مير حاجي محمد
بخش خان
ٽالپر
ننگر پارڪر
جا
آثار
قديم
ننگر پارڪر،
پنهنجي لامحدود
۽ قديم روايتن
جي حيثيت سان
قديم تهذيب ۽ تمدن جو هڪ اهڙو
مرڪز آهي. جنهن کي مطالع
ڪرڻ ضروري آهي. افسوس
اهو
آهي ته سرزمين سنڌ جي هن قديم مرڪز ڏانهن،
عالمن
۽ محققن توڙي آثار
قديمه جي ڄاڻن
۽ شوقينن ڪو خاص
توجهه نه ڏنو آهي.
اصل
حقيقت
اها
آهي، ته ننگر پارڪر جي پوري خطي جي آثار
۽ جاگرافيءَ
کي سمجهڻ لاءِ، ڪو ڄاڻو
ماڻهو
اتي
وڃي
رهي، مختلف موسمن ۾ پيدا
ٿيندڙ ردوبدل کي جاچي.
ان
جي ٿر ۽ بر کي جهاڳي، ۽ ان
جي ڪُنڊ ڪُنڊ کي ڏسي.
اها
به هڪ تاريخي
حقيقت
آهي ته جڏهن ”ٿر“ انساني
بستين جي ڪري، ايترو
آباد نه هو، تنهن وقت ۾ ”پارڪر“
نهايت
شاداب،
سرسبز، آباد ۽ وسندڙ هو: منجهس صنعت
۽ حرفت
جو چرچو هو، سهڻا
۽ شاهوڪار
بندر هئا، قافلن
جي اچ
وڃ
هئي، واپارين
جي ڏي __ وٺ هئي، شاهوڪاري
۽ سرمائيڪاري
هئي، ۽ ماڻهو سکيا
ستايا
۽ ميامتارا
هئا.
مگر زماني جي دستبرد کان
اڄ
اهي
ماڳ
۽ مڪان، بندر ۽ نشان،
سڀ مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪا
آهن. انهن
جي تاريخي
کوجنا
لاءِ،
ڪنهن ٻئي دفعي بحث
ڪنداسون.
هن وقت سردست، مختصر
طرح
سان
ٻن قسمن جي آثارن
تي لکڻ جو مقصد آهي: هڪ آهن، اهي
آثار
جي اڃا
سلامت
آهن، ۽ ٻيا
اهي
آهن جي ”توده خاڪ“
بنجي چڪا
آهن.
جيڪي سلامت
آهن، تن ۾ شهر ننگرپارڪر
کان
پنجن__ ڇهن
ميلن تي، اتر طرف ڏي، ”ڀوڏيسر جي مسجد“ آهي، جا
1436
ع جي ٺهرايل
آهي، جنهن تي ٻه ڪتبا
لڳل آهن __ هڪ آهي عربيءَ ۾ ۽ ٻيو آهي پارسيءَ
۾. اها
مسجد گجرات
جي بيگڙه خاندان
جي بادشاهن
تعمير ڪرائي هئي. اميد
ته ان
جو تفصيلوار
بيان به ڪنهن ٻئي ڀيري ڪنداسون.
اڄڪلهه
اها
مسجد نالي
ماتر
آثار قديمه جي محڪمي
جي حوالي
آهي.
ان
طرح
تقريباً
ساڳئي
زماني جا
ٽي مندر به موجود آهي، جي جين ڌرم وارن
جا
آهن، ۽ مسجد جي ڀرسان آهن. اهي
به اڃا
تائين
سلامت آهن. انهن
مان
رڳو هڪ مندر، آثار
قديمه وارن جي سنڀال
هيٺ آهي، باقي
ٻه مندر ويران
آهن. ضرورت اها
آهي ته انهن
جي به سنڀال
ڪئي وڃي، جيئن تاريخ،
تعمير ۽ مصوريءَ
جا
اهي
لاثاني
مرقع، ائين برباد
ٿي نه وڃن.
مسجد جي پويان
هڪ تلاءُ آهي، جنهن تي به پٿر جو ڪتبو لڳل آهي. پٿر تي ڪي مورتون
به اُڪريل آهن، ۽ ڪي اکر
پڻ نظر اچن
ٿا.
انهن
جي عمر به چئن صدين
کان
زياده
آهي.
خود ننگرپارڪر
جو شهر، جين ڌرم وارن،
اڄ
کان
ٽي صديون
کن اڳ ٻَڌايو
هو. اهو
مندر اڃا
تائين،
”جين ڌرم“ وارن جي سنڀال
هيٺ آهي. ان
طرح،
ان
دور جي پراڻن حاڪمن،
”راڻن“
جا
تهخانا
شهر جي اولهه طرف، پهاڙ
جي دامن
۾ آهن، جن لاءِ
چيو وڃي ٿو ته ٺَڪرن جي بغاوت
(1860ع)
تي، ڪئپٽن تروٽ ڊهرائي
ڇڏيا
هئا.
ان
طرح،
جبل ۾ اندر، ”چندن گڍ“ نالي
قلعو به هو، جو پنهنجي فني ۽ تعميري حيثيت سان
نهايت
شاندار
هو. اهو قعلو، چندنسنگ پرمار،
تقريباً
هڪ هزار سال
کن اڳ
جوڙايو
هو، اهو به ٺَڪرن جي بلوي ڪري، ڪئپٽن تروٽ، ڊائناميٽ
ڪرايو هو.
ڪارونجهر
جبل، جو شهر جي ڀرسان
آهي، ان ۾ شهر کان
ٻه ميل کن پرڀرو، هڪ ”سارڌري“
وٽ، ”شِوَ ۽ پارپتيءَ“ جو مندر آهي. اهو
مندر هندن جو زيارتگاهه
هو. ايامن
کان
وٺي، هندو اتي
ميلا
لڳائيندا
هئا.
ان
مندر ۾ ”پارپتيءَ“ جي هڪ مورتي، موجود هوندي هئي. اها
مورتي، سنگتراشيءَ ۽ بت تراشيءَ
جي فن ۾ هڪ شاهڪار
چئي وڃي ٿي. افسوس
جو اها
”مورتي“ لڏپلاڻ
جي دور ۾، هندو پاڻ سان
کڻي ويا
آهن.
ان
مندر جي ڀرسان
هڪ تلاءُ پڻ آهي، جنهن ۾ ساڙيل
مُردن جا
هڏا
ٺاريندا
آهن. مندر کان اڌ
ميل جي اوچائيءَ
تي ”ڀَيم ڪُن“ نالي
هڪ قدرتي عجوبو آهي، جنهن ۾ هميشه هڪ ننڍڙي کڏ جي
شڪل جيتري هنڌ تي عميق پاڻي
موجود آهي. اتي
هڪ غار ۾ اهڙو
پٿر موجود آهي، جنهن جي ڇت
۾ ڳئونءَ جي تصوير لڳل آهي. ان
جي ٿڻن مان
هميشه ڦڙو ڦڙو ٿي، پاڻي
ٽمندو رهي ٿو.
ننگرپارڪر
کان
اٺَن
ميلن جي مفاصلي تي، ”ڪاسبو“
نالي
هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کان
ٽي __ چار
ميل سنڌوڙيءَ جي ڪسٽم ٿاڻي
طرف، جهنگ ۾ ٺَڪرن جي مرڻ وارين
جاين
جا
نشان
آهن. اتي گهوڙيسوار
هٿياربندن
جون ڪجهه مورتون آهن. انهن
لاءِ
عام
روايت اها
آهي ته اهي
جَتَن ڌاڙيلن سان
وڙهندي مارجي
ويا
هئا.
اهي
جَت ڌاڙيل گجرات
مان
ڦُر ڪرڻ لاءِ
آيا
هئا.
پارڪر
جي اٽڪل
6 سئو چورس ميلن جي ايراضيءَ
۾ ٽَڪريون پکڙيل آهن. انهن
ٽڪرين ۾ هندن جون عبادتگاهون
۽ تڪيا
موجود آهن. ان
سلسلي ۾، هر هڪ ٽڪريءَ کي پنهنجي پنهنجي تاريخ آهي.
هڪ دفعي منهنجو ٽريڪٽر، رڻ جي ڪنري تي، ڪَلَر ۾ کپي پيو. ڀرسان
ٽي __ چار
فوٽ اوچي
۽ سئو کن فوٽ پکيڙ ۾ پٿرائين
زمين هئي، جنهن لاءِ
ٻڌايو ويو ته اها
”ريمي“ جي ٽَڪري نالي
سان
مشهور آهي. ان هنڌ تي چون ٿا
ته هڪ ”ريمي“ نالي
ڌاڙيل
ڪولهيءَ جي گهوڙي، ڀاڳين
ماري
وڌي هئي، ان
کانپوءِ
مٿس اهو نالو
بڻجي ويو.
ان
طرح،
”سورا
چند“ ڳوٺ جي ڀرسان
به ڪي تلاءَ
آهن. جن لاءِ ڪئپٽن ريڪس، پنهنجي ڪتاب
”ميمائرس
اِن
ٿر ائنڊ پارڪر“
۾ لکي ٿو ته اهي
عيسوي چوڏهين يا
پنڌرهين جا
ٺهرايل
آهن.
ننگر پارڪر
جي ٿر واري ڀاڱي
۾، ”ويرا
واهه
“ ڳوٺ ۾، ٺَڪرن جون ”ڏهريون“ ساڙڻ
وارين
جاين
تي، ننڍيون قبيون ۽ ڇَٽيون
آهن، جي عام
ماڻهن
جي دستبرد کان نه بچي سگهيون. اڄ
انهن
جا
ڪي نشان وڃي
بچيا
آهن.
ويرا
واهه
ڳوٺ جي ڀرسان، ”سانگاهه“
نالي،
6 چورس ميل هڪ ڍنڍ آهي، جنهن جي هڪ طرف تي، جين
ڌرم وارن جو پٿرائون
ڊٺل مندر آهي، جنهن جون ڪيتريون نشانيون اڃا
موجود آهن، ۽ ڪي بُتَ به سلامت
آهن. انهن کي ”جکن پيرن جا
ڏهرا“
ڪري ڪوٺيندا
آهن. هندن جي لڏپلاڻ
کانپوءِ،
ڪا
به وَسندي نه رهي آهي. اڄ
اهو
مندر به برباد
ٿي چڪو آهي. اندازو
آهي ته اهو
مندر، سترهين صدي
عيسويءَ جو ٺهرايل
آهي. ان
مندر جي ڀرسان،
هڪ مناري تي ٿَلهو ٺهيل آهي، جتي جين ڌرم وارا
پاريهلن
کي داڻو ڏيندا
آهن.
پاري ننگر:
ويرا
واهه
جي ڀرسان، موئن جي دڙي وانگر،
هڪ ڦٽل شهر جا
نشان
آهن، جي ڏيڍ ميل ڊگها
۽ اڌ
ميل ويڪرا
ٿيندا.
جتي اڃا
تائين،
پراڻن
مندرن ۽ جاين
جون پيڙهيون موجود آهن. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق
آهي ته هي شهر، 2 1 5 سال
قبل مسيح
ٻَڌايو
ويو هو، جنهن ۾ هڪ لک گهر هئا.
اهو
شهر،
1200
ع ڌاري،
مسلمان حاڪمن
سان
مقابلن
۽ لڙاين جي ڪري ناس
ٿي ويو.
هن شهر جي ڀرسان
سمنڊ هو، حقيقت اها
آهي ته هن شهر جو زوال،
ان
دور ۾ شروع ٿيو، جڏهن سمنڊ هٽڻ شروع ڪيو ۽ رڻ بنايو.
”پاري
ننگر“ کان،
ٽن يا
چئن ميلن جي پنڌ تي، ”ڏوتڙ“ (ڏو يا
دو معنيٰ ٻه، ۽ تڙ معنيٰ بندر يا
پڳهه هڻڻ جو هنڌ“ نالي هڪ وسندڙ بندر هو. ان
بندر لاءَ
وڏڙن جا
وڏا
ڳالهيون
ڪندا
هئا
ته هن بندر تي، جهازن
کي جهلڻ لاءِ
وڏا
لوها
زنجير ۽ ڪڙا
پيل هوندا
هئا.
پنڊت نهرو، پنهنجي جڳ مشهور تاريخ
۾ لکي ٿو ته:
”پنجين ۽ ڇهين
صدي
عيسويءَ ۾، گجرات
جي لڳ ڀڳ، ڪن ڪنارن
وارن
بندرن کي سمنڊ ڇڏي
ويو، جنهن ڪري ڪيترا
هندو واپاري،
واپار
جي سانگي
لڏي، جاوا
۽ بالي
ٻيٽن ۾ وڃي
آباد ٿيا.“
(جي هن وقت انڊونيشيا
۾ آهن).
چون ٿا
ته گانڌيءَ
جا
اصل
ابا
ڏاڏا
به ان
بندر جا
رهواسي
هئا.
افسوس
اهو
آهي ته اڄ تائين،
ههڙي تاريخي
شهر جي کوٽائي
ڏانهن
ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي. ايترو
ٿيو آهي جو ان
شهر مان سنگمرمر جون ڪي چيزون، مسٽر گائيلر
ڊپٽي ڪمشنر، ڪراچيءَ
جي عجائبخاني
۾ رکايون
هيون.
ان
طرح،
مسٽر ڪزنس، پنهنجي ڪتاب
”ائنٽي
ڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ پڻ هن ڦٽل شهر جو ذڪر ڪيو آهي. اها
به روايت
آهي ته هن شهر جا
ڪيترائي
عجائبات،
بمبئيءَ جي ميوزيم ۾ موجود آهن. هن شهر ۾ اڄ
به خبث الحديد
جا
ڍير لڳا
پيا
آهن، جنهن کي ”ڪٽوهڙ“ ٿا
چون. ان
مان
واضح
ٿو ٿئي ته اتي، ايامن
کان،
ڪي لوهه جا
وڏا
ڪارخانا
هئا.
ان
کان
سواءِ، ڪي بُتَ به اڃا
سلامت
موجود آهن. ضرورت آهي ته آثار
قديمه وارا،
هنن ناياب
تاريخي
آثارن کي نه فقط سنڀالين،
پر انهن
جي ڇنڊ ڇاڻ
ڪري تحقيق
ڪن، تهذيبي جائزو
وٺن. ٻيو ته سنڌ جي تهذيبي ورثي ۾ اهي
آثار
به شمار ڪري سگهجن ٿا.
مارئيءَ جو ملڪ:
سنڌ جي مشهور سَتيءَ مارئيءَ
جو ملڪ، ”ملير“ به هن جُوءِ ۾ آهي. اهو
ننگرپارڪر
کان
اٽڪل
ٻاويهه
ميل ڏکڻ طرف ٿيندو، اتي،
”ڀالوا“
نالي
ٻه ڳوٺ اڄ به موجود آهن. هڪ ڳوٺ ۾ ”ڀيل“ ٿا
رهن ۽ ٻئي ڳوٺ ۾ ”خاصخيلي
سرائي“ رهن ٿا،
ليڪن مارئيءَ
جو اصل
ڳوٺ هينئر ويران آهي. ڪجهه سال
اڳ
منهنجي ڪوششن سان،
ان
کوهه جي ٻيهر مرمت ڪرائي
ويئي هئي، جنهن تي مارئيءَ
جي اها
”ڪونڊي“ پيل هئي، جنهن ۾ مارئي
اتي
اچي
”ڇيلڙن“
کي پاڻي پياريندي
هئي. اهو
خطو به آهي ته ٿر ۽ بر، پر ماڻهو چون ٿا
ته اڳ
اهو
نهايت سرسبز ۽ آباد
هو. ان
ڪري ماڻهو
کيس سڏيندا
ئي هئا،
ملير!
مارئيءَ
جو مذهب ۽ قوميت متعلق اڄ تائين
اختلاف
آهن ته اصل ۾ ڪير هئي. پر اها
به هڪ حقيقت
آهي ته مارئي مسلمان
هئي. ايتريقدر
جو هن تر ۾ مشهور آهي ته مارئيءَ جي قبر، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان
شهيدن جي قبرستان
۾ آهي.*
گوڙيءَ جو مندر:
”جين ڌرم“ جي دور جي فن ۽ تعميري عظمت جو نادر
مرقع آهي، ”گوڙيءَ جو مندر“ جو ”ڀالوا“
کان
ٻه ميل پري موجود آهي. جنهن کي
1860
ع ۾ ٺَڪرن جي بلوي ڪري، بارود
سان
ڊهرايو ويو هو. هن وقت نالي
ماتر،
آثار قديمه وارن
جي حوالي
آهي، پر افسوس
جو ان جي سنڀال
چڱي طرح
نٿي ڪئي وڃي.
مندر جي لڳ هڪ ”غفا“
پڻ آهي، جنهن ۾ ”ٻاوا“
۽ ”ڀڪشو“ وڃي عبادت
۽ رياضت
ڪندا
هئا.
هڪ ”ڏيوري“ پڻ ڀرسان
موجود آهي، جنهن کي ”پولن جو آستان“
چوندا
آهن. ان
متعلق روايت
آهي ته ڪو مارواڙ
جو راجا،
ڌاڙيلن
جو پيڇو ڪندي هت مارجي
ويو هو. ان
جي ڀرسان،
هڪ ”باولي“ (چاڙهين
سان
کوهه) آهي، اهو
به ڊهي چڪو آهي. برادرم
مير احمد
خان
ٽالپر،
جڏهن لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ هو، تڏهن ان
کي ڪجهه کوٽايو
ويو هو، پر افسوس جو ڪم اڌ
۾ رهجي ويو آهي. اتي
هڪ ٻيو ”ٺل“ به آهي، جنهن لاءِ
انومان
آهي ته ان تي پکين کي جوڳو وجهندا
هئا.
عام
قديم آثار:
قديم آثار
جي سلسلي ۾ ٻيو ڪو به اهڙو
ذڪر ڪرڻ جهڙو نشان
ڪونه موجود آهي. ائين
آهي ته جيڪڏهن سندرو ٻڌي ڪو مرد ڪاهي
پوي ته پوءِ گهڻو ڪجهه مواد
ملي سگهي ٿو. مثال
طور، ”رتنياريءَ“ جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هينئر رند بلوچ ۽ خاصخيلي
رهن ٿا. چون ٿا
ته اتي
”رتن راءِ“
جو ڪوٽ هو، جنهن جي پيڙهه مان
اڄ
به پڪيون سرون لڀن ٿيون. اتي
ٻيا
آهن ”سَتِي ڏيرا“،
جن ۾ هن وقت اوٺا
ذات
جا
مسلمان
رهن ٿا، ۽ اتي
مسافرخانو
پڻ ٺهرايل آهي. چون ٿا
ته اتي
”ستين جو مندر“ تعمير ٿيل هو. اڄڪلهه ان
مندر جي هڪ ديوار
جو ڪجهه ٿورو حصو نشان
طور بيٺو آهي، روايت
آهي ته هت به هڪ پڳ واءِ،
يعني باولي
هئي، جا
لَٽجي چڪي آهي. ”ڪَٻڙي“ جنهن ۾ سلماڻي
کوسا
بلوچ رهن ٿا،
اتي
ڪي ”ڪَٻڙيا“ ذات
جا
جين ڌرم وارا
آباد
هئا. اتي
به هڪ مندر جون پيڙهون لڌيون آهن.
بهرحال،
ننگرپارڪر قديم آثار
جو هڪ مدفون خزانو
آهي، جنهن تي تحقيق
۽ ڇنڊ
ڇاڻ
جي ڏاڍي ضرورت آهي.
هن کان
پوءِ، اسان
ننگر پارڪر
جي تاريخي
حيثيت
۽ قدامت تي بحث
ڪنداسون.
انشاءَ
الله· تعالي!
*------------*----------*
علي محمد سيال
سماٽ
قوم جو اصل نسل
سرزمين ”سنڌ“ ۾ سنڌي الاصل
قومن کي مجموعي طرح
سان
”سماٽ“
چيو وڃي ٿو. انهن
جي مقابلي
۾ ”بلوچ“ ۽ ٻيون قومون ٻاهران
آيل آهن. هاڻي سوال
ٿو اٿي
ته تاريخي
طرح
سان
”سماٽ“
جو پس منظر ڪهڙو آهي؟ ان
سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين
لفظ ”سماٽ“
جي ڇنڊ
ڇاڻ
ڪري ڏسڻ گهرجي ته ان
جو تعلق لساني
حيثيت
سان
ڪهڙي زبان سان
آهي. ان
جو صاف
طرح
سان
حل
ته اهو
آهي ته هي سنسڪرت لفظ آهي.
(1 ) سم = هڪجهڙو، هڪجيڏو وغيره.
(2 ) سموا
= برابر.
(3 ) سمواتمه
= هڪجهڙو ڀاءُ
ماڻهو.
(4 ) سمويا
سمويه = ساڳئي
ملڪ يا
ساڳئي
راڄ
جو.
(5 ) سموترا
= هڪ ڀائپي
جو راڄ
(جمهوريت)، لوڪ راڄ.
(6 ) سمو (سنڌي) = راڄ
جو ڀاءُ
ماڻهو.
(7 ) سو = پنهنجو پاڻ،
خود پاڻ،
اشارو
سج جي روشنيءَ ڏانهن.
سوم = پاڻ،
نالو
سج جو پوڄا
واسطي
(8 ) سومرت = سج پوڄا.
(9 ) سومريه = سج جو پوڄاري،
گويا
هڪ مذهبي ماڻهو.
(0 1 ) سوم وار
=
سوم جي پوڄا جو ڏينهن _ هاڻي سومر
(1 1 ) سوامي
= سومه جي ٽڪاڻي
جو پوڄاري، سامي،
درويش ۽ بزرگ - هاڻي
سائين.
(2 1 ) سمو = ساڳئي
راڄ
جو عام
ماڻهو،
پر ڌرم ساڳي وارو.
(3 1 ) سومريه = سومرو، ساڳي
راڄ
جو ساڳئي
ڌرم جو ماڻهو، سوريه معنيٰ سج يا
ٻلوان.
(4 1 ) سمواترا
= اهڙي
راجا
جو ملڪ جو پاڻ سج جي پوڄا
ڪري ۽ ڪرائي.
(5 1 ) سماويد
= اهڙي
ملڪ جو ڪوڊ يا
قانون،
جنهن ۾ سڀ هڪجهڙي پوڄا
ڪن ۽ هڪ راجائي
هيٺ هجن.
(6 1 ) ٺٽي جو اصل
نالو
”سوامي گرهه“ يا
”سوامي
ڳڙهه“ هو جو پوءِ ”تتيه ننگر“، يعني ”ٺٽو ننگر“
ٿيو، ڇو
ته چچ ”تتيه“ جو پوڄاري
هو. ان لفظ ”تتيه“ مان
ٺَڪُر“ ٺهيو، معنيٰ ”درياهه
جو پوڄاري. تتر جي معنيٰ، جو تاتي
۽ پالي.
”سوريم ۽ دريم“ ٻه مذهبي خيال
پيدا
ٿيا.
هڪڙا
چون ته ”سورج“ خدا
آهي ۽ ٻيا
چون ته ”درياهه“ ڌرم آهي، يعني دريه جو تاتيندڙ
۽ پاليندڙ
آهي.
قرآن شريف فيصلو
ڪيو ته ڪل شيءِ حيءَ من الماءَ:
”سڀ شيون پاڻي
کان
جيئريون رهن ٿيون.“ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جتي پاڻي
تتي پاڻ.“
يعني سج جي گرمي به هڪ وسيلو آهي ۽ پاڻي
به هڪ وسيلو. قرآن شريف جي ارشاد
موجب ٻئي سبب الله· تعاليٰ انسان
لاءِ
پيدا
ڪيا
آهن، تنهن ڪري اهي
ٻئي سبب ”پاڻي“ توڙي ”گرمي“ ڪي پوڄا
جا
لائق
نه آهن.
(7 1 ) راءِ
گهراڻي
وارا
”سوام“
جا
پوڄاري
هئا
۽ سندن گاديءَ
جو هنڌ هو ”آليدور“، جو ڦري ”اليور“
۽ ”الور“ ٿيو، جو سنڌ جي گادي
مشهور آهي.
(8 1 ) ”سموترا“
جو ڀاڱو
اهو
آهي جو افغانستان
سميت، ڪشمير سميت، هاڻوڪي
الور
رياست کان
جا
ليڪ ڇڪجي
سا
کنڀات
جي نار
کان
ڦري ڪڇ، ڪاٺياواڙ،
گجرات،
سنڌ بلوچستان تائين
اچي.
گويا
سڀ ملڪ ”سموترا“ ۾ اچي
وڃن
ٿا.
(9 1 ) لفظ تيرا،
راشترا
۽ سترا، ڦيرا
کائي
هر حالت
۾ معنيٰ ڏيکاري ٿو جاءِ
رهائش،
پرڳڻو، ملڪ - پر شرط اهو
آهي ته راڄ هڪڙو هجي ۽ ان
۾ ڌرم به هڪڙو هجي.
(0 2 ) آليه ور = ”آريه وارهه“
يعني آرين جو شهر.
(1 2 ) ”سمواترا“
۾ سڀ قومون اچي وڃن
ٿيون، يعني ٻروچ به.
(2 2 ) ”بلشترا“
۾ سمورو بلوچستان
اچي
ويو. بلش معنيٰ ٻَل وارو،
جو ڦري بلچ، بلوچ ۽ ٻروچ ٿيو. مسلمان حڪومت
فارسيءَ
جو ”ستان“
لفظ ڪم آندو، توڙي جو سنسڪرت ۾ ”سٿان“
۽ ”آسٿان“
لفظ موجود آهن.
هونءَ به اصلوڪي
پارسي
سا
ذري گهٽ برابر آهي، اصلوڪي
سنسڪرت جي، جا
آرين جي اصلوڪي ٻولي چئي وڃي
ٿي.
”راجسترا“،
”گنگاترا“
يا
”گنگوترا“،
”مهاراشترا“،
اصلوڪن
آرين جا
پرڳڻا
آهن. بينگل معنيٰ ٻيڪڙ، ”گنگا
۽ برهمپترا“ جي وچ وارو
ملڪ جنهن کي هاڻي
ڪوٺجي ٿو ”بينگال“آسام
معنيٰ ڳنڍيل ڀاڱو
جو به آرين جي اثر
هيٺ رهيو. ”سام“
معنيٰ پرتل يا
حوالي
ڪيل.
(3 2 ) سنسڪرت ۾ ”ند“ چئبو آهي طرف کي، جتان
ٺهيو ”ندان“، معنيٰ - ”هُو طرف يا
جو مَٿو“، ”اند“
معنيٰ ”اندريون پاسو“،
۽ ”سند“ معنيٰ ”سامهون
پاسو“.
سراندي = ”سيراندي“،
پراندي = ”پيراندي“.
آريا
ڪشمير مان
گلگٽ جي رستي کان
آيا. ”گلگٽ جي معنيٰ ”سوڙهو پيچرو“. هُو جوتش وديا
يعنيٰ علم نجوم جا
قائل
هئا.
علم جاگرافيءَ
موجب، اتر ڏي منهن ڪري پوءِ طرف سڃاڻبا
آهن. اهو
ڇو؟
نجومين جي قول موجب اٺيتاليهن
ستارن
مان
فقط پندرهن ستارا
ڏکڻ طرف آهن ۽ ٻيا
سڀ اتر
طرف آهن. تنهنڪري آريه اتر طرف پير ڪندا
هئا
ته سندن منهن گهڻن ستارن
جي سامهون
ٿئي. انهيءَ
حساب
موجب جڏهن هو ”اتر“
کان
آيا
ته ”سڄو“ پاسو ٿين سنڌو درياهه
جو طرف، يعني اولهه
طرف ۽ ”کٻو“ هٿ ٿين اوڀر
طرف. پر علم نجوم موجب ”سڄو پاسو
اوڀر
طرف ٿيو ۽ ”کٻو“ پاسو
اولهه
طرف، ڇو
ته ڌرتيءَ جو ڦيرو به ”سڄي کان
”کٻي“ ڏانهن
آهي. ”نار“
جو ڦيرو به ائين ۽ هرن جو ڏاند
به ”اندريون
۽ ٻاهريون“
چئبو آهي. تنهن ڪري اندرين
پاسي
کي ڪوٺيائون
”اندر“
۽ سامهين پاسي
کي ڪوٺيائون
”سندر“. گنگا
کي ڪوٺيائون ”اندرا“.
اهو
به ياد رهي ته ”اندر“
راجا
به ٿي گذريو آهي. ”اندر
سڀا“ جو مشهور ناٽڪ
به ٿي گذريو آهي. ان
”گنگا“ جي ماٿريءَ
کي ڪوٺيائون
”اندر“
۽ سامهين نديءَ کي ”سند“. ”اندر“
کي سندس ماٿرين
کي نجومي ترڪيب موجب گڏي ڪوٺيائون
”اندس“.
قديم يونانين
تنهن ڪري کين نالو
ڏنو ”انڊو“،
جو ڦري ٿيو ”هندو“. سندس ملڪ کي ڪوٺيائون
”انڊيا“.
تنهن ڪري ”سند“ يعني سامهين
پاسي
واري
ندي ۽ درياهه کي نالو
مليو ”سنڌو“ يا
”سندُو“. ”سنڌوءَ“ جو ٻيو نالو
”مهراڻ“
به هو، پر آرين جي اچڻ
وقت الائجي
ڪٿان
وهندو هو، تنهن ڪري سنڌ ٿيو ”سنڌو“ درياهه
وارو
ملڪ. ائين
به چئي ٿو سگهجي ته ”اندسين“
۽ ”سندين“ درياهه
آهن، ڇا
لاءِ
ته ”سين“ درياهه
کي به چوندا
آهن.
انگريزيءَ
۾ ”انڊس“
معنيٰ ”سنڌو“ درياهه.
پر درحقيقت
آهي ٻنهي درياهن
جي گڏيل ماٿري جي آرين شروع ۾ والاري.
(4 2 ) هاڻي
”سمواتري“
ملڪ جي ماڻهن کي چئجي ”سما“،
جنهن ۾ انيڪ
ٻيون ذاتيون به ساڳئي
ڀائپيءَ
۾ اچي
ويون.
(5 2 ) پر سوال ٿو اٿي
ته اگر
حقيقت
ائين
آهي، ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو
هڪ ”ذات“
جي فرقي پاڻ
کي ”سمو“ ڪوٺايو؟
جواب
آهي ته فرق، ٻن فرقن سبب قائم
رهيو. جي ”سومرا“
ڌرمي بزرگ هئا،
تن کي پنهنجي مذهب جي هٺڌرمي ٿي، پر جي عام
ڀائبيءَ
جي فرقي جا
هئا،
تن پاڻ
کي ”سما“
ڪوٺايو. اهو
به تاريخ
مان ثابت
آهي ته ٻنهي فرقن جي وچ ۾ هميشه لڙايون
لڳنديون رهيون آهن. ڪڏهن ”سما“ فتحياب
پئي ٿيا،
ته ڪڏهن ”سومرا“. اها
لڙائي
هر دور ۾ هلندي ٿي رهي. ظاهر
۾ ان
جي خاتمي
جو ڪو به سبب نظر نٿي آيو، پر جڏهن ٻئي ڌريون
”مسلمان“
ٿيون، تڏهن ”سمن“ جي سردارن پاڻ
کي ”سمو ڪوٺايو“ ۽ ”سومرن“ جي سردارن
پاڻ
کي ”سومرو“ چوايو. ان
طرح
سان
ذاتي
لفظ مٽجي ”قومي“ معنيٰ ۾ استعمال
ٿيڻ شروع ٿيو. اهڙيءَ
طرح
”سما“
قوم ۽ ”سومرا“
قوم جو ڄڻ وجود پيو.
(6 2 ) هاڻي
اچون
ٿا
لفظ ”سماٽ“ جي تحقيق
تي. اصل
۾ ”سماتر“
مان
”سماٽ“ لفظ ٺهيو آهي. مسلمان
ٿيڻ بعد، هنن ٻن فرقن جي ”ذات“ ڪراچيءَ،
حيدرآباد
۽ ٿرپارڪر جي مختلف ڀاڱن
تي حڪومت
ڪري چڪي آهي. ”سهتو“، ”ڪوروجو“ (ڪوريجو) ۽ ”ڏاهري“
ذاتين
وارا
اصل
۾ راجا
”ڏاهر“
جا
جزا
هئا،
جن وري انهن ذاتين
سان
پاڻ
کي مشهور رکيو. هو پاڻيءَ
جا
پوڄاري
۽ برهمڻ نسل جا
هئا.
هنن به مختلف وقتن تي سرداري
ڪئي آهي.
(7 2 ) سنسڪرت لفظ ”اُونيه“،
”پونيه“، ”رونيه“ ۽ ”چونيه“ ڏيکارين ٿا
ته قديم راجائن
جا
لشڪر چئن قسمن جا
هئا
”اونر“
يا
”اونرا“،
جن مان ٿيو ”انڙ“.
هي لشڪر خاص
راجائي
ڪئمپ جو لشڪر هوندو هو، جي فقط راجا
جي شهر، محلات
۽ جنگ ۾ سندس سر جا
پهريدار
هوندا
هئا.
ساڳيو
طريقو مسلمان بادشاهن
به جاري
ڪيو، جن کي ”خاصخيلي“ ڪوٺيائون.
”خاص
خيلي“ يعني ”ڪئمپ جا
راکا
ماڻهو.
”خاصخيلي“ڪا
خراب ذات
نه آهي، جيئن اڄڪلهه
سمجهيو ٿو وڃي. بادشاهه
جي چڙهيءَ جي گهوڙي کي سنڀاليندڙ به ”خاصخيلي“
سڏبا
هئا.
ان
طرح
خاصخيلي
خاص
طرح
سان، بادشاهن
جا
مقرب هوندا
هئا
۽ سندن راڄ
ڀاڳ
۾ وڏي عزت هوندي هئي. انهن
مان
ڪيترن ته وزارت
جا
عهدا
به ماڻيا
هئا.
مير علي مراد خان
ٽالپر
ته پنهنجي ”مقرب“ يعني ”خاصخيليءَ“ کي ”خانصاحب“
جي لقب سان
سڏ ڪرائيندو هو: (2 ) ”پونر“ يا
”پنرا“
يا
”پنڙ“، ملڪ جي بچاءُ جي لشڪر کي چوندا
هئا:
(3 ) ”رونيه“ جي ”رون“ ڏيندا
هئا،
يعني ”جاسوس
پوليس“: (4 ) چونيه“ يعني ”چنا“،
جي سرحدن
جي خبر رکندا
هئا،
۽ سرحد جي نگرانيءَ
تي مقرر هوندا
هئا.
”چنڙ“ پر ائين نٿو ڀانئجي.
”چنڙيه“ يا
”چنرا“
اصل
۾ درباري ماڻهو
هئا،
۽ شطرنج جا
ڄاڻو
هئا. ”چنتر“ معنيٰ ”شطرنج“. سنڌيءَ ۾ ”چَنَرَ“ پڻ هڪ راند
آهي، جا
ڳوٺن ۾ مشهور آهي.
(8 2) ٻيو ته ”انڙ“
قوم پاڻ
کي ”سماٽ“ جي سرداريءَ
جو لقب ڏيندي آهي. پر حقيقت
۾ ائين نه آهي. اگرچ
”انڙن“
پنهنجا
خاص
عهدا
ماڻيا
هئا،
پر سمن جون سرداريون حقيقي
هيون. ”سما“
وقت جي راڄ ۽ عام
ڀائپي
جا
ماڻهو
آهن پر ڪا
خاص
قوم نه آهي. ان
طرح
”پنڙ“ قوم جا
جزا
اڄوڪا
ڪوهستاني
مَلَڪ آهن، جن جا
شهر ٿاڻو
بولا
خان
۽ ٿاڻو
احمد
خان
آهن. ”اونرا“
قوم الائجي
موجود آهن يا
نه، باقي
ايترو
سو آهي ته اهي پاڻ
کي راٺوڙ
پيا
چوائين.
”چنا“ قوم سنڌ ۾ چڱي انداز
۾ آهي ۽ انهيءَ قوم به سرداري
ڪمائي
آهي. صدين کان
وٺي هت آباد
ٿيل قومن جي اولاد
۾ در اولاد
مان
بلوچ، بروهي، مڪراني،
پٺاڻ ۽ افغان
قومون هڪ ڪري ”سماٽ“
جا
جزا
ئي آهن، جيڪڏهن ”سموترا“
کي خيال
۾ آڻبو ته. ڇو
ته سندن وڏا
ئي وقت جي راجائن
جي زير اثر
هئا
۽ قديم راجائي
قلعا
۽ رصدگاهه،
جي اهي ماڻهو
سنڀاليندا
هئا،
سي انهيءَ
حقيقت
جا
شاهد
ٿي سگهن ٿا.
(29) چوڻي: ”سنڌ سمو“ اُڀي
چَنو، ڀَٽي جيسلمير،
چوٿون ڀاءُ
چند و چون، جنهن جو پيڙهي، پير“.
مٿي ان
چوڻيءَ موجب ”سماٽ“
جون مُک راڄداريون
اهي
آهن ۽ ٻيا
ٻارهن
”آهيون“ يا
سندن تعلقدار ڪوٺجن ٿا.
”چندو“ يعني ڪوهستاني
قومون، خاص
ڪري پٺاڻ.
(0 3 ) خليفي هارون
الرشيد
عباسيءَ جي والد
صاحب
ڪيترائي
سيد ڳولائي مارائي
ڇڏيا
جو کيس ٻه شڪ هئا. هڪ ته اهي
حَسَني
يا
حُسيني
نه هئا، باقي
نالي
۾ سو شرف سيد هجڻ جو هون. ٻيو ته بغاوت
ڪئي هئائون،
جنهن ڪري لائق
سياست جا
هئا.
امڪان
آهي ته عجمي ۽ عراقي
سادات،
جڏهن مڪران
جي رستي سنڌ ۾ اچي پهتا،
تڏهن ”باب
الاسلام“
۾ سندن مرحبا
ڪئي ويئي. رڳو شرف وارا
سيد اُهي
آهن. جيڪي تاڃي پيٽي پَٽُ نه آهن، ته به سيد هجڻ جو کين شرف ضرور ڏيڻو
آهي، جيئن رسول الله·
ﷺ جي حب
۽ تعظيم قائم رهي. اها
به حقيقت
آهي ته سنڌ ۾ رهي سيدن پنهنجن شجرن کي ڊانواڊول
ڪري ڇڏيو آهي، جو سندن اصل
حسب
نسب جو پرو پتو نٿو پئجي سگهي. جن وٽ شجرا
آهن، تن جي سچائي
پڻ تصديق طلب آهي. ڇو
ته ڪيترا
ساکاڻي
چانڊيا
۽ ٻيا
مڪراني
ماڻهو
لاڙ
ڏانهن
لڏي وڃي، پاڻ
کي سيد ڪوٺائي
حويليون
ٺاهي
ويٺا
آهن. شاديون
به ڀات
ڀات
جي ذاتين
مان
ڪيون اٿن، جنهن ڪري سَچي جنس جو پتو نٿو پئجي سگهي. اهڙيءَ
طرح
سان
گهڻا
تڻا
سادات
عملن ۽ ڪارنامن
۾ به عوام
کان
گهٽ نه آهن، ۽ ايستائين،
جو پنهنجي ڏاڏي
۽ ناني
جي پيروي ۾ فقط روزي نماز
جي به ڪن جزوي فردن ۾ شناس
۽ ڄاڻ
سڃاڻ
آهي، نه ته ٿيو ڀلو! ان
طرح
پنجاب
۾ گهڻا
۽ سنڌ ۾ ٿورا.
”جمعرات
جا
سيد“ به مشهور آهن. جڏهن ته ايامن
کان
وٺي سيد سڳورا، سنڌ جا
رهاڪو
ٿي چڪا
آهن ۽ تڏهن کين جي ”سنڌي“ ڪوٺجي، ته به غلط نه
ٿيندو. پر جي ڪو چوي ته ”سنڌي سيد“ سماٽ
۾ داخل
نه آهن ته پوءِ به سماجي
حق
ته کين ساڳيا
”سماٽ“
وارائي
حاصل
آهن ۽ هئڻ گهرجن. تنهن ڪري کين سنڌي ڪوٺائڻ
۾ ڪو خيال
نه اچڻ
گهرجي. باقي ”بلوچ“ اصل
نسل ۾ سماٽ
نه آهن. نڪو کين ”سماٽ“
۾ شمار ڪيو ويو آهي، توڙي جو صدين
کان
وٺي، سنڌ ۾ رهيا
آهن، ۽ ”سماٽ“
۾ رلجي مسجي چڪا
آهن .ان
هوندي به ”بلوچڪار“
۾ ڳڻجن ٿا.
ڇا
لاءِ
جو بلوچستان ۽ قلات
۽ ڪوئيٽا،
پنجاب
۾ ديري غازي خان
۽ ديري اسماعيل
خان،
ويندي سرحد ۽ مڪران
تائين
پکڙيل آهن. تنهن ڪري انهن
جي وسيع برادري بلوچڪار
تي مشتمل آهي، جن کي ”سماٽ“
۾ نه آڻي سگهبو، باقي
سنڌ ۾ رهواسي
بلوچَ ”سنڌي“ ته ضرور چئبا.
*----------*--------*
پروفيسر محرم
خان
سُمنگ چارڻ
(سنڌ جو هڪ قديم چارڻ)
ويهين صديءَ
جي هن سائنسي ۽ تحقيقاتي
دور ۾، دنيا
جي اڪثر
ملڪن ۾، مختلف علمن (خاص
طرح
علم اللسان
۽ طبقات الارض)
جا
ماهر،
جديد تحقيق جي اصولن
تي، جنهن مستند طريقي سان
ڇنڊ
ڇاڻ
ڪري، قديم قومن ۽ ڪُهنين تهذيبن جا
تاريخي
۽ تمدني پهلو اجاگر
ڪري چڪو آهي: تن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن به قوم جي ثقافتي
۽ ادبي
ورثي جي صحيح
قدامت
۽ قدر ڪٿڻ البت
آسان ٿي چڪو آهي. انهيءَ
ڏس ۾ واديءَ
مهراڻ
جي تاريخ،
تمدن ۽ ادب جي عظمت ۽ قدامت
پڻ، اڄ
هڪ مڃيل
حقيقت
جي حيثيت حاصل
ڪري چڪي آهي.
زبان،
جيڪا
ادب
۽ ثقافت جو هڪ اهم
عنصر
آهي، ان
جي باري
۾ پڻ بين الاقوامي
معيار
تي نوان نوان
نظريا
نروار
ٿي چڪا
آهن، جن جي آڌار
تي ڪنهن به ٻوليءَ جي قدامت
۽ اصليت
بابت
وڌيڪ صحيح
نتيجا
قائم
ڪري سگهجن ٿا. سنڌي زبان
پڻ اهڙين
آزمائشن
۽ تجربن سان منهن مقابل
ٿي چڪي آهي، ۽ ”جيئن مَهٽ تيئن سُرهي“ جي مصداق،
ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق
ان
جو مادو
۽ اصل
اڃا
ڪي اڳرو
مڃي
رهيا
آهن.
اسان
جي ادب
جي ابتدا
۽ ان
جي اوسر
جي آکاڻي ته اڃا
به اور ٿيندي ٿي وڃي.
سنڌ جي جُڳان جڳ جهونِي شاعري
۽ ڪسابن
جي ڪُهني ڪويتا
ديويءَ، هاڻي
پنهنجي مشتاقن، اڳيان،
هري هري حجاب
جا
نقاب
هٽائڻ شروع ڪيا
آهن. پنهنجيءَ گنير گت سان
ماضيءَ
جي مڪان ڏانهن
مڙندي، پنهنجن متوالن
کي مام ۽ ميڇ
سان
موهيندي، انهن
کي سندس اصليت آستان
ڏانهن
نيئي رهي آهي. انهيءَ
سلسلي ۾ سنڌ جي سرويچ سرواڻن
۽ ساهت
جي سوجهيندڙ سڄاڻن،
انهيءَ
پريءِ پيڪر جا
پير ڪڙيندي، جيڪا
وڻڪار
وئوڙي آهي ۽ جيڪي ڏونگر ڏوريا
آهي، تن کي سچ پچ ته جس جڳائي.
انهن
سٻوجهه سڄڻن، سِپون سوجهي منجهانئن
جيڪي ماڻڪ
موتي ميڙيا
آهن، سي تحسين جي لائق
آهن. پر:
”تِهان
ڏور سُڄن، واڌايون وصال
جون“.
جڏهين اسين
هن بحربيڪنار
کي پار
ڪريون; جڏهين هزارها
سالن
جي هن قديم ۽ عظيم قوم جي علم ۽ ادب
جا
اهم
اهڃاڻ
۽ قيمتي ڪڙيون ڳولي هٿ ڪري، انهن
کي تناسب
۽ ترڪيب سان
ڀڃائي
ملائي، دنيا
اڳيان
پيش ڪريون; ۽ دعويٰ ۽ دليل سان
دم هڻي سگهون ته اسان
جو ادبي
ورثو ۽ ترڪو مستند طور ڪيترو نه قديم، عظيم ۽ قابل
قدر آهي!
ادبي
تاريخن
۽ تذڪرن ۾ هيل تائين
قاضي
قاضن
(متوفي
1551 ع) کي ڇند
جي ماترائن
تي دوها، سورٺا،
ٺاهيندڙ
سنڌ جو پهريون شاعر
مڃيو
پئي ويو آهي. پر اڄ،
محققن
انهيءَ
کان
به گهڻو اڳ جا
اهڙا
اٽڪل
سورهن سڄاڻ سگهڙ سوجهي هٿ ڪيا
آهن، جن جي ڪلام
جو ”مشت از نمونهء خروار“
نمونو پڻ غواصن
سطح
تي آندو آهي، جو سڀ ڳاهن
جي صورت
۾ آهي. مٿين معلوم ڪيل ملوڪن مان
مکيه هي آهن:
(1 ) شيخ حماد
جمالي، (2 ) پير صدرالدين،
(3 ) درويش نوح
هوٿياڻي،
(4 ) پير حسن ڪبير، (5 ) پراڙ
فقير، (6 ) سلطان
حسين
آپلاڻي عرف پير پٺو ديبلي، (7 ) فاضل
بکري، (8 ) اسحاق
لهار، ۽ (9 ”ميون علي ٺٽوي.
انهيءَ
سڄيءَ سَٿ جا
سڄاڻ
سگهڙ، سڀ سومرن جي صاحبيءَ
کان
پوءِ جا
آهن، جن جو ڪلام بطور تبرڪ جي جيئرو رهندو، اچي
اسان
تائين
پهتو آهي. مٿيون سُموهيل سڄو ادبي
سرمايو،
سمن جي ئي دور (1351
-
1521
ع) جي درمياني
عرصي
جو عڪس آهي: پر انهيءَ کان
به اڳي
تيرهين - چوڏهين صديءَ
جي ڪن ڀَٽن ۽ ڀانن
جو پڙاڏو
فضا
کي گونجائيندو اسان
تائين
اچي
پهتو آهي. انهن ڀانن
مان
”ڀاڳُوڀانَ“
برک آهي، جيڪو (چندر بردائي
چارڻ
وانگر)
سومرن جو درباري ڀَٽ هو ۽ علاو
الدين
جي سنڌ تي حملي
وقت (1313 ع ۾) به هڪيو حاضر
هو.(1)
انهيءَ
جنگ تي سندس ٺاهيل
”ڳاهون“ اڄ
به ڀَٽ ۽ ميراسي
فقير عام جام
ڳائيندا
وتن. ٻيو مشهور منگتو وري ”سُمنگ چارڻ“
آهي، جنهن جون ڳاهون
هن مضمون جو مرڪزي مقصد
آهن. پر، اهي
ڳاهون
۽ ڳيچ، ڪِيرتون ۽ قول، گفتا
۽ ٻول، علم وارن
جي نظر ۾ شايد ايتريءَ
اهميت
وارا
نه هجن، جو انهن کي ليکي ۾ آڻين. ممڪن آهي ته عروضي شاعريءَ
جي عشق ۾ گرفتار ٿي، اسان
هنن ڳُوڙهين ڳاهن
کي پارس بدران
پٿر سمجهي، پراڻي
ڪٻاڙخاني
ڏانهن
اڇليندا
پئي آيا
آهيون.
اهي
ڳاهون
جيڪي اڄ ڏينهن تائين
ڀَٽَن ۽ ڀانن،
ميراسين ۽ مڱڻهارن
جي واتان
ٻڌڻ ۾ اچن
ٿيون، شاعريءَ جي اعتبار
کان،
پوئين دور جي دوهڙن کان
زياده
دلچسپ ۽ مضمون جي خيال
کان
اهم
تاريخي
حقيقتن
تي شاهد آهن. اهي
ڳاهون،
انهن
چارڻن
۽ جاجڪن جو في البديه
ڪلام
آهي، جن انهيءَ
جُڳ جي عڪاسي ڪندي عام
۽ خاص
ماڻهن
جي اٿڻيءَ ويهڻيءَ، سخا،
سوڀ ۽ سچائيءَ
جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي، سو حقيقت
۾ توجه جي لائق
آهي. مٿير مانجهين جا
مقابلا،
ڪونڌرن جي ڪُسڻ جا
المناڪ
حادثا،
سخي ڏاتارن
۽ مهمير مَردن جا
مناقبا،
اهڙي
ته ڪوڏ ۽ لوڏ سان
ڳايائون،
جو اهي
اڄ
به امر
آهن. سومرن دور جون اهي
رنگين ۽ سنگين تنوارون
۽ جهونگارون ئي آهن، جن اسان
جي موجود سدابهار
۽ عظيم ادبي گلستان
کي اوائل
۾ ٻيجي
Nursery)
) جو ڪم ڏنو آهي. ڳاهن
جو سُرجڻ ۽ انگورجڻ،
سومرن جي بلڪل اوائلي
زماني
يارهين
صديءَ
۾ ٿيو آهي. جنهن جي معنيٰ ته ڳاهن
جي حقيقي
حيثيت
کي قبول ڪرڻ سان، اسان
کي اڄ
کان
اٽڪل
هڪ هزار سال
اڳ
جي رائج
سنڌي شاعريءَ جو نمونو ملي وڃي
ٿو.
ڳاهه،
اصل
۾ اپڀرنش
(پراڪرت) لفظ ”گاٿا
يا
گاها“
آهي، ۽ ان جي معنيٰ آهي ”ڳائڻ“،
(اسم)
يعني جيڪي ڳايو وڃي
يا
جو ڪجهه سُر سان
چئجي. (Melody, Modulation Lyric)
ڳيچ، ڳاچ،
ڳيت ۽ ڳائڻ
(هندستانيءَ
۾ گانا،
گيت وغيره) ۽ اهڙا
ٻيا
سڀ لفظ ڳاهه جا
ئي مَٽيل مهانڊا
آهن. هندي ادب ۾ به معلوم ڪيل شاعريءَ
جي آڳاٽي
صنف
”گاٿا“
ئي مڃي
ويئي آهي - انهيءَ
ڪري هندي ادب جي تاريخ
جو اوائلي
دور به ”وير گاٿا
ڪال
يا
وير ڳاها
جڳ“ جي عنوان سان
شروع ٿئي ٿو.
لڳ نائين
- ڏهين صدي بڪرمي ڌاري
هندي ادب
جي تاريخ
شروع ٿئي ٿي. ”وير گاها“
(ويررس) جو پهريون مجموعو، ديش وجيه جو ٺاهيل
”کمڻ راسو“،
(870
-
890ع)
مرتب داستان
جي صورت
۾ اوائلي
حيثيت
رکي ٿو. بقول ڪرنل جيمس ٽاڊ جي، انهيءَ
عرصي
۾ بغداد
جي خليفي مامون الرشيد
عباسيءَ،
چتور جي راجا
کمڻ راءِ
تي حملو ڪيو هو(1). هندي
ادب
جي پختگي اٽڪل
يارهين
- ٻارهين صديءَ
ڌاري
آهي. انهيءَ
زماني ۾ ”چندر بردائي“
نالي
هڪ چارڻ،
جيڪو (ڀاڳو ڀان
وانگر)
پرٿوي راج
چوهاڻ جي درٻاري
ڀَٽ هو، تنهن ”پرٿويراج
راسو“
جوڙيو، جنهن جا
وير گيت (دودي چنيسر جي رزميه ڳاهن
وانگر)
بهادريءَ ۽ حب
الوطنيءَ
جي جذبات
سان
آراسته آهن(1). عيسوي
ٻارهين
صديءَ
ڌاري
راجستان
جي راجائي
درٻارين ۾ ڀَٽ ۽ چارڻ،
جنگ و جدل ۽ بهادرن
جي ڪارنامن
جي منظرنگاريءَ
تي مامور
ڪيا
ويا.
راجستان
۾ اڪثر
اهڙيون
لڙايون محض
جاه
و جلال
جي نمائش خاطر
به لڙيون وينديون هيون. ويررس گيتن ۾ ”همير مهاڪاويه“
پڻ قابل
ذڪر آهي. ”بيسل راسو“
(سنبت
1212 ) ۾ ”بيسل ديو“ جي بهادريءَ
سان
گڏ، مالوا
جي پرمار
ڪماريءَ
سان
سندس پيار جي پچار
پڻ ڪيل آهي. اهڙيءَ
طرح
تيرهين صدي
عيسويءَ کان
”وير رس“ (رزميه شعر ۽ ”سينگار
رس“ (عشقيه شعر) جو پاڻ
۾ ميلاپ
شروع ٿيو. رزم ۽ رومان
جي ميل جي اها
روايت
بدستور جاري
رهي، تان جو چوڏهين صديءَ
ڌاري
نج عشقيه شاعريءَ
(سينگار رس) جو دور به آيو. ”وير ڳاها
جڳ“ پوءِ به بڪرمي سنبت
1450
تائين
هلندو آيو ۽ همير ديو جي عهد حڪومت جي خاتمي
سان
گڏ،ڳاهن
جو پنج ست صديون پراڻو
دور پورو ٿيو. هندي ڳاها
وانگر
سنڌي ڳاهن جي شروعات
پڻ ڪن ڪردارن
جي شخصي
ساراهه
يا
سِٺَ ڪرڻ سان ٿي آهي. پوءِ جي ڪن ڳاهه
مان
ڄام
تماچي ۽ پٽس صلاح
الدين
لاءِ
دهليءَ جي بند مان
نڪري ننگر پهچڻ، ۽ جوڻي ڄام
کان
تخت وٺڻ جي تمنا
۽ دعا
ڪيل آهي:
صلاح
الدين
تماچي
ايندا
سيگهه سري،
جوڻا
جهڙ جهپيو، پيس ڪوٽ ڪري.
سمي پئي، انهن
۾ سڪار ۽ امن
جي زماني
۾ تفريح
طبع خاطر
عشق جو اظهار
پڻ رسمي طرح
ٿيڻ لڳو. جيئن اُڍي
ڪيهر ۽ هوٿل لڱامريءَ
جي ڳاهن
۾ آهي.
سمن جي دور جا
جيڪي به بزرگ شاعر اڄ
تائين
معلوم ڪيا
ويا
آهن، تن سڀني گهڻو ڪري ڳاهون
ئي چيون آهن، ڇو
ته ڳاهن
جي سٽاء سادي،
موضوع سادو
۽ انهن
جو قالب پڻ قدري لچڪيدار
۽ وزندار
آهي. سندن مضمون به واقعاتي
بيتن وانگر،
انهيءَ
دور واريءَ سنڌ جي حدن
اندر
ٿيل تاريخي
واقعن
جي تذڪري تي ٻڌل آهي. اهي
ڳاهون
ئي آهن، جن ۾ سومرن ۽ سمن واري تاريخي
دور جا
اعتبار
ڪرڻ جوڳا
۽ مستند احوال
ملن ٿا.
جن جي مڃڻ لاءِ
اسان
وٽ معتبر تاريخي
حوالا
پڻ موجود آهن. مثلا
سلطان
حسين
اپلاڻي
(پير پٺي ديبلي) جي هن ڳالهه
۾ ديبل بندر تي سمنڊ جي وير چڙهڻ، انهيءَ
سيلاب ۾ ديبل شهر جو غرق ٿيڻ، خلق جو دربدر ٿيڻ ۽ سلامتيءَ
خاطر
مڪليءَ ۽ ٻين مٿاهين
ٽڪرين تي ٽڙي پکڙي وڃڻ
جو المناڪ
تاريخي
واقعو
بيان ڪيل آهي.
ديبل پاس
ڌڪيلجي، آيو آب اپار،
مڪليءَ ماڳ
مٿاهينءَ، ٿياسون
ڌارو
ڌار.
اهڙن
اهڃاڻن
مان
خاطري
ٿئي ٿي ته هيئت توڙي موضوع جي اعتبار
کان،
”ڳاهه“ سنڌ جي سخن گوئيءَ جي بناءُ
۽ بنياد
آهي، جنهن جي پيڙهه مٿان
پوءِ ”دوهڙي“ جي دلڪشن عمارت
اڏي
ويئي آهي. ڳاهه جي گهاڙيٽي
۽ وِهَٽَ کي جاچڻ
سان
اها
اسان
کي اهڙو
ئي ٻه - ٺپو ٻول ڏسڻ ۾ ايندي
جهڙو ”دوهو“. ليڪن دُهڙي جي ڀيٽ ۾ ڳاهه
جو بنياد ”ڇند
وديا“
تي ويهاريل
نه آهي، پر ”سنگيت وديا“
موجب سِٽيل آهي. ڳاهون
ڇند
جي ڦند سان پابند
نه آهن ۽ نڪي ماترائن
جي ماپي ۽ ڳاڻيٽي
تي ڳتيل آهن. ڳاهون
ڳائڻ
سان
اُسريون
آهن، تنهنڪري انهن جي بيهڪ، سُرَ جي جهيل ۽ ڍار
جي آڌار
تي بيٺل آهي. انهيءَ سبب ڳاهون
تن جي تنوار،
جيءَ جي جهونگار ۽ اندر
جو آهنگ آهن. منجهن دُهڙي واري
ڌنڪ ڪانه ٿئي. اها
آهي ڳاهه
جي اوائلي
هيئت ۽ حقيقت،
ٻالجتيءَ
کان
سندس شباب ۽ جوانيءَ
تائين
سرگذشت ۽ حيثيت.
ٻالجتيءَ
جي اوائلي
اوسٿا
کان
اڳڀرو
اچي،
ڳاهه
جڏهين اٿاهه
جوانيءَ
جي ديواني
وهيءَ ۾ پير پاتو ۽ جواني
۽ جوڀن جي جوت اندران
اُڌمو
کاڌو،
تڏهين شباب جي تاب
سندس اڳوڻا
اسلوب
۽ آداب ئي اُڏائي
ڦٽا
ڪيا.
اسحاق
لُهار جو ”جهرڪ“ بنجي پرائي
ڇڄ
تي ويهڻ، انهيءَ اوائلي
آداب
جو ليڪو لنگهڻ آهي. وڏن جي ورتل واٽ
۽ هليءَ چليءَ رسم جي برخلاف
بغاوت آهي. اسحاق
فقير (پنڌرهينءَ صديءَ)
جو اهو نئون موضوع، سنڌ جي ڪهنه ڄمار
ڪويتا
۾ هڪ اهم انقلاب
آهي. ڇند
جي اوٽ ۾ پريت (سينگار)
جي پالوٽ
۽ پيار جي پڪار
آهي. سنڌ ۾ سورٺي ۽ دوهي جي سرجڻ جو به اهو ئي سمو آهي. دوهو عشقيه جذبات
(پريم رس) جو آئينه دار
آهي. ان جي موضوع ۾ مستي ۽ هيئت ۾ چستي آهي ۽ اهائي
ڇند
جي بندش ۽ موضوع ۾ نراج،
دوهي جو امتياز
بنجي ويو آهي. انهن
ئي ٻن نادر
نڪتن ۽ انوکن
اصولن
۾ اڄ دوهي جي پوري وصف
سمايل
آهي. انهيءَ طويل تبصري
جي تورتڪ مان
پڪ ٿئي ٿي ته استو اسحاق،
سنڌ جي مٿين ذڪر ڪيل سورهن ئي ستارن ۾ پهريون شاعر
آهي، جنهن نه فقط عشقيه شاعريءَ
جو آغاز ڪيو آهي، پر دوهي جي فني اصولن
کي پڻ فروغ ڏنو آهي. سندس قائم
ڪيل انهيءَ معيار
۽ ان
جي اصولي
ماپي،
سانچي
۽ ڍانچي ۾ پوءِ جا
استاد
شاعر
پنهنجا
جوهر پلٽيندا
پئي آيا
آهن. تان
جو سنڌ جي سالڪ سيد علي ٺٽوي (متوفي
1573
ع) انهيءَ
قائم
ڪيل قالب اندر
پورين چئن سٽن جو مڪمل بيت بيهاري
ڏيکاريو، جنهن جو موضوع ۽ مضمون پڻ مجازي
۽ حقيقي
راز
جو آواز آهي. انهيءَ
زماني
ڌاري
ڏُهڙي جي ڏاڏيءَ ماتا،
ڳاهه
ديويءَ پڻ ستن صدين
جي عمر ۾ هي جهان
ڇڏيو.
سمنگ چارڻ
جو سمو سندس سهاڳ
جو سمو هو، جنهن ۾ ڦَلي ۽ ڦُولي رس ۽ رنگ ڪيائين. سمنگ جو ڪاويه
رس جو رنگ ئي نرالو
آهي. ساراهه،
سِٺ، سورهيائي
۽ ثنا
جا
سڀ عنوان
آندا
اٿس،
پر مرثيه ۽ مزاح
وارا
مضمون پڻ موجود آهن. قافيي
۽ بند جي بيهڪ ۾ به برابر
محتاط
رهيو آهي، تان
جو آخر عمر ۾ ته ڳاهن
جي انهيءَ
سلسلي ۾ سندس ڪَسَبُ ڪماليت جي ڪڙيءَ تي بيٺل نظر اچي
ٿو.
”هميران
پو راهه،
راڄ
نه ڪندا
سومرا.“
سمنگ چارڻ
جو نالو، مٿي معلوم ڪيل سورهن ئي سڄاڻ
سگهڙن کان
اول
اچي
ٿو. هو قاضي قاضن
کان
ڪم از
ڪم ٻه صديون آڳاٽو
آهي. سومرن جي صاحبيءَ
کان
ئي سندس غوغاءُ سُڄي پيو. هو اصل
سنڌ ۽ ڪڇ
جي سرحد
لڳ ”ڪيرا
ڪوٽ“ جو رهاڪو
هو ۽ ”ڄام
لاکي“
جي راڄ جو مڱڻهار
هو. هو سومرن جي راڄ
جو سخت مخالف هو ۽ سَما
پرستي سندس سرشت ۾ سمايل
هئي; سڄي عمر سنڌ جي سير ۽ سفر ۾ گذاريائين،
جو چارڻن جي اها
آبائي
۽ امتيازي
عادت
هئي. جنهن جي شاهه
صاحب
پڻ وضاحت
فرمائي آهي ته:
چارڻ
سي چئجن، جنهين سک ناهه
ڪو،
رمي راهه
پُڇن، مٿي ڪُلهن ڪِينرا.
سومرن جي پوئين پڳدار،
راءِ
همير جي ڏينهن ۾، سمنگ چارڻ
ملڪ جو گشت ڪندو، سنڌ جي سرويچ سما
سپهه سالارن
جي سورهيائيءَ جون ڪيرتون ڳائيندو
وڄائيندو،
نامور
سما
ڏاتارن
وٽ رس رهاڻيون
ڪندو، کانئن ڏان
۽ انعام
اڳاڙيندو،
اچي
همير سومري سردار
جو سلامي
ٿيو. تن ڏينهن اهي
چارڻ
۽ ڀان،
ايلچين
جهڙو مانُ ۽ منصب
ماڻيندا
هئا.
سمنگ جي سماپرستي ته اڳيئي
ملڪ ۾ مشهور هئي. چي: لاکي
لک لٽائيا
۽ ڪرن بخشي ڪروڙ“. حق
ساک
جو اهو
اعلان،
سخي سردارن جي شان
۾، سندس زبان
جادو
بيان مان
علي الاعلان
گونجندو رهندو هو. سومرا
سردار
توڙي برسر اقتدار
هئا
۽ سندس راڄ
۾ سماڄام
فقط سکيا
ستابا
عوام
هئا، ته به هيءَ چارڻ
سومرن جي حريف،
سما
سردارن
جي سخا
جا
ڳُڻ ڳائيندو
۽ سندن سورهيائيءَ
جي ثنا
خواني
ڪندو رهندو هو.
همير وٽ سندس اهڙيءَ
هاڪ
جي ڌاڪ
اڳيئي
پهتل هئي. ويتر جو سمنگ جو ساٿ
شاهي
طمطراق
سان
اچي
لٿو، تنهن هيڪاري همير تي هيبت ويهاري
۽ سندس مت مُنجهائي
وڌي. خچر، گهوڙا
۽ مال
متاع
جيڪو ڏن
۾ مليو هوس ۽ ٻيا
ڪيترا
ٻانها،
ٻالڪا،
چيلا
۽ چاڪر
پڻ چارڻ سان
همرڪاب
هئا.
همير کي اتي ئي ڪنهن ڏاهي
ڏانَهِي
ڏني ته ”مڄاڻ
هن منگتي وٽ ڪو ڪيميا
جو راز
آهي. جو فقيريءَ جي نالي
۾ لڪايو، اميرن
کان
به اڳرو
ٿيو پيو گهمي ... فقير کان
اها
ڪلا
ڪنهن به حيلي هٿ ڪجي!“ حقيقت
۾ ٻارٽ
ڪيمياگر
نه هو، پر هڪ پهتل فقير هو، جنهن جي ڍاري
۽ فال
جو مقال به ملڪ ۾ موچاري
هلندڙ هئي. پر سومرن ساڙ
وچان سمنگ کي ساعت
به نه سَٺو، ٽُڪر ٽانڀي
جي ته ڪنهن ڪوڙي آڇ
به ڪانه
ڪئي، هٿئون راتو
واههَ
سندس وهٽ وانا
ڪاهي
ٿيا
روانا.
سردار ڍوريءَ راءِ
سومري ئي هيءَ سوڀ کٽي هئي. سمنگ صبح
جو ڏسي ته سڃ، ڪاريءَ
وارا
ڪک. مُٺيون ڀيڙي ڀڳو بادشاهه
وٽ دانهين، جنهن دانهن
سڻي داد
ڪيو ته ”هڻوس ڪاٺ
۾ ته پاڻيهي ڪلا
پڌري ٿئيس، جڏهين منهنجي مهما
سمن کان
به سرس ڳائي، تڏهن تُرم کان
ٻاهر
ڪڍ جون.“ منگتو مسڪين، هن اوچتي
آئيءَ ۾ اچي
ويو. پنهنجي جان ڇڏائڻ
لاءِ
گهڻيون ئي وينتيون ڪيائين،
منهن مٿو پِٽيائين،
پر اڳيان
به همير هو. نيٺ ڪي چڱا
سکر وچ ۾ پيا، جن همير کي ٿڌيون مٺيون سڻائي،
هن بيڏوهيءَ کي بند مان
ڪڍايو. بند مان
بيدخل ٿيندي ئي، هن ستايل
جي سڙيل دل مان آه غريبان
جو اُلون،
ڄڀيون ڪري ڀڙڪي نڪتو ۽ اتي ئي ڪَنَ تي هٿ رکي، نهايت
بيڊپائيءَ
سان
المناڪ
آواز ۾ ڳاهه
ڳايائين.
چي:
همير کان
پيئي، سومرن کان ويئي،
همير کان
پوءِ، راڄ نه ماڻن
سومرا!
هيءُ قهري ڪانُ
غضب
جي زبان مان،
وڄ وانگر
واڪو
ڪري وَهي ويو. سمنگ جو سراپ
هنڌين ماڳين
هُلي ويو. ماڻهن
۾ اڳيئي مڃتا
هئي، ته فقير جي وائي
ڌڻيءَ در اگهاڻل
آهي، تن فقير جي هن پاراتي
کي سومرن جي پڄاڻيءَ
لاءِ
اڻٽر
اڳڪٿي
ڪري قبوليو، ۽ انهن
جي آڏو ڏائي
جي انت
جو انتظار
ڪرڻ لڳا.
فقير پنهنجي مال
متاع تان
آسرو پلي، پنهنجي ٻيلين ساڻ
جهنگ منهن ڪري نڪري پيو، ۽ سومرن جي سينه زوريءَ
جا
سور هر ڳوٺ ڳليءَ ۾ ڳائيندو
رهيو. انهن جي انياءَ
۽ ارڏائيءَ
جا
اوڳڻ
عوام اڳيان
اپٽاري،
انهن
کي اُڀاريندو
آيو. کٽ نکٽ نهاريندي،
انهن
کي آگاهه ڪيائين
ته سومرن جي صاحبيءَ
جو ويلو وهامي رهيو آهي.
ستينءَ هو سوجهرو، اَٺينءَ
ٿي اونداهه،
هميراڻي
باهه،
وسائي ورهين کي.
مٿيئن ڳاهه
۾ فقير، ستين سن کي ڳائيندو
وضاحت
ڪئي آهي ته، ”بيشڪ ڀونگر راءِ
اول
جي واري ۾ سومرن جي راڄ
جو روشن زمانو
هو، پر اٺين صديءَ
(هجريءَ، جنهن ۾ تاريخي
حوالن
مطابق سندن صاحبيءَ
جي سج ٽٻي ڏني آهي)، هاڻي
انڌاريءَ
رات
جو روپ وٺندي وڃي ٿي. همير جي حڪومت
هاڻي
هميشه لاءِ
پنهنجو تاب ڇڏي
چڪي آهي ۽ سندس پوين مان
ڪو به پڳدار ڪونه ٿيندو.“
فقير جي مڃتا
۽ مقبوليت جو اهو عالم
هو، جو سندس وات
مان
نڪتل ويڻ، سومرن جي سهائي
سج مٿان
ڪاري
ڪڪر ڇائنجي ويا
۽ ان
کي ابد
تائين
اونداهو
ڪري ڇڏيائون.
پبلڪ ۽ پرجا
کي اهو
ويساهه ڏياريائين
ته هاڻي
هميراڻي حرص
جو ڏيو، هميشه لاءِ
گُل ٿيڻ وارو آهي. پڳدار
سومرن جي سلسلي ۾ ”ستاويهين
پڳ، دودو هو، جنهن جي راڄ
۾ ته ڪجهه سهاءُ
هو، پر سندس پوٽو همير پويون جو اڻٽيهين
پيڙهي هو، تنهن جي گادي
نشين ٿينديئي، راوَن
جي راڄ
متان
اهڙو
ڪو نحس گرهه اچي
ويٺو، جو سندن سهاڳ
جو ستارو، آهستي آهستي ٽمڪندو آخر غائب
ٿي ويو. سمنگ سندن پيڙهين ۽ پڳڙين کي ٻهندي ۽ پچاريندي
پڪاريو
ته:
ستاويهين
سهاءُ هو، ڪئي اڻٽيهين
اونداهه،
هميراڻي
باهه،
ٻرِي نه ٻري جهڙي.
هن فقير ڳهير جي ڳُوڙهين ڳاهن
جي ڳڻڳوپ مان، هڪ ڳجهي ڳالهه
به ڳولي سگهجي ٿي. مٿيان
انگ
اکر
(ستين، اٺين، ستاويهين
۽ اڻٽيهين
وغيره) سڀ حڪومت
جي هيبت ۽ حراس
کان،
استعاري
۾ ويڙهيل معمائون آهن. سمنگ جي ڪلام
جو ڪمال
اهو
چئبو جو سندس سخن جي سوز، سومرن خلاف
ملڪ ۾ اهڙي
ته بغاوت جي باهه
ڀڙڪائي،
جو هميراڻي،
حڪومت
ان
جي لپيٽ چپيٽ کان بچي نه سگهي. حقيقت
۾ همير خود کَکَرِ ۾ کڙو هڻي، ان جا
ڏينڀو ساري
ڏيهه ۾ پکيڙي وڌا.
”شامت اعمال
او،
صورت
سومنگ گرفت.“ هاڻي
ته هيءَ مست به اچي
مڇريو.
سومرا
حڪومت
کان
نجات
حاصل
ڪرڻ، هاڻي سمنگ جي باقي
حياتيءَ
جو نصب
العين
بڻجي چڪو هو، ۽ انهيءَ
مقصد
ماڻڻ
لاءِ
هن پاڻ کي سچ پچ وقف ڪري ڇڏيو
هو. سنڌ جي سياست
۾ سمنگ جيڪو پارٽ ادا
ڪيو آهي، انهيءَ
جي مدنظر سندس مرتبو ۽ منصب،
اسلامي
تاريخ
جي هيرو ۽ جڳ مشهور خطيب ابومسلم
خراسانيءَ
جي مد مقابل
آهي. جهڙيءَ طرح
عباسي
خلافت
جي هن انقلابي
داعيءَ
۽ گفتار
جي غازيءَ
پنهنجي زور زبان ۽ جادو
بيان
سان،
دمشق جي جابر ۽ جلاد
اُموي
امراءَ
جو انت آندو، ۽ عباسي
اقتدار
جو عَلَمُ بغداد مٿان
بلند ڪيو، تيئن سمنگ پڻ سنڌ ۾ سومرن جي سلطنت جو انت آندو ۽ سمن جي سياسي
سهاڳ
جو سنڌ تي جهنڊو جهولايو.
سومرا
سلطنت جي زوال واري
زماني
۾ بادشاهي
گهراڻي مان
تڏي جا
خان،
جي مهمان کي مانُ
ڏيندا
هئا،
پنهنجو وارو وڄائي
ويا
هئا.
سندن پوين مان اهو
اباڻو
انگ
۽ ننگ نڪري چڪو هو، سي هاڻي
پنهجي ماڳن
تي جهوڪ ويلي جهيڻي باهه
ٻاريندا
هئا،
ته متان انهيءَ
اولڙي
تي ڪو واٽهڙو
لڙي اچي يا
ڪُمَهِلو ڪو مهمان
اچي
ڪڙڪي، جنهن کي لولو کارائڻو
پيو. جي: ”رڳو مانيءَ
جو ٽاڻو ٽري، پوءِ باهه
ڀل ته لاٽون
ڪريو پئي ٻري!“ سمنگ جي سر تان خود اهڙي
ويل وهامي
چڪي هئي، سو سومرن جي انهيءَ
اوڳڻ
کي اُپٽاريندي،
هِجو پر اندازس ۾ سومرن تي سِٺَ جوڙيائين
ته:
سڄو ڦسِي پيا
سومرا،
اڌ
ڦسِي پيو لوڪ،
جهيڻي ٻارن
جهوڪ، نه ته ليڙپيائي
لاٽون
ڪري.
ڊاڪٽر
نبي بخش خان
بلوچ ئي اول هيءَ ڳالهه
ڳولي نروار
ڪئي آهي ۽ انهيءَ
سلسلي ۾ صاحب موصوف
ٻئي هڪ بيت جو به ذڪر ڪيو آهي ته ”حاڪم
همير سومري جي ڏينهن ۾ ....... هڪ چارڻ
جا
ڪي گهوڙا
......... ڍوريءَ راءِ
سومري جي سازش
سان
چورائجي ويا.“ انهيءَ
تي هن چارڻ
پِٽَ طور هي بيت چيو ته:
ڍري ڍوريءَ راءُ،
جنهين ”چارڻ“
سان
کاههُ،
پتڻ پٽي جو ٿيو، سيج وتايو
ساههَ،
هميرا
پو راههُ،
راڄ
نه ڪندا
سومرا.
مٿيئن بيت جو زمانو
1352-
1365ع
قرار
ڏنو اٿن.
هن پوئين ڳالهه
جي پرتال مان
پڪ ٿئي ٿي ته ڳاهن
جي انهيءَ سلسلي جي هيءَ هڪ انتهائي
مڪمل ڪڙي آهي، جا
سمگ جي ڪسب ڪمال
۽ پڪيءَ ڄمار جو ڄڻ هڪ پڪل ۽ رسيل ڦَل آهي. هن جون پهريون ٻه سٽون ته پاڻ
۾ ملي دوهڙي جو روپ ڌارين
ٿيون، جن ٻنهي جو قافيو
آخر ۾ اچي ٿو. پر وري ٽين سٽ به، اڌڪ
وراڻيءَ
سان
آهي، جنهنجو قافيو به وچ تي بيٺل آهي، سا
ته سورٺي جون سڪون ٿي لاهي.
خدا
نٿو پلائي
ته هن ڳاهه
۾ ”چارڻ“
لفظ سمنگ جي تخلص
طور آيو آهي. انهيءَ
مضمون واريون ڪيتريون ڳاهون،
جيڪي سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن وٽ هلندڙ آهن، سمنگ جي
سورن جو ئي داستان
آهن.
آخر ڪار
سمنگ جو سُڀ سڻائو
ٿيو. سندس سعيا نيٺ صاب
پيا
۽ ”ڪجهه دعا
ڪجهه ڌڪ“ واري
ڳالهه،
پنهنجي سٽيل سٽ ۾ سوڀارو
ٿيو. هاڻي
وڏن ماڻهن
۾ به اچي وڳوڙ پيا
۽ راجائي
گهراڻي
۾ به رڳڙا
۽ ڦڏا
پيدا
ٿي پيا.
مئي مومل جو معاملو
به ان
موقعي جو مسئلو نبجڻو هو. جيئن ته راڻي مينڌري جو
بادشاهه ڀيڻيوي هو ته سوڍو وري سڱ ۾ سندس سالو ۽
وڏو وزير هو، تن ۾ ڦيٽهڙو پئجي ويو. جنهن ڪري سوڍا
(جيڪي سندن صاحبي
جي سڄي ٻانهن هئا
سي) ۽ سومرا
پاڻ
۾ پاسيرا
ٿي پيا. ٻئي طرف وري راءِ
همير ۽ هالو
ڄام
جيڪي هڪٻئي جا
سڳا
سيڻ هئا،
سي به سڱن بندن تان
اهڙا
اچي
باهڙيا،
جو هيڪاري هنگامو
مچي ويو. ڳالهه
نيٺ اتي اچي
پهتي، جو ڄام
هالي
جا
پٽ - ڄام هوٿي، پلي ۽ علي - پڙ تي نڪري نروار
ٿيا
۽ ميدان ملهائي
موچارا
ٿيا.
انهيءَ
موقعي جي هن ڳاهه ۾، پليءَ ڄام
کي غيرت ڏياريل
آهي ته:
پلي پاڻي
نه پِيءُ، علي انّ
نه کاءُ،
هميراڻي
ڪوٽ سان، جان
جان
جنگ نه ڪياءِ.
هالي
ڄام
جو ڪونڌر ڪنئونر، ڪٽڪ جو ڪوپو، ”هوٿي ڄام“
به وڏو وير وريا
هو. هن جهونجهار جي جنگ جو به جهرجهنگ غوغاءُ
هلندڙ هو. هن پاونگ
جي پچار ڪندي سمنگ سندس سورهيائيءَ
جي ساک
ڀري آهي ته:
وڻين جهليو نه رهي، هوٿي سنڌو گهاءُ،
ڪونه پرائيندو
ڀاءُ،
تنهن سان
وجهي مامرو.
بيشڪ ڄام
هوٿي به ڏهيسر هو. هيءُ راوت
رڪ وهنديءَ راند
جو ميڙهي ۽ مانجهي هو، پر: (هن)
کڳمار
کِلندي جهليا،
نَوَ سئو ۽ نَوَ گهاءُ،
پلي به پلٿيو پڙ ۾، ڀيڙو هوٿي ڀاءُ.
سمن نيٺ رڻ کي رت سان
رڱي لال ڪنوار
بنائي
ڇڏيو.
آخر هوٿي گهوٽ ڇڳير،
انهيءَ
رتڙي رڻ کي، موڙ ٻڌي ماڻيو.
سندس ماتم جو هيءُ مرثيو ملڪان
ملڪ مشهور ٿيو ته:
هوٿيءَ سنديءَ ڦڻيءَ کي، هو گيو گيور گُل،
سڀ مرن سومرا،
تو ڪونهي ڦڻيءَ مُلُ (مُلهه).
ڦڻيءَ جو ملهه بيشڪ مهانگو
نڪتو. اهڙن افعالن
هاڻي
حاڪم
به سڄي ڏيهه ۾ ڏٺو ٿي ويو. سوڍا
۽ سما
به سندس ساٿ
ڇڏي
پري ٿيا. سمن جا
حڪومت
سان
نزاع ويا
وڌندا.
ڄام
۽ عوام به پاڻ
۾ ملي هڪ ٿي ويا.
نيٺ سمن جي ساري سرس ٿي ۽ سنڌ جي صاحبي
سندن حوالي
ٿي.
سمنگ پنهنجي مشن ۾ سوڀارو
ٿيو. سمن جو راڄ پنهنجي اکين
سان
ڏٺائين
۽ سماننگر جي رهاڻ
جو ”رَتَنُ“ بڻيو. پر وڏي ڄمار
ڪري ڪو عارضو اچي
ٿيس، سو ڄام
جي سلام
تي وڃڻ
کان
معذور هو. چون ٿا
ته سندس عمر ان
وقت سوا
صديءَ
کان
به سرس هئي. ڏينهن - وار
تي بادشاهه
ڏانهنس
ڏولي ڏياري موڪليندو هو، ان
جي سَندَ لطيف وٽان
ملي آهي:
چارڻ
چاڙهي
چوڏول ۾، تهان پوءِ نيو،
اچي
رات
ڪئو، سرفراز سيد چئي.
(سرود پرپاتي)
ڪمار
۽ چوبدار
چوڏول کڻائي، اچي
سندس جهوپڙيءَ اڳيان
جهمندا
هئا
۽ سمنگ کي سمي ڄام
جو سنهيو سڻائيندا
هئا
ته:
آءُ مٿاهون
مڱڻا، چڙهي ۾ چوڏول،
توکي گهوٽ گهرائيو،
راجا
منجهه رتول.
(شاهه)
فقط اهڙي موقعي تي جهونو پاڻ
کڻائي
وڃي
ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيندو هو، نه ته ٻارهوئي
گهر وسايو
ويٺو هوندو هو. سما
ڄام
کيس گهر ويٺي ئي وظيفا
۽ ڏان
ڏياري موڪليندا
هئا.
سمنگ جيتوڻيڪ پيريءَ ۾ پاٿاري
وسايو ويٺو هوندو هو، پر سندن ڳاهن
کي پکيءَ وارا
پَرَ پيدا
ئي انهيءَ
عرصي
اندر
ٿيا. ساري
ڄمار
جا
سمن جي ثنا
خواني
ڪئي هئائين،
تنهن هينئر ڦٽي ڦر ڏنو. سندس سرپرست سخي سما
ڄام،
دريا
دل داتا
هئا،
جي مسڪين پروري ۽ ڪرم نوازيءَ
جي ننگ کان
گهڻو ناليرا
آهن. سمنگ سندن انهيءَ
انسان
دوستيءَ هر دلعزيزيءَ ۽ غريب نوازيءَ
جي گن کي، سندن شاهاڻي
شان
جي شايان
ڳايو
وڄايو آهي. سنڌ جي سڄيءَ سماٽ
برادريءَ
مان
”ست سورهيه ۽ ڏهه ڏاتار“
ڳڻي ڳايا
اٿس.
مدحيه مضمون واريون
اهڙيون
ڳاهون،
سنڌ جي سگهڙن ۾ اڄ
به عام
آهن:
ڪيشب گهر سورهه هو، واسنگ
گهر تاکو،
اوڍي
گهر جکرو، ۽ ڦول گهر لاکو.
اهڙيءَ
طرح،
(1) سخي
سُپڙ ڄام چوٽائي،
(2) راءِ
ويري جو پٽ راءِ
ڏياج چاوڙو،
(3) جکرو اوڍئي
(4) اوڍو جکرائي،
(5) لاکو
ڦلاڻي،
(6) ڄام ڪرن، (7) ڄام
هڻند ٿڌياڻي،
(8) جسوڌڻ اڳڙو،
(9) وڪيو ڏاتار
جاڙيجو
۽ (10) سخي ساهڙ
ڄام
رونجهو: اهي ”ڏهه“ ئي هن ڏيهه جا
ڏاتار،
سنڌ جا
سينگار،
سمنگ جي ساهه
۽ ساز
جو آواز آهن. انهن
کان
علاوه
ٻيا
”ست“ سرفروش سورما
سما:
(1) ڄام
انڙ
وير، (2) ابڙو اڙٻنگ،
(3) پونئرو پاونگ،
(4) بانڪو بڊاماڻي،
(5) ڪارائڙو
ڪونڌر، (6) هوٿي وريام
۽ (7) لاکو
ڦلاڻي-
جن کلندي ڪڏندي ڪنڌ ڪپايا،
انهن
جا
پار
ڪڍي کين نروار ڪيائين.
(چي: پينگهي پائي
لوڏ، سر سمي ڄام جو) اهڙن
اوسارن
مان
هوٿي ڄام جو ماتام
مٿي مذڪور آهي.
اهڙن
چتر زبان
چارڻن
۾، پوئين دور جو ”جمن چارڻ“
مدح
گو شاعرن
جو سر موڙ ٿي گذريو آهي. پر اصل
چارڻ
جي چئجن، تن ۾ ٻيجل پڄاڻا
”سمنگ“ چارڻ
ئي هڪ اهڙي هستي آهي، جنهن کي وڏي تاريخي
اهميت
حاصل
آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو،
اهڙن
ئي اهم
واقعات
جي يادگار
طور ئي قائم رهندو اچي،
جنهن جو مثال
مٿي اچي چڪو آهي. سنڌي ادب
۽ ان
جي تاريخ
۾ پڻ سمنگ جي شخصيت
نمايان
آهي. سنڌ جا
سڄاڻ
به سندس سوانح
جي مختلف موقعن جي مقال
ڪندا، سندس نالو
جيئرو رکندا
پئي آيا
آهن ۽ انهن
موقعن جي نسبت واريون
ڳاهون،
سنڌ جي سگهڙن وٽ اڄ
به عام
آهن. اهڙن
عجيب واقعن مان
ٻئي به هڪڙي مشهور واقعي
جو مثال مختصر
طرح
هيٺ ڏجي ٿو. هيءُ واقعو
سندس جوانيءَ جي سئر سفر واري
سمي سان
وابسته
آهي. جنهن موجب سمنگ چارڻ،
لاکي
ڦلاڻيءَ
ڄام
سان
هوڏ هڻي، وڪيي ڏاتار
جي سخا
آزمائڻ
لاءِ،
کيس اڻمدائتن
پيرُن جي انوکي
سَئن اچي هنئي. جي ائين
آهي ته ڄام
لاکي
ڦلاڻيءَ جو ڪردار
اتي
اَنِيراءِ
کان
اتاهون
نٿو رهي. ڪن چڱن جو چوڻ آهي ته اصل
۾ اهو
اڙانگو
سوال، سمنگ خود لاکي
ڄام
وٽ ئي وڃي
وڌو هو.چي: ”ڄام لاکا،
منهنجي گهر اميدواري
آهي. چارڻيءَ کي پيرُن جي چاهَتَ
ٿي آهي، انهي
لاءِ
تنهنجي جود ۽ سڃا
جي هاڪ
ٻڌي، پيرُن جي لپ واسطي
اچي
تنهنجو در جهليو اٿم.
هاڻي
منهنجي مشڪل آسان
ڪر!“ لاکو ڄام
اهڙي
عجيب صدا
ٻڌي حيران
ٿي ويو، ويتر چارڻ چوڻ لڳس ته ”وڪيو ڄام
به ڏاتار
آهي ۽ هو سواليءَ جي سئن سُڻي، سِر سوڌي به سخا
ڪري ڄاڻي
ٿو. پر آءُ ته تو وٽ ئي آس رکي آيو آهيان،
جي توکان
نه پڄي ته وڃان وڪيي ڄام
وٽ.“ ايترو
ٻڌنديئي لاکو تپي باهه
ٿي ويو. چي: ”هينئر جو هينئر منهنجي ملڪ مان نڪر، سڌو وڪيي وٽ وڃ.
اٺن
پهرن اندر يا
ته وڪيي جي ملڪ مان
پيرون اچي پهچاءِ،
يا
ته سندس سر آڻي ڏي. نه ته تنهنجي ۽ تنهنجي چارڻيءَ
جي سر جو خير ناهي.“
ائين
ڳالهه
مان
ڦري ڳالهوڙو ٿي پيو. پيرون ته پيرُن جي ماڳ،
مورڳو ئي جهڳي کي رولو! سمنگ اتان
ئي، ٻيجل وانگر
ڪينرو ڪلهي ڪري، رمندو رهيو.
سنڌ جي سٻوجهن اهڙن
احوالن
کي به سانڍي سلامت
رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ميرن جي صاحبيءَ
۾، ڪراچيءَ واري
ڪوهستان
جي ڪنهن شاعر،
حاجي
موسي ”حاجيءَ“، انهيءَ
واقعي
جي تاريخي
۽ ادبي اهميت
محسوس
ڪندي، ان
جي ياد
قائم
رکڻ لاءِ سربستي ڳالهه
اول
کان
آخر تائين ويهي منظوم ڪري، محفوظ
رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوي ٿو:
هو ڪامل
رهندڙ ڪڇ
جو، هيءُ سنڌو سالار،
هو سخي سخاوت
اڳرو،
اوچو
تنهن اوتار،
لاکي
ڄام
لوڪ مان، سئو سارو
سماچار،
سو ورنهه وماس
۾، وڏي سان ويچار،
ڪنهن ڏينهن ڪَهي آيو، اُت
مانجهي،
مڻيادار،
سو سائل
ان
سنباهيو، پُرس انهيءَ
جي پار،
ته وهلو وڃ
تون وڪيي ڏي، جو ٿو ڏان
ڏئي ڏاتار،
پيرون پني آءُ تون، مڱج مٿو مڱڻهار،
تحقيق
وڃي
تڪرار، تون سڌ لهي آءُ سمنگا!
مثال ٻيو:
پوءِ وسايو
وٿاڻ ڏي، هيجان
ويو هلي،
تنهن منهن آئي ماڻڪي،
جهونجهارا
هيءَ جهلي،
پيرون تنهن جي پور ۾، پيا
پَڪا
ٽار
ٽلي،
تنهن ڏاڻ
ڏنو ڏاتار
هو، ”حاجي“
چوي هلي،
راحم
رب وڪيي جي، سائين ڪي سولي،
لٿس گوندر گهٽ تان،
ٻي ڀلي ڪيس ڀلي،
هن پاٺ
پروڙيو ڪين ڪي، آڳاٽو
اصلي،
ڏات
وٺي سو ڏيس تي، چوڪس ويو چلي،
تنهن ثابت
سُڌ سلي، وڃي لاکي
اڳيان
لال
جي.
آخري بيت:
تڏهن سڻي سو سرهو ٿيو، وڏيرو وريام،
مڪو تنهن مانجهيءَ
ڏي، پُرس لکي پيغام،
ته سخي تون سخاوت
اڳرو
، آهي نر تنهنجو نام،
توسان
راضي
رب ڌڻي، ٻيو مير محمد
ڄام،
هاڻي
مرسل سر مدام، ڪلمو ڪَهو قلوب سان.
اهڙيءَ
طرح
انگريزن
جي اوائلي
دور (1870ع)
۾، ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي به آخوند عبدالرحيم
عباسي
(ٺٽي ضلعي) کان ساڳيو
”قصو
وڪيي ڏاتار
جو“ ڇپائڻ
خاطر
لکائي
هٿ ڪيو هو. خانبهادر
حاجي
محمد
صديق
ميمڻ به سندس تاريخ
۾ انهيءَ
ساڳئي
وڪيي ڏاتار
جي پچار
ڪئي آهي. تازو
مهراج منگهارام
اوجها
(ننگرپارڪر)
به ساکي آکاڻي
لکي آهي، جنهن ۾ اهي
ڳاهون
به اچي وڃن
ٿيون، جيڪي سمنگ سَئن هڻڻ وقت ڏهن ڏاتارن
جي شان ۾ اهي
ڳايون
هيون. انهن
مان
ڪي ڳاهون
نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، ته پارکن
جي ڪسوٽيءَ جي مهميز ماڻين
۽ سمنگ جي سخن سنجيءَ جو به سماءُ
پوي.
سمنگ، وڪيي ڏاتار
وٽ پهچي ڏسي ته هو سندس گهيٽي جي ٽنگ کي پٽيون پيو
ٻڌي: اتي
وڪيي ڄام کي چانَڪَ
هڻي چيائين ته:
ڦلاڻي
لاکي
وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گهٽِين پٽيون جو ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏاتِ.
وڪيي ڏاتار
وراڻيو ته ”اي
جاجَڪ،
اسين
چپٽين ۽ ننهن سان
چونڊي ميڙي ڌن ڪٺو ڪندا
آهيون، ۽ جڏهن ڏان ڏيندا
آهيون ته اهو
ساڳيو
ڌن جهول ڀري لٽيندا
آهيون. تون پنهنجي گهُر پڌري ڪر ته پتو پوي.“ چارڻ چيو ته ”سائين
پيرُن لپ خاطر
پنڌ ڪيو اٿم، گهر ۾ اميدواري
اٿم
۽“ (هوءَ)
انّ
کي اوڏي
نه ٿئي، پڪو ماس نه کاءِ،
چارڻي
چترائي سان،
پيرون ويٺي پڇاءِ.
ڏاتار
ڏڍ ڏيئي چيس ته ”اي
پاٽ،
پيرون به اجهي ته پَڪا.
پرديسيان
پنڌ ڪري آيو آهين، ڪا
ساعت
مون وٽ ويهي مال مليدا
کاءُ،
جيسين نئين وٽ لهي.“ چي سائين:
وٽ اچي
تيسين ويهان، تنهن کي لڳي دير،
جيءُ چارڻيءَ
جو وڃي، سو واري
ڏيندو ڪير؟
چارڻ چوي ته چڙهئي گهوڙي گهُر پوري ڪري پوئتي وران.
پيرُن جي نه مند، نه وٽ، نه ساک!
پيرون اچن
ڪٿان؟
سچ چيو اٿن ته ”انڌو
مڱڻهار،
اڻڏٺيءَ
ڪري آر.“ تريءَ تي بهشت پيو طلبي. وڪيي کيس راضي
ڪرڻ لاءِ ماڻڪ
موتي آڇيا.
پر چارڻ
چوي ته ”پيرون ڏي، نه ته سر ڏي!“ نيٺ سمي ڄام
سندس سڄڻن سان
صلاح
ڪئي، جن سياڻپ ڀري صلاح
ڏنيس ته سون جا
نقلي پيرون ڏيئي، هن جِتن کان
جند ڇڏاءِ.
وڪيي ڄام
پوءِ سون جا
پيرون گهَڙائي،
انهن
مٿان
ماکيءَ
مَڌ جي چاش چاڙهي،
ڦانڊو
ڀري هن ڏي ڏياري
موڪليو. واسائي
سندس اڳيان
مٽ رکي، اڃا
ڍڪ لاٿو
ته هٻڇي
چارڻ
امالڪ
هڪ داڻو کڻي ڏاٺ
هيٺ ڏنو. هيءَ ميوات
نه هئي، پر سخت ڌات هئي. چارڻ
جهڙي چٻ ڏني، تهڙي چيڪ نڪري ويس. چي:
وڪيي جا
ڏات
ڪئي، تنهن سان ڏند جهُرن،
چارڻ
پيرون او مڱي، جي ڄارين
منجهه پَچن.
”گگر گگر پنڊا
اڙيا“.
ڀوت ڇڏي، جنّ ڇڏي،
پر جاجڪ
نه ڇڏي.“
اڀاڳي
چارڻ،
ڏاتار
کي اڙانگيءَ
آزمائش ۾ اچي
وڌو. وڪيو ڏاڍو
اچي
ششدر ٿيو. چي ”سر به کڻي ڏيان،
ته به اصلي
گهُر ته پوري ڪانه
ٿي. جي هن سائل جي معمولي سَئن به نٿو اونائي
سگهان، ته هيءُ ڍانڍي
وڃي
ڍنڍورو ڏيندو ۽ آءُ ڏاتارن
۾ ڏٺو ٿيندس.“ انهيءَ اداسيءَ
جي عالم
۾ جڳ جي ڍڪڻهار کي پنهنجيءَ لڄ ڍڪڻ لاءِ
ليلايائين.
تنهن تي:
مينهن ڇُٽي
هئي ماڻڪي، وئي ستين سمنڊين پار،
پائي
آندا
ها
پور ۾ ڪَچا
پڪا
ٽار.
اتي
وڪيي، ڏاتارن
جي ڏاتار
اڳيان
مٿو ٽيڪي، ڀلي جا
ڀال
مڃيا.
پينار کي پيرون ڏيندي او
لانڀو
آڳيائين ته ”اڙي
سمنگيا
ڪوڙهيا،
ڏاتارن
کان
اهڙا
اڻمندائتا
ڏان
گهرڻ کپن؟“ ڏاتار
جو ڏک ڀريو ڏوراپو،
چارڻ
کي چقمق وانگي چهٽي ويو. چون ٿا
ته چارڻ
جي نراڙ تي سچ پچ ”ڪوڙهه“ جو اڇو
ٽِڪو پيدا
ٿي پيو، جو پيريءَ تائين
نه لٿس. سندس اولاد
وارا
اڄ
تائين
”ٽِڪڙيا
چارڻ“
چوائين
ٿا.
ڄام
ڪرن سمو: ان
سلسلي ۾، ٽيون واقعو
”چارڻ“
جو چشم، ديد بيان
ڪيو وڃي ٿو. اها
روايت،
اڄ
تائين
هلندي اچي، ملڪان
ملڪ مشهور آهي.
ڳالهه
ڪرڻ وارا،
هن پر ٿا
ڪَهَن ته سمون ڄام
ڪرن، پنهنجي ٻارهن
- ماهي جشن ۾ ڪروڙن جا
ڪروڙ رپيا
ڦلن وانگر
ڇٽيندو
هو. اڙيات،
محتاج
۽ مفلس ايترا
ته اچي
سڙهندا
هئا،
جن جو مٿو ئي ڪونه هوندو هو. پر سمي ڄام
وٽ ڪا
به سوڙهه محسوس نه ٿيندي هئي. سمنگ چارڻ
به هڪ دفعي اهو
تماشو وڃي
ڏٺو هو. هت انهيءَ
منظر جو اکين ڏٺو احوال
ڏنو اٿس:
جه مٿو مڱڻن ناهه
ڪو، تان سمي نه آهي سوڙ،
ڪرن ڄام
ڪروڙ، ڇَٽي
ڦلن مُٺ جيئن.
هاڻي
ناظرين
ڪرام جي خدمت ۾، ڏهن ڏاتارن
جي واکاڻ
واريون
ڪجهه ڳاهون نموني لاءِ
پيش ڪجن ٿيون، ته جيئن سمنگ جي ساري
ڪلام تي مجموعي نگاهه
پئجي وڃي.
انهن
، جکري رانگڙ جو پوٽو ۽ ويري راءِ
(ويرم راءِ
ڪنواٽ) جو سپوٽ، راءِ
ڏياج
چاوڙو
اول
اچي
ٿو. سمنگ سندس ساک
هن طرح
ڀري آهي ته:
بيٽو ويرم راءِ،
پوٽو رانگڙ جکري،
ڏنو راءِ
ڏياج،
مٿو مڱڻهار
کي.
ماتا
ٿڌي ٻائيءَ
جو لال ڄام
هُڻند ٿڌياڻي،
جنهن لک لُٽائي،
سندس ڏاڏي سخيءَ ساهڙ
ڄام
جون سڪون لاٿيون،
تنهن جي پُري ڳائي
پڌري ڪيائين
ته:
ٿڌي ٿڃ
ڏنياس،
سمون ساهڙ
پٺ ۾،
پڌورو پرکنڊاس،
هڻند ٿڌياڻي ٿئو.
ڄام
اوٺو
جکراڻي ته سوالين
کي چوپائي
مال
جون ڇانگون ڪاهي
ڏان
۾ ڏيندو هو. مال
جون اهي گوهرون، جنهن به ڏتار
جي ڏيهه مان
مٽينديون هيون، ته سندن کرن جي (دز) عرشين اڏامي
وڃي
ابرين
لڳندي هئي. راڄن جا
راڻا
۽ ڏيهن جا
ڏاتار،
انهيءَ
رڄ (ڌوڙ) ۾ رڱجي، سڃاپڻ
کان
ئي پري ٿي پيا
۽ سندن نالو ناموس
به انهيءَ
لَٽ ۾ لٽجي جهڪو ٿي ويو. (يعني راجوڙي جي مٽي اڏامي
ته به چون ته اوٺي
ڄام
سخا
ڪئي هوندي، ٻئي ڪنهن جو به نالو
ڪونه کڻن)
اوٺي
جي ڏانن،
کيهون ابر لڳيون،
رج پئي راڻن،
ڏاتار
تت ڏٽجي ويا.
ٻيلي ڌڻي، سخي سپڙ ڄام
چوٽاڻي ته سئو ڪوهه تان
سمنگ جي سئن
سڻي، سندس سار لڌي. انهيءَ
موقعي جو اهڃاڻ
ته ڀٽ ڌڻي به ڏنو آهي:
ٻاجهاڻو
ٻيلي ڌڻي، ٻجهان
ٻاجهه
پئي،
سپڙ سا
سُئي جيڪا
چارڻ
چت ۾.
(سرود پرڀاتي)
عاجز
منگتي جي گهر ويٺي سنڀال
جي مقال تي ڏاتار
کي ڏيهن ۾ ڏِيو بڻائي
ڇڏيو.
رسالي شريف جي روپ بلال
۽ پرڀاتيءَ
سرود جا
اهڙا
ڪئين بيت آهن، جن ۾ شاهه
سائين
سخين ۽ سپڙ جي ساراهه
ڪندي، سمنگ وارا
ساڳيائي
موضوع استعمال
ڪيا
آهن. سمنگ پنهنجي هن مربيءَ جي منقبت هن طرح
ڳائي
آهي:
در آئي مڱڻي، دان
سڀڪو ڏي،
سپڙ سوساري،
جو جهوپڙين ۾ جهپڪيو.
سپڙ ڄام
رونجهو، سخين جو سردار
۽ اڙين
جو آڌار
هو. محتاجن
مٿان
مهر جو مينهن ٿي وٺو ۽ غريبن جا
غم ڪاٽيائين.
ڏکين کي به ڏن ڏنائين
۽ چارڻن کي ته چوڳي پاڻيءَ
جي چنتا
کان
ئي آجو ڪري ڇڏيائين.
سمنگ پنهنجي هن مربيءَ داتار
کي اهڙي
ته هيج ۽ ڪوڏ سان
ڳايو
آهي، جو سندس نالو
به سدائين لاءِ،
(بطور اهڃاڻ
جي) سپڙ جي ثنا
جو لازم
ملزوم جز بڻجي ويو. ميٻين ڪريم بلڙيءَ واري،
سخي سپڙ ڄام
جي روايلتي ثنا
جي اپٽار
ڪندي، هن مسڪين منگتي سمنگي فقير کي پڻ اشارتاً
ياد
فرمايو آهي:
جهوڙيرا
جهڻڪن، مٿي ميٻين مڱڻا،
سپڙ رات
سُمنگيا، ڏکيا
ڏاڻ
ڏسن،
گهر ٿا
گهوٽ وڃن،
چنتا
لٿي چارڻين.
چارڻن
جي چنتا
ڇو
نه لهي، جو سپڙ سمون، هِند - سِنڌ جو هڪڙو حاتم
اهڙو
ته سخي ساماڻو
آهي، جو ويچارا
عاجز
۽ بيڪس، ڏتڙيل ۽ ڏهيلا،
سڀني جو ڏڍ آهي. پوءِ ڀلا
اهڙي
فياض ۽ شفيق حاڪم
جي راڄ
۾ رهي، ڪنهن جي به ڪاڻ
ڪڍڻ ڪا
جڳائي
ٿي؟ شاهه
سائين
ته هيئن فرمايو آهي ته:
متان
وڙ وڃائيين،
ٻئي در ليلائي،
سمي سامائي،
چنتا
لٿي چارڻين.
هاڻي
چنتا
ڇاجي؟
جڏهن وِلهو ته ڏيهه ۾ رهيو ئي ڪونه! هن جوان
پنهنجي جود سان
وِلها
سڀئي ونهيان
بنائي
ڇڏيا
آهن. ٻيلي سنڌو ٻان، سمنگ جي ساهه
جو سلطان،
جڏهين ڀٽ ڌڻيءَ جي درٻار
عاليه
۾ ياد ڪيو ويو آهي، ته سندس ثنا
خوان
۽ عاشق
صادق
ويچارو سمنگيو غريب پسڻ، سڀني اگهاڻل
سوالين جي پاران
۽ نوازيل
رعايا
جي نمائنگدي
ڪندي، داتا
جي دامن
لڳي، سمي جي سام، سخيءَ جي سنگ، سندس سايو
بنجي اچي
ڪچهريءَ ۾ ڪَنُ ڳڻائي
ٿو. سريراڳ
جي هڪڙي وائي
ملاحظه فرمايو:
......................................... ٻاجهه
ٻيلاٽي ڀائيان.
متان
مون کي ڇڏئين، ٻيلي سندا
ٻان،
ٻاجهه
ٻيلاٽي
ڀائيان.
وِلها
سڀ ونهيان ڪيا،
تنهنجي جود جوان،
ٻاجهه
ٻيلاٽي
ڀائيان.
سڀ سوالي
”سُمنگيا“، داتا
ڏيئي دان،
.................. ٻاجهه
ٻيلاٽي
ڀائيان.
(داستان
ٻيو)
مطلب ته سمنگ چارڻ
جو نالو، اسان
جي ادب
۽ تاريخي
روايتن ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح
سان،
ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، جيئرو رهندو پئي آيو آهي. صدين
جون صديون اورانگهيندو،
پاڻ
سان
گڏ ايامن
جا
اهڃاڻ
اڳتي
ڌڪيندو، اچي ويهين صديءَ
۾ منهن ڪڍيو اٿس.
سندس نالو اڄ
تائين
جو قائم
دائم
آهي، تنهن جو ڪارڻ
اهيئي
سندس لافاني
گفتا
۽ امر
ٻول آهن; جن ۾ ڀانت
ڀانت
جون ٻوليون ٻڌايون اٿس.
انهن
تي رڳو سرسري نگاهه
وجهڻ سان پتو پئجي سگهي ٿو ته سندس ”ڪاويه
رس“ ڳاهن
جي مقرر معيار کان
گهڻو مٿي اڀريل
آهي. اهڙيءَ
پڙتال ڪندي هيءَ ڳالهه
پڻ پڌري پٽ آهي، ته سمنگ کان
اڳ
سندس وڏن ۾ ڪيئي سگهڙ ساماڻا
هوندا،
جن خود سمنگ لاءِ به گس گهڙيو هوندو. اهڙيءَ
معما
جي منڍ معلوم ڪرڻ لاءِ
مناسب
آهي ته سنڌي شاعريءَ
جي انهن اوائلي
شاعرن،
وڇڙيل
وارثن
۽ پير مردن جا
پنڌ رند پڇائي،
پراڻن
پيچرن تان
سندن پير آهوڙي، ڪنهن نه ڪنهن منزل تي کين هلي هٿ
ڪجي. اهڙيءَ
جستجو جاري
رکندي عين ممڪن آهي ته اسين
انهيءَ
اصلي
ٽاڻي
۽ ٽڪاڻي تائين
به پهچي وڃون،
جتان هن قديم قوم جي عظيم ادب
جي ابتدا
ٿي هجي. اهڙيءَ طرح
ئي ادب
جا
اهم
اهڃاڻ
۽ قيمتي ڪڙيون ڳولي، ترتيب ۽ تناسب
سان
ملائي،
دنيا
اڳيان
دعويٰ ۽ دليل سان
دم هڻي سگهنداسين ته اسان
جو ادبي
ورثو ۽ ترڪو، مستند طور ڪيترو نه قديم، عظيم ۽ قابل
قدر آهي.
ڏورين سي ڏسن، جڏهن ڪڏهن هوت کي.
حوالا
(1) سمنگ جي ڳالهه
ننڍي هوندي والد
مرحوم جن کان
ٻڌل آهي. جدا
جدا
سگهڙن کان
سمنگ جو نالو - سومنگ (سوم= چنڊ + انگ
= مهانڊو)،
سمنگ (سُ = سُٺو + منگ = سوال)،
سٻنگ (سٺو ٻنگ يا
ٻاڻ)،
سومنگو، سمنگيو وغيره - ٻڌڻ ۾ آيو آهي.
(2) ڊاڪٽر
دائود
پوٽو مرحوم، ڊاڪٽر
نبي بخش خان
بلوچ، پروفيسر خواجه
غلام
علي الانا،
محترم
محمد
خان
غني وغيره.
(3) 1
-
سنڌي
ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ:
ڊاڪٽر
بلوچ 2
-
مشهور سنڌي قصا
(لوڪ ادب
جا
ڪتاب)
3
- ٽه
ماهي
مهراڻ ۽ ماهوار
نئين زندگي وغيره.
(4) مسوڀرڳڙيءَ جا
ڀٽ فقير، هيءُ جنگ نامون
Ballad))
ڳائڻ
۾ سڄيءَ سنڌ ۾ برک آهن.
(5) هندي ادب
جي تاريخ (ڊاڪٽر
محمد
حسن)
”وير گاٿا
ڪال“
صحي
8 2 کان
8 4 تائين
(اختصار
ڪيل).
(6 ۽ 7 ) ”قديم سنڌي شاعريءَ
جا
ڪي نادر
نمونا“ (مضمون) محترم
محمد
خان
غني، ٽماهي مهراڻ،
جلد 1 1 ، سال
2 6 9 1 ع، نمبر 4
(8 ) ”... حقيقي
۽ مجازي راز
جو آواز
آهي. مضمون ”سنڌي علم ادب“
رسالو نئين زندگي ڪراچي،
ماهه
مئي
1950ع(سيد علي ٺٽوي) ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“
ص
4 2 1 - 5 2 1 ۽ ”سنڌي قديم شاعري“:
ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائودپوٽو،
رسالو
نئين زندگي، ماه
سيپٽمبر
1958ع.
(9 ) سٻر هئا
سومرا،
ڪئي ڏٻرآن پرجاءَ: همير جس ماتاءِ،
چارڻ
چوندو ايترو.
(والد مرحوم).
(0 1 ) سمنگ چارڻ
جي ڳالهه ۽ ان
سان
واسطو
رکندڙ ڳاهون، عنايت
فقير ميراسيءَ
جي ڏهٽن - نواز
علي، دوست علي ءَ مولا
بخش (ويٺل مسو ڀرڳڙي، تعلقو حيدرآباد)
کان
مليون آهن.
(1 1 ) ”همير کان پئي ...“ فقير ڪريم بخش ۽ مولا
بخش ميراسي،
ڳوٺ عنايت
فقير.
(2 1 ) ”ستينءَ هو سوجهرو ...“ عنايت ميراسي
جي ڳوٺ مان.
(3 1 ) ”ستاويهين
سهاءُ هو .........“ عبدالله·
۽ سواد
فقير مڱڻهار (ڳوٺ جئندل ڪوٽ، تعلقو هالا).
(4 1 ۽ 5 1 ) ”سڄو ڦسي پيا
- ۽ ڍري ڍوريءَ راءِ“
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ
ص
9 6 - 0 7 .
(6 1 ) ”پلي پاڻي
نه پيءُ ....“ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ،
ص
8 6 .
(7 1 ) ”وڻين جهليو نه رهي ...“ هيءُ بيت اُڍي
ڪيهر ۽ هوٿل پريءَ جي ڳَلهه ۾ به ص
1 4 تي آهي. ساڳيو
بيت ميراسي
فقيرن وٽ به آهي. ”مشهور سنڌي قصا:
سنڌ جا
عشقيه داستان
- 1 “
(8 1 ) کڳماري
....
(9 1 ) هوٿيءَ سنڌي ڦڻي ... ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“
ص
8 6
(0 2 ) ڪيشب گهر ... ”مشهور سنڌي قصا، عشقيه داستان
- 1 ص
2 5 1 لاکو
ڦلاڻي“
(1 2 ) ڏهه ڏاتار
”لوڪ ڪهاڻيون - 7 ، ڳاهن
سان
ڳالهيون“
ص
6 7 1 - وڪيو ڏاتار.
(2 2 ) ست سورهيه : ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“
ص
8 8 - 0 9 ۽
91
(3 2 ) حافظ
موسو
(4 2 ) آخوند عبدالرحيم
”سنڌ جي ادبي
تاريخ“،
جلد ٻيو، ص
6 6 1 کان
170
(5 2 ) خانبهادر
(6 2 ) ”ڦلاڻيءَ
لاکي
وٽ ........“ هن کانپوءِ
ست ڳاهون،
مهراج
منگهارام
اوجها
جي مضمون ”وڪيو ڏاتار“
مان.
(7 2 ) ”مينهن ڇٽي
هئي ماڻڪي ...“ دين محمد
شيخ ريڊيو سنگر.
(8 2 ) ”جهوڙيرا
جهڻڪن ....“ تذڪره لطفي _ شاهه
ڪريم جو بيان.
|