سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :9

 

(ب) سرائڪي وايون ۽ دوها

 

وايون

 

سوران نال لاڳيان، وِرهه نال واڳيان.

ويکو وي سياليان، تسان ڪنون ڀاڳيان.

رڻ جهڻ رانجهن واليان، ڪيا ڄاڻو نڀاڳيان،

ٻيلي وچ راتو ڏينهان، جنهن دي ڪارڻ جاڳيان.

نينهن چاڪ ٻاٻاڻا، صاحب هي ساڳيان.

”صادق“ سهڻي ماهي دلان، اسان ڏي گهن جو واڳيان.

 

جهنگل ٻيٽ ڍونڍايا، ماهي تيئن مئنون،

لوڪ جو سُتا نِنڊان ڪريندان، مئنون چا جڳايا،

طعنا تنڪا لوڪ جو ڏيندا، ڪنان نال سڻايا.

تن ڪِشتي بار غمان دي، ڀر ڀرپور لنگهايا.

”صادق“ سڪندا پٽيان لکندا، ڪڏهان نه ڦيرڙا پايا.

 

ڪيون ڪر نماڻي چلي سوهيو وو.

هڪ راجهي دي راهه ڏهيلي، ڏوجهي سرتيان

دي جهل جهلي.

راتيان کپت کيڙي دي، ڏينهان امڙ پلي

هڪ واڳون ول ڏيون، ڏوجهي دريا دي بل بلي.

”صادق“ سڪ جهان دي سچي سا ڪنهن قول نه ولي.

 

مرض ماهي دي مئن لُٽيان وو، جيڏيان.

ننديان لهواريان ترن اوڀاريان، لهزرئين لهرئين مئن لٽيان، وو.

ويڄ طبيبان ورچ جوڳئي، مول نه پهچن پٽيان، وو.

رات انڌاري ٻيلا جهونا، پڇ پڇ رهيان مئن گهٽيان، وو.

کيڙا ٻَن سياليان، رانجهن مول نه مٽيان، وو.

”صادق“ سائين عشق ڏهيلا، نت پيوڻ زهر ديان وٽيان، وو.

 

ڪيوين ڪر ڪٽينديان ويلي، لوڪو!

نينهن وڇڙيا نيهن ميلي، ڍونڍ رهيان شهر ٻيلي.

عشق دوستان مئنون لٽ نيتا، جيوين پاڻي ٻوڙيندا ديلي.

آکي ”صادق“ سڻ مئڏي سانئيان، تسان گرو اسان چيلي.

 

ڪوئي نه لڀدا ميان، راجهو جها يار،

ٻيلڙا ڍونڍيم شهر چا ڳوليم، نديان ترنديان تار.

مهاڻ چايم، پلي پايم، عشق تاڏا بار.

”صادق سجهندا دل وچ وسندا، منجهان والار يار.

 

عشق تيڏا ديوانا جنهن دا ڳل وچ ڳانا.

سيني اندر سور سڄڻ دا، لوڪ ڏي ويندا طعنا.

درد دا درياه دل دي اندر، چوپڙ وانگي خانا.

نال نماڻي ڪيتي ڪلمين، ”صادق“ اتي بهانا.

 

دوها

 

اِڪ جو ساجن مئن ڪيتا، تسڪا نام اداس،

سر بدنامين دي گئي، پلڪ نه بيٺي پاس.

 

اي جهان، جائي مسافران دي، خواب وانگر دکي،

اکيان ڏٺا سي نظر نه آيا، دي جنهان لاءِ جکي.

 

ساٿي پانڌي ڇوڙ ڳئي، ڇوڙ ڳئي ملڪ دي راجا،

سي ڀي ڇوڙ ڳئي ”صادقا، پير پيغمبر خواجا.

 

رانجها رانجها ڪر ڪر رهي، رانجهي پڇي نه مئنون،

”صادق“ سُڌ هوئي تنهان نون، اها لنئو، لڳي جنهن نون.

 

صورت رانجهي والي، نت نت ٻرندي وچ ٻيلي،

هير ويچاري ڪيا ڪري، عشق نتي دل ڀيلي.

شهر نيڙي ڪوئي نه سجهدا، شنهن گجندا وچ ٻيلي،

”صادق سچيان نه رهنديان، توڙي نانگ وچڙنون سيلي.

 

 

 

 

(ج) سنڌي وايون

سر ڪلياڻ

 

جدا ٿي تون، يار گهوريو گڏجڻ تنهنجو.

مون ته توسين اڳي ئي ٿي ڪيا جدائي جا پار.

سي مردود مَرن  جي، ڪن تنهنجي پچار،

نه اسين خلق تنهنجي، نه تون خلقڻهار.

ڇڏ ته ڇُٽان سپرين، گهوري تو آڌار.

مون کان پڇن سپرين، پرت ڪهڙا پار.

مئا مور نه ڪن سي، مٿي سِرِ سينگار.

وڄي ٿي وجود ۾ بنان تند تنوار.

”صادق“ سپيرين جي، ومون تي ناهه ميار.

 

يارو ڪريو صلاح، ڪڏهين آدم ڪڏهين الله·.

ڪڏهين سِڪائي سرڪيءَ لاءِ، ڪڏهين تار تلاءُ.

بدُو بيمان بڇڙي، کرَکي مارياسون کلا.

”صادق“ انهي ڳالهه جو، ڪي ڀير پروڙن ڀلا.

 

ماهي مور نه ٿيئي يار، تون ڪري ڏس ويچار.

پرين ڀائني مَ پاڻ کي، هي تان ڳرو بار.

سڃاڻي صورت ۾، هي تان ٻولي ٻار.

پري آهين تون، پاڪ ڏس، ويجهو ڀانئه مَ وار.

هئي تان ورق وجود جو، هو تان ڌار ئي ڌار.

دعوا رک مَ دوستيءَ جي، متان خنجر هڻيئي خار.

اتي رنگ نه بي رنگي، جيڏانهن پِرينِ پار.

ڪست ڀڳائين ڪيترا ”صادق“ ساريو سار.

 

آهين پاڻ الک، پاڻ وڃائي جي لکيين.

هندو تُرڪ تون نه آهين، نه آهين سامي سَک.

نه تون آدم آهين، نه تون جن ملک،

مٽي پاڻي تون نه آهين، نه آهين ڄيري رک.

موج ميڙيئي توکان ٿئي، ڪڏهين ماٺي ڪڏهين تک.

سڀ تي ”صادق“ تون وَسين، پيرين توڻي پک.

 

ڪا جا رمز الهي، ڪونه پروڙي ڀائي.

هندو تُرڪ تون نهين، آهين خاص خدائي.

ڪافر چئجي تنهن کي، جيڪو مڃي ڪين مڙيائي.

سجدا ساريان شيطان جا، ڪهڙي ڪئي تو ڪمائي.

”صادق“ بنا سورن جي، ڪانه ڏٺيسون ڄائي.

 

هنئڙي وهي حيراني، جيئن تو نانءُ نڪو نيشاني!

توڙي نُور ظهور ۾، ڪعبي جيئن قُراني،

سڀ تي صاحب تون وسين، ”لّما لامڪاني.

آٺيو تنهنجي عشق ۾، پسن حال حقاني،

سَڙي مُئا انهيءَ سُورَ ۾ تون ثابت ٿئين نه سبحاني.

هي توکان بناءُ بنيو، سو توان ڪهڙو جاني.

”لاَ يُشرِڪُ بِعِبَادته رِبہ، اَحَداً“ نڪو تو ثاني.

محمّد کي معراج ٿيو، آواز سو الحاني.

”صادق“ پسي ڪيئن سگهي، پِرين تو پيشاني.

 

عجب ۾ عجائب ٿيا، پاڻ ڪنون پيهي.

ڪاتب هن ڪتاب ۾ آهي اکر اهوئي،

لکڻ واري لکيو، پرک نه ڪنهن پيئي.

نڪي اورڻ اورهون، نڪي پسڻ پَريئي،

سِڪن ٿا ساڻيهه لئي، وِرسيا نه ويهي.

لَکي ڪونه سگهيو، او نسنگ ويا نيهي،

”صادق“ سمجهن ڳالهڙيون، ڪي ڏيل جا ڏيهي.

 

جو ذڪر ۾ نه آيو جو فڪر ۾،

مون تنهن سان چِت لايو.

بنا نالي سپرين، ڳائڻ ڪنهن ڳايو.

نبي ولي وِيهُون ٿيا، پار نه ڪنهن پايو.

”صادق“ انهيءَ سُور ۾، روئي رت واهيو.

 

جو تو ذڪر ڪيو سو فاني فڪر ٿيو،

هو ڪي آهي ٻيو!

ڪي معنيٰ ۾ منجهي ويا، ڪن صورت ساڻ سِهو.

عقل سڀيئي اُجهي ويا، پار نه ڪنهن پئو.

ڪي چون الله· اهو، رهن واٽن تي وِهو.

اثبات ڪرڻ الله· کي، آهي نبيّن جو نِهو.

”صادق“ وسهي سو، جيڪو اتي وئو.

 

ذات عجائب آهي، صورت بيپرواهي.

نڪتو سوجهرو سج جو،  نڪا اونداهي.

حُسن تنهنجو هڪڙو، وار نه واندائي.

”صادق“ انهيءَ سونهن جي، آهي وڏي وڏائي.

 

عجب تکي تار، عجب تکي تار.

ڪي ڪُهايئي ڪاتئين، ڪي سوريءَ ڌار.

عاشق اهو اڳيون، ڪُسي وارو وار.

بازيگر بازيءَ ۾ ٿو، پڌرا ڪري پار.

ماري جياري پنهنجا، توڙي ٻالڪ ٻار.

سڀ تي ”صادق“ هيڪڙو، ”تون تون“ ڪر تنوار.

 

منهنجا يار طبيب ، اچي ڪر درد جو دارون.

ڏيل اسان جو ڏکيو ٿيو، مرضن ڏنيون آهن مارون.

ٻانهِي گولي اوهان جي، سِگهيون لهجو سارون.

وڄن ٿيون وجود ۾، ري طنبي جي تارون.

”صادق“ لڳيون سورن جيون، لُنءَ لُنءَ ۾ لارون.

 

ٿئين ويري وجهين وير، هنيو ڀالو لڪائين پير.

ڪُهين ٿو قرب سين، الا، ابتي ڀير.

جي تون اهڙو سپرين، ته تو چوندو ڪير.

اندر ڪوٺئين ٻاهر ڏوٺئين. واهڙ ڦيرئين ڦير.

”صادق“ سُک به سپرين، ڏک به ڍيرئون ڍير.

 

سر سسئي

 

هوت نه نينم ساڻ، آءُ ماري آهيان جيڏيون.

اُٺَ هونگاري هليا، ڏاگهن ڪڍيئون ڏاڻ.

سڄو گهُرن ڪينڪي، وڍيل چون، مَ آڻ.

پرِ تئون پڇن ڪينڪي، رُٺي ڪن نه رهاڻ.

”صادق“ سڏيندي سڏ نه ڏين، ڪا جا پاتئون ڪاڻ.

 

جي مانَ پورهيت ڪن، پورهيت ٿي پاڻي ڀريان.

سر ڪريان سينهي، ٻيون ڏيئي ٻن،

ساهه ڪريان صَدقَو، گهوري متان تن.

ٿوري نه پَڙان اُن جي، مون کي جياريون جَن.

اهڙي حال هلن جي، ”صادق“ سي سڏجن.

 

ڳالهيون ڳڻ ڳارين مون مارين،

جانب جت بلوچ جون.

پييون جن کي پرين ري، ساعتون سي سارين ....

وجهيو مهارون مَيَن کي، ڪرها قطارين ....

آڻيو آب اکين مان، ”هئي هئي“ ڪيو هارين ....

”صادق“ سهنج سيڻن جا، جڏڙو جِي جيارين ....

 

مون کي مارين اُهيئي ڳالهڙيون،

هوتن هلندي جي ڪيون.

اسان پرين جي وچ ۾، آهن اکڙيون عشق دلالڙيون.

ڪڏهن اسان جي اڱڻ تي ايندا، آءُ ويٺي پايان ڦالڙيون.

آن وٽ هُيَڙيون، مون سان نه ڪيڙيون، اُهي ڀري هڻي ويا ڀالڙيون.

ڪيف ڪڪوريون قرب جي قابو، هو جي رات رتيون رنگ لالڙيون،

”صادق“ سورن گهايون، گهورن، آهن عشق جون اهڙيون چالڙيون.

 

ٻي نه ڪريو مون وٽ، الا، ٻولي ٻاروچل ري.

ڏسي ڏير جو هليا، ڪا جا مون ۾گهٽ.

ڏاڍي ذات جتن جي، پير نه لڳڙو پٽ.

وڃي واڪا جا ڪندي، سسئي سورن سٽ.

”صادق“ انهيءَ سورن کي، سُکن ساڻ نه مٽ.

 

سڻي مانَ سگهي ٿيان، ٻاروچي ٻولي.

واڪا ڪندي جا وئي، ٽَڪر تان ٽولي.

آهيان آري ڄام جي، گولن جي گولي.

روئي ڀريندس رت سان، چُواڪن سان چولي.

”صادق“ هن سورن جي، لُنءَ لُنءَ ۾ لولي.

 

مئي کي ڇو ٿا ماريو،منهنجا سائين مون نه وساريو.

رڻ جهڻ اوهان جي روح ۾، تان ڪي توڏ تنواريو.

چوڪون ڏيئي چِت ۾، ڏکي ڪوهه ٿا ڏاريو.

مُئي جي ماتام تي، واڳ وٺي ور واريو.

اڱڻ اسان جي ولڙي، چانگن کي نيئي چاريو.

سِڪي ساري سپرين، آن ڪي ”صادق“ ساريو.

 

ڏک ڏکويا جاڳن راتڙيون، اي ماءُ! راتڙيون.

اوسيڙي اٿاريو سي، جاڳيو پائن جهاتڙيون.

سنجهي رهن سمهي، تن ڪن ڪهڙيون چاتڙيون.

مون کي مون پرين جيون، ڪُهن ٿيون ڪي ڪاتڙيون.

سنجهي ويٺيون ”صديق“ چوي، ان کي صبح ملن ڏاتڙيون.

 

ڪنديس آءُ قربان، مٿان پرين جندڙو.

توڙي ڪوٺين نه سپرين، جي مون ڏين نه مانَ.

گولي آهيان ان جي، ڪهڙو ڪريان شان.

سڀيئي ساز سَر ڪري، هوند تالن هڻان تان.

”صادق“ ڏسن سپرين، منهن ورائي مان.

 

مُٺيءَ کي ماتام، آهي آريچن جو.

آءُپيدي پٽ تي، هو ڪَرهن هڻن ڪام.

اوٺين اُٺن پاڻ ۾، ڪا جا مُٺن مام.

ڏيئي ويا ڏکيءَ کي، جَت پياري جام.

”صادق“ ويٺي ساريان، ڄاڻي ڇڏي ويا ڄام.

 

اديون ڪا هلندي - وو، ڇپر مُئي جو سڱ ٿيو.

لائينديس لڱن کي، مليران ميندي،

هجائتا هوتن کي، ڏوراپا ڏيندي.

سيڻن لاءِ ”صديق“ چئي، رائي ۾ رڙندي.

 

ڏاڍايون ڏيرا، او ادا! ڪيچي مون سان ڪين ڪريو.

آءُ سُتي هو هليا، ويا وڏي ويرا.

ور تنهنجي واٽن تي، ڀِري ڪندس ڀيرا.

لڪن لٽي سسئي، پهڻن ڀڳس پيرا.

سهسين ”صادق“ سِڪِي مُيون، سريون، جگر پچائي جيرا.

 

آئين ڪا ڳالهه ڪريو، جيڏيون مون دوستن جي.

ارواح اڱارن جيئن، ڀيرا ٻئي ٿي ٻريو.

اسان اڻ سونهن سان، ٻه - ٽي پير ڀريو

مون واجهائيندي سرتيون، ورتان ڪين وريو.

”صادق“ هن سسئيءَ کي، ڪو جو سور سريو.

 

سور سوکڙيون ٿي آيا، جيڏيون منهنجي جيءُ جا.

پرديس پنن بِکيا، گهر گهر گهمن گهايا.

مون گهُريا تو نه ڏٺا، هوتن جي هلايا.

ٻهون ٻين وترا، ڏنئي، ”صادق“ سور سوايا.

 

پري پکا سندان، اديون ٻڙي جيڏيون.

سٺم شهر ڀنپور جا، مهڻا ويڻ مدان.

پٺي لائي هليا، هو جي سيڻ سندان.

لکين ٻانهيون ٻروچ جون، سئوسين ”صادق“ بندان.

 

اوٺي اڳاهان وئڙا، ڏونگر چڙهي ڏيرا.

سج لهي سانجهي ٿي، ٿين آيل! اويرا.

سورن ماريو جندڙو، تازا پسي پيرا.

اچن جونش جَتن جا، ڀَتئين ڀَتئين ڀيرا.

”صادق“ تن سڄڻن سان، تو نماڻي ڪيرا.

 

سي مون ڪيچي ڪوهه ڪندا. آيل! مئي پڄاڻا ملندا.

واٽون ور ري ونگيون، گهوريا گهيرسندا.

کرن کرسن کريب ڪري، پرين جي پنڌا.

سرتيون سور پرايا، اڳي هن هنڌا.

”صادق“ سٺم سر تي، مهڻا ويڻ مندا.

 

هاڙي منجهه هاڪ، ڙي آيل! ٻڌم هوت بلوچ جي.

اٿو جيڏيون جُود ڪريو، ڏونگر ڀڃڻا ڏاڪ

آيل مون آڌيءَ جا، جي چوري وئڙم چاڪ.

”صادق“ اوٺي آيا، مولهيا ڀنڙن ماڪ.

 

مون کي مهڻا ڏيندي ماءُ، ور وساري ڪيئن وِهان.

جيڏيون سڱ پارڻ، ڪيچ هلندي، ڪاء.

اوکي ويل اسان سان، ڀيڻ نه هلي ڀاءُ.

سو مون سباڻو سرتيون، ڪيچن لڳي واءُ.

”صادق“ کي سرير ۾، اندر آلا گهاءُ.

 

ڪَرهل واريان ڪيئن، جيڏيون، واڳ نه منهنجي وس.

اوٺي اُٺ نه جهلڻا، توڙي پون مينهن.

پيرين آءُ نه پڄڻي، نٻر ڪئڙس نينهن.

لُکان لڳن ڪوسيون، ڏاڍا تپن ڏينهن.

”صادق“ ساعتون سور ٿيون، ڏينهن ڪٽبا ڪيئن.

 

هُو پڻ ٿئڙم ڏور، هي پڻ ويڙا نڪري.

ويٺي واٽ نهاريان، آيل ايندا آسور.

ڀُڻي چڙهنديس چوٽئين، سندي پرين پور.

ماءُ مرندس ڪڏهين، سندي ”صادق“ سور.

 

هاڙهي ڇپر هلبو، ساٿيا پنڌ پري.

ووڙ جان وڻڪار کي، ڇپر پير ڌري.

وڏو سفر ساٿئين، ويندو ڏک ڏري.

هُل ڪيائون هليا، ڀني ڀونءِ ڪري.

”صادق“ ساڻيهه اهڙو، وڃيو ڪونه وري.

 

ڇو ٿو ڏونگر ڏيئن ڏک، اسان اڻ سونهن کي.

جان مون پير ڦٽئين، تان مون وڌي وک.

جب جاڏايون تنهنجون، ساريان سڀئي سک.

هو ڪوسا لڳن ڪڪرا، ٻي جا لايئي لُک.

”صادق“ سِڪي سڄڻين، ٻي ساري اڃ نه بک.

 

ڪو ڏوٿيا ڏس ڏئو، من پراهين پنڌ جو.

آءُ اڻ سونهين آهيان، سُتي ساٿ وئو.

پانڌي گهڻا پنڌ سان، مون سان سور سِهو.

اڃا پُرينديس پٽئين، وٺي نينهن نهو.

”صادق“ سهان اڳ ۾، مونسان پٻ پهو.

 

پوءِ ڪوهه ڪنديس، سيڻن جو سهاڳ،

جيڏيون جئري نه مليا.

وسهو مون کي وِهه ٿيا، مادر مڙيئي ماڳ.

ڪاهيندي وڃي ڪيچ ڏي، رئندي ڪندي راڳ.

ور وراپو وِلهيءَ جو، من ور ورائي واڳ.

”صادق“ تن سڄڻن سان، منهنجو عشق آهي اجهاڳ.

 

تنهنجي بهانن آءُ ماري، ڪهڙا ڏوهه ڏونگر کي.

ڳجهو چائين پڌرو آهين، توکي سڌ ساري.

هٿيئن سَڃيو ماڻهين، ڪان لڳائي ڪاري.

اول تون آخر تون، هينئر به تو واري.

”صادق“ کي ڪرين سامهان ڪهڙا کر کاري.

ڀلو ڏونگر ڀلو جبل ٿيڙم ڏير سٻر.

هو جي اڳ چيا اوٺئين، سي مون آيا بر.

هڪ آڏو ڦرين اوٺين، ٻيا ونگا سند ئي ور.

اُڏامي اوڏهين وڃان، جيڪر هونم پر.

”صادق“ سُڪو ڪين سور ۾، سڪي وئڙا سر.

 

مر مران تان گهوري، انهيءَ سورن کان سرتيون.

هنئڙي هور نه لهي، جتي اسان جي جهوري.

ٻوليون ٻيون وتريون، بر نهاريان ڀوري.

واٽون ور پڇايان، ڪرَٿرن جا ٿوري.

”صادق“ ڪري سڏڙا، جيئن ڇپر ۾ ڇوري.

 

مون  وٽ مان اچن، جن لئه آءُ پئي لڇان.

ڳجهيون ڳالهيون پرين جون، ڪَهان ڪيئن ڪچن.

ڪڙهيون قنديلن جيئن، پردي منجهه پچن.

اصل کئون آيا، ”صادق“ سور سچن.

 

ڳالهيون ڳهلي لوڪ، ڪيئن پروڙيون پرينءَ جون.

ماڻهن ليکي مهڻون، اسان ليکي ٿوڪ.

سورن سانوڻ لائيا، مون من اندر موڪ.

روح منجهه رهاڻ آهي، جانب سندي جهوڪ.

”صادق“ انهيءَ سوز ۾، سڙي ٿئڙو سوڪ.

 

هُئڙا ساعت گهڙي، آيل هن ڀنڀور ۾

ڪونه ڏسان جهڙن جڳ ۾، ٻاروچل ري ٻڙي.

ڪالهه رڱيائون ڪپڙا، ويڙا انگهن منجهه اڙي.

اٺ هونگاري هليا، وئڙا چانگن تي چڙهي.

”صادق“ سپرين ري، ساعت مون نه سري.

 

ڏونگري ڀان ئ مَ ڏور، اوٺي آهن اوڏڙا.

ساٿي ڏيندئي سڏڙا، مُنجهي ٿي مَ ملور.

”ان مع عسرآ يسرآ“ متان موٽين مور.

دانهون جان ڪيئي درد جون، ”صادق“ رهه صبور.

 

ڪيچي ڪين ڳنڍين، سڱ سياڪا، سينڌيون.

آهن اٻاجها اڳهين، نماڻيون نه نين.

مون ائين نٿي ڪو ڀانئيو، ته مون کي هئين ٿا ڇڏين.

”صادق“ ساهه سان، ورهه وڻج ونڊين.

 

اچي ڪر لهيج، ساجن، سورن آءُ ماري.

سورن ماري جي مران، توان مونن ڏوهه مَ ڏيج.

لڱين لائي هٿڙا، دارون دوست ڪريج.

جي تون ڀيرو نه ڪيو، ته مون مُئي سڻيج.

ڪيچان واري ڪَرهو، ”صادق“ سار لهيج.

 

تو منهن ۾ ڏک، گهوري جيءُ سئو گوندرين.

سرهي، هي سپرين سان، سار رهي ٿئي نه رک.

پرتي ڀُڻي پرين سان، سا لوڪ نه اُڇي لِک.

جيڏانهن پسي پريان کي، تيڏانهن ڀري وک.

”صادق“ سدا سور جون، وهن نيون نِڪ.

 

مانَ گڏجن سيئي، وو، ڏوٿي ڏوراڻي ڏيهه جا.

پڇيم گس گُنگن جا، اوٺين جا اُهيئي.

مهميزون مَيَن جون، سٺم سڀيئي.

”صادق“ ڳڻ ڳچيءَ ۾ جن جا، تن جي ڳالهه ڪريان ڪيهي.

 

آئين ڪا ڳالهه ڪريو، جيڏيون مون هوتن جي.

اندر اڱارن جيئن، ڀيرا ٻئي تان ٻريو.

مون واجهائيندي ور لاءِ، ور تان ڪين وريو.

”صادق“ سپرين جو، ڪو جو سور سريو.

 

اها ساعت ماءَ، ڪو دم ڪيچين سان.

اوري اوري هليا، آيل ٻاروچاءِ.

وٿيون پون وڏيون، ڪاهي پهچندي ڪاءِ.

سسئي توکي سورن جا، پوءِ ماريندا گهاء

وري آءُ ته اوريون، ادا ”صادق“ ڀاء

 

آرس اسور جو، تن اکين ڪين ڪيو.

سورن بنا سڀ ۾، ڏسن ڪين ٻيو.

سي مرمرن مامري، جن سُتي ساٿ ويو.

روئن رت پرين لاءِ، وڻ وڻ هيٺ وهيو.

غافل ٿيون غفلت ۾، تن ڏکن ڏنئون ڏيو.

”صادق“ رهيون سڪندي، تن اهڙو پهه پيو.

 

هاڻ ڪي چونديون، اوڏا اچن سپرين.

عيب لڳو اوٺيين، ٻي مادر مون منديون.

مٿي واٽن ونجهلان، پري سانگ سنديون.

مون جيئن ماءُ پرين لاءِ، ڪي رندن ۾ رلنديون.

”صادق“ وهڻ، وِهه ٿيو، نڪو سک سنڌيون.

 

سر راڻو

 

ساٿي سنبهي ويهه، ڪاڪ گِهندو ڪرهو.

مومل صحي ماڻبي، دودو ٿيندي هي ديهه.

ننڍا وڏا هلندا، راڻا رتيءَ ريهه.

آخر انڌا چئبا، جن هت نه ڏٺو هو ڏيهه.

وٺي ڪونه وريو، ان ڇپر سندو ڇيهه.

”صادق“ ڪنهن جو نه هلي، اتي مڪر ميهه.

 

خاوند خطائون سنبران، ساريان ڪونه ثواب.

نه مون لِکڻ لکيو، نه مون پڙهيو ڪو ڪتاب.

ڊڄيو مران ڊاءُ کان، متان اچي مون عتاب.

هدي هدايت جو، ساقي ڏي شراب.

”صادق“ سهڪي تن ڀر، جي خالق ڪيا خراب.

 

سَتين ڪهڙي سور، جو تو پهه پريان جي ويسلو.

توکي خوابن خوش ڪيو، وهمن ڪيئي وهلور.

کَٽيو هڏهين گهوريو، متان وڃائي مُور.

هي نه وطن تنهنجو، ڏکيا! ويندين ڏور.

مٽي وسائيندي مُنهن تي، پار پِريان جو پُور،

متان ”صادق“ سُپرين، ڌڪي ڪَنئي دور.

 

هٺ سان هيرائبو، تو من ڙي زياني.

پاڻ نه پلين پنهنجو، تون ٻين سان گياني.

ڪڏهين ڪرامت ڪرين ٿو،  ڪڏهين هئين ڪاني.

نالو وٺج ”نام“ جو، هِي جڳ سڀو فاني.

”صادق“ هيڻون ٿي هلج تون، ڇڏج مان گماني.

 

ڏسڻ ٻه _ ٽي ڏينهن اي ميان، هي وڻ هتي جا.

ريلن ۾ رڻ وهي، هڪل سڄي شينهن.

سدا نه هوندا ساهه سان، هي ميلائي جا مينهن

اٿي اور الله· سان او! ستو آهين ڪينئن.

”صادق“ آهين ساعت ڪا، نيئي نڀاهج نينهن.

 

اٿي کاٽ کوٽ چورڙا، وڃي وهاڻي رات.

چورسي جي چوري ڪن، ٻي چوراڻي ذاتي.

اُجهي اُجهي آيا، ٻي وائي ڪن نه وات.

پُرسن پهريون پاکڙيون، وڍ وڍ وائي وات.

هڻن حرص هَوَس کي، قهري ڪڍيو ڪات.

”صادق“ صدقي تن سورهين تان، جن من ماري ڪيو مات.

 

سر ڪاٺرو

ٻڌين نٿي ٻوڙي، تون تند جي تنوار،

موت جي پچار!

نيئي لٽيندئي ڌوڙ ۾، هو جي جانب يار.

ڪُنَ جيڏي قبر ۾، ڏيندئي ملائڪ مار.

گهمين ٿي گهرن ۾، تون پنهنجي اختيار.

”صادق“ انهي سچ جي، آهي ڪَل ڪلتار.

 

ادا اي مسافر جاني، وٺ تون راهه رباني.

ڪنهن جو ڪرين آسرو، عالم اوڙڪ فاني.

راهگذر سڀڪو، ڪنهن جي ڪرين مهماني.

پَڻي پس پڊن جي، رهي ڪان نشاني.

مري مٽيءَ گڏبي، ڇا سائڻ ڇا ٻانهي.

ڪئين توکان چڱا ويا، ”صادق“ تو ثاني.

 

آهين ڏينهن ٻه - ٽي، پکيئڙا پار ڪو پنڌڙو.

وڻي ويهي اُڏريا، هتي ڪونه جَٽي

ڏکيون سکيون ساعتون، سڀڪو ويندو ڪٽي.

سنهو ٿلهو سُٽ صراف سين، هر ڪو ويندو مٽي.

”صادق“ سر سوجهي هليا، خبر پوندي کَٽي.

 

هي نه ڪنهين سيڻ، جي تو پنهنجا ڀانئيا.

وِهه ٿينديئي ڪڏهين، جي تو کاڌا کيڻ.

سي ملاح ئي مري ويا، جي هئڙئي ثاني سيڻ.

”صادق“ سنگت نه هلي، نڪو ڀائي ڀيڻ.

 

چيت چيت بيخبر، پوندين منجهه قبر.

هتان حاڪم هلي ويا، هئا زوراور زبر.

شاهه ”سڪندر  چل گيا، ڪهڙا ڪرين تڪبر.

اچي پڇندا خبرون، چوري چوري چپر.

ڌڙ جني ڌوڙ ۾، ”صادق“ ڏس سٻر.

 

پوندين وڃي لَٽ، پوندين وڃي لٽ،

ڪيئن ميڙين مَٽ؟

ڪيڏانهن وئڙيون مائرون، ڪيڏانهن وئڙا پٽ.

هاٿي وڃن هليا، اڏريا وڃن اٺ.

مردن رڱ رڱيا، وڃي رهيا ڪوڙا ڪٺ.

”صادق“ پُوڻيون اڏريون، اُڏريا سنها سٽ.

 

سر رام ڪلي

جوڳي ننڊ نه ڪن، سامي ننڊ نه ڪن،

ڪيف ڪڪوريا ڪاپڙي!

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، هو جهنگل ۾ جهڻڪن.

ڪنهن جو ڏک ڏَسايا، سي ورچي ڪين وهن.

نانگا نينهن نهوڙيا، سي ٻنڌڻ ڪين ٻجهن.

ڪا جا جُوءِ ڏٺي جوڳين، سي جهليا تا نه رهن.

ورهه ويراڳين مَنَ ۾، سي وو وو ڪندا وتن.

هئِه هئِه وهي جن جي حال تي، سي ڪيئن سک سمهن.

هن پهه، هن پيچري، وِڙلاڪي ڏسجن.

ڪسڻ جن قبوليو، ”صادق“ سي سڏجن.

 

ماويئي عشق زبر، سورن ڪئي سڀ خبر.

اڳي هڻين ڪان ڪاتيون، هاڻي  هڻي ٿو تبر.

لڳو آهي نه وسري، گهاءُ سندو قبر.

اسين ذات ضعيف آهيون، تو ماريا ”صادق“ سٻر.

 

ڪر ميان ڪانگا ڪائي لات، سڄڻ ٻولي ڪهڙي بات.

ڪين وياسون وسري ڪين ڪي سنيهڙا تو ساٿ.

پاڙي اسان پهاڄيون، کر به اسان سان ڇاٿ.

اسين اينداسون ايڏهين، ڪُهندين  ڪهڙي ڪات.

صادق“ ساري جن کي، تن به اسان جي تات.

 

هو ڪي بئنسريون، سامين سر سهائن سڱڙيون.

ڏاهي ڏاهپ نه اُڄهي، متيون سڀ وسريون.

ڪنهن رڱ ۾ رڱيون، اکيون ڪيسريون.

”صادق“ سناسين کي، پيون ساعتون ڪيتريون.

 

مت نه ڄاڻان ڪائي، حال منهنجو سورن ڳاهيو.

ڪُهي ڪينرن سان، لَڙ لانگوٽن لائي.

منهنجو سنڱ تن سامين سان، جن ماسي نه مائي.

اڄ نه هئي ڪالهه، الستئون آئي.

”صادق“ انهي سورن ۾ ”صوفي“ خوش نه ٿئڙا کائي.

 

جا محبوباڻي مام، تنهن جو  انت نه پئڙو عام.

عجب ٿيو آدم کي، جنهن کي داڻي وڌو دام.

منجهه نه پيو موسيٰ کي، جنهن تريل جوڙايو طعام.

عيسيٰ پٽ مريم جو، ري پيءُ ڄائو ڄام.

طفل هو تنجڻن ۾، ڪامل ساڻ ڪلام.

پختن پروڙيو ڪينڪي، ڇا ڄاڻي خلق خام.

اڳيان اڀو ادب ۾، ”صادق“ ڪر سلام.

 

سر مارئي

بند جا ڏينهن ٿيا ٿم باري،

عمر ڪيئن ڪَٽيندس ڪوٽ ۾.

هن منهنجي حال جي، ماروءَ کي آهه سڌ ساري.

هميرن جي هلائون ڪيون، تن مذڪورن آءُ ماري.

ڇنان سڱ سرتين، جن سان هئم جنم جي ياري.

ٿڌي جا ٿرن جي، واهه وڻي مون واري.

ساعتون ساريم ”صديق“ چئي، جن جي هيم تن ۾ تاري.

 

هيڏيون ڪيون تو همير، ميان ماروئڙن سان.

ڪين جهلينديون ڪوٺيون، سچي وهي سِير.

پُسي کيَن پيٽ ۾، ڪنڊا قُوت ڪرير.

اَوست جن جو آجکو، سُتيون پين کير.

”صوفي شاهه“ نه مٽيان، توڻي ٻيا پير.

”صادق“ ايندا سڪندين تي، ”فضل“ ساڻ فقير.

 

سر سارنگ

 

سرتيون ڪريو سينگار، جانب آيو جُوءِ ۾(*)

هارِن هَرَ کَڙا ڪيا، تاڙي ڪئي تنوار.

وڻ ٽڻ ولن ڇانئيان، لٿو ڏيهه ڏڪار.

”چڙ پڙ“ چڙن لائي، ”جهڙ ڦڙ“ جهڙ جهونگار.

”صادق“ مليو سڄڻين، جي سِڪيون سڀ ڄمار.

 

سر سهڻي

 

موٽج يار ميها، ڀيلي، ڀر نه جهليو.

موڙي ماري آهيان، ابتي ان اوڀار.

لهرين لوڏي لُڙ جي، ڏي تون، دوست ديدار.

ساهڙ ڪيئڙو سهڻي، ”صادق“ سچو يار.

 

جهاڳي، جهاڳي، ٻيلا وينديس پار درياهه جي.

پسي دور درياهه جا، تون نه ڀڄج ڀيلا.

مَنَهَه ميهارن جي، آهن محبت جا ميلا.

ساهڙ جي سمن کي، وَرهه پيا ويلا.

”صادق“ سدائين سڪ ۾، آهن عاشق اڪيلا.

 

سر نوري

 

من موراهين مي، رتو ڄام تماچيءَ سين.

مون موراهين مڱيو، توهه تنهنجو ٿي.

سميون سڀنئا اڳريون، ڀَليون ڀانيان سي.

پاڻ لڄائين پاڻ کان، مر طعنا ڏينِ جتي.

تو کان ئي، توکي مڱان، ٻيو ”صادق“ ڏيج مَ ڏي.

 

سر ڪيڏارو

 

متان موٽي ڪانڌ ڪو، پاهون پير ڏيئي.

جهڙ ۾ جهونجهارن جا، واهه واهه بيرن رتائين بنگ.

هڻي ڪند بڙڇيون، واهه واهه لال رتائين لنگ.

مانجهي مرن ۾ واهه واهه، اڀا گهرن رنگ.

 

”سدا سدا سائو ۾، واهه واهه، جهولي جهمن باند.

جيئڻ ٿورڙا ڏينهڙا، واهه واهه، ڪجن وڏا پاند.

”اي، هو“ موٽين متان ڪانڌ، ڪو پاهون پير ڌئين.

 

ڪانڌ کي ڪوڏ منجهان ڪوڏ منجهان.

هلي هار ٻڌائون هيج منجهان، هيج منجهان.

”اي، هو“ متان پوئيم رات وچان، رات وچان.

اچي اچي ڪانڌ ڪڪوريو، ڪوڏ منجهان، ڪوڏ منجهان.

هلي هار ٻڌائون هيج منجهان، هيج منجهان.

 

مُور نه سڪڙيون، وو - سدا آليون اکڙيون.

پَرَ ۾ پِرينءَ کي، وو - لوکان لڪڙيون.

اُوسيڙي اوجاڳيون، وو - سڄڻ سيڪڙيون.

ڏيڻ طهورا تڙئان، وو - اوت ڪيو تڪڙيون.

تان ڀڄن نه ان جون، وو - هڏهن هِڪڙيون.

”صادق“ وهن سور کان، وو - هڏهين نه ڪڙيون.

 

پُنا جوڀن ڏينهن، ڇڏ آسانبا، وو - طعنا جهَل مَ تيئن.

هردم ڪاهه ڪلي ڏي، وو - هلي مرج هيئن.

ڪا رُوئي وهي رڻ ۾، وو - ڄيري ڄڀي جيئن.

مانجهي مِڙيا مَچ تي، وو - ڪانئر اچن ڪيئن.

مَرِڻا اڳي مَرِ تون، وو - اُڀا آڇن ايئن.

”صادق“ سوريءَ سامهان، وو – چڙهيا نيزي نينهن.

 

جو تو ڪُٺو ڪلهه، وهواه - آءُ اهو ئي آهيان.

مون کي ڪُهي ڪاتيئن، وهواهه - منهنجي لاٿيئي کل.

مون کي چاڙهي سوريءَ سائين، وهواه - سامهان ڪيئي سَل.

ڪڏهن ڪرم ڪپار ۾، وهواه- ڪڏهن جيري جل.

وڌئي ڪرٽ ڪپار ۾،وهواهه - ڪرهه ڄاڻان ڪنهن ڪل

سِر وڍايئي ”صادقين“، وهواه – هو جي مانجهي مَل،

ڳجهه رکايئي ان ۾، وهواه، پڌري ڪيئي پَل،

مردان کِيڏو ميدان، سُورما کِيڏو، ميدان.

وِڙهن ۽ وڍين گهڻون، جاڳي جُنبي اُت جوان.

ڪاهي پيا قُرب مان، سورما اُت سلطان.

ڌاران وڙهڻ ويريءَ جي، ٻي ڪريو ڪانَ.

”صادق“ سدائين جنگ ۾، ڪي کَهُرا بيهن خان(1).

 

تصحيح ۽ اضافا.

صوفي صادق جي ”سوانح حيات“ سماهي مهراڻ جي سال 5 6 9 1 ع جي پهرين ۽ ٻي گڏيل پرچي (ڏهساله نمبر - اشاعت خاص: حصو پهريون) ۾ شايع ٿي چڪي آهي. اُن مقالي ۾ بعض اهم پروف جون غلطيون رهجي ويون آهن، جن کي هيٺئين طرح سڌاري پڙهيو وڃي.

 

صفحو

سٽ

غلط

صحيح

241

7

4_مئي 1965ع

6_مئي 1965ع

264

1

صوفي با يزيد جي وفات جو سال 1226هه

1266هه

267

9

اجيلو ساڌ

اجبو ساڌ

267

10

فقير اميد علي جروار

فقير اميد علي لغاري

273

6_7

فقير جي درگاهه عمر ڪوٽ

کان ٽيهارو ميل جي فاصلي تي:

فقير صادق جي درگاهه عمر ڪوٽ شهر کان يارهن ميلن جي مفاصلي تي، اولهه طرف آهي.

 

اضافا.

مٿين غلطين کان سواءِ صوفي صادق فقير جي ٽئين نمبر فرزند حضرت صوفي نظام الدين فقير جي اولاد جي بيان ۾، ص 5 6 2  تي سِٽ سترهين کان هيٺيون خاص ٽُڪرو مضمون ۾ شايع ٿيڻ کان رهجي ويو آهي، جنهن کي اسان وري هِت ڏيون ٿا: تنهن کي سابقه مضمون سان ملايو وڃي:

صوفي نظام الدين فقير کي ٽي فرزند هئا: (1 ) صوفي علي بخش رحه، (2 ) صوفي سليمان فقير رحه، (3 ) صوفي حاجي محمد فقير. صوفي علي بخش جو اولاد صوفي صادق جو سجاده نشين رهندو ٿو اچي. هن وقت صوفي علي بخش فقير جو پوٽو حضرت صوفي خدا دوست فقير درگاهه صادق فقير صوفي جو سجاده نشين آهي. فقير صاحب کي ٽي فرزند آهن، سندن وليعهد جو نالو صوفي نبي بخش آهي. صوفي خدا دوست جي فيض کي شل حق تعاليٰ گهڻو قائم ۽ دائم رکي. (آمين) (2 ) صوفي نظام الدين جو ٻيو فرزند فقير سليمان لاولد وفات ڪري ويو ۽ (3 ) صوفي حاجي محمد فقير کي ٻه فرزند هئا: (1 ) حضرت صوفي قلندر بخش شهيد (شهادت: 1930 ع) ۾ (2 ) صوفي روشن الدين فقير مرحوم (وفات 1950 ع). صوفي قلندر بخش ”شهيد“ جو مشهور ”اهل حق“ فقير ۽ علم دوست شخص ٿي گذريو آهي. فقير کي تصنيف ۽ تاليف جو شوق هو: سندن هڪ _ ٻه تاليف به آهي. فقير ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. فقير کي فقط هڪ فرزند صوفي شمس الحق هو، جو هن دنيا ۾ پنهنجي هڪ دختر نيڪ اختر يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو. معصومه حال حيات آهي. فقير قلندر بخش جي سوانح، معمور يوسفاڻيءَ لکي آهي، جيڪا غير مطبوع آهي. فقير صاحب جي وڌيڪ احوال لاءِ سه ماهي مهراڻ 1957 ع پرچو 3  ۽ 4  ”سوانح نمبر“ ص 324  ڏسڻ گهرجي.

صوفي روشن الدين ”روشن“ به پنهنجي ڀاءُ وانگر گهڻو مشهور ٿي گذريو آهي: فقير شاعر به هو ته اديب ۽ صاحب تصنيف به، مقرر به چڱو هو ته سياح به. سندن اڪيلو فرزند صوفي ذوالفقار علي فقير، مجذوبي حالت ۾ ڃان حيات آهي. فقير ذوالفقار عليءَ جي شادي سندن مائٽن ڪرائي آهي، جنهن مان کين ٽي فرزند به آهن. فقير صاحب جي سڀ کان وڏي فرزند جو نالو روشن الدين فقير آهي. رَبُ شل هن خاندان کي اهل اولاد سميت هميشه خوش رکي! فقير روشن الدين ”روشن“ صوفي صاحب جو وڌيڪ احوال ۽ ڪلام، جيڪڏهن ڪو صاحب پڙهڻ گهري ته کيس جناب حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جو ڪتاب ”ياد رفتگان“ ۽ عبدالڪريم پلي صاحب جو ڪتاب ”وڻجارن وايون“ ڏسڻ گهرجي.

*-----------*---------*


 


(*)  ٻي پڙهڻي: جيڏيون ڪريو جنسار، جانب آيو جوءِ ۾!

(1)  هن وائي کان مٿي درج ٿيل ڇهه وايون، مخدوم مح۾د صالح مرحوم جي ڪتاب ”ڪيڏاير“ تان ورتل آهن: ص 58، 86، 87.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com