سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:13 

اعجاز علي شاهه ”اعجاز“

 

 

 

 

سنڌي زبان اسان جي

 

مٺڙي ۽ پياري پياري سنڌي زبان اسان جي،

افضل اَتم نياري نياري سنڌي زبان اسان جي.

 

ٻوليون ته هن جهان ۾ آهن گهڻيوئي ليڪن،

سڀ کان ڀلي ڀلاري سنڌي زبان اسان جي.

 

هر ڳوٺ، هر شهر ۾، هر موڙ هر ڳلي ۾،

هر جاءِ بولاچاري سنڌي زبان اسان جي.

 

شاهه جي شاعري هن ۾ ”بيدل“ جي بات هن ۾،

آهي ثابت جي مرثين واري سنڌي ٻولي اسان جي.

 

پير و فقير توڙي شاهه و گدا هجي ڪو،

گفتار تن جي ساري سنڌي زبان اسان جي.

 

سرهاڻ هن جي ساري سنسار  ڦري ٿي،

سرهن گلن جي کاري سنڌي زبان اسان جي.

 

آهي ازل کان قائم پنهنجي ”اعجاز“ ٻولي،

اڳتي به رهندي جاري سنڌي زبان اسان جي.

 

فقير ڪرم علي اِسراڻ

 

 

 

 

 

بيت

 

) تُنهنجي تــــــــات طلب جــــــــي تنوار اٿــــــــم، پــــــــوءِ ڀِــــــــي چوين ٿــــــــو پَــــــــري پَــــــــري،

هــــــــيءَ بيوس باندي ڪهڙي پار وڃي، پرين تون ئي ٻُڌاءِ ڇــــــــا ڪري ڪري،

ڪج مِهر سندي ڪا خاص نظر، منهنجي توکان سواءِ نٿي سَري سَري،

پيارج جــــــــامُ شــــــــراباً طَهورا جــــــــو، سهڻا ساقي سِڪ مــــــــان ڀَري ڀَري.

(2) او جــــــــانب! منهنجي جــــــــيءَ انــــــــدر، پئي عشق جــــــــي آوي پچي،

تون ڏئــــــــي وڇوڙو وئين هليو، سونــــــــا چُوءَ مثل پيو نَچي،

پنهنجو فضل فرمــــــــاءِ سدا نــــــــام سچي، جــــــــو ڳنڍير وانگر ڳانڍاپو رهي.

(3) آئون طالب تنهنجي عشق جــــــــو، ڇــــــــا عنايت نــــــــه ڪندين مولاج،

اٿم اِشتياق تنهنجي درد جــــــــو، ڇــــــــا نعمت نــــــــه ڏيندين مولا،

آهيان عاصي ساريءَ عمر جو، ڇا مغفرت نــــــــه ڪندين مولا،

ڪرم ثناگر تنهنجي حُسن جو، ڇا ورهاست نــــــــه ڪندي مولا،

آهيان ڪمتر ڪنهن نه ڪم جو، ڇا حڪمت نــــــــه ڏيندين مولا،

آئون سوالي تنهنجي وصل جو، ڇا قُربت نه ڏيندي مولا.

(4) جڏهن ڀي سڄڻ کي روئي ٻاڏايو آهي، تڏهن هُن سُڻي منهنجي فرياد آهي،

اِهو ڏانءُ مون کي مليو اُن وٽان ئي، ڪرم هو ته ڪُل سان دائم شاد آهي.

(5) سڏائين ٿو صوفي نه رياضت عبادت، هيءَ ڪهڙي فقيري نه محنت اطاعت،

ڇڏ غفلت بيقدري طريقت کي وٺُ، ڪر سُڌرڻ جو سعيو، ڪو سجدو تلاوت.

(6) جــــــــي ديــــــــوانــــــــي نــــــــادار کــــــــي، نــــــــوازيندين تــــــــه ڇــــــــا ٿيندئــــــــي،

جــــــــي جلوو پرستــــــــار کــــــــي، پسائيندين تــــــــه ڇــــــــا ٿيندئــــــــي.

(7) اَصلئــــــــون گهران عــــــــارف ٿيــــــــان، شيخي نــــــــه گهرجي مــــــــون،

شــــــــل ٻاجهه فرمائين تــــــــون، تــــــــه ميرو هوندي بــــــــه مــــــــانُ لهان.

 

ڪافي

 

ڪر ڪا يار اچڻ جي، ڪري ڪرم پنهنجو،

ڪيئي واعدا وَصل جا، اعليٰ اِسم تنهنجو.

تُنهنجي حُسن ڪيا حيران هزارين،

مُشتاق مان پڻ، تون صنم منهنجو.

پِيا مَنُ منهنجو مرجهايل آ،

سو شاداب ته ڪر، ڌري رحم پنهنجو.

منهنجو توکان سواءِ آهي ڪير ٻيو،

ڄاڻين سڀ ڪجهه ٿو، رک ڀَرم منهنجو.

 

خادم حسين علوي

 

غزل

 

جفائن تي جفائون ڪر سَهَڻَ جو حوصلو آهي،

اسان جي عشق جو توسان اُهوئي سلسلو آهي.

 

ڀلي جور و جفا تي ناز ڪر تون دلبرا ليڪن،

برائي جو زماني ۾ بروئي ير صلو آهي.

 

بلاشڪ بيوفا کان ڏور گهارڻ ۾ غنيمت آ،

مگر مان ڇا ڪيان دلبر سِوا مَنُ هيڪلو آهي.

 

جفائن کي ڀلا يارو ڪيان مان ياد ڇو هَر هَر،

نصيباً هُن کِلي مون ڏي نهاريو دوستو آهي.

 

اِها بلڪل حقيقت آ عدل جي پڻ تقاضا آ،

زماني ۾ ڀلائي جو صلو بيشڪ ڀلو آهي.

 

اجائي گفتگو ناهي حقيقت صاف ظاهر آ،

”ديارِ غير ۾ هردم اوهان جو آسرو آهي.“

 

چَون ٿا هر گهڙي مون کي نه ايندو دلربا ليڪن،

يقيناً مهربان ٿيندو ۽ ايندو ڀروَسو آهي.

 

دلِ ويران جي منزل ڏي روان هي ڪير ٿا ڏسجن،

دلِ نادان جي ساٿِن جو هي يارو قافلو آهي.

 

حقيقت هر ڪنهين کي ڇا ٻڌايان حال جي يارو،

اسان جي عشق ۾ حائل سدائين ڪونه ڪو آهي.

 

ڀلي جورو جفا ٿيندي رهي ليڪن سدا همدم،

ڏکن ۾ مان ته سمجهان ٿو ته منهنجو ڀرجهلو آهي

 

غزل

 

قُرب وارن وٽ اڃا ڀي قربتون رهجي ويون،

ڪُلفتون گهٽجي ويون ۽ اُلفتون رهجي ويون.

 

دل گهڻي بيتاب آهي يار سان ملجي مگر،

دلربا سان ملڻ جون سڀ حسرتون رهجي ويون.

 

دور اَهڙو آيو آهي ڇا چوان ڪنهن کي چوان،

محبتون مَٽجي ويون ۽ نفرتون رهجي ويون.

 

محفلِ ياران مان يارو ڪجهه به حاصل ڪين ٿيو،

عاشقِ دلگير وٽ ڪي صورتون رهجي ويون.

 

عشق جي منزل ڏکي پر پو به نعرا نينهن جا،

اُلفتون آهن ڪٿي بس ڪُلفتون رهجي ويون.

 

جن جي فطرت ۾ برائي سالِڪن تن لئه چيو،

اڄ به تِنِ جون ساڳيون ئي عادتون رهجي ويون.

 

محبتن ۽ ڪلفتن ۾ جنگ آ جاري مگر،

ڪلفتون ڪافور ٿيندي محبتون رهجي ويون.

 

ڪو زمانو هو هميشه راحتون بيحد هيون،

مَنَ اندر اڄ نالي ماتر راحتون رهجي ويون.

 

ياد ٿم هُن سان ملاقاتون ڪيم سي ياد ٿم،

بس گناهِ زندگي جون شامتون رهجي ويون.

 

سڀ چَون ٿا هر ڪنهن کي قسمتن تي ناز آ،

نازَ کي ناهي بقا بس قسمتون رهجي ويون.

 

نيٺ مون کي نينهَن لائڻ جي سزا همدم ملي،

ڇا ڪيان ڪاڏي وڃان بس چاهتون رهجي ويون.

 

مڱريو مستقيم ’بازيدپوري‘

 

 

 

 

 

غزل

 

ڪيڏو ته اثر، تُنهنجي نيڻن ۾،

ڪاڇو ۽ اُتر، تُنهنجي نيڻن ۾.

 

ترسي آهي، شام ته ڀل سڀ،

رات به ڪو پَهر، تُنهنجي نيڻن ۾.

 

ٻيڪڙيل تاڪ ته هن دل جا،

ديدن جو دَر تنهنجي نيڻن ۾.

 

پڌرو ته نه ٿي، پردو ڪَر تون،

نه ڏسي ڪو يَر تُنهنجي نيڻن ۾.

 

رکجان هرگز، نه پري مون کي،

ڪَٽيان هَر سحر، تُنهنجي نيڻن ۾.

 

ارپي ڇڏيان سر ساهه سڄڻ،

گُذري ته عُمر، تُنهنجي نيڻن ۾.

 

فڪرن مان ڪا فرصت به ملي،

ته ڏسان هَر هَر، تُنهنجي نيڻن ۾.

 

غزل

گَهَرا گهاءَ ته پُراڻا ٿي پيا،

ويڄن جا وس اَياڻا ٿي پيا.

 

سِسِيون سرمد سَوين گهوري ويا،

گهر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ گهاڻا ٿي پيا.

 

آئين ڇو ڪونه اڄ ڪاڪ راڻا،

مومل کي يار ماڻا ٿي پيا.

 

ڪاڏي آئي ڇڪي تقدير اڄ،

ڪاڏي واٽون وراڻا ٿي پيا.

 

ڪنهن لاءِ آهي ازل جي اُڃَ اڃا،

ڪنهن لاءِ روح ۾ ڇڪاڻا  ٿي پيا.

 

آيو جنهن ڏي ڪکي ويو تنهن کي،

گهائل ڪي ئي گهراڻا ٿي پيا.

 

من جي موج ته وئي موڪلائي،

مڌ سان ناتا نه ڄاڻان ٿي پيا.

 

ڪنهن جو ناهي ته ڪو ڏوهه ’مڱريا‘،

حال هي پرِينِ پڄاڻا ٿي پيا.

 

کُهاوڙ ”بخشل“ سنڌي

 

ساقي ڪوثر، هادي رهبر

ارفع اعليٰ جڳ جڳ ظاهر

شافع محشر عالم برتر

ناهي ڪوئي قدمن برابر

اَحمد اَحمد اَحمد اَحمد

صلي الله عليہ وآلہ وسلم

 

ماڻڪ موتي اک جو تارو

صديق عمر عثمان حيدر

جانب جُڳُلِي روحن جارو

صديق سڀ کان افضل اظهر

اَحمد اَحمد اَحمد اَحمد

صلي الله عليہ وآلہ وسلم

 

لبڙن کي جو لبڙن لاتو

بي بي حليمہ ڇاتي لاتو

سڀ ڄڻ ته ڪڻيءَ ڀاڪر ڀاتو

اشرف افضل سيّد بحر و بر

اَحمد اَحمد اَحمد اَحمد

صلي الله عليہ وآلہ وسلم

 

بخشل حق جو هڻبو نعرو

دشمن مرسل جو رهندو ڪارو

انڌا ٻوڙا ڪن ٿا ٽارو

ڪوڙو ڪاڻو اَبدي ابتر

اَحمد اَحمد اَحمد اَحمد

صلي الله عليہ وآلہ وسلم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org