زندگي اڇي اُجري آهي ته زندگي سانوري سدوري به
آهي، زندگي ڪاڻي ڪوجهي آهي ته زندگي روپ وتي به
آهي. زندگي تيز تکي هرڻي آهي ته زندگي ٿڪل ٽُٽل
وِکون به آهي، زندگي وسڪاري جو ويس آهي ته زندگي
ڏڪارن جو ڏک به آهي. زندگي نالا نديون آهي ته
زندگي رُڃ ۽ اُڃ به آهي. زندگي گهاٽي ڇانءُ
آهي ته زندگي رڻ جو ٻرندڙ ريت به آهي. هر روپ ۾
زندگي پياري آهي. زندگي جي هر وک نئون ويچار آهي.
زندگي جو هر قدم نئون سبق آهي. زندگي ته هر صورت ۾
گذرڻي آهي ۽ گذري وڃي ٿي، پر ڪوئي ان تي ڌيان ڌري
ٿو. ڪوئي لاپرواهي جي گهوڙي تي چڙهي ڏينهن جا ڏهر
لتاڙي وڃي ٿو. ڪنهن جي هر آس پوري ٿي وڃي ٿي، ڪنهن
جي هڪ تمنا ڪر کڻڻ کان اڳ ۾ ٽُٽي وڃي ٿي. ڪنهن جا
سڀ سپنا ساڀيا ماڻن ٿا. ڪوئي هڪ خواب کي پورو ڏسڻ
جي واسطي ننڊ جي لاءِ ڏکارو رهي ٿو. ڪنهن جون
اڪيلايون ۽ اونداهيون ساهه گهٽن ٿيون. ڪوئي سدائين
ماڻهن جي ميڙ ۾ رهي ٿو. ڪوئي مُرڪ ۽ لُڙڪ جي وچ ۾
وڇوٽي معلوم ڪري نه سگهندو آهي. ڪوئي پل پل موت جو
حساب چڪائي ٿو. ڪنهن کي ڪڏهن گرم هوا جو جهوٽو نه
لڳندو آهي. ڪوئي جيون جي رڻ ۾ تڙپي تڙپي سهاري کي
سڏيندو آهي. ڪنهن جي پير ٿڙڻ تي سوين ماڻهو گڏ
ٿيندا آهن. ڪنهن جي جبل تان ڪِرڻ تي به هڏيون ميڙڻ
جي لاءِ ڪوئي نه هوندو آهي.
ڀارُومل اَمراڻي سُوٽهڙ
ڪتاب: ”ٿر ٿر اندر ٿاڪ“
ص 21 تان کنيل
ڊاڪٽر
قاضي خادم
يادگيريون
رشيد ڀٽي، سنڌ جو هڪ منفرد اديب، وڪيل، مزاح نگار
ليڪن ذاتي زندگيءَ ۾ گهڻو خاموش، ڪڏهن ڪڏهن چيڙاڪ
ليڪن جديد سوچ رکندڙ شخص، جنهن سان ملاقات جا ڪافي
حوالا هئا، جن مان هڪ ته مقبول صديقي هئو، جيڪو
خادم وطن اخبار جو جوائنٽ ايڊيٽر هو. جڏهن آءُ هتي
سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هوس، هن جي واتان مون شيخ
اياز، رشيد ڀٽي، شيام هرنائي ۽ ڪريم بخش خالد جا
نالا ٻڌا ۽ هن سان گڏ ئي ساڻن ملاقاتون به ٿيون ۽
خبر پئي ته هن رشيد ڀٽيءَ سان گڏجي ’تقاضا‘ رسالو
به ڪڍيو هو، جنهن تي هنن ٻنهي جو گڏ فوٽو به شايع
ٿيل هو. ٻيو حوالو ’جشن روح رهاڻ‘ جون محفلون
هيون، جتي سڄي سنڌ جا اديب ۽ شاعر، مرد توڙي
عورتون، لاڙ کان اپر سنڌ جي هر حصي مان اچي پهچندا
هئا، جتي جنهن سان به ملاقات ٿيندي هئي، ڄڻ ته
هميشه لاءِ رشتو جڙي ويندو هو.
رشيد ڀٽيءَ سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به ملاقات ٿيندي
هئي، جتي هُو خالد شهيد آخوند سان ملڻ ايندو هو.
اهڙيءَ طرح سچل سرمست جي ميلن توڙي خيرپور ۾ ٿيندڙ
ادبي محفلن ۾ به ملندا رهندا هئاسين، جتي هن جون
ڳالهيون محفل جو رنگ ڦِڪو ٿيڻ نه ڏينديون هيون.
خاص ڪري هن جي بي باڪي مشهور هئي. وري جو شيخ اياز
سان گڏ جيل ياترا به ڪري آيو ته مان اڃا به وڌي
ويس.
آئون جڏهن به خيرپور ويندو هوس ته تنوير عباسيءَ
وٽ ضرور ويندو هوس ۽ هُو وري مونکي سکر وٺي هلندو
هو. جتي رشيد ڀٽي سان سندس جاگيراڻي پاڙي واري گهر
۾ ملاقاتون ڪڏهن نه وسرنديون. سنڌ جو هي وڏو ادبي
نقاد ۽ مترجم جڏهن گذاري ويو ته دل کي ڏاڍو ڌچڪو
آيو. آءُ هن جي چاليهي تي حميد سنڌي، مراد علي
مرزا ۽ ناصر مورائيءَ سان گڏجي سکر ويو هوس.
هيءُ سفر اسان حميد جي سرڪاري وين ۾ ڪيو هو، جيڪا
پبلڪ اسڪول طرفان کيس مليل هئي ۽ هُو دوستن يارن
کي ضرورت مهل اها ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو
هو.
سکر ۾ اسان جي رهائش جو انتظام هڪ هوٽل ۾ ڪيل هو،
جنهن ۾ هڪ ڪمري ۾ حميد ۽ ناصر مورائي، ٻئي ۾ مراد
علي مرزا ۽ ٽئين ۾ آءُ رهيل هوس. هن ڪمري جي خوبي
اها هئي جو ان جي گيلريءَ جي سامهون هڪ سئنيما
هئي. حالانڪه اسان رات جو فتاح ملڪ ۽ شيخ اياز سان
ملاقات ڪري دير سان آيا هئاسين، تنهنڪري سئنيما
ويران پئي نظر آئي، پر سئنيما کي ڏسي مونکي پنهنجو
ننڍپڻ ياد اچي ويو. ائين لڳم ڄڻ ته ان سئنيما ۾
مون به فلم ڏٺي هئي. انهن ڏينهنِ ۾ اسين پراڻي سکر
جي ان گهر ۾ رهندا هئاسين، جيڪو پوءِ شيخ اياز جي
رهائشگاهه بڻيو هو. ان جا ڌنڌلا نقش اڃا به منهنجي
ذهن تي هئا. ننڊ منهنجي نيڻن کان دور هئي، سو آءُ
ڪرسي سيري گيلريءَ جي ويجهو ٿي ويٺس ۽ سوچيم ته
شام جو هتي ضرور فلم جا ٻه شو هليا هوندا. ڪنهن
سنڌي فلم جا پوسٽر به لڳل هئا، پر منهنجي لاءِ اهي
صرف هڪ پوسٽر جيان هئا. مون سوچيو پئي ته شام وقت
هتي ڪيڏي نه رونق هوندي! ٻاهر پڪوڙن وارا، چڻن
وارا، ڪمند جي رس وارا ۽ چانهه وارا هوڪا ڏيندا
هوندا، روشنيون ٻرنديون هونديون ۽ اندر ماڻهو فلم
جا ٽڪيٽ وٺڻ، پوسٽر ڏسڻ ۽ فلم ڏسڻ لاءِ هال ۾
ويندا هوندا. مرد به هوندا ۽ عورتون به، جوان جوڙا
به هوندا ته ٻار ۽ پوڙها به هوندا ۽ پڙدي تي
پنهنجي پسند جي اداڪارن کي ڏسي، دل وندرائي، گهر
روانا ٿيا هوندا. بلڪل ائين جيئن رشيد ڀٽي هڪ
پُرشور ۽ تيز رفتار زندگي گذاري پنهنجي اصلي گهر
ڏانهن روانو ٿي ويو آهي! هُو بيشڪ گذاري ويو هو،
پر دل ۾ هن جي ياد بلڪل تازي هئي. هُو زنده رهيو،
گذاري به ويو ۽ چاليهه ڏينهن به اکڇنڀ ۾ ٿي ويا،
وقت گذري ئي نه ٿو، پر زندگي گذري وئي.
ائين سوچيندي سوچيندي خبر ناهي ڪيڏي مهل اک لڳي
وئي ۽ صبح جو بيري جي در تي ٺڪاءُ تي اک کليم جنهن
ٻڌايو ته نيرن حميد واري ڪمري ۾ رکي آهي ۽ آءُ به
اٿي هٿ منهن ڌوئي نيرن ڪرڻ هليس، ڇو جو اڃا سڄو
ڏينهن گذارڻو هئو.
*
مونکي ننڍپڻ جا اهي ڏينهن ڪڏهن نه ٿا وسرن، جڏهن
گرمين جي موڪلن (وئڪيشن) ۾ هالا پراڻا ويندا
هئاسين، جتي ان وقت منهنجو وڏو ڀاءُ به رهندو هو.
چاچا مريد علي، چاچا وڏو (محمد حيات)، چاچا فتح
الله ۽ ڪڏهن چاچا ايلياس به پنهنجي ان شاندار گهر
۾ اچي رهندو هو. جيڪو هاڻ بلڪل اجڙي چڪو آهي. اجڙي
ته اسان وارا وڏا، سدا مهڪندا ۽ ٻهڪندا گهر به ويا
۽ وري ٺهرائي نه سگهياسين ڇو جو اسان جي پنهنجن ئي
انهن گهرن کي ٻيهر ٺهرائڻ ۾ رنڊڪون وجهي پنهنجا
گهر جوڙايا ۽ اهي به هاڻ اُجڙيل روپ اختيار ڪري
چڪا آهن.
انهن ڏينهنِ ۾ درياهه شاهه گرمين ۾ پنهنجي رعب تاب
سان وهندو هو. پاڻي هالن پراڻن جي بند سان ٽڪر
کائي، ان تائين پهچڻ جي ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
لڳندو هو ته اجهو ٿو پاڻي بند ٽپي، بازار ۾ گهڙي ۽
شهر کي ٿو ناس ڪري، پر ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو بلڪه
شام جو هشام ماڻهن جا بند تي اچي درياهه جي بي تاب
وهڪري جو نظارو ڪندا هئا۽ اتان ئي پوءِ، پلو، مڇي
وٺي گهر ورندا هئا. اهڙي وقت جڏهن مينهن به آسمان
مان پاڻيءَ جو وسڪارو ڪندو هو ته ڊپ جي باوجود روح
تي رم جهم ٿي ويندي هئي. اهڙن اونهارن ۾ اسان
پنهنجي ٻني ۾ انهن جو جيڪو مزو ورتو، اهو هاڻ خواب
۾ به نظر نه ٿو اچي.
مونکي ڪو اهڙو ڏينهن ياد نه آهي جو پلي جي مند ۾
اسان جي محلي ۾ ڪٿي نه ڪٿي پلو ضرور رڌيو يا تريو
نه ويو هجي. اسان جي گهر ۾ ته نيرن تي سيون،
پينهون، بيدا ۽ مغز ٺهڻ جي باوجود جيسين پلي جو
ڦوٽو، آني يا پڇڙي نه ترجندي هئي ته ڄڻ نيرن ئي
پوري نه ٿي. وري منجهند جو پلي جو پلاءُ يا ٻوڙ ۽
رات جو تريل پلو جنهن جي مخصوص بوءِ سڄي ماحول کي
واسي ڇڏيندي هئي ۽ انهن خشڪن چانورن جي خوشبو، اصل
کاڌي مان جيءُ نه ڀرجندو هو. حالانڪه انهن ڏينهنِ
۾ اڃا لالٽين جو رواج هوندو هو ۽ اوندهه ۾ پلو
کائڻ به هڪ رسڪ هو، ڇو جو ان ۾ بيشمار ننڍا وڏا
ڪنڊا ٿيندا آهن. ليڪن اسين اهڙو ته هري ويا هئاسين
جو پلو کائيندي ڪنڊا خودبخود جدا ڪري وٺندا هئاسين
۽ مٿان وري چاچا غلام محمد يا مخدومن جي باغ جا
انب، ان جي لذت جو بيان ڪيئن ڪجي.
اسين جڏهن به ڳوٺ ويندا هئاسين ته گهڻو ڪري نيرن
چاچا غلام محمد جي گهران ايندي هئي جيڪا پاڙي جي
هڪ مائي باني ڪورياڻي وڏي ٽري ۾ وجهي کڻي ايندي
هئي. هوءَ ڳالهائڻ جي ڏاڍي شوقين هئي، سو پنهنجون
پرايون ڳالهيون ڪندي، هر گهر جا راز کوليندي، تڪڙي
تڪڙي ايندي هئي ۽ ويهي ماني کائجڻ جو انتظار ڪندي
هئي ته جيئن ٿانوَ واپس کڻي وڃي، حالانڪه منهنجي
ماسي گهڻو ڪري ماني پنهنجن ٿانون ۾ لاهي ڇڏيندي
هئي ته به هوءَ ماني پوري ٿيڻ کانپوءِ ئي ويندي
هئي ۽ ايستائين اسان کي محلي جي ته ٺهيو، پر پاڙي
جي هر گهر جا داستان به معلوم ٿي ويندا هئا.
مٿان جو وري چاچا غلام محمد انب موڪليندو هو،
جنهنڪري گهڻو ڪري بازار مان انب وٺڻا ڪونه پوندا
هئا، پر جي هالا نوان وڃي انب وٺبا هئا ته اتي
باغائي چوندو هو سائين هيءُ انب قاضي غلام محمد جي
باغ جا آهن، مٺا آهن، چکي ڏسو. ان وقت سنڌي انب
عام هئو، فارمي انب اڃا رڳو ميرپورخاص ۾ محدود
هئا. طوطا پوري انهن ۾ مشهور هو. ليڪن پوءِ به
جڏهن سنڌڙي انب جي حڪومت اچي وئي، تڏهن به اسان
پلي سان انب کائڻ نه ڇڏيو. البته انب چوسي کائڻ ۾
جيڪو مزو ايندو هو، اهو ڇريءَ سان ڦارون ڪري کائڻ
۾ نه ٿو اچي پر نه آهي هاڻ اهو درياهه، نه آهي
هالا پراڻا وارا گهر، نه ئي اسين ساڳيا رهيا آهيون
صرف يادن جو ذائقو آهي.
*
هالا پراڻا جي يادن ۾ ڪي ڪي اهڙا ڪردار به ليئا
پائيندا نظر ايندا، جن کي عام اک شايد ڏسڻ جي قابل
به نه سمجهندي هجي. ليڪن هنن جي پنهنجي وقت ۾ جيڪا
اهميت هئي، تنهن جو آءُ اکين ڏٺو شاهد آهيان، اهڙن
ڪردارن مان هڪ سهڻي به هئي جيڪا قاضين جي محلي ۾
ننڍي ٿي وڏي ٿي ۽ مرڻ گهڙي تائين، هن جا آواز محلي
جي هر ڪنڊ ۽ هر گهر مان ايندا رهيا.
سهڻي، جيڪا سنهڙي، قداوار، گهڻو وقت گدام ۾ رکيل
ڪڻڪ جهڙي پڪي رنگ جي دلچسپ ڳالهيون ڪرڻ واري هڪ ڪم
واري عورت هئي ته قاضياڻين سان ڪچهريون ڪندڙ ۽ هنن
جا هڪ ٻئي ڏانهن پيغام رسائڻ لاءِ ڪبوتر جيان به
هئي. هوءَ گهرن جا ڪم ته ڪندي ئي هئي پر ٻاهران
عدلوءَ جي هٽ تان يا قادر ڏني جي دڪان تان به شئي
شڪل وٺي ايندي هئي. ضرورت پئي ته وڏي بازار مان به
برفي، پينهون، پڪوڙا يا ٻيو ڪو وکر بنا ڪنهن واڌو
معاوضي جي آڻي ڏيندي هئي، پر جڏهن هوءَ عدلوءَ جي
هٽ تان لوڻ کنڊ ۽ چانور وغيره وٺڻ ويندي هئي ته
اتي هٽ تي رکيل پن جي ٻيڙين مان هڪ ٻيڙي ضرور
دکائي ڇڪيندي هئي ۽ عدلو هن کي روڪيندو ڪونه هو،
بلڪه جڏهن ڪنهن مهل ٻيڙي نه پيئندي هئي ته عدلو
چوندو هوس، ”ڇو مائي سهڻي، اڄ طبيعت ٺيڪ ڪانه
اٿانوَ ڇا؟“
سهڻي جنهن ڏينهن محلي ۾ نه آئي يا دير ڪيائين ته
ڄڻ صبح ئي ڪونه ٿيندو هو. هن جون ڳالهيون سادگيءَ
واريون ليڪن نهايت دلچسپ هونديون هيون جنهنڪري
محلي جا مرد توڙي عورتون هن سان ڪچهريون ڪري خوش
ٿيندا هئا ۽ هوءَ به هتان کان هُتي، محلي جي هر
گهر جو ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ ۾ رڌل هوندي هئي. صبح کان
شام ٿي ويندي هئي ليڪن سهڻيءَ جي هل هلان ختم نه
ٿيندي هئي. سانجهيءَ کان پوءِ به هوءَ ڪنهن نه
ڪنهن گهر ۾ ويهي چلم جا گڙڪا به ڪڍندي هئي ۽
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون به پيون ٿينديون
هيون. ٻئي طرف قاضياڻيون به ڪچهريءَ جون ڪوڏيون
هونديون هيون. هنن کي گهر جي ڪم ڪار کانسواءِ ٻيو
ته ڪي ڪرڻو ڪونه هوندو هو، نه هُو شهر ۾ ڪيڏانهن
اينديون وينديون هيون ۽ نه وري وندر ورونهن جو ڪو
ٻيو رستو هوندو. البته شام جو پاڙي جون نينگريون
ٺهي ٺڪي پاڙي اندر ئي هڪ ننڍي ميدان ۾ جتي ککريءَ
جو وڻ هوندو هو، اتي بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ ۾
ڪچهريون ڪنديون هيون ته وڏيون پڪيون وري شام ٿيندي
ئي فئمليءَ جي ڪنهن نه ڪنهن گهر ۾ وينديون هيون،
ليڪن رات جو جڏهن پنهنجن کٽن تي ويهي ڪا چلم
پيئندي هئي ته ڪا دل ئي دل ۾ آيتون پڙهي پئي
پنهنجن ٻچن تي دم ڪندي هئي ته اهڙي وقت ۾ مريم
پناهگير، جنهن جو ذڪر مون اڳ به ڪيو آهي، ان سان
گڏ هيءَ سهڻي به هوندي هئي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن گهر
۾ موجود هوندي هئي.
سهڻي پاڙي جي مختلف گهرن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو به
هڪ ذريعو هئي ۽ شادي مرادي ٿيندي هئي، سوکڙيون
پاکڙيون ڏنيون وينديون هيون ته سهڻي به سڀني سان
گڏ اهي سوکڙيون هتان کان هتي پئي پهچائيندي هئي.
هن کي ڏسندي ئي سڀني کي ڪم اچي ياد پوندا هئا،
سهڻي، جيجي سارو کان ڌاڳو ته آڻي ڏي. سهڻي مائي
سهند کان آچار ته آڻي ڏي، سهڻي بازار مان آنڊا ته
آڻي ڏي ۽ سهڻي سڀني جا ڪم ڪندي ڪندي هميشه لاءِ
هلي وئي.
1965 تائين هندستاني فلمون هتي هلنديون رهيون،
حالانڪه وڏي عرصي کان ”اي“ گريڊ فلمن تي پابندي
پيل هئي ليڪن ”بي“ گريڊ جي نالي ۾ ڪافي سُٺيون
فلمون حيدرآباد توڙي ٻين شهرن ۾ ڏٺيون سين.
حيدرآباد ۾ شمس سئنيما ۾ بابل، گهر ڪي عزت، بڙي
بهن، جهڙيون فلمون هلنديون هيون، جڏهن نشاط ۽
ڪيپيٽل ۾ آب حيات، ڀائي ڀائي، بارادري، جواني ڪي
هوا، شيرين فرهاد، حور عرب وغيره جهڙيون فلمون هلڻ
لڳيون جيڪي وڏي رش کڻنديون هيون. جڏهن ته ان وقت ۾
پاڪستاني فلم انڊسٽري به تکي ترقي ڪئي ۽ اسان اهي
فلمون به ڏسندا هئاسين.
انهن فلمن کي ڏسڻ لاءِ قيصر، ايلائيٽ ۽ نيوميجسٽڪ
توڙي فردوس ۽ راحت سئنيما ۾ فرسٽ شو ۽ سيڪنڊ شو به
ڏسڻ ويندا هئاسين. وري جو آغا سليم اچي شيزان هوٽل
۾ رهيو ته هن سان گڏ سوز ٽکڙائي ۽ عمرالدين بيدار
۽ ٻيا دوست قيصر ۽ نور محل ۾ رات جو سيڪنڊ شو ۾
وقت گذاري ڪري ايندا هئاسين. اسان دليپ ۽ نرگس جي
فلم جوگن ۽ راجڪپور ۽ ثريا جي داستان ۽ ٻيون
ڪيتريون فلمون گڏ وڃي ڏٺيون هيون.
جڏهن 1965 واري هند پاڪ جنگ ٿي ته هندوستاني فلمن
تي مڪمل پابندي پئجي وئي، جيڪا اڃا سوڌو آهي.
حالانڪه هندستاني فلمون هتي هاڻ باقائدي هلن پيون،
پر ڪو اعتراض ڪونه ٿو واري.
مونکي راحت سئنيما جي مئنيجر محمد احمد جنهن کي
ممدو ڀائي چوندا هئاسين، منهنجي پسند جون ڪيتريون
نيون هندستاني فلمون جن ۾ اميتاب بچن جي ’آخري
راسته‘ ۽ دليپ ڪمار جي ’سوداگر‘
به شامل هيون، ڪنهن طريقي سان گهرائي ڏيکاريون،
پوءِ ته اهي فلمون هفتن جا هفتا هليون، پر سرڪار
طرفان ڪو اعتراض ڪونه ٿيو.
جڏهن هندستاني فلمون مڪمل طور بند ٿي ويون ته
ماڻهن وري وي سي آر جو رستو اختيار ڪيو ۽ گهرن ۾
ماڻهو گڏ ڪري پئسن تي ڏيکارڻ لڳا. مونکي پنهنجو هڪ
يونيورسٽيءَ جي دور جو دوست هڪ دفعو تلڪ چاڙهي تي
مليو ۽ آهستي آهستي چوندو ويو.“ گنگا جمنا، گنگا
جمنا، ڏهه روپيه“ آءٌ حيران به ٿيس ته ڏک به ٿيم
ته هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي، پر
روزگار نه ملڻ ڪري، هي چوريءَ جو ڪم پيو ڪري.
وي.سي.آر سان گڏ ڊش تي به هندستاني فلمون اچي
ويون، پر انهن جو دائرو لاهور ۽ ان سان گڏ علائقي
تائين هئو، جنهن جو ذڪر آءُ پهرين به ڪري آيو
آهيان.
هاڻ ته نيٽ تي هر نئين پراڻي فلم حاضر آهي، جنهن
کي ڏسڻ به سؤلو آهي ۽ ڪنهن جو ڊپ به ڪونهي. اهوئي
سبب آهي جو هاڻ هندستاني فلمن کان وڌيڪ پاڪستاني
پراڻين فلمن جي ٻاڙ ٿي لڳي خاص ڪري اڪبر خان،
داتا، آنک ڪا نشه، صابره قاتل، سهيلي، قسمت،
حميده، دلا بهڻي، سرفروش، لاري، ڦيري وغيره انهن
مان ڪيتريون ئي سي.ڊيءَ ۾ ته آهن، پر نيٽ تي اڃا
ڪونه آيون آهن.
وي سي آر جو دور به هڪ سنسني خيز دور هو. اهو ڪم
لِڪ ڇُپ ۾ ٿيندو هو. پهرين ته منهنجي ڪجهه دوستن
وي سي آر ورتو ۽ اسين ڪڏهن پنهنجي گهر ۾ ڪڏهن
مسعود قريشي جي گهر ۾ ڪڏهن نياز (حفيط قريشيءَ) جن
جي گهر اهي فلمون هڪ وڪيل دوست جي وي سي آر تي يا
وري نياز وارن
V.C.R
ورتو هو ته انهن سان گڏ به نيون
نيون فلمون ڏسندا هئاسين.
فلمون بند ٿي وڃڻ واري دور جون ڪيتريون فلمون، جن
۾ ششي ڪپور، رشي ڪپور، بسواجيت، اڀي ڀٽ اچاريه،
ساڌنا، نندا ۽ ٻين اداڪارن جون ڪيتريون فلمون ته
اسان اڃا ڪونه ڏٺيون آهن ڇو جو ان عرصي دوران
راجڪپور ۽ ديو آنند وغيره جون به ڪافي فلمون نوتن،
سائره بانو ۽ ٻين اداڪارائن سان ٺهيون، جيڪي هاڻ
نيٽ تي پيا ڏسون، پر اسان جو عشق 1945ع کان 1955ع
وارين فلمن سان هو، جيڪي اسان ٻالپڻ کان جوانيءَ
تائين ڏٺيون انڪري دليپ، راجڪپور، اشوڪ ڪمار، گرو
دت، ديو آنند جهڙا اداڪار ۽ مڌو بالا، نرگس، گيتا
بالي، شڪيلا، منور سلطانه، ريحانه ۽ مينا شوري
جهڙيون اداڪارائون اسان جي حواسن تي ڇانيل رهيون.
اسان اهو وچولو دور جنهن ۾ اميتاب، شتروگهن سنها،
ونود کنه، ڌرميندر وغيره جي دور ۾ پهچي وياسين.
هيءَ تفريح جيئن ته اسان لاءِ وڏي ۾ وڏي تفريح هئي
جنهن جي اهميت ۽ افاديت جو ذڪر آئون ڪئين هنڌن تي
اڳ ئي ڪري آيو آهيان، انهن جي ماضي ۽ حال ۾ فرق
اهو هو جو، ماضي ۾ هيرو پنهنجي ڪردار ۽ چال چلت ۾،
هر هنڌ اعليٰ معيار ۽ ظرف کي قائم رکندو هو. عشق ۾
ناڪام ٿي زندگيءَ تان هٿ کڻي ويندو هو، پر نه
پنهنجي انا جو سودو ڪندو هو ۽ نه ئي هيروئن کي
سماجي رواجن جي خلاف ڀڄائي يا زوريءَ کڻي ويندو
هو. ليڪن نئين دور ۾ معاملو سڄو الٽو ٿي ويو،
پنهنجي وقت جي وڏي اداڪاره وحيده رحمان هڪ انٽرويو
۾ ٻڌايو ته هنن جي وقت ۾ هيرو هيروئن جو پيار اکين
ئي اکين کان شروع ٿي اڳتي وڌندو هو جڏهن ته هاڻ
پيار ۾ اٿندي ئي بيڊ روم اچي ٿو وڃي.
اهي نظارا توڙي هيرو کي نِگيٽـِوَ رول ۾ پيش ڪري
هن کان اخلاق کان ڪريل ڊائلاگ واريون فلمون
ڏٺيونسين، جن ۾ گانا دل جي درد کي يا خوشيءَ کي
ظاهر ڪرڻ بدران صرف جسم جي نمائش ڪرڻ ۽ انهن کي
آئٽم سانگ ڪري پيش ڪرڻ به مونکي ته ڪڏهن نه وڻيو،
ڇا ڪجي ننڍي هوندي جون پيل عادتون ڏکيون ختم
ٿينديون آهن.
سنڌ جي هر شهر جي ڪانه ڪا خوبي ۽ خصوصيت آهي، مون
پنهنجي يادگيرين ۾ به هالا ۽ خاڻوٺ جي جنڊي، سيوهڻ
جي ڪاشي، ٺارو شاهه جا سنگتڙا، نصرپور ۽ ڀريا جا
پيڙا، نصرپور جا کيس ۽ جوهيءَ جون گگهيون وغيره
شامل آهن ۽ روهڙيءَ جا هليلا، ۽ شڪارپور جو آچار،
پر شڪارپور جي پوڪرداس جي ڪتابن ۽ سکر جي نم واري
چاڙهي، هريسنگهه جي پريس به لکيل پڙهيل ماڻهن لاءِ
وڏي اهميت رکندا هئا.
آءُ سمجهان ٿو ته بيشڪ سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ
جهڙو مقام ڪنهن ٻئي کي نه ملي سگهيو، ليڪن پڙهڻ جو
شوق پوڪرداس جي جاسوسي چڪر ۽ سنسار چڪر جي جاسوسي
۽ سماجي ناولن وڌو، حالانڪه ان دور ۾ ڪتاب لکرائڻ
يا ترجمو ڪرائڻ ۽ ڇپائڻ اهڙو آسان ڪونه هوندا هئا
جهڙا هاڻ آهن، نه ڪو انهن جي ورهاست يعني
سرڪيوليشن ئي عام هئي، ليڪن پوڪرداس جا ڪتاب
ڇپجندي ئي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويندا هئا ۽ ان
دور جا ماڻهو جاسوسي چڪر جي ڪتابن، جن ۾ شرلاڪ
هومز ۽ بليڪ جاسوس ۽ اميليا ۽ آرسين لوپن جا مشهور
ڪردار هوندا هئا، تن جو ائين انتظار ڪندا هئا،
جيئن پوءِ جي جنريشن ارل اسٽينلي گارڊنر ۽ اگاٿا
ڪرسٽي ۽ سر رائيڊر هيگراڊ جي ڪتابن جو انتظار ڪندا
هئا يا جيئن اسان ابن صفي، اڪرم الله آبادي جي
ناولن جو بي تابيءَ سان انتظار ڪندا هئاسين، جن ۾
ڪرنل فريدي، ڪئپٽن حميدي، عمران، جوليانا ۽
انسپيڪٽرخان ۽ سارجنٽ بالي جا ڪردار هوندا هئا.
هن موضوع تي مون گهڻو لکيو آهي پر اڃا به ان تي
لکڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو اهي اردو ڪتاب ئي هئا، جن
کي پڙهي اسان اردو ٻولي سکي.
گذريل صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ پوڪرداس جو نالو ئي
ڪتاب جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هئو، جنهن جا ناول
پوءِ جاسوسي ناولن جي هڪ متوالي، صحافي ۽ ليکڪ
محمد بخش جوهر، نئين سر ڪجهه تبديلين سان ڇپارايا
۽ آر.ايڇ. احمد اينڊ برادرس بڪ سيلرز، حيدرآباد
کان ڇپارايا. هن کي اهي جاسوسي ڪردار برزبان ياد
ٿي ويا هئا. ڇو جو هُو سندس زندگيءَ جي پوين
ڏينهنِ ۾ مون سان گڏ اخبار ’هلال پاڪستان‘ ۾ به ڪم
ڪري چڪو هو ته ان کان اڳ ’خادم وطن‘ ۾ ڪم ڪرڻ
دوران به هن سان چڱو ساٿ رهيو هو. هن سان گڏ ئي
مون ۽ ٻين ڪن اديبن ڪراچي ٽي ويءَ تان سنڌيءَ ۾
جاسوسي ادب جي عنوان سان هڪ پروگرام به ڪيو هو.
مونکي ياد آهي ته جڏهن آءُ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪريءَ
دوران پنهنجي ڀاءُ سان گڏ لنڊن ويو هئس ته ان وقت
جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي مونکي هڪ مهيني جي
اسٽڊي ليوَ ڏيڻ مهل پڇيو ته ”لنڊن ۾ توهان کي ڪهڙا
سنڌي ڪتاب ملندا؟“ جنهن تي مون چيومانس ته،
”منهنجي ٿيسز ’سنڌي نثري داستانن‘ جي باري ۾ آهي ۽
آءُ اتي برٽش لائبريريءَ ۾ ان موضوع تي پراڻا ڪتاب
ڏسڻ چاهيان ٿو، خاص طور آءُ پوڪرداس جا ڪتاب به
ڏسڻ چاهيان ٿو جيڪي هاڻ ات ئي ملي سگهن ٿا.“ اهو
ٻڌي مظهرالحق صديقي صاحب وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته، ”ها،
اهي جاسوس رابرٽ بليڪ ۽ شرلاڪ هومز وارا قصا هاڻ
واقعي اتي ئي هوندا.“ ائين مون کي موڪل ملي وئي.
هيءَ ڪتاب ڪن پراڻن لائبريرين ۾ ته هئا ۽ يقيناً
اسڪولز جي لائبريرين ۾ به هوندا، ڇو جو ان وقت
اسڪولن ۾ لائبريرين جو فنڊ ڪتاب خريد ڪرڻ تي ئي
خرچ ٿيندو هو، ليڪن انهن اسڪولن جي زبون حالي ڏسي
همت ئي نه ٿي ته ڪو اتي وڃي لائبريريون ڦلهورجن.
البته آر.ايڇ.احمد جي گدامن ۾ ڪجهه ڪتاب ضرور هئا،
جن جي خبر مونکي تڏهن پئي جو ان خاندان جي هڪ فرد
سان ڏيئلداس ڪلب ۾ ملاقات ٿي ۽ هن ٻڌايو ته بي شڪ
اهي ڪتاب موجود هئا ليڪن هنن سڄو گدام ڪٻاڙيءَ
واري کي وڪڻي ڇڏيو جو ان وکر جا خريدار نظر ڪونه
ٿي آيا، اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو، پر اڃا به
گهڻو افسوس ان تي ٿيو ته مون جوهر صاحب کان ڇو نه
اهي ڪتاب وٺي پڙهيا!
جاسوسي چڪر جي ناولن جو اثر مون تي ايترو ته هو جو
مون پاڻ به ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ لاءِ ڪيترا جاسوسي
ڊراما لکيا. هتي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ٿو ته مان
جڏهن جاسوسي ناول ريڊيو لاءِ لکڻ ويهندو هوس ته ان
جي پڄاڻيءَ جي ڪڏهن مون کي به خبر ڪانه هوندي هئي
پر واقعا جيئن وڌندا هئا ته رستو به نظر اچي ويندو
هو.
هڪ دلچسپ واقعو ٿيو جو مون زاهد قلباڻيءَ لاءِ هڪ
سيريل جاسوسي ڊرامو لکيو، جنهن جون قسطون هفتيوار
نشر ٿينديون رهيون. ان وقت ريڊيو ٻڌڻ وارن جو
تعداد تمام گهڻو هو. تنهنڪري ريڊيو نشريات باري ۾
خط به بيشمار ايندا هئا. اسين خود به ريڊئي جا
ڊراما ٻڌڻ جا شوقين هوندا هئاسين. سو هڪ ڊرامو
جڏهن پنج ست قسطون هليو ته مرحوم پير اسحاق جان
سرهندي، جيڪو ريڊيو ۾ اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر هو،
هلي مون وٽ پريس ڪلب ۾ آيو ۽ چيائين، ”قاضي، يار
ٻڌاءِ، ڊرامي ۾ بدمعاش ڪير آهي، آءُ ڪنهن کي ڪونه
ٻڌائيندس. ٻارن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي.“ ته مون کلي
چيومانس، ”سائين مونکي پاڻ خبر ناهي.“ هن اعتبار
ڪونه ڪيو، پر هئو ائين.
ڪيترا دفعا سکر وڃڻ ٿيو آهي ۽ نم واري چاڙهيءَ
تان لهڻ چڙهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ ننڍپڻ ۾ به هتان
اچ وڃ ٿيندي هئي، تڏهن بابا، يا چاچا غلام قادر
سان گڏ وڃبو هو. هاڻ پنهنجن دوستن، حميد سنڌي،
مراد علي مرزا، ناصر مورائي، قبول ابڙي يا ڪڏهن
سکر جي دوستن سان گڏ اتان لنگهڻ ٿيندو آهي، پر هري
سنگهه جي پريس کان وڌيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن
آرٽس شعبي جي پروفيسر مسرت مرزا ياد ايندي آهي
جيڪا اتي ئي رهي ٿي ۽ پنهنجو ڪو اسٽوڊيو ٿي هلائي.
هن سان گڏ گهاريل وقت جا به ڪئين دلچسپ قصا آهن،
جيڪي ضرور ڪٿي نه ڪٿي لکبا.
سنڌ ۾ بوبڪ ۾ ڀنگ جام ٿيندي آهي. جڏهن اسين سيوهڻ
۾ هوندا هئاسين ته هميشه ٻڌندا هئاسين ته بوبڪ جا
طوطا به ڀنگ جا پتا کايو ڪنڌ لاڙيو ڪنهن وڻ جي
ٽاريءَ تي جهوٽا کائيندا رهندا آهن. هونئن به سنڌ
۾ ڀنگ جو واهپو عام جام هئو. اوتارن تي ته ڏنڊن
ڪونڊن جو استعمال ٿيندو هو ليڪن ڪيترين اوطاقن
بلڪه گهرن ۾ به ڀنگ پيئڻ جو شوق نظر ايندو هو. نه
صرف ايترو، پر سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳن تي اها ٻوٽي
عام جام ملندي هئي، ايتريقدر جو هي گانو به مشهور
ٿي ويو:
تون ڀنگ پي، اڙٻنگ ٿي،
عاشق قلندر مست چئه.
هن جڙي ٻوٽيءَ جو احوال قديم دور ۾ به ملي ٿو.
بغداد ۾ عباسي خلافت واري دور ۾ حسن بن صباح جو
قصو مشهور آهي، جيڪو چون ٿا ته نظام الملڪ طوسي ۽
عمر خيام جو هم ڪلاسي ۽ مشرق وسطيٰ جي پهاڙي
علائقن ۾ هڪ حسين جڳهه کي چونڊي پنهنجي رهڻ جو لڪل
هنڌ جوڙيو هئائين. جتي هن پنهنجي تجربي سان ڀنگ
جي پوک جا ڪئين قسم معلوم ڪيا ۽ انهن جي وسيلي
ڪيترن ئي نوجوانن کي مدهوش ڪري، هنن جي ذريعي
پنهنجي مخالفن، جن ۾ وڏو تعداد عالمن جو هو، تن کي
قتل به ڪرايائين. ڀنگ کي عربيءَ ۾ حشيش چوندا آهن،
تنهنڪري اهڙن قاتلن کي حشيشين چيو ويندو هو ۽ ان
مان ئي لفظ اسيسينيشن يعني سياسي قتل ٺهيو آهي.
بهرحال اسان به ڀنگ گهوٽجندي، ڇاڻجندي ۽ پيئجندي
ننڍپڻ کان ئي پيا ڏسندا اچون، جڏهن ته اسان پاڻ
وري ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽيل ٿاڌل سان ئي جگر ٿڌو ڪندا
رهياسين، جنهن ۾ خس خس، گلاب جون پتيون، ڪارا مرچ
وغيره وجهبا هئا ۽ گرمين جا ساهه ٻوساٽيندڙ ڏينهن
ٿاڌل جي هڪ ٻن گلاسن پيئڻ سان ڪجهه سولائيءَ سان
گذاري سگهبا هئا. خاص ڪري رمضان ۾ ٿاڌل ڏاڍي
ڪارائتي ۽ مزيدار لڳندي هئي.
هالا پراڻا ۾ توڙي سيوهڻ، اوٻاوڙي ۽ ٻين هنڌ شام
جو روز ٿاڌل ضرور گهوٽائبي هئي ۽ ان ۾ برف وجهي
گلاس جا گلاس پيئندا هئاسين. خود آءُ، منهنجو وڏو
ڀاءُ مشتاق توڙي سوٽ بشير ۽ ظهير شام جو وڏي اڱڻ
تي ويهي ٿاڌل گهوٽيندا هئاسين ۽ پوءِ سڀني کي ٿڌي
ٿاڌل پياري شامون ٺاريندا هئاسين. پنهنجي اوطاق تي
عدلو ڪوٽار ۽ هن جا ڀائر نصير ۽ ربڏنو توڙي اُستي
الهڏني جو پٽ اُستو اسماعيل پڻ ٿاڌل ٺاهي
پيئاريندا هئا ۽ ڀرپاسي ۾ وري ڀنگ جا دور به پيا
هلندا هئا، جن جي خبر مون کي پوءِ پئي.
حيدرآباد شهر ۾ به ٿاڌل جو گهڻو زور هو، اڃا حڪيم
معاذ واري ٿاڌل جا شيشا ڪونه نڪتا هئا ۽ نه وري ڪو
ٿاڌل جي مسالي کي گرائينڊ ڪري پاڻيءَ ۾ وجهي پيئڻ
جو رواج پيو هو، جيڪو مونکي سڀ کان پهرين منهنجي
پياري دوست رشيد انصاريءَ ٻڌايو هو، پر گهوٽيل
ٿاڌل ۽ گرائينڊ ڪيل ٿاڌل ۾ زمين آسمان جو فرق هو.
اسان جي پاڙي الهداد چنڊ ڏانهن ويندي ٽئين نمبر
تلاءُ جي منهن تي، رستي جي ڪناري سان ڊاڪٽر وجيهه
القمر جي ڊسپنسري هئي، جنهن جو پٽ ”سيموئل شڪوه“
منهنجو دوست هو. ان ڊسپنسر جي ٻاهران ڀت وٽ حاجي
ٿاڌل وارو اونهاري ۾ صبح ساڻ ٿاڌل ٺاهي، ڪاٺ جي هڪ
کوکي تي گلاس ڀري رکندو هو ۽ آني يا ٻن آنن ۾ اهو
گلاس پي آءُ منهنجو ڀاءُ منظور توڙي ڄام ساقي
ايندي ويندي اندر جي باهه کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪندا
هئاسون. ڄام ان بعد به ڪافي وقت مون وٽ رهيل هو،
حالانڪ هن جو مامو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
ڊرائيور به هو، پشوري پاڙي ۾ ئي رهندو هو، تنهنڪري
ڄام ساقي اتان ايندو ويندو رهندو هو.
شاهي بازار ۾ به فقير جي پڙ وٽ هڪ ٿاڌل وارو گاڏي
تي سڪل ميوا، ڦوٽا، باداميون ۽ پستا مختلف ٿالهين
۾ رکيو ٿاڌل جي گهوٽ گهوٽان لڳايو ويٺو هوندو هو ۽
اسين به اتان لنگهندي ٿاڌل ضرور پيئندا هئاسين. هن
جي ٿاڌل واقعي ٿڌڪار کي دل تائين پهچائي ڇڏيندي
هئي. وري جو اڃا ڪمند جي رس يا انبن جي جوس جو
رواج ڪونه پيو هو ته اها ٿاڌل ئي هوندي هئي جيڪا
سستي ۽ مزيدار مشروب جي حيثيت رکندي هئي.
ٿاڌل ته خير اسين پيئندا هئاسين، پر ڀنگ جا شوقين
پنهنجو ماڳ ڳولي وٺندا هئا، ان جو اندازو مونکي
تڏهن ٿيو جو هڪ دفعي اسلام آباد ۾ ڪيترن سنڌي
اديبن ۽ شاعرن سان وڃڻ ٿيو ۽ گهمڻ دوران ڏٺم ته
هُو ڪجهه جڙي ٻوٽيون پٽي چٻاڙي کائي رهيا هئا،
منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائون ته اها ڀنگ جي ٻوٽي آهي،
جيڪا اتي اڳي ئي رهيل سنڌي جوانن هنن کي ٻڌائي
هئي، انهن مان ڪيترا ته هاڻ هن دنيا ۾ ناهن باقي
جيڪي آهن تن جا نالا نه لکڻ ئي بهتر آهي. باقي اها
خبر اٿم ته هُو جي اسلام آباد ايندا آهن ته ٻيو ڪم
ڪار يا گهمڻ ڦرڻ جو شوق ته هوندو اٿن پر خاص شوق
انهي ٻوٽيءَ کي چٻاڙڻ جو به اٿن، جيڪا اتي عام جام
ٿئي ٿي. بلڪه هاڻ ته هر هنڌ ٿي ملي تڏهن ته بوبڪن
جي مشهوري گهٽجي وئي آهي.
جڙي ٻوٽين تي ياد آيو ته ڪنهن ڪتاب ۾ مون سيوهڻ جي
هڪ اهڙي شخص جو ذڪر لکيو آهي، جنهن هڪ جڙي ٻوٽي هٿ
ڪري، ڪرن ڦل سان ان مان نهايت خوشبودار ۽ ٿڌڪار
پهچائڻ وارو شربت ٺاهيندو هو، جنهن لاءِ هن بابا
کان اجازت وٺي هڪ کنڊر نما گهر ۾ اچي ديرو ڄمايو
هو. ان سال 1955ع ۾ رمضان جو مهينو سخت گرميءَ ۾
آيو هو ۽ وري سيوهڻ جي گرمي، جن ڏٺي هوندي سي ئي
ان جو اندازو لڳائي سگهندا، اهڙي موسم ۾ هو هڪ
شيشو روز اسان کي ڏياري موڪليندو هو، جنهن شربت
پيئڻ سان اندر ۾ ٿڌڪار ٿي ويندي هئي، بلڪل اهڙيءَ
طرح سنڌي شعبي جو هڪ ڪارڪن محمد ابراهيم جيڪو
منهنجي ماميءَ جي ڀاءُ هجڻ جي ناتي ڄڻ ته منهنجو
عزيز به هو، تنهن ڄام شوري ۾ هڪ جهنگلي ٻوٽي ڳولي
ڪڍي هئي، جنهن جي چانهه ٺاهي پيئاريندو هو.
سنڌي شعبي جو هڪ استاد ڊاڪٽر غلام حسين پٺان ان
چانهه جو شيدائي هو ۽ اسين به اها پيئندا هئاسين.
پوءِ محمد ابراهيم جي وڃڻ سان اها چانهه به هلي
وئي ته پٺاڻ صاحب به رٽائر ٿي وڃي گهر ڀيڙو ٿيو.
محمد ابراهيم جو ذڪر ڪيو اٿم ته ضروري آهي ته
ٻڌايان ته هي جاکوڙي انسان ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو هو ۽
پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو. اتان رٽائر ٿي اچي سنڌي شعبي
۾ لڳو جتي هُو استادن جي هر سهولت جو خيال رکندو
هو نه صرف استادن ۽ شاگردن جو، پر هُو اسان جي
سنگت ساٿ جو به خيال ڪندو هو. چانهه ٺاهي پيئارڻ،
عزت ۽ مانُ ڏيڻ، اها هن ۾ ڏات هئي، وري به هُو
يونيورسٽيءَ جي وقت کان پوءِ حيدرآباد ۾ سونارڪي
گهٽيءَ ۾ حُسنو درزي، جيڪو سندس بچپن جو دوست هو،
تنهن وٽ وڃي قميصن ۾ بٽڻ ٽانڪڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ ان
آمدنيءَ مان ئي هن پنهنجي ڌيءَ کي تعليم به ڏياري.
اهو وقت جڏهن فلم کانپوءِ ريڊيو ئي تفريح جو وڏو
ذريعو هوندو هئو ۽ گڏوگڏ خبرن ۽ تقريرن ذريعي ملڪي
۽ غيرملڪي حالات توڙي فڪري ترقيءَ بابت به گهڻو
ڪجهه اتان ئي حاصل ٿيندو هو، تڏهن ريڊيو، جيڪي
بيٽري تي به هلندا هئا ته وري جتي بجلي هوندي هئي
اتي اي سي / ڊي سي ڪرنٽ ريڊيو هلندا هئا. فلپس،
گرينڊڪ ۽ ٻيا ڪئين سستا ۽ مهانگا ريڊيا دڪانن تي
رکيل هوندا هئا، پر اڃا اها جنريشن به هئي جنهن
گرامو فون تي رڪارڊ ٻڌڻ لاءِ، چاٻيون ڀريندي،
سُيون مٽائيندي وقت گذاريو هو، تنهنڪري ريڊئي جو
مانُ اڃا به وڌيڪ ٿي ويو هو، جنهن ۾ رڳو بٽڻ
ڦيرائڻ سان ماڻهو ڪٿان کان ڪٿي وڃي پُڄندو هو.
ريڊيو ڪراچيءَ جا پروگرام ته ضرور ٻڌبا هئا، جن جو
ذڪر مون گهڻو ڪيو آهي ۽ سلون جي ڪمرشل سروس ته ڄڻ
ريڊيو جي جان هوندي هئي، جنهن تان هر عمر جي ماڻهن
لاءِ خاص قسم جا گانا انوکي بول کان شاستريه سنگيت
تائين رات جو دير تائين پيا ٻڌبا هئا ته وري بي بي
سي جون خبرون ۽ پوءِ سيربين پروگرام کي ڏاڍو گهڻو
ٻڌندا هئاسين.
هي بيشڪ مزيدار معلوماتي ۽ تفريحي پروگرام هوندا
هئا، پر اسان کي ميڊيم ۽ شارٽ ويوَ تي
(Medium and Short Wave)
رات جو دير دير تائين ريڊيو جا بٽڻ ڦيرائيندي مزو
ايندو هو. جيستائين ڪا اسٽيشن نه هٿ اچي، ايستائين
ريڊيو مان عجيب قسم جا شا..... شون، جهڙا آواز ٻڌي
سمجهبو هو ته اهي ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق جا آواز
آهن، ائين بٽڻ گهمائيندي ريڊيو آزاد ڪشمير جا
پروگرام به ٻڌبا هئا، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نغمو
ڪشميري زبان ۾ ايندو هو ۽ اردو ۾ هڪ سٽ مونکي ياد
آهي:
ميري وطن، ميري وطن
هيءُ سٽون ڏاڍيون تڪليف ڏيندڙ هونديون هيون، ڇو جو
انهن ۾ ڪشمير جي مسلمانن جي غلاميءَ جي درد ۽ پيڙا
سمايل هوندي هئي. هيءَ اسٽيشن مظفرآباد ۾ هوندي
هئي ۽ گهڻا پروگرام هندستان خالف پروپئگنڊا تي ٻڌل
هوندا هئا. ان کانسواءِ ٻيو ريڊيو جنهن تان پشتو ۽
اردو پروگرام ايندا هئا. اهو هو ڪابل ريڊيو، جنهن
تان انائونسمينٽ پشتو ۾ ٿيندي هئي پر هندستاني
فلمن جي گانن وارو فرمائشي پروگرام ايندو هو، جيڪو
دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئاسين.
ريڊيو جو اهو سحر هاڻ ته صرف اسان جي دلين ۾ رهيو
آهي، ليڪن سچ ته منهنجي اندر تخيل ۽ تصور جي دنيا
جا رنگ ريڊيو جي آوازن ۽ موسيقيءَ ئي پيدا ڪيا،
جتان ڪڏهن نوجوانن مردن، ته ڪڏهن عورتن جي لطيف
آوازن ۾ جڏهن ڪو پروگرام ايندو هو ته آئون ذهن ئي
ذهن ۾ هنن کي نقش و نگار ڏيندو هوس. هيرو هميشه
سهڻا ۽ هيروئنون پرين جهڙيون هونديون هيون. پوءِ
جڏهن ريڊيو سان ذاتي واسطو پيو ته اهو جادو صرف
هنن جي آوازن جو هو ۽ ريڊيو تي هر ڪو ڪم نه ڪري
سگهندو هو. تقريرن کانسواءِ خبرن ۽ ڊرامن تائين
آواز جا امتحان جنهن کي آڊيشن چوندا هئا، ورتا
ويندا هئا.
آوازن جي هن دنيا جا ڪيترا ڪردار ايترا ته مشهور
ٿيا جو ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ ريڊيو اسٽيشنن جي
ٻاهران بيٺا هوندا هئا. انهن تي فلمون به ٺهيون.
راجڪپور ۽ ريحانه جي فلم سنهري سپني ۽ مڌو بالا جي
برسات ڪي ايڪ رات پاڪستاني توڙي هندستاني ڪيترين
ئي فلمن ۾ ۽ ان قسم جون ڪهاڻيون هونديون هيون ته
ڪا عورت صرف ريڊئي تي گانو يا شعر ٻڌي عشق ۾ مبتلا
ٿي ويندي هئي يا وري ڪو مرد صرف عورت جي آواز تي
موهت ٿي وڃي ريڊيو اسٽيشن جا چڪر ڪاٽيندو هو.
ڪراچي ريڊيو جو هڪ مشهور صداڪار سليم احمد، جنهن
تمام گهڻن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، اهو جڏهن فلم سالگره ۾
آيو هو ته مونکي حيدرآباد ريڊيو جي سينئر هي
پروڊيوسر ٻڌايو ته هن جي آواز تي ڪيتريون عورتون
موهت ٿي هن کي ڏسڻ لاءِ بندر روڊ تي ڪراچي ريڊيو
اسٽيشن جي در تي اچي بيهنديون هيون ۽ هُو ڪڏهن
ڪڏهن ريڊيو اسٽيشن جي پوئين پاسي کان ڀِت ٽپي ڀڄي
ويندو هو.
ريڊيو جا اهي جادوئي ڏينهن ته وري واپس نه ٿا اچي
سگهن، پر جيڪڏهن ريڊيو تان وري موسيقي، راڳ ۽
ڊرامن جو ڪو نئون دور شروع ٿئي ته ٿي سگهي ٿو هن
حيرت انگيز سائنسي ايجاد کي ڪجهه آڪسيجن ملي وڃي.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بيهه، مڇي ۽ لُهڙ، سمي ويندا سوکڙي.
هن شعر کي پڙهڻ سان مونکي محسوس ٿيو ته شاعر به هن
ئي دنيا جو هڪ رهواسي آهي. اهو جو چيو ويندو آهي
ته شاعر پنهنجي تخيل جي دنيا ۾ رهي ٿو ته پوءِ هن
شاعر اهي لفظ ڪيئن چيا جنهن ۾ هاڪڙو ندي، اروڙ جي
ٻنڌ، بيهه، لُهڙ ۽ مڇيون، بادشاهه جو ذڪر ۽ سوکڙين
ڏيڻ جو ذڪر آهي، اهي هڪ ئي وقت ۾ سنڌ جي هڪ دور،
سمن جي دور، جي تاريخ، جاگرافي ثقافت ۽ سماجيات نه
آهي؟
هيءُ سڀ شيون هن وقت به موجود آهن، پر سمن جو دور
حڪومت نه رهيو آهي باقي سمان ضرور موجود آهن، جيڪي
هاڻ بيهه، مڇي ۽ لهڙ گاڏي وارن کان يا دڪانن تان
خريد ڪري کائيندا هوندا. مون ته هاڻي ڪُم به گاڏن
تي ڏٺا آهن، جيڪي ڍنڍن ۾ بيهن ۽ پٻڻ سان گڏ ٿيندا
آهن ۽ لاڙ جا غريب ڪنهن زماني ۾ ڪُمن کي سڪائي ان
جا ٻج پيهي ماني پچائي کائيندا هئا ته پٻڻ، بيهه ۽
ٻوراني يعني ٻور مان ٺهيل، جيڪا هينئر به ٽنڊي
محمد خان ۾ جام ٿي ملي ٿي، ۽ ننڍپڻ ۾ اسين اها
بزار مان خريد ڪري کائيندا هئاسين، سڀ موجود آهن.
هاڪڙي نديءَ جا اهڃاڻ به ملي ويا آهن، ساموڻين
ڏانهن منسوب ٿيل هي شعر، جڏهن سنڌ جو حاڪم ڄام
گرفتار ٿي دهلي اماڻيو ويو هو ته ان لاءِ اڳڪٿي
طور چيو ويو هو.
سنڌ ۾ جڏهن مشهور تعليم دانن جو ذڪر ٿئي ٿو، جن ۾
سائين غلام حسين بالادي، سائين ڌرمداس ورياڻي،
غلام رضا ڀٽو، فتح محمد قريشي، آئر صاحب، غلام
حسين سومرو.... تنيو ۽ ڪيترن ناميارن هندو ۽
مسلمان استادن جن ۾ ڊاڪٽر ڊيوآرٽ جو نالو نه وٺڻ
وڏي ناانصافي ٿيندي.
مون ڊيوآرٽ صاحب کي 1962ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج ۾ ڏٺو
هو جتي هُو اڪثر اسان جي انگريزيءَ جي استاد
پروفيسر حامد علي خان کي انگريزي شاعريءَ جا ميٽر
سمجهائيندو هو ۽ صحيح اُچار سيکاريندو نظر ايندو
هو. هن جي شخصيت نهايت سادي سودي هوندي هئي ۽ ساڻس
منسوب ڪجهه قصا به ان وقت معلوم ٿيا هئا. جنهن ۾
سندس ڌيءُ جو ڪنهن پوليس آفيسر سان واسطو ٿيڻ ۽ ان
سان شادي ڪري مسلمان ٿيڻ جو واقعو به شامل آهي.
ليڪن هاڻ تازو جڏهن حيدرآباد جيم خانه ۾ هڪ دعوت ۾
جتي نظير قاسمي ۽ اعجاز قريشي به موجود هئا، هن جي
باري ۾ اڃا به وڌيڪ خبرون پيون. اهو به ته هو گوا
۾ پيدا ٿيو هو ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ به
استاد ۽ پرنسپال رهيو هو. نطير قاسميءَ هن جا
ڪيترا گروپ فوٽو به ڏيکاريا هئا، ان طرح هڪ وڏو
استاد وري ياد آيو، جنهن جو اڳتي تفصيلي ذڪر ڪبو.
ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي ته جي آءُ هينئر ننڍو هجان
ها، جوان هجان ها ته ضرور ڪرڪيٽ ۽ والي بال يا فٽ
بال سکان ها. جيئن ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ رنگ گيم
کيڏڻ ۾ مزو ايندو هئم، پر ڪڏهن به مستقل مزاجيءَ
سان اهي رانديون جاري نه رکي سگهيس. ايتريقدر جو
اسڪولن ۾، پر سڀ ڪيم ۽ سچل سائنس ڪاليج جي راندين
۾ به حصا ورتم، پر خبر ناهي ڇو مستقل مزاجيءَ سان
رانديون نه کيڏي سگهيس، لکندو رهيس، پڙهندو رهيس،
مون کان ٽيبل ٽينس ۽ بيڊمنٽن ڪڏهن به وسري ڪونه،
پريس ڪلب ۾ مسلسل کيڏندو رهيس، لا ڪاليج جي ڪامن
روم ۾ کيڏندو هوس. منهنجا دوست اهڙا به هوندا هئا
جيڪي راندين جا شوقين هئا. مسعود به ٽيبل ٽينس جو
سٺو کيڏاري هو ته اقبال قريشيءَ ته مون کي سالن جا
سال راندين جي ميدان تي، پوءِ چاهي ڪرڪيٽ هجي يا
هاڪي، والي بال يا فٽ بال ۽ ٽيبل ٽينس انهن جي
ٽيمن جو انچارج به ڪيو، ڪوچ به رهيس ۽ پاڪستان جي
مختلف يونيورسٽين، لاهور ۾، اسلام آباد ۾ به ٽيمون
وٺي ويس، پر پاڻ رانديگر نه ٿي سگهيس. بس اقبال،
ياسمين، حنيفه اختر شاهه ۽ ٻين کان صلاحون وٺي ڪم
هلائيندو رهيس ۽ هاڻ جڏهن سکڻ جو وقت ئي گذري ويو
آهي، دل چوي ٿي ته وري ايترو وقت ملي جو اهي
رانديون سکي وٺان، لکي لکي هڪ رنگي زندگيءَ جو
عادي بڻجي ويو آهيان، ليڪن هاڻ تبديلي ٿو چاهيان،
ايتري قدر جو چاهيان ٿو ته ڪار به هلايان جيڪا وڏي
عرصي کان مون ڊرائيو ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، اهي ٽنڊي
يوسف کان گرو نگر ۽ پنهنجي شهر کان تلڪ چاڙهي، ڄام
شورو، ان وقت جيترو شهر هو ايتري گاڏي آءُ پاڻ
ڊرائيو ڪندو هوس ۽ هاڻ جڏهن گاڏيون به نيون آهن،
منهنجا پٽ، پوٽا، پوٽيون، ڏهٽا، ڀائر ۽ انهن جو
اولاد گاڏيون هلائين ٿا، آءُ چاهيندي به نه ٿو
هلائي سگهان، پر هاڻ چاهيان ٿو ته آءُ پاڻ گاڏي به
ڊرائيو ڪريان، ته جيئن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پسند جي
ڪنهن ساٿيءَ کي اڪيلو وٺي وڃي مٽياري جي آئسڪريم
کارايان، ڇو جو جڏهن آءُ پاڻ ڊرائيو ڪندو هوس تڏهن
وري اهڙا ساٿي ڪونه مليا.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي منهنجي پٽ چيو ته،
”ڊيڊي توهين گاڏي هلايو ها نه؟“ ته هن جي ماءُ
چيو: ”چڱو جو نه ٿو هلائي، ته خبر ناهي ڪنهن ڪنهن
کي پيو گهمائي ها.“ هاڻ ته هوءَ به ڪانهي، پر هن
جي ڳالهه اڄ به ياد اٿم.
ورهاڱي کان گهڻو اڳ جهوناڳڙهه جي راجا هڪ ڪاليج
کوليو هو، جنهن ۾ غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏني
ويندي هئي. ان تعليم جو معيار ايترو ته سٺو هو جو،
سنڌ مان به ڪئين شاگرد اتي تعليم حاصل ڪرڻ ويندا
هئا، جڏهن ته ان وقت مسلم عليڳڙهه ڪاليج جو وڏو
نالو هوندو هو ۽ سنڌ مان به ڪيترا ماڻهو ڪهي اتي
ويندا هئا، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به شامل هو.
ليڪن بابا (قاضي محمد لائق)، حفيظ قريشي، چاچا فتح
الله ۽ ٻيا ڪيترا قاضي جهونا ڳڙهه جا جبل جهاڳي
آيا هئا.
چاچا غلام قادر ٻڌايو ته بابا اتي ٿورو وقت رهيو.
ان دوران ڪاليج وارن چاچا فتح الله کي ميس جو
انچارج مقرر ڪيو هو، ڇو جو هو طبيعت جو ڪنجوس
هوندو هو، تنهن ڪري پئسو سنڀالي استعمال ڪندو هو.
ٻئي طرف بابا جهونا ڳڙهه جا قصا مزي سان ٻڌائيندو
هو ته اتي ڪيئن ڀولڙا ۽ باندر هر هنڌ، رستن تي
بازارن ۾ ۽ وڻن تي نظر ايندا هئا، جيڪي ماڻهن جي
هٿن مان شيون کسي ويندا هئا. ايتري قدر جو هڪ دفعو
کانئس آئسڪريم به ڦري ويا.
بابا اسان کي ٻڌايو هو ته ڪيئن جيپور جي مهاراجا،
جيپور کان ننڍي لائين
(Small guage)
ريلوي حيدرآباد تائين هلائي هئي. جنهن کي پوءِ به
گهڻو وقت راجا واري گاڏي چئبو هو، جيڪا پاڪستان
کانپوءِ گهڻو وقت حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ پوءِ
گڏڙو تائين هلندي رهي ۽ ميرپوخاص کان جهڏي، ڪنري
۽ نئون ڪوٽ به اهڙي لائين وڇائي وئي ۽ ٻئي طرف
نوابشاهه کان سنڌ جي اندرين علائقن تائين، اهي
ننڍڙيون ريلون هلنديون رهيون.
خاص ڪري حيدرآباد کان راجا واري گاڏي ۽ مئن ٽرين
جيڪا اترين علائقن ڏانهن ويندي هئي ۽ براڊ گيج تي
هلندي هئي، انهن جا رستا گڏ هوندا هئا جيڪي ”ڏيٿا“
اسٽيشن کان جدا ٿي، راجا واري گاڏي ميرپورخاص
ويندي هئي ۽ تيزگام، شاهين ۽ تيزرو جهڙيون گاڏيون
وڏي پٽي تي مئن رستو وٺنديون هيون. ائين لڳندو هو
ڄڻ وڏي ڀيڻ ۽ ننڍي ڀيڻ جدا جدا رستن تي هليون
وينديون هيون.
اسان به راجا واري گاڏي جا خوب مزا ورتا،
ميرپورخاص توڙي جهڏي ۽ ڪنريءَ جا چڪر ته هنياسين ۽
جهڏي جي ننڍڙي، پر صاف سٿري اسٽيشن جيڪا بابا جي
نوڪريءَ جو آخري سفر بڻي، انڪري جو 1959 ۾ بابا
جهڏي جي ائڊمنسٽريٽر طور رٽائر ڪيو. جهڏو، ٽنڊي
آدم کان پوءِ ٻيو نهايت صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر
هو. جهڏي ۾ پوءِ ڪئين دفعا ويس، پر خبر ناهي اکين
ڇا ٿي ڏسڻ چاهيو، هِت ته رڳو ڌوڙ هئي ۽ ماڻهن جا
هجوم.
هالن پراڻن جي وڏن وشال اڱڻن تان جڏهن سج جي سواري
پنهنجو آب تاب ڏيکاري الهندي ڏانهن سرڪڻ لڳندي هئي
۽ ڀتين تان لهي آهستي آهستي ڇانوَ کي جاءِ ڏيندي
هئي تڏهن اسان جي قاضي محلي جا اڱڻ شهر مان هلڻ
لاءِ ايندڙ ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن سان ڀرجي ويندا
هئا ۽ چوطرف خوشيءَ جا رنگ وکري ويندا هئا. عورتون
پنهنجي ساهيڙين قاضياڻين سان ملڻ اينديون هيون ته
ٻار وري ڦوڪڻا، چڻا، کيمچا ۽ ٻيون شيون کڻي وڪڻڻ
پهچي ويندا هئا. انهن اچڻ وارين ۾ هڪ نهايت سهڻي
عورت به هوندي هئي جيڪا ڄائي ڄم گونگي هئي. هُو
اشارن سان ڳالهائيندي هئي ۽ منهنجون پڦيون هن سان
اشارن ۾ ئي ڪچهريون ڪنديون هيون.
پهرين ته آئون ان گونگيءَ کي پسند نه ڪندو هوس ته
ڊڄندو به هوس ڇو جو اسين ڪنهن ڊپ واري انسان کي
گونگو چوندا هئاسين ۽ امان جن به اسان کي ننڍپڻ ۾
گونگي جو ڊپ ڏئي جلدي سمهاري ڇڏينديون هيون وري جو
نگينه فلم ۾ هڪ پراسرار حويليءَ ۾ هڪ هيبتناڪ
انسان ڏٺم جنهن کي سندس مالڪ، ”گونگا“ ڪري سڏيندو
هو ته هيڪاري ڊپ لڳندو هئم. ليڪن اڄ به جڏهن ان
خوبصورت گونگيءَ جو سوچيان ٿو ته ڏاڍي ڪهل ٿي اچيم
ته هُوءَ ويچاري سونهن ۾ سرس هوندي به ڪجهه ڪڇي نه
سگهندي هئي. هن جي اکين ۾ ڪي افسانا نظر ايندا
هئم، جيڪي ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم جو ڏيک ڏيندا هئا، پر
ڇو جو آءُ عمر ۾ ننڍو هوس تنهنڪري ان کان وڌيڪ
سوچي نه سگهندو هوس.
گونگي حسن کي ڏسڻ کانپوءِ مون کي ائين لڳندو هو،
ڄڻ سهڻا ماڻهو گونگا ٿيندا آهن، پر پوءِ خبر پئي
ته سهڻا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن سامعين کي به گونگو ڪري
وجهندا آهن. ٻيو اهو ته سونهن ڪنهن ذات، ڪڙم يا
قبيلي جو ورثو ناهي، نه ئي ڪو سونهن دولتمندن جي
جاگير آهي. مونکي ته پاڻ غريبن ۾ سونهن وڌيڪ نظر
آئي، انهن مان ڪن جو مون ذڪر به ڪيو آهي، ليڪن ڪن
جو ذڪر ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن.
اسان جو هڪ واقفڪار جيڪو شڪل جو ڪو خاص چڱو نه هئو
نه ئي ڪا ٻي خوبي هئس، تنهن لاءِ ڪنوار پئي
ڳوليائون. همراهه به چئي ته مونکي ڪنوار کپي هيري
جي ڪڻي. ان تي اسان جي پاڙي جي هڪ شاهه صاحب، جيڪو
نهايت ڏاهو ۽ وقت کي سڃاڻڻ وارو شخص هو، تنهن چيس،
”پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي تڏهن، وري گهرين ٿو حُور
پري!“ ان تي هن وراڻيو، ”ڇا ڪريان پنهنجي شڪل نه
ٿي وڻيم تڏهن ته چوان ٿو ته من گهر ۾ ڪا حور پري
اچي ته ڏسي دل ٺارجي.“
مونکي حيرت ٿي لڳي ته اسان جي ننڍپڻ واري دور ۾
شاديءَ ۾ مرد جي عمر کان وڌيڪ هن جي ٻين خوبين کي
ڏٺو ويندو هو. ٻئي طرف اهي مائٽ جن جون نياڻيون
وڏيون ٿيڻ لڳنديون هيون، اهي چاهيندا هئا ته بس
نياڻيءَ جي شادي ٿي وڃي. مڙس ڀلي ته ڪهڙي عمر جو
هجي. ان جو مونکي ذاتي تجربو به آهي ڇو جو اسان جي
هڪ وڏي عمر جي استاد کي جڏهن اسان جي ئي واقفڪارن
پنهنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ پئي ڏني ته مون کي ڳالهه نه
وڻي. ليڪن هنن چيو ته ادا نياڻيءَ جو بار لهي، مڙس
۽ گهوڙو ڪڏهن پوڙها ڪونه ٿين.“ اهڙيءَ طرح ڪيترا
گهوڙا ۽ گڏهه به نوازجي ويا.
ڊرائيو ڪندو هجان ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن کي پيو
گهمايان ها، ڪم از ڪم ان کي ته پاڻ وٽ روڪي سگهان
ها، جنهن مون تي هڪ شخص کي صرف ان ڪري فوقيت ڏني
جو هن وٽ ڪار به هئي ته هلائيندو به پاڻ هو ۽ جڏهن
وري موٽرن جو دور آيو ته هوءَ تمام پري وڃي چڪي
هئي.
دل به تمنائن جي کاڻ آهي. تمنائون کٽن نه ٿيون ۽
خواهشون هر وقت اڳيان پٺيان پيون هلن، اهو ڄاڻن ئي
نه ٿيون ته هاڻ منهنجا قدم هنن جو ساٿ نه ٿا ڏئي
سگهن، صرف ايتري ئي سگهه بچي آهي جو انهن خواهشن
جي خوشبو کي محسوس ڪري سگهان، انهن جا خواب ڏسي
سگهان ۽ ان وقت تي افسوس ڪري سگهان، جڏهن آءُ ڪار
ڊرائيو ڪري سگهندو هوس ته راندين ۾ ڪوچ ۽ انچارج
ٿيڻ تائين واسطو رکي سگهندو هئس.
هاڻ فلم آهي ۽ آءٌ، دنيا بدلجي وئي آهي، پر اهي نه
بدليا آهن، اڄ به مون سان پيار ڪن ٿا، اڄ به
منهنجا ساٿي آهن. بلڪه مون کي دنيا سان ڳنڍائي پيا
هلن.
اڄ 4- جنوري 2019ع تي مون کي پنهنجي تمام ويجهي
مائٽ قاضي آفتاب جي وفات جي خبر پئي، جيڪو نه صرف
منهنجي ننڍپڻ جي يادن جو هڪ ڪردار هو ۽ جوانيءَ جا
ڀرپور ڏينهن حيدرآباد ۾ رهندي، ڪراچي ۽ نوابشاهه
جا چڪر ڪاٽيندي گذارياسين، بلڪه جنهن سان ڪيترا
دلچسپ ۽ مزيدار ۽ اهم واقعا منهنجي يادگيرين جي
ڪتاب ۾ پکڙيا پيا آهن، هُو منهنجو دوست به هئو ۽
ڀيڻويو به هئو.
آفتاب، جيڪو اسان جي چاچي قاضي محمد ايلياس (هڪ ئي
وڏي ڏاڏي جي شجري سان واسطو رکندڙ) قاضيءَ جو پٽ
هئو، جيڪو نوابشاهه جو هڪ وڏو زميندار هو. هُو
پنهنجي پيءُ قاضي امين محمد جي وفات وقت صغير سني
باعث کيس بڇيريءَ ۾ اٽڪل پنجو سؤ ايڪڙ ٻني ۽
نوابشاهه شهر ۾ سول اسپتال جي سامهون هڪ وڏو پلاٽ
مليل هئو ليڪن هُو هالا پراڻا ۾ ئي رهندو هو.
آفتاب جو پيءُ، جيڪو منهنجي پڦيءَ جو گهر وارو به
هئو، تنهن پنهنجي پهرين زال ڇڏي، حيدرآباد جي پاڙي
ٽنڊي آغا مان شادي ڪئي ۽ اتي جو ئي ٿي ويو. بلڪل
ائين جيئن بابا، بدلي طور هن جي ڀيڻ کي ڇڏي،
الهداد چنڊ جي ڳوٺ مان شادي ڪئي ۽ اتي ئي پنهنجو
مرڪز بنايائين. اهڙيءَ طرح اسان جا والدين هالا
پراڻا جا هئا ته اسين وري حيدرآباد شهر ۾ وسي
وياسين.
اسان جو هڪ ٻيو چاچو حفيظ قريشي به وڪالت جي پيشي
۾ اچڻ ڪري پهرين ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي آفندي منزل
۾ وڃي رهيو، ليڪن پوءِ حيدرآباد ۾ پکا پير چاڙهيءَ
تي، خانبهادر عظيم خان جي گهر هيٺان آفيس ورتائين
۽ پنهنجي زال جي گذاري وڃڻ کان پوءِ خانبهادر جي
ڏهٽيءَ سان شادي ڪري، اهو به حيدرآبادي ٿي ويو ۽
آءُ، آفتاب ۽ هن جو وڏو پٽ نياز (شفيع زيغم)
منهنجي 1959 ۾ حيدرآباد اچي رهڻ کان پوءِ دوستيءَ
جي ڌاڳي ۾ پروئجي وياسين.ا ن سان گڏ بابا جي مامي
شفيع محمد قريشيءَ جو پٽ سليم، منهنجا ماسات ظفر ۽
نجمي به اسان جي ساٿ ۾ شامل هئا، انهن مان هڪڙا
گذاري ويا، ٻيا هميشه ساٿي رهيا ۽ هاڻ آفتاب به نه
رهيو.
مون آفتاب ۽ ٻين مائٽ دوستن سان جيڪي ڏينهن
گذاريا، جيڪي گهميو ڦريو، جيڪي فلمون ڏٺيون، تن جو
ذڪر آءُ تفصيلي ڪري چڪو آهيان، پر اصلي نُڪتو اهو
آهي ته ڪابه شئي هميشه هڪ جهڙي نه ٿي رهي. تبديلي
هر لمحي ۾ ٿيندي پئي وڃي. نه هاڻ اهي ماڻهو آهن نه
انهن جا اُهي وڏا جيڪي هميشه قرب جو احساس
ڏياريندا هئا، نه ئي اها حيدرآباد، جنهن جي هڪ هڪ
گهٽي ۽ هڪ هڪ رستي تي اسان جي قدمن جا اڻ ڳڻت نشان
گم ٿيل آهن.
دوست ته هر عمر ۽ هر وقت ملندا رهن ٿا ۽ وڇڙندا
رهن ٿا، پر جن سان زندگيءَ ڀر جو ساٿ رهيو، انهن
جو وڃڻ پنهنجي پٺيان ڪئين اڌورا داستان ڇڏي ٿو
وڃي. خاص ڪري جيڪي دوست، مائٽ به هجن، جن سان رت
جا رشتا به هجن، انهن جو درد وڌيڪ ٿئي ٿو.
مون کي آفتاب شيخ، عالم چند، ڄام ساقي، الطاف شيخ،
رسول بخش پليجي جو ڏک ته اڃا تائين آهي، پر
شمشيرالحيدري، نياز همايوني، رباني، خاص ڪري شيخ
اياز ۽ آغا سليم (هي ٻه ئي ته منهنجي دل تان لهن
ئي نه ٿا)، ممتاز مرزا، ظفر مرزا (ٻئي ڀائر ۽
منهنجا ماسات)، نياز (حفيظ قريشي جو پٽ)، علي
بابا، طارق اشرف، ثميره زرين، مولانا عبدالواحد
سنڌي، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تنوير عباسي، نجم
عباسي، باقر علي شاهه، قبول ابڙو ۽ ٻيا به ڪئين ۽
منهنجو وڏو ڀاءُ دادا مشتاق ۽ منهنجي گهر واري ته
ڄڻ اڃا به اندر ۾ جيئرا ويٺا آهن.
سنڌ ۾ سهڻي ماڻهو لاءِ لفظ استعمال ٿيندو آهي، سدا
ملوڪ ۽ سٺن افعالن ۽ عادتن واري ماڻهوءَ کي سلڇڻو
چوندا آهن. اهي لفظ گهڻو ڪري مائرون پنهنجي اولاد
لاءِ ڪم آڻينديون آهن، تنهنڪري اسين به پنهنجن
پيارن لاءِ اهي لفظ ڪم آڻيندا آهيون ۽ اهڙن خوبين
وارو منهنجو دوست پروفيسر ادريس خان به هن دنيا
مان هليو ويو.
منهنجي زندگيءَ ۾ صحافت، تعليم ۽ ادب جو وڏو حصو
رهيو آهي، انهن مان تعليم ۽ ادب سان گهڻي ۾ گهڻي
صحبت رهي آهي. ۽ ان کيتر ۾ ڪيترا سٺا دوست رهيا،
جن سان ڄڻ ته زندگي ڀر جو ساٿ رهيو، پروفيسر ادريس
خان به اهڙن دوستن مان هئو، جيڪو حالانڪه سائنس جو
استاد هو، مون کان سينئر به هو، ليڪن 1966ع کان
وٺي جڏهن هن سان دوستيءَ جو ناتو ٿيو ته اهو اڌ
صديءَ کان پوءِ به اهڙو ئي نئون نڪور هئو، جنهن کي
حيدرآباد جي صبح جي خوبصورت هوائن سان تشبيهه ڏئي
سگهجي ٿي.
هن سان منهنجي دوستي سچل سائنس ڪاليج ۾ شروع ٿي،
جتي آءُ بي.اي آنرز ڪري سنڌيءَ جو پارٽ ٽائيم
ليڪچرار مقرر ٿيو هوس ۽ هُو ان وقت جيتوڻيڪ
گورنمينٽ ڪاليج ۾ سينيئر استاد هو، ليڪن سچل سائنس
ڪاليج ۾ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ هوس، جتي هن جا سائنس
جا ساٿي ۽ دوست استاد، جن ۾ پروفيسر محمد حيات
ڪاڪا، پرنسپل عبدالحڪيم شيخ، پروفيسر زبيده قاضي ۽
ٻيا ڪيترا سائنس جا استاد هوندا هئا ۽ ان ئي وقت
هڪ ٻيو سائنس جو استاد جيڪو روس مان پي ايڇ.ڊي ڪري
آيو هو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو هو، ڊاڪٽر
شاهه نواز عارباڻي، اهو پڻ ان وقت کان ئي دوست
اٿم، پروفيسر ادريس خان، پروفيسر محمد حيات ڪاڪا ۽
پروفيسر شاهه نواز عارباڻيءَ سان دوستي واري ئي
دور ۾ پروفيسر قسيم بيگ چغتائيءَ سان به دوستي ٿي
۽ اسين نه صرف هڪٻئي وٽ ڪاليجن ۾ اچڻ وڃڻ لڳاسين
بلڪه ايجوڪيشن بورڊ ۾ امتحاني ڪم ڪرڻ لاءِ به
گڏوگڏ پيا هلندا هئاسين ۽ شامن جو جڏهن پڙهائي ۽
ٻين مصروفيتن مان ٿورو وقت ملندو هو ته گڏجي ڪڏهن
ڪراچي هوٽل، ڪڏهن رٽز، ڪڏهن پريم پارڪ ۾ ته ڪڏهن
پريس ڪلب ۾ حيدرآباد جي حسين شامن جو لطف وٺندا
هئاسين.
قسيم صاحب ته ڪافي وقت اڳ وفات ڪري ويو، ليڪن ڪاڪا
صاحب ۽ ادريس صاحب سان وڏو وقت گذريو. خاص ڪري جو
گورنمينٽ ڪاليج جي المنائيءَ جي تقريبات ۾ پروفيسر
نظير قاسمي ۽ ٻين دوستن احبابن ۽ جن ۾ ڪي منهنجا
اهڙا شاگرد به هئا جيڪي هن ڪاليج جا پرنسپل به
مقرر ٿيا جن ۾ محمد حسن ٿيٻو ۽ ياسين خان، ڊاڪٽر
ناصر شيخ ۽ ڪيترا سنڌي شعبي جا استاد به هئا،
تنهنڪري ادريس خان، جيڪو المنائي جو هڪ اهم رڪن
هو، تنهن سان هر فنڪشن ۾ ملاقاتون به ٿينديون هيون
ته وري شامون ڏيئلداس ڪلب جي لان تي چانهه پيئندي
۽ ماني کائيندي به گڏ گذاريندا هئاسين. هنن ٻنهي
استاد ساٿين ۽ دلي دوستن سان منهنجا گهريلو ناتا
به هئا ۽ هڪ ٻئي جي غم ۽ خوشيءَ ۾ به شريڪ ٿيندا
هئاسين.
هيءُ ٻئي دوست، خاص ڪري ادريس صاحب ۽ ڪاڪا صاحب
هميشه مسڪرائيندا نظر ايندا هئا چاهي جو هنن کي
ڪڏهن ڪاوڙ ضرور ايندي هئي پر چهري تي مسڪراهٽ اهڙي
ته مضبوطيءَ سان چنبڙيل هئي ان کي ڏسي مونکي هڪ
نهايت دلچسپ فلم ”دي سمائيلنگ مئن“ ياد ايندي هئي.
جنهن جو هيرو هميشه مسڪرائيندو ٿو رهي. ايتري قدر
جو جڏهن کيس وڏي ۾ وڏي تڪليف يا صدمو ٿو پهچي ته
به هن جي چپن تي مسڪراهٽ جو راڄ هوندو هو. دراصل
هن کي ننڍپڻ ۾ ڪي ڏوهاري اغوا ڪري ويا هئا ۽ هن جي
چپن جي ڪنڊن کي تشدد ذريعي اهڙي طرح ڪاٽي ڇڏيو
هئائون جو لڳندو هو ته هُو مسڪرائي پيو. هيءُ ٻئي
پيارا ساٿي ته قدرتي طور ان خوبيءَ سان نوازيل
هوندا هئا ۽ هميشه مرڪ سندن چهري تي چانڊوڪيءَ جي
روشنيءَ جيان پکڙيل هوندي هئي.
ڪاڪا صاحب سان ته ڪافي وقت کان ملاقات نه ٿي آهي
پر ادريس صاحب سان تمام تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون
هيون. خاص ڪري جو رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به هن تعليم
سان رشتو نه ٽوڙيو ۽ شهر جي هڪ بهترين ڪاليج جو
پرنسپل ٿي رهيو ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين ان
سان اهڙو نڀايائين جو سندس وفات جي ڏينهن ان ڪاليج
کي احترام طور بند رکيو ويو ۽ ان ڏينهن عيد ميلاد
۽ ٻيو ڪو فنڪشن رکيل هئو جيڪو پڻ ملتوي ڪيو ويو ۽
وڏن سان گڏ ننڍن ٻارن، جن ۾ منهنجا ڏوهٽا، ڏهٽيون
به شامل آهن، تن ڏاڍي ڏک سان پئي چيو، ”سر ادريس
گذاري ويو آهي، انڪري اڄ ڪاليج بند ڪيو اٿن.“
”سر ادريس گذاري ويو.“ هنن لفظن جي معنيٰ مونکي نه
پئي اچي، جيڪو ماڻهو پراڻن دوستن ساٿين ۽ ايندڙ
نسل جي ٻارن کي ياد ٿي ويو هجي. اهو گذاري سگهي
ٿو، مري نه ٿو سگهي. ادريس صاحب تي گهڻو لکبو،
يادن جو هڪ هجوم لائينون لڳايو بيٺو آهي.
اهي قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنديون آهن، جيڪي
دنيا سان قدم قدم سان ملائي نه هلنديون آهن ۽ نه
ئي وقت سان گڏ تبديل ٿيڻ جي سگهه هوندي اٿن. پوءِ
اهڙيون قومون پنهنجي ثقافت ۽ راند روند سان ڪمائي
ڪنديون آهن ۽ سدائين ڪنهن سرڪس ۾ ڪرتب ڪري ڪمائڻ
واريون حرڪتون ڪنديون آهن.
جديد دور جي تقاضا آهي ته ڪلچر سان گڏ سائنس ۾ به
ترقي ڪجي. سائنس سوسائٽيون ٺاهجن، جيڪي سرڪاري طور
پنهنجو سائنسي ترقيءَ جو ڪم ڪن. ايجادون ۽
دريافتون ڪن. صرف کنڊرن کي ترقي ڏيارڻ بدران نيون
عمارتون تعمير ڪن. مان ته چوان ٿو ته ڀلي اهڙا ڪم
ڪن، جن کي دنيا جا ماڻهو ڏسڻ اچن،
پر اسان جي ماڻهن کي به ان قابل بڻائين ته هُو
بنان ڪنهن سرڪاري بيساکي جي سهاري دنيا ڏسي سگهن.
اهو اسين صرف سائنسي ترقي ڪري بنجي سگهون ٿا. ڇو
جو دنيا ڌمالون هڻڻ کان اڳتي وڌي، چنڊ تائين پهچي
چڪي آهي، اسان کي به هن جهان کي تسخير ڪرڻ جو حق
آهي، صرف طاقت ناهي، قوت ناهي، اها پيدا ڪجي، اسان
کي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ڪرڻ بدران اسان کي
آفاقي بنائڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن. |