سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:10 

رسول بخش ٻگهيو

 

 

 

 

گچيرو: سنڌ جو قديم شهر

 

سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر گچيرو هڪ اهم تاريخي ماڳ آهي، جنهن کي گهڻو ڪري تاريخ جي ورقن ۾ وساريو ويو آهي. هن شهر جو مختصر احوال، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام وغيره ۾ ملي ٿو. مون (راقم) کي ڪافي وقت کان شوق پئي رهيو ته پنهنجي جنم ڀوميءَ تي قلم کڻان ۽ پنهنجي ڄاڻ مطابق گچيري شهر تي چند سٽون قلمبند ڪريان. جيتوڻيڪ 84-1983ع ڌاري هن ماڳ (گچيري) تي مون ڪافي مواد، پنهنجي بزرگ محقق ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ کي گچيري تي تحقيقي مقالي لکڻ دوران ڏنو هو. ڊاڪٽر صاحب اهو تحقيقي مقالو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي نمبر 4/ 1984ع ۾ ڇپرايو هو. ليڪن ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڪن دوستن جي حڪم تي، وڏڙن کان ٻڌل ۽ سيني ۾ سانڍيل تاريخي سرمايو، تاريخ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪرڻ، پنهنجو فرض سمجهندي ڪن تاريخي حوالن ۽ اشارن سان جيڪو به گچيري متعلق مواد آهي، سو تاريخ جي شائقين، سنڌ جي تاريخ سان محبت رکندڙ سڄڻن ۽ پنهنجي نئين نسل جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو.

گچيري جو قديم ۽ تاريخي شهر هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۽ تعلقي موري جي ڏکڻ-اولهه ڪنڊ تي پنجن ميلن (8 ڪلوميٽرن) جي مفاصلي تي هڪ وڏي دڙي (يعنيٰ مٿانهين پَٽَ) تي آباد آهي. گچيري شهر کان اوڀر طرف اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي سؤ سوا سال اڳ هڪ ”نئون گچيرو“ جي نالي سان ڳوٺ قائم ڪيو ويو، انڪري ان وقت کان وٺي هن قديم ۽ اصل ڳوٺ گچيرو کي ”پراڻو گچيرو“ (Old Gachero) سڏيو ۽ لکيو ويو.

گچيري تي اهو نالو ڪيئن پيو:

ڪن تاريخدانن گچيري جي بگڙيل صورت ’ڪچيرو‘ ٻڌائي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته هيءُ شهر ڪچي جي علائقي ۾ آهي ۽ ٻيو دليل اهو ٿا ڏين ته انگريزن جي دور ۾ گچيري شهر جي ڏکڻ ۾ موچين جي پاڙي واري مسجد شريف جي ڀرسان هڪ پٿر تي انگريزيءَ ۾ ڪچيرو لکيل آهي.

جيستائين ڪچي جي علائقي کي سبب بڻايو وڃي ته پوءِ قديم دور ۾ سڀ وڏا شهر درياه جي ڪناري تي هئا، انڪري سڀني کي ڪچيرو ئي لکيو وڃي؟ ٻيو دليل جيڪو انگريزن جي دور جو ڏنو وڃي ٿو ته ڏٺو وڃي ته هِيءُ شهر گچيرو انگريزن کان گهڻو وقت اڳ به گچيري، گجري ۽ گچيري جي نالي سان مشهور هو. باقي انگريزيءَ ۾ ڪچيرو لکڻ جو سبب انگريزيءَ ۾ حرف (جِي (G وڏي کي ’سِي C‘ اکر ڪم آڻي سگهجي ٿو. ڏهين صدي هجريءَ جي مؤرخ مير محمد بکريءَ پنهنجي تاريخي ڪتاب تاريخ معصوميءَ کي هن شهر کي گچرو ۽ گچيرو ئي لکيو آهي، انڪري گچيري جو نالو ڪچيري جي بگڙيل صورت واري ڳالهه غلط سمجهڻ گهرجي.

گچيري جي ان نالي پوڻ جي بحث کي اڳتي وڌائيندي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا اصل قديم ۽ اهم شهر ۽ قلعا ۽ ڪوٽ گهڻو ڪري سنڌو درياه جي ڪنارن تي ئي آباد هوندا هئا، انهن جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو جو هن هنڌ ڪو شهر يا واهڻ آباد ڪيو ويندو هو ته ان لاءِ پهريائين اهو ڏٺو ويندو هو ته اها جاءِ يا هنڌ ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو زرخيز ۽ شاداب هجي، جتي انساني گهرجن جون سڀ شيون آسانيءَ سان ملي سگهن ۽ ساڳئي وقت آمدورفت ۽ وڻج واپار جا ذريعا به موجود ۽ آسان هجن. انڪري درياهي پئنتل (وَٽِ) وارا علائقا، سڀ کان وڌيڪ موزون ۽ مناسب سمجهيا ويندا هئا. تاريخ معصومي، تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪن تاريخي ڪتابن ۾ هن شهر گچيري جي ڪن خاص تاريخي واقعن ۽ حادثن جو ذڪر ڪندي، ان جي تاريخي اهميت تي روشني وڌي آهي. انهن تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته گچيري جو قديم ۽ تاريخي شهر سنڌونديءَ جي ڪناري تي آباد هجڻ جي ڪري واپار، آمدورفت ۽ فوجي نقل وحرڪت جي لحاظ کان ان دور ۾ وڏي اهميت وارو شهر هو. ساڳئي وقت اهو سنڌ جي مشهور اهم بندرن مان هڪ اهم بندر هو، جنهن جي ذريعي هتان جو ڪپڙو، رڱاوتي سامان، اناج، ٺڪر جو سامان، چمڙي جون ٺهيل جتيون، هٿ جي هنر جو سامان خاص ڪري هتان جا ٺهيل ”گج“ ملڪ جي اندر خواه ڏيساور موڪليا ويندا هئا. ان کان سواءِ هن شهر جي آسپاس ۾ کجين جا وڏا وڏا باغ هوندا هئا ۽ هتان جي کجور تمام گهڻي مشهور هوندي هئي. اها پڻ ملڪ خواه ڏيساور موڪلي ويندي هئي. ”گج“ ۽
”کجور“ جي گهڻي مشهوريءَ ۽ مقبوليت جي ڪري هن علائقي کي ”گج رو“ يعني گجن وارو علائقو“ ۽ ”کجرو“ يعني کجور وارو علائقو سڏيو ۽ لکيو ويو. اهڙي طرح هن شهر تي گجرو، کجرو ۽ پوءِ گچرو مشهور ٿي ويا. انهن نالن کي جملي ۾ استعمال جي لحاظ کان گجري- کجري ۽ گچري ڪري به سڏيو ۽ لکيو ويو، جهڙي طرح گچيرو کي گچيري، مورو کي موري ڪري لکيو ۽ چيو ويندو آهي. موري شهر جي آباد ٿيڻ جي مختلف روايتن مان به ڪجهه ڄاڻ ملي ٿي. موري شهر جي آباد ٿيڻ جي هڪ روايت اها آهي ته هن شهر جو بنياد موريا خاندان جي ڪنهن بزرگ وڌو هو ۽ هڪ ٻي روايت مطابق، تحريڪ بلاولي دوران جڏهن ارغونن گچيري ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ قتلِ عام ڪيو ته هن شهر جي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي ته موريا خاندان جو هڪ بزرگ ”موريو يا مورو فقير“ به گچيري مان نڪري اچي ان جاءِ تي جهوپڙي اڏِي، جتي هن وقت سندس مزار آهي. پوءِ آهستي، آهستي اتي هڪ ڳوٺ آباد ٿيو ۽ ان ڳوٺ کي مورو فقير جي نالي جي پٺيان ”مورو“ سڏڻ لڳا. ساهتي پرڳڻي جي نامور تعليمي ماهر، اديب ۽ تاريخدان خانزاده سميع الوري پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته: گچيرو قبل مسيح شهر آهي ۽ موريه خاندان جو اَسوڪا يا اشوڪ اعظم (237 ق-م) گچيري ۾ آيو هجي ڇو ته گچيرو سيوهڻ پرڳڻي جو اهم شهر هو ۽ سيوهڻ سرڪار جي ماتحت رهيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪن هاڻوڪن تاريخدانن اَسوڪا يا اشوڪ اعظم جو تعلق گچيري جي بجاءِ موري سان ڄاڻائين ٿا ته ان وقت موري جو وجود بلڪل نه هو.

بهرحال موري جو بحث جدا آهي، باقي ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اَسوڪا يا اشوڪ اعظم (جيڪو چندر گپت جو پوٽو هو) ٻُڌ ڌرم جي تبليغ سان سيوهڻ کانپوءِ گچيري ئي آيو هوندو. موريه خاندان جو پايو وجهندڙ چندر گپت موريا هو، جنهن تشڪيلا ۾ تعليم ورتي. چندر گپت جي ماءُ مورن پالڻ ڪري
”موريا“ سڏي ويندي هئي، انڪري هن خاندان جا راجا موريا سڏائيندا هئا. اهڙي طرح موريا خاندان جي نالي سان هيءُ خاندان مشهور ٿيو. چندر گپت هندستان ۾ يونانين خلاف بغاوت ڪري کين جمنا جي اڀرندي ۾ شڪست ڏئي ”مگڌ“ جي نندا خاندان جي راجا کان پتا ليپترا (پاٽنا) جو تخت هٿ ڪري، پوءِ سنڌ- بلوچستان ويندي قنڌار تائين قبضو ڪري ورتو. گچيرو به ان وقت هڪ اهم شهر هو، جنهن کي اَسوڪا ٻڌ ڌرم ۽ موريه خاندان جو مرڪز بنايو.

تاريخن ۾ گچيرو موريه خاندان ۽ ٻڌ مذهب جو مرڪز لکيو ويو آهي. گچيري ۾ عمارتن جي بنيادن کوٽڻ، نلڪن هڻڻ ۽ قبر کوٽڻ وقت قديم زماني جا سڪا ۽ ٻيون شيون ڪافي تعداد ۾ مليون، ليڪن اهي سڪا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي جو پروفيسر قاضي ميان شاه محمد هتان جي ماڻهن کان وٺي پاڻ سان کڻي ويو. ٻه سال اڳ هڪ قبر کوٽيندي ماڻهن کي هڪ سڪو مليو جيڪو مون (راقم) وٽ محفوظ آهي ليڪن ان جا اکر پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نه ٿا اچن. هڪ ڀيري هڪ قبر کوٽيندي هڪ کوه ظاهر ٿيو هو، جنهن جي اڏاوت ۽ جوڙجڪ مُهن (موئن) جي دڙي مان ظاهر ٿيل کوه جهڙي هئي. ان کوه جو ذڪر ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ پڻ ساڳئي طرح سان ڪيو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته گچيري جي تهذيب ۽ ثقافت، موئن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت جي همعصر آهي. (ڏسو نواب شاهه شهر ۽ شخصيتون- ڊاڪٽر حامد علي خانائي) ڊاڪٽر خانائي وڌيڪ لکيو آهي ته: ”قديم دور ۾ گچيري ۾ ٻگهيا ۽ لوهاڻا رهندا هئا.“

اڄ به هن شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ ٻگهيا قبيلو اڪثريت ۾ رهي ٿو ۽ جهڙي طرح قديم دور ۾ هن پرڳڻي جا وارث ٻگهيا قبيلو هو. اهڙي طرح هن وقت به ٻگهيا قبيلو ئي پوري علائقي ۾ اڪثريت ۽ وارثي رکي ٿو. هيءُ علائقو قديم دور ۾ نهايت خوشحال ۽ آسودو هوندو هو، جنهن جو سبب هڪ درياء جي ڪناري تي هو ۽ ٻيو ته گچيري ۾ هڪ وڏو بندرگاه پڻ هو، انڪري هيءُ علائقو ترقي يافته خطو هو، ان وقت به هيءُ ٻگهيا رياست جي نالي سان مشهور هوندو هو.

گچيري ۾ شِوَ جو ميلو:

قديم دور ۾ سنڌ جي وڏن ميلن مان گچيري ۾ شِوَ جو ميلو پڻ هڪ هو جيڪو گڏيل هندستان تائين مسلسل لڳندو ايندو هو ليڪن ورهاڱي کان پوءِ هيءُ ميلو ختم ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هتان جا هندو جيڪي وڏا سيٺيون هئا، اهي لڏي هندستان هليا ويا ته ڪي وڏن شهرن ۾ وڃي ويٺا. سنڌ ۾ شِوَ جي پوڄا آرين جي آمد کان به اڳ ٿيندي هئي، رگويد جي زماني ۾ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اهو سلسلو جاري رهيو، رگويد ۾ شِوَ جو ذڪر (ردرا) جي نالي سان موجود آهي. شِوَ لاءِ اهو به مشهور آهي ته هن اشورن سان وڙهي انهن جا ٽي مضبوط قلعا به فتح ڪيا هئا. ابن حنيف لکي ٿو ته: شِوَ پرست پنهنجي هن ديوتا کي سڀني ديوتائن کان عظيم ترين ڪري مڃيندا آهن. مهاڀارت ۾ ڪيترين جڳهين تي شِوَ کي سڀ کان وڏو ديوتا چيو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي ته شِوَ کي سڀني ديوتائن ۾ فوقيت ڏيڻي پوندي هئي.

گچيري ڍنڍ (درياء) جي ڪناري تي شِوَ جو مندر ۽ ڪوٽ هوندو هو، ڍنڍ (درياء) جون ڇوليون، مندر جي ڏاڪڻ کي پسائينديون هيون. حالانڪ مندر ڍنڍ جي سطح کان پنجاه فوٽ مٿي هو، (اوائلي دور ۾) مندر جي سامهون اوڀر طرف ڪچهيري ڍنڍ (گچيري جي ڍنڍ) جي ڪناري تي (ڪنٺارتي) ٻاهران ايندڙن لاءِ غسل خانا، مسافر خانا، مردن عورتن لاءِ الڳ الڳ جوڙيل هوندا هئا، ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ جي مصنف ڀل مان ڪچهيري کي حاشيي ۾ ڪينجهر لکي ويو آهي، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. هڪ ته ان مندر، ڪوٽ ۽ مسافر خانا، غسل خانا ۽ وغيره مندر جي اوڀر ۾ اڄ به گچيري ڍنڍ جي ڪپ تي موجود آهن ۽ هڪ کوه پڻ هوندو هو، جيڪو ٽيهه سال کن اڳ ختم ٿي چڪو آهي. هن مندر ۾ هڪ مڙهي ۽ ٻائو به رهندو هو. حيدرآباد دکن (هندستان) جي هڪ ليکڪ عبدالحليم شرر اڄ کان هڪ سو ڏهه سال اڳ سنڌ جي تاريخ تي هڪ ڪتاب ڇپايو، جنهن ۾ هن ڪچهيري مان مراد گچيري ورتي آهي، ڇو ته اصل ڪتاب عربي هئڻ ڪري جيئن ته عربيءَ ۾ گاف (گ) نه آهي، انڪري ان کي ڪچهيري ڪري لکيو ويو آهي  ليڪن عبدالحليم شرر صاحب ڪچهيري کي سڌو سنئون گچيري ڍنڍ ڪري لکيو آهي.

اسلامي لشڪر جو ٽلٽيءَ کان درياه ٽپي گچيرو فتح ڪرڻ:

خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ حجاج بن يوسف جي طرفان محمد بن قاسم ثقفيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ اسلامي لشڪر سنڌ ڏانهن موڪلڻ ۽ ان لشڪر جو سيوهڻ فتح ڪرڻ بعد ٽلٽيءَ کان درياه ٽپي گچيرو فتح ڪري اروڙ ڏانهن پيشقدمي ڪرڻ جو ذڪر، مختلف تاريخن جي حوالن سان، جن کي تاريخدانن بحث جو موضوع بنائي ڇڏيو آهي، جي ڇنڊڇاڻ ۽ اصل حقيقت عرض رکجي ٿي.

پهريان هڪ رستي (شاهراه) جي وضاحت:

”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا-I“ جو ليکڪ اشتياق انصاري لکي ٿو ته: ”ايم.ايڇ پنهور سنڌ جي اوائلي رستن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هڪ رستو ڪاشغر کان مرو (مارگس يا مارجينا) ايندو هو، ان بعد مرو کان ٻه رستا سڌا ايندا هئا، هڪ رستو باختر، ڪابل، خيبر پاس، پشاور ۽ ان بعد سنڌوءَ وارو رستو هوندو هو. ٻيو رستو، مرو کان قنڌار، بولان پاس، سبي، اروڙ ۽ ان بعد سنڌوءَ جو هيٺانهون پاسو ڏيندو هو. سنڌ جي تاريخن ۾ آهي ته قديم زماني کان سڪرنڊ- نوابشاهه جي اترين پاسي کي ساهتي پرڳڻو ڪري سڏيندا هئا. ساهتي پرڳڻو آڳاٽي زماني ۾ لوهاڻي صوبي جو هڪ مکيه پرڳڻو هو. (ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ  جي لکت مطابق ان پرڳڻي ۾ سهتا، سما، ٻگهيا، لوهاڻا، لاکا ۽ ٻيون برادريون رهنديون هيون) راءِ گهراڻي جي دور ۾ ان صوبي (لوهاڻي) جو حاڪم ”اگهم“ هو. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت به ساهتي پرڳڻو لوهاڻي صوبي جو حصو هو. هڪ قديم شاهراه ساهتي پرڳڻي کان گذرندي دليل ڪوٽ کان مٽيندي هئي. ان شاهراه کي راور (Rawar) وارو رستو سڏيو ويندو هو. راءِ گهراڻي جي دور ۾ (جيڪو ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي لکت مطابق گچيري جو دنگائي هو) ۽ لوهاڻي ۾ ان شاهراه کي ”اگهم وارو رستو“ انگريزن جي دور ۾ ان رستي جي اوڀر ۾ نيشنل هاءِ.وي ٺاهيو ويو جڏهن ته قديم شاهراه، نيشنل هاءِ.وي جي اولهه ۾ سنڌو درياه جي کاٻي ڪناري تي ٿي.

ان مان اها حقيقت معلوم ٿي ته جنهن قديم شاهراه جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، هيءَ اها شاهراه آهي، جنهن سان محمد بن قاسم ٽلٽيءَ کان درياهه پار ڪري گچيرو فتح ڪيو هو ۽ پوءِ اروڙ ڏانهن پيشقدمي ڪئي هئي. هن شاهراه تي راجا ڏاهر جي سپهه سالار (يا فرزند جئي سنگهه) جو قلعو ۽ رهائش هئي، جنهن جاءِ تي اڄ به کوٽائي ڪجي ٿي ته ڪوٽ جون پڪيون سرون ظاهر ٿين ٿيون. هيءُ اهو ئي رستو آهي جنهن جو ٻيو حصو گچيري کان ڏکڻ- اوڀرڪنڊ تي شاهپور جهانيان کان نيشنل هاءِ وي سان ملي ٿو. هنن ٻنهي رستن کي ”راور ۽ اگهم وارو رستو“ سڏيو ويندو هو، انهن جا ڪجهه حصا اڄ به موجود آهن، پر توجهه نه هئڻ ڪري ڦٽل نظر اچن ٿا. ان شاهراه تي شاهپور جهانيان جي اتر ۾ هڪ پڪو قلعو هو جيڪو پڻ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي چوڻ مطابق، قديم ۽ تاريخي شهر گچيرو جي حفاظت لاءِ ٺهرايو ويو هو، سو به ختم ٿي ويو آهي، ليڪن کوٽائي ڪجي ٿي ته قلعي جون پڪيون سرون نڪرن ٿيون. مون (راقم) سان منهنجي والد بزرگوار حاجي محمد موريل ٻگهيو (وفات: 1998ع) ڳالهه ڪئي هئي ته اهو قلعو هن پاڻ به ڏٺو هو ليڪن پڪين سِرُن جي ڪري ماڻهو ان مان پڪيون سِرون ڪڍي کڻي ويندا هئا. ان شاهراه تي ٺهيل قلعا جن مان هڪ ڪچو قلعو ته موجود آهي ۽ ٻين جا نشان به موجود آهي ۽ ٻين جا نشان موجود آهن جن جو ذڪر ڊاڪٽر حامد علي خانائي به پنهنجي مقالي ۾ ڪيو آهي، اشتياق انصاري صاحب کان اهي قلعا ڪيئن رهجي ويا آهن؟

علامه سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته: عربن ڇا ڪيو جو درياه جي پاٽ (ٽلٽي) واري ڪپ تان ڊيگهه ۾ ڪناري سان ٻيڙيون ٻڌي بيهاري ڇڏيون جڏهن رات ٿي ته ٻيڙين ۾ تيرانداز ويهاري سڀني ٻيڙين کي گڏ درياه جي ويڪر ۾ آڻڻ شروع ڪيائون جڏهن ٻيڙيون سِيرَ ۾ آيون ته درياه جي ڪرنٽ سان ٻئي ڪناري تي وڃي پهتيون. راجا راسل جي ڪجهه سپاهين مزاحمت ڪرڻ چاهي مگر تيراندازن مُنهن ڇلي ڇڏين. جيئن ئي پل تيار ٿي ته فوج درياه پار ڪرڻ شروع ڪيو. زمين تي پير رکندي ئي اسلامي لشڪر پُرزور حملو شروع ڪري ڏنو. ڪلاڪن جي اندر راسل جي فوج ۾ ڀاڄ پئي ۽ اسلامي فوجي تعاقب ڪندي ”جهم“ جي دروازي تي پهچي ويئي، پوءِ فوج اڳتي وڌي رستي تي هڪ ڍنڍ هئي، جنهن جو نالو ڪچيري (گچيري جي ڍنڍ) هو، جي ڪناري سان راجا ڏاهر جي فوج رهندي هئي. راجا ڏاهر ان جي ڪمڪ لاءِ شهزادي جئي سينهه (عبدالحليم شرر شهزادي جو نالو جئي سنگهه لکيو آهي) جي هٿ هيٺ هڪ وڌيڪ فوجي دستو موڪليو. ڍنڍ جي ڪناري تي ٻئي فوجون ملي ويون يعني ٽڪرايون. عربن جي فوج جي ڪمان عبدالله بن علي ثقفيءَ جي هٿ ۾ هئي ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم ڪنهن خاص ڪم جي ڪري پوئتي رهجي ويو هو. لڙائي ٿي ۽ راجا ڏاهر جي فوج عربن جي حملي جو تاءُ سهي نه سگهي ۽ پوئتي ڀڄڻ لڳي. ان ڀاڄ ۾ شهزادي جي گهوڙي جي واڳ هٿ مان ڇڏائجي ويئي ۽ گهوڙي شهزادي کي زمين تي ڪيرايو ۽ عرب فوج ان کي ماري ڇڏيو. اها حالت ڏسي ڏاهر جي فوج ميدان خالي ڪري ويئي. عبدالله بن علي ثقفيءَ ان فتح جي خبر محمد بن قاسم کي ٻڌائي، جنهن وري حجاج بن يوسف ڏانهن موڪلي (تاريخ سنڌ- از سيد سليمان ندوي- سنڌيڪار: محمد اسماعيل پٺاڻ).

سيد سليمان ندوي هن بيان ۾ سڌو لکيو آهي ته عربن جو لشڪر سيوهڻ فتح ڪرڻ بعد درياه پاٽ (ٽلٽي) کان ٽپيو آهي. درياه ٽپڻ بعد راجا ڏاهر جي فوج سان لڙائي ٿي ۽ رستي ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جنهن جو نالو ڪچيري ڍنڍ هو، ان ڍنڍ کي ندوي صاحب حاشيي ۾ ڪينجهر ڍنڍ لکيو آهي جڏهن ته ڪينجهر ڍنڍ سيوهڻ پاٽ يا ٽلٽيءَ ۾ آهي ئي ڪانه، ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ آهي، انڪري سيد سليمان ندويءَ جو ڪچهيري ڍنڍ کي ڪينجهر ڍنڍ سمجهڻ غلط آهي ڇو ته عبدالحليم شرر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ ۾ ڪچهيري ڍنڍ کي بريڪيٽ ۾ (گچيري ڍنڍ) لکيو آهي جيڪا ڳالهه درست آهي. باقي جيڪو ”جهم“ جي دروازي واري رستي ڏانهن سليمان ندوي اشارو ڪيو آهي، ته ٽلٽيءَ کان جهم علائقو ته ڪنهن تاريخ ۾ نه ڄاڻايو ويو آهي، پر جيڪڏهن هوندو ته اهو هن وقت ظاهر نه آهي، باقي تاريخ ۾ ”راور“ رستو يا ”اگهم رستو“ سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن واري ڪتاب مان ملي ٿو ۽ اگهم رستي جي دروازي جي بجاءِ جهم رستي جي دروازي وٽ پهچڻ ٿي سگهي ٿو، جيڪو اگهم جي بگڙيل صورت ئي سمجهي وڃي. اهڙي طرح جيڪڏهن چچنامي يا ٻئي ڪنهن تاريخي ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته اسلامي لشڪر جهم جي گهيڙ يا ڪينجهر ڍنڍ کان ٽپيو آهي ته اهو سراسر غلط آهي. اشتياق انصاريءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا-I“ ۾ لکيو آهي ته:

”محمد بن قاسم (سيوهڻ فتح ڪرڻ بعد) گهٽ تاڙيندي جهم جي علائقي ۾ پهتو، اهو جهم وارو پير، جنهن جو گنبذ روهڙيءَ ۾ نظر اچي ٿو ۽ ننڍڙي ٻيٽ تي آهي، پر تن ڏينهن ۾ درياه اتان نه وهندو هو.“ انصاري صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ڪيترن تاريخدانن مٿئين ٻيٽ واري هنڌ کي غلط ٻڌايو آهي. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ درياه اتان يعني جهم کان ڪو نه وهندو هو“. انصاري صاحب ساڳئي صفحي 308 تي لکي ٿو ته: ”تاريخ معصوميءَ جي حوالي سان محمد بن قاسم ٽلٽيءَ جي سامهون درياه پار ڪري الور تخت گاه طرف روانو ٿيو هو ۽ راجا ڏاهر جي فوج گچيري ڍنڍ وٽ اسلامي لشڪر سان لڙائي ڪئي. آخرڪار راجا ڏاهر جي فوج ڀڄي وئي ۽ ڪيترا فوجي ٻڏي ويا“. هي وڌيڪ  لکي ٿو ته: ”تاريخ معصومي جي حاشيي ۾ آهي ته قلمي نسخن ۾ لفظ ”گجري“، ”کجري“، ”ڪجري“ ۽ ”گچري“ وغيره لکيل آهي، اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ٽلٽيءَ کان درياه پار ڪيو آهي ته ضرور ان هنڌ تي ڇانوڻي قائم ڪئي هوندائين جيڪا اڄڪلهه ”گچيري“ جي نالي سان مشهور آهي. مطلب ته ”جهم“ يا ”ڪينجهر“ وارو گمان غلط ئي سمجهڻ گهرجي.

سيوهڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ محمدبن قاسم کي حجاج بن يوسف جو خط پهچڻ:

چچنامي ۾ اهو خط هن طرح ڏنل آهي:

”هيءُ مڪرم ۽ معظم خط، حجاج بن يوسف جي طرفان زبردست امير عماد الدين محمد بن قاسم ڏانهن:

سلامن بعد واضح هجي ته توهان مهراڻ (سنڌو) ٽپڻ ۽ راجا ڏاهر بن چچ سان لڙڻ جو ذڪر لکيو آهي، بيشڪ مون کي الهٰي تائيد ۾ اُميد آهي ته- توهان فتحمند ۽ ڪامياب ٿيندؤ. جڏهن مهراڻ درياه اڪرڻ چاهيو، تڏهن گَهيڙ جي ڪناري کي جاچي ڏسجو ۽ نديءَ جي ٽپڻ جو انتظام پڪو رکجو ۽ انهي ملڪ جا جيڪي رهاڪو ٻيڙين تي هجن پهريائين تن کي پڪن انجامن سان پنهنجو مطيع ۽ مخلص بنائجو ۽ انهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي پوءِ درياه ٽپجو. (ص- 202 ۽ 203) صفحي 206 ۽ 207 تي لکيل آهي ته ”مهراڻ ٽپڻ ۽ جنگ ڪرڻ بابت اجازت طلب ڪيل آهي (تنهن لاءِ محمدبن قاسم کي)، حڪم ٿو ڪجي ته اهڙي جاءِ تان درياه ٽپي جتي گپ چڪ نه هجي ۽ لشڪر کي تڪليف به نه پهچي (۽) پڻ ٻارهن ميلن تائين ئي (جيڪي توهان لکيا آهن) مٿان کان هيٺ تائين پاڻيءَ جي ويڪر ۽ ڊيگهه جو نقشو ڪاغذ تي ڪڍي، ڪناري ۽ گهٽ گهيڙ جو نشان ڪري اسان ڏانهن موڪلي.“

هن خط ۾ ٻارهن ميلن جو ذڪر ڪيل آهي ته اها ڳالهه به واضح ڪري ٿي ته،

اسلامي لشڪر سيوهڻ فتح ڪرڻ کانپوءِ ٽلٽيءَ کان ئي درياه ٽپيو آهي.

ڇاڪاڻ ته گچيري ڍنڍ ۽ ٽلٽي جي وچ وارو مفاصلو به ٻارهن ميل آهي. (راقم)

عزيز رانجهاڻي پنهنجي ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جون ڍنڍون“ جي صفحي 98 تي لکي ٿو ته: ”دوآبو ڳوٺ جنهن جو ذڪر چچنامي ۾ به آهي سو دادو شهر کان ستن (7) ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دادو- سيوهڻ شاهراهه تي آهي. دوآبو وٽان درياه ٻه درياهي ڪري وهندو هو جنهن ۾ هڪ وهڪرو سنڌ جي تاريخي شهر ۽ ڪلهوڙا دؤر جي تختگاه خداآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو ۽ هڪ پراڻ جو وهڪرو گچيري واري ڍنڍ ٺاهي ويو. هن ڍنڍ کي مير معصوم بکريءَ تاريخ معصوميءَ ۾ گچري ڍنڍ ڪري لکيو آهي. ان ڍنڍ جي ڏکڻ پاسي سنڌ ملڪ جي راجا ڏاهر هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو، جنهن جي سنڀال جاسين شمني يا جاسنين شمني جي هٿ هيٺ هئي. سنڌ جي فتح وقت جڏهن اسلامي لشڪر ٽلٽيءَ کان درياه پار ڪيو تڏهن پهرين ويڙهه قلعي جي محافظ جاسين شمني سان ئي وڙهي ويئي. انهيءَ معرڪي بعد عرب فاتحن ڍنڍ تي ٻيڙين جي پل ٺهرائي، ان تان ٻئي پار ٽپيا. وقت جي وهڪري هيءَ ڍنڍ به پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي ڇو ته درياه کي بند ٻڌي سوڙهو ڪيو ويو. پوءِ نه رهيا دوآبا ۽ نه انهن جي بدولت ٺهندڙ ڍنڍون. پر جڏهن هيءَ ڍنڍ، آباد هئي ته هتي هر قسم جي مڇي، پکي ۽ ٻي آبي جيوت ٿيندي هئي، اڃان به هيءَ ڍنڍ علائقي جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ ڀرجي ٿي. (ص- 98- سنڌ جون ڍنڍون-عزيز رانجهاڻي)

مٿين تاريخن جي حوالن ۽ ڇنڊڇاڻ بعد حقيقت هن طرح ٿيندي ته محمد بن قاسم جو اسلامي لشڪر عبدالله بن علي ثقفيءَ جي ڪمان هيٺ سيوهڻ فتح ڪرڻ بعد گچيري رياست کي فتح ڪرڻ جو رخ ڪيو ۽ ٽلٽيءَ کان درياه ٽپي پهرين لڙائي گچيرو ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ راجا ڏاهر جي طرفان هڪ قلعو ٺهرايل هو، جنهن جي سنڀال جاسين شمني جي حوالي هئي، ان سان ٿي، تنهن کان پوءِ ڍنڍ وٽ راسل ۽ جئي سنگهه سان ٿي ۽ گچيرو فتح ڪيو. ”تاريخ معصوميءَ“ جي مصنف لکيو آهي ته محمد بن قاسم سيوهڻ فتح ڪرڻ بعد شيخ شهاب الدين فاروقيءَ (حضرت سچل سرمست جو جد اعليٰ) کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري ٽلٽيءَ کان درياه پار ڪري گچيرو ڍنڍ وٽ اچي پهتي. راجا ڏاهر جو هيءُ هڪ مضبوط قلعو هو جتي ڪافي تعداد ۾ راجا جي فوج رهندي هئي. ٻنهي لشڪرن ۾ ڇتي جنگ لڳي، جنهن دوران راجا ڏاهر جي فوجي ڪمانڊر جو گهوڙو (منجنيقن جي ٺڪائن کان) ٽهيو ۽ ڪمانڊر سوڌو وڃي ڍنڍ ۾ ڪِريو ۽ پاڻيءَ ۾ گڙپ ٿي ويو يعني ٻڏي ويو. اهو حال ڏسي راجا ڏاهر جي فوج ۾ ڀاڄ پئي ۽ ان ڀاڄ ۾ ڪافي فوجي به پاڻيءَ ۾ گڙپ ٿي ويا. ان ڍنڍ واري حصي کي اڄڪلهه ”گڙنب“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جا گڙپ جي بگڙيل صورت آهي.

مولانا عبدالحليم شرر هندستان جو نامور مؤرخ ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي جو حيدرآباد دکن (هندستان) جو آهي، جنهن 1907ع ۾ ”تاريخ سنڌ“ ڪتاب لکيو، جنهن تي حيدرآباد دکن جي وزيراعظم ان وقت پنج هزار رپيا نقد انعام ڏنو هو. مولانا عبدالحليم شرر ان ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي تاريخ سان فارسيءَ خواه اردوءَ جي ليکڪن وڏو ظلم ڪيو آهي ۽ ڪافي غلطيون پڻ ڪيون آهن. هن لکيو آهي ته ”عربن جو لشڪر عبدالله بن علي ثقفيءَ جي ڪمان هيٺ ٽلٽيءَ کان درياه ٽپي گچيري ڍنڍ تي پهتو ۽ راجا ڏاهر جي فوج جنهن جي اڳواڻي خود راجا ڏاهر جو پٽ جئيسنگهه ڪري رهيو هو، ٻنهي لشڪرن ۾ ڇتي جنگ لڳي، جنهن ۾ جئيسنگهه جو گهوڙو (منجنيقن جي ٺڪائن کان) ٽهيو ۽ وڃي ڍنڍ ۾ ڪريو ۽ ڍنڍ ۾ گڙپ ٿي ٻڏي مري ويو ۽ عرب فوج فتح ماڻي ۽ گچيري کي سيوهڻ سرڪار جي ماتحت رکيو ويو يعني شيخ شهاب الدين فاروقي جي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. اڄ به اها جاءِ جتي جئيسنگهه ۽ ٻيو لشڪر گڙپ ٿي ويو هو، اڃا تائين موجود آهي ليڪن هن عظيم يادگار ”گڙنب“ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه آهي، جتي راجا ڏاهر جو پٽ ۽ ڪن روايتن ۾ ڪمانڊر گڙپ ٿي ويو هو، هتان جا ماڻهو آهستي آهستي انهيءَ گڙنب ۽ ساري گچيرو ڍنڍ ۾ فصل ڪاهي هر سال ان کي مٽيءَ سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اها صورتحال رهي ۽ ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو تاريخي يادگار جلد ئي ختم ٿي ويندو ۽ تاريخ ۾ ان جو صرف نالو ئي وڃي رهندو.

علامه ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽو ”تاريخ معصومي“ جي صفحي 313 ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ٽلٽيءَ کان درياه ٽپيو آهي ته پوءِ ضرور انهيءَ جاءِ جي ويجهو ڇانوڻي هنئي هوندائين جا اڄڪلهه گچيري جي نالي سان مشهور آهي.“ انهيءَ ڳالهه جي تصديق احمد بن يحييٰ بن جابر البلاذريءَ پنهنجي تاليف ”فتوح البلدان“ جي صفحي 438 تي ڪئي آهي ته: (سيوستان (سيوهڻ) جي فتح کانپوءِ ان جي ويجهڙائيءَ ۾ (تاريخ معصومي مطابق گچيري کان) اچي مهراڻ ٽپو هو. ”تاريخ يعقوبيءَ“ اهڙي روايت بيان ڪئي آهي.

سنڌ جي نامور تاريخدان رحيم داد خان ”مولائي شيدائي“ پنهنجي جڳ مشهور تاريخ ”جنت السنڌ“ جي صفحي 106 جي حاشيي ۾ لکي ٿو ته: ”چچنامي“ ۾ لکيل آهي ته اسلامي لشڪر ساڪري وٽان درياء عبور ڪيو هو، جو هينئر ميرپور ساڪرو سڏجي ٿو. تعجب آهي جو سيوهڻ پهچڻ کانپوءِ ڪيئن اسلامي لشڪر ساڪري ڏانهن موٽيو. (مولائي شيدائي)

ساڳئي وقت مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي آڳاٽين ڍنڍن مان خود چچ نامه ۾ گجري (گچيري) ڍنڍ جو ذڪر ٿيل آهي ۽ گچري ڍنڍ جي جنگ کانپوءِ الور جو رستو صاف ٿي ويو.“

مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ جي صفحي 107 تي لکي ٿو ته: ”راسل بن بسايا (وسايا) جي مدد سان اسلامي لشڪر گچيري جي ڍنڍ عبور ڪئي، جنهن جي پوئين ڪپ تي راجا ڏاهر جو لشڪر موجود هو. راجا ڏاهر جو وزير سيساگر جيڪو ان وقت وزير ٻڌيمان جي عهدي تي مامور هو، تنهن راجا ڏاهر کي پڪ ڏني ته فتح اسان جي ٿيندي. ليڪن اسلامي لشڪر جي ڪاميابي ٿي، ۽ الور جو رستو صاف ٿي ويو.“

مختلف تاريخن ۾ گچيري کي گجري، گجري، کجري، ڪچري جي نالي سان لکيو ويو آهي جيڪو گچيرو يا گچيري شهر جو اصل ۽ قديم نالو پئي رهيو آهي ۽ اها صورت بدلبي بدلبي گچيرو ۽ گچيري ٿي ويئي. هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب "Antiquities of sindh" جي صفحي 20 تي هن ڍنڍ جو نالو گوچري ۽ گوجري لکيو آهي جو بعد ۾ گوچري مان گچيري، گچيره ۽ گچيرو بنجي ويو. ان کان سواءِ خود چچنامي ۾ کنجري ۽ گجري ڍنڍ کي ڪينجهر ڍنڍ ڪري لکيو آهي، جنهن جي پڻ مٿي تاريخدانن وضاحت ڪئي آهي ته ڪينجهر ڍنڍ سنڌ جي هيٺين حصي لاڙ ۾ ٺٽي جي ويجهو آهي، نه ٽلٽي جي ويجهو يا سامهون آهي، انڪري کنجري مان مراد به گچيري ٿيندي ڇو ته کنجري لفظ کي گچيري جي اصل نالي کجري يا کجرو وغيره ڏانهن سمجهڻ گهرجي، جنهن جي بگڙيل صورت گچيري يا گچيرو ڍنڍ ئي آهي جيڪا وضاحت ابتدا ۾ هن مضمون ۾ ڪئي ويئي آهي.

گچيرو، اسلام جي اچڻ کان اڳ ٻُڌ ڌرم جو مرڪز هو ليڪن محمد بن قاسم جي فتح بعد گچيرو دين اسلام جو قلعو بنجي ويو ۽ هتي ڪيترائي عالم ۽ بزرگ پيدا ٿيا جن هند ۽ سنڌ ۾ اسلام جو پرچار ڪيو. سومرن جي دور ۾ به هيءُ ٻگهين جو مرڪزي شهر ۽ رياست، ساڳي پوزيشن ۾ رهيو. سمن جي دور ۾ هيءُ علائقو اسلام ۽ وطن جي آزاديءَ جو وڏو مرڪز رهيو ۽ جهاد لاءِ هتان جا ماڻهو هميشه تيار رهيا، اهو سارو انقلاب گچيري ۾ سنڌ جي سورمي مخدوم هڱوري رحمةالله عليه جي تبليغ جي ڪري آيو. مخدوم هڱوري ٻگهيي رحمة الله عليه گچيري کي سنڌ ۾ سندس مرشد مخدوم بلاول جي هلايل تحريڪ (تحريڪ بلاولي) جي ڏنل سکيا مطابق تحريڪ بلاولي جو هتي اهم مرڪز قائم ڪيو. مخدوم صاحب 871هه ڌاري هتان جي ٻگهيا قبيلي ۾ جنم ورتو. پاڻ ظاهري خواه باطني تعليم مخدوم بلال رحمة الله عليه کان حاصل ڪيائون ۽ سنڌ ۾ وڏي اسلامي، سياسي آزادي ۽ روحاني طاقت تي اڀريا ۽ تحريڪ بلاولي جا سپهه سالار ٿي رهيا. مخدوم ٻگهيو رحمة الله عليہ هڪ قوم پرست اڳواڻ جي حيثيت ۾ ارغونن سان جنگيون لڙيون ۽ دولهه دريا خان جي سياسي ۽ روحاني طاقت پڻ ٿي رهيا ۽ ٽلٽيءَ جي ٻي لڙائي کانپوءِ مخدوم بلاول رحمة الله عليہ جن کي جڏهن 30 صفرالمظفر 931 هجري تي گهاڻي ۾ پيڙي شهيد ڪيو ويو ته مخدوم هڱوري ٻگهيو تحريڪ بلاولي جي سپهه سالار جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي سورمي کي به 3 ربيع الاول 931 هجري تي شهيد ڪيو ويو. مخدوم هڱوري جي مزار گچيري ۾ گچيري ڍنڍ جي اتر واري ڪناري تي آهي، جنهن جي مٿان غالباً ارغونن جي دور ۾ ئي سندن قبيلي ٻگهين ۽ معتقدن عاليشان مقبرو ٺهرايو جنهن جي 20 صدي عيسوي ۽ چوڏهين صدي هجري ۾ نهايت نازڪ صورتحال ٿي وڃڻ ڪري 1985ع ۾ راقم الحروف (گچيرائي) مخدوم هڱورو هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي (مهڪ) قائم ڪئي، جنهن تحت مقبري جي بهتر نموني مرمت ڪرائي ويئي ۽ مسجد شريف جو ڪم پڻ شروع ڪرايو ويو جيڪو اڃان هلندڙ آهي. اڄ به مخدوم هڱوري جو قديم مقبرو (جنهن جي عمر 500 سال کن ٿيندي) گچيري شهر ۽ ٻگهيا قبيلي جي عظمت کي برقرار رکندي نظر اچي ٿو.

گچيري تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي جداعليٰ سيدعلي جي فرزند سيد ابوبڪر شاهه جي حڪومت:

امير تيمورلنگ جڏهن هرات کان هندستان پهتو ته ساڻس گڏ سيد علي مير شاه پڻ گڏ هو. سيد علي مير شاه جا ٻه فرزند: سيد حيدرشاهه ۽ سيد ابوبڪر شاهه پڻ سيدعلي ميرشاه سان گڏ هئا ۽ اهي اچي سنڌ ۾ رهيا. سيد ابوبڪر شاهه کي سيوهڻ سرڪار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ته گچيري جو پورو علائقو به سندس حڪومت هيٺ رهيو. اهڙي طرح گچيري تي شاهه عبداللطيف جي خاندان جي حڪومت رهي ۽ حضرت سچل سرمست جي خاندان جي جداعليٰ حضرت شيخ شهاب الدين فاروقيءَ جي به حڪومت رهي.

تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي مصنف ميرڪ يوسف، گچيري جي تمدني، سياسي ۽ انقلابي حالتن جو جائزو هن طرح پيش ڪيو آهي: ”لاکاٽ وارو پرڳڻو، گچيري  پرڳڻي جو دنگئي هو. لاکاٽ پرڳڻي جي لاکن ۽ سميجن انڙن جو پاڻ ۾ گهڻو اختلاف هو ۽ ٻگهيا قبيلو، سميجن انڙن جو طرفدار هو جن مغل اهلڪارن کي سالياني ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مير ابوالبقا جيڪو ميرابوالقاسم نمڪين جو پٽ هو، اهو سنه 1017هجريءَ ۾ پنهنجي والد پاران سيوهڻ سرڪار جو نائب ٿي آيو ۽ گچيرو به ان سرڪار جي ماتحت هو.“

”تذڪره اميرخاني“ جي صفحي 81 ۾ جي حوالي سان لکيل آهي ته مير ابوالبقا جي سميجن جي هڪ شاخ ٻگهيا قبيلي سان ويڙهه ٿي هئي، ان دور ۾ سيوهڻ صوبي ۾ درياه جي اورئين پاسي (يعني کاٻي ڪناري تي) ٽي پرڳڻا هئا، جن مان هڪ جوڻيجن جو پرڳڻو هو، جنهن ۾ ڪوريجا، پنهور ۽ شيخ آباد هئا ۽ سميجن جي قوم مان ٻگهيا قبيلي جا ڪٽنب گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا.

ڪلهوڙن جو دور (1131هه/ 1719ع کان- 1197هه/ 83- 1782ع):

مغلن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪلهوڙن جي حڪومت شروع ٿي. هن دور ۾ به گچيري شهر کي فوجي خواه سياسي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات ۾ پورا ٻه ورهيه جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ سنه 1113هه ۾ سنڌ ڏانهن وريو. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي معتقد ۽ مريد بهادر سپاهيءَ راڄي فقير ۽ ٻين فقيرن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ جي مدد سان منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي اچي ڇانوڻي هنيائين. جتان اڳتي وڌي ”سامتاڻي“ ۽ ”ڳاهان“ تي قبضو ڪيائين. ان بعد ميان يارمحمد ڪلهوڙي پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد ڪلهوڙي کي لشڪر ڏئي ”مرکپور“ روانو ڪيو جنهن آسانيءَ سان ان تي قبضو ڪري ”جمشيدگاهي“ تي به قبضو ڪيو ۽ اڳتي هلي فتح پور جو قلعو پڻ فتح ڪيو. ٻئي طرف ميان يارمحمد ڪلهوڙي خود باقي ڇڙوڇڙ ٿيل سرائين جي لشڪر کي گڏ ڪري ”گچيري“ کي پڻ قبضي هيٺ آڻي ورتو.“ (خانائي)

سئزرلئينڊ مان نڪرندڙ عربي رسالي ”فڪر ۽ فن“ ۾ مصطفيٰ ڪيئنس جو هڪ مضمون عربيءَ ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڊاڪٽر اينيمري شمل جي توسط سان غلام رباني آگري وٽ پهتو. رباني صاحب ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. حيرت جي ڳالهه آهي جو هزارين ميل دور هيءُ تحقيقي مقالو: ”جوهي ۾ ٽالپور ميرن جا مقبرا“ يورپ مان آيل هڪ محقق لکيو آهي. ميرحاجي محمد بخش ٽالپور انهيءَ مقالي جو مولوي محمد صديق حيدرآباديءَ کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي سال 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو، ان رسالي جي صفحي 164 تي لکيل آهي ته 2- 1701ع ڌاري جڏهن ميان يارمحمد ڪلهوڙو، التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ وٺي آيو هو ۽ قلات مان زيديءَ (بلوچستان) جي رستي کان آيو هو ۽ نئنگ پهتو، جتان قيصر پنهور کان سامتاڻي جو ڳوٺ وٺي ڳاهن ۾ منزل اندازو ٿيو. ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي سرائين ۽ همراهن مختلف ڳوٺ، مرکپور، واهي جمشيد ۽ فتح پورهٿ ڪيا بعد ۾ گچيري، گهاري ۽ ڪنڊياري کي هٿ ڪيائون.“

ان مٿئين بيان مان به گچيري جي فوجي، سياسي ۽ تاريخي اهميت جي خبر پوي ٿي.يورپ جي محقق گچيري جي تاريخي ماڳ متعلق تحقيق ڪئي آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي گچيرو ٻگهيا قبيلي جو اهم خطو يا رياست پئي رهي آهي، جنهن کي قديم دور کان حمله آور حڪمرانن وڏي اهميت پئي ڏني آهي. ان کان سواءِ مولانا غلام رسول مهر پڻ پنهنجي تاريخي تصنيف ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو گچيري خطي کي فتح ڪرڻ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

خاندانِ جهانيان جو گچيري ۾ اچڻ:

هڪ اندازي مطابق مخدوم جهانيان جو بزرگ هجري جي شروعات ۾ ڪلهوڙن جي ابتدائي دور ۾ گچيري ۾ مخدوم هڱوري جي دربار ۾ پهتا ۽ هڪ مقامي روايت مطابق مخدوم صاحب جي جانيشن جي هدايت تي هتان جي ماڻهن کين وڏي عزت ڏني ۽ ڪافي ماڻهو سندن مريد پڻ ٿيا. پوءِ مخدوم سيد حامد گچيري ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ بُگن جي ڳوٺ ۾ عبدالغفور بُگي وٽان شادي ڪئي ۽ بُگن جي ڳوٺ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪئي. مخدوم سيد حامد سان گڏ مخدوم ميان محمد پريل قريشي پڻ آيو جنهن بزرگ گچيري جي ٻگهين مان شادي ڪئي ۽ ٻگهين جي ڀر ۾ پنهنجو گهر اڏي ويٺو، جتي ڪافي سالن تائين مخدوم ميان محمد پريل کي اولاد ڪين ٿيو، پوءِ مخدوم هڱوري رحمةالله عليہ جي درگاه تي اچي نريني اولاد لاءِ سوالي ٿي ويٺو ۽ کين نريني اولاد جي ورندي ملي ۽ الله پاڪ مخدوم ميان محمد پريل کي فرزند عطا ڪرڻ فرمايو، جنهن جو نالو ”غلام محمد“ رکيو ويو جو پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جو همعصر شاعر ٿي گذريو آهي. مخدوم حامد جهانيان جي شادي بُگن مان ٿي ۽ بُگن جي ڳوٺ ۾ رهائش ٿي، انڪري سيد حامد شاهه جي اولاد کي ”بُگائي شاهه“ سڏيو ويو ۽ مخدوم ميان محمد پريل جي شادي ٻگهين مان ٿي ۽ رهائش به گچيرائي ٻگهين جي ڀر۾  ٿي، انڪري ٻگهيائي ۽ گچيرائي سڏجڻ لڳا، ليڪن ڪن تاريخدانن مخدوم غلام محمد بُگائي جي ولادت بُگن جي ڳوٺ ۾ ڄاڻائي، بُگائي لکي ڇڏي، جيڪا هڪ وڏي غلطي آهي. مخدوم قاضي غلام محمد جو بُگن جي ڳوٺ سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه هو ۽ نه آهي.

ٽالپرن جو دور: (1197هه/ 1783ع کان 1259هه1843ع تائين):

ٽالپرن جي دور ۾ هيءُ علائقو مير ٺاري خان جي جاگير ۾ هو. سکن ۽ افغانين جي اوچتن حملن جي بچاءَ کان گچيري شهر جي اتر ۾ هڪ ڪچو قلعو ٺهرايو ويو هو، جنهن جي سنڀال نه هئڻ ڪري ان جا ڪافي حصا ختم ٿي ويا آهن.

هيءُ قلعو بچاءَ بند ٺهڻ بعد بچاءَ بند جي اندر ڪچي ۾ آهي، جنهنڪري ٻوڏ ۽ سيلاب دوران به هن قلعي کي نقصان پئي رسيو آهي ۽ برساتون پڻ هن ڪچي قلعي کي تباه ڪن ٿيون جيڪڏهن هن قلعي جي جلد سار نه لڌي ويئي ته پڪن قلعن وانگر هي قلعو به ختم ٿي ويندو.

ٽالپرن جي دور ۾ گچيرو علم وادب، فن ۽ ثقافت جو اهم مرڪز هو. مولانا عطاء الله فيروز شاهي جو ڏاڏو مخدوم عبدالمجيد به گچيري ۾ سنڌ جي عظيم عالم بررگ حضرت مخدوم محمد صادق گچيرائي رحمةالله عليه جن وٽ پڙهيو هو. مخدوم محمد صادق هن دور جو وڏو عالم هو ۽ علمي، ادبي ۽ روحاني شخصيت هو. هن بزرگ جو هڪ ڪتاب ”منبع المسائل في شرح مائة العوامل“ آهي جيڪو نَحوَ جي مشهور ڪتاب ”مائته العوامل“ جي عربي“ ۾ لکيل شرح آهي.

انگريزن جو دور (1947-1843ع:

انگريزن جڏهن گچيري تي حملو ڪيو ته ان وقت ٻگهين جن پنهنجي ڏاڏي حضرت مخدوم هڱوري جي تربيت ۽ هدايتن جي ڪري ڪڏهن به غيرن جي غلامي نه قبولي هئي، تن انگريزن سان گچيري ڍنڍ جي اتر- اوڀر ۾ جنهن کي (جنگ ميدان کي) سيرِي سڏيو وڃي ٿو، اُتي سخت لڙائي لڳي. هڪ مقامي روايت مطابق، مير جعفرخان جي ڪن پوئلڳن جي غداريءَ جي ڪري ٻگهين جنگ هارائي ۽ انگريزن گچيرو فتح ڪيو، ان جنگ دوران ٻگهين جي سپهه سالار لکمير جي بهادري ۽ دليريءَ جو واقعو عيني شاهده ڏاڏي ملياڻي، جنهن جو نالو رحمت هو، تنهن 1960ع ڌاري ٻڌايو، ته لکمير ڏاڍي بهادري ۽ دليريءَ سان انگريزن سان لڙيو ۽ انگريزن جي ڪيترن ئي فوجين کي، قتل ڪندو پوئين پير هٽندو، تلوار وهائيندو ملهوجن ٻگهين جي ويڙهي ۾ پهچي ويو، جتي ٻگهين کيس هڪ ڪمري ۾ بند ڪري تالو لڳائي ڇڏيو (واضح رهي ته ملهوجن ٻگهين ۾ لکمير جي ڀيڻ شهناز پرڻيل هئي، انڪري ملهوجا ٻگهيا لکمير جا ويجها عزيز هئا) انگريزن ٻگهين جي ان ويڙهي کي ڪڙو ڦيرائي ورتو ۽ نيٺ انگريزن لکمير کي گرفتار ڪيو ليڪن ٻگهين سان هنن واعدو ڪيو ته توهان جي هن نوجوان سپهه سالار کي هرگز قتل نه ڪنداسين بلڪ هن دلير ۽ بهادر نوجوان کي پنهنجي فوج ۾ ”صوبي“ جي عهدي تي مقرر ڪنداسين. پوءِ انگريز، ٻگهين جي سپهه سالار لکمير کي پاڻ سان کڻي ويا، ته وري ظاهر نه ٿيو.

ڏاڏي ملياڻيءَ (رحمت ٻگهياڻي) جي ان وقت عمر سندس زباني 1843ع ۾ ڏهن سالن جي هئي، ان حساب سان 1960ع ۾ 127 سال عمر هئي. ان وڏيءَ عمر ۾ به مون (راقم) کين قرآن مجيد (عينڪ پائي) پڙهائيندي ڏٺو (ان وقت راقم جي عمر 11 سال هئي)

انگريزن جي دور ۾ به گچيرو شهر وڏي اوج تي هو. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سچائي، صفائي ۽ صداقت جو روح پئي نظر آيو. ضلعي نوابشاهه ۾ هيءُ شهر تجارتي، زرعي ۽ هنر جي لحاظ کان اهم هو، هتان جا هندو واپاري سنڌ جي ٻين شهرن بلڪ ڏيساور جي ملڪن سان واپار ڪندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ قرب ۽ محبت هئي. هن شهر ۾ مسلمانن جي عبادت لاءِ مسجدون گهڻيون هيون. هندن لاءِ هڪ مندر به هو، جتي هندو آزاديءَ سان مذهبي ڪرياڪرم ڪندا هئا. هتي ”ڀڳت“ جو گهڻو رواج هو، جنهن ۾ هندو مسلمان گڏ شريڪ ٿيندا هئا. هر سال سياري جي آخر ۾ گچيري ۾ شِوَ جو ميلو زوردار نموني لڳندو هو. موجوده هاءِ اسڪول جي ڏکڻ ۾ قديم زماني کان هڪ وڏو پِپِرُ جو وڻ هو جيڪو اڄ کان ڪجهه سال اڳ ختم ٿي ويو آهي. ان پِپِرَ جي هيٺان شِوَ جي ميلي جو انتظام ڪيو ويندو هو. هاڻي ان پراڻي مندر وٽ خيري ديري جي ٻگهين جي اوطاق آهي، انهيءَ مندر جي اوڀر ۾ هندو ياترين لاءِ هڪ ڌرم شالا يا مسافر فرخانو ٺهيل هو جو هن شهر جي هندو سيٺيون قديم دور کان ٺهرائيندا ۽ مرمت ڪندا پئي آيا ليڪن انگريزن جي دور ۾ هندو سيٺين ديوان ڪيولرام جي اڳواڻيءَ ۾ نئين سر ٺهرايو هو. ڌرم شالا جي ڀر ۾ کوه پڻ هو جتي مردن خواه عورتن لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ غسل ڪرڻ وغيره جون الڳ الڳ هوديون ٺهيل هونديون هيون. مال متاع جي پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ اٽڪل 12 فوٽ وڏي هودي هوندي هئي جيڪا هميشه ڀريل هوندي هئي. اهو سارو نظام مون (راقم) خود ڏٺو، جڏهن آءٌ (راقم) 60- 1959ع ۾ پرائمري اسڪول گچيرو ۾ پڙهندو هوس ته اسين شاگرد ان کوه تان پاڻي ڀري ٻوٽن کي ڏيندا هئاسين. ان وقت هيءُ کوه مسلمانن جي هٿ هيٺ هو جو آهستي آهستي ختم ٿي ويو ۽ هتي به هڪ  وڏو پپر جو وڻ هوندو هو جيڪو نه صرف کوهه ۽ هودين تي ڇانوَ ڪيو بيٺو هوندو هو بلڪ ساري مسافرخاني تي پڻ ڇانوَ ڪيو بيٺو هوندو هو ليڪن اهو به اڄ کان ڪجهه سال اڳ ختم ڪيو ويو. هندو ياترين لاءِ ٺهيل ڌرم شالا مردن وارو حصو بلڪل سٺي حالت ۾ موجود آهي باقي عورتن واري حصي جو ڪافي حصو ڊهي ويو آهي. مردن واري حصي ۾ اڄڪلهه يونين ڪائونسل جي آفيس آهي، جنهن جي يونين ڪائونسل گچيرو جي ناظم عبدالقادر سٺر سٺي مرمت ڪرائي هئي ليڪن اڄ وري به ان کي نقصان پهتو آهي ۽ پهچائي رهيا آهن جيڪڏهن يونين ڪائونسل گچيرو هن ڌرم شالا جي مرمت نه ڪئي ته پوءِ هيءُ عظيم يادگار به ماڻهو آهستي آهستي ڊاهي کڻي ويندا ۽ نشان به نه رهندو. هن کوه تي سيٺ ڪيولرام جي ڏهه ٻارنهن ايڪڙ زمين هوندي هئي جيڪا ان نار تي آباد ٿيندي هئي ليڪن سيٺ ڪيولرام آباد ڪندڙ هاريءَ کان زمينداري حصو به نه وٺندو هو يعني فصل ساري جو سارو هاري کڻندو هو، صرف انڪري جو سيٺ جو هاري کي چيل هوندو ته پاڻيءَ جا هود هميشه ڀريل هجن، باقي آبادي ٻئي مٿا، تون کڻجانءِ.

انگريزن جي دور ۾ هن شهر ۾ وڏا جيد عالم، بزرگ ۽ هنر جا ماهر رهندا هئا. مسجدن جي ڀرسان مڪتب ۽ مدرسا هئا جن ۾ ديني ۽ دنيوي علوم ۽ فنون جو درس ڏنو ويندو هو، انهن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ مسلمانن سان گڏ، هندو پڻ عربي ۽ فارسيءَ جو درس وٺندا هئا. منشي ديواچند ۽ نارائڻ سنگهه عربي ۽ فارسيءَ جا وڏا ڄاڻو ٿي گذريا آهن.

گچيري شهر ۾ هٿ جو هنر ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا پڻ انگريزن جي دور ۾ (خواه ان کان اڳ) گهڻا هوندا هئا. ساڳئي وقت رڱاوت جو ڪم به بهترين ٿيندو هو، ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪپڙي جي خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو گماشتو گچيري ۾ رهائيندي هئي، جنهن جي هٿ هيٺ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ڪم ڪندا هئا ۽ ڪپڙو خواه هٿ جون ڀرٿ ڀريل شيون هتان خريد ڪري ٻين شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ناڻو ڪمايو ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ 82- 1881ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گچيري ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جي 6 ڪمرن تي مشتمل عاليشان هڪ بلڊنگ پڻ ٺهرائي ويئي. سنڌيءَ جي تعليم شروع ڪئي ويئي، جنهن ۾ مسلمان خواه هندو تعليم وٺندا هئا. ان دور ۾ جيئن ته مسلمانن ۾ نياڻين پڙهائڻ جو رواج ڪونه هو، انڪري صرف هندن جون نياڻيون تعليم حاصل ڪنديون هيون. ان کانپوءِ 1943ع ۾ انگريزي تعليم لاءِ ان پرائمري اسڪول ۾ ئي اي-پي-ڪلاس کولي ان ۾ هڪ انگريزي ماستر مقرر ڪيو ويو، اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾ سنڌي ۽ انگريزي تعليم جو گچيري ۾ بندوبست ڪيو ويو ليڪن انگريزي اسڪول ڪڏهن ڪڏهن بند به رهيو ٿي ۽ اهو اي-پي ڪلاس 1962ع ۾ مڪمل طور بند ٿي ويو.

تحريڪ پاڪستان تحريڪ خلافت ۽ مسجد منزل گاه وارو واقعو:

گچيري جا ماڻهو خاص ڪري هتان جو اڪثريتي قبيلو ٻگهيا جيئن ته قديم دور کان خاص ڪري تحريڪ بلاوليءَ دوران آزاديءَ جون جنگيون لڙندا آيا ٿي. ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم هڱوري ٻگهيي جهڙي سورمي سالار جي تربيت ڪري هتان جي ٻگهين ڪڏهن به غيرن کي تسليم نه پئي ڪيو، انڪري هتان جو عوام انگريزن جي خلاف هندستان جي لاءِ هلايل آزاديءَ جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو ليڪن اڳتي هلي جڏهن انگريز، هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته تقسيم هند جي تحريڪ هلي ۽ مسلمانن هڪ جداگانه اسلامي ملڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي طرح تحريڪ پاڪستان وجود ۾ آئي، ان تحريڪ دوران گچيري ۾ مسلم ليگ سنڌ جو هڪ يونٽ کوليو ويو ۽ نيشنل گارڊ جو يونٽ کولي فوجي ٽريننگ پڻ شروع ڪئي ويئي. مسلم ليگ يونٽ گچيرو جو صدر محمد يوسف ٻگهيو، نائب صدر غلام رسول ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري حاجي خان سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري الهه رکيو، خزانچي  حاجي شير محمد ٻگهيو چونڊيا ويا. نيشنل گارڊ جو سپهه سالار شفيع محمد ٻگهيي کي مقرر ڪيو ويو ۽ پريڊ استاد شفيع محمد ۽ الهه بچايو سهتو ڪرائيندا هئا. جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح ڪراچيءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن کي نيشنل گارڊ جو معائنو ڪرائڻ لاءِ وڪٽوريا ۾ سوار ڪري معائنو ڪرايو هو ته ان سلاميءَ ۾ جيڪا قائد اعظم ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن کي پيش ڪئي ويئي هئي، ته ان ۾ نيشل گارڊ گچيرو جو جٿو استاد شفيع محمد جي اڳواڻيءَ ۾ شامل ٿيو هو. هنن ٻنهي يونين جو سرپرست رئيس تاج محمد ٻگهيو هو.

تحريڪ خلافت ۾ هتان جي ٻگهين حاجي شيرمحمد ٻگهيي جي اڳواڻيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مولوي فيض الڪريم ۽ فيض محمد سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيون.

مسجد منزل گاه سکر واري واقعي ۾ به پيرغلام محمد سرهنديءَ جي چوڻ تي گچيري جي ٻگهين جو هڪ جٿو تيار ٿيو هو ليڪن پير صاحب جن جي چوڻ مطابق ته اطلاع ڪرڻ بعد ئي جٿو سکر پهچي پوءِ اڃا اطلاع نه مليو هو ته هڪ مجاهد حاجي همير ٻگهيو اڪيلو ان ۾ شريڪ ٿيو هو.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد گچيرو:

پاڪستان ملڪ جي آزادي جر اعلان بعد هندستان جي مسلمانن کي پاڪستان ۾ آڻڻ ۽ هتان جي هندن کي هندستان موڪلڻ واري غلط فيصلي جي ڪري گچيري مان به هندو استاد، واپاري ۽ پڙهيل ۽ سڌريل هندو لڏي هندستان هليا ويا ۽ ڪجهه هندن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي ۽ مسلمانن هندن جي ٺهيل عاليشان ماڙين، محلن ۽ دوڪانن وغيره کي ڊاهي پٽ ڪري پڪيون سرون، عاليشان ڪاٺ جا ٺهيل دَر، دريون، لوهي گارڊر ۽ ٽيئر وغيره وڪرو ڪري خوب پيسو ڪمايو، بازارون ختم ڪيون ويون. اهڙي طرح شهر کي تباه و برباد ڪيو ويو، اڳتي هلي انگريزي تعليم لاءِ قائم ڪيل اي-پي ڪلاس به ختم ٿي ويو. سرڪاري آفيس ۽ روينيو جي ديرن کي به ڊاهي پلاٽن تي قبضو ڪيو ويو. اهڙي ماحول جي ڪري هتان جا پڙهيل مسلمان ميمڻ ۽ سومرا به لڏو کڻي وڃي شهر وسايو. مسلم ٻگهين ۾ تعليم سان ڪا دلچسپي ڪا نه هئي. هتان جي نهايت احترام جوڳي شخصيت رئيس تاج محمد ٻگهيو اعليٰ تعليم يافته هو، ليڪن اهو به 1946ع ۾ وفات ڪري چڪو هو. باقي منهنجي ڄاڻ مطابق استاد شفيع محمد ٻگهيو هڪ بهترين ۽ قابل استاد هو. ٻيو استاد ميووخان لغاري (لغارين جي ڳوٺ جو) ۽ محمد حسين ٻگهيو (خيري ديري جي ٻگهين مان) روينيو کاتي ۾ ملازم هو.

نياڻين جي تعليم جو رواج نه هو ۽ نه وري ڪو اسڪول هو، صرف ست درجا سنڌي (سنڌي فائنل) تائين تعليم صرف ڇوڪرن لاءِ هئي، ليڪن سنڌي فائنل جو امتحان به ختم ڪيو ويو. اهڙي تعليمي لحاظ کان به پورو شهر خالي ٿي ويو. اها حالت 1965ع تائين رهي.

1965ع ۾ ئي آءٌ (راقم) موري جي ڊي- سِٽي- هاءِ اسڪول موري مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي فارغ ٿيس، گچيري ۾ پنجين پاس ڪري رلندڙ ٻارن کي ڏسي احساس ٿيم ته ڇو نه گچيري ۾ انگريزي تعليم پڙهائجي. آخر هڪ يونين ڪائونسل جي ٺهرايل بلڊنگ ۾ ڏيپارجا مڊل اسڪول جي برانچ کولائي انگريزي تعليم رضاڪارانه طور پڙهائڻ شروع ڪيم. پنجن سالن بعد جڏهن مان (راقم) سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم-اي ۾ داخلا ورتم (پنجن سالن ۾ آءٌ بي-اي ڪري ورتي هيم) ته اتي هڪ نوجوان محمد زڪريا راهپوٽا سان واسطو ٿيو، جنهن هڪ ٻئي نوجوان خان محمد پنهور سان واسطو رکرايو ۽ ان کان سواءِ لعل بخش ۽ علي نواز راڄپر ۽ ڪرم الله ٻگهيو به اسان سان گڏجي پيا ۽ سڀ گڏجي غلام رضا ڀٽو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن سان ملياسين ۽ ان سان ٽي- چار ڀيرا ملياسين ۽ نيٺ گچيري ۾ مڊل اسڪول (بوائز) منظور ڪرايوسين. پوءِ خان محمد پنهور، مون (راقم) کي سگا ڪراچيءَ جو ميمبر ڪرايو ۽ اسان جي گڏيل ساٿ سان گچيري ۾ گورنمينٽ طرفان 79- 1978ع ۾ هاءِ اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول قائم ڪرايا ويا ۽ 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گچيرو، گرلس پرائمري اسڪول قائم ٿيا. گورنمنٽ پرائمري گرلس اسڪول گچيرو ۽ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول گچيرو جون عمارتون ضمير شيخ ايگزيڪيوٽو انجنيئر نوابشاهه ايجوڪيشن ورڪس ڊويزن پاڻ اسڪول جو معائنو ڪري منظور ڪيون ۽ سڀني اسڪولن جون عمارتون نيون ٺهي تيار ٿيون. ان وچ ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۽ مان (راقم) ۽ ٻين دوستن گڏجي 1982ع کان ڳوٺ سڌار تحريڪ سگا جي پليٽ فارم تان شروع ڪئي. 1983ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار ڪميٽي کي سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جداگانه رجسٽرڊ ڪرائي ويئي ۽ پوري سنڌ ۾ ڳوٺ سڌار تحريڪ ڪافي اسڪول، اسپتالون، روڊ ۽ رستا ۽ ٻيون سهولتون سنڌ جي سوين ڳوٺن کي منظور ڪرائي ڏنيون. ڳوٺاڻن ۾ ڪافي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جو درس سنڌ جي ڳوٺن ۾ سيمينارن ذريعي ڦهلايو ويو. ان دوران مان (راقم) پنهور صاحب جن جي تعاون سان سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان، موري کان گچيرو رستو پڪو ڪرايو ويو يعني 5 ميل لنڪ گچيرو روڊ ٺهرايو، اسپتال قائم ڪرائي ۽ ان جي عمارت به ٺهرائي، زرعي ڪوارٽر به ٺهرايا. 21 غريب ماڻهن کي سرڪاري پڪا گهر گچيري ۾ ٺهرايا ويا، بيروزگار ماڻهن کي سلائي مشينون وٺي ڏنيون ويون ۽ ڪن کي دوڪان ڪڍي ڏنا ويا.

ان کان سواءِ مخدوم هڱورو هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي ٺاهي قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ پڻ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ڪم ڪرايو ويو آهي ۽ ڪرايو وڃي پيو. بهرحال اسان سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي باني چيئرمين ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو شاه لطيف جي هڪ شعر جي ذريعي ڏنل منشور:

”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،

تنين جي ويڙهي پاڻهي ايندو پاتشاه.

جي دعائيه سان ساري سنڌ لاءِ دعاگو آهيون ته شل اسان سڀ پاڻ ۾ محبت ۽ اتحاد سان رهي، سنڌ سونهاريءَ کي سرسبز، خوشحال ۽ آباد رکي سگهون (آمين).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org