سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:12 

بهادر ٽالپر

 

 

ڪرسي

ادبي فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي وقت هو. هال جي صفائي سٿرائي ۽ هار سينگار ٽن ڏينهن کان هلندڙ هو. ڄڻ اتي متوقع پروگرام ڪيترن ڏينهنِ لاءِ رٿيل هو. جيئن دير ٿي رهي هئي، تيئن هڪ پراسراريت پيدا پئي ٿي. فنڪشن جو خاص موضوع ڇا هو ۽ ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نمايان شخصيتون مدعو ڪيل هيون؟ تنهن بابت به ڪا عام ڄاڻ مهيا نه هئي. ڪير ڪنهن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو، ته آخر هتي ڪنهن سان پروگرام ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي. هال جون ديوارون، در ۽ ڪرسيون سڀ جا سڀ حيران هئا!

ساره ۽ بابُوءَ کي ان ادبي فنڪشن ۾ شرڪت جي ڏاڍي تڪڙ هئي. هُو انهن ٻارن جيان هئا، جن کي عيد لاءِ بي صبريءَ سان انتظار هوندو آهي. ساره وهنجڻ لاءِ اول باٿ روم ۾ داخل ٿي ته بابو باٿ روم ڏانهن ڏسندي اکيون ڇنڀڻ لڳو. سندس اکيون الڪي ۽ انتظار جي طوفان سان الجهڻ لڳيون. هن ڊوڙي وڃي الماريءَ مان ڊائري کنئي ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لڳو. سندس قلم هن جي پنهنجي مزاج جيان تيز هو. تنهن جلد ئي ڊائريءَ جي هڪ صفحي کي لفظن جو گلستان بڻائي ڇڏيو ۽ پوءِ سندس اکيون ان گلستان جو طواف ڪرڻ لڳيون! هُو پنهنجا لفظ وري وري پڙهڻ لڳو. کيس محسوس ٿيو ته اهي لفظ نه آهن ڄڻ ڪنهن جنگ ۾ زخمي ٿيل ٻار آهن ۽ هُو اهڙو بيرحم سپاهي آهي، جيڪو انهن کي زخم رسائي ڊائري جي سيني تي اڇلائي رهيو آهي! هن ڇرڪ ڀري باٿ روم جي سرخ لوهي دروازي ڏانهن ڏٺو، جيڪو اڃا بند هو. هن کي ان ويل دروازي جي بدران پنهنجي بند هئڻ جو اڻ لکو احساس ٿيو. هن اندرئي اندر ۾ ساره کي پڪاريو. هن کي پڪ هئي ته ساره سندس من اندر موجود هئي ۽ هوءَ اها پڪار ٻڌي پئي سگهي!

هوڏانهن ٻئي طرف هال ۾ صفائي سٿرائيءَ بعد ڪرسين تي ڪجهه ماڻهو اچي ويٺا هئا جيڪي اسٽيج جي ڀر واري ڀت تي ڪو پينا فليڪس ۽ بينر ڳولڻ ۾ محو هئا، پر سندن نظرون مايوس موٽي رهيون هيون ۽ پوءِ ڪرسين وانگر هُو پڻ سُس پُس ڪرڻ لڳا...! ايتري ۾ هڪ اتاولو شخص تڪڙ ۾ ايندي هڪ خالي ڪرسيءَ سان اچي ٽڪريو ته ڪرسي ڦهڪو ڪري وڃي پٽ تي ڪِري! ٻين ڪرسين کي ان جو احساس ٿيو الائي ڪو نه ٿيو؟ پر اوچتو هوا جو هڪ جهونڪو هال ۾ داخل ٿي ڄڻ احتجاج رڪارڊ ڪرائي ويو! هڪ ڪرسي، جنهن تي ماڻهو ويهندي پنهنجو شان شوڪت سمجهندا آهن ۽ بادشاهه جڏهن ڪرسين تي ويهندا آهن ته سندن رعيت کان ريهون نڪري وينديون آهن....! رعيت سوچڻ لڳندي آهي ته اهي بادشاه هاڻ ساڻن الاءِ ڪهڙي ويڌن ڪندا....!!

عين ان مهل جنهن ويل ڪرسي ڪِري شاهي ايوانن جون ڪرسيون به لڏي ويون...! شاهِ وقت کي پنهنجي ڪرسيءَ جي توهين ۽ بيعزتيءَ جو احساس ٿيو ۽ تحقيقات جو حڪم صادر ڪيائين ته آخر اهو معلوم ڪيو وڃي ته ڪرسي ڪٿي ڪيرائي وئي آهي....!؟

پروگرام هال جي ڀتين تي لڳل تصويرن ۾ به ڄڻ چرپر شروع ٿئي وئي: ”هي معاملو انتهائي گنڀير ۽ سنجيده آهي...!!“ اهي تصويرون انهن مرحومن جون هيون جيڪي ماضي ۾ حڪومتي اعليٰ عهدن تي رهي چڪا هئا ۽ مرڻ پڄاڻان انهن جي تصويرن کي به ڏڪڻي وٺي وئي هئي ڄڻ!

بابوءَ جي هٿ ۾ ڊائري هئي ۽ اکيون اڃا به باٿ روم ڏانهن رکي رکي پئي ويس. جيڪو اڃا نه کليو هو....!! هن سوچيو: ”تڪڙ هميشه دير کي ئي جنميندي آهي. اسان ٻنهي کي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ڪيڏي نه جلدائي هئي. مون کان ته ساره کي وڌيڪ ئي هئي.... پر الاءِ ڇو ساره اڃا نه نڪتي آهي....!!“ هُو پنهنجي من ۾ ساره بابت انيڪ خدشا سانڍيندي سرخ پين کڻي ڊائريءَ تي باٿ روم جي دروازي جهڙي شڪل ٺاهڻ لڳو. جڏهن دروازو ٺاهي بس ڪيائين ته ان جو تاڪ کليل هو ۽ ان مان ڄڻ ساره ليئا پائي رهي هئي ۽ کيس سڏي رهي هئي ڄڻ باٿ روم خالي آهي...! پر اوڏانهن ڏٺائين ته اهو بند هو. کيس هاڻ پڪ ٿي ته ساره انتهائي اهم صفائيءَ ۾ رڌل هوندي. ان ڪري هُن وهنجڻ بنا ئي ساره جي فارغ ٿيڻ تي پروگرام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، تيستائين سندس سيل فون وڳو.... نامعلوم نمبر تان ساڻس ڪو ڳالهائڻ لاءِ آتو هو، پر بابو ”اوڪي ڪريان.... نه ڪريان....!“ واري مونجهاري ۾ هو.... ۽ ساره جي سوچ به وري وري کيس ستائي رهي هئي. هن کي سيل فون تي اڳي به نامعلوم نمبرن تان فون اچي پريشان ڪري ويا هئا...!! پر هن فون اٽينڊ ڪئي، اڳيان آواز آيو: ”بابو! اڄ پروگرام ۾ ڪا گڙٻڙ آهي.... پر تون اچ...!!“ هن کانئس سندس نالو پڇڻ چاهيو، پر سيل فون بند ٿي ويو! هن سيل فون کي اڇلائڻ چاهيو، جيئن اڳي هن ڪنهن ڳالهه تان ڊائري اڇلائي هئي ۽ ديوار تان ڪئلينڊر لهي ڦٽو ڪيو هئائين ۽ پنهنجي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل گهڙيءَ کي ڀونڊو ڏئي، پنهنجو هٿ چميو هئائين ۽ چيو هئائين ”وقت ڪيڏو نه سنگدل آهي. جيڪو ٻن دلين وچ ۾ جدائي ۽ فاصلا وجهندو آهي....!“

هن پنهنجي سيل فون تان ان نامعلوم نمبر تي ڪال ڪئي ته اڳيان عورتاڻو آواز گونجيو! ”بابو! آءٌ ساره آهيان... تون جلد اچ، پر ڪنهن پراسرار سبب ڪري پروگرام ٿيندو نظر نه پيو اچي...!!“ اهو ٻڌي هن جي دل تي وڏو ڌڪ لڳو ۽ سماعتون شل ٿيڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳو: ”هي ڇا ٿيو، مان جنهن کي باٿ روم ۾ موجود سمجهيو ويٺو هوس سا ته بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي وڃي هال ۾ پهتي آهي....!!“

هن جي اندر ۾ ڳوڙهن جو هڪ سيلابي طوفان اُٿيو، جيڪو سندس اکين مان مُنهن ڏيکارڻ بدران اتي ئي خشڪ ٿي ويو. هن کي لڳو، هُو ٿر جو صحرا بڻجي ويو آهي، جتي ڪيترن ئي ورهين تائين مينهن جي ڪا ڪڻي نه پئي آهي. هن پوءِ فيصلو ڪيو ته هو ان پروگرام ۾ اڪيلو نه ويندو ۽ جي ويو ته کيس انتهائي جلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو!

ساره جي سونهن تي موهت ٿي هن ساڻس شادي ڪئي هئي. ساره به ليکڪه هئي ته هُو به ليکڪ ئي هو، پر هن دفعي وارو ڌڪ کيس ساره وٽان اڳ ڪڏهن به نه لڳو هو...!! هن ڊائريءَ جو سينو کولي ان تي چپ رکيا ۽ سندس کاٻي اک ۾ سِرجي آيل ڳوڙهو برسات جي بوند وانگر ڊائريءَ تي ڪريو....! پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو.... ڳاڙهي دروازي ڏانهن ڏٺائين. اهو اڃا به بند هو....! هن کي لڳو ”ڄڻ دنيا جا سڀ دروازا بند آهن، فقط هڪ دروازو بيوفائيءَ جو کليل آهي ۽ شايد هر فرد کي ان ئي دروازي مان لنگهڻو آهي...!!“ ۽ پوءِ هو پنهنجي لاءِ سوچڻ لڳو: ”نه ... نه... آءٌ قطعي ان دروازي مان نه لنگهندس. مان اڃا به ساره کي ڏسندس ته هن جو رويو ڪيئن آهي....؟ هوءَ مون بابت ڇا ٿي سوچي..؟ هن کي موقعو ملڻ گهرجي...! هوءَ رائٽر آهي....مان به هڪ ليکڪ آهيان. آخر اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان جو هڪٻئي تي آخر ڪيترو حق آهي....!؟ پهرين غلطي ته هر انسان کي بخش هوندي آهي...!!“

هال ۾ ڪرسين تي براجمان اديبن، ليکڪن ۾ عام ماڻهن مان ڪي هڪٻئي سان گفتگو ۾ محوَ هئا ته ڪي اسٽيج ڏانهن ڏسي مايوسيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته ڪي وري اسٽيج جي ڀر واري ديوار تي اڃا ڪو به بئنر يا پينا فليڪس نه ڏسي پراسراريت ۾ گهرندا ٿي ويا...! ڪِريل ڪرسي جي ڀر ۾ ٻه- ٽي شخص ان ڪرسيءَ بابت کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا.

تيستائين ٻاهران هڪ شخص ايندي ئي ڪرسيءَ کي سِڌو ڪيو ۽ وڃي اسٽيج تي بيٺو..! هُو ڪنهن ويل مائيڪ جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هو ته ڪنهن وقت وري اسٽيج جي ڀر واري پينا فليڪس ۽ بينر کان خالي ديوار کي تڪيندو ٿي رهيو...!! ساره هال ۾ اسٽيج واري شخص کي ڏسندي بابوءَ بابت سوچي رهي هئي. جنهن کي هوءَ بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي پويان ڇڏي آئي هئي. اسٽيج سيڪريٽريءَ جي هٿ ۾ ٻين سان گڏ ساره کي هڪ ڪاغذ ڏسجي رهيو هو. اسٽيج سيڪريٽري ڊڄندي ڊڄندي مائيڪ کي پنهنجي کاٻي هٿ جي اشهد آڱر سان ٺونگو هڻي، ان جي ايڪٽِو هئڻ جي پڪ ڪئي ۽ مائيڪ جي ويجهو سندس چپن مان بي اختيار ”افسوس!“ جو لفظ نڪتو ۽ پوءِ خاموش ٿي ويو...! ڪجهه پلن پڄاڻان وري ڳالهائڻ لڳو: ”دوستو! هي پروانو حڪومتِ وقت پاران آهي جيڪو مان پڙهندي ڪا به خوشي محسوس نه ڪندس. پوءِ هو اهو پڙهڻ لڳو: ”اديب سماج جا بيحد حساس، ذميوار ۽ سڄاڻ فرد هوندا آهن... پر اڄ هن هال ۾ ڪرسي ڪيرائي ان جي توهين ڪئي وئي آهي اِنڪري حڪومت ان نتيجي تي پهتي آهي، ته اهڙن پروگرامن تي ئي بندش وڌي وڃي، جنهن ۾ ڪرسيءَ جي توهين ڪئي وڃي. هڪ ڪرسيءَ جي توهين حڪومتِ وقت جي ڪرسيءَ جي توهين مثل آهي...“

اهو ٻڌندي ئي سڀني جا تاڪ لڳي ويا.... هال خالي ٿي ويو ته پويان خاموشيءَ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو....!!

عين سحر

 

 

ماءُ ....

 

 

هيءَ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن عبدالقادر پنهنجي بردبار ۽ حليم طبعيت هئڻ ڪري ماڻهن جي دلين ۾ وسيل هو، عبدالقادر شيخ راڄ جو معزز ۽ ديندار ۽ نيڪ، صالح انسان ھو، نماز جو پابند.  ماڻهو اڪثر ڪري دعا ڏيندي اُمالڪ چوندا ته شل عبدالقادر جهڙو ديندار ٿئين عبدلقادر شِڪل شبيهه ۾ انتهائي سهڻو شخص هو، اڌڙوٽ وهيءَ ۾ به سندس شخصيت موهيندڙ هئي. بس سندس هٿ جي مٿين حصي کان ڪارائي تائين سڙڻ جو نشان هوس.

هُن ننڍڙي ڪاروبار مان محنت ڪري پنهنجو ڪاروبار خوب مچايو هو، ويتر ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سندس ڪاروبار ۾ وڏي برڪت وڌي هئي.

عبدالقادر معمول مطابق گودام جي سار سنڀال کان پوءِ گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. اِها خزان (اَسو) جي موسم هئي، ڪڻس پٽ عبدالرحمان به ساڻ هئس جيڪو اڪثر ڪري ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ ڏيتي ليتي ۾ ٻين واپارين کان ويندي گودام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ڪامين سان به لهه وچڙ ۾ رهندو هو. پڻهس جي به خواهش  اِها هئي ته عبدالرحمان دلچسپي وٺي ته اڳتي لاءِ ڪاروبار کي هلائڻ ۾ سولائي ٿيندس ڇو ته آخر سندس وڏو اولاد هو ۽ سڀاڻي اهو سڀ ڪجهه کيس سنڀالڻو هو. گودام ۽ گهر جي وچ جو رستو گهڻو وڏو نه هو، ان وچ رستي ۾ هڪ وڏو مندر ايندو هو جتان گذرندي اڪثر ڪري عبدالقادر گهڙي سوا لاء بيهي رهندو هو، ۽ مندر ٻاهران رکيل دُرگا ديويءَ جي مورتي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريندو هو. اڄ به جڏھن  مندر کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريائين ته عبدالرحمان جي ذهن ۾ اوچتو سوال اُڀريو، پيءُ کان پڇيائين:

بابا اڪثر ڪري اوهان ڪجهه پل ترسي هن مندر کي گهوريندا آهيو، ڇا اِن ۾ ڪا خاص ڳالهه آ؟

سوال ڪندي، عبدالرحمان پنهنجي پيءُ عبدالقادر ڏانهن ڏٺو، کيس وڌيڪ حيرت ٿي جڏهن عبدالقادر جون ڀنل اکيون ڏٺائين. عبدالرحمان ٿورو حيران ڪجهه وائڙو ٿيندي مندر تي هڪ نظر وڌي، مندر ۾ ڪو ميلو متل هو، شايد نوراتري درگا پوڄا هئي. عبدالرحمان غور سان پيءُ ڏانهن ڏٺو. عبدالرحمان سمجهي نه سگهيو، ڇو ته عبدالقادر جي اک جي پُتلين تاريخ جا ورق ٿي ورايا جيڪي ٻئي جي سمجهه کان گهڻا مشڪل هئا. وقت جي تيز گهوڙي جي سنبن جي دز انهن ورقن تي ضرور هئي، پر عبدالقادر جي احساسن اُن کي ڇنڊيو ڇاڻيو پئي. جيسين عبدالقادر جواب ڏئي، عبدالرحمان ڳالهائڻ شروع ڪيو.

بابا اوهان مندر کي جڏهن غور سان ڏسندا آهيو ته آءٌ اهوئي سمجهندو آهيان ته پراڻيون ۽ مذهبي عمارتون پرڪشش ٿينديون آهن ۽ انهن جا تاريخي سؤ وراڪا قصا ۽ داستان ھوندا آھن جيڪي اکيون پڙھڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن.

هزارين سال اڳ اسان جو به مذهب اهوئي هو نه!؟ شايد انڪري مندر.... عبدالقادر سُڏڪو دٻائيندي پٽ ڏانهن نِهاريو ۽ آڱوٺي ۽ اَشهد آڱر سان ٻنهي اکين جي ڳوڙهن کي جڏهن اُگهيو ته عبدالرحمان جو تجسس وڌي ويو. عبدالقادر چپ ڀڪوڙي ڪيئي سڏڪا ۽ اڌما دل جي پنهان خانن ڏانهن واپس ڪري ڇڏيا جتان سُڏڪي نڪتا هئا.

اُف..... جهڙي اندر جي اونهاين مان نڪتل هلڪڙي دانهن ڪڍڻ کان پوءِ هلندي هلندي ڳالهائڻ شروع ڪيائين.

اهڙي ئي نوراتريءَ جي رات هئي.. چوندي چوندي عبدالقادر رُڪجي ويو. عبدالرحمان پيءُ کي اڳ ايڏي گنڀيرتا سان ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو هو:

درگا ماتا جي پوڄا جو ئي ڏينهن هو، آخري پوڄا جي رات جڏهن آءٌ گيانچند ولد مولچند
عبدالرحمان جون اکيون حيرت مان پٽجي ويون ۽ دماغ جي دري کُلي ويس، هُو حيرانگيءَ وچان پيءُ کي ڏسڻ لڳو. ماضيءَ جا ورق اٿلندا ويا ۽ پردا ڪرندا ويا. پيءُ ڳالهائيندو ويو....

پنهنجي گهران ڀڄي نڪتو هوس. ها مان هندو هوس. ماتا درگا به منهنجي امڙ وانگر آهي.
عبدالقادر يادن جي پيرن سان پوئين پير هلندو ويو سوچن جي وهڪرن ۾ ڄڻ لڙهندو ويو.

درگا جي مورتي ڏسڻ سان مون کي امڙ ياد ايندي آهي، جيڪا ماتا درگا جي وڏي پوڄارڻ، ڀڳتياڻي هئي. ان تي ماتا درگا جو وڏو اثر هو، شفقت، صبر ۽ سهپ، ديالو محبت جي ديوي هئي منهنجي امڙ. مون کي ياد آهي جيڪو پاٺ هوءَ پڙهندي هئي سو سندس مٺي آواز ۾ گيتا جو ورد ئي هوندو هو. صبح جو امڙ جي خاص ڀڄن تي اک کُلندي هئي، اڄ به امڙ جا لفظ محفوظ ٿيل آهن، منهنجي دل ۽ ذهن تي. امڙ مون کي ٻڌائيندي هئي ته:

ماتا درگا جي ٻئي سوَروپ جو نالو برهمچارڻي آهي. برهم جي معنيٰ تپسيا آهي. ماتا سخت تپسيا ۽ صبر جي انتها آهي. ڪٺور سچ جي چارڻي هئڻ ڪري، برهمچارڻي جي نالي سان مشهور ٿي. وڏا وڏا رشي مني به ماتا جي سخت تپسيا ڏسي دنگ رهجي ويا. سندس سوَروپ تمام روشن ۽ تيج وارو آهي، ماتا جي ساڄي هٿ ۾ جپ مالها ۽ کاٻي هٿ ۾ ڪمنڊل ۽ مٿي تي سهڻو سونو مڪٽ هوندو آهي. نوراتريءَ جي ٻئي ڏينهن ماتا جي اپاسنا ڪرڻ جو دستور هلندو اچي جُڳن کان، ماتا درگا جو هي ٻيو سوَروپ ڀڳتن کي تمام گهڻو ڦل ڏيندو آهي. ماتا جي اپاسنا سان ماڻهوءَ ۾ تياڳ، ويراڳ ۽ حد کان وڌيڪ صبر جو واڌارو ٿيندو آهي. ماتا برهمچارڻي جي ڪِرپا هرهنڌ هر ميدان ۾ سَڌي ۽ ڪاميابي ڏيندي آهي. ماتا برهمچاڻي کي مصري، کنڊ ۽ پنج امرت جو ڀوڳ لڳايو وڃي ٿو. انهن شين جو دان ڪرڻ سان وڏي عمر جو سوڀاڳيه پڻ حاصل ٿئي ٿو.

عبدالرحمان پهريون ڀيرو پيءُ جو اِهو روپ ڏٺو هو، جنهنڪري حيرت ۾ ٻُڏل، يڪ ٽِڪ نهاريندي پيءُ سان گڏ هلي رهيو هو، ته ھلندي ھلندي رڪجي ويو  ۽ مندر کان ڪجهه وکن تي وڻ هيٺان رکيل وڏي پٿر تي اچي پڻهس ويهي رهيو. عبدالرحمان کي تصور به نه هو ته سندس پيءُ هندو هو ۽ هو هڪڙي هندوءَ جو پٽ هو. سندس پِتا هڪڙو عجيب داستان ۽ راز اندر ۾ رکيو ويٺو هو. عبدالرحمان کي پيءُ متعلق ڄاڻڻ جي بيقراري وڌي وئي.

هل ته گهر ٿا هلون.. دير ٿي ويندي.... پڻهس اُٿندي چيو. عبدالقادر ڊگهيون ڊگهيون وکون کڻڻ لڳو. عبدالرحمان تڪڙو تڪڙو پٺيان هلڪي ڊڪ ڀريندي پيءُ سان مخاطب ٿيو:

بابا! اڄ مٿين ماڙ تي گڏجي ماني کائينداسين. مون کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائجو، خاص ڪري ڏاڏي امڙ جي باري ۾ جيڪا ممتا جي مورت هئي.....

هون..... ها....!  عبدالقادر بس ايترو ڀُڻڪيو.... باقي جو ٿورو رستو خاموشيءَ ۾ گذريو. مانيءَ ۾ مڱن جي اڻ ڇلهيل دال، تورين جي ڀاڄي، پاپڙ ۽ سانداڻو رکيل هو. ماني خاموشيءَ سان کاڌائون، پر ٻنهي پيءُ پٽ جي بک ڄڻ مري چڪي هئي. مانيءَ دوران عبدالقادر ڳالهائڻ پسند نه ڪيو، جيئن هو هميشه ڪندو هو. مانيءَ کان پوءِ ورانڊي ۾ لوهين ڪرسين تي ٻئي پيءُ پٽ اچي ويهي رهيا.

فانوس جي روشنيءَ ۾ عبدالقادر ڪنهن وڏي سفر تان آيل اهڙو مسافر لڳي رهيو هو، جنهن جي اندر جي اک ٿڪل هئي ۽ پنبڙين تي ڄڻ رستن جي دز چڙهيل هئي. هُو ڊگهو ۽ طوفاني سفر طئه ڪرڻ کان پوءِ به  پختي وجود جو اهڃاڻ بڻيل هو. ايڏي دردناڪ ۽ خطرناڪ زندگيءَ جي پنڌ جو نتيجو سندس مهندار ۽ سگهاري شخصيت هئي. عبدالقادر ڳالهائڻ شروع ڪيو.....

ورهاڱي کان اڳ جو دؤر هو، ملڪ ڏاڍو محبتي ۽ خاشو شاهوڪار هو. مون هڪ شاهوڪار هندو گهراڻي ۾ اک کولي، منهنجو ننڍپڻ شهزادن جيان گذريو. طلب هُو ته مِل هُو واري ڳالهه هئي، جا شيءِ چاهيندو هوس، اڳ ۾ ئي حاضر هوندي هئي. ڪا ڪمي ڪونه هئي، ڪا اڻاٺ نه هئي. دور به سستائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو هو، ڳوٺ ننڍڙو هو، پر ڪجهه به اوپرو ڪونه هو.

سڀ مون سان پيار ڪندا هئا، پر امڙ سان گهڻي اُنسيت هئم، بابا ٿورو کھرو ماڻهو هو، پر اصول اخلاق وارو ماڻهو هو. بابا کي آءٌ ڏاڍو مٺو هئس، بابا منهنجو تعارف ئي سڪيلڌو پٽ چئي ڪرائيندو هو. تن ڏينهنِ ۾ شاديون ننڍي وهيءَ ۾ ٿينديون هيون، بابا تِن ڏينهَنِ ۾ پنهنجي پياري دوست پرساڌ رام جي ٽيون نمبر ڌيءَ سان منهنجو مڱڻو وڏي ڌام ڌوم سان ڪرايو هو. ان وقت آءٌ مشڪل سان ٻارهن سالن جو هئس. منهنجي پتا سيڻن کي به سوَنَ جا تحفا ڏنا هئا. مون کي تڏهن محبت جي ته خبر نه هئي، پر ان ڇوڪريءَ سان اُنسيت هئي. ٽن سالن کان اسان جو اچڻ وڃڻ هو. ڪنهن خاص ڏڻ تي  سوکڙيون تحفا ڪافي شيون جيئن پاڻ عيدن تي ڏيون وٺون ٿا، ويساک ۽ بسنت رت جا لهندڙ نوان تازا ڦل فروٽ، ويسن وڳن سميت نوڪرن کي کڻائيندو ھو، بابا مون کي نوڪرن سان گڏ سندس گهر موڪليندو هو.

هڪ دفعو منهنجي مڱ، پنهنجي جعفري واري دروازي  ۾ ورانڊي مان بيهي ڏسي رهي هئي ته مون کيس سڃاتو هو. جو سندس ئي  پاڙي ۾ کيڏڻ ڪڏڻ دوران اڳي هڪ دفعو مون کيس ڏٺو هو، پر هاڻي ته هوءَ به مون جيڏي ٿي وئي هئي سو ٻاهر ڪونه ٿي نڪتي، ستر ۾ ويٺل هئي. هوءَ لڄاري شرم واري ڇوڪري هئي، تڏهاڪو زمانو مروت، لحاظ ۽ حياء داري وارو هو. عورت کي ڏسڻ مها پاپ هو، اِنڪري چاهيندي به آءٌ هن کي ڏسڻ ملڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهيس، پر اهو سچ هو ته مون کي اُها ڇوڪري وڻيل هئي.

مڱڻيءَ کي ٽي سال ٿي ويا، اوچتو ان دور ۾ هڪ وبائي بيماري پکڙجي وئي، جنهن کي ماتا چوندا هئا، منهنجي مڱيندِي جمنا به ماتا جو شڪار ٿي پئي ۽ پرلوڪ پَڌاري وئي. مون کي دلي صدمو پهتو، تڏهن محسوس ٿيم ته مان کيس پيار ڪندو ھوس. هُن سان ملي بغير وڇوڙو منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون لاءِ اَسهائيندڙ درد هو. منهنجي تڪليف جو امڙ کي اندازو هو. آخر انتم سنسڪار جو وقت اچي ويو، منهنجي دل ۾ اها آرزو جاڳي ته سندس آخري ديدار ڪريان، اڳلي جنم ۾ ملون الائي نه!! پر هندن ۾ اهو ممڪن ئي نه هو ته ڪو مڱيندو پنهنجي مڱيندِي جو مُنهن ڏسي. منهنجي دِل جمنا جي لوڪ پڌارڻ سبب ڏاڍي ملول هئي، ڪابه ڳالهه نٿي وڻي. اُن رات ننڊ به نه آئي هئم سو پرهه ڦُٽيءَ مهل ئي مان مسڻ هليو ويس، اِن خيال کان ته انتم سنسڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور جمنا جي مُنهن تان ڪپڙو لاهيندا ۽ کيس ڪاٺين تي رکندا سو مان اُن وقت جمنا جو مُنهن ڏسي سگهندسُ.  آءٌ مسڻ جي آخري ڪُنڊ ۾ بيٺل هڪ نم تي چڙهي ٽارين ۾ لِڪي ويٺس. آءٌ جمنا جي خيالن ۾ گُم هوس ته رام رام ستئه آهي‘ جا آواز آيا ۽ ڪجهه ماڻهو هڪ آرتي کڻي آيا ۽ آرتي مان چتا کي لاهي ڪاٺين تي رکيائون. اُن وقت مون ڏٺو ته اُها چِتا جمنا جي نه هئي، ڪنهن ٻئي عورت جي هئي، مون اُن چِتا جو انتم سنسڪار ڏسندي جمنا جي آرتي اچڻ جو انتظار ڪيو. ڪافي دير کان پوءِ سڀ ماڻهو جمنا جي چِتا سان پهچي ويا ۽ مسڻ ۾ داخل ٿيا ته منهنجون نظرون جمنا کي ڏسڻ لاءِ آتيون هيون، پر جمنا ڪپڙي ۾ پوري بند هئي، ڏسڻ جي آس بيتابيءَ ۾ بدلجي وئي، پر مجبور نم تي خاموش ويٺو رهيس، رسمن پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪاٺين جي ڍير تي تيل هاريو ويو، جمنا کي کڻي ان تي رکيائون، جڏهن ڪاٺين ڏانهن کيس نيو پئي ويو، تڏهن منهنجي اکين مان ڳوڙها مينهن وانگر وسي رهيا هئا. منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪي ٿي، خوف ۽ عجيب ڪيفيت طاري هئي. جمنا جي منهن تان ڪپڙو هٽيو، تڏهن مون ڏٺو شهزادين جيان سُتل هئي جمنا، البته رنگ ميرو ٿي ويو هئس، ساهه نڪرڻ جي ڪري يا شايد بيماريءَ جي ڪري.

سندس مٿان ڪاٺيون رکيون ويون، جڏهن کيس باهه ڏني ٿي وئي ته منهنجي پوري جسم مان سيسراٽيون نِڪري ويون. مان باهه جا ڀڀڪا ۽ ڀڙڪا ڏسندي  ئي ڏڪي ويس، باهه ٻرندي رهي. هڪ پل جمنا جو جسم اَڪڙجي اُڀو ٿي ويو، جيئن ماڻهو اُٿي ويهندو آهي. ائين لڳم ته جمنا اوڙاهه مان نڪري مون ڏي اچي رهي آهي، پر مردو جسم اتي ئي ٺڪاءَ سان هار مڃي ڪِري پيو، نه ڄاڻ ڪڏهن کان اکين مان نير جاري هئا. منهنجي اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا، جسم مان ساهه ست نڪرڻ لڳو، اِهو سڄو عمل مون لاء ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هو. مون کي مولوي صاحب جو جمعي وارو خطبو ياد اچڻ لڳو، جيڪو مون دوست محمد جي گهر جي ڀر واري مسجد ۾ ٻڌو هو، منهنجو مٿو چڪرائجي ويو، پر نم جي ڏار ۾ مون کسڪندڙ هٿ مضبوطيءَ سان جهليا. وهندڙ ڳوڙهن کي اگهڻ به مشڪل هو. سڀ ٻرندڙ جمنا کي ڇڏي هڪ هڪ ٿي جڏهن نِڪري ويا ته مان به وڻ کان لٿس ڄڻ پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو هوس.

ٻرندڙ لاش جي ويجهو وڃي ڏٺم دل ڏرڻ لڳي. منهنجي ننڍپڻ جي سنگتي دوست محمد جي گهر جي ڀر واري مسجد ۾ ڏنل مولويءَ جو خطبو ياد اچي ويو، اسين جڏهن جمعي جي ڏينهن دوست محمد جي گهر جي ٿلهي ٻاهران ويهندا هئاسين ته اڪثر مولوي صاحب جي خطبي جو آواز لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌبو هو، جنهن ۾ مولوي اڪثر قيامت جي ڏينهن دوزخ ۾ سڙڻ جي ڳالهه ڪندو هو. مون کي لڳو ته اِهو دوزخ هو، جنهن ۾ جمنا سڙي رهي هئي، پر هوءَ ته معصوم هئي، جنت جي پرِي هئي، اڇي اُجري هئي، پر هي دوزخ ....ھي ته انسانن ٻاريو هو، هيءَ هٿرادو باهه ته ماڻهن ئي ڪاٺيون گڏ ڪري پاڻ ٻاري هئي. مون کي اُن لمحي اِهو به ياد آيو ته مولوي چوندو هو ته:

نيڪيون ڪرڻ وارن ۽ معصومن لاءِ جنت آهي ۽ بدڪارن، گناهگارن لاءِ دوزخ آهي. پوءِ ڇو جمنا!!؟

منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، هڪ ويل سوچيم ته مان به اِن چتا ۾ جلي وڃان، پر پاڻ سنڀاليم. اچانڪ خيال آيو ته مان مرندس ته مون کي به ته اِن باهه ۾ ساڙيندا نيٺ. پر مان باهه ۾ نه سڙندس. مان ثواب ڪمائيندس مان جنتي ٿينديس. مان مسلمان ٿيندس. منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو مون کي باهه کان ڏاڍو خوف ٿيندو هو، انڪري جو ننڍي هوندي مان هڪ ڀيرو ڏياريءَ تي ڦٽاڪا ٻاريندي سڙي پيو هوس. منهنجي هٿ ۽ ڪارائي تي هي نشان اُن سڙڻ جو آهي، اُن حادثي ۾ منهنجا سٿر به سڙيا هئا. سڙڻ کان پوءِ مون ڪيئي مهينا لوڙيو هو، مهينن تائين منهنجو جسم ڪُرندو ۽ جلندو هو، مان رڙيون ڪري روئيندو هوس. ان لمحي منهنجي حالت ڏسي امان ڏاڍو روئيندي تڙپندي هئي. مان روئيندي روئيندي امان کي چوندو هوس:

امان مان ڪڏهن به ڏياريءَ تي ڦٽاڪا نه ٻاريندس. مان ڪڏهن به ڏياريءَ جون خوشيون نه ملهائيندس. مون کي باهه کان ڊپ ٿو لڳي.

خوف سبب مسڻ ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسي ڊڄي به ويس، سو مون مسڻ مان نِڪري گهر طرف ڊُڪڻ شروع ڪيو. عجيب ڪيفيت ۽ حالت هئي، پر ڄڻ اندر مان ڪو ٻولي رهيو هو، ها مان مسلمان ٿيندس، قبر ۾ دفن ٿيندس، باهه ۾ نه سڙندس.

اِهو سڀڪجهه اُن ڳالهه کان بيخبر سوچي ڊڪندو ٿي رهيس ته مسلمان ٿيڻ ۾ ڪيترا اهنج ۽ ايذاءَ منهنجا منتظر هئا، پر اُن وقت هڪ واڻئي جي گهر طرف ڊوڙي رهيو هوس. مان گهر پهچڻ ساڻ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل کٽولي تي ڪِري پيس. اکيون کُليون ته مان گهر جي ڪوٺيءَ ۾ هيس، امان کٽ جي سيرانديءَ کان ويٺي هئي، اک کُلندي پيشاني چمي چوڻ لڳي:

ٻچا! ڪالهه شام کان به اڳ سُمهيو آهين، هاڻي منجهند جو اک کلي اٿئي. بخار ۾ تپيل آهين، طبيب به ڏسي ويو اٿئي، دوا ڏئي ويو آهي، تاڪيد ڪيائين ته تنهنجي آرام جو خيال رکون جي منجهند تائين اک نه کُلي ته کيس ٻيهر سڏايون.

مان وري اُها باهه ياد ڪرڻ لڳس ۽ امان کي ڏسي روئي ڏنم، امان هنج ۾ منهنجو مُنهن رکي ڳوڙها اگهندي خود به روئيندي رَهي، جو هُن ڄاتو ٿي ته مون کي جمنا جو صدمو آهي.

اُن ڏينهن کان پوءِ امان دريءَ ۾ رکيل مورتين جي آڏو ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي ڪي منتر يا پاٺ پڙهندي هئي. پوءِ مون کي به شوڪارا هڻندي هئي ۽ هڪ ڇمڪڻي وڄائيندي هئي. آءٌ مهينو بيمار هيس ۽ عجيب ڪيفيت ۾ پاڻ سان جسماني ۽ ذهني طور جنگ جي محاذ تي گذاريم. جسم ان صدمي ۽ اُڻتُڻ جي ڪري ڪمزور ٿي پيو، هفتو بخار رهڻ کان پوءِ ڪمزوري ۽ اوڪارن جو معاملو هليو، سو ته ٺهيو، پر ذهني آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ جيئڻ ڪونه ٿي ڏنو. هر پل گهر مان ڀڄڻ جا منصوبا ٺاهيندو ڊاهيندو ٿي رهيس. گهر وارا خراب طبعيت جي ڪري گهر کان نڪرڻ نه پيا ڏين، خاص ڪري امان جو مون ۾ ساهه هو، تنهن پنهنجي اکين کان پري ٿيڻ ڪونه ٿي ڏنو. آخر مهيني کان پوءِ اسڪول وڃڻ جي اجازت ملي، اسڪول وڏو ڪو سرڪاري بلڊنگ وارو نه هو، هيڊ ماستر جي گهر جو هڪڙو ڪمرو هو ۽ اسين پنج ٻار هئاسين. مان اسڪول کان موٽي انهيءَ ڏينهن سڌو دوست محمد وٽ ويس، مون کي ڏسي دوست محمد ڇرڪي ويو ۽ چوڻ لڳو:

مِيان ڳري چٽ ٿي پيو آهين، ڇا ٿيو اٿئي؟ مون دل جهلي سَموري ڳالهه ٻڌائي مانس ۽ کيس چيم:

يار مان مسلمان ٿيندسُ....؟ اِهو ٻُڌندي تارا پٽجي ويس، حيرت وچان چيائين:

چرچا ڇڏ.....

نه نه چرچو يا مذاق نٿو ڪريان، مان سچ ۾ مسلمان ٿيندس، ڪملو پڙهندس، الله ۽ اُن جي رسول تي ايمان آڻيندس.  مان مسجد واري مولويءَ جا خطبا ٻڌي اڳ ئي ايمان آڻي چڪو هوس، جيڪا منهنجي اندر جي ڳالهه هئي، ٻيڻو هن واقعي مون کي سُک ويهڻ نٿي ڏنو. هِن گهڙيءَ مسلمان ٿيان، ٻي گهڙي نه وجهان. هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪيفيت هڪ جنون هو.

مون کي سڙڻ کان خوف هو، سڙڻ اُهو آڙاهه، اُها پري کان ساڙيندڙ ڄڀي جيڪا مون وڻ تان لهي جمنا جي سڙندڙ چِتا جي ويجهو وڃي ڏٺي هئي. مون کي مسلمان ٿيڻ ۾  جيڪي ڏکيائون يا پيچدگيون درپيش هيون سي به ارادا لوڏي نه سگهيون هيون. مون کي ان سفر ۾ موت به منظور هو، پر هندو کان مسلمان تائين جو سفر طئي ڪرڻو هو. دوست محمد ڊڄي ويو ۽ حيرت ۾ اهڙو گم هو، جهڙو مان جمنا کي سڙندي ڏسي درد سان گڏ حيرت ۾ سراپجي ويو هوس. دوست محمد چيو هو:

تون ته هيڏو امير ايڏو خاشو ماڻهو، واڻين جي امير گهر جو ٻار آهين. اسين مسلمان غريب آهيون، اسان تي هميشه تون خرچ ڪندو آهين، سڀني  سنگتين جي مدد ڪندو آهين، اسين ڀلا توکي ٽڪي ٽڪر ۾ ڪهڙي ٽيڪ ڏئي سگهنداسين، ٻيڻو تنهنجي مالڪن جو زور پئجي ويو ته توسان گڏ پنهنجو به سِر رُلي ويندو.

اوهان کي تڪليف نه ڏيندس، نه ڏياريندس. مان هي تَر ڇڏي ڏيندس، بس مسلمان ٿيڻ تائين ساٿ ڏيو، رهي اميري ته اُن جي پرواهه ڪونه اٿم، اهو طئي آهي ته مون کي اسلام قبول ڪرڻو آهي. باقي آچار، ابراهيم صالح ۽ ڪريم کي به ان صلاح ۾ شريڪ ڪرڻو آهي.

مان ٻي ڏينهن تي نڪري نه سگهيو هوس. ٽئين ڏينهن اسڪول مان سوير موڪل وٺي دوست محمد وٽ آيس، انجام موجب سڀ دوست گڏ هئا، دوست محمد سڄي صورتحال کان سڀني کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، سڀ حيرت، خوشي ۽ غير يقيني ڪيفيت ۾ مون کي ڏسي رهيا هئا، سڀ مليا ته گرم جوشيءَ ۾ پر سندن سواليه نظرون منهنجي وجود تي سواليه نشان جيان پئجي رهيون هيون. مون اُتي ٿوري بيوسي محسوس ڪئي ته ڪاش! مان ائين سمجهائي سگهان جيئن سمجهي رهيو آهيان. آءٌ سينو ڦاڙي دل ڪونه ٿي ڏيکاري سگهيس. مون جيئن محسوس پئي ڪيو تيئن محسوس ڪرائڻ ۾ شديد ناڪام وڃي رهيو هوس. هُو منهنجا پيارا دوست هئا، ٿورو منهنجي خاندان جي اثر رسوخ کان ڊنل ۽ هيسيل هئا، غريب ماڻهو ته ڊڄندو ئي آهي نه.

 ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ آچار ڳالهايو:

گيانا! يار تون ڪيئن ٿيندين مسلمان وڏو مسئلو آهي، مسلمان جي ٿيندين ته هتي توکي واڻيا رهڻ ته ڪونه ڏيندا، مري نه پئين.“

اڙي تون ماٺ ڪر، جي هُو دل سان دين تي اچي ٿو ته اسان به بي وڙا نه ٿينداسين، ساٿ ڏينداسونس، يار تان سر قربان آ. مان نعرو هڻي بيهندس مٿس، مٺي مرسل جي دين تان گهور ٿيس ته خير آهي.  ابراهيم جوش ۾ ننڍڙي تقرير ڪري ويو.

گيانا! اسين سڀ ساٿ ڏينداسين تنهنجو، مولوي به هٿ ڪبو، رک الله تي.“

پهرين جڏهن هي خاموش هئا ته به مان پنهنجي ارادي تي قائم هيس، پر هينئر دل وڏي ٿي وئي هئي، گهر موٽي ته آيو هوس، پر جهڙو دوست محمد جي گهر منهنجو روح رهجي ويو هو. رهجي ته مان ان ڏينهن تي ڪٿي ٻاهر ويو هوس، گهر ڪين موٽيو هوس، جنهن ڏينهن جمنا جو انتم سنسڪار ڏٺو هئم. جمنا جو ديهانت ڇا ٿيو هو ڄڻ ته منهنجو به ديهانت ٿي ويو هو. جمنا جي ديهانت کان پوءِ پاڻ ۾ مان ڪونه هوس، ڄڻ ڪو ٻيو روح هو، جيڪو هلي ڦري ۽ مون کي ڦيرائي رهيو هو.

شروع ۾ منهنجو گُم سُم رهڻ ۽ اُداس رهڻ گهر ۾ وڏي پريشاني يا سوالن جو سبب ان ڪري نه ٿيو هو، جو سڀني ڄاتو ٿي ته جمنا جي صدمي ۾ آهيان، پر جڏهن مان گونگن وانگر گهر ۾ بي آواز ۽ موجود هوندي غير موجود رهڻ لڳس. نه آواز نه انگل، نه ٻاراڻي شوخي شرارت، تڏهن سڀني مون کان طبعيت جو پُڇيو ۽ جيڪا ڀڳوان جي مرضي چئي وري وساري ڇڏيائون، پر امڙ ڪينَ وساريو، اُن کي منهنجي حالت، حيران ۽ پريشان ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن صبح جو اسڪول موڪلڻ کان اڳ پڇڻ لڳي:

ابا اسڪول جو ڪم ڳرو آهي يا پنهنجي جمنا جي ياد ۾ ڳرندو ٿو وڃين، جي چوين ته چيٽ ۾ ڀڳوانداس جي ڌيءَ وٺي ڏيانءِ، کيس ست ڌيئون آهن، جنهن تي هٿ رکين.“

مون خالي نظرن سان امڙ ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، امڙ منهنجي وجود جي هر تحرير پڙهي ٿي سگهي، پر ڄڻ هيءَ لکاوت سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيس. ايتري ۾ منوهر لال،  چيلارام ۽ آنند اسڪول هلڻ لاءِ اچي پهتا، مان تڪڙ ۾ انهن سان نڪري ويس.

امڙ جي تڙپ دل ۾ چهنڊي وڌي، پر هڪ اڻڏٺل ڪشش ۽ قوت ان تي حاوي هئي. ائين مسلمان ٿيڻ جا پُور پچائيندي سال کان مٿي ٿي ويو. دوستن کي ڪو مولوي ڪونه ٿي سُجهيو. دوست منهنجي حالت تي پريشان هئا. جيسين ڪو مولوي هٿ اچي مان دوست محمد سان سندس گهر جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندو رهيس، جڏهن مسجد مان سڀ نمازي هليا ويندا هئا.  دوستن مون کي نماز سيکاري ۽ ياد ڪرائي هئي. قرآن جو سبق به ڏيندا رهيا، وڏن کان چوري دوست محمد جي گهر جي ڪچي ڇن ۾ دين جون ڳالهيون ڪندا هئاسين، نماز ۽ قرآن پڙهندا هئاسين. مان ذهين هوس سو ڪا ڏکيائي نه ٿي، سڀڪجهه جلدي ياد ڪري ويس.  مان سترهن سالن جو ٿي ويس، مان ڪابه نماز نه گسائيندو هوس، ڪيئن به ڪري لِڪي نماز پڙهندو هوس ۽ دعا ۾ باهه کان پناهه گُهرندو هوس.  

مون پنهنجي مذهبي ڏينهَن ۽ پوڄا پاٺ ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو. سڀني گهر وارن کي منهنجو اِهو رويو پسند نه هو. اِن ڳالهه تي سڀ دڙڪا به ڏيندا هئا، سواءِ امڙ جي. بابا کان وڌيڪ چاچا دڙڪا ڏيندو هو. چاچا وڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو شخص هو، جيتوڻيڪ چاچا، پتا کان ننڍو هو، پر وڏي مڻيا ۽ ڏيا وارو شخص هو، خانداني فيصلا به گهڻو ڪري چاچا ڪندو هو، جو بابا گهر توڙي خانداني مسئلا سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا.

اُهو شايد آچر موڪل جو ڏينهن هو، مان دوست محمد وٽ ويس ته پُرجوش طريقي سان مليو، زور سان ڀاڪر پائي خوشخبري ڏنائين ته:

گيان تنهنجو ڪم ٿي ويو آهي، سونڍا کان سوٽ آيو آهي، مولوي جو ڏس ڏنو اٿائين جيڪو سندس گهڻ گهرو آهي، چاچي جو دوست آهي، مون کيس رات رهايو آهي، سڀاڻي يار تنهنجي ڪم سان ساڻس رلجي وڃان ٿو. ڪم پڪو ڪري مولوي سان ڳالهائي موٽ ڪندس پوءِ وري هتان گڏجي هلنداسين. بس سڀاڻي نڪرنداسين. هُو پنهنجي سوٽ کي سڏي آيو، ٻاهرين ڇن ۾ ويٺاسين، کوڙ ڪچهري ٿي. سندس سئوٽ ڀلو ماڻهو هو.

عبدالقادر جو ٿڌو ساهه نڪري ويو، پٽ کان پاڻي گُهريائين. عبدالرحمان ڪٽوري ۾ پاڻي ڀري ڏنس....يڪ ساهي پاڻي پيئڻ کان پوءِ عبدالقادر وري ڳالهايو:

”مان هفتي کان دوست محمد وٽ وڃي نه سگهيو هوس. هفتي کان پوءِ جڏهن وٽس ويس ته دوست محمد خوشخبري ٻڌائي ته مولوي مڃي ويو آهي، ميار ڏيڻ لڳو ته مان تنهنجي ڪري سوٽ جي منٿن تي به اُتي نه رهيس، تنهنجو ڇهن ڏينهن کان انتظار ويٺي ڪيم. دوست محمد خوشيءَ ۾ ڪونه ٿي ماپيو. دوست محمد پنهنجي والد کي به اِها ڳالهه ٻڌائي چڪو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ مولويءَ وٽ پهچڻو هو. سو انجام موجب جڏهن ڏاند گاڏيءَ تي ڀرواري ڳوٺ پهتاسين ته دوست محمد جا مائٽ اسان سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. دوست محمد جا مِٽ مائٽ گڻائتا ۽ قربائتا  ماڻهو هئا، ڀَلِي آجيان ڪيائون. سٺو ڀانيائون، هنڌ ٽپڙ، ماني ٽڪي، خاشي خدمت ڪيائون.

ٻئي صبح تي مولوي سان ملياسين مولوي صاحب به خوش ٿيو. منهنجي مسلمان ٿيڻ تي، مولوي صاحب کي جا سرهائي منهن تي آئي، تنهن مون کي به سرهو ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب چيو ڪجهه ڏينهن مهماني کائو. ڏسجي ته پٺيان جاچ جوچ ڳولها ڦولها ڪيتري ٿئي ٿي! پنهنجو به بچاءُ لازمي آهي، ٻيو تون اڃا ڪچو آهين. انگريزن جي حڪومت آهي ڪٿي ڪاٺ نه پئجي وڃون. اسين بابا اڀرا ماڙهو  ڪنهن ڦڏي مان ڪينَ ڄاڻون.

ستين رات بابا اوچتو چاچي سان اچي ڳولهي لڌو، ڳوٺ وارن دوستن سڻس ڏئي ڇڏي هئي، چاچا جي رعب آڏو دوستن زبان کولي وڌي، شايد کين مار موچڙو به ٿيو هو. بابا جڏهن آڏو آيو ته رڦڻي وٺي ويم، رت ست ڇڏائي ويو، ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺس،  چاچا ڪاوڙ ۾  اچي ساڄي ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍي، هٿ چاچا جو ڳرو هو، چپاٽ ڄڻ ڳل تي ٺهي پئي. بابا مولويءَ کي ڏاڍو سوڙهو ڪيو، چيائينس  قانوني ڪاروائي ٿيندي... مولوي صاحب منٿ ميڙ ڪيس، هٿ ٻڌائينس ته:

بابا امانت وٺي وڃو، مون کيس ڪلمو ڪونهي پڙهايو. ڇوڪرو اڃا مسلمان ناهي ٿيو.

مسلمان ٿيندو به ڪيئن اڃا هو ارڙهن سالن جو به ناهي ٿيو.

بابا ڄڻ شينهن وانگر گجگوڙ ڪئي هئي.

اوهين ته دين دنيا ڄاڻو ٿا، هي اوهان غير مناسب قدم ڪيئن پئي کنيو، قانون موجب اوهين ڏوهاري آهيو.

ديوان سائين! مسلمان ڪيو ته ڪونهي اڃان، پنهنجي خوشيءَ سان پٽ اوهان جو آيو آهي، اسين کيس زوريءَ ته ڪونه وٺي آيا هئاسين، جيئن پهتو آهي تيئن ويٺو آهي، مون نه ڪو مسلمان ڪيو آهي نه وري هاڻي ڪو ڪندس. پنهنجي پٽ کان پُڇي سگهو ٿا.  هي دين آهي زوري ناهي ٿيندي دين ۾. اِهو مان به ڄاڻان ٿو.“

بابا وارن ڏاند گاڏي ۾ مون کي ويهاريو، ڀلين جُهلن وارا ٻه ڏاند، وڏا وڪڙ کاڌل سڱ  ڍڳا ڄڻ ته بيل گاڏي اُڏائيندا ٿي ويا. مان خوف ۾ هئس ته شايد ماريو وڃان. گهر پهچي چاچا ڏاڍي ڇنڊ پٽي هئي ته شرم ڪونه آهي توکي راڄ ۾ وڏي عزت وارا آهيون، ستن پُشتن ۾ اسان مان ڪو مسلمان نه ٿيو، توکي اهو خيال ڪٿان آيو، بڻ بڻياد تنهنجو ڪيڏو مانائتو آهي، توکي پنهنجي ڌرم جو ڀرم شرم ناهي.

امڙ منهن تي پردو ڪري منهنجي ڀرسان بيٺي رهي هئي، امڙ، چاچن کان پردو ڪندي هئي. پوءِ چاچا مون کي کٽولي سان ٻڌي ڇڏيو هو، چاچا ۽ بابا اِهو چيو ته هي تيسين ٻڌل رهي جيسين آڻ نٿو مڃي. جي سڌو نه ٿيو ته ڪا ٻي ڪاروائي ڪبي، باقي نڪ کڻڻ جهڙو ڪونه ڇڏيو اٿائين. دل تان لهي ويو آهي.  مان مسلمان هوس، دل سان روح سان، سا ڳالهه ڪير به سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. مون کي تڪليف ڏئي ويتر باغي ڪري رهيا هئا. مون کي فقط امڙ جو اونو هو، باقي رشتا دل تان لهي چڪا هئا. جڏهن سڀ ڪمري مان نڪري ويا ته امڙ لالٽين کڻي اچي منهنجو چهرو ڏٺو هو، ڳل تي چاچا جي چپاٽ سَودي ٺهي پئي هئي، امڙ ڏسي ڊڄي وئي، مون ڏٺو ته امڙ جي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو. لڳم ته مون کي نه، پر ڄڻ امڙ کي اُها چپاٽ لڳي جڏهن منهنجي ڳل تي چپاٽ جي ڇاپ ڏٺائين. امڙ جي اکين مان رُڪيل ڳوڙها ڪري پيا ۽ مسلسل ڪِرندا رهيا، سڏڪو روڪي پڇيائين:

ماني کائيندين؟ مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، منهنجو منهن ٻنهي هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳي:

منهنجا لال مُڙي وڃ، ضد چڱو ناهي. مان ممتا کان مجبور آهيان، مون کي ڪينَ مار.

پوءِ منهنجا ٻئي هٿ چمندي رهي. منهنجا هٿ سندس ڳوڙهن جي مينهوڳيءَ ۾ جل ٿل ٿي ويا هئا. مون اُن لمحي امڙ کي چيو هو ته:

امڙ مان اِن آڙاهه ۾ نه سڙندس جيڪا منهنجي چتا کي هڪ ڏينهن ڏني ويندي، مون کي نرڳ دوزخ جي باهه نه، پر سوَرڳ جنت جي طلب آهي. سا لهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر امڙ! ٻئي ڏينهن صبح جو زوريءَ ماني پنهنجي هٿن سان کارائي هئائين. کيس پڪ ٿي چڪي ھيس ته آءٌ نه مُڙندس، هوءَ هارائي چڪي هئي. درگا ماتا جي ڀڳت هارائي چڪي هئي. هڪ ماءُ ممتا هٿان هارائي آڻ مڃي چڪي هئي. هوءَ مڪمل ممتا هئي درگا ماتا جهڙي شفيق. مون سڄي رات ننڊ نه ڪئي هئي، ڀڄڻ جا پور پچائيندو رهيو هوس. جسم نٻل، بيحال نستو هو، جهڙو بيجان. صبح جو مون امان کان حاجت روائي جي اجازت گُهريم، امڙ سڏڪو دٻائيندي هٿ جي اشاري سان چيو هليو وڃ. نوراتري جي لاءِ سڀ تيارين ۾ مندر ويل هئا. امان کي منهنجي رکواليءَ لاءِ رهائي ويا هئا. منهنجي هٿن پيرن جون رسيون کولي ڇڏيائين. ان مهل سج جا ڪرڻا امڙ جي چهري تي پيا هئا. مون کي لڳو ته سوريه ونش امڙ جي ممتا کي ڄڻ سلام ڪري رهيو آهي.

عبدالقادر سڏڪو چپن ۾ چيڀاٽي اندر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جيڪو عبدالرحمان محسوس ڪري ورتو. وري عبدالقادر ڳالهايو:

ويندي ويندي امان مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌائين. مان گهر جي پوئين پاسي ڍنگهرن جي لوڙهي تي پاڻ اڇلايو. ڪيئي ڪنڊا جسم رهڙي ويا پر ساهه بچائڻ ۽ مسلمان ٿيڻ جو مقصد منهنجي جسم کي چُرڻ تي مجبور ڪري رهيو هو.  منهنجي ٺونٺن ۽ پٺيءَ ۾ ڪنڊا چُڀي ويا هئا، لوڙهو ٽپي ڊوڙ پاتم، چپل پير مان ڪڏهوڪي لهي وئي، ڪا سُڌ ڪين هُئم. پٺتيءَ ڪونه ڏٺم، ٿورو ئي پري ويس ته چاچا گهوڙيءَ تي اچي رهيو هو.  مان ڏڪي ويس شڪر الله جو آڏو سگهارو ٻير جو وڻ هو، ان جي اوٽ ۾ لِڪي ويس. چاچا ڪونه ڏٺو. مون وري روڪيل ساهه کنيو ۽ وري پيرن تي زور ڏنم. ڊڪيس ۽ ڊڪندي ڀڄندي واهه جي ڪپ تي پهتس، اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي وئي، مان اُتي ئي ڪري پيس. عبدالقادر ڪجهه لمحا خاموش ٿي ويو... فانوس جي روشنيءَ کان منهن هٽائي عبدالرحمان پهراڻ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ورتا جيڪي پيءُ جي ڪهاڻي ٻُڌندي وهي پيا هئس. عبدالقادر وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته عبدالرحمان منهن روشنيءَ طرف ڪيو.

جڏهن هوش آيم ته هڪ غريب ميربحر جي ڀُنگيءَ ۾ هئم.  ان مون کي سڃاتو هو، جو روزانو اسان جي ڳوٺ مڇي کڻي ايندو هو.  مان ڏڪي ويس. غلامون ميربحر شفقت سان نهاري چيو ته، سيٺ مولچند جو پٽ آهين نه؟ مون هائوڪار ۾ هلڪو ڪنڌ لوڏيو.

ٻچا تون غشي ۾ واهه جي ڪپ تي پيو هئين ۽ اهو حال ڪيئن ٿيو ٿي؟

مون کين سڄو حال ٻڌايو.....

ابووو....   غلامون ڪجهه سوچيندي چيو،

ڊڄ نه اسين دين خاطر توسان گڏ آهيون، جيڪو حڪم ڪرين. پيار سان مٿي تي هٿ رکيائين ۽ چيائين:

اَبا ريل ڪار ۾ چڙهي وڃي شهر ۾ ڪو مولوي ڳولي هٿ ڪر، هتي ته تون پڌرو ٿي پوندين.

اُتي مون کي خيال آيو ته دوست محمد کي نياپو غلامون هٿان ڪرايان جو هو روز مڇي کڻي ڳوٺ ويندو آهي. غلامون سان ڳالهه ڪيم ته کيس سرهائي ٿي ۽ هائوڪار ڪيائين. ڏينهن اڌ ۾ دوست محمد، پيءُ ۽ ٽنهي دوستن سوڌو اچي پهتو.

رات واري ريل ڪار ۾ مان ۽ هُو  ٽيئي دوست ڪراچي روانا ٿياسين. مون کيسي ۾ هٿ هنيو ته امڙ جا سڪا ۽ سونيون گينيون هٿ ۾ آيون.  ٽڪيٽون مون سڀني جون ورتيون خرچ ڪرائڻ جي عادت ڪڏهن ڪونه هئي سو ڪجهه پئسا دوستن کي به ڏنم. ريل گاڏي ۾ منهنجي ڪيفيت مٽجي وئي هئي، ڪنهن پل نور جي روشني سيني ڏانهن ويندي محسوس ٿي ٿِي ۽ جسم ۾ حيرت انگيز سگهه پيدا ٿي وئي ته ڪنهن لمحي وري مائٽن جو ڊپ ۽ باهه جو خوف پئي ٿيم. مون کي پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءُ ڪونه هو، پوءِ مان خوش هوس جو پنهنجي مقصد جي پورائيءَ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو هوس. 

ڪراچيءَ ۾ هڪ مشهور عالم دين ۽ معروف بزرگ هستيءَ سان وڃي ملياسين. مون ۽ منهنجي دوستن سڄو حال کيس ٻڌايو. مولوي سڀ سوال مون کان ٿي پڇيا ته ڪٿي هي زبردستي کيس کڻي ته نه آيا آهن. مون اعتماد سان جواب ڏنا. منهنجو حوصلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مٿي تي هٿ رکي چيائين،

هيءُ مدرسو ۽ منهنجو گهر تنهنجا پنهنجا آهن، تنهنجي عمر ارڙهن سال ٿيڻ تائين توکي ڪلمو نه پڙهائبو، توکي تيسين اسلام جي باري ۾ سڀ سمجهائيندس، پوءِ مسلمان ڪندس. سو ٽي مهينا تون ڄاڻ حاصل ڪر، پوءِ مان توکي مسلمان ڪندس.
منهنجا دوست موڪلائي واپس روانا ٿي ويا جيئن منهنجي وارثن کي ڪو شڪ نه پئي. ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ مولانا صاحب مون کي مذهبي رسم سان مسلمان ڪيو، ڪلمو پڙهايو.  هندو برادري ۽ منهنجي وارثن ۾ وڏو چوٻول متل هو، وڏي ڦڙڦوٽ هئي، هُو هرهنڌ مون کي ڳولهي رهيا هئا.

منهنجي مسلمان ٿيڻ کان هفتو پوءِ اچي نيٺ مون کي ڳولهي پهتا. مولانا صاحب مون کي سندن سامهون اچڻ نه ڏنو. پهريان سڀ دليل ثبوت، منهنجو قسم نامو ۽ پوري عمر کين ٻڌايائين. پوءِ کانئن مون سان ملڻ جي لاءِ پڇيائين، جنهن تي هنن مونسان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏک ڪاوڙ ۾ واپس هليا ويا.  مولانا صاحب منهنجو مسلمانڪو نالو عبدالقادر رکيو هو، نه صرف ايترو، پر منهنجي وارثن جي لادعوى هُجڻ ڪري مون کي پنهنجي ولديت جو نالو به ڏنائين، مان قومي سڃاڻپ موجب عبدالقادر ولد مولوي عبدالستار بڻجي ويس.  مون کي نالي متعلق سمجهائيندي چيو هيائين عبدالقادر يعني قادر مطلق جو عبد، بندو. مون کي پاڻ وٽ سال ترسائي مڪمل ديني تعليم ڏنائين پوري سِکيا ڏنائين. جڏهن مان هر ڳالهه سمجهي سِکي ويس ۽ دلي طور مطمئن ٿيس ته مون مولانا صاحب کان موڪلايو. مولانا صاحب مون کي ولديت ڏني هئي سو پنهنجو پُٽ ئي سمجهندي سموري زندگي پاڻ سان رهڻ جي آڇ ڪئي. مون سندس ٿورا مڃيا ۽ زندگي پنهنجي انداز ۾ جيئڻ جي اجازت گهري. مولانا صاحب دعائن ۽ تحفن سان رخصت ڪيو ۽ اِهو تاڪيد ڪيائين ته ڇٽي ڇهه ماهي مان کيس مُنهن ڏيکاريندو ضرور رهان.

مان سنڌ جي سڀني روضن ۽ زيارتن، ديني بزرگن وٽ ويس. سڀ گاديون گهُميس. مان هاڻي ويهن سالن جو جوان ٿي چُڪو هئس. امڙ جو ڏنل سون ۽ پئسا مون وٽ سنڀاليل هئا. مان روز گذر لاءِ ڪڏهن مزدوري به ڪري وٺندو هوس، پر انهن پئسن کي هٿ نه لاٿم.

نيٺ پنهنجي ڳوٺ ويجهو ننڍڙي شهر ۾ اچي هڪ مولوي سان مليس. مولوي صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پوري شهر ۾ منادي ڪرايائين، گهوڙو سجائي، نئون خوبصورت جوڙو تيار ڪرائي پارائي اُن تي ويهاري شهر ۽ شهر کان منهنجي ڳوٺ تائين جو سرگس ڪرايائين.  ڳوٺ جي مندر ۽ مسڻ کان گذرندي منهنجي لونءَ ڪانڊارجي وئي، سڀ يادون سمورا عڪس اولڙا ذهن جي ڪينواس تي تري آيا. هلندي جڏهن پنهنجي گهر کان گذريس ته مٿين ماڙ تي نظر پيم عورتون بيٺل نظر آيون. سڀ زارو قطار روئي رهيون هيون. سڀن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.  مون ڪنهن کي ڳولهيو پئي.  جڏهن امڙ تي نظر پيم ته دل ئي ڄڻ ڌڏي وئي، اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پر پاڻ سنڀالي ورتم. امڙ ويجهو ڏسي هڪ ڳوٿري هڙ مون ڏانهن اُڇلائي جيڪا اچي منهنجي جهولي ۾ ڪِري مون اُها هڙ کنئين. سوچيم واپس امڙ ڏانهن اڇلايان، پر هيڏي ميڙاڪي ۾ ايئن ڪري نه سگهيس. خبرناهي ڪنهن ڏٺو، ڪنهن نه ڏٺو، وڌيڪ ڪنهن کي خبر نه ڏيڻ ئي بهتر هو. وڏي احترام سان جلوس وري واپس شهر مولوي جي گهر طرف رخ ڪيو.

مون گهر پهچي ٿيلهي کولي ڏٺي، ڪافي پئسا ۽ سون هو.  مان نماز جو پابند هيس، پر مولويءَ جي مسجد ۾ رهندي تهجد، اشراڪ ۽ چاشت نماز به پڙهندو هوس، مون جلدي انهن سڀني پئسن مان هي گهر ۽ مسجد جوڙايا ۽ هڪ دڪان کوليم.

مولوي ڪجهه ئي مهينن ۾ ڌيءُ جي سڱ جي آڇ ڪئي، جيڪا مون اڻڏٺي قبولي. سڄي دنيا چيو ته تون مولوي جي ڪوجهي ڌيءُ سان ڪيئن ها ڪئي. پاڻ ته ٺاهوڪو سهڻو جوان آهين. تو جهڙو شهزادو ته پوري تر ۾ ڪونهي. مون کين چيو سڀ مالڪ جو جهان آهي، دنيا باغ آهي ۽ ان ۾ هر رنگ هر قسم جا گل آهن، مالڪ جي ٺهيل ڪابه شئي خراب ڪونهي. منهنجي شادي ٿي وئي...

عبدالرحمان کان رهيو نه ٿيو، چيائين:

بابا اوهين واقعي سدا ملوڪ حسين آهيو، امان ۽ اوهان ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. عبدالقادر کِلندي وراڻيو سڀ صورتون اُن ذات جون خلقيل آهن. ڪنهن صورت مان وِڏ ڪڍڻ اُن مالڪ جي شان مان وِڏ ڪڍڻ برابر آهي، مون کي سندس ذات ۽ صورت ۾ ڪڏهن ڪو عيب نظر نه آيو آهي. خير سان جڏهن عبدالنبي ڇهن مهينن جو ۽ تون ٽن سالن جو هئين تڏهن امڙ نياپو ڪرايو هو ته مون کي پوٽا ڏيکاري وڃ. دم حياتي الائي ڇا موت ملاقات جي ڪا خبرناهي، مون انڪار ڪيو هو. وري امڙ اِهو نياپو ڪرايو ته:

پُٽ جي تون هڪ واياڻيءَ سان نٿو ملڻ چاهين ته اُها تنهنجو مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آخري ڀيرو تنهنجي ۽ تنهنجي ٻچن کي ڏسڻ ڪاڻ هوءَ پوئين وهيءَ ۾ به پنهنجو ڌرم ڇڏي ڏيندي. مَذهب ڇڏڻ سان، سندس مانگ اُجڙي ويندي، منگل سُوتر بي معنيٰ ٿي پوندو، هوءَ مڙس هوندي به ڄڻ وڌوا  يعني سُهاڳڻ هوندي به ڏُهاڳڻ ٿي پوندي، سو به قبول آهي ٻچا تو لاءِ.  هوءَ مڪمل ماءُ هئي، هُن جنهن دل سان چيو هو سو ڪري به ڏيکاري ها جيڪڏهن مان نه مڃان ها، وٽس توهان کي ڏيکارڻ نه وڃان ها.  اُن وقت تنهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته: ”مان به ماءُ آهيان، ۽ هڪ ماءُ جي دل ۽ محبت جو اندازو اٿم. ماءُ مذهب کان بالاتر هوندي آهي.  جي تون نه هلندين ته آءُ ساڻس ٻارن سميت وڃي ملنديس. نيٺ اسان ٻئي اوهان ٻنهي کي ڏاند گاڏيءَ ۾ وٺي ويا هئاسين.

اوهان جي ڄمڻ تي جا مون کي خوشي هئي، امڙ کي ان کان وڌ خوشي اوهان کي ڏسي ٿي هئي. پتا ۽ چاچا سڀ خاندان مليو هو، سڀ آڻ مڃي چڪا هئا. بس مون کي زندهه ڏسي ٻچڙيوال ڏسي ٽُٽي پيا هئا، بس ڪُڇيا ڪونه پئي، پر اندر ئي اندر ۾ روئي رهيا هئا.  امڙ اڳ جيان سڏڪن کي گُهٽي ڳالهائيندي رهي ۽ مون کي ڪا مهل ڏسندي رهي.

امڙ واپسي مهل تنهنجي امڙ کي سون ۽ ٻيا تحفا ڏنا هئا. مون  تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهي.

ابا ايئن انڪار نه ڪر، تنهنجو انڪار مون لاءِ نرڳ جي باهه کان وڌيڪ ساڙيندڙ آهي، اَبا مون کي جيئري نرڳ جي باهه ۾ نه اُڇلاءِ…“

اُن لمحي منهنجي اکين ۾ مسڻ واري ڏينهن جي ياد اچي وئي هئي، جڏهن مان جمنا جي انتم سنسڪار ڏسڻ لاءِ صبح جو سوير وڃي مسڻ ۾ نم جي وڻ تي چڙهي لِڪي ويٺو هوس. جمنا جي آرتيءَ کان اڳ هڪ ٻي آرتي مسڻ ۾ جيڪا آئي هئي ۽ اُن جو انتم سنسڪار ٿيو هو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. رسمن موجب چتا کي ڪاٺين تي رکي باهه ڏنائون، جهٽ پل ۾ باهه جا شعلا ڄڻ ته آسمان کي ڇُهڻ لڳا. ڪجهه ئي لمحن ۾ اُن چتا جو جسم اُڀو ٿي ويو جيئن جمنا جو جسم اُڀو ٿيو هو، کن پل ۾ چتا وري باهه ۾ ڪِري گم ٿي وئي. اوچتو ڪنهن شيءِ جي ڦِسڻ جي آواز سان ڪو باهه جو گولو چتا مان اُڏاميو. سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا مان ته صفا ڊڄي ويس ته ڪٿي اُهو ٻرندڙ گولو مون تي نه اچي ڪِري. گولو ٿورو مٿي وڃي وسامي ويو ۽ زمين تي اچي ڪِريو. منهنجا ته تارا ئي ڦاٽي ويا، اُهو گولو هڪ پتڪڙو ڪچو ٻار هو جيڪو چتا مان اُڏامي ڪِريو هو. ماڻهو ته حيرت ۾ پئجي ويا، پر مان  صفا سراپجي ويو ھوس، مساڻ جي سنڀاليندڙ ڊوڙي وڃي ٻار کنيو ۽ ڪپڙي ۾ ويڙهي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. چتا جي وارثن مان هڪ همراهه ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو:

چتا واري عورت ڳورهاري هئي شايد، سو باهه ۽ جسم آڪڙجڻ تي ٻار اچي ٻاهر ڪِريو آهي.

اُن لمحي منهنجي اکين مان بي بها نير وهڻ لڳا هئا. مون کي جڏهن دوست محمد ۽ سندس پيءَ پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ واري مولويءَ وٽ وٺي ويو هو، ته مون کان اُن مولوي سوال ڪيو هو، ته آخر مان مسلمان ڇو ٿو ٿيڻ چاهيان،  جنهن تي مون جمنا ۽ ڳورهاريءَ عورت جي ٻار وارو واقعو کيس ٻڌايو هو جيڪو منهنجي مسلمان ٿيڻ جو وڏو محرڪ هو ۽ کيس چيو هئم ته مان باهه جِي آڙاهه يا دوزخ ۾ سڙڻ جَلڻ نٿو چاهيان، مان جنتي ٿيڻ ٿو گهران. مولوي صاحب مون کي سمجهائيندي صرف ايترو چيو هو ته:

پُٽ! تنهنجي مسلمان ٿيڻ سان ٻئي ڪنهن کي ڀل ڪا پرواھ نه ٿئي پر تنهنجي ماءُ صفا مري پوندي، ماءُ اُها هستي آهي جيڪا مرڻ کان پوءِ به ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي. پاڻ آڙاهه ۾ سڙندي به پنهنجي ٻار کي سڙندو ڏسڻ نه چاهيندي آهي. جنهن جو مثال مسڻ واري اُها ڳورهاري عورت آهي، جنهن پنهنجي ٻچي کي باهه کان ڪڍي ٻاهر اُڇلايو، جنهن جي ڳالهه تو پاڻ ئي ٻُڌائي آهي. سو وري، به پُٽ سوچ ٻيو ڪنهن جو نه ته، گهٽ ۾ گهٽ ماءُ جو، جنهن جي پيرن ۾ ئي تنهنجي جنت آهي.

عبدالقادر اوڇنگار ڏئي روئي پيو جيڪو شخص ايڏي دير کان هڪ وڏي ضبط سان ڳالهائي رهيو هو سو صفا جھُري پيو. هُن وري ڳالهه جاري ڪئي،

الائي ڇو ايڏو وڏو مذهبي عالم ۽ مولوي هوندي به مان اُن لمحي امڙ جي پيرن تي ڪِري پيو هوس. الائي ڇو هڪ لمحي لاءِ منهنجي اندر مان ئي ڪو آواز آيو ته:

او گيانا، او مولوي عبدالقادر تنهنجي اصل جنت ته اِنهن چرنن ۾ آهي جيڪا تون مذهبن يا دينن ۾ ڳولهي رهيو آهين، ڪيڏو ڀٽڪيو آهين او مورک تون.“

مون امڙ جي پيرن کي چُميو، سندس هٿ وٺي اکين تي رکيم، هوءَ بيوس ٿي بس مون کي ڏسندي رهي، کن پل لاءِ ايئن لڳم ڄڻ امان جو روح پرواز ڪري چُڪو آهي. مان اکين جا لُڙڪ روڪيندو واپس هليو آيس. ڇهن مهينن کان پوءِ امان ديهانت ڪري وئي. مان امان جي  آخري رسمن ۾ نه ويس، الائي ڇو، شايد مون ۾ اُن ماءُ کي آڙاهه ۾ سڙندي ڏسڻ جو حوصلو ۽ همٿ نه هئي. امان جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ ننڍي کنڊ جو به ورهاڱو شروع ٿي ويو. منهنجا سمورا اصل مائٽ لڏڻ لڳا. چاچا ۽ بابا مون وٽ موڪلائڻ آيا،  پنهنجي سموري مُوڙي جايون ملڪيتون  منهنجي حوالي ڪرڻ چاهيائون جيڪي مون نه ورتيون. بابا مون کي هڪ پرچي ڏني جيڪا کوليم ته امڙ جا هٿ اکر هئا.

ٻچا منهنجا، مان دُرگا جي روپ ۾ سدائين توسان گڏ هونديس. تون منهنجي آتما جي شانتي خاطر، ڪجهه به هُجي، ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور مون ڏانهن نِهارجانءِ، پڪ ڄاڻ، تون نهاريندي ته مان تنهنجي آسپاس هونديس.

سو پُٽ عبدالرحمان مان تڏهن اُن مندر ٻاهران رکيل درگا جي وڏي مورتي کي نِهاريندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ کيس امڙ جو روپ سمجهندو آهيان، پر پُٽ عبدالرحمان مان وڏو مُورک آهيان، پاڻيءَ مٿي جهوپڙا هئم ته اُڃ مُئس، هاڻي ته بار بار الائي ڇو باهه بدران اِهو خوف رهندو اٿم ته، مان جنهن باهه جي خوف کان عبدالقادر بڻجي امڙ جيجل کان ته ڏور هليو ويس، پر ڇا قادر مطلق مون کي پنهنجو عبد قبوليو به الائي نه!؟ عبدالقادر هڪ وڏي اوڇنگار سان لڙڪن جي سيلاب ۾ لُڙهي ويو ۽ لُڙڪن جي اُن سيلاب مان ڪهڙي مهل واپس آيو! واپس آيو به الائي نه!؟  جو عبدالرحمان به ساندهه لڙڪن جي سيلاب ۾ ٻُڏل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org