ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي
”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر
سنڌو درياهه جا وهڪرا:
سنڌ جو چَپو چَپو گهمي سنڌ جي تاريخي حقيقتن کي هڪ
هنڌ ڪَٺو ڪيو وڃي ته هوند سنڌ مان گهڻو ئي ذخيرو
ملي سگهي ٿو. پر ڪو اهڙو نَرُنيهي هجي، جو سِر جو
سانگو لاهي، هن ڪم ڏانهن ٻه وکون وڌائي، قلم کڻي
ڪوشش ڪري ته ڪيتروئي سرمايو هٿ ڪري سگهجي ٿو. البت
هن اڻانگي ڪم لاءِ وقت ۽ پيسي ڏوڪڙ جي تمام گهڻي
گهرج درڪار آهي. هٿ پير هڻڻ کان سواءِ ڪجهه به
حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن توڪل جو ترهو ٻَڌي
اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي پئبو ته توڪل سان ئي تار تري
سگهبو ۽ هيرا جواهر هٿ ڪري سگهبا. ليڪن هن پاڻيءَ
۾ اهو پير پائي سگهي ٿو، جنهن وٽ وقت ۽ ڏوڪڙ هجن.
ان سان گڏ اوکا پوکا لاهي، تڪليفون، ڏکيائون ۽
ڏوجهرا سر تي سهي، سندرو ٻَڌي، الاتوهار ڪري، عميق
ڏي منهن ڪري اٿي پوي ۽ گهٽ گهيڙ جي پرواهه نه ڪري
ته مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. اڄڪلهه ته هرڪا سهوليت
ميسر آهي، ڪنهن به شيءِ جي کوٽي نه آهي. هرڪا شيء
اکين اڳيان پيئي ڦِري. سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم، اديب ۽
تاريخدان موجود آهن ۽ اهڙن ماڻهن سان سنڌ جي ڪُنڊ
ڪُڙڇ ڀري پيئي آهي، جيڪي هن ڪم کي قومي فرض سمجهي
هٿ پير هڻن ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ جي وڃايل تاريخ
جُڙي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح لعلن مٿان لَٽ جا تهه
لاهي خوب ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
سنڌ جهڙي آهي پاڻ وسيع، ڪشادي ۽ آڳاٽي، تهڙي آهي
وري سنڌوندي. جنهن کي تاريخي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي
نالن ۽ لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ان پراڻي دور
کان وٺي اڄ تائين ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ مقبول آهي.
هن دور ۾ سنڌ شاهوڪار ليکي وڃي ٿي، تيئن وري آڳاٽي
سمي ۾ سندس وڏو مانُ ۽ شانُ هو، جنهن لاءِ مشهور
آهي ته:
اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.
سنڌ جون حدون جيڪي هن وقت آهن، تن کان گهڻو اڳ
سندس حدون پري پري تائين پکڙيل هيون، ليڪن وقت جي
تبديلين ۽ وهڪرن سان گڏ سنڌ کي ته هر لحاظ کان
سوڙهو ڪيو ويو آهي. ”سنڌ جون حدون ڪنهن وقت،
اڄوڪين حدن کان گهڻو وڌيڪ وسيع هيون. الور ڪنهن
زماني ۾ نه رڳو سنڌ، پر سموري هندستان جي گاڌيءَ
جو هنڌ پئي رهيو آهي.“
]مخدوم-
21- 1976ع[.
اهائي وڏي سنڌ هئي، جنهن جو هڪ حصو، هاڻوڪي سنڌ
سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس اهو نالو ”سنڌ“ اڃا تائين
هلندو اچي. جڏهن اڪبر جي شاهي فوجن 1592ع ۾ صوبي
سنڌ کي دهلي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن سنڌ جون
اهي ئي حدون وڃي رهيون، جيڪي گهڻو ڪري اڄ آهن ]ڇٻلاڻي-
6-1968ع[.
هنن بيانن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جو وڏو شانُ
هو ۽ سندس ايراضي وسيع ۽ ويڪري هئي. ان وقت کان
وٺي سنڌ نهايت خوشحال رهي آهي ۽ هن وقت به
شاهوڪاريءَ جو درجو رکي ٿي. البت هاڻوڪي دور ۾ کيس
گهڻو ئي پوئتي رکيو ويو آهي ۽ ڪنهن به شيءِ جو کيس
پورو حق نه ٿو ڏنو وڃي.
آڳاٽي زماني کان وٺي سنڌ مان جيڪو درياهه وهندو
اچي ٿو، تنهن کي سنڌوندي سڏيو وڃي ٿو. سنڌ کي سنڌ
بنائڻ ۽ ٺاهڻ، سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ سنڌونديءَ جو وڏو
ڪردار آهي. سنڌ کي سنڌونديءَ جي سوغات چئجي ته
بيجاء نه ٿيندو. سنڌ ۽ سنڌونديءَ بابت ڪيترن ئي
تاريخ نويسن ۽ عالمن پنهنجي پنهنجي تاريخي ڪتابن ۾
ويچار ونڊيا آهن ۽ سنڌونديءَ جي ڪيترن ئي وهڪرن جو
پڻ ڪنهن حد تائين ذڪر ڪيو آهي. ”سنڌ جون بستيون
پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري پئي آباد
ٿيون آهن ۽ انهيءَ موجي درياهه جي رخ مٽائڻ سبب
ويران ٿينديون ۽ ٻيهر آباد ٿينديون رهيون آهن.“
]صديقي-
56- 1996ع[.
سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾ الور ۽ منصوره، برهمڻ
آباد ۽ بکر، ديبل ۽ لهري بندر، سيوهڻ، نصرپور ۽
ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا. انهن شهرن مان
گهڻا جيڪڏهن سنڌونديءَ جي ڪري ايڏا مشهور ٿيا، ته
انهن جي اجڙڻ ۽ ڦِٽي وڃڻ لاءِ به سنڌونديءَ جو سدا
ڦِرندڙ گِهرندڙ وهڪرو ئي جوابدار آهي
]ڇٻلاڻي-
16- 1968ع[.
ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪيتريون گهرو لڙايون ۽
ٻاهريون ڪاهون ٿيون. صنعتون ڦٽڻ لڳيون. واپار
گهٽجي ويو، پراڻا شهر ويران ٿيندا ويا؛ جن جي جاين
تي شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽
ميرپورخاص جهڙا شهر اسريا، پر انهن کي ٺٽي،
نصرپور، بکر ۽ سيوهڻ جهڙو اوج نصيب نه ٿيو
]ڇٻلاڻي-
112- 1968ع[.
سنڌ جي انهن اڳين ۽ نالي وارن شهرن نصرپور، سيوهڻ،
بکر، لهري بندر ۽ ٺٽي وغيره جي حيثيت ۽ اهميت
گهٽبي ويئي، جن جي جاين تي نَوَن آباد ٿيندڙ شهرن
جو سلسلو وڌندو رهيو ۽ پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ اوج
عروج ۾ وڌندا رهيا، پر اهي صنعت، واپار، دولت،
سونهن ۽ آباديءَ جي لحاظ کان انهن پراڻن شهرن جي
حيثيت کي رسي نه سگهيا. هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد
جهڙن شهرن کي چڱو اوج ملي رهيو آهي ۽ ترقيءَ ڏانهن
ڏينهون ڏينهن گامزن آهن. پراڻن ۽ نَوَن شهرن جي
باري ۾ ڇٻلاڻيءَ جي راءِ آهي ته: ”جڏهن پراڻا شهر
ڦٽندا ويا ۽ نوان شهرن آباد ٿيا، انهن شهرن جو
بنياد، اوسر ۽ واڌاري جي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وقت سان
ڀيٽ ڪرڻ دلچسپ ٿيندي.“
]ڇٻلاڻي-
89- 1968ع[.
اسان هن ڳالهه تي باوَر ڪري سگهون ٿا ۽ اها هڪ
مڃيل ۽ مستند حقيقت آهي ته سنڌ تهذيب جي قديم
گهوارن مان هڪ آهي ۽ سنڌونديءَ جي ڪري ئي هڪڙا شهر
آباد ٿيا ته وري ٻيا شهر برباديءَ جي وَرِ چڙهي
ويا. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي آباد ۽ برباد ٿيڻ ۾
سنڌونديءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. اهڙن ڪيترن ئي ڦِٽل
۽ ناس ٿيل شهرن جا نشان اڄ به ڏسي سگهون ٿا، جنهن
سبب سنڌونديءَ جي پراڻن ۽ ڦٽل وهڪرن ۽ ڇاڙُهن جو
پتو پوي ٿو. ”رگ ويد کان پوءِ جي احوالن مان ظاهر
آهي ته وقت بَوقت خوفناڪ زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي
ڦردين گردين
]ڦيرين
گهيرين[
ڪئين ساوا پاسا سُڃا ۽ سُڃا پاسا ساوا ڪيا آهن.
سنه 962ع ۾ اهڙو خوفناڪ زلزلو ٿيو، جنهن بکر وارا
ٽڪر به ٽوڙي ڇڏيا. الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر
ويران ٿي ويا. سنڌوندي، جا الور واري ٽڪريءَ جي
بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ڦيرائي
ڇڏيو.“
]آڏواڻي-
مُنڍ 7- 1980ع[.
اهڙي ئي لحاظ کان نوان شهر وجود ۾ آيا ۽ پراڻا
وَسيل شهر ويران ٿي ويا. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته
”سنڌ جا قديم شهر زلزلن يا مهراڻ جي آبڪلاڻيءَ جي
ڪري مِٽجي ويا. سندن هنڌن مٿان وري ٻيا نوان شهر
تعمير ٿيا.“
]شيدائي-
59- 1983ع[.
اڳي سنڌو درياهه کي بند بنهه ڪو نه هوندا هئا،
اڄوڪي دور ۾ درياهه کي اهڙيءَ طرح ڪوزي ۾ بند ڪيو
ويو آهي، جو پاڻيءَ ڦڙو به هيڏي هوڏي وڃي نه ٿو
سگهي. اڄ وانگر اڳي ايترا وسيلا ڪو نه هوندا هئا،
جو درياهه کي اٿلڻ کان بند ڏئي سوگهو ڪيو وڃي ها.
هن وقت حالت اها آهي، جو خود سنڌو درياهه پاڻيءَ
جي ڦڙي لاءِ پڪاري رهيو آهي. منجهس اها موج ۽ مستي
نه رهي آهي ۽ نه وري ڪو درياهه جو اڳوڻو اوج عروج
رهيو آهي. سندس موج ۽ مستي نه هئڻ ڪري سنڌ جون
ڪافي آباد زمينون ۽ ڳوٺ ويران ٿيندا پيا وڃن.
آڳاٽي سمي ۾ پاڻي نهايت گهڻو هوندو هو ۽
سنڌودرياهه ڪيترين ئي ڇاڙهن وسيلي سنڌ جي زمين کي
سيراب ڪندو هو. سنڌو درياهه جي مختلف وهڪرن جو ذڪر
مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو. جيڪي وقت جي تبديلين
سبب ڍنڍن ۽ ڍورن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. موجوده
سنڌو درياهه کي اولهه ساڄي پاسي کان ٽي وهڪرا
هوندا هئا، جن جا هن وقت آثار ۽ نشان به گهڻي ڀاڱي
مٽجي ۽ ميسارجي ويا آهن. البت انهن ٽن شاخن مان هڪ
شاخ (ڇاڙهه) پراڻي وهڪري جي ياد ڏياري ٿي. سنڌو
درياهه جي وهڪرن جي باري ۾ جنرل هيگ لکي ٿو ته:
”سنڌو فقط ٻن ڦاٽن وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو هو؛
سنڌوءَ جا ٻئي ڦاٽ، سڪندر پاڻ هاڪاري ۽ جاچي ڏٺا
هئا، جن مان هڪ اڀرندي ۽ ٻيو اُلهندي وڃي رهيو هو.
الهندي ڦاٽ مان سڪندر جو امير البحر نيرڪوس
[Near chus]
فوج جا ٻيڙا هاڪاري سمنڊ تائين پهتو هو.“
]هيگ-
52 -1995ع[.
اهڙيءَ ريت سنڌو درياهه جي مختلف وهڪرن جي بابت
اين.جي مجمدار جو بيان آهي:
”سنڌ کي هڪ درياهه نه پر ٻه درياهه آباد ڪندا هئا.
هڪ وهڪرو اوڀر کان اولهه طرف ڏانهن ۽ ٻيو وري اوڀر
کان اولهه طرف سرڪندو رهيو آهي. اهو سلسلو صدين
کان جاري رهيو. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٽامي واري
دور ۾ هن درياهه جو اهو وهڪرو هو، جيڪو آرين جي
حملي وقت هو. جيئن هن وقت منڇر ڍنڍ سنڌو درياهه
مان سڌيءَ ريت پاڻي حاصل ڪري ٿي. اڳي ائين ڪو نه
هو.“
]مجمدار-
124- 1997ع[.
آڳاٽي وقت ۾ سنڌو درياهه کي اولهه پاسي ڏانهن ٻه
وهڪرا هئا، جيڪي سنڌو سنئون وڃي منڇر ڍنڍ کي
ڀريندا هئا. منڇر جي ڀرجڻ کان پوءِ اهو ساڳيو پاڻي
اڙل واهه رستي وڃي سنڌو درياهه ۾ پوندو هو. اين.جي
مجمدار جي بيان کي نظر ۾ رکندي عطا محمد ڀنڀرو
سنڌو درياهه جي وهڪرن بابت ڪتاب جي حاشيي ۾ لکي
ٿو:
”سنڌ کي ٽي درياهه آباد ڪندا هئا. هڪ سنڌو جيڪو
بنهه اولاهيون، وهڪرو آهي. ٻيو مهراڻ، جنهن جا
پراڻا پيٽ تعلقي خيرپور، ڪوٽ ڏيجي، ڪنڊياري تعلقي
جي ڪوٽڙي هالاڻي، سنجهورو، شهداد پور ۾ ڏسي سگهجن
ٿا. ٽيون هاڪڙو درياهه هو، جنهن جون ڀرتي ڪندڙ
نديون ستلج، بياس، سرسوتي، گهاگهرو، چٽاگ وغيره
هيون ۽ اهو سنڌ جو بنهه اوڀاريون، پاسو ڏئي وهندو
هو.“
]مجمدار-
124- 1997ع[.
جنرل هيگ ۽ اين.جي مجمدار سنڌو درياهه جي ٻن
وهڪرن/ ڇاڙهن جو ذڪر ڪيو آهي، پر رچرڊ برٽن جي
بيان مان واضح ٿو ٿئي ته سنڌودرياهه ٻه يا ٽي نه
بلڪ يارهن شاخن/ڇوڙن جي صورت ۾ وهندو هو. ”اڳي
سنڌونديءَ کي يارنهن وڏا ڇوڙ هوندا هئا. هاڻي خشڪ
موسم ۾ انهن مان ٽي ڇوڙ وهندا آهن.“
]برٽن-
291- 1979ع[.
هن مان ظاهر آهي ته سنڌوندي آڳاٽي وقت ۾ يارهن وڏن
وهڪرن ۾ ورهايل هئي، پر انهن ڇاڙُهن جا نالا نه
کنيا اٿس ته اهي ڪهڙن نالن سان سڏبا هئا ۽ ڪٿي وڃي
دنگ ڪندا هئا. رچرڊ برٽن کي انهن يارهن شاخن جا
نالا ڏيڻ گهربا هئا، ته جيئن غير واقف به هنن
يارهن وهڪرن کان واقف ٿي سگهن ها. ”جڏهن آرڪيالاجي
کاتي جو سپرنٽنڊنٽ (مسٽر رکلداس بئنرجي ايم.اي)
بياس ندي ۽ مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل پيٽ معلوم ڪرڻ
لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ آيو. تڏهن هن بهاولپور رياست ۽
لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سنڌونديءَ جا ارڙنهن
سڪل پيٽ ڏٺا هئا. انهن کان سواءِ ٻُڌ ڌرم واري
زماني جي ستاويهن وڏن ۽ ٽيونجاهه ننڍن شهرن جا
ويرانا سرحد سنڌ، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڏٺائين.
اهي سڀ هنڌ ڏسندو ڦرندو 1922ع ۾ مُهن جي دڙي وٽ
اچي پهتو.“
]آڏواڻي-
81- 1980ع[.
هن بيان مان اها ڳالهه چٽي ثابت ٿي ٿئي ته سنڌو
درياهه نه ٽن، نه يارنهن ڇوڙن جي صورت ۾ وهندو هو،
پر هن جا ارڙنهن پيٽ هئا، جي مختلف هنڌن تان وهي
وڃي سمنڊ ۾ پوندا هئا. ڪزنس جو رايو آهي ته:
”مهراڻ جا اڳواڻا وهڪرا گهڻي تعداد ۾ هئا ۽ انهن
جا نشان به جتي ڪٿي ڏسي سگهجن ٿا.“
]ڪزنس-
07-1995ع[.
ڪزنس به اِن خيال جو آهي ته سنڌونديءَ جا گهڻائي
وهڪرا هئا، جيڪي سنڌ جي سرزمين کي سيراب ڪندا هئا،
ليڪن ڪزنس به سنڌو درياهه جي وهڪرن جا نالا نه کڻي
مونجهاري ۾ وجهي ويو آهي. کيس لکڻ کپندو هو، ته
هيءُ وهڪرو هِتان يا هُتان وهندو هو ۽ نالو هيءُ
اٿس. البت سنڌونديءَ جي ڪجهه نالن جو پتو پوي ٿو.
ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌو هن ملڪ
جو وڏي ۾ وڏو درياهه آهي ۽ آهي به ائين! ڇو ته
هيءُ هن ملڪ جي لاءِ خوشحاليءَ جي هڪ شهه رڳ آهي.
سنڌوءَ کان سواءِ هِتي ٻيو ڪو به درياهه نه آهي،
جنهن کي ساراهجي. سنڌو ئي سنڌ وارن جو جياپو آهي.
جڏهن به سنڌوءَ ۾ پاڻي وڌيڪ ايندو هو ته پنهنجي
ڪپرن کان اٿلڻ ۾ دير نه ڪندو هو، جنهن لاءِ
ڪيترائي رايا ملن ٿا.
”سنڌو اولاهين پاسي وڌيڪ ٻوڏ ڪندو هو ۽ شڪارپور
واري مغلن جي علائقي کي خوشحال بنائي ڇڏيندو هو.“
]پوسٽنس-
88-1997ع[.
هن مان ظاهر آهي ته سنڌو اوڀارئين حصي/ علائقي جي
بنسبت اولاهين ڀاڱي کي ٻوڙڻ ۾ ديرئي نه ڪندو هو ۽
ٻائڙ ٻوڙ ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح هيءُ علائقو
ويتر خوشحال ٿي ويندو هو. سنڌوءَ جي اولاهين وهڪري
بابت پوسٽنس جو رايو آهي ته:
”سنڌو ڪيڏو نه مهان درياهه آهي. هن اولاهين وهڪري
جي خاص ڳالهه ۽ وڏي طاقت جو مظاهرو به هتي ڏسي
سگهجي ٿو. هتي جابلو رڪاوٽ سان پاڻي ٽڪر جي ڏهه
ميل پوئتي وڃي هڪ ڇاڙهه وسيلي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو
آهي جيڪا سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه ’الهندي ناري‘ وسيلي
ڀرتي ٿيندي آهي.“
]پوسٽنس-
89- 1997ع[.
ان دور ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو ايڏو ته تيز ۽ تکو هوندو
هو، جو سنڌو جي مکيه وهڪري مان ماڻهو گهڻو ڪري نه
ويندا هئا، جنهن جي تصديق ۾ هيءَ راءِ وڌيڪ وزن
رکي ٿي: ”سيوهڻ کان مٿي ٻيڙائت سنڌوءَ جو خاص
وهڪرو ڇڏي منڇر ڍنڍ وسيلي پنهنجا ٻيڙا وڃي الهندي
ناري ۾ وجهندا آهن. هن سفر ذريعي فاصلو ته ٻيڻو ٿي
ويندو آهي، پر ماڻهو سنڌو جي مکيه وهڪري جي لهرن
جي لوڏن ۽ سِير جي سڙڪن کان بچي پوندو آهي.“
]پوسٽنس-
96- 1997ع[.
مطلب ته سنڌو جي تيز ۽ تکي وهڪري کان ٻيڙائت به
ونءُ ويندا ۽ ڪنبندا هئا. سنڌوءَ جو وهڪرو ڏسي کين
ڏڪڻي وٺي ويندي هوندي، جو مکيه وهڪري جي بجاءِ
اولاهين ڇاڙهه وسيلي پنهنجو سفر سکيو ۽ سهنجو
سمجهندا هئا، جنهنڪري وڏو وقت برداشت ڪري وڃي منزل
ڀيڙا ٿيندا هوندا. اڄوڪي دور ۾ سنڌوءَ ۾ نه اهو
پاڻي آهي ۽ نه وري اهو اولاهون وهڪرو، جنهن سان
پنهنجو سفر ۽ مقصد ماڻجي. اڄ ته وڏي تبديلي اچي
چڪي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ڀؤ ڀولو رهيو ئي ناهي، جو
ماڻهو يا ٻيڙائت ڏکيائون ڏسن ۽ صعوبتون سهن.
”رگ ويد واري زماني ۾ سنڌوندي گهڻيون شاخون ٿي
ايندي هئي. رگويد جي منڊل ڏهين سوڪت 75 ۾ ڄاڻايل
آهي ته ’اي سنڌو، ورڻ ديوتا تنهنجي وهڻ لاءِ
گهڻيون واٽون ٺاهيون آهن.‘ اهي لفظ نه رڳو سنڌو جي
مٿئين ڀاڱي (اُتر- سرحد علائقي واري ڀاڱي)، پر
هيٺئين ڀاڱي سان به لاڳو آهن.“
]آڏواڻي-
174- 1980ع[.
سنڌوندي جيترو گهڻو پنهنجي ڪپرن کان اٿلي آهي ۽
پنهنجو وهڪرو بدلايو اٿس، اوترو شايد ڪنهن ٻيءَ
نديءَ بدلايو هوندو. ائين هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيو
اٿس.
]ڇٻلاڻي-
16-1968ع[.
اهو سچ آهي ته سنڌوءَ ڪيترائي دفعا پنهنجو وهڪرو
پئي بدلايو آهي. سنڌو جي اولاهين وهڪري/ ڇاڙهه جي
باري ۾ جنرل هيگ جو بيان آهي ته: ”سنڌوءَ مان هڪ
ڇاڙهه الهندي طرف ڦُٽندي هئي. اهو ننڍو وهڪرو اٺين
صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ موجود هو. اها ننڍڙي
ڇاڙهه روهڙيءَ کان 45 ميل ڏکڻ اولهه کان درياهه
مان ڇڄندي هئي. جڏهن لاڙڪاڻي واري علائقي جي سروي
ڪئي هئي، تڏهن الهندي ناري جو منهن روهڙيءَ کان 28
ميل پري ڏکڻ طرف هو. قديم دور ۾ سندس منهن اڃا به
وڌيڪ اتر طرف هوندو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن زماني
۾ اروڙ کان ٿورو هيٺ يا ٿورو مٿان هجي. جيڪڏهن ان
جو منهن اروڙ کان مٿان هو، ته پوءِ اهو ڪنهن زماني
۾ اتان وهندو هوندو، جتان هاڻي روهڙيءَ ڀرسان
سنڌوءَ جو وهڪرو مٽي رهيو آهي. ان کان پوءِ ٿورا
ميل ڏکڻ، پوءِ اوڀر ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي علائقي جو رخ
ڪندو هو. امڪان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڪندر جي
زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اروڙ وٽان مَٽيندو
هو ۽ اروڙ کان منجهانئس هڪ ڇاڙهه ڇڄندي هئي، جيڪا
روهڙي ۽ بکر جو وچ ڏيئي اولهه ڏس تي وهندي هئي.“
]هيگ-
198- 1997ع[.
هن مان اهو گمان غالب آهي ته سنڌو درياهه روهڙيءَ
کان ٿورو مٿان هڪ ٻن ڇاڙهن
ذريعي وهندو هو. هڪ شاخ ناري نالي سان سڏبي هئي،
جيڪا لاڙڪاڻي شهر جي نزديڪ وهي وڃي منڇر ڍنڍ ۾
پوندي هئي ۽ ٻي ڇاڙهه اروڙ کان مٿان ڪجهه فاصلي تي
نڪري ڪنڌ ڪوٽ کان اچي شڪارپور وارو پاسو ڏيئي
کيرٿر جبلن جي قطار جي ڀرسان وهي منڇر ۾ پنهنجو
پاڻي ڇوڙڪندي هئي. هن ڇاڙهه جا آثار اڄ به ڏسي
سگهجن ٿا. هڪ ٽين شاخ به درياهه مان نڪرندي هئي،
جيڪا ڪنڌ ڪوٽ کان اچي شڪارپور جو پاسو ڏيئي، سڌو
ڏکڻ رخ رکي وارهه وٽان گذري سِڌو وڃي منڇر ۾
پنهنجو پاڻي ڇڏيندي هئي. پر ان وقت اڃا وارهه جو
وجود ڪو نه هو. سنڌوءَ جون اهڙيون ڇاڙهون ان قديم
دور جي ياد ڏيارين ٿيون. هن مان ظاهر آهي ته سنڌو
ڪيترن ئي ڦاٽن وسيلي سنڌ جي زمين کي سيراب ڪندو
هو. اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جا مختلف پيٽ مختلف تاريخي
ڪتابن جي اڀياس ذريعي معلوم ڪري سگهجن ٿا. اها
سنڌوندي ئي آهي، جنهن سنڌ اندر وقت بوقت پنهنجا
جدا جدا نشان ۽ پيرا ڇڏيا آهن.
وارهه جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر
وارهه تي وارهه نالو ڪيئن پيو:
وارهه تي وارهه نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو. وارهه ڪڏهن
وجود ورتو ۽ کيس تعلقي جي حيثيت ڪڏهن نصيب ٿي. اهي
ڪجهه سوال ذهن ۾ رکي تحقيق جي آڌار تي معلوم
ڪنداسين.
قديم وقت کان وٺي هن جديد دور تائين وارهه تي ڪنهن
به اديب ۽ عالم ويهي ڪو نه ويچاريو آهي ۽ نه وري
ڪو وارهه جي باري ۾ مستند احوال ڪنهن تاريخ ۾ ملي
ٿو، جنهن مان وارهه جي اُسرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ ۽ سندس
وجود جي ثابتي ملي.
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن تيئن تبديليون به
ٿينديون رهيون. اهڙي ئي لحاظ کان عوام شعور جي شمع
سان شاهوڪاريءَ طرف قدم کڻندو رهيو. تان جو هو گهر
گهاٽ جوڙي ڳوٺ ٻَڌي ويهڻ ۾ ڪامياب ويو. اهو ڳوٺ
وڌي وڃي شهر جي صورت اختيار ڪري ويو. ائين عوام هن
پرڳڻي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لڳو. اڳتي هلي عوام
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي الڳ الڳ حڪومتون قائم ڪيون،
جنهن ڪري ڳوٺ مان هڪ نيڪ مرد چونڊي هنن سڄو سارو
بار مٿس وڌو، جنهن کي ڳوٺ جو چڱو، مُکي يا وڏيرو ۽
رئيس سڏيائون. سندن بچاءَ جو اهوئي خاص طريقو هو.
ڀيرومل لکي ٿوته:
”رگويد واري زماني ۾ آريه لوڪ اڪثر ڳوٺڙن ۾ رهندا
هئا. جيئن اڄ به ڳچ آدم ڳوٺڙن ۾ گذاري ٿو. ڳوٺ اصل
۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوشٽ“ (گوسٿا) ۽ بنيادي معنيٰ
اٿس، اهو هنڌ جتي گايون بيٺيون هجن. گايون اتي
بيهاربيون، جتي سندن لاءِ چارو موجود هوندو،
تنهنڪري ڳوٺ“ لفظ ۾ چراگاهه جي معنيٰ سمايل آهي.
انهيءَ سبب رگ ويد ۾ ڪن هنڌ ”گوشٽ“
(ڳوٺ) بدران ”ورج“ (برج)
(Varaja)
لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اهو هنڌ
جتي گايون چارجن.
]آڏواڻي-
203- 1980ع[.
اهو رواج اڄ به عام جام آهي. عوام جو گهڻو حصو
ڳوٺن جي صورت ۾ گهڻائيءَ ۾ رهي ٿو، جتي مال لاءِ
چارو/ گاهه گهڻو ۽ جهجهو هوندو آهي. اڄ به مال جي
چاري سانگي ماروئڙا ويچارا هِت هُت وڃيو ويهن ته
جيئن سندن مال سکيو ستابو رهي، پوءِ ڀل ته کڻي
ڳئون هجن يا مينهون، رڍون هجن يا ٻڪريون ۽ کڻي اُٺ
هجن. البت اڳ ۾ ئي مال جي چاري جو اونو ۽ خيال
رکي، پوءِ وڃي اهو ماڳ وسائيندا، جتي سندن مال
لاءِ چارو جالارو هوندو.
اهڙيءَ ريت وقت جي وهڪرن ۽ لاهن چاڙهن سان گڏ عوام
جي سوچ ۽ سمجهه، سياڻپ ۽ ڏاهپ ۾ پڻ وڏو ڦيرو ايندو
ويو. ڪن شهرن کي ضلعي جو درجو مليو ته ڪن کي وري
تعلقي جي حيثيت ڏنائون. ان جو خاص سبب هيءُ هو ته
حڪومتن جو ڪاروهنوار آسانيءَ سان ڪم ڪرڻ هو.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ نصيرآباد شهر وجود ورتو،
اُسريو ۽ اڀريو، وڌيو ۽ ويجهيو. هن لاءِ مشهور آهي
ته هيءُ شهر مير نصير محمد خان ٽالپر جو ٻَڌايل
آهي. ان وقت هن شهر کي سٺو اوج مليو، جنهن اڳتي
هلي تعلقي جو درجو حاصل ڪيو. پر دين محمد ڪلهوڙو
نصيرآباد جو تعلق، ٽالپرن سان نه پر ڪلهوڙن جي
سربراهه ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان ڏيکاري ٿو. هو
پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي
وهڪري ۾)“ ۾ لکي ٿو ته: ”نصيرآباد جي بنياد پوڻ ۽
ان جي ابتدائي آبادڪاريءَ جو تذڪرو ڪنهن به پراڻي
تاريخ جي ڪتاب ۾ نه ٿو ملي، البته وڏڙن کان ڪي
روايتون، بيان ۽ ڪجهه تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا، جن جي
بناء تي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ شهر
ميان نصير محمد ڪلهوڙي (1692ع- 1657ع) پنهنجي
ايامڪاريءَ ۾ آباد ڪيو.“
]ڪلهوڙو-
94-2011ع[
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي
ڳالهه ڪنهن کان ٻه ڳجهي نه آهي ۽ هر تاريخ ۾ سندن
ذڪر موجود آهي. انگريزن جڏهن سنڌ قبضي ۾ ڪئي ته
لاڙڪاڻو، شڪارپور جو تعلق هو. وارهه کي ڪا به
اهميت ڪا نه هئي، پر نصيرآباد کي ان وقت تعلقي جي
حيثيت هئي ۽ شڪارپور ضلعي ۾ هو.
سن 1843ع ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽
انگريزن جي عهد جي ابتدا ٿي. انتظامي لحاظ کان سنڌ
کي ٽن حصن/ضلعن شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾
ورهايائون. لاڙڪاڻي وارو سمورو علائقو شڪارپور کي
ڏنائون. شهدادڪوٽ تعلقي جو ڪجهه حصو جيڪب آباد ۾
شامل هو. ڏوڪريءَ جو نالو ’لب درياهه‘ هو ۽
نصيرآباد تعلقو هو، جنهن ۾ موجودهه وارهه تعلقو
اچي ٿي ويو. انهن ڏينهن يعني 1885ع ڌاري تعلقي
نصيرآباد جو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو. ان وقت
هن ڪاڇي واري علائقي ۽ ڏاڙهياري جبل جا انتظامي
دورا ڪيا، ان دوران هڪ ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“
جي نالي سان لکيائين. ان سفر جو احوال نهايت دلچسپ
انداز ۾ ڪيو اٿس. ڪتاب جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي
ته هيءُ ڪتاب نصيرآباد ۾ ويهي لکيو اٿس، جيڪو
انهيءَ سال ئي ڇپائي پڌرو ڪيائين. 1901ع ۾ لاڙڪاڻو
ضلعو وجود ۾ آيو. جڏهن انگريزن ٽالپرن کان سنڌ کسي
پنهنجي قبضي ۾ آندي، تڏهن ان وقت هنن سنڌ اندر
ڪافي انتظامي تبديليون ڪيون. جن شهرن کي تعلقي يا
سب ڊويزن جو درجو مليل هو، تن مان ڪن شهرن کي ضلعي
جو درجو ڏنائون، ته ڪن کان وري اهڙيون سهوليتون
ڦُري نَون اسرندڙ شهرن کي تعلقي جي حيثيت سان
نوازيائون. جڏهن 1901ع ۾ هنن لاڙڪاڻي کي ضلعي جو
درجو ڏنو، تڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترائي تعلقا شامل
ڪيائون. سال 1919ع جي سنڌ گزيٽيئر جي حوالي سان
منظور ڪوهيار پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”لاڙڪاڻي پهرين آگسٽ 1901ع ۾ ضلعي جي حيثيت تڏهن
ورتي، جڏهن ان کي ڪراچي ۽ شڪارپور ضلعن کان الڳ
ڪيو ويو. سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا پهرين ڪراچي
ضلعي مان کنيا ويا. ميهڙ، ڪڪڙ، وارهه، لاڙڪاڻو، لب
درياهه (ڏوڪري) ۽ قنبر تعلقا پوئين ضلعي شڪارپور
مان کنيا ويا. ٽي ڊويزنون ٺاهيون ويون. سيوهڻ
ڊويزن ۾؛ سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا اچن ٿا. ميهڙ
ڊويزن ۾؛ ميهڙ، ڪڪڙ ۽ وارهه تعلقا شامل آهن. ۽
لاڙڪاڻو ڊويزن؛ لاڙڪاڻي، لب درياهه، قنبر ۽
رتيڍيري تعلقن تي مشتمل آهي.“
]شاد-
83-82-1995ع[.
اهڙيءَ ريت انگريزن انتظامي جوڙجڪ ۾ ڀَڃ گهڙ ڪري
نصيرآباد کان تعلقي جي حيثيت کسي وارهه کي تعلقو
ڪيائون. انگريزن جي وچ واري دور سال 1885ع ۾ مرزا
قليچ بيگ نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هو. جڏهن
وارهه کي تعلقو بنايو ويو ته وري کيس وارهه جي
مختيار ڪار طور سندس تقرر ڪيو ويو ۽ نصيرآباد کي
وارهه تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. مرزا قليچ بيگ هن
علائقي تي اهڙي ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي آهي. مگر
پنهنجي تصنيفن ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۽ ”ڏاڙهياري
جبل جو سير“ ۾ نصيرآباد ۽ وارهه شهرن جو صرف نالي
ماتر ذڪر ڪيو آهي. جيئن لاڙڪاڻو ايترو قديم ۽
آڳاٽو تصور نه ٿو ڪيو وڃي، تيئن وري ’وارهه‘ به ڪو
ايڏو پراڻو شهر نه آهي. لاڙڪاڻو ڪلهوڙن جي عهد ۾
اسريو ۽ اوج کي رسيو. اهڙيءَ طرح وارهه به ڪلهوڙن
جي حڪومت واري عرصي دوران اسريو، وڌيو ۽ ويجهيو.
دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ
ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ وارهه جي تاريخي قدامت
۽ بنياد تي لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دور ۾
آباد ٿيو... پر هيءُ شهر ڪنهن بادشاهه يا ڪنهن وڏي
ماڻهوءَ ارادو ڪري ڪونه اڏايو هوندو، پر ڪن لاڏائو
مالوند ماڻهن آباد ڪيو هوندو، جو پوءِ اڳتي هلي
مشهور ٿيو.“
]ڪلهوڙو-
89-2011ع[
ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾
سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽين وسندين
(جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو:
”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه
گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان
وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي
آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر
اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور
ناٿن شاهه، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي
ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙهه (جيڪب
آباد)، فتح ڳڙهه، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو
ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.
]پنهور
35/ 01-1996ع[.“
نئون خداآباد گهڻو پوءِ ميان سرفراز خان سال
1772ع/ 1186هه ۾ ٻَڌايو. هن کان گهڻو اڳ ٻيا شهر
اسري چڪا هئا، جيئن مٿين تحقيق مان پڌرو آهي.
اهڙيءَ ريت ايم.ايڇ پنهور هنن شهرن جي اسرڻ ۽ قائم
ٿيڻ جو تعين ڪري چڪو آهي، مطلب ته هنن ٻين شهرن جي
اسرڻ يا قائم ٿيڻ سان پنهنجو سروڪار نه آهي، جو
سندن گهرائيءَ ۾ وڃجي. منهنجو مقصد صرف ’وارهه‘ جي
قائم ٿيڻ يا اُسرڻ بابت آهي. پنهور صاحب جي تحقيق
مان پڌرو آهي ته ’وارهه‘ قديمي ۽ تاريخي شهر آهي،
جيڪو ڪلهوڙن جي مٿئين مقرر ڪيل دور ۾ اسريو ۽
هوريان هوريان وڌي وڻ ٿيو. 1701ع کان 1718ع تائين
ميان يارمحمد ۽ ميان يارمحمد کانپوءِ ميان نورمحمد
جو دور ليکيو وڃي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته وارهه ميان
نورمحمد جي شروعاتي وقت ۾ قائم ٿيو هجي! باقي
پنهور صاحب اِهو نه ٻڌايو آهي ته ’وارهه‘ جو شهر
ڪهڙي ڪلهوڙي حاڪم جي وقت ۾، ۽ ڪهڙي سال ۾ قائم
ٿيو. مٿي بيان ٿي آيو آهي ته هِتان سنڌو درياهه جو
هڪ وهڪرو وَهندو هو، (جيئن نقشي مان ظاهر آهي)،
جنهن جو پاڻي سڌو سنئون منڇر ڍنڍ ۾ وڃي ساهه
پَٽيندو هو. هن وهڪري تي ڪيئي نوان شهرآباد ٿيا ۽
اسريا، جن مان ’وارهه‘ به هڪ آهي.
عوامي روايتن ۽ قياس آراين جي آڌار تي چئي سگهجي
ٿو ته سنڌو درياهه جو وڏو وهڪرو هتان وهندو هو،
جنهن کي ”ساروهه“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
’ساروهه‘ جي نالي سان قنبر تعلقي ۾ هڪ ڍنڍ اڄ به
مشهور آهي، جيڪا ان پراڻي وهڪري جي نشاندهي ڪري
ٿي. درياهه جو هيءُ وڏو وهڪرو سُڪي ۽ برباد ٿي وڃڻ
ڪري واريءَ جي دڙن ۽ ڀٽن جي صورت ۾ مَٽجي ويو.
جنهنڪري مقامي ماڻهن واريءَ جي دڙن مان رستا ۽
چارا ٺاهيا.
وارهه شهر کان ڏکڻ ۾ هڪ وڏو مقام ميان حاجي سليمان
قريشيءَ جي نالي سان واريءَ جي دڙن تي اڄ به قائم
آهي. مقام جي لڳ پراڻو ڳوٺ فيض محمد سوڍر وسندڙ
ڳوٺ آهي. حاجي سليمان جي مقام جي اوڀر طرف رستي جي
اوڀارئين پاسي تي هڪ ڀت ڏياري ويئي هئي ته جيئن
ماڻهن کي اچ وڃ ۾ سولائي ٿئي. ان ڀت لاءِ چون ٿا
ته اِها مرزا قليچ کڻائي هئي. هن وقت ڀت جو نانءُ
نشان ڪونه آهي. هيءَ شاهي سڙڪ هوندي هئي، جيڪا
وارهه کان گاجي کهاوڙ ويندي هئي. هاڻي ان سڙڪ کي
پڪوڪري روڊ ٻَڌو ويو آهي. جيڪو وارهه- گاجي کهاوڙ
روڊ مشهور آهي. هتان جيڪي رستا يا چارا ٺاهيا ويا،
تن کي ”واري رهه“ جي نالن سان سڏيو ويو هوندو.
جنهن وقت گذرڻ تي ’واري رهه‘ مان ڦِري ’وارهه‘ جي
صورت اختيار ڪري ورتي هوندي. اهڙيءَ ريت ‘وارهه‘
تي وارهه نالو پيو ٿو ڀانئجي. واري رَهه جي معنيٰ
آهي؛ واريءَ جا رَهه يعني واريءَ مان ٺاهيل رستا،
راهون، چارا ۽ پيچرا وغيره. تحقيق جي بناءَ تي چئي
ٿو سگهجي ته ’وارهه‘ جو لفظ ”واريءَ“ تان ٺهيو
آهي. هِتي واريءَ جون وڏيون ڊٻون ۽ ڀٽون هونديون
هيون. اڄ به واريءَ جا ڪجهه دڙا ۽ ڊٻون ان دور جي
ياد ڏيارين ٿيون. ڇو ته درياهه جي هڪ شاخ هِتان
وهندي هئي، اها شاخ هٽڻ کان پوءِ واريءَ جون ڀٽون
ئي رهجي ويون، جنهنڪري وارهه جو بنياد پيو ٿو
ڀانئجي. دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي تصنيف: ”قنبر-
شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ وارهه جي
بنياد بابت لکي ٿو ته: ”لفظ ”وارهه“ جو اصل بنياد
”واري“ آهي. واريءَ جو هجڻ پاڻيءَ جي موجودگيءَ
ڏانهن اشارو آهي. هتان درياء جو ڦاٽ وهندو هو ۽
آبادي وغيره انهيءَ تي ٿيندي هئي. درياء جي انهيءَ
وهڪري سُڪڻ کان پوءِ اتي واري جا دڙا ۽ ڊِٻون رهجي
ويون ۽ هيءُ واريءَ وارو شهر اڳتي هلي ”وارهه“
بڻجي ويو.“
]ڪلهوڙو،
89-2011ع[
ڀيرومل مهرچند هندن جا ارڙنهن پراڻ ڳڻيا آهن، جن
مان ’واراهه‘ جو نالو به ملي ٿو. هن مان اهو گمان
غالب آهي ته وارهه تي هن پراڻ تان نالو پيو هجي،
پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي، پراڻي ڪٿا يا جهوني ڪهاڻي
(Ancientlore).
هندن جا ارڙنهن مکيه پراڻ هي آهن:
”برهم، پدم، وشنو، شو ۽ ڀاڳوت،
نارد، مارڪنڊيه، اگني، ڀوش، برهم وئيورت،
لنگ، واراهه، سڪنڌ، وامن، ڪورم پراڻ،
متيه، گرڙ، برهمانڊ سان جملي ارڙنهن ڄاڻ.“
]غريب[
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پراڻن تي گهڻو ڪري اوتارن ۽
ديوتائن جا نالا رکيل آهن. جيڪو پراڻ جنهن ديوتا
جي نالي آهي، تنهن ۾ مکيه مهما انهيءَ جي آهي ۽
ٻين جي واجبي، تاريخ جي خيال کان انهن پراڻن جو
جيترو قدر ڪجي اوترو ٿورو آهي.
]آڏواڻي-
429- 1980ع[.“
وثوق سان بيان نه ٿو ڪري سگهجي ته ’واراهه‘
پراڻ مان مٽجي ’وارهه‘ ٿيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته
ائين ئي هجي. بلڪ اها ڳالهه اڃا به تحقيق طلب آهي.
وارهه متعلق هڪ ٻي روايت ملي ٿي ته موجودهه
’وارهه‘ شهر جي جاءِ تي سِکَ پري پري کان منزلون
ڪري شڪار سانگي اچي هتي رهندا هئا. انهن کان اڳ ۾
وارهه جو نالو نشان هويا نه! ان بابت ڪجهه چئي نه
ٿو سگهجي. اِهو به نه ٿو چئي سگهجي ته ’وارهه‘ کي
سِکن جي اچڻ ۽ رهڻ ڪري ترجيح ۽ تقويت ملي يا
’وارهه‘ جو شهر وجود ۾ آيو. مقامي روايتن موجب
هِتي هرسال پري کان سِک ڪَهي اچي رهندا هئا، جيڪي
جهوپڙيون ٺاهي رهندا هئا، جنهن کي سِکن جي دُڻي
سڏيو ويو هوندو. هنن (سِکن) هڪ مٿانهين جڳهه/
ٽيٻاڪي تي پنهنجي ۽ عبادت گاهه ٺاهي، جنهن کي گرد
وارو چيو ويو، جيڪو ”گرد وارو“ مان بگڙي ”دوارو“
سڏجڻ ۾ آيو. اهڙيءَ طرح وقت جي وهڪرن يا تبديلين
سبب ٻوليءَ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ گهڻي تبديلي ايندي رهي.
اهڙيءَ مٽاسٽا جي ڪري لفظن کي آسان بنائڻ لاءِ هر
ويهن پنجويهن سالن کان پوءِ لفظن جي اچارڻ ۾ وڏو
ڦيرو ايندو ويو. جيئن ’گرد وارو‘ مان ’گر‘ جو لفظ
ڪڍي ’دوارو‘ بنايو ويو، تيئن اڳتي هلي ’دوارو‘ مان
’د‘ حذف ڪري اڃا به آسان طريقي سان اچاريو ويو.
جنهن جي اچارڻ سان
’وارو‘ لفظ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن مان ڦِري ’وارهه‘ لفظ
جو بنياد پيو هوندو. اهڙيءَ طرح سان ’وارهه‘ سڏيو
ويو هجي، جيڪو ”وارو“ جي بدليل صورت ۾ نمودار ٿيو
هجي. البت ان تي به ڪو اعتبار يا اتفاق نه ٿو ڪري
سگهجي. دوارو جي معنيٰ آهي:
”دوارو=
آستانو، دئارو، گرد وارو يا ٺاڪر دارو.
]بلوچ-
1239- 1984ع[“
دوارو جو مطلب هيءُ ٿيو ته اها جاءِ جتي سِک عبادت
ڪن. جيئن هندن جي پويتر جاين کي مندر سڏجي ۽
مسلمانن جي عبادت واري جاءِ مسجد چيو وڃي ٿو، تيئن
وري سِکن جي عبادتگاهه کي دوارو ياگرد وارو چئجي
ٿو. موجوده وارهه شهر ۾ اهو ”دوارو“ مٿانهين جڳهه
تي هوندو هو، جنهن جي جاءِ تي مختلف ذاتين جي
ماڻهن جا محلات آهن. اهو هنڌ حڪيم قاضي عبدالغفار
جي رهائش سان لڳو لڳ اتر ۾ واقع آهي. هن وقت به
گهڻي ڀاڱي اهو هنڌ سِکن جي نالي سان منسوب آهي،
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سال 1950ع واري ڏهاڪي ۾
هِتان سِک لڏي ويا. اهڙيون ڳالهيون عوامي روايتن
تي منحصر آهن.
وارهه جي ايراضي:
سال 1901ع کان وٺي اڄ تائين وارهه، تعلقي جو صدر
مقام آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان ”اتر ۾ 27- 27
ڊگهائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 67- 51 ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي.“
(ميمڻ- 54- 2001ع) وارهه، تعلقو ٿيڻ کان وٺي 417
ايراضي چورس ميل تي پکڙيل آهي.
]شاد-
84- 1995ع[.
مطلب ته وارهه قديمي ۽ تاريخي شهر آهي، جيترو عرصو
لاڙڪاڻي کي ٿيو آهي، وارهه کي به ايترو ئي پراڻو ۽
آڳاٽو تصور ڪيو وڃي ٿو. البت لاڙڪاڻي جي باري ۾
گهڻو ئي ذخيرو ملي ٿو. جيڪڏهن وارهه بابت ايترو يا
ڪجهه گهٽ ئي مواد ملي ها ته به وارهه تي لکڻ ۽
تحقيق ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ۽ دقت درپيش نه اچي ها.
جڏهن سال 1901ع ۾ لاڙڪاڻي کي شڪارپور کان ڌار ڪري
الڳ ضلعو بنايو ويو، تڏهن ڪافي انتظامي تبديليون
ڪيو ويون. اهڙين تبديلين جا انگ اکر سرڪاري
رپورٽن/ دستاويزن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن.
انگ اکر معلوم ڪرڻ لاءِ اهي رپورٽون ۽ اهڙا تاريخي
دستاويز ۽ ڪتاب پڻ اڀياس هيٺ آڻي سگهجن ٿا. اهڙين
انتظامي ڦيرين گهيرين جي ڪري وارهه کي هن ريت
تعلقي جي حيثيت سان نوازيو ويو، جنهن ۾ سورنهن تپا
۽ اوڻهتر ديهون شامل ڪيون ويو. اهڙيءَ طرح اٺن
يونين ڪائونسلن جو اجراء ڪيو ويو. ڏينهون ڏينهن
وارهه جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هن وقت
تعلقي جي اها ئي پراڻي ساخت برقرار رکي وئي آهي.
آدم شماريءَ جي لحاظ کان وارهه تعلقو گهڻو اڳتي
نڪري چڪو آهي. سندس آدمشماري ٽن لکن جي قريب
ٿيندي.
پڄاڻي:
قديم زماني ۾ عيسوي سنه کان پهريائين سنڌو درياهه
جو اهو مکيه وهڪرو نه هو، جيڪو هينئر موجود آهي،
تنهن وقت ڪنڌ ڪوٽ جي مٿان سنڌو درياهه ٻن
ڇاڙهن/شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. تاريخ جي اڀياس
مان اِها ڳالهه چِٽي ٿئي ٿي ته اوڀاريون وهڪرو
موهن جي دڙي تائين موجودهه وهڪري جي ڀرسان وهندو
هو. اهو وهڪرو موهن جي دڙي وٽان هيٺ وڃي، موجوده
وهڪري کان ٿورو پَرڀَرو وهندو هو. ٻيو اولاهون
وهڪرو جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن مان ٿيندو چانڊڪا
پرڳڻي جي کيرٿر جبلن واري حصي مان گذر ڪري منڇر
ڍنڍ تائين پهچي بعد ۾ موجوده اڙل واهه جي وسيلي
اچي وري درياهه جي وڏي اوڀارئين وهڪري ۾ ڇوڙ ڪندو
هو. درياهه جي اوڀارئين ۽ اولاهين وهڪرن مان ڦاٽ ۽
واهه نڪري موجوده چانڊڪا پرڳڻي کي سائو ۽ سرسبز
بنائيندا هئا، جتي واهن ۽ شاخن جو پاڻي پاڻ ۾
ملندو هو، ان ڀاڱي کي ”ميل“ چوندا هئا ۽ اڄ تائين
ان حصي کي ”ميل“ سڏيو وڃي ٿو. ميل وارو حصو
لاڙڪاڻي، قنبر ۽ وارهه جي ڪجهه حدن تي مشتمل آهي.
سال 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنهن کي ڪاري ٻوڏ يا
قهري ٻوڏ سڏيو ويو ۽ اڄ به انهن ئي نالن سان سڏجي
ٿي. ان ٻوڏ جو پاڻي، انهيءَ پراڻي وهڪري جا پيرا
وٺي اُڙهو هو.
سڪندر يوناني جڏهن سنڌ مان لنگهيو هو ته اهو
اولاهون وهڪرو ڪافي عرصو قائم هو. گهاڙ واهه اوڀارئين
وهڪري (مکيه وهڪري) مان نڪري موجوده لاڙڪاڻي شهر
وٽان گذري، وارهه واري وهڪري/ ڇاڙهه جي ويجهو پهچي
ختم ٿيندو هو. ان جي ڪجهه هيٺيان هڪ ٻي ڇاڙهه نڪري
لاڙڪاڻي شهر جو پاسو ڏيئي، درياهه جي وَٽِ وٺي،
هيٺ وهي ويندي هئي، جنهن کي اُلهندو نارو سڏيو
ويندو هو. محمد بن قاسم جي وقت ۾ ٿوري عرصي کان
پوءِ اوڀاريون وهڪرو بند ٿي ويو، پرگهاڙ واهه ۽
الهندو نارو پوءِ به وهندا رهيا. هِتي اهڙو نقشو
ڏجي ٿو، جنهن ۾ وارهه وهڪرو ڪنڌ ڪوٽ کان ٿيندو سڌو
منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کان
علاوه هڪ ٻيو وهڪرو جيڪو جيڪب آباد ۽ شهدادڪوٽ جو
مٿيون پاسو ڏيئي وارهه جي حصي مان گذري ڇنڊڻ واهه
رستي وهي وڃي منڇر ۾ پنهنجو پاڻي ڇڏيندو هو. هن
وهڪري جي ڦِٽي ۽ برباد ٿي وڃڻ ڪري ڪيترائي وسندڙ
شهر ۽ وَسنديون تباهه ۽ برباد ٿي دڙن جي صورت ۾
تبديل ٿي ويون. اهڙي ويرانيءَ جي وَرِ چڙهيل
وسندين جو بيان هڪ الڳ مضمون ۾ ڪيو ويندو. انشاء
الله!
ڪتابيات:
1- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند (1980ع) قديم سنڌ، ڇاپو
ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
2- برٽن، رچرڊ/ محمد حنيف صديقي
]1979ع[
سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد.
3- بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر]1984ع[
جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد/
ڄام شورو.
4- پنهور، ايم.ايڇ
]1/1996ع[،
ٽماهي ”مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
5- پوسٽنس، ٽي/عطا محمد ڀنڀرو
]1997ع[.
سنڌ جيئن مون ڏٺي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
6- ڇٻلاڻي، ايس.پي ڊاڪٽر/سراج ميمڻ
]1968ع[
سنڌي جي اقتصادي تاريخ، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد.
7- ڪلهوڙه، دين محمد (2011ع)، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعو
(تاريخ جي وهڪري ۾)، قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ
هسٽاريڪل سوسائٽي.
7- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر
]1995ع[
لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي
گزيٽيئر جي حوالي سان، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي
لاڙڪاڻو سنڌ.
8 - شيدائي، مولائي
]1983ع[
جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
9- صديقي، حبيب الله، ڊاڪٽر
]1996ع[
تاريخ باب الاسلام سنڌ، حبيب صديقي اڪيڊمي ڄام
شورو.
10- ڪزنس، هينري/عطا محمد ڀنڀرو
]1995ع[
سنڌ جا قديم آثار، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
11- مجمدار، اين.جي/عطا محمد ڀنڀرو
]1997ع[.
سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، ڇاپو پهريون، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ.
12- مخدوم امير احمد/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
]1976ع[
چچ نامو، ڇاپو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
13- ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر
]2001ع[،
لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال، موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي
لاڙڪاڻو.
14- هيگ، جنرل/عطامحمد ڀنڀرو
]1997ع[،
سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ.
|