سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:15 

ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي

 

 

 

شاعر ۽ حڪيم- قاضي عبدالڪريم

]ولادت: 1899ع - وفات: 1978ع[

سنڌ ۾ يوناني طب جي سلسلي ۾ تاريخي ڪتابن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم  ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ يوناني طب جو گهڻو ئي چرچو ۽ چوٻول هو، جو اها وقت جي اهم ضرورت هئي. ليڪن صديون گذرڻ کان پوءِ به سنڌ جي طبي تاريخ تي ايترو ڪم ڪو نه ٿيو آهي، جيترو ڪرڻ کپندو هو، ۽ نه وري ڪا انهن طبيبن ۽ حڪيمن جي سربستي تاريخ ملي ٿي. شاهه جي رسالي ۾ ته ويڄن ۽ ڪُويڄن جو ذڪر به ملي ٿو.

ڪُٺيس ڪُويڄن، تَنَ طبيب نه گڏيا.

اِن سلسلي ۾ شاهه لطيف جا بيت ڪافي رهنمائي ڪري سگهن ٿا.

پير حسام الدين راشديءَ هڪ مقالو لکي، طبي تاريخ کي تاريڪيءَ جي تَرَ مان ڪڍي، اسان کي پنهنجي چند حڪيمن ۽ سندن فن کان ڪي قدر واقف ڪيو آهي. سندس اهو مقالو ابتدا ۾ ”روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر“ (16 نومبر 1957ع) ۾، ’سنڌ ۾ يوناني طب‘ جي نالي سان ڇپيو. بعد ۾ ساڳيو مقالو سندس ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ درج ڪيو ويو، جنهن کان گهڻو پوءِ حڪيم نياز همايونيءَ ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ تي، هڪ ضخيم ڪتاب، ساڳئي ئي عنوان سان لکي، مذڪوره تاريخ کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشني بخشي آهي. منجهس سنڌ جي مختلف پهلوئن کي دور وار اجاگر ڪري روشني وڌي اٿس. هن ۾ ڪيترن ئي حڪيمن جو سربستو احوال درج ٿيل آهي ته ڪِن کي وري متعارف ڪرايو اٿس. هيءُ ڪتاب ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ سال 1976ع ۾ ڇپيو. هي طب جي تاريخ ۾ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ها ته شايد ايڏو وڏو ذخيرو اسان جي اکين کان اوجَهل رهندو اچي ها. نياز همايونيءَ جو هيءُ ڪارنامو سنڌ جي طبي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکڻ جي لائق ۽ قابل آهي. حڪيم همايونيءَ انهيءَ ڏِس ۾ ڏاڍي ڪوشش ۽ درد سريءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ سڄا سارا ڏهه سال لڳاتار  هن تاريخ لکڻ ۾ سرگرم ۽ سرگردان رهيو آهي، پر سندس ڪنهن به قسم جي همت افزائي ڪا نه ڪئي وئي. افسوس اِهو آهي ته جيڪي ڏينهن ۾ ڏهه ڪهاڻيون ٿا لکن ته انهن جي نهايت گهڻي ساراهه ڪئي ٿي وڃي ۽ اوارڊ به انهن کي ئي ڏنا ٿا وڃن. باقي نياز همايونيءَ جهڙن جي پڇاڙيءَ تائين ڪا به سارسنڀال لڌي نه ٿي وڃي ۽ نه وري کين ياد ڪيو ٿو وڃي. تنهن هوندي به همايونيءَ جهڙن حڪيمن ۽ شاعرن ۽ محققن جو مقام مڙني کان مٿانهون، سرس ۽ سوايو نظر اچي ٿو.

جيڪڏهن اڃا به سنڌي ادب جي هن حصي تي نظر ڪبي ته ڪيترو ئي مواد ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ ملندو، جنهن کي يڪجاءِ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. اهوئي محقق هن ميدان ۾ پيرپائي سگهي ٿو، جنهن کي هن ڪم جي پوري پوري ڄاڻ هوندي. سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ته ماهر حڪيمن سان ڀري پيئي آهي، جن تي جيترو ناز ڪجي اوترو ٿورو آهي. سنڌ جي اُها دڙي نه آهي، جتي حاذق ۽ جراح حڪيم جو نالو نه هجي. اڄوڪي (موجوده) دور ۾ ڪي حڪيم به آهن، جي وڏن جو قائم ڪي مُطب هلائي پنهنجي مليل ورثي کي بچائڻ ۾ ڪوشان آهن. ڪن جو ته صرف نالو وڃي رهيو آهي. اسان جا طبيب ۽ حاذق حڪيم حڪمت ۽ ڏاهپ ۾ گهڻو برک هئا، جن جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه رهيو آهي. وارهه تعلقي ۾ ته ڪئين لاثاني ۽ حاذق حڪيم ٿي گذريا آهن. جهڙوڪ: حڪيم الهورايو قريشي ڳوٺ جوڻاڻي شريف، حڪيم دين محمد ٻرڙو وارهه، حڪيم محمد هاشم سوڍر ڳوٺ فيض محمد سوڍر لڳ وارهه، ميان عزيز الله ڪلهوڙو نصير آباد، حڪيم محمد شاهه بادشاهه لعل باغ، موندر لاکا وغيره. اهڙن حاذق ۽ جراح حڪيمن جي پهرين قطار ۾ قاضي عبدالڪريم جو نالو نمايان ۽ نشانبر آهي.

لالو رانئڪ جو تاريخي ۽ قديمي شهر فقيرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ حڪيمن سان مشهور ۽ مقبول رهندو ٿو اچي. هن شهر جا قديم بزرگ فقير ۽ درويش صفت انسان سنڌ جا مشاهير سڏجن ٿا. پر لالو رانئڪ کي ته هفت زبان شاعر علامه محمد هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ ۽ حڪيم قاضي عبدالڪريم جي ڪري وڏي اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي.

قاضي عبدالڪريم ولد واليڏنو عباسي تاريخ 25- اپريل 1899ع موجب سنه 1317هه ۾ لالو رانئڪ شهر ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. فارسي، عربي، اردو، سنسڪرت، هندي ۽ انگريزي ٻولين جي ڪي قدر ڄاڻ هُيس. سنڌي ٻولي ته سندس مادري ٻولي هئي. هڪ دفعي حڪيم سيد محمد معشوق شاهه راشدي لالو رانئڪ ۾ آيو، جتي قاضي عبدالڪريم، سيد محمد معشوق شاهه سان وڃي مليو. سيد صاحب چيس ته ”تون قاضي ٿيندين.“ جنهن تي وراڻيائين ته ”هائو سائين“. ان کان پوءِ پير محمد معشوق شاهه، قاضي عبدالڪريم کي وٺي پنهنجي ڀاءُ پير سيد ارشاد الله شاهه (لالو رانئڪ) جي حوالي ڪيائين ۽ شاهه صاحب کي تاڪيد به گهڻو ئي ڪيائين. پير ارشاد الله شاهه نهايت اعليٰ پايي جو حڪيم، اديب ۽ عالم هو. سندس هڪ ڪتاب اُن وقت جي گرامر جي ٽن ڀاڱن ]صرف، نحو ۽ حرف جي بيان[ ۾ لکيائين، جنهن جي فوٽو ڪاپي هن بندي وٽ آهي. اکر نهايت صاف سُٿرا ۽ وڻندڙ آهن. هيءُ ڪتاب، ڪل ٽيهتر صفحن تي مشتمل آهي.

قاضي عبدالڪريم جو طب ۾ پهريون استاد حڪيم پيرسيد ارشاد الله شاهه راشدي هو ۽ حڪيم مولوي محمد محبت الله کان به طب جو ڪجهه علم پرايائين. بعد ۾ حڪيم احمد دين مرزائي/ قادياني ربواه کان ڪو وقت طب جي تربيت ورتائين. پوءِ حڪيم امرسنگهه سنياسيءَ کان وڌيڪ طب جي ڄاڻ حاصل ڪيائين. حڪيم امرسنگهه رياست گواليار جي شاهي خاندان جي شاهي طبيب طور مشهور ۽ معروف آهي. قاضي عبدالڪريم، ديني تعليم مولوي فيض الڪريم وٽ پڙهيو. شاعريءَ جي شوق وري کيس لالو رانئڪ جي مشهور  ۽ مقبول جيد عالم، ڪاتب، حافظ، قاري، خوش نويس، خوش گفتار، خوش خُلق، خوش پوشاڪ، خوش مزاج، عاشق ۽ صادق، هفت زبان شاعر علامه محمد هدايت علي نجفي ’تارڪ‘ جو شاگرد بڻايو. علامه تارڪ سنڌي علم و ادب جي هر صنف تي لکيو آهي. مَلڪ الشعراء علامه تارڪ، قاضي عبدالڪريم لاءِ ٽن ٻولين ۾ ڪهڙو نه سهڻو فرمايو آهي.

(فارسي) مُکرم جهان است عبدالکريم

(اردو) مُکرم جهان کا هي عبدالکريم

(سنڌي) مُڪرم جهان ٿيو آهه عبدالڪريم.

قاضي عبدالڪريم ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. ڏهن ٻارنهن سالن جو هو، جو طب جي علم جي تربيت وٺڻ شروع ڪيائين. طب جي باڪمال ۽ بهترين حڪيمن ۽ عالمن جي سرپرستي ۽ شاگرديءَ ۾ رهي ڪري، طب ۾ حدِ ڪمال کي پهتو، ڇو ته قديم وقت کان وٺي عالمن ۽ بزرگن ۾ طب ۽ حڪمت جو تمام گهڻو چاهه هوندو هو. عام ماڻهو به طبابت کان ٿورو گهڻو واقف ضرور هوندا هئا. ڪي ماڻهو حڪمت ۽ هوشيارپ ۾ نالو نروار ڪري ويا ته ڪي وري گوشه نشينيءَ جي حالت ۾ گم رهيا. ڪي حڪيم اهڙا به هئا، جن پنهنجي اولاد کي طب جي ترغيب ۽ تربيت کان پاسيرو رکيو، ته ڪن وري پنهنجي خداداد ڏات ۽ ڏاهپ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي اولاد جي تربيت ڪئي ۽ ڪن وري ته شاگرد پيدا ڪري پنهنجو نالو زنده رکڻ چاهيو. ڪي حڪيم اهڙا به هئا، جيڪي حسد ۽ ساڙ جي ڪري پنهنجو جانشين مقري ڪري نه سگهيا، جنهن ڪري کين مليل ڏات جو ڏيئو هميشه جي لاءِ اُجهامي ويو. هن سلسلي ۾ ڪيترائي نالا وٺي سگهجن ٿا. البت قاضي عبدالڪريم جو قائم ڪيل ”ڪريم الشفاء“ هن وقت به قائم آهي، ۽ انشاء الله تعاليٰ اڳتي به قائم رهندو.

قاضي عبدالڪريم اٽڪل 38 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، سندس شاديءَ جي تاريخ علامه تارڪ هنن لفظن مان ڪڍي آهي:

اڄ عبدالڪريم آهي دلشاد ٿيو،

جو خانو انهيءَ جو خوش آباد ٿيو،

تاريخ مبارڪ لکين نادر خلعت،

                                   1355هه

هيئن هاتف کان ’تارڪ‘ ارشاد ٿيو.

قاضي عبدالڪريم کي الله تعاليٰ ڇهن پُٽن جو اولاد عطا ڪيو. قاضي عبدالغفار (ولادت 38- 1937ع)، قاضي عبدالستار (43-1942ع)، قاضي عبدالجبار، قاضي ديدار علي، قاضي مختيارعلي ۽ قاضي اورنگزيب. قاضي عبدالغفار ۽ قاضي عبدالستار پنهنجي والد جي سرپرستي ۽ نظرداريءَ هيٺ حڪمت کي هَٿِ ڪيو. قاضي عبدالجبار به ڪجهه حڪمت سِکي، بس ڪيائين. قاضي عبدالغفار پيءُ جي هوندي ئي لالورانئڪ ڇڏي وڃي وارهه شهر ۾ پنهنجو الڳ دواخانو کوليو، جتي تاريخ 6- ڊسمبر 2001ع تي پساهه پورا ڪري واصل باالله ٿي ويو. سندس قائم ڪيل دواخاني کي سندس ننڍو فرزند قاضي ظفر خير خوبيءَ سان هلائي رهيو آهي.

قاضي عبدالغفار جو حڪمت سان گڏ سياست ۾ به وڏو ڪردار آهي. شروعات ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان هاري تحريڪ ۾ گڏجي ڪم ڪيائين. جتوئيءَ جي وفات کان پوءِ رسول بخش پليجي سان گڏ عوامي تحريڪ ۾ عمر جي آخرين گهڙين تائين گڏ رهيو.

قاضي عبدالستار پنهنجي والد جي قائم ڪيل دواخاني ’ڪريم الشفاء‘ کي خير خوبيءَ سان سنڀاليون اچي ٿو. باقي سندس فرزند حڪمت کي هٿ نه ڪري سگهيا ۽ حڪمت به سندن پهچ کان پري رهي. قاضي عبدالستار پنهنجو جانشين پنهنجي پُٽ قاضي عبدالوحيد کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ پنهنجي موروثي دواخاني ’ڪريم الشفاء‘ کي پنهنجي پيءُ جي سرپرستي ۽ نگهبانيءَ ۾ هلائي رهيو آهي. قاضي عبدالڪريم جي زندگيءَ جي باري ۾ حڪيم محمد عبدالرحيم جميل (گجرات) پنهنجي ڪتاب ”رموزِحڪمت“ ۾ لکي ٿو ته:

"آپ کی پيدائش سنہ 1317ھ ميں ہوئی، ابتدائی سکول کی تعليم سے فراغت حاصل کرکے حکيم پيرمحمد ارشاد الله کی خدمت ميں برائی حصول علم طب حاضر ہوئی. جهان طبی درسيات سيکهنے کی علاوه ڈاکٹر سے بهی واقفيت حاصل فرمائی. بعد ازان حکيم مولوی محمد محبت الله سے درسيات طب کی تکميل فرمائی. حکيم امرسنگھ سنياسی سی چند طبی کتب سيکھیں اور کئی نسخہ جات نادره حاصل فرمائی. حکيم امرسنگھ صاحب رياست گواليار کی طبيب شاہی تهی. کتب دینیہ کی تکميل مولانا مولوی فيض الکريم صاحب سے فرمائی. اس نے سنہ 1924ءميں اپنا مطب شروع کيا، جو نهايت کامياب رہا. پبلک کی طرف سے آپ کو برهان مسيحا کا خطاب ديا گيا. آپ نهايت ديندار اور خوش خُلق طبيب ہیں.“

هن مان ظاهر آهي ته قاضي عبدالڪريم وڏي محنت، مشقت ۽ جفاڪشيءَ سان حڪمت جي ڌنڌي ۾ ممتاز درجو هٿ ڪيو، کيس ’برهان مسيحا‘ ۽ ’ممتاز الاطباء‘ جي اعليٰ لقبن سان نوازيو ويو. سال 1924ع ۾ پنهنجو دواخانو ”ڪريم الشفاء“ جي نالي سان کولي، طبابت شروع ڪيائين، جنهن کي عمر جي آخرين گهڙين تائين خيرخوبيءَ سان هلايائين. آخرڪار وڏيءَ ڄمار ۾ 8 جولاءِ 1978ع/ 1- شعبان...... تي عزيزن، قريبن، دوستن احبابن ۽ مٽن مائٽن کي مفارقت جو داغ ڏيئي وڃي واصل باالله ٿيو.

طب ۾ باڪمال ۽ صاحبِ بياض هو. طب تي لکيل سندس ٻه ڪتاب ”بياض ڪريمي“ ۽
”ڪليات ڪريمي“ دلالت ڪن ٿا. هي ٻيئي نسخا سندس فرزند رشيد قاضي عبدالستار وٽ قلمي حالت ۾ موجود آهن. طب جي سلسلي ۾ سندس هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. تمام پري پري جا ماڻهو سندس نالو ٻُڌي وٽس ايندا هئا. لاعلاج مريض به سندس دوا سان شفاياب ٿي پئي ويا. الله تعاليٰ کيس اهڙي ئي علم ۽ ڏات سان نوازيو هو جو مثال ئي نه ٿو ڏيئي سگهجي. مريض کي ڏسڻ سان ئي سندس مرض جي شناخت معلوم ڪري وٺندو هو. هر ايندڙ مريض جو تمام گهڻو خيال رکندو هو ڇو ته وڏين وڏين بيمارين وارا ماڻهو به وٽس لنگهي ايندا هئا ۽ سندن علاج به نيڪ نيتيءَ سان ڪندو هو. ڪنهن به مريض کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنائين. سدائين سچائي ۽ ايمانداريءَ سان علاج ٿي ڪيائين. نبض شناس وري اهڙو، جو مريض کي پري کان ئي ايندي ڏسي، سندس مرض سڃاڻي وٺندو هو. اهڙا ته سندس ڪيئي مثال ملن ٿا.

قاضي عبدالڪريم ايترو ته ذهين ۽ ذڪي هو، جو مريض جي تشخيص ڪرڻ ۾ کيس ڪا به دقت ۽ پريشاني نه ٿيندي هئي. هر مرض جو علاج قدرتي جَڙي ٻُوٽين سان ڪندو هو. معموليءَ ۾ معمولي دوائن کان وٺي قيمتي دوائن تائين وٽس مرڪبات موجود هوندا هئا. پيسو ڏوڪڙ به تمام گهٽ وٺندو هو، جنهن وٽ پورا پيسا نه هوندا هئا، ته ان جو علاج مفت يا نهايت ٿورن پيسن عيوض ڪندو هو. جيڪڏهن لالچي هجي ها ته وڏن بنگلن جو مالڪ هجي ها. لوڀ ۽ لالچ کان هميشه پري گذارڻ ۾ عزت ۽ عظمت سمجهندو هو. ٿوري تي سدائين خوش ۽ سادات هوندو هو. روزي نماز جو تمام پابند ۽ پرهيزگار هو.

قاضي صاحب نبض شناس، دوا شناس، ڪشته ساز ۽ بيمارين جي ڄاڻ ۾ وڏو درڪ ۽ دسترس رکندو هو. يوناني دوائن جي استعمال جي کيس جيڪا خبر چار هئي، سا ڪنهن کي مشڪل سان هوندي يا اهڙو حاذق ۽ جراح حڪيم ورلي ملندو، جيڪو ايتريون ساريون خوبيون رکندو هجي.

قاضي عبدالڪريم ’بياض ڪريم‘ پنهنجن ٽن پُٽن جي اصرار تي 8 جولاءِ 1960ع تي لکي پورو ڪيو، جنهن جي ’عرضِ حال‘ ۾ لکي ٿو ته:

”هن اثيم جريم حڪيم عبدالڪريم سلمه الرحيم اليٰ يوم النعيم، آمين. جي رحيم دل ۾ ڪهن حميم مثل عديم جي شميم ۽ قويم خيال پيدا ڪيو، ۽ برخوردار نور الابصار ميان عبدالغفار، عبدالستار ۽ عبدالجبار سلمه السيد الابرار اليٰ يوم القرار جي اصرار تي ۽ رفاه عميم لاءِ هن رسالي لکڻ تي آمادو ٿيس. جيتوڻيڪ عقل جي مادي ڪَم هجڻ ڪري سادو ۽ ڪم ڪار کان واندو نه آهيان تاهم ڀي قرطاس ڪافوري لباس قلم ڪرار آبدار کي مثل شتر بي مهار جي يَمين ۽ يَسار ڏانهن قدر استغفار لاءِ صورت اختصار ۾ مانند از خار جي حيات مُستعار لاءِ يادگار بنائڻ جو حقدار ٿيڻ چاهيم. اميد ته هن احقر جي هرسه لختِ جگر لاءِ دنيوي ثمر مُيسر ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي طبي بحر اجگر اشقر اصغر اڪبر مقرر ثابت ٿيندا. آمين.“

هن مان اهو مقصد واضح ٿو ٿئي ته قاضي عبدالڪريم هيءُ ڪتاب پنهنجن پُٽن جي لاءِ تاليف ڪيو ته جيئن هُو هن مان مستفيد ۽ مستفيض ٿين ۽ هيءُ سندن لاءِ دنيا ڪارگر ثمر پيدا ٿئي. پر هيءُ ثمر صرف ٻن ڄڻن قاضي عبدالغفار ۽ قاضي عبدالستار جن جي لاءِ دنيا جو بهترين ثمر ثابت ٿيو. ڇو ته هنن حڪمت کي هوشياري ۽ دانائيءَ سان هٿ ڪيو ۽ حڪمت ۾ ته گهڻو ئي متعارف ٿيا. باقي سندس ٽيون ڀاءُ عبدالجبار طبابت کان گهڻو پري رهيو. جيڏهن قاضي عبدالجبار به پنهنجي ڀائرن وانگر حڪمت جي هنر ڏانهن ڪجهه مائل ٿي ڌيان ڌري ها ته جيڪر حڪمت جا هيرا هٿ ڪري، پيءُ جي ڇڏيل ورثي کي وڌائڻ ۽ بچائڻ ۾ ڏينهن رات سرگرم رهي ها. ليڪن پنهنجي لاءِ پڻ دنيا جو ثمر سمجهي چڱو لاڀ حاصل ڪري فائدو وٺندو رهي ها. هن وقت قاضي عبدالغفار ۽ قاضي عبدالستار جن جا فرزند پنهنجي موروثي حڪمت کي سنڀالي، دوا درمل ڪري رهيا آهن. ڇو ته هيءُ قيمتي ميوو سندن لاءِ نهايت فائديمند ۽ تمام اڪسير ثابت ٿيو آهي. اها به سندس وڏي خوش بختي ۽ خوش نصيبي آهي يا سندن ڀلا ڀاڳ چئجن، جو پنهنجي موروثي ملڪيت تي مفخر آهن.

قاضي عبدالڪريم وٽ ته ڪافي قلمي نسخا ۽ ڪتاب هئا، جن تان گهڻو ئي فائدو حاصل ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي اهو ڪجهه حاصل ڪيائين، جو طبابت جي انوکي فن ۾ ساڻس ڪو به همسر ٿي نه ٿو سگهي. مطلب ته حڪمت جي لطيف فن ۾ ڪامراني ۽ ڪاميابيءَ جي ڪري سندس نالو هميشه پيو ڳائبو.

حڪمت کان علاوه سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿائين، سندس خوشخطي به تمام وڻندڙ ۽ جاذب نظر آهي. طبع ۽ صحت جا پندرنهن نُڪتا هڪ نظم ۾ بيان ڪيا اٿس، جنهن جو عنوان ”خمسه عشرامورات في الطبعت وصحت“ آهي. سندس اهو نظم دلپسند به آهي ته وري پڙهڻ وٽان به آهي. ملاحظه ڪريو:

بيهڻ خاڪي جسم جو آهه دم تي،

هوا تي آهه بنا پنهنجي مڪان جي.

هوا کان بعد آهي پاڻي ضروري،

جو آهي زندگي اهلِ جهان جي.

غذا سان پرورش هوندي آهه بيشڪ،

سڀني ساهه وارن جسم جان جي.

اول ۾ فرض وِهنجڻ ياد رکجي،

جو ٿئي ٿي کَلَ تنهن سان ياد رکجي.

پهرڻ پوشاڪ آهي پڻ ضروري،

حفاظت ٿي سگهي ٿي جسم جان جي.

انهن ساڻ گڏ ڪرڻ گهرجي ته ننڊ ڀي،

جو آهي صحت سڀ پير وجوان جي.

صفائي ساڻ رهي ٿو صاف سڀڪجهه،

صفائي پسند آهي اهلِ جهان جي.

ڏندڻ سان ڏند پنهنجا صاف رکجن،

جو اها آهي چَڪي سُبڪ وگِران جي.

سدا سُرمو اکين ۾ ڇو نه پايو،

اکيون نعمت آهي اهلِ جهان جي.

بدن جي واسطي ورزش به لازم،

وڌي ٿي جنهن سان طاقت ناتوان جي.

بنايل روشني آهي صحت لاءِ،

اونداهي گم ڪريو هڪدم مڪان جي.

رهو چُستي سان سُستي کي ڇڏي ڏيو،

سُستيءَ ساڻ گهٽجي عُمرِ روان ٿي.

13- رهو هروقت خوش ۽ صاف مسرور،

گندائي ساڻ آهي نفرت جهان جي.

ڪَمي بيشي بُري سڀ ڳالهه ۾ آه،

چوڻي آهي عقلمندن جهان جي.

اگر ٿڪجو ته ڪريو آرام ’نصرت‘،

جيئن طاقت نه گهٽجي جسم جان جي.

خاص ڪري هيءُ نظم نصيحت تي ٻَڌل آهي ۽ منجهس اهڙو ته سرمايو سمايل آهي، جو ان جي پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ سان، هنن پندرنهن نُڪتن تي عمل ڪرڻ سان چاق چوبند رهي سگهجي ٿو ۽ ڪا به ٿڪاوٽ يا پريشاني ويجهو نه ايندي. تندرست ۽ صحتمند رهڻ جي لاءِ مٿين نُڪتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

هيءُ مٿيون ناصحاڻو نظم اصل ۾ اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جو شاعر قاضي عبدالڪريم نصرت جو استاد حڪيم محمد احمد الدين لاهوري آهي، ۽ قاضي صاحب ان جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي. مٿس تخلص ميان محمد بخش واصف ۽ علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جن ’نُصرت‘ رکيو هو. ان کان پوءِ شاعريءَ ۾ تخلص ’نُصرت‘ ئي اختيار ڪيائين. شاعريءَ ۾ پاڻ چڱو موکيو اٿس. سندس شعر پڪو ۽ پختو آهي.

قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات (1948ع) تي هڪ نظم لکيائين، جنهن ۾ قائد اعظم جي خوب ساراهه ڪئي اٿائين. قائد اعظم کي پاڪستان جو باني ته چئجي ٿو، پر کيس فاتح پاڪستان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اردو ٻوليءَ ۾ نظم چيو اٿس، جنهن ۾ قائد اعظم جي وفات جي ماده تاريخ ڪڍي اٿس. سڄو سارو نظم اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿو.

قائد اعظم تمھی تها قائد ابناء دين.

ناگهان تم چل رها هے، آج کيون خلد برين.

تيری تدبر فکرنے هئے ملک اپنا ’پاک‘ کيا،

مرحبا کی گونج تهی، جوبڑھ گيا ضياءُ مبين.

نيک صورت، نيک سيرت، تم کو دنيا کہنے لگی،

تم نيک نيت اور خصلت سي بنا مردِ امين.

تيری فرقت سے مسلم وائے کرتے ہين فغان،

آنسون سے آکهين بهرگئين اور ہوگيا قلب حزين.

درگاه کبريا سے تيری هئی واسطے ميری دَعا،

هو مُهياتم گودائم بهشت نعمت اصل دين.

                                                  1367ھ.

آج هاتف نے کها ’نُصرت‘ بڑی تاريک هئے،

هوگيا مد فون گشت کوکب فرخنده اين.

1948ع.

مضمون نهايت طويل ٿي ويو آهي، تنهن ڪري قاضي عبدالڪريم نصرت جي حڪمت ۽ شاعريءَ تي بحث ڪرڻ کان ڪنارو ڪجي ٿو ۽ پڙهندڙ جي سخن فهميءَ تي انهيءَ معاملي کي ڇڏجي ٿو. سندس اردو غزل هيٺ ڏجي ٿو:

مختيار ميرے دل کا خود هی امير تها،

جس کی اثر سے ميرا قلب اسير تها.

دن رين اُن سے محبت ميری کثير تهی،

مين پيری ميں جوان ہوکر، جوانی ميں پير تها.

”قُل هُو اللهُ اَحدُ اَللهُ، مُلکُ السموٰت وَالارض“

پہنچی وہیں یہ خاک، جہان کا خمير تها،

فرقت سے اپنا ’نصرت‘ لکتا هے داستان غِم.

هرچيز پر ہی غالب قادر قدير تها.

مطلب ته قاضي عبدالڪريم هڪ باڪمال طبيب، حڪيم ۽ بي بدل شاعر ٿي گذريو آهي. شاعريءَ کان نهايت وڌيڪ طب ۾ نالو ڪڍيائين. طب ۾ سندس ڪيل خدمتون هميشه يادگار طور رهنديون، ڇو ته سموري زندگي طب جي مشغولي ۽ مصروفيت ۾ گذاريائين .

’هنڌ اهي ئي ماڳ، جَت نه پَسان جُوءِ ۾.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org