.

ڪونج عادت مطابق صبح جو سوير اُٿي، نماز پڙهي، قرآن شريف جو دور ڪري رب جي در پنهنجي حق ۾ دعا گهري، هن گهر مان ڪابه شيءِ ڪانه کنئي، صرف مٿي تي هڪ وڏي چادر پائي زندگيءَ جي نئين سفر تي رواني ٿي وئي.

ڪونج جيئن رڪشا مان لٿي ته، علي هن جي ئي انتظار ۾ بيٺو هو، هن کيسي مان ٻه سؤ روپيا ڪڍي رڪشا واري کي ڏنا. بنا پڇڻ جي رڪشا وارو حيرانيءَ مان عليءَ کي ڏسڻ لڳو. علي هن جي نگاهن جو سوال سمجهي ويو.

”باقي اوهان جو انعام آهي، توهان وڃو.“

علي ۽ ڪونج هڪ ٻئي کي پهريون ڀيرو روبرو ڏسي رهيا هئا. ڪونج چپ چاپ حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳي، علي اڳتي وڌيو ته ڪونج جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي.

علي جهڪي زمين تي ڪونج جي قدمن جي نشانن تان مٽي کڻي، اکين سان لڳائي، ڪلهن تان اجرڪ لاهي ڪونج کي پارايو، مٿي تي هٿ رکي چوڻ لڳو، ”سنڌوءَ جي ڇولين ۽ سنڌوماٿريءَ جي مٽيءَ جهڙي پاڪ ۽ عظيم ڀيڻ اوهان مون لاءِ ڌرتي ماتا جهڙيون مانائتيون آهيو. مون اوهان جهڙي عظيم سنڌ جي نياڻي زندگيءَ ۾ ناهي ڏٺي، توهان منهنجي سڳين ڀينرن کان به وڌيڪ پياريون احترام جوڳيون آهيو. مون اوهان جي بندگي ڪئي آهي، توهان اگر اجازت ڏيو ته توهان کي سجدو ڪري، توهان جا پير چمان، پر هيءُ اُڏوهي کاڌل سماج هن پاڪ رشتي مان به ڪروڌ جي بدبو ماحول ۾ پکيڙي ڇڏيندا، پر مون کي اڄ دنيا جي ڪابه پرواهه ناهي، دنيا جي ڪابه طاقت مون کي اوهان کي سجدي ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.

علي فوجين واري سلامي ڏئي ڪونج جي قدمن جي نشانن کي سجدو ڪيو. عليءَ جي اهڙن لفظن ۽ سلاميءَ واري عمل تي، ڪونج جي اکين جا بند ڀڄي پيا، هن جي اکين مان ڪِريل لڙڪ عليءَ جي پارايل اجرڪ ۾ جذب ٿي ويا، هن ۾ همت نه هئي ته اهڙي انسان ڏي ڪنڌ کڻي ڏسي سگهي.

علي اڳتي وڌي هن جي مٿي تي هٿ رکيو.

ڪونج جا چپ ڪجهه چوڻ لاءِ چُرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر چپ چُرڻ کان قاصر ٿي پيا، هن وٽ ڄڻ ته ڳالهائڻ جا لفظ کُٽي ويا، ۽ هوءَ خاموش بُت بڻجي بيٺي رهي. هوءَ ڪجهه چوي، ان کان اڳ ايڌي سينٽر جي در تي بيٺل چوڪيدار دروازو کولي ڪونج کي اندر اچڻ جو اشارو ڪيو، ته ڪونج دروازي کي ۽ پوءِ عليءَ کي ڏسڻ لڳي!

جمن احمداڻي

 

خـــــوف

 

رستا هلي رهيا هئا، رستن کي هلڻ جو به ڪو سبب هو!

اهڙي ئي رستي تي هُو به ڊوڙي رهيو هو. ٽنگون ڪُلهي تي هيون ۽ پير اگهاڙا هئا. پيرن کي جوتن جي ضرورت هئي، پر جوتا مٿي تي سوار هئا. جوتن جو وزن ايترو ته گهڻو هو، جو سندس خيال به ميڄالي مان نڪري مٿي تي سوار ٿي پيا هئا.

رستي ڀرسان بيٺل اَنڌا وڻ، هن جي ڊوڙ کي ڏسي رهيا هئا. وڻن جو خيال هو ته ڪنهن به صورت ۾ هن جي مٿي تان اُهي جوتا لهڻ کپن ته جيئن سندن خوف ختم ٿئي!

انڌن وڻن جي پناهه ۾، نسلي ڪُتا هڪٻئي مٿان باهوڙجي اُڇلايل هڏيءَ تان پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا، پر هُو اُن سڄي وارتا کان بي خبر، هلندڙ رستي تي ڊوڙي رهيو هو.

رستو، جهنگل کان شهر تائين ڊگهو، پُراسرار ۽ پُرخطر هو. جهنگل ۾ رُڪجڻ هن لاءِ ممڪن ئي نه هو. ڇاڪاڻ ته اُن ۾ رڳو ڀولڙن جون وستيون آباد هيون، ۽ تفريح لاءِ پاڳل خانا ٺاهيا ويا هئا.

هلندڙ رستي تان ڊوڙندي هُو شهر ۾ داخل ٿيو ته وقت پوڙهو ٿي چڪو هو.

ڊوڙڻ کان پوءِ هُو، هَلڻ لڳو.

هلڻ کان پوءِ، رڙهندو رهيو.

رڙهندي، هاڻي هُو تمام گهڻو ٿڪجي پيو هو. ساهه کڻڻ ۾ دِقت محسوس ڪيائين، ڪُلهي تي رکيل ٽنگون ڪِري پيس. مٿي تي سوار ٿيل جوتن جو وزن برداشت نه ڪري سگهيو. خيالن جي چڻنگ دُکي هڪ شعلي ۾ تبديل ٿي وئي. هُن، هڪ دفعو ٻيهر ڊوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پر اُن کان اڳ، جو هو شهر جي مُک چؤنڪ تي پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو!

ڌماڪي سان گڏ، سندس جسم جا سَوين، هزارين، ڪروڙين ٽُڪرا ورهائجي انساني حواسن ۾ داخل ٿي ويا.

هڏيءَ تان وڙهندڙ نسلي ڪُتا کن لاءِ هڪٻئي مٿان ڀونڪڻ ۽ وڙهڻ بند ڪري خاموش ٿي ويا. انڌا وڻ خوف وچان رستي تي ڪِري پيا ۽ هلندڙ رستو مڪمل بلاڪ ٿي ويو!

ورهايل ٽُڪرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ۾ ڄامڙو دانشور شِزوفيرينيا (Schizophrenia) روڳ جي وَرُ چڙهي پاڳل بڻجي ويو!

لکيل هو:

 

منهنجو ڪوبه مذهب ڪونهي.

قوميت ناهي.

وطن ناهي.

منهنجي ڪابه سرحد ناهي.

منهنجو نالو ”بُک“ آهي!!

 

عباس سارنگ

جُهڙ نيڻئون نه لهي

 

”ميران! مان جنمن کان پياسو آهيان، ڪابه اهڙي مڌ نه آهي، جيڪا منهنجي اُڃ اجھائي سگھي!!!“

پنهنجي چپن کي پنهنجي زبان سان آلو ڪيم ۽ وري چيم.

”سڪ ته سرير ۾ آهي، پر جنهن لاءِ آهي، بس ان لاءِ سوچي سوچي اداسي نيڻن ۾ لهي ايندي اٿم ۽ اکين جي وشال آڪاش تي الائي ڪٿان آگم ڀرجي ايندا آهن ۽ اچي وڏ ڦڙو وسائيندا آهن…۽ امالڪ پاڻ کي سنڀالي وٺندو آهيان…ته جوڳي ٻيلي ائين نه ڪر…آخر تنهنجو هن سان سٻنڌ به ڪهڙو…جهڙو ڪو ديواني جو خواب…هن ته ڪڏهن به توکي پنهنجو نه ڪيو، ان باوجود اها ڪهڙي تانگھ آهي، جيڪا توکي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙيون ويٺي آهي…!؟“

ايترو چئي پنهنجون اکيون بند جو ڪيم ته ٻه ڪوسا لڙڪ ڳلن تان باھه ۽ پوءِ ڳاڙها ٽانڊا ٿيندا اچي چپن جي ڪنارن سان ٽڪرائجي وڃن ٿا. ميران جيڪا من ئي من ۾ ملول ٿي لڳي ۽ اهو جو ڏٺائين ته مون کي کڻي پنهنجي ڳلي سان لاتائين ته پوءِ ”آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جيئن…!“

”جوڳي! اڄ توکي ڇا ٿيو آهي…؟ هيءَ تنهنجي من ۾ متل مانڌاڻ ڇا جي ڪري جوڳي!؟“

ميران ايترو چوندي مون کي پنهنجي ڀاڪر جي ڀيڪڙ مان ٻاهر نه ڪڍيو، شايد انڪري به ته ڪٿي ڪنهن ٻار جيان مان وڃائجي نه وڃان. ميران جي ڀاڪر آسيس ته ضرور ڏني، پر نيڻن جا نيسارا وهي هليا…ميران جيڪا پنهنجي طبعيت ۾ ٻاجھاري آهي، مون کان پڇيو:

”جوڳي! مان ڪير ٿيندي آهيان، توکان پڇڻ واري، پر هڪ دوست جي حيثيت ۾ پڇان ٿي ته اڄ تنهنجي من ۾ ڪهڙو آتش فشان ڦاٽو آهي…جيڪو توکي سموري جو سمورو ڏڪائي ويو آهي…!؟“

مان جيڪو ميران جي ٻانهن جي آسيس ۾ هئس دل چيو جوڳي! تون روئيندو رھ ۽ ميران توکي پرچائيندي رهي، پر مان ته صدين جو سودائي آهيان ۽ سودائن جون سموريون نانگڙيون منهنجي سوداءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن، ائين نه ٿئي جو ميران جي وجود کي به ڏنگي وجھن ۽ مون پاڻ کي پاڻ ئي ميران جي ڀاڪر جي آسيس مان ڪڍيو جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان ڀڙڪو کائي اُڏامي ويندو آهي.

ميران کي چيم:

”ڇو جوڳي! اسان هڪ ٻئي جي منزل ته نه آهيون، پر هڪٻئي لاءِ لاٽ ته ضرور ٿي سگھون ٿا جي تون مون تي ڀروسو ڪرين ته…!“

”نه…نه…ميران! منهنجو توتي ڀروسو ايترو آهي، جيترو پاڻ تي به نه هوندو مونکي…!“

 اکين تان لڙي آيل ڳوڙهن کي  اگھندي چيم.

” جوڳي! تنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ اهو سنيهو ضرور ڏي ٿي ته ماضيءَ جون ڪي وارتائون آهن جن تنهنجو اچي اڄ در جھليو آهي نه ته پاڻ ٻئي ڪافي مهينن کان هن اداري ۾ گڏجي ڪم ڪيون پيا تو ته ڪڏهن به اهڙي ڪا به ڳالھ مون سان ونڊي ڪونه آهي…ته پوءِ ڇا ڳالھ آهي جوڳي!؟“

ميران ايترو چئي مون کي واجھائڻ لڳي، الائي ڇو ميران جي ان واجھائڻ مون کي صفا موهي وڌو، مون ميران کي چيو:

”ميران! تون صحيح ٿي چئين، ماضي منهنجا چاڪ چِڪائي وڌا آهن…پر اها به ڪا سٺي ڳالھ ٿورئي آهي، جو پنهنجن چاڪن کي هر ڪنهن جي اڳيان ويٺو چاڪ ڪجي…هر ڪوئي مسيحا ٿورئي هوندو آهي…تنهنڪري اندر جي آڳ اندر ۾ ئي ڀلي…پر تواڳيان کولي توکي به ڏکيو نٿو ڪرڻ چاهيان. اها منهنجي من جي آوارگي آهي جيڪا هاڻي منهنجي من سان اهڙو ته سنجوڳ ڪري ويٺي آهي، جو اهي ٻئي هڪٻئي سان هري مري ويا آهن…ها باقي جڏهن به ماضيءَ جي دردن راند رهي آهي ته اکين جي وشالتا آگم جي صورت وٺي ”پلر جي پالوٽ“ ٿيندي اٿم ۽ پوءِ سڀ ڪجھ سهي ويندو آهيان…ميران تون منهنجي ڪري ايڏي ملول نه ٿي سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويندو… “

پنهنجو پاڻ کي سنڀالي به رهيو هوم، ته ميران کي اهو سڀ ڪجھ چوندو به رهيم ان تي ميران ڄڻ ته دکي به لڳم، پر چيائين.

”جوڳي! ها اها حقيقت ضرور آهي ته هر ڪوئي مسيحا نٿو ٿي سگھي، پر ڪنهن تي اعتبار ته ڪري سگھجي ٿو جيڪو سمجھي به سگھي ۽ ڀاڱي ڀائيوار به ٿي سگهي…۽ ها تو ته اهو ”پلر جي پالوٽ“ وارو سٺو فن سکي ورتو آهي، پر جيڪي ائين نه ڪندا هوندا، اهي ته وڌيڪ عذاب ۾ هوندا نه…!!!“

ميران جو چيل جملو هن جي گھري سوچ جي عڪاسي ڪري رهيو هو، پر مون کي ائين لڳو ميران ڄڻ منهنجي شخصيت ۾ منهنجي ڪمزوري پڪڙي ورتي هجي، کيس چيو.

”ميران! بس منهنجي اندر جي هڪ پنهنجي ڪائنات آهي جنهن ۾ مان آهيان ۽ مون کي مليل ڏک ۽ دوکا آهن ۽ ڪڏهن به نه چاهيو اٿم ته کين ڪنهن سان به سليان…آخر ڪوبه منهنجي ڪري ڇو حيران ۽ پريشان رهي…!!!“

ميران ٽِڪ ٻڌي مون کي نهاري رهي هئي ته مون وري کيس چيو.

”۽ اها ڪا چڱي ڳالھ ته نه چئبي نه ميران!!“

ميرا هڪ گرم ساھ کڻي چيو.

”جوڳي! هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي ڪائنات ته ضرور هجي ٿي، پر ان ۾ ٻئي جي داخلا تي پابندي جو سائن بورڊ لڳائڻ، مون کي ائين لڳندو آهي ته پنهنجي ئي ڪائنات کي ڪنهن سنڌ جي وڏيري جي ڳوٺ وانگر ڪري ڇڏڻ، جتي هر احساس جي ڀيل ڪبي آهي!“ 

مون کي لڳو ته ميران جي اندر واچوڙو ڦيراٽيون ڏئي رهيو آهي، کيس چيو.

”پر ميران! منهنجي هن ڪائنات ۾ احساسن جي ڀيل نه، پر احساسن کي جلا ئي ملندي آهي، هر جلا مان نئون احساس ڦٽندو آهي ۽ وري اهو احساس انهن جلائن کي امر ڪري ڇڏيندو آهي.“

ميران جيڪا حيرانگيءَ جي ٻيڙي تي سوار هئي، منهنجي چيل جملي تي ڳچ وقت سوچيندي ماٺ رهي، پوءِ چيائين.

”جوڳي! اڳ ته ڪڏهن به مون تو ۾ اهڙيون توانايون نه ڏٺيون اٿم…تون ته لفظن جو به جادوگر آهين…اهڙن مها لفظن جو تاثير منهنجي خشڪ من کي به سيراب ڪري ويو آهي، جيڪو ورهين کان غيرآباد هو، جنهن تي ڪنهن به احساس جي جلا جو سلو ڪونه ڦٽو هو…ائين ڇو جوڳي!“

مون کي لڳو ميرا منهنجو پيرو پئي کڻندي اچي، مون کيس چيو.

”ميران! اها ته تنهنجي اندر جي ڪائنات جي ڳالھ آهي، مون کي ڪهڙي خبر مون ته پنهنجي ئي ڪائنات جي احساسن جي ٿي ڳالھ ڪئي.“

هوءَ ان تي ماٺ نه رهي چيائين.

”پر جوڳي! احساس ڪنهن جا به هجن، اهي ته ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هجن ٿا ۽ اهي ته اسان جا مشترڪه  هوندا آهن، جن کي آفاقي احساس چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. اهي احساس ئي آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڪلاسيڪيت جو مان مرتبو حاصل ڪن ٿا. انهن ئي احساسن کي کڻي لاکيڻي لطيف، ستن سورمين جي روپ ۾، پنهنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.“

ميران لطيفي تنبوري جي تار کي ڇيڙي؛ منهنجي من جي تار کي به ڇيڙي وڌو، ان ويل ميران مون کي سوچ جو ساگر ٿي لڳي، جيڪا منهنجي من تي مونجھ جي ڪٽ هئي، ميران جي احساسن جي جلا ان کي پري ڪرڻ ۾ سهارو بڻي کيس چيو.

”ميران! مون کي ته هاڻي خبر پئي، ته اهي ڪنهن جا به احساس، صرف ان جي ملڪيت نٿا هجن، پر جيتري تائين اندر ۾ آهن ته ان جا پنهنجا آهن، پر جي ڪو روپ ٿا ڌارين، ڪنهن به فن جو ته اهي اجتماعيت جو روپ ڌاري ٿا وٺن…!“

ميران مون کي ڏسي ٿورو مرڪي ۽ چيائين: ”جوڳي! مون کي ڪهڙي خبر مون ته پنهنجي انداز ۾ سوچيل خيال توسان شيئر پئي ڪيا، مان ڪا فلاسفر ته ناهيان نه…!“

ميران جو اهو چيو ته منهنجي به منهن تي مرڪ جون ريکائون اڀري آيون ۽ ميران جو اهو ڏٺو ته مون کي چيائين: ”جوڳي! مون کي به ته اهو ”پلر جي پالوٽ“  وارو فن سيکار نه! جيئن مان ان فن ذريعي پنهنجن دردن کي گھٽائي سگھان ۽ زندگيءَ ۾ مليل دوکن کي وساري سگھان…!!!“

مان جيڪو احساسن جي نئين ڪائنات ڏسي رهيو هوس. ميران کي چئي ويٺم.

”ميران! اهو فن ڏيڻ بجاءِ فنڪار ئي تنهنجو ٿيڻ چاهي ته پوءِ…؟“

منهنجي ايتري چوڻ تي ٻنهي پاسي نئين احساس جي کِوڻين کيج ڪيا ۽ پلر جي پالوٽ ٿي ۽ ميران منهنجي ٻانهن جي آسيس ۾ اچي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org