پروفيسر محبوب
علي چنا
سرمست درازي
”ديس سچل جو دُرس درازين،
مڪي نامُلتان.“
(سچل)
”دُرس درازين
نيهڙو، تون آڏو پکيئڙا
پار
پرين ڏي.“ (نانڪ
يوسف)
”عشق جو يارو
درازن
۾ عجب اسرار
هو.“ (بيدل)
مقام
_ ولادت:
سچل سائين جن جي ذڪر خير ڪرڻ کان
اڳ،
واجب
آهي ته اسان
اُن
مستيءَ واري
مقام جو احوال
ڏيون، جتي سندس منصوري
آتما
هن دولابي دنيا
کي ڇڏي،
ملڪوتي مڪان
ڏانهن
راهي
ٿي. سچل سائينءَ جي سڀني سرمست سڄڻن کي علم آهي ته سندن جوتي جنم ۽ ولايتي
ولادت، ڳوٺ درازا
شريف، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور، (سابق خيرپور رياست)
۾ ٿي. درازا
شريف، راڻيپور
اسٽيشن
کان
ٻن ميلن کن جي مفاصلي تي آهي ۽ گمبٽ ۽ راڻيپور
جي وچ ۾ هڪ دلبسته ننڍي بستيءَ جي روپ ۾ رچيل آهي.
هن ڳوٺ جي آبادي
خواهه
قدامت لاءِ اسان وٽ ڪو به تاريخي محقق دليل ڪو نه
آهي، ته هي ننڍڙو نينهن وارونگر ڪڏهن وَسيو، مگر
سچل سائينءَ
جي پهرين سوانح
نگار
۽ سندس ڪلام عارفانه
الهام
جي مرتب، مرحوم مرزا
علي قُلي بيگ، هن ڳوٺ جي جُڙن بابت
جا
اُپٽار
ڪئي آهي، سا
مختصر
پيش ڪجي ٿي:
”ڪلهوڙن جي حڪومت
جي دور ۾ هن خاندان
جي وڏي عزت ٿي. کين گمبٽ ۽ راڻيپور
جي وچ ۾ جاگيرون مليون، جي اڄ
به انهن
جي پوين جي هٿ ۾ آهن. فاروقي
فقيرن، اهي
جاگيرون
پنهنجن ٻن خاص
مريدن هر هڪ درازا
ونڊير ۽ ڪاجن
ونڊير کي آباد ڪرڻ لاءِ
ڏنيون، جن اتي
پنهنجا
ڳوٺ ٻَڌايا.
ڪاجن
ونڊير جو ڳوٺ، جو درازا
جي اتر
- اولهه
۾ هو، ڦٽي ويو: پر دراز
ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ”دراز
شريف“ جي نالي مشهور ٿيو، سو اڄ
به موجود آهي ۽ درازا
جي دلبرانه نالي
سان
سڏجي ٿو. ٿوري عرصي
کانپوءِ
ميان صاحبڏنو
۽ ٻيا
مخدوم به ٻين هنڌان
لڏي اچي، ”درس درازين“
داخل
ٿيا.
ان
حقيقت
کي هو بهو سچل سائين
جي ٻين سوانح
نگارن
پڻ بعد ۾ ائين آندو آهي . مادي
طرح
کڻي درازا
شريف کي اڏيندڙ
فقير دراز
ونڊير هو، پر روحاني
درازا
کي ”درِراز“
(الهيٰ
اسرارن
جو دروازو) بنائڻ
وارو
دولهه، سچل سائين
جو جد امجد فقير صاحبڏنو
الملقب
به ”موراڳي“ (مور) هو. ان
جي ننڍي فرزند خواجه
عبدالحق
رحه
جو ذڪر خير ڪندي خود سچل سائين
شهر دراز ”ديوان
آشڪارا“
۾ ائين
فرمايو آهي:
”گر بگوئي مي شوم واقف ازان
اسرار
راز،
پس تو ڪن باصدق دل روي بسو شهر دراز،
هست آنجا
پير عبدالحق
عارف
اوليا،
مي ڪند
آگ ز سر، وحدتش
مسڪين نواز.“
البت
کهڙا
ڪجهه پراڻو پُر آهي. هتي مخدوم عبدالرحمنٰ
شهيد (شهادت
1145
هه__
1732ع)
جي پڙڏاڏي
مخدوم عبدالخالق
(0 0 9 هه__
1494
ع) ڌاري
پيري ڳوٺ مان لڏي اچي
کهڙن ۾ سڪونت ڪئي. باقي
”تذڪره مخاديم کهڙا“
۽ ”تاريخ
آئينه جهان
نما“ جي حوالن
مطابق
گمبٽ ۽ راڻيپور جا
روح
رچندا
شهر به مخدوم احمدي بن مخدوم عبدالرحمان
شهيد (وفات 3 0 2 1 هه__ 1788
ع) جي ڏينهن ۾ ٻن جيلاني
ڀائرن
سيد محمد شاهه
۽ سيد احمد
شاهه
جي رهائش بعد مشهور ۽ معروف ٿيا.“
هاڻي
اچو
ته درازا
شريف جي ٻائيتاليهه
(2 4 ) سال اڳ
واري تصوير
آنجهائي
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ
جي لفظن ۾ اوهان جي سامهون
رکون.
ڄيٺمل صاحب،
پنهنجي ڪتاب ”سچل سرمست“ جي آغاز
۾، جو هن صاحب
آگسٽ
1922ع ۾ لکيو، فرمائي
ٿو: ”خيرپور جي رياست
۾ راڻيپور
اسٽيشن
کان
ميل کن پري (شايد وچون پيچرو ايتري
فاصلي
جو آهي) درازن
جو ڳوٺ آهي. ڳوٺ جي ٻاهران
سچل فقير جو روضو آهي ۽ لاڳو
ڪرڙن جو جهنگل آهي. درگاهه
سان
گڏ سجاده
نشين جهور فقير جي جهوني نموني واري
اڏيل
جڳهه آهي، جنهن سان
باغ
جو ٽڪرو لاڳو آهي. ڀر ۾ هڪ کوهه وڻن جي هيٺ آهي. چوگرد جهڙيون تهڙيون
جهوپڙيون اڏيل آهن. مطلب ته هڪڙا
ڪِرڙ ٻيا
کٻڙ ! جهوني زماني جي جاءِ
۽ ٻه چار
جهوپڙيون، ٻيو اڇو
نانءُ
الله·
جو! خلقون ٿيون ماڻهن
جون ميلي تي اچن. روز بروز ڳائڻا
۽ ٻيا
درگاهه
جي زيارت ڪرڻ اچن
ٿا
۽ گهڻيئي ڪامورا
ماڻهو
پڻ ويندڙ آهن.“(1)
نالو
۽ نسب: منصور
ثاني،
حافظ
درازي، سرمست ازلي
جو نام
نامي
اسم
گرامي عبدالوهاب
هو، پر کيس لاڏ
ڪوڏ ۽ پيار مان
اڪثر
”سچل، سُچو يا
سچيڏنو“ ڪري سڏيندا
هئا.
جن مان
سندس نالو
”سچل“ زياده مشهور آهي، ۽ تاقيامت
رهندو. پنهنجي سنڌي، سرائيڪي،
ملتاني
۽ اردو
ڪلام ۾ پاڻ
کي اڪثر
ڪري، ”سچو“ ڄاڻايو
اٿس،
۽ ڪٿي ڪٿي ”سچل“ يا
”سچيڏنو“ به سڏايو
اٿس.
خانبهادر
محمد
صديق
ميمڻ جي تحقيق مطابق
هڪ سنڌي ڪافي
۾ ”خدائي“
جو تخلص
به آندو اٿس:
حالانڪه
سندس پارسي
شعر ۾ سندس تخلص
”آشڪارا“
۽ ”خدائي“
آهن. سچل سائين کي ”سرمست“ جي لقب سان
ياد
ڪيو ويندو آهي، ڇو
ته پاڻ
هردم ابدي
الفت
۽ الاهي
عشق جي نشي ۾ مست ۽ مدهوش هوندا
هئا.
هن عشق، استغراق،
مدهوشيءَ ۽ مستيءَ جي اپٽار
سچل سائينءَ جي ساري
ڪلام
مان
عيان آهي: ”ديوان
آشڪارا“
۾ فرمائين
ٿا:
ميء خوردم من از
پيمانه
عشق، ڪه هوشياري
و بيداري ندارم.
..... ..... ..... ..... ..... .....
زميء توحيد
سرمستم، ڪفر و اسلام
را
بسم،
به ميخانه
چو پنشتم، انا
الحق
مي زنم بر حق!
..... ..... ..... ..... ..... .....
اين
جنوني آمده از
باده
عشقش آشڪار،
عاقبت
مستي مرا
درسلڪ مجنون مي ڪشد.
..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
ماسبق
خوانديم از
ديوانِ
عشق،
نيست درهر دوجهان
سلطان عشق.
..... .....
مستم ڪه بدو مستم، من غيرنمي دانم،
ديوانه
از
وهستم، من غير نمي دانم.
..... .....
چون زخود رفتم خدارا
يافتم،
چون خدارا
يافتم،
سر باختم.
سچل سائينءَ
کي حافظ درازي
به سڏيندا
آهن. وڏي خوشيءَ جي ڳالهه
آهي ته ايراني
حافظ
شيرازي
وانگر،
”سنڌي حافظ شيرازي“،
قدرت هن سونهري خطي کي نصيب
ڪيو. حافظ درازي
به حافظ
شيرازيءَ
وانگر
قرآن مجيد جو حافظ هو ۽ سندس ڪلام
۾ ساڳي
حافظ
شيرازيءَ واري
الستي
مئي جي مستي آهي. ان
عنوان تي وڌيڪ تبصرو
پوءِ اچي
ٿو.
سچو سائين
فاروقي
هئا: يعني قائد
- ڪائنات
۽ فخر - موجودات آنحضرت
ﷺ جي ٻئي يار
حضرت
عمر بن خطاب فاروق
اعظم
جو نُور جو چشم و چراغ
هو. سندس شجرو اوڻيتاليهين
پيڙهيءَ ۾ فاروق
اعظم
سان
هن ريت وڃي ملي ٿو:
(1 ) حافظ
عبدالوهاب
عرف سچل سرمست بن (2 ) ميان
صلاح
الدين
بن (3 ) محمد حافظ
عرف ميان
صاحبڏنو
المتخلص
موراڳي
بن (4 ) مخدوم عبدالوهاب
بن (5 ) مخدوم محمد
بن (6 ) مخدوم عبدالوهاب
بن (7 ) مخدوم شرف الدين
بن (8 ) مخدوم موسيٰ بن (9 ) حافظ
علم الدين
بن (0 1 ) مخدوم شهاب
الدين
بن (1 1 ) مخدوم سليمان
بن (2 1 ) خواجه
ابو
سعيد بن (3 1 ) مخدوم نور الدين
بن (4 1 ) مخدوم رضي الدين
بن (5 1 ) مخدوم عبدالعزيز
بن (6 1 ) مخدوم محمود
بن (7 1 ) مخدوم ابوالفتح
بن (8 1 ) مخدوم محمد
اسماعيل
بن (9 1 ) محمد يوسف بن (0 2 ) سليمان
بن (1 2 ) محمد
بن (6 2 ) عبدالمطلب بن (7 2 ) برهان
الدين
بن (8 2 ) احمد بن (9 2 ) عبدالله·
بن (0 3 ) يونس بن (1 3 ) محمد
بن (2 3 ) شيخ اسحاق
بن (3 3 ) شيخ عبدالطيف
بن (4 3 ) محمد باقر
بن (5 3) محمد
بن (6 3 ) شيخ شهاب
الدين
بن (7 3 ) عبدالعزيز
بن (8 3) عبدالله·
بن (9 3 ) حضر
عمر ابن
الخطاب
رضه. الحمد
الله·
جو سچل سائينءَ
جو مٿيون شجرو محقق
آهي. فقط نمبر نائين
جو نالو، ڪن نسخن ۾ علم الدين
آيل آهي.
آباد
و اجداد:
حضر
عبدالله·
بن حضرت
عمر فاروق
رضه جي وفات بعد سندس پوٽو شيخ شهاب
الدين
پنهنجي اهل و عيال
سميت حجاز
مان
هجرت ڪري عراق ۾ اچي
سڪونت پذير ٿيو ۽ پنهنجي علم ۽ فضل جو ڌاڪو قرب ۽ بعد ۾ چڱي طرح
ڄمايائين.
ايتريقدر
جو جڏهن سن 6 9 هه _ 1 1 7 ع ۾ عراق
جي گورنر حجاج
بن يوسف ثقفي، پنهنجي نوجوان ناٺي
محمد
بن قاسم
کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، تڏهن شيخ صاحب
جهڙي اعليٰ
هستيءَ کي سندس مشير خاص
مقرر ڪري ساڻس
گڏ روانو
ڪيو. جڏهن سيوستان
(سيوهڻ) فتح
ٿيو، تڏهن محمد
بن قاسم هن کي اتي
جو حاڪم
مقرر ڪيو. جيئن ته هيءُ صاحب
علم و فضل سان گڏ سياست،
تدبر ۽ نظم و نسق ۾ به وڏي مهارت
رکندو هو، تيئن هن سيوستان
سرڪار
جو نظام
سهڻي نموني سنڀاليو،
۽ سن 5 9 هه _
714
ع ۾ جان
سپرد جانان
ڪئي. ان
بعد سندس فرزند شيخ محمد
سيوهڻ جي حڪومت شان
و شوڪت سان
ڪري، 2 4 1 هه_761
ع ۾ فوت ٿيو. اهڙي
نموني انهيءَ خاندان
جا
افراد
هڪٻئي پٺيان سيوهڻ جا
نواب
مقرر ٿيندا
آيا.
جڏهن ته محمود غزنويءَ سنڌ فتح
ڪئي، تڏهن هن خاندان
مان
(1 3 نمبر) شيخ محمد
بن شيخ محمد
اسحاق
سيوهڻ جو ناظم هو. ان
کان
محمود
غزنويءَ،نوابي ڇڏائي
کيس ساليانو
وظيفو مقرر ڪري ڏنو.
انهيءَ
خاندان
مان
مخدوم نورالدين (نمبر
13
) پنهنجي عمر جو وڏو عالم
متبحر ٿي گذريو آهي. هن کي چار
فرزند هئا:
بدر الدين، ابو
سعيد، ضياءُ
الدين
۽ رڪن الدين. هنن مان
پهريان
ٻه مخدوم بدرالدين
۽ خواجه ابوسعيد
بمعه اهل
و عيال
سيوهڻ جي رهائش ڇڏي
ڪاڪڙي
پرڳڻي ۾ وڃي
رهيا. اتي
هي مخدوم حجار
جا
مريد ٿيا، جنهن جي زيارتگاهه
اڄ
به اڄوڻي
موسيجي ۽ هاڻوڪي گڏيجي ڳوٺ ۾ موجود آهن، مخدوم ابوسعيد
اتي
ئي انتقال
ڪيو. انهن
ٻنهي ڀائرن
جي عظمت جي شان ۾ مسٽر ڄيٺمل پرسرام
، ”سچل سرمست“ صفحي
پنجهٺ (5 6 ) ۾ ائين
ڄاڻايو
آهي: ”شهاب
الدين
جي آڪهه ۾ ڪي صديون پوءِ ابو
سعيد ۽ بدرالدين
ٿيا، جي سچا
فقير هئا،
اميري
ڇڏي
وڃي
جهنگل ۾ فقيري اختيار
ڪيائون.
اتي
ڏٿ تي گذر ڪندا
هئا.
تنهن وقت، انهيءَ
زماني
جو صوفي بهاءُ
الدين
پنجاب
کان
آيو، تنهن جي انهن فقيرن سان
ملاقات
ٿي. بهاءُ
الدين
کي غوث بهاءُ الدين
ڪري سڏيندا
آهن، جو هو زماني جو ڪامل
شخص
هو. سنڌ ۾ انهن
فقيرن کي ڏسي خوش ٿيو ۽ هنن کي ”ڏوٿين“ جو نالو
عطا
ڪيائين.
هاڻي
ڏسڻ ۾ ايندو ته سچل، ۽ سچل جي وڏن ۾ اهو
انگ
فقيراڻو ورثو آهي. هنن جي جيوت به پوري پوري انهن
ڏوٿي فقيرن جهڙي سادي
هئي. هن جا
وڏا
اها
فقيري اختيار
ڪري، ڪنهن زماني ۾ اچي
درازن
۾ رهيا.“
درازا
الاهي
موهبت ۽ لدني اسرارن
ڪري درِراز ٿي ويا
۽ اتي
سچل سائينءَ
جي برڪت ڀرئي ڏاڏي
سائين
ميان
صاحبڏنو
فاروقي
عرف محمد حافظ
موراڳي
قادري
جو تولد
1101 هه _
1689ع
۾ ٿيو، يعني شاهه
لطيف ڀٽائي جي ولادت
کان
هڪ سال
اڳ،
ابتدا
۾ خيرپور جي مير صاحبن
جي ملازمت
۾ هو، پرپوءِ هڪ مجذوب عورت بنام بيبي رابعه
بصريءَ
جي توجهه ڪرڻ تي، درازن
جي اوڀر ۾ هڪ کٻڙ هيٺيان
رياضت
۽ عبادت ۾ مصروف
رهيو ۽ چاليهه،
چاليها
ڪڍيائين:
يعني چار سال
۽ پنج مهينا،
پنهنجي رب کي راضي
ڪرڻ ۾ بسر ڪيائين. ان
محويت
جي عالم
۾ کيس حضرت شيخ عبيد
الله·
جيلاني
قادري
جي ملاقات
نصيب
ٿي، ۽ ان
ملاقات
سائينءَ
صاحبڏني
کي وحدت الوجود
جي واديءَ
جا
وراڪا
ڏياري،
عارف
باالله· بنائي ڇڏيو.
مجذوب عورت وارو
واقعو
۽ سائين عبيدالله·
جي ملاقات
جو مڻيادار
احوال،
سچل سائين پنهنجي مثنوي ”رازنامه“
۾ هن طرح
ڪيو آهي:
نام
جد من مشتهر صاحبدنه، هم محمد
حافظ
است
در سلسله.
روزيڪ مي رفت بيرون از
شهر، بود خواجه
برتماشائي
دگر.
درميانه ڪوتري و ديونه،*
ديديڪ ديوانه زن به برهنه.
بي بي بصري
بود ظاهر نام
او،
ڪس نمي دانست
اورا
تارمو.
ناگهان
ديوانه زن پيشش رسيد، گفت با
آن و آمهي مي ڪشيد.
بشنو از
من راز
اي
مردِ خدا، اَن
خدا
درڪار
تو، تو تا
ڪجا.
بيتها
سندي بگفته از زبان،
آن به پيش تو همي سازم
عيان.
.... ..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
چري کري بصري،
کري تا
ڪر نانهن،
وئي پرائي
وهانءَ، تن جو هينئڙو تا
هئن ٿيو.
جيئان
گهڻو جڳ ۾، پر جسم نه جيئڻ ڏي،
باب
نه پڙهج بي، هج الودو الف
سين.
وَرَ سان
وجهيو ڪاڻ، خَرَ سان
کِليو سُمهين،
آيل! هيءُ اهڃاڻ،
جو ڪڻ ڇڏي تهه اُبهين!
از
شنيده خنواجه
آن بيخود شده، باز
پس گرديد عاشق
حق
شده.
پارچار
عمامه را
از
سر ڪشيد، جرعه از
ميخانه محبت
چشيد.
آمده بشگافت
جنگل گوشه يافت، جز محبت
هرچه بد روئي بتافت.
چهل چله اندران
بيشه ڪشيد، بعد مدت شه عبيد الله· رسيد.
دست بيعت خواجه
را
داد
اَن
زمان، ڪشف بخشيد از
مڪان تا
لامڪان.
سِر وحدت
حق
باو
اعيان
لمود، بر دل، او
حسن
جانان
را
ڪشود.
اَن
عبيدالله· باشد شاهه
ما،
او
بود بر هر قدم همراهه،
ما.
چون سڪندر صد
بود دربان درش، افسر
شاهي
ولايت برسرش.
صد
چون دارا
همچو خاقان
چاڪرش،
ڪيقباد
وجم چون خسرو نوڪرش.
آن جنيدو شبلي است
فتراڪ گير، بايزيد
و هم ذوالنون پيشش وزير.
او
بود اولاد
حضرت
مصطفيٰ
جد آن قطب زمان شد مرتضيٰ.
شاهه
عبيدالله·
آن نور صفا،
خواجه
محمد
حافظ
است
راه
نما.
شه عبيدالله· باشد شمع دين، خواجه
حافظ
مي بود باحق قرين.
شه عبيدالله· شاهه - سرفراز،
خواجه محمد
حافظ
است
راز
و نياز.
اسان
جي صاحبڏني
سائين
کي ٻه نور نظر عنايت
ٿيا.
وڏو سچل سائينءَ
جو والد، ميان
صلاح
الدين
۽ ننڍو ميان
عبدالحق،
عبيدالله·
شاهه
صاحب
جي پرک واري نظر ننڍي ميان
عبدالحق
تي پيئي ۽ پنهنجي مراد
وند مريد موراڳيءَ سائينءَ
کي حڪم
ڪيو ته سندس چالاڻي
بعد فقيري فاروقي گاديءَ
تي ميان
عبدالحق
قائم
مقام ٿئي. هن مان
ٻه نُڪتا
اهلِ
دل کي معلوم ٿيا.
هڪ اهو
ته ميان صلاح
الدين
جي پشت مان
اهو
منصور ثاني
پيدا
ٿيڻ وارو هو، جو پنهنجو مَٽ پاڻ هو ۽ جنهن کي دنيوي سينگار
۽ اولاد
جي ضرورت نه هئي. ٻيو ته سائين
عبدالحق
جو فقيري ملڪو مهم تر نظر آيو ۽ هڪ ڪامل سونهو هو، جو سچل سائين
جهڙي هڪ ملڪوتي موتيءَ کي ڌوئي پوئي، وينجهار
وانگر
چڱيءَ طرح
”صبغت
الله·“ (الله·
وارو
رنگ) چاڙهيائين.
جيئن سندس جهلڪ ۽ جلا،
مهراڻ
جي متيل واديءَ
۾ تاقيامت
جلوه دار
هجي ۽ قديم سنڌ جي ساري
وسيع ريگزار کي روحاني
خوشبوءِ سان
معطر ڪري. ازان
سواءِ سائين
عبدالحق
جي پيڙهي رب سائينءَ
جي فضل و ڪرم سان
تاقيامت
رهندي. يعني درازي
درگاهه
جو عطاري
رعب ۽ تاب ۽ منصوري
مخموري تاقيامت
الاهي
عطا
سان
جاري
و ساري
رهندا. اهو
آهي قادري
ڪمال
جو هڪ پرتوو. صاحبڏنو سائين
ايڪانوي
سالن
جي عمر هن نانهن واري
مڪان
۾ رهيو ۽ 2 9 1 1 هه _
1778
ع ۾ برقعو مٽايائون.
ولادت:
ان
ضمن ۾ نماڻي فقير جا
لفظ دهرائڻ،
هت غير مهل
نه آهي. پاڻ پنهنجي تاليف
”سچل جو ڪلام“
جي صفي
11
تي لکن ٿا
ته: ”سن 2 5 1 1 هه _
1739ع
کي هڪ پنهنجي اهميت
آهي. هي اهو
سال
سعيد آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سرزمين کي هڪ نوراني
هستي پيدا
ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. اها
نوراني
هستي ڪيترين خوبين جو خزانو
هئي، جن مان
ٻه مکيه آهن -- ”درويشي ۽ شاعري“.
سندس ولادت جي سال
تي سندن سڀ سوانح
نگار
متفق آهن مسٽر ڄيٺمل سندن ولادت
جو ٻيو به سن ڏنو آهي، يعني
1757ع.
پو پوءِ خود ئي سندس وفات
جي تاريخ
۽ بيدل سائين جي شعر جي بنياد
تي ان
کي باطل
ڪيو اٿس.
ٻالپڻ ۽ جواني:
سچل سائين
ڄمندي ڄام
هو. ان الله·
لوڪ جي آمد جي بشارت
ته خود سائين عبيدالله·
جيلاني
ڪئي. ڌڻيءَ جو شان
سندن والد برزگوار
ميان
صلاح
الدين
سندن ڪمسنيءَ ۾ گذاري
ويا
۽ پاڻ
پنهنجي ڏاڏي سائينءَ
جي تحويل
۽ تربيت ۾ رهيا.
پاڻ
جڏهن چاليهن ورهين جا
هئا
ته موراڳي
سائينءَ
به هيءَ دنيا
ڇڏي.
ان
بعد هڪ ئي قبلو يا
ڪعبو سندن سامهون هو، يعني:
هادي
ئ رهنما
ست الحق،
عارف
اوليا
ست حق
الحق،
يڪ دمي دور نيست از
ما
بين، آشڪارا
بما
ست حق
الحق.
اڪثر
سوانح
نگار
لکيو آهي ته سندن جد امجد
جي انتقال
بعد سندن پرورش ۽ پالنا
سندن عم صاحب
سائين
عبدالحق
ڪئي. مدڪور لکيت مان
معلوم ٿيندو، ته پاڻ
ڪي ننڍا
ڪو نه هئا،
جو سندن ٻالپڻ واري
پرورش ٿئي، پر سندن روحاني
رکپالي ڪيائون.
جيئن جو ڪجهه ڪَچ هردي واري
ڪٽوري ۾ هو، ته اهو
باطني
قلعيءَ سان
دور ڪرڻ چاهيائون
ٿي. سچي سائينءَ
جي دل ننڍي هوندي کان
حقيقي
مالڪ
ڏي مائل هئي. بمصداق
سندن ارشاد:
”هڪ ڏينهن مرشد ايوين
آکيا،
ڇوڙ
خلق دي ياري،
هڪ نانءُ
الله· دا
ياد
رکين، ٻيا
ڏونهين جهان
وسارين.“
مسٽر ڄيٺمل، سچل سائين
جي ترڪ الدنيا
کي انهن
اکرن
۾ چٽيو آهي: ”اڄ ننڍو، سڀان
وڏو، سچل ننڍي ئي هوندي کان
گوشه نشينيءَ جي خواهش
ڏيکاري.
اُن
ٻاراڻي
وهيءَ ۾ ئي ڪِرڙن ۽ کٻڙن جي جهنگن ۾ گم ٿي ٽٻيون
هڻندو هو.“ اڪيلائيءَ
جي اوٽ ۾ الک
جي لک لهندي هن پري تي پهتو هو ته:
”هر ڪنهن صورت
آپ الله·،
ٻيو ڪو ئي ڄاڻڻ
محض
گناهه.“
جيئن پرينءَ جي حسنِ
لازوال
جو پرتو هر هنڌ حاضر آهي، تيئن سچي سائين
به ”سر تسليم خم هي جو مزاج يار
۾ آيا“
وانگر
فرمائي ٿو:
”سچو ڪر گوءِ سر ميدان،
سر آگي سجن ڪي دهر،
ڪه حملا
ڪر حسن
دلبر، سر چوگان آيا
هي.“
سندس چاچي
ميان عبدالحق
سائين
کيس هڪ عالم، فقيه، مدرس، عربي ۽ فارسيءَ
جي ماهر
آخوند عبدالله·
قريشيءَ وٽ ديني تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ويهاريو.
”الف“
جو لفظ ته هڪدم اچاريائون:
باقي
”ب“ جو باني لفظ ڪيئن اندر
مان
اورجي.
اها
ساڳي
ڪار
سندس متقدم لطيف سائينءَ
سان
ٿي، سندس پُر حقيقت
شعر ٻڌو ۽ دل سان
هنڊايو:
”الف
اسان
نُون يار پڙهايا،
ب دي بانس نه بُون.“
آخر هي ظاهري
علم ڪن روايتن موجب ٻارهن
سالن
۾، ۽ ڪن مطابق
چوڏهن سالن ۾ پورو ڪري فارغ
التحصيل
ٿيو. قرآن شريف به سڄو حفظ
ڪيائين.
شاهه
لطيف درازن
۾: شاهه لطيف جن، سن 5 6 1 1 هه _
1752ع
۾ وفات
ڪئي، جڏهن اسان
جو سچو سائين
فقط تيرهن سالن
جو هو. سچل سائينءَ جي اڪثر
سوانح
نگارن
جي نگارشات
مان
هي نشانبر
آهي ته شاهه لطيف سائين
درازن
۾ ٻه دفعا
آيو آهي. هڪ دفعو سچل سائينءَ
جي ولادت
کان
اڳ
۽ ٻيو ڀيرو پوءِ.
مولانا
دين محمد
وفائي مرحوم
هن واقعي
کي هن طرح
قلمبند ڪيو آهي: ”ٻئي دفعي جڏهن شاهه صاحب
درازن
۾ آيو، تڏهن سچل فقير پنجن ورهين*
جو هو. هن ٻارڙي کي ڏسي، ميان
صاحبڏني
۽ سندس فرزند ميان
عبدالحق
کي فرمايائين
ته ”هن نينگر کي پڙهڻ جي ڪا
گهڻي گهرج ڪانه
آهي: اسان
جيڪو ڪُنو رڌو آهي، اُن
جو ڍِڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو.“
شاهه
صاحب
جي اها
پيشنگوئي لفظ به لفظ ٺيڪ نڪتي، جو شاهه
صاحب
وحدت
جو مسئلو جنهن رمز ۽ راز
سان
بيان
ڪيو آهي، تنهن کي سچل فقير کليل لفظن ۾ ٻڌايو
آهي.“ شاهه
صاحب
جي مذڪور واقعي جي وارتا
ڪري مسٽر ڄيٺمل وڌيڪ ٿو لکي: ”آهي به ائين __ سچل جو ڪلام
اهڙو
زنده آهي، اهڙو سهڻو آهي، ۽ اهڙو
مستي آڻيندڙ آهي، جو ڇا
چئجي. آءُ هن جي عجيب شوق جي شربت جو فقط ڪو ذوائقو
وٺائي
سگهندس، پر جي ڀانيو
ته ڳيتون ڀري دل من ٺاريون
ته اوهين سندس ساري
ظاهر
ڪلام
۾ بيهي ڪو مزو ماڻي ڏسو.“
درازي
دولهه جا
خاڪپاءِ
به لطيفي ملاقات
جي تصديق
ڪن ٿا.
نماڻو فقير هن جي اُپٽار
ائين
ٿو ڪري: ”درويش جا
قول بي معنيٰ نه آهن ۽ شاهه
صاحب
جي اها
اڳڪٿي
پوري نڪتي. سچل نه فقط صوفياڻي
ڪلام ۽ فقيريءَ ۾ نالو
ڪڍيو، پر هن رند اُهي
حقيقتون
۽ روحاني رمزون کولي آشڪار
ڪيون، جيڪي شاهه
صاحب
پنهجي ڪلام ۾ درپرده رکيون هيون.“
شريعت جي پابندي:
زندگيءَ جي آغاز ۾ شريعت شريف جو نهايت
پابند
هو ۽ نماز باجماعت
پنجگاهه
مسجد شريف ۾ ادا
ڪندو هو. مگر بعد ۾ موج مستيءَ سان
سرشار ٿيو. ان
ڪري حال
۽ استغراق
هميشه هن جي هردي تي غالب
هئا.
پاڻ
ديوان آشڪار
۾ هر هنڌ شريعت جي عزت بالا
ڪري، ان
جي نگهداشت لاءِ
هدايت
ڪري ٿو ۽ هن کي معرفت جي مام
پرجهڻ جي شناخت جي واٽ
تصور
ڪري ٿو. ٻڌو ۽ حظ
وٺو:
بشناس
نفس خود را
ڪاين
معرفت حق
ست،
در معرفت بباش
نگهدار راه
شرع.
وري هڪ سڄي غزل ۾ شرع جي شرح
ڪئي اٿس.
مطلع ۽ مقطع پيش خدمت آهن:
هست اين قائم
مقام
شرع، ڪه بنا
ڪرده است
امام
شرع،
باتو گويم چو آشڪار
و نهان،
باش تو چاڪر
و غلام
شرع.
سندس مرشد خواجه
عبدالحق
رحه
سنتِ نبوي جي تڪميل لاءِ
کين پنهنجي دختر نيڪ اختر
نڪاح
۾ ڏني. جنهن مان
اڪثر
روايتن مطابق
کيس هڪ فرزند عطا
ٿيو، پر شگفته مکڙي ٿيڻ کان
اڳ
مرجهائجي
ويو.
بيعت ۽ طريقت: سچل سائين
پنهنجي والد جي وفات
کانپوءِ،
پنهنجي چاچي
سائينءَ
خواجه پير عبدالحق
جي سنڀال
هيٺ رهيو. هيءَ سنڀال
۽ تربيت دنيوي توڙي روحاني
هئي. هڪ لدني ظرف گر وانگر
حق
سائين
سچي سائينءَ کي رباني
رنگ سان
ريٽي لال
پئي ڪيو ۽ جڏهن ڏٺائين
ته طالب
ڌڻي تعاليٰ
جي سوز ۾ جلي جانِ
جانان
ٿيڻ جي لائق
آهي، تڏهن کيس قلبي قالب
۾ گهڙي، پنهنجو طلب وارو
بنايائينس.
طالب سچو سائين
به هڪ تنواريل طالب
وانگر
پاڻ
کي هن سلوڪ واري راهه
۽ رند ۾ رمڻ لاءِ
اهل
نبائي،
جلد از جلد صوفين
جي پهرين منزل ”فنافي
الشيخ“
۾ محو ٿي ويو. جيڪڏهن جاچي
ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام جو ڳچ حصو
عبدالحق
سائين
جي تعريف ۾ چيل آهي. حافظ
درازي
ته سچو طالب
هو، سو پنهنجي متقدم حافظ
شيرازيءَ
وانگر
مرشد سائينءَ جي مهما
۾ مستغرق رهيو ۽ حافظ
شيرازيءَ جي ارشاد
”بمئي سجاده
رنگين ڪن گرت پيرِ مغان
گويد، وانگر،
”سچوءَ“ سڄڻ جي در جو سگ رهڻ چاهيو ٿي، مثلاً:
”سچو آهي سگ در تنهنجي جو نال
نباهي
سو نيون.“
.... ..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
”سچو سگ دروازي،
روز ازل
کون آهي ميان.“
”پير عبدالحق
جو پر ڪيف خمار
ڏٺوسين ميان.“
.... ..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
”جيهوتيهو آهيئي سچو، سگ سندن.“
.... ..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
”سچو سگ دروازي،
آهي روز ازل
کون.“
”تو پير عبدالحق
جو پيراز
ڪيوسين.“
”فنافي
الشيخ“
جو ٻيو منظر ملاحظه
ڪريو:
”مرشد هادي
عبدالحق
جي، وتِ پُٺيءَ پيزار
لڳو.“
مرشد جي اطاعت
جو ٻيو مثال هيٺ ملاحظه
ڪريو:
”منجهه حضوري
هاديءَ
جي طالب،
ٻانهون
ٻڌي وهندين.
جئن چوائي
مرشد چوندين، ڪلمو ڪفري ڪَهندين،
گُر ۽ گوبند صورت
ساڳي،
راهه
انهيءَ
۾ رهندين،
رنگ ريٽي بيرنگ ٿي ”سچا“،
ٺاهه
انهيءَ
۾ ٺهندين.“
ان بعد مرشد، مريد جو حامي
۽ همراهه
ٿئي ٿو. سچل سائين ٿو فرمائي:
”اکيان
وچ سڀو ڪجهه آها،
متان ٿيوين گمراهه،
”سچو“ تينڪون رمز ڏيکالي،
هادي
عبدالحق
ٿيا
همراهه.“
ساڳي تنوار
سچي سائينءَ
جي سڄي ڪلام
۾ تنواريل آهي. فارسي
واري
ڪلام
۾ ته غزلن جا
غزل مرشد جي ثنا
۾ مسلسل چئي ويو آهي. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
پير ما
پير هست عبدالحق،
در دلِ مانشست عبدالحق،
عمر بگذشت در ضلالت
ليڪ، رشتهء ڪفر گست عبدالحق،
طرف ديگر خيال
دل نفتاد، دست ما
شد بدست عبدالحق،
”آشڪار“
و نهان
دل و جان
را،
ڪرد پرجوش و مست عبدالحق.
ٻئي هنڌ مرشد جي توصيف ۽ مريدن جي اشغال
جون سڀ حالتون
ظاهري
طور بيان ڪيون اٿس.
ڪجهه سٽون سڻو:
دوستي پير ما
بمستندي، يڪ دم از
مرد مان
نرستندي،
ني نمودند روبه بي دردان،
طالبان
را
بسي بجستندي،
به مردان
ملسش همه روز، اولين
پاس
شب بخفتندي،
هر ڪه پر درد عشق مي آمد، خوش بود دلپسند هستندي،
”آشڪارا“
ڪه چون سرود دشدي، اندرون
گريه زار
گشتندي.
سچل سائين
جي سرمستيءَ جا
سرچشما:
ظاهري
طرح
سچل سائينءَ
جو مرشد ته سندس چاچو
سائين
هو. مٿانئس
الاهي
عنايات
جي به باطني
پالوٽ
ٿي هئي. ان اڻسڌي
اويسي
طريقي وسيلي سندس سرمستيءَ جا
سرچشما_ منصور
حلاج،
حضرت
فريد الدين عطار
نيشاپوري،
حضرت
خواجه شمس تبريز ۽ شمس الدين
حافظ
شيرازي _ هئا.
جيئن ته قلندر لال
شهباز سيوهاڻي
به وجودي جلالي
مڪتبِ فڪر سان تعلق رکي ٿو ۽ سچل سائينءَ
جو مقتدم هو ته ان
جو به ”مست و مست“ اثر
هن سرمست تي ضرور پيو هوندو. ان
لاءِ
اڃا
مون کي ڪا
به اندروني
خواهه
بيروني شاهدي
نه ملي آهي، حالانڪه
سندس ٻالڪي
نانڪ
يوسف به هڪ ڪافيءَ ۾ لال
شهباز
کي ساراهيو
آهي. سندس ٻيو نوازيل
بيدل سائين
سرمستي رنگ سان
گڏ قلندري رنگ سان پڻ ريٽو ٿي لال
ٿيو هو. موسوي صاحب
جي تاليف ”ديوان
بيدل“ ۾ اهو
اشارو
آيل آهي ته خود قلندر لال
شهباز
جي ارشاد
تي، بيدل سائين سيوهڻ مان
ڪَهي درازين
آيو هو. عطار
سائين
بابت
سندس فيض جي ونڊ ورڇ
جي تعريف ڪئي اٿس.
چند مثال پيش خدمت رکجن ٿا:
درد درون سينه يا
بم بوي يار، شد معطر جانِ
من از
شه عطار.
..... ..... ..... ..... ..... .....
يارما
باشد
ڪه نيشا
پور هست، مست گشتم بو ز عطار آمده.
..... ..... ..... ..... ..... .....
اي
صبا
مارا
حقيقت
شهر نيشاپور بڪن، مي ڪنم قربان
بزان
خاڪ
زمين اين جان
وتن.
عرض ڪن از
حالت
بيچاره عاشق
در حضور،
ڪز خم مي خانه
مي درجام خالي
در فگن.
..... ..... ..... ..... ..... .....
بين ڪوچه و بازار
نيشا
پور پُر از
درد، مشهور همان
جا
شد عطار بود مرد.
عطار چنان
گفت بخور جام
مئي عشق، پنهان
و آشڪار، شب و روز، صفا
درد.
خواجه
شمس تبريزيءَ لاءِ
”ديوان
آشڪارا“
۾ چوي ٿو:
خاڪِ
پا
سلطان
تبريزي شوي يڪبار
گر،
تاشود
آگه ترا
علم حقيقت
سربسر،
از
ڪلامش
بوي مستي مي رسد اندر
دلم،
خيال
موجا
موج ڪرده همچور دريا
بيشتر.
مست و مدهوشم ز شوقش ”آشڪارا“
و نهان،
پس چه تدبير اي
مسلمانان
ڪه گشتم بي خبر.
جيئن ته حافظ
شيرايءَ به پنهنجي شعر ۽ فلسفي ۾ منصوري
وڻج وهايو
آهي، تيئن ان جو ڪلام
مست مدام
به سندس سرمستيءَ جو سرچشمو ٿي سگهي ٿو. حافظ
شيرازيءَ
۽ حافظ
درازيءَ جي ڪلام
۾ گهڻيون حقيقتون
مماثلت
رکن ٿيون. هيٺيون هڪ مثال
ڪافي
ٿيندو:
حافظ
شيرازي:
ميان
عاشق
و معشوق فرق بيسار ست،
چو يار
ناز
نماديد شما
نياز
ڪنيد.
حافظ
درازي:
غور غرور غماز،
عادت
البيلن
جي،
نوڙت نينهن نياز،
آهي عشاقن ۾.
..... ..... ..... ..... ..... ..... .....
آهي عشاقن
۾، نوڙت نينهن نياز،
نخوت نخرو ناز،
عادت
البيلن
جي.
منصور
ته سرمستي جان
جو روح
هو. هر ڪنهن هنڌ سندس هر قسم جي ڪلام
۾ هن منصوري
مام
جو پرو معلوم ٿو ٿئي. ان ڪري سندس ڪلام
مان
مستيءَ، رنديءَ ۽ بيباڪيءَ
جا
جلوا
پيا
جهرڪن. شمس العلماءَ
مرحوم
ڊاڪٽر
دائود
پوٽو، ”سنڌي نظم“ ۾ لکي ٿو ”سچل سائينءَ
جو ڪلام
عين بيباڪيءَ
جو آئينو آهي، منجهائنس
رندي ۽ مستي پيئي بکي. ائين
پيو ڀانئجي ته گويا
وجد ۾ اچي،
نچندي شعر چيو اٿس،
يا
ذوق مان
پڙهندڙن جي دل تي به اهڙي
ئي ڪيفيت طاري
ٿئي ٿي.“ هن منصوري
مستيءَ جا
چند مثال
حظ
خاطر
پيش خدمت آهن.
”اصل
کون منصور
جوانهيءَ
ڪاٽيو
ڪنڌ ڪٽاري،
نشي منجهه نواز
ٿي گهوريون هِي سر گهوري.“
..... ..... ..... ..... ..... .....
”سولي اوپر
منصور
هي، منظور هي، مشهور هي،
مي پي ڪي او
مخمور هي، اس
ڪا
عجب مذڪور هي.“
..... ..... ..... ..... .....
”آن راز
نهان
از
لب منصور عيان
شد، بردند بسر دار،
اين
نعره شنيديم ڪه عالم
بگمان شد، ليڪن بُوئي خود يار.“
..... ..... ..... ..... .....
”ڪز خويش پرستي بزن نعره انا
الحق،
زنار
گشتي بزن نعره انا
الحق،
”آشڪارا“
ونهان
يار
بود در دل و جان ت، او
مست تو مستي بزن نعره انا
الحق.“
ازان
سواءِ،
مذڪور ڌڻي ڌوئلن کان
علاوه
سچل سائينءَ
جي تصانيف ۾ هيٺين صوفي
بزرگن جو به ذڪر خير آيو آهي: (1 ) حضرت
بايزيد
بسطامي
رحه،
(2 ) حضرت ابراهيم
ادهم
رحه،
(3 ) بلخي رحه، (4 ) شيخ صعنان،
(5 ) حضرت
نعمت الله·
جام
احمد
جام
رحه،
(6 ) شبلي رحه، (7 ) سرمد شهيد رحه
(8 ) شرف الدين
شاهه
بوعلي قلندر حه، (9 ) حضرت
نجم الدين
ڪبريٰ رحه،
(0 1 ) حضر عبدالله·
هروي رحه،
(1 1 ) حضرت عبدالقادر
خراساني
رحه،
(2 1 ) خواجه ابوالعباس
رحه،
(3 1 ) شيخ هيڪل رحه،
شاگرد
حلاج،
(4 1 ) شاهه عنايت
صوفي
رحه،
جهوڪ وارو، (5 1 ) شاهه
ڪرمل رحه،
(6 1 ) فقير ڪپاهي
رحه،
(7 1 ) قاسم رحه،
(8 1 ) موسيٰ رحه،
(9 1 ) مولانا
جامي
رحه،
ان
مان
ظاهر آهي ته انهن سڀني بزرگن جي بات
جو اثر
حضرت
سرمست تي پيو هوندو.
فنا
في الرسول.
”فنا
في الشيخ“
کانپوءِ،
سالڪ
کي ”فنا
في الرسول“
جي منزل طي ڪرڻي آهي. ان
۾ به سچل سائين سنمک رهيو آهي: جيئن فرمائي
ٿو:
مشتاق
لقاء مصطفائيم،
او
هست خدا
خود گواهيم.
..... ..... ..... .....
اي
بجز دروازه
احمد
راهه
نيست، گرنمي داني
دست آگاهه نيست.
..... ..... ..... .....
اي
دلا
دربار
گاهه،
مصطفيٰ
هوشيار باش،
گر تو عاشق
صادقي
از
غير او بيزار
باش.
فنا
في الله:
منصوري مام
پر جهي حق
سان
هڪ ٿيڻ فنا
في الله
جي آخرين منزل آهي، ان
لاءِ
چند مثال ڪافي
ٿيندا:
يار
راهر
ڪجا
همي بينم، زين سبب نزد خلق بيدينم،
قدم پيش و پس نمي دانم،
مستقيمم براه
تمڪينم،
..... ..... ..... .....
ڪن فنا
جسم در رهِ توحيد،
خيال
مائو
مني خودت بگذار.
..... ..... ..... .....
وحدت
و ڪثرت يڪي دانند سرداران،
عشق،
قائم
اندر
وحدت
و سيار اندر
ڪثرت اله.
شاعري:
پاڻ
هفت زبان شاعر
ٿي گذريا
آهن. منصوري
مام،
سنڌي، سرائيڪي، ملتاني،
پنجابي،
هندي، اردو
۽ فارسيءَ ۾ بيان
ڪئي اٿن.
هن فنِ شاعري
۾ پاڻ سنڌي شعرا
۾ يڪتا
آهن. مرحوم
خانبهادر
محمد
صديق
ميمڻ سچ چيو آهي ته: ”جنهن زماني
کان
وٺي سنڌ جي شاعرن
جا
ڪلام
ظاهر
ٿي چڪا
آهن، تنهن زماني
کان
وٺي اڄ
تائين
ٻئي ڪنهن به شاعر پارسي،
اردو،
پنجابي،
سرائيڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ايترو
گهڻو ۽ اهڙي
طرز جو شعر ڪونه چيو آهي جيترو سچل فقير چيو آهي
-- “ مگر سندس شعر ڇا
هو؟ محبتي
متل مهراڻ وانگر
پرجوش ۽ الله·
لوڪ وانگر
الاهي
محبت
۾ مدهوش. اهي سرمستي رنگ سندس ڪلام
۾ آهي.
”جنهن دل پُر ڪر پيتا
جام،
سا
دل مستو مست مدام!“
وفات:
سندس وفات14 رمضان
1242هجري،
بمطابق
1826
ع ۾ ٿي. بس فقراءُ
۾ ماتام
هو. پاڻ فقيرن جي امانت،
نانڪ
يوسف کي سونپي ويا.
سندس دربار
جا
مکيه رتن هيٺيان چيا
وڃن
ٿا.
”دولهه درازيءَ“ مان
لسٽ ڏجي ٿي:
(1) فقير نانڪ
يوسف، ساڪن اڳڙا،
رياست
خيرپور (2) فقير محمد
يعقوب رياست
خيرپور، (3) فقير محمد
صالح
قادري،
لاڙڪاڻو،
(4) فقير سيد خير شاهه
رتو ديرو، (5) جانو
فقير، پڃارو، شڪارپور
(6) فقير غلام
حيدر
شر، خيرپور، (7) فقير محمد
صالح
ويٺل دونهو، لڳ روهڙي، (8) فقير محمد صديق،
ويٺل ڳوٺ فيتي، لاڙڪاڻو،
(9) فقير سيد دين شاهه،
(10) فقير سيد پير شاهه،
(11) فقير سيد حيدر
شاهه،
(12) فقير حاجي
عثمان چاڪي
(13) فقير شير علي، (14) فقير گهرام
جتوئي، (15) فقير سيد حسن
شاهه،
(16) فقير شير خان
ڀنڀرو، (17) فقير سر مير علي مراد
خان
ٽالپر،
والي
خيرپور ۽ (18) بيدل فقير. سندس شان
۾ بيدل جو مدحيه
ڪلام مشهور آهي، ڪجهه ٻڌو:
”عشق جو يارو
درازن
۾ عجب اسرار
هو.
مست سالڪ
مه ”سچو“، عارف اتي
اظهار
هو.
برهه جي برسات
جو، تنهن وير تي وسڪار
هو.
مرد سو منصور
وانگر،
عشق جو اوتار
هو،
منجهه سخن تنهن جي، الوهيت
سندو آثار هو.
جنگ جذبي جوش مستي ۾ مثل عطار هو،
در تنهين داتا
جي ”بيدل“، پرت جو پينار
هو!“
مسعود حسن
شهاب، پنهنجي تازه
ترين تصنيف
”خواجه
غلام فريد“ ۾ لکيو آهي ته: شاهه
ڀٽائيءَ
کان
علاوه سنڌ جي سچل سرمست جو رنگ پڻ خواجه
صاحب
ضرور قبول ڪيو هوندو، ڇو
ته ”منصوري
روش“ جي تبليغ ۾ هو صاحب
خواجه صاحب
جو پيشرو هو.
روضو: سندن روضو مبارڪ،
پهريائين، مير رستم خان
جوڙايو.
جنهن جي مرمت، ڇهين
نمبر سجاده
نشين سخي قبول محمد
سائين
ڪرائي، ۽ ان
جو اهتمام
سندس خاص
خليفي سردار
بهادر
شيخ محمد بخش ”ڪوجهي فقير“ ڪيو ۽ چئن ئي ڪُنڊن تي چانديءَ
جون نيلون لڳايون.
سندس روضي مبارڪ
۾ سچل سائينءَ کان
علاوه،
جن جون تربتون آهن، انهن
مان
مکيه اصحاب هي آهن: سائين
صاحبڏنو
شاهه،
خواجه عبدالحق
صاحب،
حضرت
سخي قبول محمد اول،
خواجه
نجم الدين
- سجاده نشين نمبر 5 ، سخي قبول محمد
دوم -سجاده
نشين نمبر 6 ، سائين صاحبڏنو
دوم - سجاده
نشين نمبر 7 .
سندس ڪلام
جي اشاعت:
افسوس
۽ ارمان
جو عالم
آهي، جو ڌڻي تعاليٰ
وٽان اسان
کي منصور
آخر زمان، عطارِ
سنڌ، حافظ
درازي
عطا
ٿيو: پر اسان
بيقدريءَ جي عالم
۾ ايترو
ته مستغرق آهيون، جو سندس درست رسالو
يا
ڪليات،
منظر عام تي آڻي نه سگهيا
آهيون. هي هاڻي،
سنڌي ادبي بورڊ (1) ۽ سچل سرمست ڪو آپريٽو اڪيڊميءَ
لميٽيڊ جو فرض آهي ته هن الهامي
شاعر
جو ڪلام
فرحت انجام
ڪٺو ڪري، ڪليات
جي صورت
۾، شايع ڪن. وڏي ۾ وڏي اها
آساني
آهي ته سندس، فارسي،
ديوان،
فارسي
مثنويات، سنڌي يا
سرائيڪي
ڪلام
اسان
وٽ موجود آهي. رڳو ان
کي سهڻي ۽ دلڪش پيرايي
۾ شايع
ڪري، عوام آڏو آندو وڃي.
جن پرين پنهونءَ جو پير کنيو، تن کي سچي سائينءَ
جي الفاظن
۾ يقين آهي ته:
”گولين گڏ گڏيان،
پاڻ
پنهنجو ڪيچ ۾،
پلئه
تا
نه ڇڏيان،
ههڙي هوتياڻين جو.“
*-----------*--------*
|