سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر ريحانه نظير

 

 

 

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت ليکڪائن جي

 ڪردارن ذريعي سنڌي معاشري جي عڪاسي

 

ڪهاڻي ڇا آهي ۽ هن جي شروعات ڪڏهن ٿي. ان بابت مختلف محققن جو جدا جدا مؤقف آهي. پوپٽي هيراننداڻيءَ جي راءِ آهي ته: ”ڪهاڻي يا آکاڻي لفظ ڪهه ڪٿ يا آڪشه شبد مان نڪتي آهي جنهن جو ارٿ آهي- چوڻ يا ٻڌائڻ. ان ڪري جڏهن کان انسان، ٻولي ٻولڻ شروع ڪئي آهي، تڏهن کان ڳالهه چوڻ يا آکاڻي ٻڌائڻ شروع ٿي آهي. ان جي ڪا نشچت تٿ تاريخ چئي نه ٿي سگهجي.“ (پوپٽي هيراننداڻي،
”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“، سمپادڪ، ص 1).

ڪهاڻي، زباني ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ کان شروع ٿي. هن لکڻ واري عمل تائين ڪيترائي مرحلا طئه ڪيا آهن. سنڌي ادب ۾ هن جي لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان پهرين ٿي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي موجب: ”پهرين ڪهاڻي يا آکاڻي ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ“ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طور ڇپي.“ (منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 1993ع، ص 38).

جڏهن ته پهرين طبعزاد سنڌي ڪهاڻي مرزا قليچ بيگ جي لکيل ”شريف بيگم“ آهي جيڪا پهرين مهاڀاري جنگ جي حالتن جي نمائندگي ڪري ٿي. اوائلي ڪهاڻي نويسن ۾ ميرزا قليچ بيگ کان علاوه لعلچند امرڏنومل، ديوان ڪوڙومل، ڄيٺمل پرسرام، عبدالله عبد، ميرزا نادر بيگ، امر لعل هڱوراڻي، لطف الله بدوي ۽ ٻيا نالا شامل آهن. 1940ع کان پوءِ ادب ۾ ترقي پسند لاڙي جو رجحان شامل ٿيو. ان سلسلي ۾ جن ڪهاڻيڪارن پاڻ موکيو، تن ۾ شيخ اياز، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي،  سڳن آهوجا، رام پنجواڻي ۽ شيخ عبدالستار وغيره شامل آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌي افساني ۾ ورهاڱي کان پهرين صرف مرد ليکڪن جون لکيل ڪهاڻيون ئي نظر اچن ٿيون، انهن ۾ ڪا ورلي عورت ليکڪا جي لکيل ڪهاڻي ملندي.

ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ڪيتريون ئي ثقافتي ۽ لساني تبديليون آيون، جنهن ٻين فڪرن سان گڏ قوميت جي فڪر کي پڻ هٿي ڏني: سياسي ماحول تي اُٿندڙ انهيءَ دونهي سڄو وايومنڊل ڪاراٽي ڇڏيو. شاهه لطيف جا پارکو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا سڄڻ پنهنجو اَباڻو ديس ڇڏي پرديس هليا ويا، جنهن سبب سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ مرد ليکڪن سان گڏ عورت ليکڪائون به ادبي ميدان ۾ اڳتي وڌي آيون، انهن سڀني گڏجي مختلف رسالن، جريدن ۽ مخزنن جو اجراءُ ڪيو، بقول تنوير عباسي جي ته ”ملڪ، قوم توڙي سماج ۾ تڪڙيون تڪڙيون تبديلون اچن ٿيون، ان ۾ ثقافتي تبديليون پڻ اچن ٿيون. اهڙي طرح اها قوم توڙي سماج ارتقا جا ڏاڪا تکا طئه ڪن ٿا، اديب ۽ ڏاها ان تبديليءَ جي ذهني رهنمائي ڪن ٿا.“ (شاهه لطيف جي شاعري، تنوير عباسي، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1985ع، ص 55).

ان سلسلي ۾ عورت اديبائن ۾ سڀ کان پهرين وک بيگم زينت عبدالله کنئي، جنهن
”مارئي“ نالي سان رسالو ڪڍيو، ۽ پاڻ ان جي پهرين ايڊيٽر ٿي، ان کان پوءِ بيگم خديجه دائودپوٽا
”اديون“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو، ٽيون رسالو
”سوجهرو“ هو، جنهن جي ايڊيٽر گل بانو سلطان هئي، انهن رسالن عورت ليکڪائن کي پنهنجي تخليقي جوهر پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط پليٽ فارم مهيا ڪيو. ورهاڱي بعد جن عورتن سنڌي ادب ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، خاص طور تي افسانوي ادب ۾ سندن تخليق ڪيل ڪردار ڪيتريقدر پنهنجي تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني حالتن جي عڪاسي ۾ موثر رهيو ۽ انهن ۾ سنڌي سماج جي ريتن، رسمن ۽ روايتن جي پرچار ڪهڙي طريقي سان ڪيو ويو ۽ سندن اهي تخليقي ڪاوشون سماجي ۽ ثقافتي فڪر سان ڪيتريقدر سلهاڙيل هيون، انهن جو مختصر جائزو سندن ڪهاڻين جي حوالن سان پيش ڪجي ٿو.

”مٺي“، بيگم زينت عبدالله چنا:

هن ڪهاڻي ۾ ليکڪا ماءُ جي لازوال محبت ۽ ان جي محنت جي چاشني ماءُ جي مِٺي يعني چمي کان محروم ٻار جي وارتا اثرائتي نموني سان بيان ڪري ٿي. ان وقت جڏهن اهو ٻار تڪليف ۾ آهي ۽ هو ڪيڏو نه ان ماءُ جي چميءَ لاءِ واجهائي ٿو، ان جو اندازو ليکڪا جي هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو ته، ”زخمي دائود ننڊ ۾ روئندي چيو امان تون اچي وئينءَ. مون جلد وراڻيو هو ۽ کڻي مٺي ڏني مانس، دائود جو چهرو ننڊ ۾ ئي ٻهڪڻ لڳو، اکيون کولي مون ڏي نهاري روئڻ لڳو، مان پريشان ٿي ويس، آخر چيم دائود پٽ تون جيڪو گهرين ٿو سو مان ڄاڻان ٿو، پر… دائود تنهنجي درد جو درمان ماءُ جي مٺي منهنجي وس ۾ ڪانهي تنهنجي اها مٺي آخر آءٌ توکي آڻي ڪٿان ڏيان.“

هڪ يتيم ٻار جنهن جي ماءُ مري ٿي وڃي، ان سان طبقاتي سماج ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو، ان جي تصوير هن ڪهاڻي ۾ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ بيان ڪئي ويئي آهي.

سيمينٽ جي پتلي، (رشيده حجاب):

هن ڪهاڻي ۾ هن اهڙين مزدور عورتن جي ڪٿا پيش ڪئي آهي، جيڪي سيمينٽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿيون، ليکڪا ڪردارن جي ذريعي هي تاثر اُڀاري ٿي ته ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ انهن عورتن جي حسن، جذبات ۽ احساسات سڀ جا مالڪ سندن باس (مالڪ) آهن، جيڪي جڏهن چاهين سندن استعمال ڪري کين سيمينٽ جي سخت تهن ۾ لنبي ڇڏين ٿا، جنهن جو اظهار سيٺ جمال جي پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهائيندڙ هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو ته، ”اڙي ته تون هتي ڪجهه وقت رهي ته ڏس پوءِ نڪرڻ تي دل ڪانه چوندءِ.“ هي سيٺ جمال جو آواز هو.

”ڪيئن ڀلا؟“

”بس ڏسجانءِ ويٺو هتي چينيءَ جون گڏيون نه آهن ته سيمينٽ جون پتليون کوڙ اٿئي.“

هونهه!

”سڀاڻي تنهنجي لاءِ به ڪا ڳولي!“

”هڪ ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ هوءَ زندگي جي اثبات اندر جهاتي پائي انهن جي نيرگين ۽ پهلوئن کي به جاچي جوچي ڏسندي آهي، جڏهن اهڙو رنگ پسي ٿي جيڪو سندس ذوق تجسس لاءِ حيراني جو باعث بڻجي ٿو، تڏهن هوءَ ان کي جيئري جاڳندي زندگي مان ڪوري فن پاري جو روپ ڏئي ٿي. (آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر- شمس الدين عرساڻي، ص 294).

آءٌ اها ئي مارئي (ثميره زرين):

شڪارپور شهر سان تعلق رکندڙ ليکڪا شروع ۾ ڪافي مخفي رهي ايستائين جو کيس ڪيترا ماڻهو مرڳوئي مرد ليکڪ سمجهڻ لڳا، ان جو وڏو سبب سندس بيباڪ لکڻيون هيون، جن ۾ رومانوي انداز ۾ بيان ڪيل سندس جملا احساسِ حسن ۽ ذوقِ جمال جي تصوير پيش ڪن ٿا، سندس ڪهاڻين جا مکيه ڪردار مقصد ماڻڻ واسطي حيرت جي جذبي ۽ احساس سان گڏ ان چيز جي پڻ جستجو ڪن ٿا، جن ۾ کين حسن ۽ محبت جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ اتي اهي مقصد حاصل ڪرڻ واسطي ايسيتائين متحرڪ نظر اچن ٿا جيسيتائين انهن کي پنهنجي ذهن ۾ روح جي آسودگي ميسر نه ٿئي.

مثال سندس هي ڪهاڻي ”آءٌ اها ئي مارئي“
جون هي سٽون ته ”کيس لڳندو هو ته ڌرتي وانگر عورت جو زندگيءَ سان رشتو پاتال ۾ کُتل آهي ۽ هو آسمان ۾ گهلندڙ دلفريب هوائن وانگر هئا، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هتي پر روشني جي قربت جو نشو موکي جي منڌ جهڙو هو، جنهن جي تؤنس سال گذرڻ کان پوءِ به نه وساري سگهبي هئي، انهيءَ نشي تي کيس باندي بنائڻ لاءِ مڃائي ورتو هو.“ (سون ورنيون سوڍيون، ص 41)

ساڳِي ڪهاڻيءَ ۾ ان عورت جي ماءُ بنجڻ واري احساس جي تصوير هن طرح چٽي اٿس ته، ”هن ٽئين روپ ۾ هن جو جسم بي ڊول بنجي ويو هو، پر هن جي چهري تي تخليق جي فخر ۽ تڪميل جي احساس، نرالي سونهن ڀري ڇڏي هئي.“

هن ڪهاڻي ۾ ثميره هڪ ئي وقت عورت جي سڀني روپن کي پيش ڪري ٿي، روشنيءَ جو ڄمڻ، پيار جو پرڻو (شادي) وري ماءُ بڻجڻ پر هن سڀني رشتن سان نباهه ڪيو پر مرد جي بيوفائي ۽ کيس طلاق ڏيڻ واري عمل هن جي جذبن کي جهوري وڌو، تڏهن هوءَ دل برداشته ٿي چوي ٿي ته، ”هڪڙن چند لفظن هن جو ناتو گلوءَ سان جوڙيو هو ۽ هڪڙا ٽي دفعا دهرايل لفظن هي ناتو ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ رشتن جي ضمانت رڳا لفظ هئا، ڪاغذ هئا.“

هن ڪهاڻي پڙهڻ سان هي تاثر پڻ اُڀري اچي ٿو ته حسن لاپرواهه ۽ بيوفا هوندو آهي، اهو محبت ماڻڻ جي فلسفي کان بيخبر ۽ نباهه کان بيگانو هوندو آهي.

وڏيري، (ثميره زرين):

هن ڪهاڻي جو خاص ڪردار هڪ ڀنگياڻي اردگرد  نظر اچي ٿو. نازو هڪ اهڙي ڇوڪري آهي جا نه صرف شڪل صورت جي ڪوجهي آهي پر غربت سبب سندس شادي به هڪ موالي سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس ڏاڍو ماري ٿو ۽ پر خميسي جو پيار جڏهن کيس ملي تڏهن هوءَ ٽڙي پوي ٿي.

هن جي ڪردار بابت ليکڪا لکي ٿي ته ”خميسو جيڪو نازي کان وڌيڪ بدصورت هو، تنهن ڪڏهن به هن جي حسين هجڻ جي تمنا نه ڪئي هئي، انهيءَ ڳالهه نازي ۾ بي انتها خوداعتمادي ڀري ڇڏي هئي، صاف سادن ڪپڙن ۾ جڏهن هوءَ عجيب بي فڪريءَ سان ٻهارو کڻي هلندي هئي تڏهن ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ تي ويندو هجي، سندس انهيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي ملازمن وٽان لقب مليو هو ”وڏيري“ پر خميسي جي ڪڍڻ کان پوءِ جڏهن بنگلي تي فضلو اچي ٿو ۽ کيس ڌڪاري ٿو، تڏهن سندس سمورو اعتماد ڪافور ٿي وڃي ٿو ۽ هوءَ زهر کائي ٿي پر بچي وڃي ٿي، خميسي جي ميار ڏيڻ تي هوءَ بدلي وٺڻ لاءِ جڏهن بنگلي تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي ته فضلو همدرديءَ سان کانئس زهر کائڻ بابت پڇي ٿو.

ثميره لکي ٿي ته، ”تڏهن هوءَ بجليءَ جهڙي تيزيءَ سان ٻئي هٿ ٻهاري ۾ وجهي هڪ ٻئي پٺيان فضلو جي مٿي تي ڦهڪائي ڪڍيائين سر جون تيليون هن جي هٿن ٻانهن ۾ چڀي ويون ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻهو مڙي آيا.“

شمس الدين عرساڻي سندس ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته، ”ثميره زرين جي ڪهاڻين جو هڪ واضح مقصد آهي ته حماقتن سان ڀريل پُرفريب زندگيءَ کي هڪاليو نه ويو ته هولناڪ پيشگويون ٿي سگهن ٿيون، صرف مادي ترقي ٿيڻ سان يا نوان فيشن اختيار ڪرڻ ڪا روحاني خوشي پڙ ڪانه ٿي پوي، جيسيتائين عورت کي آزاد ماحول ۾ پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق نه ڏنو ويندو، تيسيتائين انساني شرافت ۽ اَنا مجروح ٿيندي رهندي.“ ( آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، شمس الدين عرساڻي، ص 272/مهراڻ جون ڪهاڻيون، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع، ص 96-98).

ماهتاب محبوب جون ڪهاڻيون:

سندس ڪهاڻيون شهري توڙي ڳوٺاڻي رسمن ۽ رواجن سان ڀريل معاشري جي نمائندگي سان گڏ ان سماج جي مروج نج ۽ محاورتي ٻولي ۽ زالن جي ٺيٺ وهنوار جو نقش واهه جون چِٽين ٿيون. مثال سندس ڪهاڻي ”مٺو ڀت“ جنهن ۾ گهريلو زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف واقعن مثلاً شادي غمي وغيره ۾ عورتن جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جو عڪس ڪيڏي نه سچائي سان چٽيو ويو آهي ته، ”هڪ پاسي رئيس الله بخش جي مرڻ سبب سندس زال جو ڏک ڏيکاري ٿي ۽ ٻئي پاسي تڏي تي ماين جون هڪ ٻئي تي ٽوڪون ۽ چٿرون پيش ڪري ٿي، مثال هي سٽون ته:

”علو ڪاسائي جي زال جنهن ٻار کي ٿڃ پئي ڏني، تنهن به مائيءَ جي نالي تي ايڏو ڇرڪ ڀريو جو ٻار جي وات مان ٿڃ ڇڏائجي ويس ۽ هو ڪاتيءَ پيل ٻڪري وانگر ڳلو ڦاڙي روئڻ لڳو.

اُٿي! امان ننڍڙي کي کير ڏيس، روئي پيو، ڀاڳل جي ڀيڻ بيبل ٽوڪ سان ڇڪايس، پر هوءَ رڌڻي جي اڳيان لهندڙ ديڳين کي ڏسڻ ۾ ايڏي ته غرق هئي جو بيخياليءَ ۾ ٿڃ کڻي ٻار جي نڪ ۾ ٽنبيائين.“

ڪهاڻين ۾ ماهتاب محبوب جي ڪردارنگاري بلڪل ماحول پٽاندر ڪيل هوندي. مثال ساڳيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ڀاڳل رئيس جي موت تي پار ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پوري عورتن جي ميڙ سان آئي هئي، تنهن جي جواني ۽ پوڙهپ جو ذڪر ڪندي سندس ڪردار بابت لکي ٿي ته:

”ڇا ته ڏينهن هئا مائي ڀاڳل جا بلي، ڪرائيءَ ۾ ٻڌل مرداني واچ، پيرن ۾ ڪَشن سان چيچاٽ وارو بوٽ، هٿ ۾ پاسنگ شو جو پاڪيٽ ٻارهن والن جي شلوار ۽ ڪُلهي تي اجرڪ، ٻاچ ۾ وڏي ڳاڙهي ٽِڪ سان خوفناڪ قسم جي مُنڊي، عطر ۾ ٻڏل کيسي مان لڙڪيل رومال، کل ته ائين چمڪندي هيس جيئن ڪاري بوٽ تي ڪيوي پالش! سندس هلڻ جي لوڏ ئي بس هئي، جنهن ورهين کان ڪوٽن ۾ قابو ٿيل ڪيترين ئي ضاعفائن جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا هئا.“ سندس اک جي اشاري ڪاڻ جهڙيون مانديون مڙس کي ته سنجهي ئي طلاق ڏيئي آجو ڪري وڌو هئائين ۽ پاڻ اڪيلي سر پئي هرڻ جهٽيندي هئي، ڪڏهن رئيسن جي حويلي، ڪڏهن ڪامورن جي ڪوٺين، ڪڏهن وڏيرن جي ديرن تي، پر وقت بادشاهه وڏا وڏا نشان ڊاهيو ڇڏي هي به وقت جي وير ۾ وهي ڪٿان جو ڪٿي اچي پهتي هئي. ڇو ڀاڳل ڍري ڇو ٿي وئي آهين؟ ڪير کڻي پڇندو هوس ته پاڻ ڏاڍي بيحيائيءَ سان اک ڀڃي چوندي هئي هاڻي چيلهه ۾ اڳيون دم نه رهيو اٿم.

ساهيڙپ جي ڌنڌي کان پينشن وٺڻ کان پوءِ، سندس شمار ”ردي گهوڙن“ واري قطار ۾ ٿيڻ لڳو.“ (پرهه کان پهرين، ص 87-88)

ماهتاب جون ڪهاڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌ جي عام رواجي زندگي جي عڪاسي ان جي محاورتي انداز ڳالهه ٻولهه ٽوڪ ۽ طنز ۾ وڏين وڏين براين تان پردو کڻندي نظر اچن ٿيون.

مثال ”مهاڻي موکي“ ڪهاڻي جون هي سٽون ته، ”جڏهن وڏيرو نبن خان ٻي شادي ڪري ٿو سا به هڪ مهاڻي سان تڏهن سندس خانداني زال ڏک مان چوي ٿي ته، ”بس ادي قسمت جو ڦٽي ته اُٺ چڙهندي وڇون کائي ۽ جي ڀاڳ ٿو ٺهي ته دال منجهان سيرو!“

ٻئي وڏيري جي زال ڀيما جيڪا سندس ڏک ونڊڻ آئي هئي سا کيس آٿت ڏيندي چوي ٿي ته، ”ها ادي چوين سچ ٿي ڪتو به کائجي ۽ ڪُک به نه ڀرجي، ادي نبن کي اهو واجب ڪونه هو.“

رئيساڻي پنهنجي نوڪرياڻي سدوري تي، ”سور سيدن جا پٽجن امام“ جي چواڻي مطابق وسندي رهي.“ هن ڪهاڻي ۾ ماهتاب جا ڪردار پوءِ اهي وڏيري جون زالون هجن يا ڀرپاسي جون ساهيڙيون يا وڏيري ڀاڄائي حليمان ۽ سندس ڌيئر هجن، سڀني جي ڪردارنگاري ۽ سندن ٻولي ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر ايندي.

ماهتاب جا ڪردار مظلوم گهٽ، ذهين ۽ شرارتي وڌيڪ هوندا آهن. مثال سندس ڪهاڻي ”مِٺي مراد“ جو ڪردار وڏيرو جڏهن ٽي شاديون ڪرڻ کان پوءِ به اولاد جي خوشيءَ کان محروم رهي ٿو تڏهن وڏيري جي ماءُ کان ڪنهن کڻي پڇيو سانئڻ ڪا وڏيري جي گهر اميدواري؟

”امڙ ڪٿان آيون اميدواريون ”هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان وراڪو کاڌو.“ ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس، نه ڏهڻ جون نه ڪُهڻ جون.“

”سانئڻ وري به ڪري شادي ڪرائينس شرع ۾ ڪهڙو شرم.“

”امڙ ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو؟“

اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙي چرچو ڪندي چيس.

”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري هان ته هوند ٻارن جون گنديون ڀري ڏيونس ها.“

”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي اسين مهاڻين جا ٻار ڪاڏي ڪيون هان. هوءَ تيئن ڳڙي تي چڙهي.“

”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين مان ويچاري جي پيڙهي ته پيدا ٿي پئي هان خانداڻين مان ته ٻير جو کوکڙو به ڪونه آيو.“

نيٺ ان وڏيري چوٿين شادي ڪئي پر ڪيترو وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن اتان به ڪا خوشي نه مليس ۽ جڏهن حڪيم کيس حقيقت کان آگاهه ڪيو ته ٻار جي خرابي تو ۾ آهي، نڪي ڪي تنهنجي زال ۾، تڏهن هن حقيقت پنهنجي پياري شوخ وچنچل ننڍي زال سان ڪئي ته: ”هوءَ ڪي گهڙيون سوچ ۾ پئجي ويئي. هن نيٺ چئي ڏنو ته تون جي شرع مُحمّدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مون کي شرع مُحمّدي موجب ٽي پٿر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين پنين لڳان.“

وڏيرو مبارڪ جو هيلتائين هيٺاهين وٺيو پئي آيو، غيرت ۾ کيس زورائتي لت وهائي ڪڍي ٿو ۽ چوي ٿو ”رن جي اهڙي ئي اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿئين سڄي حويلي پئي ٿئي وڃي دانگي گهماءِ باقي طلاق کان هڻندومانءِ پادر.“

ائين نه آهي ته ماهتاب رڳو گهريلو ماحول کي موضوع بنايو هجي، سندس ڪهاڻي ”رهيل جاچ“ کي ڏسو جنهن ۾ پاڻ پوليس جي قهري ڪارواين جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته، ”صوبيدار موليٰ بخش جنهن چڱو عرصو ڊس مس ٿي رهڻ کان پوءِ حرفتن سان وڃايل عهدو ماڻيو هو ابتا تارا ڪڍي ٽيڳر مان وراڻيو گهڻي ٽڻ مڻ ڪيئي، هينئر ئي ٿو لاڪب ۾ هڻانءِ.“

”سائين بادشاهه پير جي ڊوهي اٿوَ هن جهولي جهلي ليلهراٽ ڪيا.“

۽ آخر ۾ ان صوبيدار هن جي ئي ڌيءَ تي مڙس جي خون جو الزام لڳائي، گهر جي ڪفالت جو واحد ذريعو مينهن به ڳڙڪائي ويو.“

(”رهيل جانچ“، ماهتاب محبوب ”سون ورنيون سوڍيون“،  محمد موسيٰ قاسماڻي، ادبي اڪيڊمي 2009ع، ص 131).

ڪهاڻي ”چاندي جون تارون“ ۾ هوءَ رسمن ۽ راجن جي قيد مان آزاد ٿيندڙ ڇوڪري جي جذبن جو بيان هنن سٽن سان ڪري ٿي ته، ”هڪڙي رات جڏهن آسمان ۾ تارا چمڪيا تڏهن زندگيءَ جي هن وهڪري ۾ هن پاڻ کي کڻي اُڇلايو، کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس جسم ۽ روح تي جيڪي چانديءَ جون چمڪندڙ تارون ويڙهيل هيون، اهي هڪدم ٽٽي پرزا پرزا ٿي ڪِري پيون.“ (”پائي پٽ ڪڻا“، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد 2005ع، ص 117).

خيرالنساء جعفري جون ڪهاڻيون:

سنڌ جي جديد ڪهاڻيڪارن ۾ خيرالنساء اعليٰ مقام رکي ٿي. هن جون ڪهاڻيون جديد ٽيڪنڪ، فن، موضوع جي لحاظ کان ٻين ليکڪائن کان الڳ نظر اچن ٿيون. پلاٽ جي لحاظ کان اهي زندگي جي تلخ حقيقتن جي نمايان تصوير پيش ڪن ٿيون، سندس اسلوبِ بيان سادو ۽ سليس ٻوليءَ جي سبب پڙهندڙ ڏکي کان ڏکي ڳالهه کي به سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو. هوءَ معاشري جي اوڻاين جو احساس پنهنجي ڪردارن ذريعي پيش ڪري ٿي، پنهنجي ڪهاڻين بابت سندس هي چوڻ آهي ته ”مون ڪابه ڪهاڻي ادب ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ناهي لکي، بلڪ جڏهن جڏهن دل ڌڌڪو کاڌو جيوت سان سهمت ۾ اچڻ جو ساهس نه ساريائين، دل اندر ويٺل دادلي ٻار پڇاڙ کاڌي، تڏهن ڪونه ڪو لفظ سوچيم، ڪانه ڪا سٽ هري، ڪانه ڪا ڪهاڻي اُسري گويا منهنجون مڙئي ڪهاڻيون پنهنجي دل کي دلبا ڏيڻ جو هٿڪنڊو آهن.“ (”منهنجو تخليقي سفر“، خيرالنساء جعفري، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1992ع، ص 277).

تخليق جو موت: سندس ڪهاڻين جا ڪردار ڪنهن نه ڪنهن سماجي الميي جو شڪار هوندا آهن، سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي سندس فلسفيانه انداز واري گفتگو آهي،  جنهن جي ذريعي پڙهڻ وارا ڪهاڻي جو اصل مقصد ڄاڻي وٺي ٿو. مثال هن ڪهاڻي ۾ هوءَ لکي ٿي ته ”ڀلا ازل کان ئي جن قسمتن ۾ محبتن جو بنواس ڀڪشوءَ جيان بن بن ڀٽڪيل لکيل هجي، اهي ڪٿ ٿا هڪ هنڌ گوتم ٻُڌ جيان گيان ۾ گهارين شايد آءٌ به ڀڪشو آهيان ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو آهي.“ (”پائي پٽ ڪڻا“، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، 2005ع، ص 505)

ان کان علاوه سندس ٻين ڪهاڻين مثلاً ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ۾ هن ڀرپور سچائي سان جاگيرداري سماج ۾ قيد ڇوڪرين جي بيجان پابندين سبب انهن طرفان کنيل انتهائي سخت قدم يعني ”هم جنس پرستي“ ۾ مبتلا ٿيڻ جو ڪيڏو نه اثرائتي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي جو ڪهاڻي جو ڪردار هم جنس پرستي جو نه صرف جواز پيش ڪري پر گڏوگڏ احساس جرم جو به اعتراف رکي ٿو. دراصل ڪردار اهو ٻڌائڻ گهري ته پيار نه ملڻ سبب هوءَ ٻڏتر ۾ ڦاسي اهو انتهائي قدم کڻي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪو ڏک ۽ مايوسي جو ماحول ڇانيل آهي سو بي سبب ناهي يا ته ڪردار ڪنهن سماجي الميي جو شڪار آهن يا وري غير روايتي آهن.

سندس ڪهاڻين ۾ وسيع مشاهدي ۽ ذاتي تجزين جو نچوڙ نظر ايندو. مثال عورت جي باري ۾ هن معاشري جو رايو صدين کان ساڳيو استحصال وارو رهندو آيو آهي ڀلي. اها عورت پڙهي لکي ۽ باشعور ڇو نه هجي هن ”ڪهڙو برانڊ ڪهڙو سگريٽ“ ۾ اهو موضوع پيش ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”مرد هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بنائي ته فخر ڪري سگهي ٿو پر زال بنائي ڪڏهن به چين نه پائيندو.“

سندس ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو ته ”خيرو اڪثر وجود جي انهيءَ خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو من جو خيال آهي، مسلسل ڪردارن کي ڀَٽڪندي پناهه وٺڻ جي ڪوشش ۾ ورتل ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهو به صحيح آ ته وٽس ڪردار ماريل ۽ هارايل آهن پر جهڙي طرح ڪردار پنهنجي نفسيات کي پيش ڪن ٿا ۽ مڪالمن کي ڳالهائن ٿا. انهيءَ مان اهو فڪر ظاهر ٿئي ٿو ته انسان جي زندگي جي پهرين ضرورت سندس ذات جو اظهار آهي ۽ اظهار کيس پيار پائڻ مان ملي ٿو. جديديت جو اهو اصول، منفرد ۽ تجزياتي آهي.“ (”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“، پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ، شاهه لطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، فيبروري 2002ع، ص 570)

”پيڙا جو پڙلاءُ“ هن ڪهاڻي ۾ هو هڪ طرفي محبت جي پيڙا ۾ گهايل لمحن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿي ته ”سندس روم تي ويس ته اتي ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا، مون نوڙي نوڙي پٽ کي ڏسڻ چاهيم، مٿان ڪي ماضي جا ميساريل داغ ئي نظر اچن، پر وقت جا ريلا ته ڄڻ رت جي رشتن کي ريٽڻ لاءِ ڪي آتا هوندا آهن، ڪوبه ته ڪونه هو اتي جوڳين کان سواءِ جايون سُڃيون پئي لڳيون، پولارن مان ڄڻ آواز ٿي اٿيا اڄ… ماٺ مڙهين… ۾ جوڳي… جيڪس ويا… اڄ مڙهين ۾ ماٺ… عجب طرح جي آنڌمانڌ هئي من ۾، ڀانيم اڃان به ڪا ميخ آهي اندر ۾ جا اٽڪي ٿي، ڪا تند آهي جا ڪجهه تنواري ٿي ۽ مان پيڙا کان بچڻ ڪاڻ ڪيترو وقت اڳ ئي ائروڊم ۾ هلي آيس.“ (”پيڙا جو پڙلاءُ“، سون ورنيون سوڍيون، ڊاڪٽر پروين موسيٰ، ص 60).

نورالهديٰ شاهه جون ڪهاڻيون:

هن نه صرف ڪهاڻي کيتر ۾ پاڻ موکيو پر سندس شاعري ۽ ڊراما به شاهڪار لکيا آهن. سندس ڏات جي مشهوري جو وڏو جوهر سندس قلم جي بيباڪيءَ مان نظر ايندو، جنهن ۾ هن جاگيرداري سماج جي ريتن رسمن ۽ مذهبي پابندين ۾ قيد عورتن جا انيڪ باغي ڪردار پيش ڪيا آهن، جن ۾ اهي عورتون گهڻي تعداد ۾ شامل آهن جن جو تعلق وڏين حويلين ۽ اوچي ذات وارن وڏيرن سان آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ريتن روايتن جي ڪوٽن ۾ قيد عورتن جي روحاني توڙي جنسي مونجهارن اخلاق ۽ مذهب جي نالي تي لڳايل پابندين خلاف جنگ هلندي نظر ايندي ڇو ته هن پنهنجي ڪردارن کي رضا تي راضي رهڻ بجاءِ بغاوت تي اڪسايو آهي، پوءِ اها بغاوت سماجي يا مذهبي ئي ڇو نه هجي، ان بابت سندس هي چوڻ آهي ته ”منهنجي اندر جو زهر جيڪو مون کي سنڌي سماج کان وراثت ۾ مليو آهي، مون کان لکرائي ٿو.“

مثال سندس ڪهاڻي ”جلاوطن“ جو هي سٽون ته ”دنيا ۾ سڀ کان پهرين آدم جي روپ ۾ تون خلقيو ويو آهين، ۽ مان تنهنجي پاسراٽي مان حوا جي نالي سان، ائين تنهنجو ۽ منهنجو حاڪم ۽ محڪوم وارو ناتو ڄڻ ازل کان هو.“

شڪست منهنجي بڻي، بدن لڪايان ته به مان، نظرون هيٺ ڪري هلان ته به مان، ملائڪ ڏنڀ ڏيندا سي به مون کي ۽ تون اصل کان مون کان اُتم رهين سجدي جي لائق ۽ قابل احترام.“

پدرشاهي سماج ۾ عورتن جي مان، مرتبي ۽ خواهشن کي ڪهڙي طرح ننديو وڃي ٿو. ان جو ذڪر هوءَ پنهنجي ڪهاڻي جلاوطن ۾ هنن سٽن سان بيان ڪري ٿي ته ”جيڪا شيءِ هجي ئي نسل وڌائڻ لاءِ، اڪيلائپ جو احساس مٽائڻ لاءِ ته پوءِ ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرمٽ وٺڻ ضروري آهي ڇا؟

ڪا ٽويوٽا ڪار ته ناهي جنهن لاءِ پرمٽ وٺجي! پر سچ پڇين ته مون سنڌ ۾ ٽويوٽايو ڪار جي ائين بي حرمتي ٿيندي ڪا نه ڏٺي آهي. سنڌ ۾ سڄي پوترتا موٽرن جي حصي ۾ آئي ۽ سنڌ جي عورت ٽٽل ڦٽل موئن جي دڙي جي کنڊر سمان رهي.“ (ص 108)

ساڳئي ڪهاڻي ۾ هوءَ پنهنجو پاڻ سان مزاحمت ڪندي چوي ٿي ته ”قيامت جي ڏينهن ملائڪا ڏنڀ ڏيندم، سوچيندي آهيان ته جيڪر تون به اتي هجين ۽ ساڳئي سزا تون به مون سان گڏجي ڀوڳين جو هن جڳ ۾ ته مون کي هن گناهه جي اوڙاهه ۾ هيڪلو اڇلايو اٿئي.

(جلاوطن، نورالهديٰ شاهه، ڪيڏارو ڪهاڻي ڪليات، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع، ص 106).

ناگاساڪي سندس عورتن جي حقن تي لکيک هڪ ٻي مزاحمتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا ڇوڪرين جي بي جوڙ شادين ۾ به عورت جي صبر ۽ مرد جي نه ختم ٿيندڙ شوق ۽ حوس جو عڪس پوري سچائيءَ سان پيش آهي، هڪ پاسي رئيس سندس همعمر رئيس جو پٽ حميد ٻنهي سندس رشتي جو تقدس نه رکيو ۽ هن کي صرف هڪ جسم سمجهي پنهنجي حوس جو نشانو بنايو. تڏهن هوءَ باغي ٿئي ٿي ۽ جڏهن هوءَ ڏسي ٿي ته سندس مڙس هن هوندي پنهنجا سڀ شوق جاري رکي ٿو، تڏهن سندس اندر جي روايتي عورت پنهنجي حق جو اهو ورهاڱو تسليم نٿي ڪري ۽ هوءَ گناهن ۽ ثوابن جي خيالي طلسم ٽوڙي پنهنجي بيچين روح کي قرار ڏيڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان حميد جي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي ۽ حميد جي ڀاڪر ۾ هن جي من اندر دکندڙ بدلي جي باهه ويتر تکي ٿي وڃي ٿي، هن پنهنجي حق جي ورهاڱي جو رئيس کان بدلو ورتو، بنا ڪنهن معافي نامي جي.“ (ص 80، ناگاساڪي).

تاريخ ۽ جاگرافي جا حادثا ڪٿي ۽ ڪهڙي طرح ماڻهن کي پنهنجي حقن کان بيدخل ڪري ڇڏين ٿا، ان جو ذڪر سندس افساني ”ڪيڏارو“ ۾ هنن سٽن سان بيان ٿيل آهي، ته ”آءٌ انهيءَ تجربي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهيان، پنهنجي ڏيهه جي جاگرافي بدلجڻ جو خوف! اهو خوف ته آءٌ اقليت ۾ محڪوم ٿي نه وڃان“

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ جهڙي طرح سنڌي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مسئلن منهن ڪڍيو، ان کان هر باشعور فرد واقف هوندو، اهو ئي دور هو، جنهن ۾ وڏي پيماني تي قومي ۽ ثقافتي فڪر سان سلهاڙيل ادب لکيو ويو. نورالهديٰ جي ڪهاڻي ”ڪيڏارو“ ان ئي فڪر جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي.

اهو هن درست ئي چيو هو ته ”جڏهن منهنجو من سنڌ ڌرتيءَ سان رومينس ڪري رهيو هو ۽ ائين مان سورهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پهرين عشق ۾ مبتلا ٿيس ۽ منهنجي اندر رومينٽزم جي شروعات ڪنهن فرد سان نه پر سنڌ جي ڌرتيءَ سان ٿي. هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته مون کي لڳندو آهي ته مون وٽ لفظن ۽ خيالن جا مٽ ڀريا پيا آهن ۽ منهنجو وس نه ٿي پڳو ته مان اهي مٽ سنڌ ڌرتي تي هاري هڪ ئي ڍڪ ۾ ان جي اڃ اجهائي ڇڏيان.“

نصير مرزا سندس افسانن جي بابت لکي ٿو ته اهي رڳو افسانه ئي نه رهيا! نيزي مٿان نوڪ ۾ ٽانڪيل نوان سج، جبر خلاف انالحق جا نعرا ۽ جهڙا کنوڻ جا تجلا هئا.“

پاروٿو گوشت: هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار سموري واردات ڪردارن ذريعي پيش ڪئي آهي. ننڍو سائين جيڪو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ڳوٺ جي سمورن ننگن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو. مثال ڪهاڻي جون هي سٽون ته ”حويلي ۾ ڪا به اهڙي پرڻيل ڪا نه هئي، جنهن جي بدن جو افتتاح ڪنواري هوندي ئي حويلي جي ڪنهن نه ڪنهن سائين جي شوق جي قينچيءَ سان نه ٿيو هجي. ”ننڍي سائين جي ٻانهن نانگ جيان وڪڙ کائيندي هن کي ويڙهي ويئي. هوءَ ائين ڇرڪي، ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو هجيس.“

ٻئي پاسي صدين کان پيڙهيل ۽ استحصال جو شڪار انهن ننگن جا وارث خود انهن کي پنهنجي معاشي تنگي کي مٽائڻ لاءِ انهن جي آڏو اڇلائن ٿا ۽ هميشه جيان عورت ئي ٻنهي پاسي جنڊ جي پڙن هيٺ وري پيسجندي رهي ٿي، مثال هوءَ جڏهن مڙس کي ننڍي سائين جي هن سان ڪيل جٺ بابت ٻڌائي تڏهن هو کيس چوي ٿو ته ”ائين ڪري تو ٺيڪ نه ڪيو، هو اسان جا پير مرشد آهن، اسان جو سڀ ڪجهه هنن لاءِ ئي ته آهي. ڏس هتي سڀني پنهنجا گهرڀري ڇڏيا آهن شادي کان اڳ مان به اها دعا گهرندو هوس، الله سائين مون کي به اهڙي زال ڏئي جيڪا منهنجو گهر ڀري ڇڏي.“

پوءِ هوءَ اهو ئي ڪري ٿي جيڪو سندس مجازي خدا کيس ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. هڪ ڏينهن جڏهن ننڍو سائين سندس جسم مان بيزار ٿي کيس پنهنجي زندگيءَ مان ڌڪو ڏئي ٻاهر ڪري ٿو. ان تذليل جو منظر ليکڪا هن طرح پيش ڪيو آهي ته

”ننڍي سائين چيو ته مون کي تون مان پاروٿي گوشت جي ڌپ ٿي اچي.“ دروازي جي چانئٺ تي ويهي گوڏن ۾ منهن لڪائي هوءَ ائين سڏڪي پئي ڄڻ هينئر هن لمحي هن جو سهاڳ لٽجي ويو هجي.“ (ص 20، پاروٿو گوشت).

شريف زادي: انهن عورتن جي ڪهاڻي آهي جيڪي ڪوٽن ۾ قيد آهن  ۽ قيد کان باغي ٿي پنهنجي جذبن جون زنجيرون ٽوڙي انهيءَ اخلاقي ۽ سماجي مت ڀيد جي نندا ڪن ٿيون ته پيار، محبت ۽ ڌوکو مرد لاءِ شوق ۽ عورت لاءِ گناهه مترادف ڇو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڪردار شريف زادي بنجي آهون ۽ دانهون ڪرڻ بجاءِ اهو ئي ڪم ڪري ٿو جيڪو هن سان پنهنجي مڱيندي ڊوم ۾ ڪيو هو ۽ اهو ڌوکو هوءَ بار بار کائيندي رهي. احساس جرم به هن جي من کي وڪوڙي ٿو پر هوءَ ان جو بدلو سماج کان وٺڻ چاهي ٿي. ڪهاڻيءَ جون سٽون سندس ڪردار کي وائکو ڪن ٿيون ته ”ڪارين اکين ۾ ٿڪل ٿڪل هڪ لڙڪ نه چاهيندي به لڙي آيو اٿس، آرسي سندس چهري جو عڪس جنهن ۾ انيڪ چپن جي ڇهاءُ ڪاڻ ڪوماڻيل، اندر ٻاهر اڪيلائپ جو احساس، ڀري ڀڪلي شهر ۾ موت جي احساس جهڙي اڪيلائپ، انيڪ ساروڻيون، رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل ڪيترا چهرا، ٻانهن جو ڦهلاءُ، ڪلهن تي زندگي جو صليب بدن جي پاتال تائين زهر زندگي جو.“ (ص 40، شريف زادي).

مٿين ليکڪائن کان علاوه ثريا سوز ڏيپلائي، نسيم ٿيٻو، زرينه بلوچ، تنوير جوڻيجو، ماهتاب چنا، فهميده حسين، شبنم گل، ريحانه نظير، ثمينه ميمڻ ۽ ٻيا انيڪ نالا شامل آهن جيڪي وقت جي ٿورائي سبب بيان نٿا ٿي سگهن. عورت افسانه نگارن جي هن مختصر جائزي مان اها راءِ سامهون اچي ٿي ته عورت ليکڪائن پنهنجي تخليقن ۾ صرف سماجي مسئلن جي پچار ڪا نه ڪئي پر هنن وقت ۽ حالات جي تبديليءَ موافق پڻ پنهنجا موضوع ۽ ڪردار تخليق ڪيا جيڪي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ ۾ ڪارآمد چئي سگهجن ٿا.

حوالا:

1.             پوپٽي هيراننداڻي: ”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“، سمپادڪ ص 1.

2.           ڊاڪٽر تنوير عباسي: ”شاهه لطيف جي شاعري“، نوفيلڊس پبليڪيش 1985ع ص 55 .

3.           منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993ع، ص 38 .

4.           شمس الدين عرساڻي: ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1992ع، ص 71 .

5.            ڊاڪٽر پروين موسيٰ: ”سون ورنيون سوڍيون“، مُحمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي 2009ع، ص 41

6.           ”مهراڻ جون ڪهاڻيون“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2005ع، ص 96-98  .

7.           ماهتاب محبوب: ”پرهه کان پهرين“، ص 87 88

8.           تخليق جو موت: خيرالنساءِ جعفري، منهنجو تخليقي سفر، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع.

9.           ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد 2005ع، ص 505 .

10.    ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“، شاهه لطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2002ع، ص 570 .

11.  ”جلاوطن“، نورالهديٰ شاهه، ڪيڏارو ڪهاڻي ڪليات، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org