سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:2 

نذير شاڪر بروهي 

 

 

 

”سنڌ“ نالي جو بنياد

(تاريخ، مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾ تحقيقي جائزو)

 

سنڌ، پاڪستان جو تاريخي اهميت جو حامل هڪ اهم صوبو آهي. ان تي ”سنڌ“ نالو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪنهن وڌو يا رکيو؟ ان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ جهڙا سوال اڃان تحقيق طلب آهن. اِن باري ۾ مشرق وسطيٰ، هند، سنڌ ۽ يورپ جي عالمن ، تذڪره نگارن، سياحن ۽ مؤرخن قلم کنيو آهي. ان اهم تضادي ۽ علمي سوالن جي حوالي سان پروين ٽالپر لکي ٿي ته:

"Sindhu and Indus. what in name? take the case of Sindhu the original Name of River Indus different people and different platforms discuss it in different ways. The more fact has been anglicized since centuries is important.......................(1)

 اهڙن تضادي سوالن جي موجود هجڻ کان پوءِ به سنڌ لفظ جي بنياد متعلق هر ڪنهن عالم پنهنجي مطالعي ۽ سمجهه آڌار ۽ قديم مذهبي تحريري روايتن کي بغير ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق جي، تقليد ڪري نقل ڪيو آهي.

”سنڌ“ لفظ جي بنياد ۽ نالي پوڻ جي متعلق پنج مفروضا پيش ڪيا ويا آهن جيڪي هن ريت آهن:

(1) سنڌ، حضرت آدم عليہ السلام جو پُٽُ يا سندس پوٽي جو نالو آهي.

(2) سنڌ، حضرت سام بن نوح عليہ السلام جو پٽ يا سندس پڙپوٽي جو نالو آهي.

(3) سنڌ، حضرت حام بن نوح عليہ السلام جو پٽ يا سندس پوٽي جو نالو آهي.

(4) سنڌ، حضرت يافت بن نوح عليہ السلام جو پٽ يا سندس پوٽي جو نالو هو.

(5) سنڌ تي آرين ”سنڌ“ نالو رکيو ۽ اهو لفظ آريائي ٻوليءَ جو آهي!

هيٺ مٿين پنجن مفروضن جو تفصيلي وچور پيش ڪيون ٿا.

1: سنڌ، حضرت آدم جو پٽ يا سندس پوٽي جو نالو آهي.

هن مفروضي جو پهريون راوي محمد بن اسحاق، امام فن مغازي (المتوفي- 151هه/ 768ع) آهي، جنهن کي علامه جلال الدين سُيوطي (732هه/ 1334ع- 9- 808هه/ 1406ع) نقل ڪيو آهي. علامه جلال الدين سُيوطي، روايت پيش ڪندي لکي ٿو ته:

”ابن اسحاق چئي ٿو ته آدم عليہ السلام جي اولاد چاليهه هئي ۽ اهي ويهن حملن (ويمن) ۾ پيدا ٿيا هئا. هرهڪ حمل ۾ هڪ مڙد ۽ هڪ عورت پيدا ٿيندو هو. آدم جي پُٽن ۾ قابيل، هابيل، اَياد، شبوانه، صرابيس، مخور سند، بارق، شيث، عبدالمغيث، عبدالحارث، ود، سواع، يغوث، يعوق ۽ نسر، اقليمه جي ڌيئرن ۾ اقليمه، اشوف، جزوزه، عزورا ۽ امة المغيث جا نالا معلوم ٿيا آهن. ........................“ (2)

شمس الدين رڪن الدين قريشي، حضرت آدم عليہ السلام جي پُٽ ”شيث“ کي ”سنڌ“ تسليم ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:

”سنڌ جو نالو، حضرت آدم عليہ السلام جي هم شڪل پُٽ حضرت شيث عليہ السلام جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي تورات ”سيت“ جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگويد ”ورڻ“ ڪوٺيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ”پاڻي“. جنهن ۾ سمنڊ ۽ درياءَ اچي وڃن ٿا. الله تعاليٰ، حضرت آدم عليہ السلام جي انهيءَ پٽ کي اها عزت بخشي جو زمين خواه پاڻي، جتي هو رهيو، سڀ هن جي نالي سان سنڌ ڪوٺجڻ ۾ آيا ۽ الله تعاليٰ آدم عليہ السلام جي ٻين سڀني پٽن جي نسلن کي فنا ڪري هن جي نسل کي دنيا جي تختي تي قائم رکيو جو روز قيامت تائين رهندو.....................“ (3)

ان کان پوءِ ڏيهي تذڪره نگار ۽ ليکڪن حضرت آدم عليہ السلام جي پٽ ”شيث“ کي ”سنڌ“ قرار ڏنائون(4). اهڙن تذڪره نگار ۽ ليکڪن ۾ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، (5) سردار احمد چنو، (6) لعل بخش نائچ، (7) اياز ڀاڳت، (8) ۽ ٻيا شامل آهن.

.ii  سنڌ، حضرت سام بن نوح عليہ السلام جو پٽ يا سندس پڙپوٽي جو نالو آهي:

هن مفروضي جي سلسلي ۾ پهرين لکيل ۽ مليل روايت طبقات ابن سعد (پيدائش 168هه/ 85- 784ع- وفات 230هه/ 45- 844ع) جي آهي. جنهن سنڌ کي سام بن نوح جو تڙپوٽو يا پنجين پيڙهي ۾ ڏيکاري ٿو. هو لکي ٿو ته:

”ابن عباسرضه فرمائي ٿو ته عرب، ايراني، نبطي، هندستاني، سنڌي ۽ بندي سام بن نوح عليہ السلام جو اولاد آهن.

محمد بن سعدرحه فرمائي ٿو ته هندستاني، سنڌي ۽ بندي، يوفربن يقطن بن عابد بن شالغ بن ارفخشد بن سام بن نوح جي اولاد آهن (بند جي پٽ جو نالو مڪران هو)..................“ (9)

علامه ابن خلدون (732هه/ 1332ع- 809هه/ 1406ع) تقريباً 1380ع ڌاري طبقات ابن سعد جي مٿين روايت کي تسليم ڪري ”سنڌ“ کي حضرت سام جي پنجين پيڙهيءَ ۾ ڏيکاري ٿو. هن هڪ شجرو ڏنو آهي جيڪو هن ريت آهي:

 

 

 

مولاناسيد ابوالحسن، ”سنڌ“ کي سام بن نوح جو پٽ سڏي ٿو(11). رحيمداد مولائي شيدائي، مولانا سيد ابوالحسن جي تقليد ڪئي آهي(12). رحيم بخش ”قمر“ لاکو پنهنجي هڪ شعر ۾ ”سنڌ“ کي حضرت سام بن نوح جو پٽ سڏي ٿو (13).

.iii سنڌ، حضرت حام بن نوح عليھ السلام جو پٽ يا سندس پوٽي جو نالو آهي.

هن مفروضي بابت مليل پهرين تحريري روايت جي آڌار تي پهريون تذڪره نگار علامه ابن جعفر محمد بن جُريرالطبري (متوفي 310هه/ 922ع) آهي، جنهن 890ع ڌاري ”سنڌ“ کي حضرت نوح جي پٽ حام جو پوٽو قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته:

”حام بن نوح عليہ السلام جي زال نحلب بنت معرب بن درمسيل بن محويل بن خنوح بن قيس بن آدم هئي. ان مان حام کي ٽي پٽ پيدا ٿيا. اڪوش بن حام، 2 قوت بن حام، 3 ڪنعان بن حام.

حبشه، هند ۽ سنڌ جي پيدائش: ڪوش بن حام بن نوح، قريفيل بنت

تاويل بن ترس بن يافث بن نوح عليہ السلام سان شادي ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ان جي بطن مان ڪوش کي ٽي پٽ 1 حبشه 2 سنڌ ۽ 3 هند نالي سان پيدا ٿيا................“ (14)

ان کان پوءِ ٻيو تذڪره نگار ابو حنيف الدينوري (282هه/ 895ع) آهي، جنهن ”سنڌ“ کي حضرت حام بن نوح عليہ السلام جو پٽ قرار ڏيندي لکي ٿو ته:

”حام بن نوح......... جا ست پٽ هئا.

سنڌ، هند، رنج، قبط، حبش، نويه ۽ ڪنعان.“ (15)

ياقوت حموي (621هه/ 1224ع) پڻ مٿين روايت کي تسليم ڪيو آهي.

”السنڌ“ سين جي زير، نُون جي جزم ۽ دال مهلمه سان هڪ ملڪ آهي جيڪو هند، ڪرمان ۽ سجستان جي وچ تي آهي. چَوَن ٿا ته سنڌ ۽ هند ٻه ڀائر هئا. توقير بن يقطان بن حام بن نوح عليہ السلام جا پٽ هئا......“ (16)

ايراني تذڪره نگار زڪريا قزويني (682هه/ 1284ع (17) پڻ يا قوت حموي جي روايت کي مَن وعن تسليم ڪري نقل ڪيو آهي. ان کان بعد هند ۽ سنڌ جي مقامي مؤرخن ۽ تذڪره نگارن مٿين روايتن ۽ تذڪره نگارن جي بيانن کي مد نظر رکي جيئن جو تيئن تسليم ڪري نقل ڪيو آهي، جن ۾ پهريون هند جو مؤرخ محمد قاسم فرشته (1018هه 1015هه/ 1609ع- 1604ع) آهي، جنهن مٿين حوالن کي تسليم ڪري ”سنڌ“ کي حام جو پٽ قرار ڏنو. هو لکي ٿو ته:

”حام........کي.......... ڇهه پٽ عطا ڪيا. هڪ هند ۽ ٻيو سنڌ، ٽيون حبش، چوٿون افرنج، پنجون هرمز ۽ ڇهون بويه ۽ مذڪوره ملڪ انهن جي نالن سان مشور ٿيا..............“ (18)

سنڌ جي مقامي تذڪره نگار ۽ روايتي مؤرخن، مٿين روايتن کي مدنظر رکي، انهن جي پيروي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ادارڪي بيگلاري (1017هه/ 1610ع) پهريون مؤرخ آهي، جنهن انهن روايتن جي تقليد ڪئي. هو لکي ٿو ته:

”سنڌ“ حضرت نوح نبي عليہ السلام جي پٽ حام جو پٽ هو. هي ملڪ انهي سنڌ ۽ ان جي اولاد جي قبضي ۾ هو. تنهن ڪري ان ملڪ تي نالو ئي پئجي ويو آهي سنڌ................“ (19)

ٻين مؤرخن ۾ ميرعلي شير قانع ٺٽوي (1181هه/ 1767ع) (20) شيخ محمد اعظم بن شيخ محمد شفيع ٺٽوي (1207هه/ 93- 1892ع) (21) خدا داد خان (1900ع) (22) شيخ صادق علي شيرعلي انصاري (1901ع) (23) مرزا قليچ بيگ (1929ع) (24) مولوي نورمحمد نظاماڻي (1932ع) (25) الوحيد سنڌ آزاد نمبر (1936ع) (26) رحيمداد مولائي شيدائي (1958ع) (27) ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ (1978ع) (28) ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر (1982ع) (29) الهه رکيو ٻٽ (1984) (30) مخدوم الحاج شفيع محمد عرف عبدالخالق هاشمي (1997ع) (31) ڊاڪٽر غلام محمد لاکو (1997ع) (32) ڪامران اعظم سوهدروي (2012ع) (33) ۽ ٻيا شامل آهن، جن سنڌ کي حضرت حام بن نوح جو پٽ يا سندس تڙ پوٽو قرار ڏنو آهي.

.iv سنڌ، حضرت يافث بن نوح جو پٽ يا سندس پوٽي جو نالو هو.

تحريري ثبوتن جي آڌار تي هن روايت جو پهريون راوي احمد بن يعقوب بن جعفر اليعقوبي (متوفي 292هه/ 905ع) آهي. هن سنڌ کي حضرت يافث جو پٽ قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته:

”يافث بن نوح جي پٽن جي حصي ۾ هند، سنڌ، ترڪ، خظر، تبت، بلغر، ويلم ۽ ارض خراسان جي آس پاس جا علائقا آيا........................... (34)

هن کان پوءِ هن مفروضي کي مقامي حوالي سان علامه مولوي عبيدالله ”شائق“ (1929ع) پيش ڪيو. هو لکي ٿو ته:

”سنڌ ڏيهه جو پهريون آبادگار سند بن يافث بن نوح عليہ السلام هو، جو سندس نالو ملڪ تي پئجي ....... ويو.“ (35)

مٿين مذهبي مفروضن جو تاريخي، لسانياتي، تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو:

مٿين مذهبي مفروضن ۾ پيش ڪيل ضعيف حديثن ۽ روايتن کي مذهبي عالمن، تذڪره نگارن ۽ مؤرخن باربار دهرائي سنڌ جو عربن سان پختو تعلق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هڪ روايت آهي ته جنت مان چار درياء نڪتا/وهن ٿا. جن جا نالا نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون آهن. نيل، مصر ۾ آهي، جنهن تي مصر جي زراعت جو دارو مدار آهي. فرات، عراق جي ساوڪ ۽ شادابي جي ضمانت آهي. جيحون، ترڪستان جو درياء آهي، ۽ سيحون گنگا آهي ۽ ڪجهه ماڻهو جنت جي هن دريا کي سنڌ قرار ڏين ٿا(36).

حديث ۽ تفسيرن ۾ آيل آهي ته جڏهن حضرت آدم عليہ السلام کي جنت مان نيڪالي ڏني وئي ته هو ”هندستان“ ۾ لٿو/ لاٿو ويو ۽ سندس پهريون قدم سرانديپ (لنڪا) ۾ پيو، جتي اڃان سندس قدم جا نشان (ڏکڻ وچ لنڪا ۾ ڪولمبو کان پنجيتاليهه ميل ڏکڻ- اوڀر جي طرف هڪ جبل واقع آهي. جنهن جي بلندي 7360 فوٽ آهي. ان جي چوٽيءَ تي هڪ هموار سطح 74-44 فوٽ آهي. جنهن تي پنج فوٽ چار انچ ڊگهو ۽ ٻه فوٽ ڇهه انچ ويڪرو انساني پير جو نشان آهي. جنهن کي مسلمان حضرت آدم جي پير جو نشان قرار ڏين ٿا) هڪ جيل تي موجود آهن. (37) ابن جرير ابن ابي حاتم ۽ حاڪم جي ڪتابن ۾ آهي ته هندستان جي سرزمين مان مراد ”دجنا“ يعني دکن آهي. جيڪو ڏکڻ هندستان جو مشهور حصو آهي. جتان عربن جي گهڻن ملڪن ڏانهن گهڻا خوشبودار مصالحا، هن حصي مان موڪليا ويندا هئا، جيڪي عربن جي توسط سان سموري دنيا ۾ ڦهلجندا هئا. ان لاءِ عربن جو چوڻ آهي ته هي شيون انهن تحفن جو يادگار آهن، جيڪي حضرت آدم عليہ السلام پاڻ سان گڏ جنت مان کڻي آيو هو. حجر اَسوَد به جنت مان کڻي آيو هو. جيڪو لنڪا، ڏکڻ هندستان مان ٿيندو ڪعبه شريف پهتو. هڪ روايت مطابق امرود (زيتون) پڻ جنت جو ميوو آهي. ڪن تذڪره نگارن جو چوڻ آهي ته حضرت آدم عليہ السلام جڏهن هندوستان ۾ لاٿو ويو ته هتي ئي ان تي پهرين وحي نازل ٿي. جهڙوڪ نُور محمدي حضرت آدم عليہ السلام جي پيشاني مبارڪ ۾ امانت هئي. ان کان ثابت ٿئي ٿو ته محمد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم وسلم جو ابتدائي ظهور هن سنڌ سر زمين تي ٿيو. ان لاءِ پاڻ فرمايائون ته:

”مون کي هندستان (سنڌ) مان رباني خوشبو ايندي آهي..............“ (38)

نامور اردو شاعر علامه محمد اقبال، حضوراڪرمصه جي ان روايت کي هڪ شعر ۾ قلمبند ڪيو آهي. ته:

ٹوٹے تھے جو ستارے فارس کے آسمان سے

پھر تاب دیکے جس نے چمکائے کہکشاں سے

وحدت کی لئے سُنی تھی دنیا نے جس مکان سے

میر عرب کو آئی ٹھنڈی ہوا جہان سے

میرا وطن وہی ہے، میرا وطن وہی ہے۔“ (39)

اهڙين روايتن جي هوندي به مٿي پيش ڪيل مفروضن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هيٺ اسان انهن مفروضن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيون ٿا.

الف: حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت نوح عليہ السلام يا سندس تڙپوٽن تائين جي نسل يا سندن اولاد جي نالن جي معلومات لاءِ اسان وٽ صرف ٻه اهم الهامي ڪتاب، ڪتاب مقدس ۽ قرآن شريف موجود آهن. ٻنهي جي محتاط مطالعي، عالمن، محققن ۽ مفسرن جي تفسيرن جي روشنيءَ ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت ابراهيم عليہ السلام تائين هي هيٺيون شجرو سامهون اچي ٿو.

 

 

 

 

 

هن شجري ۾ ڪٿي به ڪنهن نبيءَ جا ”سنڌ“ ۽ ”هند“ نالي پُٽَ نه ٿا ملن. پوءِ به تذڪره نگارن، مفسرن ۽ مذهبي ليکڪن، سنڌ ۽ هند کي ڀائر ڄاڻائي، هڪ ئي وقت حضرت آدم، حضرت سام، حضرت يافث، حضرت حام، حضرت شيث يا حضرت ارفڪسد جو پٽ يا تڙ پوٽو قرار ڏنو اٿائون. يعني جيترا وات اوتريون ڳالهيون. حديثن جا راوي ۽ مفسر خود لاتعداد متضاد ۽ ضعيف حديثن جي ڪري سنڌ کي ڪنهن پڪي پُختي ثبوتن جي بنيادن تي ڪنهن هڪ نبيءَ جو پُٽ قرار ڏيڻ لاءِ متفق نه آهن. ان لاءِ محتاط، غير جانبدار سائنسي ذهن رکندڙ مؤرخن ۽ محققن اهڙن حديثن ۽ روايتن کي ظعيف قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ علامه سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته: 

”هي سڀ روايتون فن حديث جي لحاظ کان گهٽ درجي (ضعيف) واريون آهن........“ (41)

رحيمداد مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

”ان قسم جون حديثون يا روايتون......... ضعيف آهن ..........“ (42)

شيخ محمد اڪرام رقمطراز آهي ته:

”هي بيان (حديثون) ته گهڻو ڪري جوش محبت جو ڪرشمو ۽ قصن ڪهاڻين تي مبني آهن.............“ (43)

ب: هند ۽ سنڌ جا ٻه اسلامي مؤرخ مولانا عبدالحليم شرر (1907ع) (44) ۽ مولانا سيد ابوظفرندوي (1947ع)(45) جن ”تاريخ سنڌ“ جي نالي سان ٻه ڌار ڌار ڪتاب لکيا آهن. تن پنهنجي ڪتابن ۾ ”سنڌ“ نالي جي بنياد متعلق بحث ڪندي ”سنڌ“ کي ڪنهن نبيءَ جو پُٽُ، پوٽو يا تڙ پوٽو قرار ڏيڻ وارين حديثن کي نقل نه ڪيو آهي. حالانڪه انهن پنهنجن ڪتابن ۾ ابن حوقل، ابن خلدون، تاريخ فرشته، مروج الذهب، طبقات ابن سعد، معجم البلدان، يا قوت حموي، تحفته الڪرام (ايليٽ وارو)، ٽي پوسٽنس ۽ ٻين عالمن جا حوالا ڏنا آهن. حالانڪه انهن ڪتابن ۾ اِهي مذهبي مفروضا پيش ڪيل هئا. پوءِ به انهن عالمن اهي ضعيف حديث ۽ روايتن کي نقل نه ڪيو. ڇو ته انهن کي خبر هئي ۽ انهن جي نظر ۾ اهي حديثون ۽ روايتون ضعيف ۽ مستند نه هيون. ان لاءِ اُنهن، هِنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.

ج: ڪيترن يورپي ۽ هندو مؤرخن انهن مذهبي مفروضن کي رد ڪيو آهي. جيمس مئڪمروڊ (1834ع) هن مفروضي کي نه ٿو مڃي. (46) ٽي.پوسٽنس (1843ع) هن مفروضي کي ڏند ڪٿا تصور ڪري ٿو. (47) ايڊورڊ ٿارنٽن (1844ع) هن مفروضي/ مفروضن کي مقامي سنڌي مؤرخن جو اختراع سمجهي ٿو. (48) ڪاڪو ڀيرومل (1957ع) پڻ انهيءَ خيال جو آهي. هو انهن مفروضن کي رد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه لسانياتي ۽ تاريخي شاهديون پڻ ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

”سنڌ ملڪ تي نالو ”سنڌ“ تان پيو. جيئن هندستان يا هند تي نالو ”هند تان پيو. سنڌ ۽ هند ٻئي ڀائر هئا ۽ حام بن نوح عليہ السلام جا پٽ هئا ۽ حضرت نوح عليہ السلام مشهور وڏو نبي هو جنهن طوفان کان پوءِ دنيا کي آد ڪيو.

ڏسو ته ڪٿي جي ڳالهه ڪٿي اچي پهتي آهي. اهي آسرپوٽاڻيون ڳالهيون هن وقت جا يورپي عالم سچيون ڪري نٿا سمجهن............. ”شيم“ (سيم) ۽ ”هئم“ نالن سان ”سنڌ“ ۽ ”هند“ نالن جو ڪو به لاڳاپو آهي ئي ڪو نه، ته به اهو هُل پيو ته اهي حضرت نوح عليہ السلام جي پُٽن جا نالا آهن..........“ (49)

د: حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت نوح عليہ السلام جي دور جي تعين جي حوالي سان محققن، مورخن ۽ عالمن ۾ اختلاف آهي. مير احمد يار خان براهوئي (رياست قلات جو آخري براهوئي حاڪم) حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي موجوده (2017ع) دور تائين جي عرصي جو ڪاٿو 7601 سال قرار ڏئي ٿو. (50) امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد، حضرت نوح عليہ السلام کان وٺي موجود دور (2017ع) تائين جي عرصي جو ڪاٿو 5355 سال ٻڌائي ٿو. (51) حبيب الله صديقي حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي موجوده دور (2017ع) تائين جي عرصي جو ڪاٿو 7399 سال ٻڌايو آهي. (52) ٽِم اوسر هولو انسان يا حضرت آدم عليہ السلام جي تخليق جي دور جو تعين جو سال 5800 ق.م قرار ڏنو آهي. جڏهن ته حضرت نوح جي ٻوڏ کي 3400 ق.م جو ٻڌائي ٿو. (53) اهڙي طرح حضرت آدم کي موجوده دور (2017ع) تائين 7817 سال ۽ حضرت نوح عليہ السلام کي موجوده دور (2017ع) تائين 5417 سال ٿي گذريا آهن.

انهن تذڪره نگار ۽ مؤرخن جي ڏنل عرصن کي مدِنظر رکي ڪري ٿلهي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته حضرت آدم عليہ السلام کان موجوده دور (2017ع) تائين جو عرصو تقريباً 8000 (اَٺ) هزار سال آهي. جڏهن ته حضرت نوح عليہ السلام اڄ جي دور (2017ع کان 5500 هزار سال اڳ ٿي گذريو آهي.

جڏهن اسان سنڌ کان ٻاهر، ٻاهرين دنيا جي قديم تهذيبي قدامتن کي پاسيرو رکي صرف قديم سنڌ سان لاڳاپيل قديم تهذيبي ماڳ ”مِهرڳڙهه“ جي قدامت تي نظر وجهون ٿا ته اهو 9000 هزار سال پراڻو ٻڌايو وڃي ٿو. مهرڳڙهه تي تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽ جين فرانڪوئس جريگي (Francois Jarriege) لکي ٿو ته:

"Without discussing at length the chronology of Mehrgarh, it can be reasonable claimed that the internal sequence of the site, cansidered in relation to comparisions from other areas and the dates ascribed to the most recent occupation periods, indicates that the founding of the neolithic settlement did not post- date 7000 B.C........" (54)

ترجمو: ”تنهن ڪري مهر ڳڙهه جي پراچينستا تي بحث مباحثي ڪرڻ بدران هن ماڳ جي اڏاوتن جي داخلي سلسلي ۽ ان جي پوئين دور جي وسندين ڏانهن منسوب ڪيل مختلف دورن کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته پٿر جي پوئين زماني وارو هي ماڳ 7000 ق.م کان ڪڏهن به گهٽ قديم نه آهي......“

هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هي تهذيبي ماڳ حضرت آدم عليہ السلام  کان 1000 سال قديم يا اڳ جو آهي. هتي هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هي تهذيبي آثار، حضرت آدم عليہ السلام کان اڳ جا آهن، ته پوءِ دنيا جو پهريون انسان ”حضرت آدم“ جو هجڻ واري دعويٰ مشڪوڪ بيهي ٿي.

مٿين سڀني منطقي دليلن ۽ علمي شڪ ۽ شبهات کي مدِنظر رکي، اهو چوڻ تي مجبور آهيون ته اسلامي ۽ مذهبي عالم حضرت آدم عليہ السلام جي دور جو تعين سان گڏ ”سنڌ“ کي صحيح سائنسي طريقي سان ڪنهن نبيءَ جو پُٽُ قرار ڏيڻ لاءِ سائنسي، آثاراتي، بشرياتي ثبوت فراهم ڪرڻ جون ڪوششون وٺن. هنن جو حضرت آدم جي دور جو عرصو ڪٿڻ جون ڳالهيون يا تحقيق صحيح نه آهي. ان لاءِ پڻ سائنسي، ارضياتي ۽ بشرياتي شاهدين ۽ ثبوتن کي مدِنظر رکي ڪري دور جو تعين ڪيو وڃي.

 .vسنڌ تي آرين سنڌ نالو رکيو ۽ اِهو لفظ آريائي ٻوليءَ جو آهي.

هن مضروضي پيش ڪرڻ وارا تقريباً ماهرلسانيات، مؤرخ، آرڪيالاجسٽ، اينٿراپا لاجسٽ، سياح ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ملازم هئا/ آهن. انهن ۾ گهڻائي يورپي لوڪن جي آهي، جن سنڌي زبان جي بڻ بنياد تي به ڪم ڪيو. جيئن ته انگريز يا يورپي لوڪ لساني ۽ نسلي طور يورپين هئا، ان لاءِ سنڌ تي قبضو ڄمائڻ لاءِ سنڌين کي لساني ۽ نسلي طور انڊو- يورپين قرار ڏيڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪيائون، جنهن مان هنن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مشرقي ۽ مغربي ماڻهو اصل ۾ هڪ آهن. پنهنجي انهن سياسي مفادن کي پوري ڪرڻ لاءِ هنن ادبي، تاريخي، لسانياتي، آثاراتي ۽ بشرياتي حوالي سان پنهنجي سياسي مفادن کي پوري ڪرڻ لاءِ انهن، علمن جو سهارو ورتو. يورپي لوڪن جي اهڙي تحقيقي تحريرن جو مقصد گهڻو ڪري سياسي هو، پر پوءِ به ڪي قدر منجهانئن علمي تحقيق جي بوءِ اچي ٿي.

يورپي لوڪن ”سنڌ“ لفظ جي بنياد متعلق اِها دعويٰ ڪئي ته اهو لفظ سنڪرت ٻوليءَ جو آهي، جنهن جو بنياد ”سڌ“ (sidh) ۽ ان جي معنيٰ نَهر يا نَدي آهي(55). ايڊورڊ ٿارنٽن (1844ع) ”سِنڌ“ يا ”سِنڌو“ لفظ کي سنسڪرت بنياد جو قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

"Sindh or Sindh sanscrit for sea or collection of water......." (56)

ميڪس مُلر رقمطراز آهي ته:

"The meaning of Sindhu, river, runs into the meaning of Sindhu, `sea`..........."(57)

ڊيوڊ راس رقمطراز آهي ته:

"Sindh is th Sanskrit word Sindh or Sindhu, A river, or ocean. It was applied to the river Indus, the first great body of water encountered by the Aryan Invaders."(57-A)

مونيئروليمز ”سنڌو“ لفظ جي معنيٰ نهر،ندي ۽ سنڌ جا ماڻهو ڏنا آهن(58). ڪاڪو ڀيرومل پڻ ساڳي ڳالهه ڪري ٿو(59). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ساڳين ڳالهين جي تقليد ڪئي آهي(60). ڊاڪٽر مشتاق الرحمٰن به اها ڳالهه ورجائي آهي. هُو لکي ٿو ته:

”سنڌ“ نالو سنسڪرت لفظ سنڌو تان ورتل آهي. اهو نالو آرين، سنڌو درياءَ تي رکيو هو......(61)“ سرمونيئر وليمز، ”سنڌ“ لفظ جو بنياد ”سِڌ“ (Sidh) قرار ڏنو آهي. (62)

اليگزينڊر ڪننگهام، سنڌ لفظ جي بنياد متعلق لکي ٿو ته: ”يونان وارن هن علائقي کي سِنڊو (Sindo) ۽ عربن سَدُو (Sadu) لکيو آهي. جيڪي هن علائقي جي سنسڪرتي نالي سِنڌو (Sindhu) ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هن ٻوليءَ ۾ هتان جي رهاڪن کي سئنڌاوا (Saindhava)  يا سئنڌو، (Saindhu) چيو ويو آهي ۽ عام مشهور اُچار به اهو آهي.“ (63)

اليگزينڊر ڪننگهام واري ڳالهه کي ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا“ جا مرتبين تسليم ڪندي نقل ڪيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ان انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان ڪننگهام واري ڳالهه ورجائيندي لکي ٿو ته:

”سنسڪرت ۾ ان کي ”سَئندَو (Saindhava) چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ سنڌو ڪناري تي رهندڙ لوڪ......“ (64)

ڊاڪٽر غلام علي الانا مٿين سمورن حوالن کي مدنظر رکي پنهنجي حتمي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”رگويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر جي قديم لوڪن (رهواسين) کي سَئندو (Saindhava) جي نالي سان سڏيندا هئا، جنهن جي مراد هئي- سنڌو ڪناري يا سنڌوماٿر ۾ رهندڙ لوڪ آرين، يا هنن لوڪن (سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن) کي انهيءَ نالي (سَئنڌو/ سئندوئي) سڏيائون. هونئن به ته سنڌي ويا ڪرڻ جي اصولن موجب ’سنڌو‘ لفظ جي صفتي صورت ’سِئنڌوئي/ سئنڌو ئي ٿيندي. اها صورت (سئنڌو ئي)، اڳتي هلي پهرين ’سنڌ ئي‘ بڻي هوندي ۽ پوءِ ’سنڌي‘ بڻجي وئي ۽ وچ واري سُر ]اَو[کي ]اُ[ سُر ۾ تبديل ڪيو ويو......... اهڙي طرح ’سنڌ ئي‘ جا اڳتي هلي ’سِنڌي‘ بنجي وئي آهي........“ (65)

ڊاڪٽر الانا ’سَئنڌَو‘ لفظ جو ’سنڌو‘ (يعني اَ حرف علت جو اِ ۾ بدل) ۾ تبديلي ٻڌايو آهي. اِها ساڳِي ڳالهه سراج ميمڻ چاليهه سال اڳ ڪئي هئي. هو لکي ٿو ته:

”جڏهن به سنسڪرت مان نَوَن لفظن ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ڌاتوءَ سان اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڳنڍيون وينديون هيون ته ان عمل کي سڏيندا ئي هئا ”سَنڌي“، جو پوءِ ڦري ”سنڌي“ اچارجڻ لڳو ۽ اڄ خود يورپي ماهرن ان لفظ ”سَندي“ (Sandhi)کي هڪ ٽيڪنيڪل لفظ تور انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان لفظ ۾ ڪافي وقت اندر ( اِ ) حرف علت جو ( اَ ) حرف علت ۾ مٽجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. خود اسان وٽ ان جون ڪي صورتون انهي طريقي سان بدلجي چڪيون آهن. هن لفظ جو ڌاتو آهي سُڌ > سِد (سنسڪرت- سيند) = وهڻ، ڳنڍڻ، ڳنڻ، ڌڪ هڻڻ، آباد ٿيڻ، محدود ٿيڻ وغيره. جنهن مان سنڌ، سنڌو، سِڌو، سِنڌ، حرف علتِ (اِ) سان موجود آهن. ته ٻئي پاسي سَنڌڻ، سَند، سنداڻ، سَنڌ وغيره موجود آهن.......(66).“

مٿين عالمن جي تحريرن مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ”سنڌ“ لفظ جو اصل روپ/ بنياد/ ڌاتو ”سَئنڌوَ“ (Saindhava) آهي. جنهن وقت سان گڏ صوتياتي تبديلي (حروف علت ’اَ‘ جو اِ ۾ تبديلي) ايندي رهي ۽ اهو پوءِ سَئنڌوَ> سنڌ ئي> سنڌي> سنڌ روپ اختيار ڪيو. هنن لفظن سان لسانياتي اصطلاح ”سَنڌي“ (Sandhi) جو ڪو به واسطو نه آهي. ان جو بنياد ”سمدا“ آهي، جيڪو پوءِ سمڌا> سَمدي> سَنڌي جو روپ ورتو، جنهن جي معنيٰ ڳنڍ، جوڙ ۽ ميلاپ آهي. 67)

سنسڪرت ۾ سنڌ جو مطلب ”سمندر“ يا ”وڏو درياء“ آهي. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ’سنڌ‘ لفظ جو بنياد ’سيند“ (Syand) آهي، جنهن جو مطلب اهڙي زمين جيڪا هميشه وهندي رهي يا وهندڙ ندي بهرحال، ’درياء‘ فارسي/ پارسي لفظ آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾ ’ندي‘، عربيءَ ۾ ’نَهر‘، ترڪيءَ ۾ ”نيلاب“ ، بروهيءَ ۾ ’درياب‘ ۽ انگريزيءَ ۾ `River` چيو ويندو آهي. مطلب ته مختلف دورن ۾ مختلف قومن پنهنجي زبان ۾ هن سر زمين يا درياهه جو نالو صوتي اختلافن جي وَر چاڙهي نالو تبديل ڪندا رهيا آهن. ايران جي دارا 518 ق.م ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان ”سنڌ“ کي ”هند“ چيو. ڇو ته انهن جي زبان ۾ ’س‘ کي ’هه‘ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ’سنڌو‘ کي ’هندو‘ ڪوٺيائين. يوناني دور (326 ق.م) ۾ يونانين ’سنڌ‘ کي ’اِنڊ‘ ۾ تبديل ڪيائون. درياهه کي ’انڊوس‘  (Indos) ۽ ملڪ کي ’انڊيڪا‘ (Indica) سڏيائون. لاطيني زبان ڳالهائيندڙن سنڌ کي ’سنٿوس‘ (Sindhos) ۽ هن کي ’هندوس‘ (Hindos) بڻايائون. چيني سياح هيون تسانگ/ شئنگ (641ع ۾) ’سنڌ‘ کي ’سنن تو‘ سنتو- (Sin- tu لکيو آهي. (68) عربن ’مهراڻ‘ ۽ بروهين ”سِندُل“ (Sindhu) نالو ڏنو.

آريائي مفروضي جو لسانياتي، تاريخي، لغُتي ۽ تنقيدي جائزو:

1. هن مفروضي تي وڏو اعتراض اِهو آهي ته آريا 1500 ق.م کان پوءِ آيا، ته ان جي معنيٰ ”سنڌ“ تي نالو 1500ق.م کان پوءِ پيو. ڇا آرين کان اڳ سنڌ جو وجود نه هو يا ساري سنڌ وارياسو ۽ بنجر علاقو هو، جو هت ڪو به ماڻهو نه رهندو هو؟ نه بلڪل نه، ائين نه آهي بلڪ آرين کان اڳ دراوڙ نسل جا ماڻهو رهندا هئا(69). دراوڙن کان اڳ جنهن قوم يا نسل جي ماڻهن سنڌ کي آباد ڪيو، تاريخ انهن کي آسٽرو ايشياٽڪ چئي ٿي(70). اڄ جا ڀيل انهيءَ نسل جو يادگار آهن. جي ان نسل جا ماڻهو رهندڙ هئا ته پوءِ انهن پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ کي ڪهڙي نالي سان سڏيندا هئا؟ ان متعلق عالم سڳورا چپ آهن. پر تاريخي حقائق جي مطابق انهن قومن جي ڌرتي، ملڪ ۽ درياهه تي نالو ضرور هوندو! جي هوندو ته اِهو نالو ڪهڙو هو ؟ ۽ آهي. اِن تي تاريخ، مِٽيءَ جا تهه وڌا آهن. اهڙي شڪ ۽ شبهي جو اظهار تقريباً هڪ صدي اڳ مولانا عبدالحليم شرر (1907ع) به ڪيو آهي. هو ان حوالي سان لکي ٿو، ته:

افسوس اس امر کی ہمیں کوئی اطلاع نہیں مل سکی کہ آریہ لوگوں کے آنے سے پہلے یہاں کے اصلی اور غیر آریہ باشندوں میں یہ ملک کس نام سے یاد کیا جاتا تھا۔ مگر آریہ جب ہندوستان میں آئی تو۔۔۔ یہ دریا آریہ لوگوں نے قبضہ کرنے کے بعد اس دریا کا نام سندھ رکھ دیا۔ اس لئے نیز ان کی زبان سنسکرت میں سندھو کے معنی دریا کی تھے۔"(71)

مولانا سيد ابو ظفرندوي پڻ ان شڪ ۽ شبهي جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

"آریہ قوم سے پہلے سندھ کے پرانے باشندے اس ملک کو کیا کہتے تھے۔ ابھی تک تاریخ کی زبان اس بیان کے متعلق خاموش ہے، آریہ قوم نے جب سندھ کی وادی میں قدم رکھا تو اس کا نام سندھو   رکھا، کیونکہ سندھو ان کی زبان میں دریا کو کہتے تھے اور دریائے سندھ کی مناسبت سے وہ پورے ملک کو سندھو پھر سندھ کہنے لگے۔" (72)

دين محمد ڪلهوڙو ان حوالي سان تحرير ڪري ٿو ته،

”اهڙيءَ ريت هيءُ درياءُ منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ ’سنڌو‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان کان اڳ هيءُ مهان درياءُ ڪهڙي نالي سان مشهور هو، سا ثابتي اڃان تائين نه پئجي سگهي آهي.“(A-72)

2. شريف ڪنجاهي ”سنڌ“ لفظ کي هند يورپي يا سنڪرت ٻوليءَ جو تسليم نه ٿو ڪري، بلڪ هن جي چوڻ مطابق آريائن اچڻ سان، پاڻ کان اڳ هن علائقي ۽ درياهه مٿان رکيل قديم نالي ’سِنڌوهه‘ کي پنهنجي آريائي ٻولي/ ٻولين جي مزاج مطابق بگاڙي ”سنڌ“ سڏيائون، هو لکي ٿو ته:

”آريا جڏهن هن ملڪ ۾ آيا تڏهن هي ملڪ يا هيءَ سرزمين ڪو وارياسو ميدان نه هئي، پر هن ملڪ مان جيڪي نديون وهنديون هيون تن تي نالا به رکيل هئا. انهيءَ ڪري اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته هن ملڪ تي ’سِنڌو/ سِنڌوهه‘ نالو آرين جي اچڻ کان اڳ جو آهي، جيڪو هن درياءِ ۽ هن ملڪ تي رکيل هو، ۽ ائين به ممڪن آهي ته آرين هن علائقي ۾ اچڻ کان پوءِ هن ملڪ ۽ هن درياءَ جو اصلوڪو نالو بدلائي سنڌو/ سِنڌوهه رکيو هجي........“ (73)

3. ڪپتان جيمس ٽاڊ (1881ع) ”سنڌ“ لفظ کي هند يورپي ٻولين جي برعڪس سٿين يعني دراوڙي ٻولين جي بنياد جو لفظ تسليم ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

"سندھ لفظ زبان سیتھیا ہے، تاتار میں اسکو سن کہتے ہیں۔ غالباً عرب اس ملک کو اپنی سیتھیا یعنی ملک واقع دریائے نیل یا اباسین اسی وجہہ سے کہتے ہونگے۔" (74)

4. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”سنڌ“ لفظ کي صاف طور دراوڙي الاصل قرار ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته آرين اهو لفظ دراوڙن کان اڌارو ورتو. هو لکي ٿو ته:

”بمبئي جي ڀارت وگيانيءَ  (Indologist) پادري هيرس جي سَنَد موجب سندونديءَ کي اهو نالو آرين کان آڳاٽن رهاڪن دراوڙن ڏنو هو. جن جي ٻوليءَ ۾ ’سند‘ يا ’سِندو‘ لفظ جي معنيٰ هئي ندي يا درياءُ. آرين ان اکر کي ڦيرائي ”سنڌ“ يا ”سنڌو“ ڪيو، جنهن پٺيان سمورو ملڪ جنهن مان اُها ندي لنگهي ٿي، تنهن تي ’سنڌ‘ ديس جو نالو پئجي ويو......“ (75)

5. مهر عبدالحق پڻ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي ڳالهه تسليم ڪري ٿو. هو رقمطراز آهي ته:

”سنڌ وماٿر جي تاريخي کان اڳ واري دراوڙي ٻوليءَ ۾ ’سد‘ يا ’سِڌ‘ لفظ ’وهڻ‘ جي مفهوم  ۾ استعمال ٿيندو هو....... سِنڌوءَ کي تکن وهڪرن جي ’سِڌ‘ ڪوٺيندا هئا. جنهن تان اهو ڏکڻ طرف مڙي ٿو. اتان کان وٺي سندس ڊيلٽا تائين وارو علائقو به ’سِڌ‘ ڪوٺيو هو........ اهڙي ريت ’سِڌ‘ ڦري ’سِنڌ‘ ٿيو.

”سنڌ“ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ (يعني آريائي دور) ۾ وهڪري وارو اصل مفهوم وٺي متعارف ٿيو. ائين سنڌ لفظ ديسي ٻوليءَ منجهان کڄي سنڌو درياءَ، ان جو پاڻي پيئندڙ علائقي ۾ منجهس ڇوڙ ڪندڙ ڇهن دريائن جو مفهوم وٺي سنسڪرت لفظي ڀنڊار ۾ شامل ٿي ويو.......“ (76)

6. الطاف خٽڪ پڻ فادرهيراس، عبدالحق مِهر ۽ ٻين وانگي ’سنڌ‘ لفظ جو بنياد ’سِد‘ ٻڌائي ٿو ۽ ان کي قديم دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ تسليم ڪري ٿو. هو رقمطراز آهي ته:

"During the pre-Aryan times "Sid" (meaning "to flow" in Dravidian languages), was name applied by the dwellers of the country in its vicinity. this word was later on pronounced with nasal sound and became `Sind` just like many other Dravidian words as "kuraga" in to "kuranga" (monku) or "laka" into `lanka` (Island) and so on. the word `sind` was further corrupted in to sind in to `India` by the Aryans.........."(77)

7  پي.ايس.ڪسي پانڊي جڳ مشهور عالم فادر هيراس جي حوالن سان ’سنڌ‘ لفظ کي سنڪرت جي برعڪس دراوڙي ٻولين جو قرار ڏئي ٿو. هو تحرير ڪري ٿو ته:

"According to father Heras, the Inscriptions of the proto- dravidian period that "the name of India at the time of the Glory of Mohen jo Daro was `Sid`.

The Derivation is Sid, Sindhu, Hindu, Indos, Indus and Indian. it is notewor thy that the meaning of the words `Sid` and `Sindhu` related to `flow` or `spill` and to think or worry. In the Dravidian languages like Tamil and Telugu, the word Sindhaina and Sindha have the same meaning even to day........

The vedic Aryans used to Designate that non- aryans and Dasas, Dasyus, Danavas, asuras and later on vratyas and vahikas respectively........... modern scholars call.

The Makers of the indus valley Civilisation as proto- Dravidian. according to father heras, the Mohen-ja- daro inscriptions speak of the country of Sid which is just indicative of the land watered by the later Sindhu or indus......(78)

دين محمد ڪلهوڙو، سنڌ لفظ کي دراوڙي ٻوليءَ جو آريائي روپ قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

”منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب: سنڌو/سنڌ لفظ جو بنياد سنسڪرت جو لفظ ”ند“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’طرف‘ ۽ ’س‘ ان جي اڳياڙي (Prefix) آهي. ’ند‘ جي اڳيان ’س‘ ۽ پٺيان ’و‘ اضافي صورتن ملائڻ سان لفظ ٺهيو- ’سنڌو‘ جنهن جي معنيٰ نڪري ٿي- سامهون وارو درياءُ. جڏهن قديم آريا درياء ڏيئي سنڌ ۾ گهڙيا هئا، تڏهن هنن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد دراوڙن لوڪن کي ’سنڌي‘ ۽ سندن ملڪ کي ’سنڌ‘ سڏيو، ڇاڪاڻ ته دراوڙن جو هي ملڪ هنن آرين کي سامهون واري طرف کان ٿي نظر آيو. اهڙي ريت هيءُ درياء منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ ”سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو.“ (A-78)

8. ايڊون برائنٽ ۽ ايڊون فرانسيس برائنٽ ’سنڌ‘ لفظ کي جديد دراوڙي نه بلڪ قديم دراوڙي (Proto- Dravidian) زبان جو لفظ قرار ڏين ٿا. هو رقمطراز آهي، ته:

"The term Indus itself (Sindhu) could have been derived from proto- dravidian........" (79)

9. فادرهيراس، مهر عبدالحق، پي.ايس.ڪسي پانڊي ۽ ايڊون برائنٽ (۽ ايڊون فرانسيس برائنٽ) ’سنڌ‘ لفظ جو بنياد ’سيد‘ (سِڌ) ٻڌائين ٿا، ۽ ان کي قديم دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ تسليم ڪن ٿا. پر اِها ڳالهه درست يا تسليم جوڳي نه آهي. ڇو ته ان قديم زبان ۾ س، سِن، د آواز يا اکرن جو وجود ئي نه هو. قديم دور ۾ قديم دراوڙي زبان (Proto- Dravidian Languase) هڪ زبان هئي، جنهن مان ٻيون جديد دراوڙي زبانون پيدا ٿيون آهن. ان زبان جي حوالي سان مُو- وَر دَراجن لکي ٿو ته:

"بہت ہی قدیم زمانے میں ہندوستان میں ایک زبان بولی جاتی رہی ہے، جسے قدیم دراوڑی زبان   (Proto-Dravidian)کہا جاتا ہے۔ شمال مشرقی درہ کے راستے سے آئے ہوئے تورانی اور شمال مغربی درہ کی راہ سے داخل ہوئے۔ آریائی شمالی ہندوستان کے عوام کے ساتھ گھل مل کر ایک ہوگئے تھے۔ اس وقت شمالی ہند میں بولی جانے والی قدیم دراوڑی زبان کئی تبدیلیوں سے دوچار ہوئی تھی۔ پراکرت اور پالی وغیرہ نے جنم لیا تھا۔ ایسی صورتحال میں بھی بعض حصوں میں قدیم دراوڑی زبان کی مختلف شکلیں بولی جاتی رہیں۔ دراصل ان زبانوں کو بولنے والے عوام دوسروں کے ساتھ نہ مل کر الگ تھلگ اپنی زندگی گذارنے کے باعث ایک طویل عرصے تک وہ دراوڑی زبانوں کی حیثیت ہی سے یہاں وہاں باقی رہ گئی تھیں۔ کولھی، کوی، کونڈا، گوندی کو، کوی، کونڈا، مالٹا، اروَون، گڈیا، کُرک اور براہوئی جیسی زبانوں کا آج بھی جھکاؤ دراوڑی زبانوں کی جانب ہونے کی یہی وجہہ ہے۔"........ (80)

ان قديم دراوڙي زبان ۾ س، سن، د جا اکر يا آواز مستعمل نه هئا. ان زبان جا ڪل سترنهن آواز يعني الفابيٽ ۾ ڪل سترنهن اکر هئا. ڪرشنا مورتي انهن جو وچور هن طرح ڏنو آهي:

نِڙگهٽ وارا

نرم تارون وارا

سخت تارون وارا

مورڌني

مهارن وارا

ڏندن وارا

ٻن چپن وارا

 

 

K

C

t

t

t

P

بندشي

 

 

n

n

L

n

m

گهڻا

 

 

 

L

r

 

 

پاسيرا

 

 

y

z

 

 

 

ڦڙڪڻا

H  (81)

 

 

 

 

 

w

گهَڪيدار

اهڙي طرح قديم تامل (Proto- Tamil) جي صوتياتي نظام ۾ به/س/ ۽/ د/ جا آواز يا صوتيا نه آهن. ڪرشنا مورتي تحرير ڪري ٿو ته:

نرم تارون وارا

سخت تارون وارا

مورڌني

مهارن وارا

ڏندن وارا

ٻچپوان

 

K

C

t

r

t

P

Stops

(n)

n

n

n

n

M

Nasals

 

 

L

 

L

 

Leterals

 

Y

 

 

 

V

Glides

 

 

 

r

 

 

Taps

(82)

 

z

 

 

 

Approximant

           ڪالڊويل به قديم تامل ۾/س/ ۽/ د/ صوتين ۽ آوازن جو نه هجڻ لاءِ چوي ٿو. هو لکي ٿو ته:

"'S Sh, S,h. it has been mentioned that Tamil is destitute of sibilants......."(83)

رابرٽ ڪالڊويل، دراوڙي ٻولين ۾ /د/ آواز جو نه هجڻ ۽/ ت/ جو/د/ ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ رقمطراز آهي، ته:

" "d" the Sonant of t......." (84)

ان مان اِها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته ”سِد“ يا ”سِنڌ“ لفظ ۾ شامل صوتيا يا آواز قديم دراوڙي زبان ۾ نه آهن. جي نه آهن ته پوءِ هتي اِهو سوال ٿو اُڀري ته جيڪڏهن سِد يا سِنڌ صورتون قديم دراوڙي نه آهن ته پوءِ اِهي قديم دراوڙي ٻوليءَ جي ڪهڙي لفظ جون تبديل ٿيل صورتون آهن. جيڪي زماني جي تبديلي سان گڏ ۽ صوتي تبديلي کان پوءِ ’سند‘ يا ”سنڌ“ يا ”سندي“ صورتون اختيار ڪيون آهن.

ٽي. برو ۽ ايم. بي ايمينيو ”دراوڙي ٻولين جي اشتقاقي تقابلي لغت“ ۾ جديد دراوڙي ٻولين ۾ ’سِند‘ (سِندي يا اِندي) لفظ جا تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:

تامل =  اِنتُ (intu)

مليالم=  اِنتل  (intal)  

ڪناڊا=  راڪَل (Ical) ،اِڪَلَ (Icala) ،=  اِڪِلِ (Icil)

تُلو  =  اِڪِلُ (icilu) ، اِنڊو (indu)

تيلکَو =  اِ تَه  (Ita)

پارجي =ڪِند (Cind)

گونڊي =  اِندي  (indi)

ڪئي =  سِيته  (Sita)

سنسڪرت =  هِنتاله  (hintata)

پراڪرت = سنڌي  (Sindi)  

ساورا =  سِندي  (Sindi)  (85)

هن لغت ۾ پراڪرت ۽ ساورا (Savara) زبانن ۾ ’سِندي‘ لفظ ملي ٿو. اسان مٿي لکي آيا آهيون ته سَ/،/ د/ ۽ نِدا/ آواز قديم دراوڙي ۾ نه هئا.  ان لاءِ ’سند‘ لفظ جي جاءِ تي جديد دراوڙي ٻولين ۾ ’اِنتُ (intu) ’يا‘ ڪِنتُ (Cintu) لفظ ملن ٿا. جيڪو قابلِ غور آهي، ان لفظ جو بنياد، معنيٰ ۽ تاريخي پس منظر ڇا آهي؟ ان متعلق جوهانا (johana) دعويٰ ڪري ٿو ته افغانستان، گجرات، مهاراشٽر، ايران ۽ اتراولهه هندستان تائين دراوڙي ٻوليون ڳالهائڻ وارا بودوباش رکندا هئا. جيڪي واپار سانگي اهي مذڪوره ملڪ لتاڙيندا هئا. جديد تامل ۾ کجيءَ لاءِ اِنتُ  (intu) يا ’ڪِنتُ‘ (Cintu) لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو سِنڌ يا سِڌو لفظ جو بنيادي روپ آهي. هو تحرير ڪري ٿو ته:

"A Dravidian etymology has been suggested for Sindhu: Linguisti archaeology has shown, through analysis of ancient toponyms and hydronyms that in prehistory the dravidian language were spoken all the way north, up the western side of India, through Maharashtra and gujrat in to Sindh (and perhaps Afghanistan and lran as well). the Dravidian language Brahui) is a remnant of the old northern extent of Dravidian.

The proto-Dravidian root cintu means `Datepalm`. in modern Tamil the word for datepalm is intu (pronounced indu). datepalm grew in Sindh in ancient times and are still grown there today as a cash crop. I think this etymology look pretty plausible, given the large number of Dravidian loanwords to early Sanskrit......" (86)

سُنيل لُونا (Sunil Loona) پڻ انهي راءِ جو آهي. هو رقمطراز آهي ته:

"Perhaps most fascinating of all is the discovery that the name India itself is of Dravidian origin. it came from persian Hind, from Sanskrit Sindhu, meaning the river Indus and province of Sindh. linguistic archaeology has recently uncovered the presence of Dravidian speakers in Sindh in preehistoric times. the proto- Dravidian word for `date palm` is cintu, the Source of the name of Sindh and the Indus, hance of India. datepalms are still grown in Sindh as they were in prehistoric times. the modern tamil word for datepalm, derived from the ancient (87) Dravidian word is intu...." (87)

جوهانا ۽ سُنيل لونا جي ڳالهين مان اِن ڳالهه جي پروڙ پوي ٿي ته قديم دراوڙي لفظ ’ڪنٽ‘ (Cintu) صوتياتي تبديلي کان پوءِ ’سنڌ‘ صورت اختيار ڪيائين. ڪرشنا مورتيءَ، قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ڪِنٽ (Cintu)  جي اصل صورت ڪِنٽ- ٽُ (Cint- (t) ڏنو اٿائين. (88) قديم دراوڙي لفظ ڪِنٽ- ٽُ (Cint (t))جو جديد دراوڙي ٻولين ۾ صوتياتي تبديليءَ کان پوءِ ’سنڌ‘ لفظ ۾ تبديليءَ جا تفصيل ڏيندي ڪرشنا مورتي لکي ٿو ته:

"PD cint- (date palm), SDi: Ta.

Intu, Incal, Ma. Intal, ka. Ical

(>in- ccak B Intt- al)I SCD

(SD11): Te. Tta (> In-tt-) Eo.

SIndi, hindi, Indi, Konda. Sintel,

Kui. Stta, kuvi. Sindi; CD. Pa.

Ea. Sindi: ND. kur. kinda......." (89)

ڪرشنا مورتي جي تحقيق مان اهو پتو پوي ٿو ته جديد دراوڙي ٻولين مان گونڊي، ڪُوي ۽ پارجي ۾ ’ڪِنٽ‘ (Cintu) لفظ ’سنڌ‘ ۾ تبديل ٿيو. اِها تبديلي ڪهڙي آوازن جي صوتياتي تبديلي کان پوءِ ٿي. ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي دراوڙي ٻولين جي صوتياتي نظام جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ دراوڙي زبانن جي جڳ مشهور ٻولي ماهرن جي تحقيق ڏانهن رجوع ٿيڻو پوندو.

ايم. بي ايمينيو، قديم دراوڙي ۽ ٻين جديد دراوڙي ٻولين ۾ /ڪ/ جو/ ک/ يا/ س/ ۾ تبديليءَ لاءِ لکي ٿو ته:

"Beside the Tamil- Malayalam and Telugu instance of inicial C- resulting by palatalization from k-, there are in these Languages many instances of initial C-occuring befere any of the vowels, with C- orS- in most instance in most of the other languases of the Family there are also many groups of etyma in which initial c- or s- of the central and Northeru languages is missing in southern languases, including Telugu.........." (90)

ڪرشنا مورتي پڻ انهي صوتياتي حوالي سان لکي ٿو، ته:

The affricate/ C/ gets variable treatment in different subgroups, represented as [ts cs]....." (91)

The representation of  C as [S-] in some of the southern Languages in well attested, e.g. spoken Tamil, kota, kannada, Tulu, non- standard Telugu and all languages of south- central Dravidian (SDii). Kolami, Naiki and Gadaba of central Dravidian.........." (92)

*C- > s- >h- >O-in Gond dailects PDc is representes in different Gondi dialects  as S-,h-, O-. there are three items that have C- instead of S- in Adilabad and yeotmal districts about it could be due to the influence of marhathi. in most of the items even these westeren dialects have only S......... " (93)

اهڙي طرح ڪالڊويل دراوڙي ٻولين ۾ /t/ (ٽ) جو /t/  (ت) ۾ ۽ /d/ (ڏ) جو  /d/(د) آوازن ۾ تبديلي لاءِ لکي ٿو ته:

The Tamilian rule which requires the same consonant to be pronounced as..... t,t, p, in one position; and as d, d, b in another." (94)

ساڳِي ڳالهه ڪرشنا مورتي هنن لفظ ۾ ڪري ٿو ته:

"-t- is represented as- d- in all languages that developed contrast between-t-and-d-.

- t -

 

     - d -(95)

 

- t -

 

- d -

 

 

(96) - d -                            - d -

دراوڙي ٻولين جي جڳ مشهور عالمن جو قديم دراوڙي ٻولين جي صوتياتي نظام ۾ تبديلين جي تحقيقي ثابتين مان هيٺيون ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون.

i- قديم دراوڙي ٻوليءَ جو /c/ (ڪ) ۽ /K/ (ک) آواز ٻين جديد دراوڙي ٻولين ۾ /ڪ/س)، //S  (ش)، /ts/  (تس) آوازن ۾ تبديل ٿيندو آهي. ”سنڌ“ لفظ جو/س/ آواز اصل ۾ قديم دراوڙي ٻوليءَ جو/ ڪ/ آواز آهي.

ii- قديم دراوڙي /t/ (ٽ) آواز ٻين جديد دراوڙي ٻولين ۾ /nt/ (نت) يا /nd/ (ند) آوازن ۾ تبديل ٿيندو آهي. هي تبديلي به آريائي ٻولين جي اثر جو نتيجو آهي. ڇو ته /d/ (د) دراوڙي ٻولين ۾ ناپيد آهي. ان مان اِهو نتيجو نڪري ٿو ته ”سنڌ“ لفظ جو آخري گهڻو آواز ’ند‘ اصل ۾ نِٽُ /nt/  جي تبديل ٿيل صورت آهي.

ڪرشنا مورتي، قديم دراوڙي آواز  /ntt/ (نٽ) جو  /nd/ (ند) ۾ تبديليءَ جا مثال ڏيندي لکي ٿو ته:

"-nt- [nd]

PD CTntu `date palm`, b Cintt- adj. SDi. Ta Intu, Incu `datepalm`phoenix formfera`, Tccam pa-ai `wild date palm`, Ma Intal, ka. Ical. Tu. Incili, T Cili < intt-), Indi:sago-palm`; SDii. Te. 1 ta, I du go. sindi, hindi indi, konda sitel, kui sita. kuvi sindi, CD: pa. Cind, gad. Sindi, ND. kur. kida `palm tree`. Skt. hintala `marshy date tree`, pkt. sindi `date palm`........"(97)

دراوڙي ٻولين جي مٿين صوتياتي تبديلي (Phonetic change) جي مطالعي مان اِها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته قديم دراوڙي لفظ ’ڪِنٽُ (Cintu) لفظ جو/ڪ/ آواز/س/ ۾، ۽ /نٽ آواز/ ند/ ۾ تبديل ٿي، ’ڪِنٽ‘ لفظ ’سِندُ‘ ۾ تبديل ٿيو.

سنڌ ۾ اڄ به کارڪ لاءِ ’ڪَتل‘ لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ’ڪِنٽ‘ لفظ جي تبديل ٿيل صورت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڪَتل‘ لاءِ جامع سنڌي لغات‘ ۾ هيٺيون تفصيل ڏنو آهي.

”ڪَتَلَ ج ڪَتَلُون: ث (سن. ڪَڻُتَڪِين)

کجيءَ جي وڻ جو ،ميوو، کجُورُ، کجي، کارڪون،

ڪَتيفيون، ڇوهارا، خرمو، ڏونڪا........“ (98)

ڊاڪٽر بلوچ، ڪَتَلَ لفظ جو بنياد، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ ڪَڻتڪين ڏنو آهي، جيڪو صحيح نه آهي. ڪَتيفيون، ڪڻتڪين لفظ جي تبديل ٿيل صورت آهي، نه ڪ ’ڪَتَلَ“ جي، ڇو ته ڪڻتڪين لفظ ۾ /ڻ/ آواز سنسڪرت جو نه آهي ۽ نه ئي ان لفظ ’ڪڻتڪين‘ جا ڪتل لفظ ۾ ڪي تبديليءَ جا مثال ملن ٿا. جڏهن ته قديم دراوڙي لفظ ’ڪنٽ‘ ۾ /نٽ/ ۽ /نت/ آوازن جا /ل/ ۾ تبديليءَ جا مثال ۽ ثبوت موجود آهن. ڪرشنا مورتي ان تبديليءَ جا مثال ڏيندي لکي ٿو ته:

"Rule 2C. Alternation L: t: tt:

nt. PD. kol (Kont-) `to recieve,

Seize, by, SD: Ta. Ma kol (kont-),

Ko. kol- kon- (Kod. Koll- (Kond-);

SCD (past  kol-ntt-): te. kon-

(kont-), tr. kolupu, konda kor-/kol-

(kon- , kot-), Kuikoda (kodi), kuvi

kod- (kod- it-), pe, kor (kor-t-)

Manda krag-(krakt-); CD:

Kol. Nk. kor- /ko- (kott-)......." (99)

هن بحث مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته قديم دراوڙي لفظ ’ڪِنٽ‘ (Cinttu) جي معنيٰ ’کجيءَ جو وڻ‘ آهي، جيڪا قديم دور ۾ سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي.

موهن جي دڙي يا هڙپا ۾ کجيءَ جو وڻ پوکيو ويندو هو. ان لاءِ سرجان مارشل لکي ٿو ته:

"Some badly carbonized date seeds (vs 3627) were found in chamber 37, house 1, vs area, showing that the date was known and presumably eaten in prehistoric Sind......."(100)

سيد هاشم فريد آبادي به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو.

"یہ لوگ (موہن جو دڑو کے لوگ) خانہ بدوشی کے بجاے شہری زندگی بسر کرنے لگے تھے باقاعدہ زراعت کرنی جانتے تھے اور گیہوں، جَو وغیرہ  غلوں کے علاوہ کم سے کم کھجور کی کاشت کرتے تھے۔" (101)

چارلس ڪيٿ ميسلز اِها ڳالهه وثوق سان ڪري ٿو ته سنڌ تهذيب ۾ قديم زماني کان کجيءَ جو وڻ پوکيو ويندو هو. ان لاءِ مٿس نالو ”سنڌ“ پيو. ڇو ته ”سنڌ“ نالو (يعني کجين جي سر زمين) قديم دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هو لکي ٿو ته:

"Constantini confirms previous identifacations of Cultivated date palm (phoenix dactilifera) and grape vine (vitis vinifera) and of the former declares that `the date palm was certainly well known to the Harappans`, as indeed would be expected from the name `Sind`, which in Dravidian (the probable language of Indus civili zation) means "land of dates"........" (102)

ڪجهه مؤرخن غلطيءَ وچان کجيءَ جي وڻ کي عربن جو سنڌ تي حملي جو يادگار ٺهرايو آهي. دراصل هي وڻ پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ قديم دراوڙ پوکيندا هئا. اِهي ماڻهو اِهو وڻ هندستان ۽ ايران کان بابل ۽ سمير تائين پهچايو. اِهو سنڌ جو ميوو يا وڻ هجڻ جي ناتي ان مٿان قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ’ڪنٽُ‘ نالو پيو ۽ پوءِ اِهو لفظ آريائي ٻولين جي صوتي مزاج مطابق/ڪ/ آواز/س/ ۾ ۽/ نٽ/ آواز (ند) ۾ تبديل ٿي ”سند“ صورت اختيار ڪيائين. سنڌ، لفظ آريائي لفظ نه بلڪ قديم دراوڙي ٻوليءَ جي ”ڪنٽُ“ لفظ جو آريائي روپ آهي.

10- جيڪڏهن ’سنڌي‘ لفظ، سنڌ تهذيب ۽ سنڌي ٻولي دراوڙي الاصل آهن ته پوءِ ضرور ڪجهه دراوڙي قبيلا، ذاتيون ۽ نُکن جي باقيات سنڌي قوم ۾ موجود هونديون. ان سلسلي ۾ اسان جي محققن اشارتاً قلم کنيو آهي. پر پوءِ به هن موضوع تي وڌيڪ سائنسي انداز ۾ بشريات ۽ لسانيات جي تناظر ۾ تحقيق جي ضرورت آهي. تحقيقي نڪتهء نگاهه کان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ به گهڻن سنڌي قبيلن، ذاتين ۽ نُکن جا نالا دراوڙي ملن ٿا. جن جا ڪجهه نالا مثال طور پيش ڪجن ٿا:

ناريجو = نار دراوڙي ٻوليءَ ۾ پاڻيءَ کي چئبو آهي.

                = جو صفت نسبتيءَ جي نشاني آهي. يعني

                = پاڻي جي مُلڪ جو واسي، ماڻهو يا مُهاڻو.

مَرکياڻي/ مَرڪِيار = مرکيائي، دراوڙي قبيلي مَرڪايَر

                = رمرڪاني >مرکياڻي) نالي جي تبديل

                = ٿيل صورت آهي. هي هڪ دراوڙي قبيلو آهي.

پَليو            = پَليو هڪ دراوڙي قبيلو آهي. سنڌ ۾ اڄ به

                = ان نالي سان پَلي، پُلي، پلياڻي، پَلي پوٽا،

                = پليجا، پليجاڻي، پلي خيل نالي سان قبيلا موجود آهن.

ڪُورگ/ گورک = هي دراوڙي قبيلو آهي، جيڪو سنڌيءَ

                = ۾ تبديل ٿي گورک بڻجي ويو آهي. هن

                = نالي سان گورک هِل اسٽيشن موجود ۽ مشهور آهي.

وَڌِيو            = هي دراوڙي قبيلي ودا، بَدا نالي جي

                   تبديل صورت آهي.

مالهيا/ مالي = مالهيا، مالي ماليا، ماليجا دراوڙي نسل

                  جا ماڻهو آهن. سندن اصل نالو ’مَل‘

                   يعني ’جبل‘ جي تبديل ٿيل صورت آهي.

                = مالهيا يا ماليءَ جي معنيٰ جبل جا رهواسي آهي.

ڪوريجو       = ڪُور دراوڙي لفظ جي معنيٰ پاڻيءَ جي

                    ٻن ڇاڙن جي وچ ۾ رهندڙ يا آباد

                    ٿيندڙ ماڻهو يا مهاڻا. (103)

11- سنڌ جي ڪيترن شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين جا نالا يا انهن جي نالن جون پڇاڙيون اڄ به دراوڙي الاصل هجڻ جون ياد ڏيارين ٿيون. اهڙي ترڪيب وارن نالن جي فهرست تمام گهڻي آهي. هت صرف ڪجهه نالا مثال طور پيش ڪيون ٿا.

ٽَنڊو            = ٽنڊوآدم، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد  خان

ناڙ، ناڙيم نار، ناري = گوراناڙي، ناڙي، نارا ڪئنال، ڊنگاناڙي نارا =

اَنگ           = گڙنگ واهه، اَڙٻنگ

اِني، آڻو، آڻي  = هالاڻي، بهلاڻي، لاڙڪاڻو

بَڊو             = بَدو

نيرون ڪوٽ، ڪوٽ = نيرون ڪوٽ، سلام ڪوٽ، اَمرڪوٽ، = شهداد ڪوٽ

دڙو             = ڪاهوءَ جو دڙو، موهن جو دڙو، دڙو

واهڻ، واڙو      = ٽنڊو واهڻ، خان واهڻ، علي واهڻ،

                = مينهن جو واڙو، جوڻيجن جو واڙو يا = ويڙهو.

نَنگر           = مينا ننگر، پاري ننگر (پاڻي ننگر)، = پري ننگر

اُر، اُري، اڙي، اري = ڪُنري، هوسڙي، بلڙي، ڪنگري،

                = اوجهڙي، ٿر، ٿر، روهڙي، ڊگهڙي.

ڳڙهه           = ڳڙهي خدا بخش، ڳڙهي ياسين،

                = ڳڙهي حسن. (104)

12- تُلو (Tulu) ۽ ڪنڙي (Kanarese) دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ قبيلن ۾ هڪ سنهي ڪپڙي (Muslin)جو نالو ’سنڌو‘ (Sindhu)آهي. تامل ۾ پڻ هڪ جهنڊي جو نالو ’سِندُ‘  (Sindu) آهي. شِري نواسا لائنجر جو چوڻ آهي ته اهو ڪپڙو تامل سامونڊي ڪناري (ڪينا ڪماري) جي رستي ايراني سامونڊيءَ رستي بابل پهتو. جتي 400 ق.م ۾ هڪ سنهي ڪپڙي جو نالو ’سِنڌو‘ ملي ٿو، جيڪو سنڌ ملڪ جو هئڻ جي ناتي ’سنِڌو‘ نالي سان مشهور ٿيو. (105) شري نواسا لائنجر (Srinivasa lyenger) رقمطراز آهي ته:

According to Srinivasa lynger he states that," India teak was found in the ruins of ur (Mugher) which was the capital of Sumeria in 400 Bc and the SINDHU or muslin is mentioned in an ancient Babylonian list of clothing. the occurance of  (S) in the word proves that this muslin did not go to Mesopotamia via persia from the `S` would have become `h` in persian months, as the name of the country, derived from the name of the country, derived from the name of the river Sind, became Hind. I there fore conclude that muslin went directly by sea from Tammil coast to the persian coast and babylonian word Sindhu for muslin is not derived the river (as supposed so), but from the old Dravidian word, SINDI, which is still found in tulu and Canarese, and means a piece of `cloth` and is represented by the Tamil word SINDU, `a flag`............."(106)

اِن ڳالهه جي تصديق ۽ تائيد مائيڪل ووڊ جي هِنن لفظن مان نڪري ٿي ته:

”ڦٽُيون، تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌوءَ جي ڪناري تي پوکيون ويون هيون (ان ڪري ان جو يوناني ۾ ’سنڌون (Sindon) نالو پيو). سنڌو سڀيتا ڏورانهين واپار سميري شهرن خاص طور تي اُر ڏانهن ٻيڙين وسيلي ڪپهه، ٺوس ڪاٺ، عاج ۽ قيمتي پٿر اماڻڻ تي به انحصار ٿي ڪيو. ٽي هزار ق.م ڌاري سنڌوءَ جي واپارين جي اُر ۾ ڪوٺي به هئي. سمير مان هٿ آيل سنڌو جي مهرن تي اڪثر سامان جي ڳٺڙين جا اهڃاڻ هوندا هئا. جن جي ملهه طور اهي ادا ٿينديون هيون. خليج فارس واري علائقي سان اهو واپار هندستاني ثقافت ۾ قديم ترين رابطن مان هڪ آهي......“ (107)

اِن مان اِها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته قديم سنڌي، سمير، بابل ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ واپار سانگي واپاري ڪوٺيون وجهي انهن ملڪن ۾ بودو باش رکندا هئا. ”اُر“ (اور) اُها وسندي يا آبادي آهي، جنهن جو بنياد 3800 ق.م ۾ پيو. هن ئي شهر ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام (1996 ق.م- 2330 ق.م) پيدا ٿيو هو. هن وقت اِن شهر جا کنڊر تل المقيار جي نالي سان مشهور آهن. هي، قديم تهذيب ميسوپوٽيما جي اهم شهرن مان هڪ هو. هن قديمي شهر جا کنڊر، عراق جي تيل اِل صوبي ۾ واقع آهن هن وسِنديءَ جي موجودهه جڳهه جي تعين ۽ اهميت متعلق لکيل آهي ته:

" Situated near the town of  Nasiriya, about 365 km south of Baghdad. Ur, means a city in the Sumerian and Akadian languages is one of lraqs most imposing ancient sites. it was the capital of the ancient Civilization of Sumerian." (108)

هتي اُر (ur) يا اُرُ (uru) لفظ کي سميري زبانن جو قرار ڏنو ويو آهي. اها ساڳي ڳالهه ڪالڊويل به لکي ٿو، ته:

"ur, a city, a town, a village comp. Heb. ar or ir, a city., Babylonian er, Assyrian urn, Accadian uri............"(109)

پر هي راءِ درست نه آهي. ڇو ته صرف قديم عبراني (هيبريو)، بابلي، اڪادي زبانن ۾ اِهو لفظ ”گهر“ يا ”شهر“ لاءِ اُر، اَر ۽ اير صورتن ۾ ملي ٿو. پر بعد جي انهن جي لساني خاندان جي ٻين زبانن ۽ دنيا جي ٻين مختلف لساني خاندان جي زبانن ۾ اهو لفظ ناپيد آهي. هيٺ دنيا جي ڪجهه زبانن ۾ گهر/ شهر لاءِ مستعمل لفظن جي لڙهي مثال طور پيش ڪجي ٿي.

زبان

لفظ

معنيٰ

سميري

اَل، اُر، ايشارا، اَردو

گهر، شهر

اڪادي

اَل، بيت

گهر

هيبريو

بييت (bayith)

گهر

باسڪ

هوم

گهر

بوسنائي

ڊوم

گهر

ڪٽالني

ڪَسَ

گهر

ڪروٽينائي

دوم

گهر

چيز

ڊوم

گهر

استوني

ڪودس

گهر

فنشي

ڪوٽي

گهر (ڪوٺي= گهر

فرينچ

ڊوميسائل، ميسن

گهر

جرمني

هائوس، زُهوس

گهر

هنگاري

اوٿون

گهر

آئيس لينڊي

هيم

گهر

آئرشي

بيلي

گهر

اٽالين

ڪَس

گهر

لٽويني

ماحبس

گهر

نارويني

هيم

گهر

ليٿوئين

مامو

گهر

پولش

ڊوم

گهر

پورچوگيزي

ڪَسَ، ريپوسو

گهر

روماني

اَڪَسا

گهر

سولويڪي

ڊموو

گهر

سولويني

ڊموو

گهر

اسپيني

ڪَسَ

گهر

سويڊشي

هيم

گهر

ويلشي

ڪارٽ ريف

گهر

آرمينيائي

اُنلو، بيٿا

گهر

آذربائيجاني

اِيو، اِو

گهر

همونگي

تَسيو

گهر

اُزبڪي

اُ يي

گهر

ويٽنامي

نها

گهر

عربي

منزل، الصفه الرئيسية

گهر

فارسي

صفحه، اصلي، خانه شهر

گهر

ترڪي

اِيو، اِو

گهر

افريڪي

هُئِس

گهر

چيچني

ڪُنيمُبا

گهر

هوسائي

گدا

گهر

اگبوئي

هوم

گهر

سوٿو

لپينگ

گهر

سوماليائي

گريگا

گهر

سواحلي

نيمُباني

گهر

يوروبائي

اِلي

گهر

زُلو

اِخايا

گهر

چبوتوئي

سبالي

گهر

فلپائني

تهاتد

گهر

انڊونيشي

رُماهه

گهر

جاواني

نگاريپ

گهر

ملگاسي

ان- ترانو

گهر

ملائي

رُماهه

گهر

مائوري

هوم

گهر

اسپرانتو

هيجنو

گهر

هيتن ڪرولي

لڪي

گهر

ليٽن

ڊومس

گهر

ڊچ

هُيَئس

گهر

سنڌي

گهر/ شهر

گهر/شهر

اردو

گهر/ شهر

گهر/شهر

سنسڪرت

گڙهم، گيهام/ پورم، نگارم

گهر/شهر

انگريزي

هوم/ سٽي

گهر/شهر

هن مان صاف طور ظاهر آهي ته اِهو لفظ سميري، اڪادي، اشوري زبانن کان سواءِ ڪنهن به زبان ۾ مستعمل نه هو ۽ نه هاڻي آهي. جي ان مذڪورهه زبانن ۾ اِهو لفظ مستعمل هو ته اِهو ضرور ڪنهن ٻئي قديم زبان جي اثر جو نتيجوآهي. جيئن هاڻي اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ کُمِرو لاءِ انگريزي زبان جو ’گلاس‘ ۽ سَراءِ لاءِ ’هوٽل‘ لفظ مستعمل آهن. اِن لاءِ اهو چوڻ غلط ٿيندو ته انگريزي لفظن جا نعم البدل سنڌيءَ ۾ نه آهن، پر ان لاءِ اهو چوڻ مناسب آهي ته اهو انگريزيءَ جو اثر آهي.

اسلام جو نامور عالم دين، محقق ۽ مؤرخ ڊاڪٽر حميد الله پڻ ’اُر‘ (اُور، جي معنيٰ ۽ نالي) لفظ جو سمير يا اڪادي هجڻ طرف اشارو ڪري ٿو ۽ پڻ ان لفظ جو هندستان ۾ رائج هجڻ کي تسليم ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:

”حضرت ابراهيم عليہ السلام جي زماني ۾ ان جي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ”اُور“ هو ۽ ”اُور“ جي معنيٰ به شهر آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هندستان ۾ هي لفظ پهچي گهڻو ڪري دکن جي بنگلور، ميسور، ناگور، متور وغيره نالن ۾ بطور پڇاڙي موجود آهي. روم ۾ به پنهنجي شهر ”روم“ کي به عام طور تي اُربُس چوندا آهن. ان جي معنيٰ به شهر جي آهي. انگريزي لفظ اربن (urban)  به معنيٰ شهري. انهيءَ کان مشتق آهي........“ (110)

لسانياتي، لغتي ۽ تاريخي حقائق جي مطابق ”اُر“ (ur) (يا اُور) لفظ دراوڙي الاصل آهي. ڇو ته هي لفظ سموري دراوڙي ٻولين ۾ ٿوري صوتياتي فرق سان مروج آهي. مثلاً:

Tamil:      ul                 = inside, interior of a place.

Malto:      ullu               = inside, whatever is inside.

kotea:      ul                 = the inside, in into.

Toda:       ul                 = the inside.

kodagu:    oli                = the inside.

tulu:        ula                = inside, innerpart.

Telugu:    ullamu           = the heart, mind.

to=          inside, inner, internal

kolami:     lo. pal           = the inside, in inside.

Naikri:     topa              = adv. inside

parji:       ole (K)          = house.

Eadaba:    ule                = house.

Eondi:      ron               = house.

Kurux:     ula                = inner, room, in inside.

Brahui:     ura               = house. (111)

هتي اُر لفظ ڪجهه دراوڙي ٻولين ۾ ”ل“ سان مستعمل آهي ته ڪن زبانن ۾ ”ر“ سان مروج آهي. پر ”ل“ آواز دراوڙي الاصل آهي. دراوڙي زباتن جو ’ل‘ آواز خود ڪن دراوڙي زبانن ۾ ’ر‘ آواز ۾ تبديل ٿيندو آهي. جيئن رابرٽ ڪالڊويل لکي ٿو ته:

"In Zend and old persian, l was unknown, and r was systematically used instead................. in the Dravidiau family, this interchang of r and L is one of very common occurance sometimes L is corrupted into r..........." (112)

اهڙي طرح دراوڙي ٻولين جو ’ل“ گونڊي، ڪناڙي (ڪنڙي)، مليالم، براهوئي ۽ ٻين زبانن ۾ ”ر“ آواز ۾ ٿي ’اُل‘ لفظ ’اُر‘ (اُور، اُورا) ۾ بدلجي ويو. براهو ئي (بروهي) ٻوليءَ ۾ ’اُرا‘ گهر يا اندر جي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڊينس بري، براهوئي ٻوليءَ ۾ ’اُرا‘ (اُر، اُور) لفظ جي معنيٰ ۽ بنياد جي حوالي سان لکي ٿو ته:

"Ura: house, espec, a more or less permanant dwelling..... [Tamil, Malayalam, kamart ur, Telugu, Tulu, uru= town, village. Malto: orghu= house......"(113)

اهو دراوڙي ’اُر‘ لفظ سنڌ جي گهڻن وسندين، شهرن يا ڳوٺن جي نالن ۾ بطور پڇاڙي، شهر، ڳوٺ ۽ وسنديءَ جي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، محمد صلاح الدين ان حوالي سان لکي ٿو ته:

"Etymology of names.....in Basque language and Toda languase one word "ur" is common and use for village. Basque is European and Toda is Dravidian. the similarity aroused my interest how a word was common in Asia and Europe. the etymology is also applicable to Sindh. we have villages and places with the same ending.

1. Drig + uri                 Drighri           Mirpurkhas

2. Kun + uri                 Kunri =

3. Hoos + uri                Hoosri                     Hyderabad

4. Bull + uri                 Bulrri            Shrine of shah Abdul karim

5. Balah + uri     Balhari                    Hyderabad

6. King + uri                kingri            Khairpur

7. Thr + arri                 Tharri            Tharri Hashim

                       mohabat in khairpur avenue of Madressas

8. Roh + arri                Town of ancient Sukkur monuments sukkur

9. Roh + arri                near karachi    Karachi (114)

محمد صلاح الدين نالن تي بحث ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حتمي راءِ ڏيندي تحرير ڪري ٿو ته:

"There are some of the names there would be many more my memory at the edge of  75, is not very sharp. the Dravidian peaple have lived and are still living in Sindh is proved beyond doubt by discovery of Mohen-jo- Daro........"(115)

محمد صلاح الدين جي ڏنل وسندين جي نالن ۾ ’اُري‘ (uri) لفظ کي بطور پڇاڙي ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو لسانياتي طور صحيح نه آهي. ڇو ته ’اُر‘ اصل ۾ مڪمل لفظ آهي. اِن ۾ ’اي‘ پڇاڙي صفت نسبتيءَ جي پڇاڙي آهي. جيئن پاڪستان مان پاڪستاني، شڪارپور مان شڪارپوري، خيرپور مان خيرپوري لفظن ۾ ’اِي‘ پڇاڙي ملائڻ سان نسبت ظاهري ٿئي ٿي. ’اُر‘ مڪمل آزاد لفظ آهي ۽ ان ۾ ’اي‘ پڇاڙي بطور مرتب لڳل آهي. اهڙي طرح سنڌ جا ڪجهه ٻيا شهر ۽ وسندين جي نالن ۾ ’اُر‘ ’اُور‘ يا ’اُوڙ‘ پڇاڙيون ڪم آيون آهن، انهن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. مثلاً:

ڪشم    + اور   +      ڪشمور

اُر          + اوڙ   +      اروڙ

ڀنڀ       + اور   +      ڀنڀور

جُهڪ     + اَر    +      جهڪر (116)

شاهه      + اُر    +      شهر

بند                + اُر    +      بندر

گهه       + اُر    +      گهر

آم                + اُر +اي +   آمري

قديم سنڌين جون اهڙيون وسنديون ميسوپوٽيما ۾ اُر يا اُريڪ (يعني گهَرَ يا شَهرَ جمع ۾، ڇو ته دراوڙي ٻولين ۾ ’ڪ‘ پڇاڙي جمع طور ڪم ايندي آهي.) جي نالي سان تاريخ اندر مشهور ومعروف آهن.

13- هندستان جي ڪرناٽڪ رياست جي دراوڙي قبيلن جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ هڪ راڳ جو نالو ”سنڌ ڀيروي“ (Sindh Bhairavi) آهي. جيڪو اساوري ٺاٺ سُر سان تعلق رکي ٿو. (117)

14 - دراوڙي ٻولي ”تامل“ جي ڳالهائيندڙن ۾ هڪ طبي علاج جو سائنسي طريقو ”سنڌا“ (Sidha) جي نالي سان مروج آهي، ان جا خالق قديم دراوڙ (قديم سنڌين جا ابا ڏاڏا) هئا ۽ اهو طريقو سنڌ ڌرتيءَ تي ڄميو ۽ عروج تي پهتو. آرين کان پوءِ هندستان جا دراوڙ قبيلا ڏورانهين علائقن ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي اصل ماتر ڀوميءَ جي سِڪَ کي ساهه ۾ هنڊائڻ لاءِ ان طريقي تي ”سنڌ“ نالو رکيائون. ان باري ۾ هڪ جاءِ تي لکيل آهي ته:

"The Siddha medicinc is one of the oldest medical system known to mankind. the system of medicine originated from south India Tamil Traditional medicine, as part of the trio Indian medicines ayurveda, Siddha and unani. the siddha science is the oldest traditional treatment system, generated fram Dravidian Culture. the Siddha which flourish in the period of Indus valley civilization......"(118)

15- هندستان جي مها راشٽر، ڪرناٽڪ، تامل ناڊو ۽ تلنگانه رياستن ۽ صوبن ۾ هڪ قبيلو ماديگا (هن کي مديگا، ماديگا، ماديگار، ماتنگي، مڪالو، مادي گاو، مادي گري، مودي گولو، ادي آنڌ راءِ جمبالَو به سڏيو ويندو آهي.) رهي ٿو جيڪو دراوڙي قبيلي تيلگو جي ذات يا ننڍو قبيلو آهي. هن قبيلي جا ماڻهو مختلف دراوڙي قبيلن سان گڏ رهڻ جي ڪري انهن جي ٻولي پڻ ڳالهائيندا آهن. اهڙين زبانن ۾ ڪناڊا، تامل ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.

ماديگا قبيلي ۾ هڪ جُهمِر (dance) مروج آهي جنهن کي هو ’چِندُ‘ (Chindu) يا ’سنڌُ‘ (Sindu) چوندا آهن. سماجي ڄاڻ رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو نالو اصل ۾ ’سِنڌ‘ (Sindhu) آهي هي ماڻهو هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ ان جهمر جي طريقي تي، پنهنجي وطن جي مناسبت سان ’سنڌ‘ نالو ڏنائون جيڪو هاڻي صوتي تبديلي جي وجهه کان ’چند‘ (Chindu) به سڏجي ٿو. ان ’سند’ يا ’چند‘ جهمر جي حوالي سان هڪ جاءِ تي لکيل آهي، ته:

"Sindu or chindu is an ancient form of dance- drama protected and kept alive and by Madiga community of Andhra pardesh. maha adi community more popular known as madiga in Andhra pardesh appear to be a society on its own rather than a caste. they kept alive ancient forms of art since eons. they claim ancestory from jamba maha rhishi and Tilottama an appsara Arundhati the wife of Sage vasist belongs to madiga community. matangi is worshipped as meeutly madiga community evolved from hunters and gathers to the initiators of agriculture that kick started Sindhu (Indus) valley civilization.

The word Sindollu is a compound on which is Sindhu- valley which is Telugu means the people of Sindu. sindullu are also called as chindollu....... " (119)

16 - هندستان جي مهاراشٽر رياست جي ڪونڪن ڊويزن جي هڪ ضلعي جو نالو ”سِنڌ درگ“ (Sindhu durg) آهي، جنهن جي معنيٰ ”سنڌ سمنڊ قلعو“ يا ”سنڌ، سمنڊ جو قلعو“ آهي. ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو نالو ”اوروس“ (oros) آهي. هي ضلعو 5207 همچورس ميلن تي ڦهليل آهي ۽ ڪل آبادي 825. 868 اٿس. (120)

17- مٿي جڳ مشهور دراوڙي ٻولين جي لسانياتي، تاريخي، لغتي، بشرياتي عالمن جي تحقيق ۽ ٻين علمي شاهدين مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ”سِنڌ“ آريائي ٻولين جي بڻ بنياد جو لفظ نه بلڪ قديم دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ان لاءِ قديم دراوڙ جيڪي سنڌ جا هئا. اهي هندستان وڃي به پنهنجي اصل ماترڀومي جي نالي ۽ ڪلچر کي نه وساريو. هنن پنهنجي شهرن، ڪلچري شين، رسمن، طبي طور طريقن جا نالا ”سنڌ“ رکي، پنهنجي اصلي وابستگي مضبوط ڪندا اچن ٿا.

18- سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مطابق ته ’سنڌُ‘ (Sindhu) ۽ سَنڌُ‘ (Sandhu) هڪ ئي بنياد جا لفظ آهن. ٻنهي لفظن ۾ صرف هڪ سُر جي تبديلي آهي. ان لاءِ ٻنهي لفظن جي لغوي معنيٰ ۾ فرق نظر اچي ٿو، پر جيڪو نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌي ٻوليءَ انهن لفظن ۾ اِ جو اَ سُر ۾ تبديلي وانگي، جديد دراوڙي ٻولين ۾ به / i/ (اِ) جو  / a/ اَ) سُر ۾ تبديليءَ جا مثال موجود آهن. مثال طور.

"PD Pic- ar name, kui paru, Gondi parol/padur name......." (121)

ٻولين ۾ سُرن جي اهڙي تبديليءَ کي جڳ مشهور ماهر لسانيات بلومفيلڊ معنوي فرق پيدا ڪندڙ، آوازي نوعيت جو ايڪو سڏيو آهي. (122)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌُ‘ ۽ ’سَنڌُ‘ لفظن کي وري علم لسانيات سان وابسته ’سنڌي‘ (Sandhi) لفظ سان ملائي، ٻنهي کي هڪ ئي بنياد مان مشتق تصور ڪري ڄاڻايو آهي. مثلاً: هو، ”جامع سنڌي لغات“ ۾ لکي ٿو ته:

”سَنڌُ: ]ج. سَنڌُ) ذ  ]سن. سَندي>سمدا- ميلاپ، جوڙ ] بدن اندران هڏن جو جوڙ، عضون جو ڳنڍ، شراڪتي، جوڙ، دَرِزَ، ڳُري، گڏيل، جوڳ، سنگم، ميلاپ، چيرُ، ڏارُ، حَدَ، نِشانُ، جيلن جو وچ (ٻيلا).........“ (123)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران ”سنڌُ“ لفظ لاءِ پيش ڪيل بنياد ”سَمڌا“ ۽ ان لاءِ ڏنل معنائون مثلاً: ميلاپ، جوڙ، عضون جوڳنڍ، شراڪتي، دَرِزَ، ڳُري، گڏيل جوڳ، جوڙ، سَنگم، چيرُ ڏارُ، جبل جو وچ (ٻيلا) صحيح نه آهن. ڇو ته اهي سڀ معنائون لسانياتي لفظ ’سَنڌي‘ جون آهن. جڏهن ته ”سنڌُ“ لفظ جون معنائون صرف نشان، حَدُ، عضون جي ڊيگهه جي حد وارو نشان (هڏن جي جوڙ واري جڳهه) يا ورهاست واري لڪير يا نشان واريون آهن.

دراصل ’سَنڌُ‘، ’سِنڌُ‘ لفظ سان تعلق رکي ٿو، ٻنهي جو بنياد قديم دراوڙي (Proto- Dravidian) لفظ ’ڪِنٽُ‘ (آريائي روپ سِڌُ) (Sidhu)  آهي جڏهن ته ’سَنڌِي‘ (Sandhi)  جو بنياد ’سمڌا‘ آهي. جيئن علي نواز خان حاجن جتوئي لکي ٿو ته:

”صوتيات ۾....... اَدغا م يا سَنڌي  (Sandhi)(لفظ آهي........... سنڪرت جو لفظ ”سَمڌي“ ڦري ’سَنڌي‘ ٿيو آهي.........“ (124)

ڊاڪٽر الانا رقمطراز آهي ته:

”سَنڌِي“ جو ڌاتو ’سمڌا‘ آهي. سَمڌا>سمڌي>سَنڌِي جنهن جي معنيٰ آهي ڳنڍ، جوڙ............“ (125)

ڊيوڊ ڪرسٽل تحرير ڪري ٿو ته:

"Sandhi (sandi/ adj. in.) a term used in syntax and morphology to refer to the phonological modification of grammatical forms which have been juxtaposed. the term comes from a Sanskrit word meaning`joining`. sandhi forms are forms which have undergone specific modification in specific circumstances (i.e: various sandhi rules have applied). Assimilation and dissimilation are two widespread tendencies which could be classified under this beading." (126)

ڊاڪٽر بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ٻيو به اسان جي موضوع سان واسطو رکندڙ ’سِينڌ‘ (Seendh) لفظ جو اندراج غير علمي طريقي سان ڏنو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’سِينڌِ‘ لفظ جي معنيٰ ڏيندي لکي ٿو ته: ”سِينڌ ج سِينڌِون>سِينڌيُون: ث ] سَن. سَيمنتَ>سيمن= حد [ پيشاني کان سڌ وچوٽيءَ تائين وارن وچان خط، ليڪ يا سِيرُ، مانگ، ڀت ۾ ڪيل سير، سيراٽ، ليڪ، واٽُ، چِيپ، اِقرار، انجام.........“ (127)

دراصل ’سينڌ‘ لفظ پڻ ڪِنٽُ (آريائي صورت، سد، سِڌ) مان مشتق آهي. ان جي به اهائي معنيٰ، جيڪا ’سِنڌ‘ لفظ جي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ان لفظ جي يڪ، سير، واٽ، وچيون خط (يعني حد) معنائون ڏنيون آهن، جيڪي ’سِنڌُ‘ لفظ جي معنائن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.

براهوئي زبان جا ”سِندهه“، ”سَندهه‘ ۽ ”سِيم“ لفظ ۽ سنڌي جا ”سِنڌُ“، ”سنڌُ“ ۽ “سيمُ“ لفظ هڪ ئي معنيٰ ۽ بنياد وارا آهن، انهن ٽنهي لفظن جو بنياد، قديم دراوڙي لفظ ”ڪِنٽُ“ آهي، جنهن جي معنيٰ کجيءُ جو وڻ آهي. پر پوءِ ان م لغوي تبديلي اچڻ ڪري، ان جي معنيٰ پاڻيءَ جو وهڻ، سِيرَ، سِينڌِ، سَنڌُ، سِنڌُ، وچ واري لڪير، حد ۽ نشان بڻجي ويون. (128) بلڪل ائين جيئن ’حيوان، جي اصل معنيٰ حياتي رکندڙ آهي. يعني ننڍڙو يا وڏو ساهه وارو آهي، مگر هاڻي چوپايو جانور ۽ خونخوار جانور جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ’جيت‘ (جيوت) جي معنيٰ جياپو رکندڙ آهي، جنهن ۾ حيوان ۽ انسان به اچي سگهي ٿو. مگر هاڻي معنيٰ اٿس تمام ننڍڙو ڪيڙو يا جيت. ’شراب‘ جي معنيٰ پيئڻ جي شيءِ، مگر سنڌي ۾ معنيٰ اٿس نشو ڪندڙ يا ڏيندڙ پاڻي. ’ڪسبياڻي‘ لفظ جي معنيٰ پورهيو ڪندڙ زال. ’ڪاسب معنيٰ پورهيو ڪندڙ مرد‘ ان جو مونث آهي ڪاسبياڻي، جو ڦري ٿيو آهي ڪسبياڻي. ان لفظ جي معنيٰ هاڻي بُري يا برو ڪم ڪندڙ عورت.

حاصل مطلب؛ سنڌ، سرزمين يا ملڪ جو هاڻي اصل نالو ’سِنڌُ‘ (Sindhu) يا ’سِنڌ‘ (Sindh) آهي. عارف مصطفيٰ جتوئي ’سِند‘ (Sind) نالي کي ’سِنڌ‘ (Sindh) نالي ۾ تبديليءَ جو بل 12- فيبروري 2013ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو، ان کان پوءِ سرڪاري سطح تي سند (Sind) نالي کي ’سنڌ‘ (Sindh) نالي ۾ تبديلي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. (129)  

’سِنڌُ‘ يا ’سِنڌ، نالو حضرت آدم عليہ السلام جو يا ان جي ڪنهن پٽ يا پوٽي، حضرت نوح عليہ السلام  جي ڪنهن پوٽي يا تڙپوٽي جي نالي تان نه پيو آهي، ان لفظ کي نبين جي نالن ۽ ان جي اولاد قرار ڏيڻ ۾ مذهبي عنصر وڌيڪ غالب آهي. ان عمل ۾ ٺوس تاريخي ثبوت ۽ سنَدي شاهديون نه هئڻ برابر هجڻ ۽ ان جي برعڪس انومان، گمان ۽ روايتن جو وڏو عمل دخل آهي. ڇو ته هن وقت جيڪي به روايتون ملن ٿيون، انهن ۾ سنڌ، اصل ۾ ڪنهن جو پٽ آهي؟ جي باري ۾ ڪا به هڪجهڙي ۽ مشترڪه هجڻ واري روايت نه ٿي ملي ۽ نه ئي راوي خود سنڌ جي اصلي پيءُ متعلق يقين سان ۽ پڪي پختي روايت ۽ راءِ سان ٻڌائي نه ٿا سگهن. ان لاءِ جديد سائنسي تناظر ۾ ارضياتي، بشرياتي، لسانياتي، لغاتي ۽ آثاراتي تحقيقات انهن روايتن ۽ انومانن يا گمانن جو ساٿ نه ٿي ڏي. نبين جي عمرين ۽ دورن جي قدامت ۽ تعين تي اسلامي يا مذهبي مفسرن ۽ محققن کي مذهبي ڪٽرپڻي کان آزاد ٿي نئين سِر جديد سائنسي انداز سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

’سِنڌ‘ نالو يا لفظ سنسڪرت يا آريائي ٻولين جي بڻ بنياد جو لفظ نه آهي. آريا ته سنڌ ۾ 1500ق.م کان پوءِ آيا. ان کان اڳ يعني 3500 ق.م کان اڳ دراوڙ ۽ انهن کان اڳ ڪول/ منڊا ٻوليون ڳالهائيندڙ موجود هئا. هن سر زمين جو نالو، انهن جي دور ۾ ’ڪِنٽ‘ (Cinttu) جي نالي سان مشهور هو، جيڪو قديم دراوڙي (سنڌي يا براهوئي) ٻوليءَ جي بڻ بنياد جو لفظ آهي. قديم دراوڙن پنج هزار سال اڳ هندستان، بنگال، سريلنڪا، ايران، بابل، ميسوپوٽيما، آفريقا، فلسطين ۽ ٻين ملڪن سان خشڪي ۽ سامونڊي ذريعن سان مختلف سنڌ جي شين جو واپار ڪندا هئا. انهن ۾ کجيءُ جو ميوو يا ان سان منسلڪ شين جو واپار به شامل هو. اهي شيون سنڌ کان ٻاهرين ملڪن لاءِ هڪ نئين شيءِ هوندي هئي، ان لاءِ قديم دراوڙن سنڌ سرزمين جي سوکڙي هئڻ جي مناسبت سان ان تي نالو ئي ’ڪنٽُ‘ رکيائون. اسان جا مؤرخ، سنڌ ۾ کجيءَ جي وڻ کي عربن جي دور جي حملن جو يادگار قرار ڏين ٿا، جيڪو درست نه آهي. دراصل عربن جي حملن کان چار هزار سان اڳ سنڌ ۾ کجيءَ جو وڻ نه صرف پوکيو ويندو هو، بلڪ ٻين ملڪن سان واپار دوران ان جو واپار به ڪيو ويندو هو. قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ان کجيءَ جي وڻ کي ’ڪِنٽُ‘ (Cinttu) سڏيو ويندو هو، اهو لفظ سنڌ ۾ 1500 ق. م ۾ آريائن جي حملن دوران، آريائي ٻولين جي لب ولهجي ۾ تبديل ٿي ڪِنٽ (ڪ> س، نٽ > نت > ند) مان سِنڌ (سد > سند > سنڌ) لفظن ۾ تبديل ٿيو.

فادر هيراس ۽ ٻين ’سنڌ‘ لفظ جو بنياد ”سد“ قرار ڏنو آهي، جيڪو دراصل قديم دراوڙي لفظ ’ڪنٽ“ جو قديم هند آريائي روپ آهي. انهن مؤرخن يا ماهرلسانيات ’ڪنٽُ‘ لفظ کي زير بحث ئي نه آندو آهي. ان لاءِ اِها ڳالهه تحقيقي طور سامهون اچي ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ قديم دراوڙن جي دور ۾ ”سنڌ“ نالو ’ڪِنٽ‘ طور مشهور هو.

حوالا، حاشيا ۽ اضافا

(1) Talpur, parveen, `what`s in name? the case of Sindhu and indus". dec. 5, 2012, 31 jan, 2016.

www. Sindhulogy. org/ cdn/ uncategorize..........

perveen talpur. com/ 2012/ 12/02/whats........

(2) سُيوطي، جلال الدين، علامه، ”الاتقان في علوم القرآن“ (جلد دوم)، اردو ترجمه: محمد حليم انصاري دولوي ابن محمد سليم، ڪراچي، دارالاشاعت ڪراچي، 2008ع، ص. 318.

(3) قريشي، رڪن الدين، شمس الدين، ”آئينه قديم سنڌ“، حيدآباد، احمد بُڪ، 1956ع، ص. 1، 80.

(4) مولوي عبدالطيف قادري، حضرت شيث جي روضي جي جڳهه جي تعين لاءِ رقمطراز آهي ته:

”حضرت شيث جي مزار شريف به اجوديا (ضلع فيض آباد) ۾ آهي. ان جو حوالو به محقق صوفي عالم مفتي احمد يار خان گجراتي جي ڪتاب مواعظ نعيميه حصه اول 151 تان نقل ڪيو اٿم........“

پر اها ڳالهه درست نه آهي. دراصل حضرت شيث جي قبر عراق جي شهر موصل ۾ واقع آهي، جنهن کي 26 جولاءِ 2014ع تي عراق ۽ شام ۾ سرگرم داعش (آءِ ايس آءِ ايس) دهشت گرد تنظيم جي دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو. تفصيل لاءِ ڏسو:

سهتو، غلام نبي، فقير، ”سنڌ، حضرت نوح جي نظر ۾“، ڪراچي، فقير پبليڪيشن 1991ع، ص. 26.

Babulilm. news, home>> urdu, july 27, 2014, Babulilm. 2 feb, 2016.

(5) سنڌي، حاجي خان چاچڙ، ڄاموٽ، ”حضرت سنڌ“، (ٽي ڀاڱا گڏ)، هڱورجا، فاران ايجوڪيشنل سوسائٽي ۽ پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو 2013ع، ص. 14، 15.

(6) سنڌي، سردار احمد چنو، ”حضرت سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سڃاڻپ بابت ڪجهه حقيقتون“ (مضمون)، پندرنهه روزه عبرت مئگزين حيدرآباد، 15 مئي 2004ع، ص. 12.

(7) نائچ، لعل بخش ڊاڪٽر، ”حضرت سنڌ جي عظمت،“ (مضمون)، ماهوار سنڌ دوست، 97- 1996ع، بحواله ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي، ”حضرت سنڌ“ حوالو ڏنل آهي، ص. 20.

(8) ڀاڳت، اياز، ”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“ ڪراچي، مهراڻ پبلشرز، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص .35، 36 .

(9) طبقات ابن سعد، ”طبقات الڪبريٰ“ (حصه اول)، اردو ترجمو: عبدالله العمادي، ڪراچي، دارالاشاعت اردو بازار ڪراچي، 2003ع، ص. 56.

(10) خلدون، عبدالرحمٰن ابن، علامه، ”تاريخ ابن خلدون“، جلد 2 (حصه اول ودوئم)، اردو ترجمه: علامه حڪيم احمد حسين، ڪراچي، دارالاشاعت، 2009، ص. 24.

(11) ابوالحسن، سيد، مولانا، ”آئينه اودهه“ (اردو)، ڪانپور (هندستان)، 88- 1887ع، ص. 3.

(12) شيدائي، رحيمداد خان مولائي، ”تاريخ سکر“، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1992ع، ص. 3.

(13) لاکو، رحيم بخش قمر، ”دردمنديءَ جو ديس“، نوابشاهه، لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن، ص. 69.

(14) الطبري، ابن جعفر محمد بن جُرير، علامه، ”تاريخ الامم والملوڪ، تاريخ طبري“، (جلد اول) اردو ترجمو: ڊاڪٽر محمد صديق هاشمي، ڪراچي، نفيس اڪيڊمي، اردو بازار، 2004ع، ص. 104.

(15) الدينوري، ابوحنيف، ”اخبار الاطوال“، اردو ترجمو: پروفيسر مرزا احمد منور، لاهور، اردو سائنس بورڊ، طبع سوم 2005ع، ص. 78.

(16) ياقوت الحموي، شهاب الدين ابي عبدالله يعقوب بن عبدالله، الشيخ، الامام، ”معجم البلد ان، جلد- ار عربي) ليپزگ، جرمني، 1829ع، ص 151 ۽ پڻ ڏسبو:

• فاروق خورشيد احمد،“ بريصغير اور عرب مؤرخين“، (اردو)، ڪراچي، نفيس اڪيڊمي، 1986ع ص. 41،

• مبارڪپوري، قاضي اطهر، ”خلافت راشده اور هندوستان“ (اردو)، سکر، فڪرو نظر پبليڪيشن، 1986ع، ص. 25.

• پٺاڻ، ممتاز حسين، ڊاڪٽر، ”سنڌ عرب دور“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2009ع، ص. 38، 581.

(17) قزويني، زڪريا بن محمد بن، ”آثارالبلاد واخبار العباد“ (عربي)، وسٽفيلڊ، 1848ع، ص. 83، 63، ۽ 62. ۽ پڻ ڏسو: پٺاڻ، حوالو ڏنل آهي، ص. 22، 579.

(18) شاهه، هندو، محمد قاسم المعروف فرشته محمد قاسم، ”تاريخ فرشته“، (جلد- اول)، اردو لکنو هندوستان، مُنشي نول، چوٿون ڇاپو 1914ع، ص. 11. 12.

(19) بيگلري، ادارڪي، ”بيگلرنامو“، سنڌي ترجمو: خان بهادر محمد صديق ميمڻ، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع، ص. 3.

(20) ٺٽوي، علي شير قانع، ”تحفته الڪرام“، سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، ص. 2.

(21) ٺٽوي، محمد اعظم بن محمد، شيخ، ”تحفته الطاهرين“، مرتب: بدرعالم دراني، سنڌي ترجمو: عبدالرسول قادري بلوچ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1990ع، ضميمو ”ڪتاب هيئت العالم“، ص. 158.

(22) خان، خداداد، خانبهادر، ”لُبِ تاريخ سنڌ“، سنڌي ترجمو: حافظ خير محمد اوحدي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع، ص.1.

(23) Ansari Shaikh sadik ali sher ali, "a short sketch, historical and traditional of the Musalman races and in Sind, baluchistan and afghanistan- their Genealogical and ethnological account," karachi sind Government press, first Edition 1901, p.7.

(24) بيگ، مرزا قليچ، ”قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1990ع، ص. 1.

(25) نظاماڻي، نورمحمد، مولوي، ”سنڌ جي تاريخ، قديم سنڌ“ (ڀاڱو پهريون)، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ٽيون ڇاپو 1988ع، ص. 1.

(26) مدني، سيد حسين احمد، حضرت مولانا، ”سرزمين سنڌ“ (مضمون)، الوحيد سنڌ آزاد نمبر، ڪراچي 5 جون 1936ع، ص. 27.

(27) شيدائي، رحيمداد خان، مولائي، ”جنت السنڌ“، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پيو 1985ع، ص. 3.

(28) Pathan, mumtaz husain, dr, "History of Sindh, "Series: vol- iii, "Sind- arabperiod", hyderabad, Sindhi adabi board, 1978, p. 26.

(29) ٽالپر، محمد جُمن، ڊاڪٽر، ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، حيدرآباد، صوبائي هجره ڪاميٽي ۽ سنڌ ثقافت کاتو، 1982ع، ص. 18- 17.

ڊاڪٽر ٽالپر لکيو آهي ته: ”تحفةالڪرام جي تحقيق موجب سنڌ ملڪ جو قديم نالو حضرت آدم عليہ السلام جي پٽ حضرت شيث عليہ السلام جي نالي ڏانهن مسوب آهي.........“

پر تحفةالڪرام ۾ اهڙي ڪا به وضاحت ڪو نه ڏنل آهي.

(30) ٻٽ، الهرکيو، ”سماٽ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1984ع، ص.11.

(31) هاشمي، الحاج شفيع محمد عرف عبدالخالق، مخدوم، ”تاريخ وتذڪره بزرگانِ سنڌ“، خيرپور، مخدوم عبدالرحمٰن شهيد اڪيڊمي درگاهه المخاديم کهڙا، 1997ع، ص. 12 13.

(32) لاکو غلام محمد، ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، (مقالاءِ مضمون)، ملير/ ڪراچي، مارئي سماجي سنگت، 1997ع، ص. 3.

(33) سوهدروي، ڪامران اعظم، ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، ڪراچي، سٽي بڪ پوائنٽ، 2012ع، ص. 7.

(34) بن وارح، احمد بن ابي يعقوب بن جعفربن وسب، ”تاريخ يعقوبي“ (جلد اول)، اردو ترجمو: مولانا اختر فتح پوري، ڪراچي، نفيس اڪيڊمي، س. ن. ص. 35.

(35) عبيدالله شائق، مولوي، علامه، ”دولت علويه يعني سومرن جي تاريخ“، حيدرآباد/ لاڙڪاڻو، گلشن پبليڪيشن، ٻيو ڇاپو 2003ع، ص. 19.

(36) ندوي، سيد سليمان، علامه، ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ڪراچي، اردو اڪيڊمي سنڌ، 1987ع، ص. 28 .

(37) ”شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا“ (اردو): مدير: سيد محمود قاسم، ڪراچي، شاهڪاربڪ فائونڊيشن، 1984ع، ص. 22.

(38) ندوي، سيد سليمان، علامه، حوالو ڏنل آهي، ص. 27، 28.

(39) اڪرام، شيخ محمد، ڊاڪٽر، ”آبِ ڪوثر“، (اردو) لاهور، اداره ثقافت اسلاميه، يارهون ڇاپو 1986ع، ص. 20- 19.

(40) ڪتاب مقدس يعني پرانا اور نيا عهدنامه (عهد عتيق اور عهد جديد)“، لاهور، پاڪستان بائبل سوسائٽي، 2010ع، ص 11 کان 20 تائين.

(41) ندوي، سيد سليمان، علامه، حوالو ڏنل آهي، ص. 29.

(42) شيدائي، رحيمداد مولائي ”جنت السنڌ“، حوالو ڏنل آهي، ص. 9.

(43) اڪرام، شيخ محمد، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 20.

(44) شرر، عبدالحليم، مولانا، ”تاريخ سنده“ (اردو)، لکنوء، دلگذار پريس، 1907.

(45) ندوي، سيد ابوظفر، مولانا، ”تاريخ سندهه“ (اردو) اعظم ڳڙهه (هندوستان)، دارالمصنفين، 1947ع.

(46) مئڪمرڊو، جيمس، ”سُکاري سنڌ- ڏکارا ماڻهو“، سنڌي ترجمو: عطامحمد ڀنڀرو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1998ع، ص. 13.

(47) پوسٽنس، ٽي، ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1997ع، ص. 13.

(48) Thornton, Edward, "a gazetteer of the countries adjacent to india on the north- west includinp Sinde, Afghanistan, Beloochistan, the Punjab and the neighbouuring states", (vol: ii), karachi, indus publication, reprint- 1996, p. 200 ft. nt.

(49) آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1980ع، ص. 42- 43.

(50) بلوچ، ميراحمد يارخان، ”مختصر تاريخ قوم بلوچ و خوانين بلوچ“، (اردو)، ڪراچي، ايوانِ قلات، 1972ع، ص. 23.

(51)آزاد، ابوالڪلام، مولانا، ”انبياءِ ڪرام“ (اردو)، مرتب: غلام رسول مهر، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز پبلشرز، 1972ع، ص. 29.

(52) صديقي، حبيب الله، ”انسان جي تاريخ“ (حصو پهريون) ڄام شورو، حبيب الله صديقي اڪيڊمي، 2002ع، ص. 225، 143، 142، 120، 115.

(53) Tim, osterholw," the history of mankind,"www. wgrogan. net/ history/ history% 20 of % mankind. html. 3 march 2006.

(54) Jansen Michael and other editors, "forgotten cities on the Indus- early civili zation in pakistan from th 8th to the 2nd millennium bc", germany, verlag philip von zabern, second edition (1991ع) p. 37.

(55) williams, monier, sir, "a sanskrit dictionary", oxford, 1956, p. 1217.

(56) Thornton, edward, op. cit. p. 199 ft. not.

(57) Muller, friedrich max, "india what it can teach us", (a course of lectures delivered before the university of cambridge), green (germany), longmans, 1883, p. 171.

(57-A) Ross, David, "The Land of the five Rivers and Sindh, Historical Descriptive sketehes", London, Chapman and Hall Limited, 1883, P.1

(58) williams, monier, op. cit. p. 1217.

(59) آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل، حوالو ڏنل آهي، ص. 44.

(60) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، مرتب: ”جامع سنڌي لغات“ (جلد چوٿون)، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص. 1265.

(61) "Exploring Sindh", a publication of the information and archieves department, government of Sindh, karachi, 2010, p. 15.

(61) Mushtaq- ur- rehman, dr, "a geography of Sindh province of pakistan", karachi, eeographical association, 1975, p. 2.

(62) Williams, monier, op. cit. p. 1217.

(63) ڪننگهام اليگزنڊر، ”سنڌ- هند جي قديم جاگرافي“، سنڌي ترجمو: عطامحمد ڀنڀرو، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص. 266.

(64) آڏواڻي، حوالو ڏنل آهي، ص. 46.

(65) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، نئون ڇاپو 2004ع، ص. 127.

(66) ميمڻ سراج، ”سنڌي ٻولي“، حيدرآباد، سنڌ لئنگويج اٿارٽي، ٻيو ڇاپو 2009ع، ص. 63، 64.

(67) Macdonel, A.A, "Sanskrit- english dictionary", london, 1893, p. 1166   ۽ پڻ ڏسو:      

الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1987ع، ص. 105.

(68) Mushtaq- ur- rehman, op. cit. p.2.

(69) ايضاً، = ، لاڙجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڇاپو پهريون 1977ع، ص. 154.

(70) ايضاً، = = = = =====

(71) عبدالحليم شرر، حوالو ڏنل آهي، ص. 1-2.

(72) ندوي، سيد ابوظفر، مولانا، حوالو ڏنل آهي، ص. 1

هتي هڪ اهم علمي ڳالهه جي تصحيح ڪرڻ جي تمام سخت ضرورت آهي. اُها اِها ته هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو محمد اسماعيل پٺاڻ ڪيو آهي. جيڪو پهريون دفعو 2005ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 2008ع ۾ سنڌ جي جڳ مشهور اشاعتي اداري ’سنڌيڪا اڪيڊمي‘ طرفان شايع ڪيو ويو آهي پر وڏي غلطيءَ جي ڳالهه اِها آهي ته مولانا سيد ابوظفر ندوي جو اِهو ڪتاب علامه سيد سليمان ندوي جي نالي سان ڇپيو آهي. سيد سليمان ندوي، هند ۽ سنڌ جو نامور اسڪالر ۽ عالم هو. جنهن ڪيترائي ڪتاب لکيا پر ’تاريخ سنڌ‘ تي ڪو به ڪتاب نه لکيو اٿس. خبر نه آهي ته ههڙو جڳ مشهور اشاعتي ادارو ههڙي علمي غلطيءَ جو مرتڪب ٿئي، اهو سمجهه کان بالاتر آهي. هن ڪتاب جا ٻه ڇاپا نروار ٿيا آهن. ٻنهي ۾ ساڳي غلطيءَ کي ورجايو ويو آهي، ان جي معنيٰ ته سنڌيڪا اڪيڊمي سان گڏ مترجم کي به سنڌ جي اهم تاريخي ماخذن جي تِر برابر به ڄاڻ نه آهي. اهي صرف واپاري بنيادن تي ڪتاب شايع پيا ڪن. اهو عمل سنڌ جي علمي ادبي ۽ ٻوليءَ جي خدمت نه چئبي:

(A-72) سولنگي، محمد عرس ’اظهر‘، ”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ واڌارا، سڌارا، تصحيح ۽ مقدمو: دين محمد ڪلهوڙو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص ٽ.

(73) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“

حوالو ڏنل آهي، ص. 109.

(74) ٽاڊ، جيمس، ڪپتان، ”تاريخ راجسٿان حالات مارواڙ“ (اردو) (جلد اول)، ڪراچي، انڊس پبليڪشنز، 1991ع، ص. 26.

(75) ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر، ”سنڌ، هندستان جو دروازو ۽ ان جي ادبي قدامت“ (مضمون)، ٽماهي ”مهراڻ“، جلد 11، نمبر- 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع، ص. 125.

(76) مِهر، غلام رسول، ”سومرا راڄ گهراڻو“ سنڌيڪار: عمر سومرو، ڪراچي، ثقافت کاتو سنڌ، 2010ع، ص. 37، 38.

(77) Khatak, Iltaf, "udyana to day", a quarterly newsletter of environmental protection" society, swat, lssue no:4, vol: 7, october december 1991 and also see: www. valleyswat.net/ article/ misname.......

(78) Kasipandian. p.s., "India: that is "sid", newdelhi, allied publishers limited, 1996, p. 19.

(A-78) سولنگي، محمد عرس ’اظهر‘، حوالو ڏنل آهي، ص ٽ

(79) Bryant, edwin and francis bryant, Edwin, "the quest for the origin of vedic-culture, the indo- Aryan migration debate", Newyork, Oxford university press, 2001, p. 320.

(80) مُو، ورَداجن، ”تاريخ تامل ادب“، اردو ترجمه: حيات افتخار، نئي دهلي، ساهتيه اڪيڊمي، 1991ع، ص .9 .

(81) Krishnamurti, Bhadriraju, "The Dravidian languages," Uk, cambridge university press, 2003, p. 11

(82) lbid, = = p. 62.

(83) Caldwell, Robert, R. "A comparative grammar of the Dravidian or south- Indian family of languages", newdelhi, orient- books corporation, reprint first indian edition, 1974, pp. 131, 146.

(84) lbid, = = = =  = pp. 131, 141, 142, 143.

(85) Burrow. T and Emeneau. M.B., "A Dravidian etymological dictionary", london, oxford university press, 1961, p. 42, entry no: 459.

(86) johana, "board- straightdope. com>straight dope message board>main>general guestions, 25 january 2001.

(87) www. morsmall. no morsmall. no/ ta/ morsmal- tamil/ungdoms.

(88) Krishnamurti, Bhadriraju, op. cit. p. 12

(89) lbid, ========= p. 126.

(90) Emeneau, M.B. "Dravidian studies" (Selected papers), Newdelhi, MLBD, 1996, p.1.

(91) Krishnamurti, op. cit. p. 48.

(92) lbid, = === p. 123

(93) lbid, ===== p. 127.

(94) Caldwell, Robert, r, op. cit. p. 139.

(95) Krishnamurti, op. cit. p. 145

(96) lbid = = = =p. 158

(97) lbid, ====. p. 168.

(98) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، مرتب: ’جامع سنڌي لغات“ (جلد چوٿون)، حوالو ڏنل آهي، ص. 2012.

(99) Krishnamurti, Bh., "patterns of sound change in Dravidian", (Article), the year book of south Asian languages & linguistics", chief editor: Rajendr A singh, newdelhi, sasa publication, 1998, p. 67.

(100) Marshall, sir, john, "Mohen- jo- Daro & Indus civilization", vol:11, london, arthur probsthain, 41 great Russel streat, 1931, p. 587.

(101) فريدآبادي، هاشمي، سيد، ”تاريخ مسلمان پاڪستان و بهارت )هند)“، (جلد پهريون) (اردو)، ڪراچي، انجمن ترقي اردو پاڪستان، 1987ع، ص. 8.

(102) Maisels, keith charles, "Early civilization of the world: the formative histories of Egypt, the levant, mesopotamia, india and china", London Routledge, 1999, p. 214.

(103) Thurston, "castes and tribes of southern India," vol-v, newdelhi, Asian Educational series, third Edition 2001, p.1. and also see.

* whitworth cliford, george, "An angloindian dictionary", london, kegan paul trench 1885, pp. 235, 241.

* Salahuddiu, muhammad, "sind-a time capsule of heritase", karachi, zyan publications, 2012, pp.226, 235, 239, 240, 256, 368.

* prof. G.A. Allana, Dr, edited", papers on the Sindhi languase and linguistcs", JamShoro, Institute of Sindhology, 1998, pp. 323 to 349.

* براهوئي، نذير شاڪر، ”براهوئي و بلوچ“، اردو، براهوئي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان، 2015ع، ص. 207 کان 227 تائين.

(104) whitworth, cliford, George, op. cit.

* Thurston, = = op.cit.

* Salahuddin, Muhammad = = op. cit.

* Prof. Ghulam Ali Allana, == op. cit.

* براهوئي، نذير شاڪر، حوالو ڏنو ويو آهي،

(105) Muslin, thin fine cotton cloth, used for dress, curtains. etc." see for details:

        "oxford advance learner`s dictionary" oxford university press, p. 817.

(106) lyenger, srinivasa, p.t.," History of the Tamils", australia, AES, 1995, p. 39 & also see:

www.tamilwriter sguild.com/overseas.......

(107) ووڊ مائيڪل، ”ورثو: تهذيبن جي بڻ بنياد جي ڳولا“، سنڌيڪار؛ اسلم خواجا، ڪراچي، سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ پبلشرز، 1999ع، ص. 70.

(108) www.atlastours.net >atlastours> mapx & sites.

(109) Caldwell, op. cit. pp. 607, 614.

(110) حميدالله، ڊاڪٽر، ”مقالات حميد الله“، مرتبه: زيبا افتخار، (اردو)، ڪراچي قرطاس، 2004ع، ص. 62.

(111) Burrow,T. & Emeneau, M.B., op. cit. p. 54 entry no: 600.

(112) Caldwell, op. cit. pp. 159, 160.

(113) Bray, Denys, "The Brahui Languase", vol-2, part-iii, etymdogical vocabulary, Quetta, Brahui Academy, second edition 1978, p. 301.

(114) Salahuddin, Muhammad, op. cit. pp. 185- 186.

(115) lbid, = = . p. 187.

(116) قاضي آزاد (مرتب)، ”سنڌ جو قديم ورثو“، ڪراچي جي. ايم سيد فائونڊيشن، 2006ع، ص. 202.

(117) en.wikipedia.org/wiki/Sindhu-bhairavi....... www.wikiwand.com/en/Sindhu-bhairavi......

(118) www.unitedwisdom.org/....../siddha/everything. explaind. to day/siddha-m.....

(119) Singh. k.s. "india`s communities", (A-Z) USA, oxford university press, 1999 and also see.

* www.facebook/permalink.ph p % 3 Fid------

(120) en.wikipedia.org/wiki/list-of-distr dolr.nicin/huperlink/dist listnew.htm

* www.maharashtraspider.com/research >

* Maharashtra tourism and travel>General.

(121) Krishnamurti, Bhadriraju, op. cit. p.104.

(122) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، حوالو ڏنل آهي، ص. 105 .

(123) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، جلد چوٿون، حوالو ڏنل آهي. ص. 1664.

(124) جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع، ص. 93.

(125) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، حوالو ڏنل آهي، ص. 105.

(126) Crystal, David, "A dictionary of linguistics and phonetics", U.S.A, Blackwell publishing, sixth edition 2008, p. 422.

(127) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، (جلد چوٿون)، حوالو ڏنل آهي، ص. 45 17 .

(128) براهوئي، نذير شاڪر، حوالو ڏنل آهي، ص. 233، 234.

(129) سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”سِند“ نالي کي ”سِنڌ“ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل قرارداد متعلق، مختلف اخبارن پنهنجا بيان شايع ڪيا، جيڪي هت پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا:

”ڊيلي ڊان“ پنهنجي بيان ۾ تفصيل ڏيندي لکيو ته:

"Dawn, feb. 12, 2013, 10:37 am. the provincial assembly has approved the Sindh laws Amendment bill 2012, which calls for the change in Spelling the "H" has new been added to the province's name. karachi: following the passage of a new bill approved by the provincial assembly on tuesday, Sindh province will now officially be referred to as "Sindh".

The provincial Assembly has approved the Sindh laws Amendment Bill 2012, which calls for the change in spelling the "H" has now been added to the province name.

The bill presented by opposition lawmaker, Arif Mustafa Jatoi, is the first private bill to be unanimously  approved in the provincial assembly in the past five years.

According to the bill, the spelling  for the province will be Ammended with the addition of an "H" in all leged acts and ordinances............."

”ڊيلي ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ هن طرح پيش ڪيائين ته:

"Karachi: The official spelling for the province Sind will now be Sindh. the provincial Assembly Approved Sindh law`s Amendment bill 2012 which adds the latter "H" to the province`s spelling as substituted by the consstitution (18th Amendment) act 2012.

The statement of objects and reasons on the bill says:

The 18th Amendment of the coustitution corrected the name of the province of Sindh from "Sind" as the british empire spelled it to "Sindh" to reflect more accurately the actual pronunciation of the word by the people of the province This Act shall bring all legal documents issued in the province into confirmation with the constitutional Amendment.....................".

تفصيل لاءِ ڏسو:

* Daily dawn karachi, 02 feb, 2013, 31, Jan: 2016.

   http://dawn.com/2013/02/ 12/ same-territory-new-name-Sindh-drops-its-h/

* Daily Express, "Sindh not sind" 02 feb, 2013, 31, jan: 2016.

   tribune.com.pk>the Express Tribune>pakistan

   http://tribune.com.pk/story/506227/sind-not-Sindh/

* Sind is now Sindh- spelling changed/ Awamiweb, 13th feb, 2013, 31 Jan, 2016.

   www.awamiweb. com>Home>pakistan.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org